رام امر لال پنجواڻي
ساوتري ڪوٽومل منسکاڻي
شيخ
اياز_ ڀارت ۽ سنڌ جي هڪ پُل
فيبروري جو مهينو آهي، سياري جي سخت ٿڌ گهڻو گهٽ ٿي
ويئي آهي، بهار جي رُت شروع آهي. جمنا نديءَ جي
ڪناري سان دهليءَ ۾ ڇهن ڪلوميٽرن جي مفاصلي جا چار
لاڳيتا باغ آهن. اڄڪلهه باغن ۾ خوبصورت، رنگبرنگي،
نرم ۽ نازڪ گلڙا ٽڙي پيا آهن. هوا ۾ مڌ جهڙو نشو
آهي. انهن ڇهن ڪلوميٽرن ۾ ’جاگنگ‘ ڪرڻ لاءِ ننڍڙي
راهه ٺهيل آهي. انهيءَ راهه جي ٻنهي طرفن کان ساوا
وڻ آهن. انهن ساون وڻن جي ڇانو ۾ ساوتري ۽ رام پنڌ
ڪري رهيا هئا. ساوتري مٺڙي آواز ۾ سنڌي ڪويتا
جهونگاري رهي هئي.
”اي. معصومو! اي مظلومو!
گهنگهور گهٽائون ٿي جهومو!
هر ڏونگر تي للڪار ڪيو،
۽ اڀري ان تي وار ڪيو!
انڌير نه ڪوئي رهڻو آ،
۽ پير نه ڪوئي رهڻو آ،
ڪنهن پاپيءَ جو هن پاڙي ۾،
هيءَ باقي رات به ڪٽڻي آ،
۽ هاڻي بات به ڪٽڻي آ،
۽ ويريءَ پويان وڃڻو آ،
۽ تنهن جو ڳاٽو ڀڃڻو آ.“
رام پڇيو، ”اهو دل کي ڇُهندڙ، من کي جهوريندڙ ۽ اندر مان سيسڙاٽ
ڪندڙ گيت ڪنهن جو آهي؟“
ساوتري جواب ڏنو، ”اِهو آواز آهي دنيا جي مجبور، ڏُتڙيل ۽ ڏکويل
جنتا جو؛ هن ڌرتيءَ جي ڪُک ۾ تڙپندڙ سندر سچائيءَ
جو؛ اونداهي، انڌياري، ڀوائتي ۽ خوني رات کان پوءِ
اڀرندڙ سون ورني سج جو؛ جهانگيئڙن، سانگيئڙن ۽
ڏوٿيئڙن جي عزت، غيرت، حياءُ ۽ شرم جو؛ اهو آواز
آهي ’سنڌ‘ جو!“
ائين چئي ساوتري هڪ ٻئي ڪويتا کي ترنم ۾ تمام ننڍي آواز سان
ڳائڻ لڳي. ائين پئي لڳو ته نه رڳو باغ جا پکي ۽
پکڻ، گل ۽ ڦل، پر ڀارت جا چنڊ، آڪاش، ستارا ۽ سمنڊ
به ڪن لڳائي، اها ڪويتا ٻڌي رهيا هئا.
”اي ڪاش، اهو تون ڄاڻين ها،
آزاد هو ڇا ٿيندي آ!
اي ڪاش، اهو تون ڄاڻين ها،
پرواهه بنان پَر ڪيئن هوندا
آزاد فضا ڇا ٿيندي آ!
اي ڪاش، اهو تون ڳائين ها
ڪلهه رات ڀڳت سنگهه ڦاسيءَ تي
جو گيت اڌورو ڳاتو هو!
اي ڪاش، اهو تون پائين ها
جو هار هوائن ۾ لُڏندي
ڪالهه تانتيا ٽوپي پاتو هو!
تاريخ جي خوني گلين مان
هر وقت صدا ڪا ايندي آ
هر وقت لهوءَ جي لاڙن ڏي
ڪا توکي ڇِڪ ڇڪيندي آ
ڄڻ اوڊائر جي ڪا گولي
اڄ تائين توکي تاڙي ٿي
۽ تنهنجا تنهنجي مقتل ڏي
ڄڻ پير اچانڪ لاڙي ٿي
تاريخ بُکايل چيتي جئن
چؤواٽي تي چنگهاڙي ٿي_
اي ڪاش، اهو تون ڄاڻين ها
ڇا تن جي قيمت ٿيندي آ،
جنهن آزاديءَ جا گيت چيهءَ
سا آزادي ڪٿ نيندي آ!
اي ڪاش! اهو تون ڄاڻين ها
سا آزادي ڪيئن ايندي آ
رام جي منهن مان بي اختيار لفظ نڪري ويا، ”واهه ! واهه! اهي
جهومندا، نچندا ۽ ڳائيندا لفظ ڪنهن جا آهن؟ انهن
لفظن ۾ ردم به آهي، اَرڏائي به آهي. هوڪار،
للڪار ۽ بي خوفي به آهي. ڪويتا ۾ ڪيترو نه جوش،
ولولو ۽ سجاڳي آهي! نوجوانن کي ويڙهه وڙهڻ لاءِ
وڏو هٿيار آهي. ڪوي ڪيئن نه سونهن، سوڀيا، سچائيءَ
۽ قومي تاريخ جا ناتا بانا اُڻندو، مٿس آسن ۽
اميدن جا جرڪندڙ موتي پوئي، هڪ قومي چادر ٺاهي
آهي. اها سنڌ جي اجرڪ آهي. ٻڌاءِ نه اِهو گيت ڪنهن
جو آهي؟“
ساوتري اهو سوال ٻڌي حيران ٿي ويئي. ساوتري جواب ڏنو ته ”اهو
بهادري ۽ ويرتا جو گيت، اهو سچائيءَ ۽ سندرتا جو
گيت، اهو بغاوت ۽ بيباڪيءَ جو گيت اهو سنڌجو گيت
آهي. انهيءَ گيت ۾ نئون ساهه، نئون روپ، نئين
زندگي ۽ نئين روشني ڏسڻ ۾ اچي ٿي. انهيءَ گيت ۾
تون ڏسندين جيئڻ جي راهه ۽ لڳاتار جدوجهد جو ڏس.
