ڊاڪٽر فهميده حسين
شــيـخ ايــاز ۽ ادبـي تـنـقيـد
اسان وٽ اهو عام خيال آهي ته سنڌي ادب ۾ تنقيدي ادب جي کوٽ آهي.
انهيءَ کوٽ کي محسوس ڪندي مون به هڪ ڪتاب لکيو هو.
اهڙو ئي ساڳيو احساس شايد جامي چانڊيي کي به ٿيو
هوندو جڏهن هن هي ڪتاب ”سنڌي ادب ۾ تنقيد _
اينٿالاجي _ ڀاڱو پهريون _ شيخ اياز“ مرتب ڪرڻ جي
شروعات ڪئي هوندي. پر پوءِ مون وانگر هو به قائل
ٿي ويو هوندو ته سنڌي ادب ۾
Quantity
(مقدار) جي لحاظ کان ڀلي کڻي تنقيدي ادب جي کوٽ
محسوس ٿيندي هجي پر
Quality
(معيار) جي حوالي سان هروڀرو صفا اوندهه به ڪانهي.
اها به مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ٽڙيل پکڙيل هئڻ جي
ڪري يڪدم ڳڻپ ۾ نٿي اچي ۽ جي اها سموري ڪتابي صورت
۾ سهيڙجي وڃي ته پوءِ عام خيال بدلجي ويندو. هڪڙي
ڳالهه البت چئي سگهجي ٿي ته انهيءَ سموري تنقيد جو
اڌ حصو شاهه لطيف مهابي آهي ته باقي اڌ حصي جو نوي
سيڪڙو شيخ اياز بابت ملندو ۽ هنن ٻنهي شاعرن جي
مهابي سنڌيءَ ۾ هن صنف جي پت رهجي آئي آهي ۽ وڌ ۾
وڌ نظرياتي ۽ فلسفياڻا بحث به هنن ٻن شاعرن جي
حوالي سان ٿيا آهن. اڄ جي انٽرنيٽ ۽ اي. ميل جي
زماني ۾ جڏهن زميني فاصلا سُسي سوڙها ٿي ويا آهن.
۽ ابلاغ جا ذريعا طلسماتي ٿي ويا آهن، آرٽ، تنقيد،
نظريا ۽ فلسفا به سائنس وانگي تڪڙا تبديل ٿيا آهن
۽ اڃا به وڌيڪ ٿيندا ۽ اڳي جن نظرين تي سالن جا
سال بحث هلندا هئا انهن کي بدلجڻ ۾ ڏينهن به ڪونه
لڳندا ۽ اهو به ممڪن آهي ته اڳ جا ڪي رد ٿيل نظريا
وري معتبر ٿي پون ۽ ٻيهر جِي پون ۽ اڄ جا ڪي بظاهر
اهم نظريا سڀاڻي بنهه غير اهم بنجي وڃن.... ان ڪري
ضروري آهي ته اديبن ۽ فنڪارن تي به نظرين جي حوالي
سان تنقيد سان گڏوگڏ ڪن وڌيڪ دائمي قدرن تي تنقيد
ڪرڻ گهرجي. فن ۽ فڪر جي انهن پهلوئن تي تنقيد ڪجي
جيڪي يونيورسل (آفاقي) هجن ۽ زمان ۽ مڪان جي
تبديلي منجهن ڪو وڏو ڦيرو نه آڻي؛ انهن ۾ موجود
تخليقي تجربي جي خوشبو گهڻي وقت تائين رهي سگهي ۽
هڪ روايت مان ٻي راويت اڻ لکي نموني جنم وٺي.
اڄڪلهه ڇا ٿيو آهي جو فلسفو، مذهب، ادب ۽ سائنس هڪ ٻئي ۾ جهڙوڪر
سمائبا وڃن. اڄڪلهه سائنس مذهب بدران فلسفي تي
وڌيڪ وارا پئي ڪري. يورپ ۽ آمريڪا توڙي جاپان جهڙا
سائنسي طور ترقي يافته ملڪ مذهب جي ڪرندڙ ديوار کي
روحانيت، ماورائيت، مابعدالطبعيات جي نالن ۾ ٽيڪ
ڏيڻ لڳا آهن، ان ڪري انهن ملڪن جي سائنس جي زد ۾
فلسفو اچي ويو آهي. ادب ۽ فلسفي جو پاڻ ۾ جيڪو
گهرو تعلق آهي، انهيءَ لحاظ کان جهڙوڪر ادب ۾
مذهبيت، روحانيت، ماورايت جهڙين شين کي زوري داخل
ڪيو ويو آهي، جنهن جي مخالفت هر سائنسي ذهن رکندڙ
ماڻهوءَ کي ڪرڻي ٿي پوي. ائين فلسفي کان پوءِ
سائنس جو ادب سان به ٽڪراءُ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش پئي
ملي.
