اڪبر لغاري
وڃين ڇو وڻڪار
آئون هڪ انتهائي مصروف ماڻهو هوس. سڄو ڏينهن ڪاروباري
ڪمن کان ذرا به فرصت نه هوندي هئي. ماڻهن سان ملڻ،
معاملا طئي ڪرڻ، ڪاروباري ذهانت (منافقت) جو ڀرپور
استعمال ڪرڻ، ڏيتي ليتي، ٽيليفون، اگهه ٻار،
مارڪيٽ، شيئر بازار، وغيره وغيره، ڏينهن سڄو انهن
ئي ڪمن ۾ گذرندو هو.
شام جو وري جيمخانه، انتظاميه سان دوستي، بزنس ڊنرز
(Business Dinners)،
شراب ۽ شباب وغيره منهنجون مصروفيتون هونديون
هيون.
سڄو ڏينهن منهنجو ذهن، اهي ڳالهيون سوچيندو رهندو هو ته پئسو
ڪيئن ڪمائجي، پنهنجو ڪم ڪيئن ڪڍجي، رشوت ڪيئن ۽
ڪيتري ڏجي ۽ دوکو ڪيئن ڪجي.
گهر پهچندي پهچندي رات اڌ کان وڌيڪ گذري چڪي هوندي هئي. زال ۽
ٻار ستل هوندا هئا. سڄي ڏينهن جي ٿڪاوٽ، شراب جو
نشو، ڪاميابين جو سرور، دولت جو غرور، ايئرڪنڊيشنڊ
ڪمرو، گهري ننڊ ۽ وري صبح جو ساڳيو ڪار وهنوار
شروع.
دولت جي هوس، طاقت جي خواهش، حسن جي تمنا ۽ شهرت جي تڙپ مون کي
ماڻهو منجهان مشين ٺاهي ڇڏيو. منهنجي سخت محنت،
چالاڪي ۽ موقع پرستي مون کي بي انتها دولت مند
ٺاهي ڇڏيو.
زندگي جي گاڏي تيز ڊوڙڻ لڳي. گهڙي جو ڪانٽو ڪنهن بي رحم سپاهي
جيان، وقت کي ڳترا ڳترا ڪندو ڌوڪندو رهي ٿو ۽ هڪ
سيڪنڊ لاءِ به ساهه نٿو پٽي.
منهنجي بيگم به ڏاڍي مصروف هوندي هئي. سڄو ڏينهن سوشل ورڪ، مينا
بازار، زيورات، تقريبات، ملبوسات وغيره وغيره.
اسان ٻنهي وٽ سڀ ڪجهه هو پر ”وقت“ نه هو. اسان وٽ
هڪٻئي لاءِ وقت نه هو، ٻارن لاءِ وقت نه هو ۽
پنهنجي لاءِ وقت نه هو.
* * * *
رات جو پويون پهر، ماحول تي رعبدار سناٽو، آئون ٿڪل ٽٽل ۽ ننڊ
جي وادي ۾ گم.
اچانڪ منهنجي اک ڪنهن آواز تي کلي پئي. ننڊ جي خمار ۾ پهرين ته
سمجهه ۾ نه آيو ته ڪهڙو آواز آهي، ليڪن پوءِ اهو
آواز آهستي آهستي صاف ٿيڻ لڳو. ائين لڳو ڄڻ ڪو
سُڏڪا ڀري روئي رهيو هو. مون بتي ٻاري پهرين ڪمري
جو جائزو ورتو، پوءِ ٻاهر نڪري چڱيءَ طرح جاچ ڪيم
ليڪن ڪير به نظر نه آيو. روئڻ جو آواز بند ٿي چڪو
هو. آئون اچي وري سمهي رهيس.
هن واقعي کي ڪيترائي ڏينهن گذري ويا، ليڪن هي معمو سمجهه ۾ نه
آيو ته ان رات مون ڪنهن جا سڏڪا ٻڌا هئا. بهرحال
هي واقعو منهنجي مصروفيت جي ڪوهيڙي ۾ ويڙهجي گم ٿي
ويو ۽ آئون وري مصروفيت جي درياهه ۾ غرق ٿي ويس.