انهيءَ گيت جي ذريعي ستل قوم کي ڌونڌاڙي بيدار ڪري
سگهجي ٿو. جيئن رابندر ناٿ ٽيگور ڀارت جي بيداريءَ
لاءِ گيت ڳايا آهن، تيئن شيخ مبارڪ اياز سنڌ جي
سجاڳيءَ جا گيت ڳايا آهن. اياز سنڌ جو ٽيگور آهي.
اياز جي روحانيت ٽيگور واري روحانيت آهي. اياز
انسان جي دلين ۾ اُتساهه پيدا ڪري ٿو. انسان جي
آسن، اميدن ۽ امنگن کي اُٿاري ٿو، اُڀاري ٿو ۽
نچائي ٿو. هاڻي اياز بابت تون ڪجهه ٻڌاءِ؟“
رام سانت ۾ اچي ويو. ڪجهه وقت ساوتري ۽ رام خاموشيءَ سان گهمندا
رهيا. رام سوچي رهيو هو ته ڪٿان شروع ڪري؟ ٿوري
وقت کان پوءِ رام چيو، ”هن صديءَ جي شروعات ۾
پهرين مهاڀاري جنگ لڳي. انهيءَ جنگ کان پوءِ روس ۾
انقلاب آيو. هندستان غلام هو. هندستان جي مٿان
انگريزي سامراج جي حڪومت هئي. روس جو انقلاب نئين
قسم جو انقلاب هو. مزدورن، ملٽري جي سپاهين،
وديارٿين پاڻ ۾ گڏجي ظالم زار جو تختو اُلٽو ڪري
ڇڏيو هو. سنسار جي سطح تي نئين پرهه ڦٽي. اها سرخ
پرڀات هئي، جا نچندي، ٽپندي، ڳائيندي سڄي پرٿويءَ
تي ڇانئجي ويئي. هندستان جي قومي هلچل ۾ جان اچي
ويئي. هندستان جو ستل روح جاڳي پيو. ماڻهن ۾ آزادي
لاءِ وڌيڪ جذبو پيدا ٿيو. ڪجهه سالن کان پوءِ
سيپٽمبر 1939ع جو ٻي مهاڀاري لڙائي شروع ٿي.
انهيءَ کان اڳ ۾ سڄي ديش ۾ ڪانگريس آزاديءَ جي
لڙائي لڙي هئي. ملڪ ۾ اٿل پٿل هئي، ماڻهن ۾
آزاديءَ لاءِ بي چيني هئي. اهڙي دور ۾ سن 1941ع ۾
اياز مئٽرڪ پاس ڪري ڪاليج جي اندر قدم رکيو. يورپ
۾ فاشزم جون طاقتون جرمني ۽ اٽليءَ جي اڳواڻيءَ ۾
دنيا ۾ سڀيتا جي شمع ٻُجهائڻ لاءِ تيار هيون. يورپ
۾ جپان جرمني جو ساٿ ڏئي رهيو هو. اهڙي دور ۾ اياز
سان دوستي ٿي. ڪراچي جي ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ۾ دوستي
جي شروعات ٿي، پورا ست سال هلي، 1941ع کان 1947ع
تائين. ڪاليج جا ڏينهن ڪهڙا نه شاندار ڏينهن هئا!
ڪاليج جون راتيون ڪهڙيون نه مست ڪندڙ هيون! رستي
جي هڪ طرف ميٺارام هاسٽل ۽ ٻئي طرف ڊي. جي. سنڌ
ڪاليج، ٿورو اڳتي وڌبو ته آرٽس ڪاليج، ان کان پوءِ
سامهون برنس گارڊن، برنس گارڊن جي حصي ۾ ايس. سي.
شهاڻي لا ڪاليج، ڊي. جي. سنڌ ڪاليج جي ڀرسان هو
اين. اي. ڊي. انجنيئرنگ ڪاليج. اهو هو تعليم جو
مرڪز، کليل، ڪشادو ۽ وسيع! سنڌ جي وديا جو چشمو
هو، هو هميشه وهندڙ صاف ۽ اوجل! سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ
مان شاگرد يونيورسٽيءَ جي وديا حاصل ڪرڻ لاءِ
ايندا هئا. رام چار سال ميٺارام هاسٽل ۾ گذاريا.
انهن ڏينهن ۾ ڪاليج جي وديارٿين ۾ راڄنيتي شعور
هو. حشوڪيولراماڻي، سوڀوگيانچنداڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي،
گوبند مالهي، شيخ مبارڪ اياز ۽ رام امر لعل
پنجواڻي جي هڪ سنگت هئي. انهيءَ سنگت ۾ سنڌي ادب
کان سواءِ قومي راڄنيتي کي به وڏو دخل هو. نوان
نوان ڪتاب پڙهڻ فخر ۽ خوشي جي ڳالهه سمجهي ويندي
هئي، حشو ڪيولراماڻي انگليڊ کان واپس وريو هو. هن
اچڻ سان اسٽوڊنٽ تحريڪ کي زور وٺايو. سرڪار کيس
1940ع کان 1941ع جي وچ ۾ 18 مهينا جيل ۾ رکيو. حشو
عمر ۾ اسان کان وڏو هو. هو ترقي پسند خيالن جو
صحيح سوچ رکندڙ ۽ باهمت، وڏيءَ نگاهه وارو، دل جو
درياءُ ۽ قلم جو بادشاهه هو، انهيءَ ڪري اسين سڀ
هن جي ويچارن کي اهميت ڏيندا هئاسين.
