بهادر خان ۽ منهنجا ڪمرا آمهون
سامهون هئا. حجازي صاحب جو ڪمرو ڪجهه وٿيرڪو هو
پر، ساڳئي فلور تي هو. مون ڪمري ۾ گهڙي، هٿ منهن
ڌوتو، ته در کڙڪيو، بهادر خان بيٺو هو. چيائين ته،
”ڪمري ۾ پيئڻ جو پاڻي ڪونهي.“ مون پنهنجو فرج
کوليو، ته اهو به خالي هو.
ويهه ورهيه اڳ وارو منظر ياد آيو. جيئن ئي هوٽل جي ڪمري ۾ گهڙيو
هئس، ته ميز تي پلاسٽڪ جو نفيس ٽوڪرو ڏاڙهن، صوفن،
ڪيلن ۽ انگورن جي ڇڳن سان ڀريو رکيو هو. پاسي ۾ هڪ
ڪارڊ رکيو هو، جنهن تي لکيل هو: ”وزارت هنرو
فرهنگ، ايران، جي دعائن ۽ سلامن سان.“
وري جڏهن فرج کوليو هئم، ته منجهس طرح طرح جا مشروبات ۽ سڪل
ميوي جا پاڪيٽ سٿيا رکيا هئا. چاڪليٽن ۽ کٽمٺڙن جا
دَٻا جدا ڀريا رکيا هئا. منهنجي تڏهوڪي ميزبانَ،
”هنر و مردم“ رسالي جي مُديرَ، آغا خدا بنده لو
مون کي هوٽل جي ڪمري ۾ پهچائي چيو هو ته، ”آغا،
ڪنهن به شيءِ جي ضرورت پوي، ته فوراً گهرايو. فقط
ايترو ڪجو، جو مهرباني ڪري، بل صحيح ڪري ڇڏجو.“
پر هاڻي فرج کوليم، ته سڄو ويران هو. سو، بهادر خان جي اڳيان
پنهنجي بيڪسيءَ جو مظاهرو ڪندي چيم ته ”هي فِرج به
خالي پيو آهي.“ حجازي صاحب کي فون تي سڏي ورتوسون،
جنهن به ساڳي ماجرا بيان ڪئي. ٽنهي ڄڻن کيسي مان
پئسا ڪڍيا. ”منرل واٽر“ جون ٽي بوتلون گهرايوسون.
هر هِڪَ پنهنجو پنهنجو پاڻيءَ جو شيشو ساهه سان
سانڍي وڃي فرج ۾ رکيو.
ٻه ٽي ڏينهن ائين گذري ويا. اسان پنهنجن پئسن تي پاڻي خريد ڪري
پيئندا رهياسين. هڪ ڏينهن، ڪمرن جي صفائي ڪندڙ
خاتون، سان ڳالهه ڪڍيسون، جنهن مشورو ڏنو ته
”غسلخاني ۾ وڃو. نل مان پاڻي ڀري اچو. اهو فرج جي
مٿئين خاني ۾ رکي برف ڄمايو. پوءِ، غسلخاني جي
نلڪي مان وري خالي جَگُ ڀري، ان ۾ اها برف وجهي،
پاڻي ٿڌو ڪري پيو.“
اسان کي سندس مخلصانه مشورو ٻڌي، هڪ لطيفو ياد آيو.