History of God
جهڙا ڪتاب سائنسي
approach
رکندي به جهڙوڪر فلسفين ۽ اديبن کي منجهائڻ لاءِ
لکجي رهيا آهن... اهڙي ماحول ۾ شيخ اياز جهڙي
سائنسي سوچ رکندڙ ذهن به فلسفي ۽ ادب تي ٿيندڙ
انهيءَ حملي کي نه سمجهيو ۽
Spiritual ۽
metaphysical
جي گورک ڌنڌي ۾ منجهي پيو ۽ انهن جا تضاد سندس
شخصيت جا تضاد بنجي پيا ۽ اڄ جو نقاد، ڪالهه واري
نقاد وانگر بجاءِ سندس فن ۽ فڪر جي سائنسي پرک ڪرڻ
جي وري به وڃي نظرياتي تنقيد ۾ پيو آهي. هن
اينٿالاجيءَ ۾ شيخ اياز تي ٿيل تنقيد ۾ سواءِ هڪ
جي باقي سڀ مقالا نظرياتي تنقيد جي دائري ۾ اچن
ٿا، ايتريقدر جو هيڏو سارو ڪم ڪندڙ اڄ جي انٽرنيٽ
واري دور جو ذهين نوجوان جامي چانڊيو به نظرياتي
بحث ۾ الجهي پيو آهي. اسان کي اياز کي انهيءَ ڌٻڻ
مان ڪڍڻ جون ڪوششون ڪرڻ گهرجن.
هڪ چيني لائوزو جو چوڻ آهي ته:
”جڏهن ماڻهن وٽ طريقت جو زوال آيو
ته مهرباني ۽ اخلاق ان جي جاءِ ورتي
پوءِ عقل ۽ خرد ظهور
پاتو پر پوءِ منافقت به اچي وئي
۽ جڏهن گهرن اندر ماڻهن جا تعلقات خراب ٿيا
ته گهر کي هلائڻ لاءِ قانون ٺاهيا ويا
۽ جڏهن ملڪ ۾ اوندهه جو راڄ ٿيو
ته خانه جنگي شروع ٿي وئي.
۽ ائين سرڪاري وفاداريءَ جي رواج کي هٿي
ملي.“
سو لڳي ائين ٿو ته اسان جي نقادن جا پاڻ ۾ تعلقات خراب
ٿيڻ جي صورت ۾ ڳالهه اتي وڃي بيٺي آهي جو تنقيد جا
قانون ٺاهي انهن کي راهه راست تي آڻڻو پوندو. متان
ائين نه ٿئي جو سموري ادب ۾ اوندهه جو راڄ ٿي وڃي
۽ مرڳو خانه جنگيءَ واري ڪيفيت شروع ٿي وڃي ۽ پوءِ
سرڪار جي وفاداري وچ ۾ اچي وڃي.
اسان کي هاڻي کان ئي طئي اِهو ڪرڻو پوندو ته اياز کي
اسان جو نئون نسل ڪيئن پرکي سگهندو.
تيزيءَ سان بدلجندڙ ۽ رد يا قبول ٿيندڙ نظرين جي هن دؤر ۾ ڇا
محض نظرياتي تنقيد ڪرڻ مناسب آهي؟ ممڪن آهي ته ڪو
ماڻهو اهو دليل ڏئي ته اياز نظرياتي شاعر هو ان
ڪري مٿس تنقيد به وڌيڪ نظرياتي ٿي آهي.
شايد اهائي ڳالهه اياز کي نٿي آئڙي جو هن کي محسوس ٿي ويو ته
کيس ”شاعر“ طور گهٽ ۽ ”نظرياتي“ طور وڌيڪ پيو
پرکيو ۽
project
ڪيو وڃي، تڏهن مرڳو ئي هن
نظرين کان چڙ ڏيکارڻ شروع ڪئي ۽ پاڻ کي شاعر
”وڌيڪ“ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڀٽائيءَ سان ڀيٽڻ شروع
ڪيو يا بقول ڪن ماڻهن جي ته پاڻ پڏائڻ شروع ڪيو.