آرٽس ڪاليج جو پرنسپل ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي هو. اياز
جڏهن ڪاليج پهتو، ان کان اڳ هن جون ڪيتريون ئي
ڪويتائون ۽ڪهاڻيون ”سنڌو“ رسالي ۾ ڇپجي چڪيون
هيون. اهڙيءَ ريت رام جون پنج ڇهه ڪهاڻيون شايع
ٿيون هيون. پرنسپل ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻيءَ جي
مهرباني ۽ اجازت سان ڪاليج جي هڪ هال اندر ’سنڌي
سرڪل‘ جي بيٺڪ ۾ هر هڪ ليکڪ پنهنجي ڪهاڻي يا ڪويتا
پڙهندو هو. پڙهڻ کان پوءِ ان تي ڪڙي نقطه چيني
ٿيندي هئي. ساراهه جون سُرڪيون به پيئبيون هيون،
ليڪن سڄو وايومنڊل دوستي جو هو. ماحول ۾ محبت ۽
رواداري هئي، انهيءَ ۾ دغا، دولاب ۽ خوشامد کي
ڪابه جڳهه ڪانه هئي. اها هئي ترقي پسند ادب جي
شروعات. خيالن جي ڏي وٺ کليل دل سان ٿيندي هئي.
انهن ڏينهن ۾ پريمچند، ڪرشن چندر، اپندڙ ناٿ اشڪ،
سعادت حسن منٽو، راجندر سنگهه بيدي، ديوندرناٿ
ستيارٿي، سجاد ظهير ۽ ٻين ڪيترن ئي ليکڪن جا ڪتاب
چاهه سان پڙهيا ويندا هئا. ”سنڌي سرڪل“ جي هڪ بيٺڪ
۾ سُجهاءُ آيو ته سنڌيءَ ۾ اصلي لکيل ڪهاڻين جو
ڪتاب ڇپايو وڃي. انهيءَ جو بار گوبند مالهيءَ
پنهنجن ڪلهن تي کنيو. هن سنڌي ادب جون نج سنڌي
ڪهاڻيون گڏ ڪري ترقي پسند اديبن طرفان هڪڙو ڪتاب
شايع ڪيو. ڪتاب جو نالو آهي ”ريگستاني ڦول“
(Flower of Desert) انهيءَ ۾ اياز جي ڪهاڻي آهي. پهرين ڪهاڻي رام جي آهي. ڪهاڻي جو
نالو آهي ”جعفر بيلدار“. سنڌ جي ترقي پسند ادب جو
پهريون ڪتاب ”ريگستاني ڦول“ آهي. انهيءَ زماني ۾
ڪتاب جي سمالوچنا انگريزيءَ ۾ شيوڪ ڀوڄراج ڪئي
هئي، جيڪا آرٽيڪل بمبئيءَ جي روزاني اخبار ”بمبئي
ڪرانيڪل“ ۾ شايع ٿي هئي.
ساوتري پڇيو ته ”اياز ڪهڙا ڪتاب پڙهندو هو؟“
رام جواب ڏنو، ”عام طرح هن جي مٿان ايم. اين. راءِ ۽ ٽراٽسڪي جي
ڪتابن جو اثر هو، پر پوءِ مٿين سنگت ۾ اچڻ کان
پوءِ ٻيا ڪتاب به پڙهندو هو. مثال طور:
1- Soviet Communism New Civilization by Sydney
and Webb.
2-Ten Days that Shook the world.
3- My Autobiography by Jawaharlal Nehru.
4- Experiments with Truth by M. K. Gandhi.
5- Lady Chatterlay by D. H. Lawrence.
6- Man and Superman by Bernard Shaw.
7- Oil by Upton Sinelair.
8- Jungle by Upton Sinelair.
9- Grapes of wrath by Jhon Steinback.
انهن مان ڪجهه ڪتاب حشو ڪيولراماڻي ڏيندو هو ۽ ڪجهه ڪتاب
منگهارام ملڪاڻي وٽان ملندا هئا ۽ ڪجهه ڪتاب ڪاليج
جي لئبرريءَ مان هٿ ڪبا هئا. ان کان سواءِ ائلڊس
هگزلي ۽ رومين رولانڊ ۽ ٽيگور جا ڪتاب به پڙهندا
هئاسين.“
اياز جون ڳالهيون ٻڌي ساوتريءَ جي چهري تي مُرڪ اچي ويئي. هن جي
دل گد گد ٿي پيئي. باغ ۾ گهمندي گهمندي ڳالهه
ڪيائين ته ”اها اسان سنڌين جي بدقسمتي آهي جو اسان
اياز جهڙي املهه هيري جو نه صرف مناسب ۽ جوڳو قدر
نه ڪيو آهي، بلڪه انتر راشٽري سطح تي کيس روشناس
ڪرائڻ ۽ سندس مهاتما مڃائڻ لاءِ به ڪو واکاڻ جهڙو
قدم نه کنيو آهي. اياز بڙ جي وڻ وانگر گهاٽو، گهرو
۽ وشال ساهتڪار آهي. ٿيڻ ته ائين کپي ته هن مهان
ڪويءَ جي مڃتا طور کيس انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري، مٿس
سيمينار ۽ سمپوزيم ڪوٺائي، مقالا ۽ مضمون لکي،
سندس فن ۽ ڪويتائن کي اجاگر ڪري، ڌرتيءَ جي ڪنڊ
ڪڙڇ ۾ ڦهلايو وڃي. سندس ڏات ۽ لات کي دائمي قدرن
جي حوالي سان، وڌ کان وڌ ماڻهن تائين رسائيءَ جو
موقعو ڏنو وڃي. ائين ڪرڻ سان سنڌ ۽ سنڌين جو شان
وڌندو. اهڙي ڪاريه لاءِ ”ڀارت_ سنڌ اياز
فائونڊيشن“ ٺاهيو وڃي، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪروڙ
روپين جو سرمايو ڪٺو ڪيو وڃي. سنڌي هٿ جا سخي آهن.