هڪ دفعي اسٽالن ڪن غير ملڪي مهمانن کي ماسڪو کان ٻاهر موٽر ۾
گهمائڻ وٺي ويو. پريان پوک ۾، هڪ ٻڍڙو شخص بيٺو
هو. کيس ڏسي، موٽر جهلي، سڏ ڪيائين ۽ چيائين ته
”توکي اوورڪوٽ ته ڏاڍو سٺو پيو آهي. انقلاب کان
اڳي تو وٽ گهڻا هئا؟“
ٻڍڙي شخص جواب ۾ چيس ته ”سائين، ٻه هئا.“
اسٽالن شڪي ڏاڍو ٿيو، پَرَ، منهن جي پڪائي ڪري، چيائينس ته،
”شڪر ڪر. گهانا ملڪ جي هارين وٽ هڪ به ڪونهي.“
ٻڍڙي شخص ادب سان چيس ته ”سائين، اتي ٻيو انقلاب ڪڏهن آيو هو؟“
* * * *
هوٽل جي ڪمري ۾ وندر ورونهن لاءِ، ڪابه اخبار يا رسالو رکيل
ڪونه هو. البت، هڪ رنگين ٽي. وي سيٽ موجود هو. پر،
ايراني ٽي. وي پروگرام به پاڪستان جي ٽي. وي
پروگرامن وانگر ”سطحي“ هئا. بي. بي. سي پروگرامن
وانگر نڪي ته منجهن اونهي ڄاڻ هئي ۽ نه وري پيشڪش
جي لحاظ کان ڪا اعليٰ درجي واري نفاست هئي. سو،
هوٽل ۾ مون فقط هڪ دفعو ٽي. وي کولي. ڪو ڊرامو هلي
رهيو هو. مان ورهين جا ورهيه فلم سينسر شپ بورڊ جو
ميمبر رهي چڪو آهيان. اسلام آباد ۾، انگريزي فلمون
ڏسندي ۽ سينسر ڪندي لطف ايندو هو. ليڪن جڏهن ڪنهن
پنجابي يا پشتو فلم لاءِ سڏيندا هئا، ته ٻَرو چڙهي
ويندو هو، ڇو ته اڪثر مٿي ۾ سور کڻي، گهر موٽندو
هوس. ايراني ڊرامي جو هڪ ٻه سين ڏٺم، ته مٿي ۾
هلڪو سور محسوس ڪيم. سو، اتي جو اتي، ٽي. وي بند
ڪري ڇڏيم.
تهران جي ٽي. وي وارن غير ملڪي مندوبين جا تاثرات وٺڻ جو ڪو
پروگرام ٺاهيو هو. سو، هڪ ڏينهن اسان وٽ به آيا.
مون ساڻن عالم اسلام جي وسيع پس منظر ۾، ايران جي
جغرافيائي اهميت ۽ اسلامي انقلاب بابت گفتگو ڪئي ۽
مغربي طاقتن جي مخالفت ڪري، ايران کي جيڪي چئلينج
درپيش آهن، تن جو ذڪر ڪيو. هو متاثر ٿيا، سو ڪن
پيچيده سوالن جي لسٽ هٿ ۾ ڏيئي چيائون ته ”آغا،
هنن سوالن بابت به پنهنجا رايا ڏيو.“ مون کين انهن
سوالن جا جواب ڏنا. مون کان پوءِ بهادر خان کين
انٽرويو ڏنو. ٻئي ڏينهن، تهران ريڊيو وارا به اسان
کان تاثرات وٺي ويا.
* * * *
لاهور ۾، خانه فرهنگ ايران جو جيڪو اڳوڻو ايراني ڊائريڪٽر هو،
سو، اتي پنهنجو ميعاد پورو ڪري، پنهنجي وطن واپس
موٽي ويو هو. اتي هاڻي اعليٰ عهدي تي فائز آهي. هڪ
ڏينهن پنهنجن پراڻن لاهوري رفيقن سان ملڻ آيو. هنن
ساڻس شڪايت ڪئي ته، ”رات ڏينهن ساڳيو کاڌو کائي،
ڪڪ ٿي پيا آهيون. ڪا مَٽَ سَٽَ ڪريو، ته مهرباني.“
ڪن وري کانئس گهر ڪئي، ته اسان کي پنهنجن ڪلاسيڪي
فارسي شاعرن: فردوسي، حافظ، سعدي ۽ عمر خيام جا
ڪتاب ڏيو. مون کيس عرض ڪيو ته ”ٻيو نه ته، روز
اسان کي صبح جو ڪا اخبار ڏيو، ته دنيا جهان جو سڌ
سماءُ پوي. هت هوٽل ۾ ملهه تي به اخبار ڪانه ٿي
ملي.“
هن دوست نهايت خوش اخلاقيءَ سان سڀني کي چيو ته ”واعدو ڪونهي،
پر مان ڪوشش ڪندس.“ کاڌو ته بهرحال، ساڳيو ئي
رهيو. اخبار به ڪانه ملي. پر، سندس ڪوشش جي نتيجي
طور اسان کي ڪتاب به ڏنائون ۽ علامه طباطبائي
يونيورسٽيءَ ۾ به گهمائڻ وٺي ويا. _ پهريائين
يونيورسٽيءَ جو احوال.