اها حقيقت آهي ته اياز جي شاعريءَ جي پنهنجي فني خوبيءَ تي يا
ان جي پوئٽڪ ڊڪشن جي انفراديت ۽ اهميت يا جمالياتي
پهلوءَ تي تمام گهٽ نظر وڌي ويئي جيڪي پنهنجي ليکي
سندس شاعريءَ جون تمام اهم خوبيون آهن. اياز جي
شاعريءَ ۾
Progressive Humanist
يا
Mystic پهلو ڳوليا ويا آهن پر انهن کي پيش ڪرڻ لاءِ استعمال
ٿيندڙ اعليٰ فن، فني تجربا، ڊڪشن جي سونهن، عڪس
علامتون ڪنهن ڪونه ڳوليا ۽ پرکيا ۽ انهن تي
نظرياتي تنقيد ايتري حاوي پئجي ويئي جو اهي جهڙوڪر
لڪي ويا. حالانڪه سوچڻ جي ڳالهه آهي ته اياز
جيڪڏهن ڪو نظريو ڏنو به ٿي ته انهيءَ جو بنيادي
وسيلو سندس خوبصورت فن هو، منفرد ڊڪشن هو، گهاڙيٽن
۽ هيئتن جا نوان نوان تجربا هئا، روايتي اصنافِ
سخن سان گڏوگڏ ٻين صنفن ۾ تجربا هئا، رومانيت هئي،
ردم هو. تڏهن ئي ته سندس پيش ڪيل نظريي به ماڻهن
کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو. سندس نظرياتي مخالفن کي به
کانئس ڊپ انهيءَ ڪري ٿي محسوس ٿيو جو هنن سندس فن
جي سگهه کي محسوس ڪري ورتو هو. سندس ڊڪشن هنن کي
ڊيڄاري ڇڏيو هو ته مار! هي هيڏي ساري زبردست وسيلي
جي مدد سان ته مرڳو پنهنجو نظريو ماڻهن تي مڙهي
ويندو. پوءِ ئي ته هنن ڪات ڪهاڙا کنيا....ٺيڪ آهي
ان وقت مولانا گراميءَ جي مقالي ”مشرقي شاعريءَ جا
فني قدر ۽ رجحانات“ جي ضرورت هئي ۽ رسول بخش پليجي
طرفان ”انڌا اونڌا ويڄ“ ذريعي کيس
defend
ڪرڻ وقت جي تقاضا هئي، پر انهيءَ ويڙهه ۾ دشمنن ته
ٺهيو پر دوستن به اياز جي انهيءَ سگهه، انهيءَ قوت
کي ڪونه پرکيو. ان جو پورو پورو احساس رکندي به ان
جي
appreciation
ڪانه ڪئي ۽ نه ئي ان کي
criticise
ڪيو ۽ ائين هو ”نظرياتي شاعر“ واري ترڪيب مان به
صرف ”نظرياتي“ وڃي بيٺو، ۽ ”شاعر“ پس منظر ۾ هليو
ويو. اهو نقصان مخالفن جو ڪونه هو، اهو نقصان ته
سندس پنهنجو ۽ سندس دوستن ۽ پنهنجي جو هو، جن کيس
محض پنهنجن نظرين کي اڳتي وڌائيندڙ جي حيثيت ۾
وڌيڪ ٿي ڀانئيو ۽ ساڻس پيار ڪيو، پر پوءِ جڏهن اهو
انهن نظرين خلاف ڳالهائڻ لڳو ته سندس مخالفت به
ڪيائون ۽ ٻيءَ ڌر وارا وري سندس شاعريءَ جي فن جي
سگهه کي محسوس ڪندي کيس هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويا.
تازو هن ئي مهيني جو ”بيداري“ کڻي پڙهي ڏسو ته
ڪيئن اياز کي هنن پنهنجو ڪرڻ جا حيلا هلايا ۽ ان
راهه ۾ سندن راهه جي سڀني وڏين رنڊڪن يعني پليجي
صاحب جهڙن ماڻهن طرفان اياز خلاف لکيل هڪ اڌ مضمون
کي بنياد بنائي حقِ دوستي نباهڻ جي ڪوشش ڪئي اٿن
۽محمد ابراهيم جويي طرفان اياز کي پاڻ ڏانهن
زوريءَ ڇڪي وڃڻ جو الزام هنيو اٿن.
سو منهنجو خيال آهي ته اياز بابت نظرياتي بحث گهڻو ئي هليو،
هاڻي سندس فن، ڊڪشن ۽ جمالياتي پهلوءَ جي حوالي
سان ريسرچ ڪرڻ ۽ لکڻ جي ضرورت آهي. ٿي سگهي ٿو ته
ڪن کي ذهن ۾ اها ڳالهه آئي هجي ته آءُ به اياز کي
تنقيد جي فن براءِ فن واري نظريي تحت پرکڻ تي زور
ڏيئي رهي آهيان _ نه! آءُ اياز جي هڪ تمام اعليٰ
شاعر وارين خوبين کي ۽ سندس اهميت کي اجاگر ڪرڻ
لاءِ مٿس عالماڻي يا
Scholarly
تنقيد ڪرڻ لاءِ چئي رهي آهيان ته جيئن اسين سندس
شاعراڻي سگهه جو اندازو لڳائي سگهون، جنهن سندس
هيترا دشمن پيدا ڪيا ۽ هيترا دوست پيدا ڪيا. اياز
جي شاعريءَ جي مختلف عنصرن جي پرک ضروري آهي، ۽
اهو به ضروري آهي ته نه صرف کيس تنقيد جي ڪلاسيڪي
معيارن تي پرکيون پر رومانوي معيارن موجب ڇنڊ ڇاڻ
به ڪريون. حقيقت پسند بنجي به ڏسون ته سندس شاعر
ڪهڙي پايي جي شاعري آهي. هن جي شاعريءَ جي
aesthetic value
به طئي ڪريون ته ان جي نفسياتي اوک ڊوک به ڪريون.