فڪر ۽ غم جي غبار کان بنهه خالي سدائين پيا ٻهڪندا
۽ ٽڙندا ۽ ٽهڪ ڏيندا، ڄڻ لکن جي لاٽري ملي اٿن.
سڄو ڏينهن ڏاند وانگر ڪم ڪندا. رات جو سُوم رس جي
بوتل ڪڍي، ٻه ڍڪ پي وٺندا. صبح جو وري وڃي ڪم تي
لڳندا. اسپتالن، ڪاليجن ۽ ڌرم شالائن ٺهرائڻ ۾ اڳي
کان اڳرا. شينهن جهڙي دل رکي دان ڪندا، پر سنڌي
ساهت کي واهر ڪرڻ ۾ پيا ڪيٻائيندا. پنهنجو پلاند
ڇڏائيندا. انهيءَ هوندي به اسان کي اميد آهي ته
’ڀارت _ سنڌ اياز فائونڊيشن‘ لاءِ پٺتي نه پوندا.“
ساوتري ائين چئي خاموش ٿي ويئي. اياز جون ڳالهيون پوريون ٿيون.
ڀارت جا پکي ۽ پَرندا، گل ۽ ڦل آڪاس، چنڊ، ستارا ۽
سمنڊ به خوشيءَ سان ۽ آنند ۾ اچي، ها ۾ ها ملائي
رهيا هئا.
سيد امام المتقين راشدي
چانڊڪي
پرڳڻي ۾ ڪلهوڙن جا يادگار
سنڌ جي تاريخ ۾ ڪلهوڙن جو دؤر تعمير ۽ ترقيءَ جو جديد
دور ليکيو وڃي ٿو. سڄي سنڌ ۾ ڪلهوڙن پنهنجا يادگار
عاليشان مسجدن، مقبرن ۽ واهن جي صورت ۾ ڇڏيا آهن.
سندن اهم يادگارن جو ڳڙهه لاڙڪاڻو، دادو، نوابشاهه
۽ حيدرآباد ڏسجن ٿا. هن ئي دور ۾ عمارت سازي، نقش
نگاري ۽ خطاطيءَ جهڙن اهم فن هڪ نئين دور ۾ پير
پاتو.
سنڌ کي باقاعدي سنوارڻ ۽ خوشحال بنائڻ ۾ ڪلهوڙن حڪمرانن ڀرپور
ڪردار ادا ڪيو. هنن جو سڀ کان وڏو ۽ اهم ڪارنامو
آبپاشيءَ جو نظام قائم ڪرڻ آهي، جنهن سان سنڌ ۾
”زرعي انقلاب“ اچي ويو ۽ سنڌ جي ماڻهن جي زندگي
خوشحال ٿيڻ سان گڏ سياسي، سماجي ۽ اقتصادي طور تي
به سنڌ منظم ۽ مستحڪم بڻجي وئي.
ڪلهوڙن کي سنڌ سان ڏاڍي محبت هئي ۽ انهيءَ محبت جي قيمت به کين
ڏاڍي ڳري ادا ڪرڻي پيئي. هنن سنڌ لاءِ شاندار
جدوجهد سان گڏ وڏيون جنگيون به لڙيون ۽ شهادت به
ماڻي. هنن ڪن قبيلن کي اگر تنگ به ڪيو، ته ان جي
پٺيان ڪي سبب به هئا. انهيءَ جي باوجود ڪلهوڙن جي
سنڌ لاءِ ڪيل مثالي جدوجهد ۽ خدمتن کي نظر انداز
نٿو ڪري سگهجي.
ڪلهوڙن جي دؤر ۾ سنڌ جي چانڊڪي پرڳڻي (موجوده لاڙڪاڻو ضلعو) کي
مرڪزي حيثيت حاصل هئي. هنن پنهنجي سياسي جدوجهد ۽
زمينداريءَ جي شروعات به هتان کان ئي ڪئي، نه صرف
ايترو پر ڪلهوڙن سڀ کان اول چانڊڪي پرڳڻي ۾
آبپاشيءَ جو جديد نظام رائج ڪيو، جيڪو آبپاشيءَ جي
بهترين نظامن ۾ شمار ٿئي ٿو، جنهن ڪري هي علائقو
خوشحاليءَ جي هڪ نئين دؤر ۾ داخل ٿي ويو.
چانڊڪي پرڳڻي ۾ ڪلهوڙن پنهنجا اَڻ مٽ نقش مختلف يادگارن جي صورت
۾ ڇڏيا آهن، جيڪي هڪ طرف سنڌ جي تاريخ تي ڀرپور
مواد فراهم ڪن ٿا ته ٻئي طرف سنڌ جي ثقافت جو
خوبصورت نمونو به پيش ڪن ٿا. هيٺ چانڊڪي پرڳڻي ۾
ڪلهوڙن جي اهم يادگارن جو مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو.
چانڊڪو پرڳڻو:
سترهين صديءَ ۾ بکر سرڪار اٺن پرڳڻن تي مشتمل هئي، جن ۾ پنج
پرڳڻا ڪاڪڙي، درٻيلو، ماٿيلو، اروڙ ۽ لڌوگاگن
درياهه جي کاٻي پاسي روهڙيءَ طرف هئا ۽ ساڄي پاسي
جيڪي ٽي پرڳڻا هئا، انهن ۾ جتوئي پرڳڻو، چانڊڪو ۽
ٽَڪر پرڳڻو شامل هئا. چانڊڪو پرڳڻو بکر سرڪار جو
وڏي ۾ وڏو پرڳڻو هو، جنهن جي اوڀر ۽ ڏکڻ ۾ سنڌو
درياهه ۽ گهاٽا ٻيلا ۽ اولهه ۾ وارياسا پَٽَ ۽
کيرٿر جا پهاڙي سلسلا موجود هئا.