هيءَ يونيورسٽي مشهور ايراني عالم ۽ مفڪر، علامه طباطبائيءَ جي
نالي پٺيان ٺهيل آهي. وچ شهر ۾ آهي. عمارت چڱڙي
اٿس. وائيس چانسيلر وڏو با اخلاق شخص آهي. اسان
پهتاسين، ته ٻه چار پروفيسر ٻيا به وٽس ويٺا هئا.
انهن جي سامهون وارين ڪرسين تي غير ملڪي مندوبين
وڃي ويٺا. گفتگو شروع ٿي. غير ملڪي مندوبين مختلف
سوال ڪيا، جن جا هنن جواب ڏنا. مون به هڪ سوال ڪيو
ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾، سڄيءَ دنيا اندر، ڪنهن
به اسلامي ملڪ ۾ ڪابه نئين کوجنا ڪانه ٿي ٿئي.
نتيجي طور، جديد ۽ اعليٰ سائنسي تعليم حاصل ڪرڻ
لاءِ، اسلامي ملڪن جي شاگردن کي مغربي ملڪن ڏانهن
وڃڻو پوي ٿو. ليڪن، ايران جا لڳ لاڳاپا تقريباً
سمورن مغربي ملڪن سان ٿڌا آهن. اهڙيءَ صورت ۾،
ايراني شاگرد ڪاڏي وڃن ٿا؟ ڇو ته ايران ۾ فارسي
ذريعه تعليم آهي ۽ جديد سائنسي تحقيق جا اصطلاح،
راتئون رات فارسي زبان ۾ گهڙي ڪونه ٿا سگهجن. هڪ
هڪ اصطلاح وڏي توجهه سان ٺاهڻو پوندو ۽ ان ۾ ته
ڪافي وقت لڳندو.“
ميزبانن ڪجهه وضاحت ته ڪئي پر، سوال جو خاطر خواهه جواب،
بهرحال، ڪونه ڏئي سگهيا. سو، جڏهن موٽي هوٽل ۾
آياسون ۽ مانيءَ جي ميز تي ويٺاسون، ته سينٽرل
ايشيا جي ملڪن مان هڪ مندوب مون وٽ آيو ۽ کلي
چيائين ته ’اڄوڪو مناظرو سخت هو.‘ سندس مطلب اهو
هو، ته توهان ڏکيو سوال ڪيو.
مون کيس ٻڌايو ته، ”اسان وٽ پاڪستان ۾ به قومي توڙي ڏيهي زبانن
۾ جديد سائنسي اصطلاح مروج ڪونهن. پر، اسان
انگريزيءَ تي انحصار ڪريون ٿا ۽ اعليٰ سائنسي
تعليم لاءِ پنهنجا شاگرد مغربي ملڪن ڏي موڪلڻ تي
مجبور آهيون. ليڪن، مون اهو معلوم ڪرڻ ٿي گهريو ته
ايران ۾، اسلامي انقلاب کان پوءِ اهو مسئلو ڪيئن
حل ڪيو اٿن؟“
* * *
هڪ ڏينهن، صبح جو ڇهين بجي، ميزبانن اچي در کڙڪايو، ته ”جلدي
تيار ٿي هيٺ اچو، جو امام خمينيءَ جي مقبري وٽ
يارهين بجي جلسو رکيل آهي. ستين بجي مهمان ناشتي
مان فارغ ٿيندا، ته بسون جلسي گاهه ڏي روانيون
ٿينديون.“ ان ڳالهه جو اسان کي گذريل رات به اشارو
ڏئي ڇڏيو هئائون ته اها تقريب اسان جي دوري ۾ سڀ
کان اهم آهي.*
اسان تڙ تڪڙ ۾ ڪپڙا پائي، ڊائننگ هال ۾ وياسين ته چيائون ته:
’ناشتو ختم ٿي ويو‘. بهادر خان حجازي صاحب ۽ مون
کي ڊبل روٽيءَ جو هڪ ٽُڪر ۽ جُوس جو گلاس گلاس
* ٻڌڻ ۾ آيو ته خميني ڪانگريس ۾ دنيا مان سٺ مسلمان ملڪن جا
نمائندا آيا هئا.