علامت عڪسن تمثيلن جا پردا به چاڪ ڪريون ته روايتي
توڙي غير روايتي انداز ۾ سندس خيال، جذبي، غنائيت،
وزنن، بحرن، تشبيهن، استعارن، ٻوليءَ جي اڀياس ڪرڻ
کان پوءِ سندس قد بت جو تعين ڪريون ۽ تنقيد جي
مڃيل بين الاقوامي معيارن موجب
comparative study
ذريعي هن کي مختلف دورن جي، مختلف ملڪن جي ۽
پنهنجي ئي ملڪ جي ٻين شاعرن سان ڀيٽي ڏسون _ ۽
پوءِ دعويٰ ڪريون ته ها ٻيلي شيخ اياز واقعي وڏو
شاعر هو!
اسان جو الميو اهو آهي ته اسين پاڻ کي بت شڪن چوندا آهيون پر
ٿيندو ڇا آهي ته هڪڙا بت ڀڃي ٻيا بت انهن جي جاءِ
تي، اوچي آسڻ تي ويهاري ڇڏيندا آهيون، پوءِ نه
ڪنهن کي هنن جي خلاف ڳالهائڻ ڏيندا آهيون ۽ نه پاڻ
سندن عظمت کي
justify
ڪري سگهندا آهيون. اها ئي ڪار اسان شاهه لطيف سان
ڪئي آهي ۽ اهائي ساڳي ڪار اياز سان ڪئي اٿئون ۽
شايد اڳتي به ڪندا رهنداسين.
هن ڪتاب ۾ شامل اهم مقالن ۽ مضمونن کي اچو ته هاڻي واري واري
سان ڏسون.
رشيد ڀٽيءَ جو مقالو آهي ته اياز جي حوالي سان، پر ان ۾ گهڻو
ڪري ترقي پسند تحريڪ جي تاريخ وڌيڪ بيان ٿيل آهي.
رشيد ڀٽيءَ جي پيش ڪيل ڪيترن ئي ڳالهين سان بحث
ڪري سگهجي ٿو. هو اديب جي فرضن ۾ هڪ فرض شعور جي
اوسر جي اهميت اجاگر ڪرڻ ڄاڻائي ٿو ۽ تبديليءَ کي
ترقي پسنديءَ جو متو قرار ڏئي ٿو، پر ڏٺو وڃي ته
اياز جي شعور جي اوسر کي خود ترقي پسندن ئي قبول
ڪونه ڪيو آهي. ڇا هڪ فڪر کان ٻئي ڏانهن وڃڻ شعور
جي اوسر جو نتيجو نٿو ٿي سگهي؟ ڇا اها تبديلي
ڪانهي؟
رشيد ڀٽي هڪ ٻئي هنڌ لکي ٿو ته ”ادب ذهني ورونهن ڪونهي“، ان
ڳالهه ۾ به ترقي پسندن سان اختلاف ڪري سگهجي ٿو.
جي رڳو نظريا ڏسبا ۽ ورونهن نه هوندي ته ادب ڪير
پڙهندو ۽ ڇو پڙهندو؟
ان کان پوءِ محمد ابراهيم جويي جا لکيل ڪجهه ڪتابن جا مهاڳ اچن
ٿا. جويي صاحب نظريي جي حوالي سان لکڻ سان گڏوگڏ
ڪجهه شاعراڻين خوبين تي به لکيو آهي ۽ ائين پاڻ کي
balance ڪيو اٿس. هو اياز جي خوبصورت انداز، تجنيسن جي استعمال،
ترنم ۽ اکرن جي تقطيع وغيره جي حوالي سان اياز جي
شاعريءَ کي ساراهي ٿو. هو نظريي ۽ فلاسافيءَ سان
گڏوگڏ فني خوبي جو به قائل محسوس ٿئي ٿو پر ڇاڪاڻ
جو مهاڳ لکڻ اصل ۾ تنقيد لکڻ کان هڪ جدا فن آهي ان
ڪري ان ۾ ادبي تنقيد جي معيارن موجب پرک ڪرڻ جي
ضرورت ڪانه هوندي آهي.