تاريخ جي واضح اشارن مان معلوم ٿئي ٿو ته ”چانڊڪو پرڳڻو“ سمن جي
دور ۾ موجود هو، جيڪو شروع کان ئي چانڊين جو ڳڙهه
رهيو آهي ۽ مٿس اهو نالو به چانڊين جي گهڻائيءَ
سبب پيل آهي. مولائي شيدائي لکيو آهي ته ”چانڊين
جي پهريائين ناڙيءَ تي رياست هئي، پوءِ سنڌ جي اتر
الهندي ۾ چانڊڪي رياست قائم ڪيائون.“ (1)
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب ان جي وضاحت ڪندي لکيو آهي ته،
”ڄام نندو پنهنجي قابل سپہ سالار ديا خان جي هٿ
هيٺ شاهه بيگ ارغون کي شڪست ڏيڻ لاءِ هڪ وڏو لشڪر
چاڙهي موڪليو. انهن ڏينهن ۾ لاڙڪاڻي واري پرڳڻي ۾
چانڊين جي سرداري هئي. چانڊين جي سردار سريمڻ خان
دريا خان جي فوجي مدد ڪئي، انهيءَ ڪري شاهه بيگ
ارغون کي شڪست آئي. هن ويڙهه ۾ شاهه بيگ جو ڀاءُ
سلطان محمود مارجي ويو، انهيءَ ڪري دريا خان،
سريمڻ خان چانڊيي تي تمام گهڻو راضي ٿيو ۽ کيس وڏي
جاگير انعام طور ڏنائين. اهڙيءَ طرح لاڙڪاڻي واري
علائقي تي ’چانڊڪا پرڳڻو‘ نالو پئجي ويو.“ (2)
شروع کان ئي هن پرڳڻي ۾ ابڙن، ماڇين ۽ چانڊين جي اڪثريت هئي.
ماڇين جو گذر سفر ڍنڍن وغيره تي هو. زمينن جي
آبادي ابڙا ڪندا هئا، جن جو گذران ٻني ٻارو ۽
چوپايو مال هو. جڏهن ته چانڊيا پڻ ٻنيون آباد ڪندا
هئا ۽ اهو ئي سبب هو جو هنن جا ابڙن سان پاڻيءَ جي
معاملي تي اڪثر جهڳڙا ٿيندا رهندا هئا. چانڊين جي
اهڙين ارهه زوراين تي ابڙن ڪنهن ٻاهرين طاقت لاءِ
واجهايو. ابڙن جي چڱي مڙس کبڙ خان، بکر مان ميان
آدم شاهه ڪلهوڙي کي وٺي
(1) جنت السنڌ: ص 398. (2) ”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“: ص_6_7،
سال 1984ع.
اچي هن پرڳڻي جي ”هٽڙي“ علائقي ۾ رهايو. آدم شاهه پنهنجي
بزرگيءَ جو ڌاڪو ڄمايو. ڪيترائي قبيلا سندس مريد
ٿيا، جن ۾ چانڊيا به شامل هئا.
ميان آدم شاهه جو دور 1520ع کان 1600ع آهي. گمان آهي ته
هو 1580ع ڌاري چانڊڪي پرڳڻي ۾ آيو هوندو، ڇو ته
ڪلهوڙا ايستائين غير معروف ڏسجن ٿا. جڏهن ميان آدم
شاهه بکر مان نڪري چانڊڪي پرڳڻي ۾ آيو، تڏهن هن
خاندان پنهنجي سياسي حيثيت مڃرائي ۽ سياسي طور
مستحڪم ٿيو.
جڏهن اڪبر بادشاهه مرزا عبدالرحيم خان خانان کي سنڌ جي
هيٺين علائقن ۾ امن امان جي بگڙيل صورتحال کي درست
ڪرڻ ۽ ٺٽي جي حاڪم مرزا جاني بيگ کي سيکت ڏيڻ جي
لاءِ روانو ڪيو، تڏهن هو مختلف علائقن مان بزرگن
کان فتح جون دعائون گهرائيندو، چانڊڪي پرڳڻي ۾ آدم
شاهه کان پڻ فتح جي دعا گهرائي اڳتي وڌيو. مرزا
خان خانان ’چانڊڪو پرڳڻو‘ ميان آدم شاهه کي 1592ع
۾ جاگير طور لکي ڏنو، جنهن سان چانڊين جو زور
ٽُٽو.
ميان دائود جي مزار:
ميان دائود بن ميان آدم شاهه جو دؤر خاموشيءَ وارو ڏسجي
ٿو. هو ننڍپڻ ۾ مَسندَ تي ويٺو، پر حڪومت جو
ڪاروبار آغا شاهه محمد ڪوٽوال هلائڻ لڳو. هُن
ننڍيءَ عمر ۾ ئي وفات ڪئي. تاريخون پڻ ميان دائود
جي چُر پُر، وفات ۽ مدفن تي خاموش آهن. ميان آدم،
ميان دائود ۽ ميان الياس، ٽنهي جو مرڪز ’هٽڙي‘
ڏسجي ٿو. روايتن موجب سندس مزار ميان الياس محمد
جي مقبري جي ٻاهران هڪ ٿلهي تي ٻين قبرن سان گڏ
واقع آهي.
ميان الياس جي مقبري جي ڏکڻ اوڀر ڪنڊ تي لاڳيتو هڪ ٿلهو آهي
جنهن تي پنج قبرون آهن. چار زبون ٿي چڪيون آهن.