ملي ويو. ان تي گذارو ڪيوسين ۽ سڌا بس ۾ اچي ويٺاسون. ٻيون بسون
اڳيئي تيار بيٺيون هيون. اڌ ڪلاڪ کان پوءِ، سڀ
گڏجي، جلسي گاهه ڏي روانيون ٿيون.
امام خمينيءَ جو مقبرو شهر کان چڱو پنڌ ٻاهر آهي. طرز تعمير
خالص ايراني انداز جو اٿس. گنبذ سونهري اٿس، سو
پري کان پيو چمڪي. جلسيگاهه جو مکيه هال يا
آڊيٽوريم اڃا ٺهي رهيو آهي. مٿس سيمنٽ جو پلاسٽر
چڙهيل آهي. اسان منجهس داخل ٿياسون، ته صبح جا نو
ٿيا هئا. اسان کي
VIP
ڪارڊ هٿ ۾ ڏنائون. پر، اندر هال ۾، ’مهمان خاص‘
(VIP)
يا ’عام سامعين‘ ۾ ڪوبه فرق ڪونه هو. اول هڪ طرف
ڪاٺوڙين بينچن تي وڃي وهاريائون. پر، اهي اُس ۾
رکيل هيون سو، اتان اٿاريائون ۽ هال جي وچ ۾ وٺي
ويا. چيائون ته غاليچي تي هيٺ ويهي رهيو. ’پاِئين‘
’پائين‘ چئي، اسان جو گائيڊ گم ٿي ويو. پائين
معنيٰ هيٺ. گائيڊ جو مطلب هو ته ’هيٺ ويهي رهو.‘
اسان کي سامهون بينچن جي هڪ قطار ڇانو ۾ نظر آئي. اوڏانهن
وياسين، پر والنٽيئرن روڪيو، ته اهي ’خاص مهمانن‘
(VIP)
لاءِ آهن. اسان کين سندن ڏنل
VIP
ڪارڊ ڏيکاريا، ته اسان ’خاص مهمان‘
(VIP)
آهيون. پر، پوءِ به وڃڻ نه
ڏنائون. اسان مان هڪ معمر شخص، جو دل جو مريض هو،
والنٽيئرن کان پاڻ ڇڏائي، انهن بينچن ڏانهن وڌيو.
پر، مون کي والنٽيئرن روڪيو. معمر شخص موٽي اچي
کين چيو ته، ”هي منهنجو ننڍو ڀاءُ آهي. مون کي دوا
ڏيندو آهي.“ ائين چئي، منهنجيءَ ٻانهن ۾ هٿ
وڌائين، ڪجهه هن همت ڪئي ۽ ڪجهه مون ڪئي. ائين،
والنٽيئرن کان پاڻ ڇڏائي، ٻئي ڄڻا وڃي ڇانوَ ۾
رکيل ڪاٺوڙين بينچن تي ويٺاسون. اسان کي ڏسي، ٻيا
ساٿي به والنٽيئرن کان پاڻ ڇڏائي، اچي اسان سان گڏ
بينچن تي ويٺا. معمر شخصَ، موقعي جي مناسبت سان،
هڪ فارسي شعر پڙهيو، جنهن جي هڪ مصرع اڃا ياد اٿم:
هرچه آيد برسرِ اولاد _ آدم ميگذرد
ماڻهن جو مجموعو رفتي رفتي وڌي رهيو هو. ڪي ماڻهو بيٺا هئا، ته
ڪي هيٺ ويٺا هئا. ڪي والنٽيئر هوا ۾ رومال لوڏي،
کين هوا جا جهلڪا هڻي رهيا هئا، ڇو ته ڳاهٽ جي
ڪري، ڏاڍي ٻوسٽ هئي. ڇت ۾ بجلي پکا ته ڪونه هئا،
ورندو وڏا وڏا بلب ٻري رهيا هئا. ڪي نوجوان، رکي
رکي نعرا هڻي رهيا هئا. پر، گوڙ ايڏو هو، جو اهي
سمجهه ۾ ڪونه ٿي آيا. البت، جيڪي نعرا وري وري ٿي
هنيائون، سي، سمجهه ۾ آيا، جن مان ڪي هي هئا:
”انقلاب ڪمزور ڪونه ٿيو آهي.“
”اسان بيت المقدس ۾ نماز پڙهنداسون.“
”اسرائيل مرده باد ۽ آمريڪا مرده باد.“
”انقلاب، انقلاب، انقلاب.“
هال ۾ اول ٻه ٽي مرثيا پڙهيائون. اهڙا مرثيا، عاشورن ۾ اسان وٽ
شيعا مرثيه گو شاعر مجلسن ۾ پڙهندا آهن. پوءِ ٻه
ٽي سياسي تقريرون ٿيون. آخر ۾، ”رهبر انقلاب“
تقرير ڪئي، جيڪا ڏاڍي اهم هئي. سندس لب لهجو به
صاف هو. پر، هال ۾ گوڙ ايڏو هو، جو جتي اسان ويٺا
هئاسون، اتان تقرير ٻڌڻ ناممڪن ڳالهه هئي. سندس
تقرير دوران، ڪي ماڻهو نعرا هڻي رهيا هئا ته ”اسان
ڪوفي ڪونه آهيون. پنهنجي رهبر ڪبير سان گڏ آهيون.“
جلسي گاهه ۾، هڪ محتاط اندازي موجب به پنجاهه هزار ماڻهو هئا.
جلسو ساڍين نائين بجي صبح جو شروع ٿيو هو ۽ ساڍي
يارهين بجي ختم ٿيو. ڀيڙ ۾، تڙ تڪڙ ڪري، ٻاهر
نڪرڻ، عقلمندي ڪانه هئي، ڇو ته اسان جي اکين
اڳيان، ”پائين“ (هيٺ ويٺلَ) ڪيترائي ماڻهو گرميءَ
۽ ٻوسٽ ڪري بيهوش ٿي ويا هئا، جن کي والنٽيئر
اسٽريچر تي کڻي پئي ويا. اسان شڪر ڪيو ته گائيڊ جي
مشوري تي عمل ڪونه ڪيوسون، نه ته اسان مان به ڪي
اسپتالن ۾ پهچي وڃن ها. اسان تيسين بينچن تي ويٺا
ئي رهياسون، جيسين رش جهڪي ٿي. پوءِ ٻاهر نڪتاسون،
پنهنجيءَ بس ۾ اچي چڙهياسون ۽ آرام سان هوٽل تي
پهتاسون.
* * *
تهران سهڻو شهر آهي. رستن تي ايڏي ته صفائي آهي، جو ماڻهو
ايرانين جي نفاست پسنديءَ جو قائل ٿيو وڃي. مجال
آهي، جو حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ وانگر رستن تي ڪن ڪچرو
نظر اچي. اوهان صبح جو گهران نڪرو منجهند جو نڪرو
يا رات جو نڪرو، رستا اوهان کي بلڪل صاف نظر
ايندا. رستن جي پاسن کان وڏا وڻ بيٺا آهن. تهران
جي پاسي ۾ جبل آهي، جنهن تان برف ڳرندي رهي ٿي.
برف جو پاڻي، جبل تان لهي، رستن جي پاسن کان نالين
۾ وهندو، وڻن کي سيراب ڪندو رهي ٿو. سو، اهي
سدائين سرسبز بيٺا آهن.
شهر جون جايون وڏيون ۽ سٺيون آهن. (ڪي پراڻيون به هونديون).
اڳينءَ حڪومت جي زماني ۾ يا ان کان به اڳي ٺهيون
هونديون. اها ئي ڳالهه رستن ۽ گهٽين جي باري ۾ به
چئي سگهجي ٿي. پر، هاڻوڪيءَ حڪومت ۽ شهر جي موجوده
انتظاميه کي صفائيءَ لاءِ تحسين ڏجي. شهر جي رونق
۾ ڪوبه فرق اچڻ ڪونه ڏنو اٿن. شهرين جي صحت جو وڏو
دارومدار گهرن ۽ شهرن جي صفائيءَ تي ٿئي ٿو.