* * * *
تقريباً هڪ سال کان پوءِ آئون آفيس ۾ ويٺو هوس ته اچانڪ وري
سڏڪن جو آواز ٻڌم. هوبهو ساڳيو آواز هو. پٽيوالي
کي گهرائي پڇيم ته ٻاهر ڪير پيو روئي. ليڪن
پٽيوالو وائڙو ٿي ويو ۽ چيائين، ”نه سائين آفيس ۾
ته ڪير به نه پيو روئي.“ مون کيس وري ٻاهران ڏسي
اچڻ لاءِ چيو ليڪن ان مون کي عجيب نظرن سان ڏٺو،
ائين جيئن هن کي منهنجي ذهني ڪيفيت تي شڪ ٿيو هجي.
آئون ککو وکو ٿي ويس. ليڪن غور ڪيم ته آواز واقعي
بند ٿي چڪو هو.
آئون پريشان ٿي ويس، ڇا هي سڀڪجهه وهم هو. شايد ڪم جي زيادتي جي
ڪري ائين ٿيو هجي، ليڪن سڏڪن جو آواز ته مون چٽو
ٻڌو هو. ائين لڳي رهيو هو جيئن ڪير ڏاڍي تڪليف ۾
هجي پر پنهنجي روئڻ کي لڪائي رهيو هجي. گهٽيل
گهٽيل سڏڪا، ليڪن صرف ٿوري دير لاءِ.
* * * *
پوءِ انهن سڏڪن منهنجو سک ڦٽائي ڇڏيو. ٿورن ٿورن ڏينهن کان پوءِ
مون کي ائين محسوس ٿيندو هو ته منهنجي اوسي پاسي ۾
ڪو اهڙو شخص آهي جنهن کي عذاب ۾ مبتلا ڪيو ويو آهي
۽ هو ڪنهن مجبوري سبب زور سان نٿو روئي سگهي. روئڻ
جي آواز کي لڪائڻ جي ڪوشش ۾ گهٽيل گهٽيل سڏڪا نڪرن
ٿا. ڪير آهي ايتري عذاب ۾؟ انهن سڏڪن جو آواز ٻيا
ڇو نٿا ٻڌن؟
انهن سڏڪن جو آواز مون تي جادو جو اثر ڪندو هو. انهن سڏڪن ۾
جيڪو عذاب ۽ جيڪو ڪرب هو اهو مون کان برداشت نٿي
ٿيو. جيئن ئي سڏڪن جو آواز ٿي ٻڌم، فوراً ان آواز
جو پيڇو ڪندي ڳولا ٿي شروع ڪيم.
منهنجي زال مون کي ڪنهن ماهر نفسيات سان رجوع ڪرڻ جو مشورو ڏنو.
آئون خوفزده ٿي ويس. دولت مند ماڻهو هونئن به وڌيڪ
ڊڄڻو هوندو آهي. ڇا آئون دماغي توازن وڃائي رهيو
هوس؟ ڇا آئون چريو ٿي رهيو هوس؟
ماهر نفسيات ڪجهه ڏينهن ته منهنجو علاج ڪيو ۽ پوءِ مشورو ڏنو ته
ڪجهه ڏينهن گهمڻ جي لحاظ کان ڪنهن پر فضا مقام تي
هليو وڃان.
* * * *
گهمڻ وارو وقت تمام سٺو گذريو. خوبصورت ۽ بلند پهاڙ ڏٺم، انهن
جون برف پوش چوٽيون ڏٺم، آبشارن جي فرحت انگيز
پاڻي ۾ وهنتس، سائي مخملين چادر سان ڍڪيل جبلن جي
هيٺانهين مٿانهين تي چهل قدمي ڪيم. مطلب ته قدرت
جي نظارن ۽ ان جي خوابيده حسن کي چڱي طرح ڏٺم.
پُرسڪون ٿي ويس ۽ فرحت محسوس ڪيم. هن دوران مون هڪ
دفعو به سڏڪن جو آواز نه ٻڌو. خوش خوش موٽي آيس.