اوڀر کان چوٿين نمبر قبر، چڱي حالت ۾ آهي، ان تي
پَڙ به پيل آهن. مقامي روايتن موجب اها قبر ميان
دائود جي آهي. اسان جي خيال ۾ ميان دائود جي مزار
اهائي آهي، جنهن جي تصديق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
۽ غلام محمد لاکو پڻ هن تاريخي ماڳ جي مشاهدي کان
پوءِ ڪري چڪا آهن. (1)
البت اهو سوال توجهه طلب آهي ته سندس فرزند ميان الياس جي مزار
تي قبو تعمير ٿيو ۽ پيءُ تي ڇونه؟ ممڪن آهي ته
ٻنهي جي مزارن تي مقبرن تعمير ڪرڻ جو پروگرام هجي،
پر ميان الياس جي مزار تي مقبرو جُڙي سگهيو ۽ ميان
دائود تي نه، ۽ ميان غلام شاهه هي جهان ڇڏيو هجي.
يا ائين به ٿي سگهي ٿو ته ميان دائود جي ڀيٽ ۾
ميان الياس جو ڪردار گهڻو مزاحمتي ۽ پنهنجي خاندان
جي نالي روشن ڪرڻ وارو رهيو آهي.
ميان الياس محمد جو مقبرو
ميان الياس بن ميان دائود، پيءُ جي وفات کان پوءِ گاديءَ تي
ويٺو. هُو پنهنجي ڏاڏي (آدم شاهه) جيان خداداد
صلاحيتن جو مالڪ هو. کيس خانداني رتبي ۽ شان و
شوڪت
(1) هن سلسلي ۾ محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ سائين غلام محمد
لاکي سان روبرو ڳالهه ٻولهه ٿي.
کي بحال رکڻ جو گهڻو فڪر هو. هن پنهنجي وڏڙن جون وڃايل يا کسيل
زمينون ٻيهر حاصل ڪري پنهنجي خانداني روايتن کي
برقرار رکيو ۽ مريد ۾ اضافي سان گڏ اثر رسوخ به
وڌايو. ابڙن سان خانداني ناراضگي سندس دور ۾ به
جاري رهي. ابڙن پڻ ميان الياس سان مهاڏو اٽڪائڻ
پئي چاهيو، پر ميان سان حياتي وفا نه ڪئي ۽ هو
1621ع ۾ فوت ٿي ويو. سندس دؤر ماٺ وارو ڏسجي ٿو.
غلام محمد لاکو لکي ٿو ته ”’محمد دائود‘ ۽ ’الياس محمد‘ هڪ ٻئي
پٺيان ميان آدم شاهه جا جانشين بنيا. هي ٻيئي بزرگ
مثالي ڏاهپ سان تصادم کان پاڻ بچائي ۽ زمينداري
توڙي مريدي خادميءَ جي سلسلي کي وڌائڻ ۾ ڪامياب
ٿيا.“(1)
ميان الياس محمد جي مزار هٽڙيءَ واري علائقي (تعلقو ڏوڪري) جي
ڳوٺ ’مجاوَر‘ ۾ آهي. مٿس عاليشان مقبرو تعمير ٿيل
آهي، جيڪو ميان غلام شاهه ڪلهوڙي سن 1774ع ۾
جوڙايو هو. هي مقبرو ڪشادو ۽ سهڻو آهي. اندران
خوبصورت چٽسالي ۽ گُلڪاري ٿيل آهي. اندر مقبري ۾
ٽي مزارون آهن، جن مان وڏي مزار ميان الياس جي ۽
ٻيون سندس عزيزن يا اميرن جون ٻڌايون وڃن ٿيون.
مولانا غلام رسول مهر کان وٺي اڄ تائين سڀني تاريخدانن، ميان
الياس محمد جي مزار ”گهاڙ واهه“ جي ڪناري تي
ڄاڻائي آهي، جيڪا درست نه آهي. اصل ۾ سندس مزار
تعلقي ڏوڪري جي باقراڻي ڳوٺ جي اوڀر طرف ڳوٺ
”مجاور“ ۾ واقع آهي، جتي وسيع ايراضيءَ ۾ پکڙيل
(1) ”واليءَ سنڌ ميان نور محمد ڪلهوڙو“ _ ص 29، سال 1991ع.
هڪ تاريخي قبرستان به موجود آهي، جنهن ۾ ڪيترائي فقير ۽ امير
آرامي آهن.
ميان مينگهو فقير
مينگهي فقير جو شمار، ميان الياس محمد جي خاص فقيرن ۾ ٿئي ٿو.
هو اصل ۾ ’هندو‘ هو. سندس مزار تي مقبرو جڙيل هو،
جيڪو هينئر ڪافي ڊهي ويو آهي. موجود فقيرن ان
مقبري کي ڪمري جي صورت ۾ تعمير ڪرايو آهي. سندس
مزار ميان الياس جي مقبري جي ٻاهران (ڳوٺ مُجاوَر)
۾ آهي.
ميان شاهل محمد جو مقبرو
ميان شاهل محمد، ميان دائود جو ٻيو نمبر پٽ هو. وڏي ڀاءُ ميان
الياس جي وفات کان پوءِ، سن 1621ع ڌاري پنهنجي
موروثي گاديءَ جو ڌڻي بڻيو. هو پنهنجي خاندان جو
ٻيو فرد هو، جيڪو مغلن جي هٿان شهيد ٿيو. سندس
شهادت جو سبب، چانڊڪي پرڳڻي ۾ ابڙن ۽ سانگين سان
اُرهه زورايون هو. سندس خاص توجه زراعت تي رهيو.
چانڊڪي پرڳڻي ۾ ”گهاڙ واهه“ جي نئين سر کوٽائي
ڪرائي، هن جيڪو زرعي ڪارنامو سرانجام ڏنو، اهو
مثالي آهي. سنڌ جون سڀيئي تاريخون سندس انهيءَ عمل
کي ساراهين ٿيون.
مير علي شير قانع لکي ٿو ته، ”لاڙڪاڻي جو گهاڙ واهه ميان شاهل
محمد جو کوٽايل آهي.“ (1)
خانبهادر خداداد خان لکيو آهي ته، ”مشهور آهي ته گهاڙ واهه نالي
وڏو واهه، جو لاڙڪاڻي وٽان وهي ٿو، ميان
تحفة الڪرام_ ص 258_257، سال 1957ع.