اسان شام جو ٽئڪسي ڪري، شهر گهمڻ نڪتاسون. ميدان فردوسيءَ وٽ
اچي لٿاسون. اتي پئسن مٽائڻ وارا بيٺا هئا، جي
پوليس کان نالي ماتر موشو ڪري، پاسي واري گهٽيءَ ۾
وٺي ويا. هڪڙي ڄڻي سان سودو طئي ٿيو، جنهن
پنهنجيءَ ٽنگ تان پينٽ کي گوڏي تائين مٿي ڪيو ۽
جوراب کي پنيءَ تان ٽڻيءَ تائين هيٺ ڪري، اتي
لڪايلَ ايراني نوٽن جون ٿهيون ڪڍي، اسان جي اڳيان
رکيون. حجازي صاحب کانئس هڪ هزار پاڪستاني رپين جا
ايراني نوٽ ورتا، جيڪي اسان ٽنهي ڄڻن پاڻ ۾ ورهائي
کنيا. کيسي ۾ پئسو ٿيو، ته خرچڻ جو شوق جاڳيو. پڇا
ڳاڇا ڪري، ڀرسان هڪ زيرزمين ڪيفي ۾ چاءِ پيئڻ
وياسين، جيڪا تهخاني ۾ هئي، ڏاڍي ٿڌي هئي. دروازي
تي لکيل هو ته ”ايران جي ثقافتي روايتن کي قائم
رکو.“*
ڪيفي ۾، ڀتين جي چئني پاسن کان ميزون ۽
* ايراني ڪيفي ۾، اهي شعر ڏسي، مون کي ياد آيو ته ڪراچيءَ ۾ نيو
ٽائون ۾ به هڪ ڪيفي هوندي هئي. جنهن ۾ مان ۽ تنوير
چاءِ پيڻ ويندا هئاسين. ان جي چئن ڀتين تي چار
فريم ٽنگيل هوندا هئا، جن مان هڪ فريم ۾ علامه
اقبال جو خوديءَ وارو شعر لکيل هوندو هو، ٻئي ۾
لکيل هوندو هو ته: ”قائد اعظم زندهه باد“ ٽئين ۾
لکيل هوندو هوته: ”آئس ڪريم تيار آهي.“ ۽ چوٿين ۾
لکيل هوندو هو ته: ”ڪرسين تي پير رکي نه ويهو.“
ڪرسيون رکيون هيون، جن تي زالون ۽ مردَ ويٺل هئا. ڀتين تي
سنگمرمر جون سهڻيون تختيون لڳل هيون، جن تي حافظ
شيرازيءَ جا شعرَ خوش خطيءَ ۾ اڪريل هئا. اسان جي
ميز تي بيرو ازخود ميوي جون پليٽون رکي ويو، جن ۾
چيري ۽ کيرو رکيل هو. ايران ۾ چاءِ بنا کير جي پين
ٿا، جنهن کي اسا وٽ سليماني ڪوٺيندا آهن. اسان به
اها پيتي. ٺيڪ هئي. البت، هڪ ڳالهه اسان کي حيرت ۾
وڌو، سا هيءَ ته هال جي وچ ۾ هڪ حوض ٺهيل هو، جنهن
۾ پاڻيءَ جي ڦوهاري بدران حقا هئا. اهڙن حقن کي
بلغاري ڪوٺيندا آهن. انهن جو نَڙُ ڊگهو ۽ رٻڙ
وانگر نرم هوندو آهي.
هڪڙو بيرو آيو ۽ اتان حقو کڻي ويو. ڪجهه دير کان پوءِ ان کي
ٻاهران مچائي اندر کڻي آيو ۽ هڪڙيءَ ميز وٽ کڻي
ويو، جتي هڪ نوجوان جوڙو ويٺل هو. نوجوان ته اها
ئي چاءِ پيئندو رهيو، پر ساڻس گڏ جيڪا خاتون هئي،
سا حقو ڇڪڻ لڳي. سندس اکيون ڏاڍيون سهڻيون هيون،
جن کي ڏسي، منهنجي هڪ ساٿيءَ مون کي ڪن ۾ سرٻاٽ
ڪيو، ته مير تقي ”مير“ به ڪي اهڙيون ئي خماريل
اکڙيون ڏسي چيو هوندو:
”مير“ ان نيم باز آنکهون مين
ساري مستي شراب کي سي هي
جڏهن چاءِ خاني مان ٻاهر نڪتاسين، ته بهادر خان مون کان پڇيو
ته، ”يار، سڀ ايراني عورتون ايڏيون خوبصورت ڇو
آهن؟“ مون کيس جواب ڏنو ته، ”ايرانين ۾ ترڪن جو رت
شامل آهي. ترڪ ۽ ايراني نسل جا ماڻهو عام طرح
خوبصورت ٿين ٿا. سندن وصف: پيشاني، ڀِرون، اکيون،
نَڪُ، چَپَ ۽ ڳل ڏاڍا سهڻا ٿين ٿا.