واپس اچڻ کان پوءِ وري پنهنجي دنيا ۾ گم ٿي ويس. هيترن ڏينهن جي
غير حاضري جو ڪاروبار تي برواثر پيو هو. ان خال کي
ڀرڻ لاءِ وري اڳي کان به وڌيڪ ڪم ڪرڻ لڳس ۽ اتان
ئي منهنجا حال خراب ٿيڻ شروع ٿيا.
”سڏڪا“ وري شروع ٿي ويا. ياالله! هي ڇا ماجرا آهي. هاڻي سڏڪن جا
آواز اڳي کان به وڌيڪ چٽا ۽ ڪافي دير تائين هلڻ
لڳا. عذابناڪ سڏڪا_
ڪنهن چيڀاٽيل ۽ چچريل شخص جا سڏڪا_
ڪنهن دائمي تڪليف ۾ مبتلا شخص جا سڏڪا_
روئڻ کي زبردستي دٻائڻ جي نتيجي ۾ دهشتناڪ سڏڪا_
سڏڪا...... سڏڪا...... سڏڪا......
سڏڪا منهنجي برداشت کان ٻاهر ٿي ويا. سڏڪا تازيانه بنجي منهنجي
ذهن تي وسڻ لڳا. آئون بي قابو ٿي ويس ۽ آواز جو
پيڇو ڪرڻ لڳس. ڪمري ۾، ڪمري کان ٻاهر، آفيس جي هر
ڪمري ۾ ڳولا شروع ڪري ڏنم.
هي حالت مستقل ۽ باقاعده عادت ٿي ويئي، جنهن منهنجي ڪاروبار تي
تمام برو اثر ڇڏيو. منهنجي ننڊ اڏامي چڪي هئي،
ذهني يڪسوئي جي فقدان ۽ بي آرامي ۽ بي قراري سبب
آئون چيڙاڪ ۽ غصيلو ٿي ويس. منهنجا دوست مون کان
پري ڀڄڻ لڳا. پارٽين ۾ مون کي دعوتون ملڻ بند ٿي
ويون. زال سان روزانه ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه تي جهيڙو
ٿيڻ لڳو ۽ جيمخانا جي ميمبر شپ ختم ٿي ويئي.
هن صورتحال ۾ ڪاروبار تي توجهه ڏيڻ ممڪن نه رهيو. سڏڪن منهنجو
چين کسي ورتو. شيو وڌي وئي، ڪپڙا گدلا ٿي ويا ۽
صحت ڪمزور ٿي ويئي. هن حالت ۾ منهنجي زال مون کي
سنڀالڻ ۽ توجهه ڏيڻ بجاءِ الٽو ٻارن کي وٺي پنهنجي
دولت مند پيءُ وٽ هميشه هميشه لاءِ آمريڪا هلي
ويئي ۽ وري ڪڏهن به واپس نه آئي.
اڪيلائي منهنجي مقدر بنجي ويئي ۽ سڏڪا منهنجا ساٿي. منهنجو
ڪاروبار منهنجي بي توجهي سبب تباهه ٿي ويو ۽ آئون
برباد ٿي ويس.
منهنجي حالت چرين جهڙي ٿي ويئي. مون کي هر وقت ۽ هر طرف کان
سڏڪا اچڻ لڳا. الائي ڪيترا مهينا يا سال گذري ويا،
ليڪن اها ڪيفيت برقرار رهي. مون پنهنجو پاڻ کي
ڪڏهن شهر جي گهٽين ۾ ڀٽڪندي ڏٺو ته ڪڏهن جهر جهنگ
۾ رلندي ڏٺو. ڪڏهن پاڻ کي ڪنهن مزار تي لنگر وٺندي
ڏٺم ته ڪڏهن بيابان جي خاڪ ڇاڻيندي.......
جيئن ئي روئڻ جو آواز ٻڌندو هوس، سڀڪجهه ڇڏي ان آواز جي پويان
پوندو هوس. هڪ خبط، هڪ جنون سوار هو ته ڪيئن به
انهن سڏڪن جو راز معلوم ڪريان. اڪثر انهن سڏڪن ڏي
منهن ڪري آئون به رڙيون ڪري انهن کي آواز ڏيندو
هوس، ليڪن سڏڪا منهنجي دسترس کان ٻاهر هوندا هئا.