شاهل محمد جو کوٽايل آهي.“(2)
ميان شاهل محمد جو سڄو دؤر ويڙهاند وارو رهيو آهي. هڪ طرف هن
زمينن جي آباديءَ لاءِ ڪن قبيلن کان زوريءَ زمينون
کسي يا وٺي آباديءَ لائق بڻايون ۽ ٻئي طرف اهي ئي
قبيلا سندس دشمن ٿي بيٺا، جن ۾ ابڙا پيش پيش هئا.
ابڙا ۽ سانگي ميان شاهل محمد جا مريد به هئا. ابڙن جا سردار
جلال خان ابڙو ۽ ڄام صادق ته ميان جي خاص مريدن ۾
شامل هئا. جڏهن ميان شاهل محمد کانئن زمينون کسي
يا وٺي پنهنجن ڀائرن ۽ اولاد ۾ ورهائڻ لڳو، تڏهن
هنن مغلن کان وڌيڪ دشمن ڪلهوڙن کي ڄاتو. پوءِ اهو
ئي سبب بڻيو جو ابڙن سردارن سڀ ناتا ٽوڙي ميان سان
مهاڏو اٽڪائي جنگ ڪئي. جڏهن ميان سان پُڄي نه
سگهيا ته هنن بکر جي مغل فوجدارن وٽ دانهيو. ان
سلسلي ۾ بکر جي فوجدار خواجه عبدالواحد کي صورتحال
کان واقف ڪيو ويو. خواجه عبدالواحد وڏو لشڪر ساڻ
ڪري، جنهن ۾ ابڙا به شامل هئا، ميان سان جنگ ڪئي.
پر ميان سان پُڄي نه سگهيو ۽ وڏو تعداد ماڻهن ۽
اڪابرن جو مارائي ڀڄي وڃي بکر ۾ ساهه پٽيائين. ان
کان پوءِ به ابڙن جون دليون ٿڌيون نه ٿيون. ان وچ
۾ بکر جي حاڪم خواجه عبدالواحد کي هٽائي، سندس
جڳهه تي نواب شيخ احمد کي بکر جو حاڪم بڻايو ويو.
کيس مغل شاهي درٻار مان ميان شاهل محمد جي قوت کي
زير ڪرڻ جون سخت هدايتون مليل هيون. هُن ميان سان
فيصله ڪن
لبِ تاريخ سنڌ _ ص: 136، سال 1989ع.
جنگ جي تياري شروع ڪئي. ميان صاحب پڻ ڪنهن امڪاني صورتحال کي
منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهڻ لڳو. بالآخر نواب شيخ
احمد، چانڊڪي پرڳڻي ۾ پهچي ويو. ان سڄي پس منظر ۾
ڏسجي ٿو ته هو ميان سان جنگ ڪرڻ جو سَت ساري نه
سگهيو ۽ اٽڪل ڪري صلح جو سڏ موڪليائين، جنهن کي
ميان صاحب پڻ قبوليو. مگر نواب شيخ احمد موقعي تي
غنيمت ڄاڻي ميان شاهل محمد کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ سندس
سِسي شاهي درٻار ۾ موڪلي ڏني. اهو واقعو 1657ع ۾
ٿيو. البت تاريخون اهو ٻڌائڻ کان قاصر آهن ته سندس
سِسي ڪٿي دفن ڪئي ويئي. هڪ طرف ميان شاهل محمد جي
شهادت سياسي حڪمت عمليءَ جو نتيجو بڻي ته ٻئي طرف
ڪلهوڙا خاندان کي اقتدار ۾ اچڻ جي راهه ملي
وئي.(1)
ميان شاهل محمد کي ”گهاڙ واهه“ جي ڪنڌيءَ تي ٻيڙو چانڊيو ڳوٺ
(تعلقو قمبر) جي اولهه ۾ دفن ڪيو ويو. سندس مزار
تي عاليشان مقبرو ميان غلام شاهه ڪلهوڙي سن 1774ع
۾ تعمير ڪرايو. ميان سان گڏ سندس پٽ شاهه حسن جي
مزار به آهي. مقبرو ڏاڍو دلڪش ۽ مٿاهينءَ تي اڏيل
آهي، جيڪو پري کان ڏسجي ٿو. چؤديواريءَ جي اندر
مقبرو ساڍا 15 فوٽ هم چورس ۽ 35 فوٽ اوچو آهي.
مقبري جي ٻاهران وڏو قبرستان به آهي، جنهن ۾ ميان
جا خاص فقير ۽ امير مدفون آهن.
(1) ميان شاهل محمد جي سياسي جدوجهد ۽ شهادت جي تفصيل لاءِ نئين
تحقيق جي روشنيءَ ۾ لکيل، محترم ڊاڪٽر قريشي حامد
علي خانائيءَ جو مقالو، ”ميان شاهل محمد ڪلهوڙو ۽
بکر جا مغل نواب“، مهراڻ 2/1995ع پڙهڻ گهرجي.
چاڪر خان کهاوَڙ جو مقبرو:
کهاوَڙ، ڪلهوڙن جا خاص معتقد ۽ امير رهيا آهن، جن مان
چاڪر خان کهاوَڙ به هڪ آهي. هُو ميان شاهل محمد جي
خاص فقيرن منجهان هو ۽ مختلف موقعن تي ميان صاحب
جو ساٿاري رهيو. سندس مزار مٿان هڪ سهڻو مقبرو
جڙيل آهي، جيڪو ميان شاهل محمد واري مقبري جي
احاطي کان ٻاهران موجود آهي ۽ خوبصورت گلڪاريءَ
سان سجيل آهي. مقبري ۾ اندر ٿلهي تي ٽي قبرون آهن،
جن مان هڪ چاڪر خان جي ۽ ٻيون سندس اولاد جون چيون
وڃن ٿيون. چاڪر خان کهاوڙ ’شهدادڪوٽ‘ ۽ ’گاجي
کهاوڙ‘ ۾ رهندڙ کهاوڙن جو وڏو آهي.