آسمان ۾ سفيد، ڀورا ۽ ڪارا ڪڪر هئا. سو، اهي ڳالهيون ٻوليون
ڪندا، پيادل سير ڪندا، اچي پنهنجي هوٽل ۾ پهتاسون.
اچڻ سان ٻڌوسون، ته مشهد مقدس جو پروگرام ٺهي رهيو
آهي. ڏاڍي خوشي ٿي. ان جو خاص سبب به هو.
گذريل ڀيري يعني ويهه ورهيه اڳ جڏهن مان ايران ويو هئس، ته اسان
کي تهران مان اصفهان ۽ اتان شيراز وٺي ويا هئا.
مشهد به پروگرام ۾ شامل هو. پر، اسان جي گائيڊ،
آغا ڪيوان شڪوهيءَ جي بي پرواهيءَ ڪري ڪونه بيٺو
هو. شڪوهي، خانه فرهنگ حيدرآباد جو ڊائريڪٽر هو ۽
مون سان ڏاڍو گهرو گهاٽو هو. روز ملندو هو. مان
وٽس ۽ هو مون وٽ گهر جي ڀاتيءَ وانگر پنهنجي
گهرواريءَ سميت ماني کائيندو هو. گڏ ڪراچي ويندا
هئاسين. پر، هڪ ڏينهن، سندس گهرواريءَ، خانم شيلا،
مون کي چتاءُ ڏنو ته ”جي تون ايران وئين، ته اتي
شڪوهيءَ کي اهڙو مٺو ماڻهوڪونه ڏسندين.“
ليڪن، ايراني دوستن بابت اهڙيون ڳالهيون عام ٻڌبيون هيون.
ايرانين جو سنڌ ۾ وڏي ۾ وڏو عالم دوست، خود پير
حسام الدين راشدي به ڪڏهن ڪڏهن پوشيده لفظن ۾
اهڙيون ڳالهيون ڪندو هو. ڪراچيءَ ۾ سندس هڪ گهاٽو
دوست هو. نالو هئس: آغا ماهيار نوابي. کيس ڀٽ شاهه
۾ سالياني ميلي واري ادبي ڪانفرنس ۾ صدارت لاءِ
وٺي آيو. پير صاحب جي ڪري، اسان سڀني سندس ڏاڍي
خدمت ڪئي. سائين ميران محمد شاهه ته سندس مان ۾
پرتڪلف ڊنر ڏني، جنهن ۾ اسان سڀ شريڪ ٿياسون. مان
۽ نواب صاحب جڏهن ايران وياسين، تڏهن اوچتو اسان
کي شيراز ۾ نظر اچي ويو. ڏاڍا خوش ٿياسين. وڏيءَ
سڪ سان ساڻس وڃي ملياسين. پر، اهڙو نمونو اختيار
ڪيائين، جو ڄڻ ته اسان کي سڃاڻي ئي ڪونه ٿو.