آئون به روئڻ لڳندو هوس. آئون انهن سڏڪن کان ايترو
متاثر هئس جو پاڻ به انهن سڏڪن وانگر ئي سڏڪڻ لڳس.
هاڻي ائين ٿيڻ لڳو جو جيئن ئي سڏڪا ٻڌڻ ۾ ايندا هئا، آئون به
سڏڪن ۾ پئجي ويندو هوس، ڇو ته انهن سڏڪن جي پويان
ڀڄڻ جي طاقت مون ۾ نه هئي. منهنجا ڪن هروقت گهٽيل
۽ چچريل سڏڪا ٻڌڻ لڳا. اهي سڏڪا ڪڏهن منهنجا ته
ڪڏهن.... خبر نه آهي ته ڪنهن جا هئا.
مون مان طاقت ۽ توانائي ختم ٿي ويئي. ڪنهن هڪ جڳهه تي پيو هوندو
هوس. پاسي مان گذرڻ وارا مون کي روئندو ڏسي، ڪو
مجذوب سمجهندا هئا ۽ رحم کائي، ڪجهه کائڻ پيئڻ
لاءِ ڏيئي ڇڏيندا هئا.
* * * *
هڪ رات وري رات جي پوئين پهر اک کلي ۽ روئڻ جو آواز ٻڌم. آواز
جي طرف جو اندازو لڳائڻ جي ڪوشش ڪيم پر سمجهه ۾ نه
آيو. آهستي آهستي اهو روئڻ جو آواز بند ٿيو ۽ ان
روئڻ واري مون سان ڳالهائڻ شروع ڪيو؛
”اي بيوقوف انسان، ڪجهه پنهنجو عقل استعمال ڪر، ائين ته سڄي
ڄمار مون کي ڳولي نه سگهندين.“
مون ڏٺو ته اهو آواز ڪنهن ٻئي هنڌان نه پر منهنجي اندران اچي
رهيو هو.
”ها! حيران ٿيڻ جي ڪابه ڳالهه نه آهي. جيڪڏهن تون ٿورڙو به عقل
استعمال ڪرين ها ته هن حال کي نه پهچين ها. آئون
تنهنجي اندر جو آواز آهيان، تو وٽ ڪڏهن به مون کي
ڏيڻ لاءِ وقت نه هو. آئون رڙيون ۽ ڪوڪون ڪندو
رهيس، ليڪن تون ان کي پنهنجو وهم سمجهي علاج
ڪرائيندو رهئين.... ليڪن ان وقت دير ٿي چڪي هئي.
آئون، جيڪو تنهنجي اندر ۾ رهان ٿو، سو بيمار ٿي
پيس ۽ ان بيماري جو ڪارڻ تون هئين......“
منهنجي اندر جو آواز ڪنهن جابلو غار ۾ پڙاڏي وانگر گونجي رهيو
هو. مون ڪجهه چوڻ جي ڪوشش ڪئي ته دڙڪو ڏيندي
چيائين:
”بند ڪر پنهنجي بڪواس، مون کي خبر آهي ته تون مون کي مطمئن ڪرڻ
لاءِ هميشه وانگر مصروفيت جو جواز ڏيندين. مون
جڏهن به توسان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي، تنهنجي
مصروفيت، تنهنجي ڪنن تي پردا چاڙهي ڇڏيا. تون مون
کي وقت نه ڏيئي، مون تي ظلم ڪندو رهئين ۽ آئون
ڪمزور ٿيندو ويس، ۽ آخر ايترو لاچار ۽ بي وس ٿي
ويس جيترو لاچار هينئر تون آهين، توکي آواز ڏيندي
ڏيندي منهنجي قوت گويائي ڪمزور ٿي ويئي. آئون
مجبور ٿي روئڻ لڳس. شايد روئندي روئندي مري وڃان
ها، ليڪن شڪر آهي جو تو منهنجو آواز ٻڌي
ورتو.......