شاهه بهاري جو مقبرو
شاهه بهارو جهنجهڻ ڪلهوڙا دور جو وڏو بهادر ٿي گذريو
آهي. هُو ميان نور محمد ڪلهوڙي جو هڪ باصلاحيت
فوجي جرنيل هو. سندس ڪمان هيٺ ڏهه هزار جوانن جو
دستو هوندو هو. هڪ پختي روايت موجب هن پنهنجي دور
۾ مختلف محاذن تي تقريباً چوراسي (84) جنگيون
لڙيون ۽ سڀني ۾ سوڀارو ٿيو. خاص ڪري قلات جي امير
عبدالله خان سان ٿيل جنگي معرڪي کي خاص اهميت حاصل
آهي، جنهن کي وقت جي شاعرن نمايان طور پيش ڪيو
آهي. جلال کٽي شاعر جا ان حوالي سان ڪيترائي شعر
مشهور آهن:
مرد ويهي ميدان ۾، ڍاريائين ڍارو،
جيئن ڍاريائين تيئن نه ڍريو،پيو پئون پاسارو،
لڙي بهارو، شاهه کٽي ويو شير کئون.
مير ويهي ميدان ۾، چئوپڙ چٽائي،
کيليا خان کٽي چوي، ڪي ٻارهن ٻولائي،
جيئن ڍاريائين تيئن نه ڍريو، ويو کُڻ کٽائي،
بازي بتلائي، شاهه کٽي ويو شير کئون.(1)
شاهه بهارو وڏو داناءُ ۽ سپہ سالار هئڻ سان گڏ اعليٰ ڪردار جو
مالڪ به هو. هُن ڪيترائي واهه ۽ کوهه کڻايا هئا.
سندس کوٽايل واهه ”شاهه جي ڪور“ مشهور آهي. شاهه
بهاري 1735ع ۾ وفات ڪئي. سندس مزار تي فن تعمير جو
شاندار عڪس پيش ڪندڙ هڪ عاليشان مقبرو تعمير ٿيل
آهي، جنهن جي سونهن ۽ سوڀيا جا هڙئي تاريخدان
معترف آهن. خاص طور تي مقبري جي مٿان شمعدان، سڀني
عالمن جي توجهه جو مرڪز رهيو آهي. نامياري انگريز
ليکڪ، هينري ڪزنس، شاهه بهاري جي مقبري کي جپاني
قسم جي مناري جهڙو قرار ڏنو آهي. هن پنهنجي مشهور
ڪتاب
“Antiquities Of Sindh”، جي مُهڙ ۾ شاهه بهاري جي مقبري واري شمعدان جي رنگين تصوير
پيش ڪئي آهي. ساڳئي ڪتاب جي سنڌي ترجمي ۾ ڄاڻايل
آهي ته، ”سندس مقبرو تعمير جي لحاظ سان خاص اهميت
جي لائق ڪونهي، سواءِ ڪاٺ جي اُڪريل دروازي ۽ ان
مناري جي جنهن ۾ عمدي قسم جي نقش و نگار ڪئي وئي
آهي ۽ مقبري جي گنبذ مٿان تعمير ٿيل آهي.
(1) ”جنگناما“ ص: 63، سال 1984ع.
اهو منارو تمام ناياب قسم جو ۽ ڏاڍو دلفريب آهي، جنهن مقبري جي
ڳوراڻ ۽ بي ڊولائيءَ کي ڪجهه ڏسڻ جهڙو ڪري بيهاريو
آهي.“ (1)
آثار قديمه جي ڊائريڪٽر جنرل، نياز رسول، مقبري جي ساراهه هن
ريت ڪئي آهي: ”هن مقبري جو گنبذ ان گول وانگر آهي،
جنهن جي چوٽيءَ تي هڪ رنگ رنگيلو شمعدان آهي. هي
شمعدان ٻئي ڪنهن به مقبري تي نظر نه ايندو ۽ اها
دل کي خوش ڪندڙ هڪ تبديلي آهي ۽ پڻ ان شمعدان جي
موجودگي گنبذ کي خوبصورت بنائي ڇڏيو آهي. ان طرز
جو مقبرو اِهو هڪ ئي نظر اچي ٿو.“ (2)
1919ع جي ڇپيل لاڙڪاڻي ضلعي جي گزيٽيئر ۾ شاهه بهاري جي
مقبري بابت ڄاڻايل آهي ته، ”ڪاشيءَ جي سرن سان
سينگاريل آهي. قبو ٻاهران ۽ اندران نيرين ۽ ساين
ڪاشيءَ جي سرن ۽ نقش نگاري سان مزين آهي، پر ان جا
انتهائي دلچسپ اٺن پاسن وارا اهي روشندان آهن، جن
۾ رنگين سرون، سوراخدار پاسن سان مقبري جي مٿانهين
حصي تي لڳل آهن، جيڪو سنڌ ۾ قبي جي جوڙجڪ ۾ هڪ
انوکو نمونو آهي. مقبري جي دروازي تي پڻ بهترين
ٽُڪ ٿيل آهي.“ (3)
شاهه بهاري جو مقبرو هم چور هڪ ئي ماپ جو آهي. ويڪر ۽
ڊيگهه 39 فوٽ آهي. مقبري جي چوڌاري هڪ ٿلهو تعمير
ٿيل آهي، جنهن جي ماپ
71 X 76
فوٽ آهي.
(1) ”سنڌ جا قديم آثار“ ص: 278 سال 1995ع.
(2) ”واليءَ سنڌ ميان نور محمد ڪلهوڙو“ _ ص: 99، سال 1991ع. (3)
”لاڙڪاڻو صدين کان“ ص: 91 سال 1995ع. |