ان کان پوءِ هن اينٿالاجيءَ جو هڪ بنهه مختلف ۽ منفرد مضمون
قربان بُگٽيءَ جو پڙهيم. منفرد ان ڪري ٿي چوان جو
ٻين سڀني مضمونن کان بلڪل جدا ۽ ڌار بيٺو آهي،
بلڪه ائين چوڻ وڌيڪ بهتر ٿيندو ته اهو هڪ نرالو
مضمون / مقالو آهي....جيتوڻيڪ منهنجي خيال ۾ اهو
ڪو ايڏو علمي ادبي يا تنقيدي مقالو ڪونه هو جنهن
کان جامي چانڊيو متاثر ٿيو هجي، پر هن سڀني قسمن
جا نڪته نظر ڏيڻ چاهيا هوندا يا شايد پاڻ تي ”ڌر“
هئڻ جو ڪو الزام لڳڻ جو ڊپ هوندس، تڏهن هي مضمون
شامل ڪيو اٿس. پر هن کي شامل ڪري هو پاڻ وڌيڪ ”ڌر“
ٿو محسوس ٿئي جو ماڻهو اهو مضمون پڙهي ان جي
مخالفت براءِ مخالفت واري پاليسيءَ کي سمجهي اڃا
به اياز جا وڌيڪ قائل ٿيندا. هڪڙو ماڻهو جيڪو
پنهنجي نظريي جي بچاءَ ۾ دليل طور شيرل باڊاهيءَ
جو هي ڪلام ڏئي ته:
پنجون _ پنهنجا پراروا ٿيا
ڇهون_ ڇڙٻ ڏيڻ هر هَر
ستون _ ساري زماني ۾ بدنام ٿيس گهر گهر
اٺون _ آڳ اندر ۾
نائون _ نازڪ ويو ٻاري
ڏهون _ ڏکڙا به شيرل لئه خلقيا آهن الله
۽ پوءِ وري چوي ته اياز جي ٻولي ڏکي آهي، شيرل باڊاهي اياز کان
وڏو شاعر هو.... بس ڳالهه ته اتي ئي پڌري ٿي وئي.
اڳيان اهو مضمون ڪير پڙهندو؟ جامي چانڊيو اتي
چالاڪي ڪري ويو آهي.
مرحوم بگٽيءَ ٻيو دليل اهو ڏنو آهي ته ”هن کي ڪو ڪامل استاد يا
رهبر ڪونه مليو سواءِ هڪ هندو شاعر فاني کيئلداس
جي.“ يعني ته اياز جي شاعري محض ان ڪري ناقص آهي
جو هن هڪ هندو شاعر کان اصلاح ڪرائي. ٽئين دليل ۾
هو اياز جي ٻوليءَ کي ڏکيو چئي اعتراض ڪري ٿو، جن
مان ڪي هي آهن: _ ”نيڻ ڪٽورا“. چوي ٿو ته اها
تشبيہ سمجهه ۾ نٿي اچي ته نيڻ ڪٽورا ڪيئن ٿيندا؟
اياز جي سٽ آهي ته ”مون جو ڀَريو ٻاجهه سان اڃايل ٻُڪ“، ان لاءِ
چوي ٿو ته خبر ناهي ته ٻاجهه جو اڃايل ٻُڪ ڪيئن
ڀربو آهي؟ هاڻي ڏسو ته دعا جو ٻڪ (الله جي ) ٻاجهه
سان ڀرجڻ جو تصور رکندڙ هڪ مذهبي ماڻهوءَ کي اياز
جي سٽ ”اڃايل ٻڪ جو ٻاجهه سان ڀرجڻ“ سمجهه ۾ ڪونه
آيو آهي!
”موت اسان جو پاڇو آهي“ واري سٽ به هو نه سمجهڻ جي دعويٰ ٿو
ڪري. دراصل ڏوهه هن جو به ڪونهي. هڪ طرف جويي صاحب
۽ پليجي صاحب وارا جانبدار ٿيو بيٺا هئا ته ٻئي
طرف رجعت پسند به جانبداري ڪري رهيا هئا. اياز تي
ان ڪري غير جانبدار يا اڻڌُري تنقيد ٿي ڪانه. سڀني
پنهنجون
energies
يا قوتون اياز جي نظرياتي پهلوءَ کي سامهون رکي
صرف ڪيون! ان ۾ دوست به هئا ته مخالف به هئا.
ڪتابن ۾ ان کان پوءِ ”انڌا اونڌا ويڄ“ جو وارو اچي
ٿو. ڪنهن به اينٿالاجيءَ ۾ پورو ڪتاب ڪونه ڏبو
آهي، پر هتي پورو ڪتاب شامل ڪيو ويو آهي. شايد هڪ
کان ٻئي باب جي تسلسل کي ٽوڙڻ ممڪن نه سمجهي ائين
ڪيو ويو هجي. بهرحال اهو پنهنجي دور جو هڪ بهترين
تنقيدي ڪتاب هو. پر جي اهو سمورو هتي ڏيڻو هو ته
ان جي پس منظر ۾ جيڪي ليک لکيا ويا هئا انهن مان
ڪجهه ٽڪرا به ڏيڻ گهرجن ها، جيئن حوالو ڳنڍڻ ۾
آساني ٿئي ها ۽ نئين ٽهيءَ کي سلسلو وڌيڪ سمجهه ۾
اچي ها. اياز کي ڏنل هي نظرياتي بچاءُ بهرحال اياز
کي سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر جي شاعرن يا مفڪرن سان سڌي
يا اڻ سڌي ڀيٽ ڪرڻ جي ڪري تمام مٿي کڻي ويو.