پرهه کان باک ڦٽي رهي هئي.
* * * *
اڄڪلهه آئون هڪ پرائمري استاد آهيان. صبح جو سوير اٿي قدرت جا
نظارا ڏسڻ لاءِ چهل قدمي ڪندو آهيان. پوءِ اسڪول
مان ٿي، باقي وقت يا ته پڙهڻ کي ڏيندو آهيان يا
پنهنجي گهرواري ۽ ٻارن کي. منهنجي پهرين زال
منهنجا برا حال ڏسي، مون کي اڳي ئي ڇڏي چڪي هئي ۽
مون هڪ غريب ڇوڪري سان شادي ڪري ڇڏي هئي.
هاڻي مون کي ڪوبه روئڻ جو آواز ڪونه ٿو ٻڌڻ ۾ اچي، ڇو جو هر وقت
منهنجو دوست مون سان گڏ هوندو آهي ۽ اسان هڪٻئي
سان ڪچهري ڪري بي انتها خوشي ۽ سڪون محسوس ڪندا
آهيون. توهان سمجهي ويا هوندا ته اهو دوست ڪير
آهي؟
مهربان لکندڙن لاءِ ڪجهه گذارشون
پنهنجون تخليقون موڪلڻ وقت ”مهراڻ“ جي معيار ۽ روايتن کي خيال ۾
رکڻ کپي ۽ اهو ڄاڻائڻ لازمي آهي ته اهي اڻڇپيل آهن
۽ ڇپجڻ لاءِ ڪنهن اخبار يا رسالي کي نه موڪليل
آهن.
ترجمي جي صورت ۾، جتان مواد ترجمو ڪيو وڃي، ان اصل جي صاف فوٽو
ڪاپي ساڻ موڪلڻ بيحد ضروري آهي. ان طرح ضروري
حوالا پڻ چٽائيءَ سان ڄاڻائڻ لازم آهن، جي آخر ۾
آڻجن.
مواد ۾ پيش ڪيل راين، تجويزن، نتيجن ۽ علمي ۽ فڪري زاوين جي
سموري ذميواري مانوارن ليکڪن جي هوندي. سندن راين
کي ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي راءِ نه سمجهڻ کپي.
اهو ضروري ڪونهي ته ڪوبه مواد بروقت شايع ٿي وڃي يا ضرور ڇپجي.
اشاعت جي باري ۾ ايڊيٽر جو فيصلو آخري سمجهيو
ويندو. نه ڇپجڻ جي حالت ۾، سبب ڄاڻائڻ لاءِ ايڊيٽر
ٻڌل نه رهندو.
ايڊيٽر کي مواد ۾ درستين ۽ ڦيرڦار ڪرڻ جو اختيار آهي. البت ان
ڳالهه جو خيال رکيو ويندو ته جيئن مواد جو اصل
مفهوم قائم رهي.
فوٽو اسٽيٽ صورت ۾ مواد ڪنهن به صورت ۾ قبول ڪونه ڪيو ويندو. ان
طرح ڪاغذ جي ٻنهي پاسن تي لکت پسند ڪانه ڪئي
ويندي.
مواد، صاف سُٺن اکرن ۾، مس سان، فل اسڪيپ ڪاغذ تي لکيل هئڻ
گهرجي. آخر ۾ پنهنجي ائڊريس ڄاڻائڻ نه وسارجي، فون
نمبر هجي ته اهو به لکجي.
پنهنجي مواد جو نقل پاڻ وٽ ضرور رکڻ کپي. ادارو آيل مواد موٽائڻ
لاءِ ٻڌل نه رهندو.
تڙ تڪڙ ۾ رَهڙي موڪليل مواد جي ڪري هڪ طرف غلطين
جو امڪان رهي ٿو ته ٻئي طرف درستين لاءِ ڪافي وقت
ڏيڻو پوي ٿو. جيتري قدر ٿي سگهي، اطمينان ڪجي ته
مواد آخري طرح صاف ۽ واضح، مڪمل ۽ صحيح آهي. _ _
ادارو. |