منهنجي خيال ۾ ته گرامي صاحب وارو مقالو پڻ هن
سلسلي ۾ ضرور شامل ٿيڻ کپي ها.
هاڻ اچون ٿا هن ڪتاب جي ”جان“ تي _ يعني امير علي چانڊيي جي
مقالي ”اياز جي شاعري _ هڪ مطالعو“ تي.
جامي چانڊيو هن مقالي جي بنياد تي مرحوم ليکڪ کي يونيورسٽي
طرفان ايم. فل جي ڊگري ڏيڻ جي سفارش ٿو ڪري، پر
آءُ يونيورسٽيءَ جي هڪ پروفيسر هئڻ جي حيثيت ۾ هن
لاءِ پي. ايڇ. ڊيءَ جي ڊگريءَ جي سفارش ڪريان
جيڪر!
مون جڏهن پهريون ڀيرو اهو مقالو ”سهڻيءَ“ جي اياز نمبر (ڀاڱو
پهريون) ۾ پڙهيو هو ته ڇرڪي پيئي هئس ۽ منهنجيءَ
دل ۾ ليکڪ سان ملڻ جي خواهش پيدا ٿي هئي. سندس موت
جو ٻڌي مون کي سچ ته تمام وڏي نقصان جو احساس ٿيو
هو.... ڪٿي آهي اسان وٽ اهڙي معيار جو ڪو نقاد،
جيڪو اهڙي مستند نموني ۽ اهڙي
scholarly
طريقي سان ڪنهن شاعر کي سندس شاعريءَ جي حوالي سان
پرکي ۽ بين الاقوامي معيارن موجب تقابلي تنقيد
ذيعي اياز کي اردوءَ کان علاوه يورپ جي يا روس جي
شاعرن سان ڀيٽي؟ هيءَ تنقيد متوازن ان ڪري به آهي
جو هن ۾ شاعر جا سڀيئي پهلو پرکيا ويا آهن _
رومانوي، نظرياتي، نفسياتي، جمالياتي. مطلب ته
مجموعي طرح عالماڻي تنقيد ذريعي شاعر جو ملهه ڪٿيو
ويو آهي. هن نظرياتي طرح کيس سوشلسٽ، هيومنسٽ،
نيشنلسٽ سڏيو، پر انهن سڀني مٿان حاوي ”رومينٽڪ
شاعر“ کي پسند ڪيائين. ان کان پوءِ سندس علامتن،
تغزل ۽ تمثيلن تي به لکيو اٿس ته علم عروض ۽ ڇنڊ
جي اصولن موجب ماپ تور سان ويهي سندس وزنن، بحرن،
رڪنن، ماترائن جي ماڻن تي باقاعدي علمي بحث ڪيو
اٿس. هيئتي تجربن ۾ روايت جي تسلسل کي ساراهيندي
نون تجربن کي پسند ڪيو اٿس. ائين به ڪونهي ته ڪو
رڳو ويهي ساراهه جا ڍڪ ڀريا اٿس، ڪيترن هنڌن تي
هو سندس ڪمزوريون به ظاهر ڪري ٿو. مثلاً اياز جي
شاعريءَ ۾ گداز يا
pathos
جي ڪمي محسوس ڪندي ان کي اياز ۾ داخليت جي ڪميءَ
جو نتيجو ڄاڻائي ٿو، ڇو ته هو معروضي شاعر هو. پر
آءُ سمجهان ٿي ته نقاد طرفان اياز جي رومينٽڪ
شاعري وڌ ۾ وڌ پسند ڪرڻ واري ڳالهه کي ڏسندي چئي
سگهجي ٿو ته ان حصي ۾ هو سندس داخليت جو به قائل
ٿيو آهي.
نقاد هڪ هنڌ لکيو آهي ته ”اياز جو ٻيو ڪارنامو اهو آهي ته هن
سنڌي شاعريءَ مان صوفيت جي ڪلچر کي ٿڏي ڪڍي ڇڏيو
آهي، جيڪو عرصه دراز کان سنڌي شاعريءَ تي ڪنهن ڀوت
وانگر ڇانيل هو. اياز پنهنجي شاعريءَ ذريعي اهڙن
دقيانوسي ۽ صوفياڻن خيالن کي رد ڪري ڇڏيو.“ چانڊيو
صاحب زندهه رهي ها ته اياز جي پڇاڙيءَ ۾ صوفيت
ڏانهن واپسيءَ کي الائجي ڪهڙو جواز ڏئي ها. اها
irony
(ستم ظريفي) چئجي جو پڇاڙيءَ ۾ هو ان جو پرچارڪ ۽
پوئلڳ بنجي ويو.
چيو وڃي ٿو ته زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ اياز تي موت جو خوف طاري
ٿي ويو هو. امير علي چانڊيو انهيءَ کان اڳ ۾ اياز
کي موت جي اهميت کان انڪاري ٿو ڄاڻائي ۽ ”موت ڪائي
شيءِ نه آ“ واري سٽ کي مثال طور پيش ڪري ٿو. مرحوم
چانڊيي موت جي حوالي سان فلسفياڻو بحث ڪندي اياز
کي رجاعيت پسند سڏيو آهي، جنهن لاءِ هن ڪئين دليل
به ڏنا آهن. مثلاً موت جي خوف سان
anxiety
جو تصور جُڙي ٿو جيڪو
Loneliness ۽ احساس ترڪِ لذت مان جنم وٺي ٿو. گوتم ٻڌ جهڙا ماڻهو
انهيءَ
anxiety
کان مڪت ٿيندا آهن. موت جو تصور درد ۽ ڪرب کان
زياده رجاعيت جي علامت آهي. اياز وٽ آواگون جي
فلسفي جو تصور به آهي. هن لاءِ موت نرواڻ جي
علامت آهي.
مرحوم چانڊيو زندهه رهي ها ۽ اياز جي پڇاڙي ڏسي ها ته ائين قطعي
نه لکي ها، پر ائين لکي هن اياز جو موت بابت فلسفي
جي ڏس ۾ ذهني ارتقاء کي محفوظ ڪري ڇڏيو، ڪالهه ۽
اڄ جي سوچ جي وچ ۾ فرق ظاهر ڪري ڇڏيو. هن صحيح
لکيو آهي ته اياز گهڻن فلسفن بابت پڙهيو ان ڪري ڪو
هڪ فلسفو نه اٿس ۽ سندس شاعريءَ مان ڪنهن خاص فڪر
۽ فلسفي جي نشاندهي نٿي ٿئي، جنهن کي سندس شاعريءَ
جو نچوڙ چئجي. ”هو وجود ۽ حقيقت جي تلاش ۾ ايترو
ته ڦاسي پيل ٿو ڏسجي جو سندس پورو فڪر هڪ
Philosophical Complex
پيو لڳي.“ اهو مونجهارو اياز جي آخري ڏينهن ۾ سندس
ذات جو حصو بنجي ويو هو ۽ منجهس تضاد پيدا ٿيا، هڪ
طرف هو ڪنهن
Atheist
جيان چوي ٿو ته:
آيو موت ته روح مري ويو، جسم ٿيو آزاد،
مـٽـــي اول مـٽـــي آخـــــر، مٽـــي زنـــــده بــــاد.
وري ٻئي هنڌ هُو
seeptic
(شڪ ڪندڙ) آهي ۽ چوي ٿو:
مان ته سمجهان ٿو ته تون ڪٿي ناهين
هي سڄو ڍونگ ڪنهن رچيو آهي!
پر پوءِ وري ڪيترين جاين تي هو هڪ
mystic
وانگي چوي ٿو:
تــنــهــنجــا روپ ســروپ سـهـسيــن هـــن سنسار ۾
هر ڪنهن مڙهيءَ ڌوپ، پوڄيون تنهنجون مورتيون.
۽ سندس چوٿون روپ برسات ۾ دعائون لکندڙ شاعر جو ظاهر ٿيو جيڪو
هڪ
theist
جو روپ آهي.
بهرحال امير علي چانڊيي جي مقالي کان پوءِ جيتوڻيڪ ڪجهه لکڻ جي
گنجائش ڪانه ٿي لڳيم پر اڳيان ڪي گهٽ اهم نالا
ناهن.
قمر شهباز جو مقالو ”بڙ جهڙو گهاٽو ماڻهو“ موجوده صديءَ جي هڪ
مهان ڪويءَ جي مڃتا ۾ لکيل مقالو آهي پر گهڻو ڪري
سندس شخصيت تي هڪ عقيدتمند جو خراج آهي. هو کيس هڪ
سچو سورهيه قلمڪار، اعليٰ آدرشن وارو املهه هيرو ۽
ڏات ۽ ذات جي حوالي سان دائمي قدر رکندڙ اعليٰ
شاعر مڃي ٿو ۽ سنڌي شاعريءَ کي نئون جنم ڏيڻ وارو
سڏي ٿو: هو ”اياز سنڌ آهي ۽ سنڌ اياز آهي“ جهڙن
جذباتي جملن سان پنهنجي عقيدت جو اظهار ڪري ٿو.
قمر شهباز هڪ نئون پهلو به بيان ڪيو آهي، سو آهي اياز جي ٻوليءَ
۾ تجربا، نوان لفظ، نوان محاورا، ڌارين ٻولين جا
لفظ پنهنجائڻ جي خوبي يا سندس صوتي اظهار جي
رواني، موسيقي ۽ لئه جون خوبيون.
امداد حسينيءَ پنهنجي مضمون ”جي تون سرجڻهار، جيءُ انوکو جڳ ۾“
۾ اياز کي سنڌي قوم مان پيدا ٿيندڙ اهو شاعر ٿو
سمجهي جنهن هر ڏاڍ، ڏهڪاءَ، انياء، جبر ۽ پرماريت
سان اڪيلي سر مهاڏو اٽڪايو. سنڌ جي سياسي پس منظر
جي حوالي سان سازشن ۽ ويساهه گهاتين جي وچ ۾ اياز
جي شاعريءَ جي سگهه ۽ ڪردار کي
appreciate
ٿو ڪري. هو اياز جي شاعريءَ جي ردم، سٽن جي سٽاءَ،
لفظن جي جڙاءَ جي منڊ ۾ منڊيل ٿو لڳي پر گڏوگڏ
سندس ويچار ۽ فڪر کي به سُر سان سلهاڙيل ٿو ڏسي ۽
سنڌي شاعريءَ ۾ سر ۽ معنيٰ کي سڏ _ پڙاڏي وانگي ٿو
سمجهي، جيڪي هڪ ٻئي کان ڌار نٿا ٿي سگهن، جنهن ۾
اهميت وري به ”سڏ“ يعني معنيٰ جي آهي. امداد اياز
جي شاعريءَ ۾ فن ۽ فڪر، سر ۽ معنيٰ واري سنگم کي
حيرت انگيز ٿو سڏي. هن اياز جي گهاڙيٽن تي به لکيو
آهي ۽ ڪلاسيڪل بيت جي ڇنڊ جي آڌار تي لکل بيت جي
پدن ۾ اکر جي گهڙت جڙت جو به حوالو ڏئي ٿو.
هاڻ آءُ البت عبدالواحد آريسر جي لکيل مقالي بابت ڪجهه ڪانه ٿي
چئي سگهان ڇو ته ان کي اعجاز منگيءَ ٺاهوڪو جواب
به ڏيئي ڇڏيو آهي ۽ اهي ٻيئي ليک فني تنقيد جي
بدران نظرياتي بلڪ سياسي جهيڙي جي دائري ۾ اچن ٿا.
اعجاز منگيءَ جي مضمون مان سندس وسيع مطالعي جي
جهلڪ ظاهر آهي ۽ هو پاڻ کي
balance
به ڪري ويو آهي.
پليجي صاحب جو انهيءَ حوالي ۾ لکيل مضمون به ان ڪري ادبي تنقيد
جي دائري ۾ نٿي آڻي سگهان جو اهو به نطرياتي ۽
سياسي وڌيڪ ٿو لڳي.
آخر ۾ جامي چانڊيي ”فطرت، فلسفو، زندگي ۽ اياز جا فڪري
مونجهارا“ جي عنوان سان جيڪا پڄاڻي يا
sum up
ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، اها ڪافي متاثر ڪري ٿي. هو
جذباتيت جو شڪار ٿيڻ بدران اياز جي موافقت يا
مخالفت جي پهلوئن کي متوازن نموني بيان ڪري ٿو. هو
اياز جي عظمت جي ڳڻن ڳائڻ سان گڏوگڏ علمي ۽ فڪري
سطح تي ساڻس اختلاف به رکي ٿو ته سندس فڪر جي
ارتقاء کي
justify
به ڪري ٿو. انهيءَ ساڳئي نڪتي موجب هو اياز جي
صوفيت ڏانهن موٽ کي جواز ڏئي ٿو. باقي اياز جي
پنهنجي لاءِ ”ماضيءَ جي ماضي ۽ مستقبل جي مستقبل
جو شاعر“ هئڻ واري دعويٰ کي قبول نٿو ڪري ۽ اهو
فيصلو تاريخ لاءِ ٿو ڇڏڻ چاهي. ڇو ته هو ڄاڻي ٿو
ته هاڻ تاريخ جلد پنهنجا فيصلا ٻڌائڻ جي پوزيشن ۾
هوندي. هو هن انٽرنيٽ ۽ اي. ميل جي ايج جو نوجوان
آهي ۽ سمجهي ٿو ته ابلاغ جي انتهائي تيز رفتاري ۽
ڦهلاءَ ۾ تاريخن جا فيصلا به تڪڙا ٿيندا.... پوءِ
ڏسجو ته مستقبل جو مستقبل ڪيترو جلدي ٿو اچي ۽ اڄ
کي ماضي بنجڻ ۾ ڪيترا ڏينهن ٿا لڳن!
(جامي چانڊيي جي ترتيب ڏنل ڪتاب ”سنڌي ادب ۾ تنقيد _ اينٿالاجي
_ حصو پهريون _ شيخ اياز“ تي، سنڌ ايجوڪيشن ٽرسٽ
پاران منعقد ڪيل تنقيدي نشست ۾ پڙهيل) |