ايران ۾ شڪوهيءَ بابت سندس اهليه جو قول، بهرنوع، حرف بحرف صحيح
ثابت ٿيو. اسان جو مشهد جو پروگرام خراب ٿيو. جڏهن
شيريٽن هوٽل ۾ اها ڳالهه ڪنهن دوست سان ڪئيسون، ته
چيائين ته: ”انهيءَ ڀيري ته شڪوهيءَ اوهان جو مشهد
جو پروگرام خراب ڪيو هو. پر، رڳو اهو هڪڙو شڪوهي
ته ڪونه هوندو. ٻيا به هوندا. سو، هن ڀيري به پڇي
پڪ ڪريو، ته ڪيڏيءَ مهل وڃڻو آهي ۽ ڪيئن وڃڻو آهي؟
هتان جي ”بدانتظامي“ ته سڀني کي ساري پئي آهي.“
ايراني ميزبان مهمانن کي رڳو دوري جو پروگرام تحريري طور ڏين ها
يا زباني طور ٻڌائين ها، ته به اسان جا گهڻا
مونجهارا ختم ٿي وڃن ها. پر، هت ته سڄي ڳالهه
”هوائي“ هئي. ’براتِ عاشقان، برشاخِ آهو.‘
حيدرآباد سنڌ جي خانه فرهنگ ۾ مظفر نالي هڪ نوجوان آهي: نهايت
نيڪ ۽ سعادتمند آهي. روڊ رستي ڪي پاڪستاني مهمان
تهران وٺي آيو هو. رات جو اسان سان هوٽل ۾ ملڻ آيو
۽ تصديق ڪيائين ته صبح سمورن پاڪستاني مهمانن کي
مشهد وٺي ويندا. اهو اطمينان ڪري، اسان سويرو سمهي
پياسين.
صبح جو سوير هوٽل مان تيار ٿي، ايئرپورٽ تي آياسين. هوائي جهاز
ڇهين بجي اڏاڻو. صبح جي هير اڃا لڳي رهي هئي، ته
مشهد پهچي ويو. بسون تيار بيٺيون هيون. منجهن سوار
ٿي، امام علي رضا جي روضي ڏانهن روانا ٿياسين.
* * *
تهران جي پنهنجي سونهن آهي. پر، مشهد وڌيڪ سهڻو شهر آهي. چؤطرف
ساوڪ، وڻڪار ۽ وڻندڙ نظارا اٿس. امام علي رضا جو
روضو پري کان پڌرو آهي. اسان وٽ اڪثر روضن تي ٽي
ڳالهيون ڪثرت سان نظر اينديون آهن. فَقيرَ، ڪُتا ۽
مَکيون. پر، سڄيءَ مشهد ۾ اسان کي گداگر ۽ ڪتو نظر
ڪونه آيو. نه وري کاڌي پيتي جي شين تي مکين جا
ڀونڀاٽَ ٻڌڻ ۾ آيا.
امام علي رضا جو روضو ته خيرُ بهشت جون سِڪون لاهي ٿو. وڏي
پرشڪوه عمارت اٿس، جنهن جي اڳيان شاهي صحن آهي.
اهو پار ڪري، اندر داخل ٿيندا، ته ننگو فرش ڪونه
ايندو. پير رڳو قالينن تي پوندا. امام علي رضا جي
مزار مبارڪ وچ روضي ۾ آهي. مزار کي چوڌاري چانديءَ
جو ڪٽهڙو آهي، ۽ مٿان ڇت تي، سونهري گنبذ آهي.
روضي جي چوڌاري مسجد شريف آهي. اڪثر ماڻهو نمازن ۽
ورد وظائف ۾ مشغول هئا. اسان مسجد مان لنگهي، مزار
ڏي وياسين. پر، ماڻهن جي ڪا پيہ هئي! جنهن شخص
لاهور ۾ داتا گنج بخش جي سالياني عرس تي ماڻهن جو
ڳاهٽ ڏٺو هوندو، اهو انهيءَ پيہ جو ”ڪجهه“ اندازو
لڳائي سگهندو. اهڙيءَ حالت ۾ ماڻهو مزار تائين
پهچي ته ڪيئن پهچي؟ سو، جيئن ته ڪو ماڻهو پاڻ کي
کڻي درياءَ ۾داخل ڪري، تيئن مون به پاڻ کي ماڻهن
جي موجن ۾ ڇڏيو. ڪانه ڪا موج مزار تائين گِهلي
وئي. بهادر خان ۽ حجازي صاحب به ائين ئي مزار
تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿيا. اسان ٽئي، فاتح پڙهي،
واپس مسجد ۾ اچي ويٺاسين. ڳالهيون ٻوليون ڪندا
رهياسين. ڪلاڪ کن روضي ۾ هئاسين، اٽڪل ڏهين بجي
ٻاهر نڪتاسين.
دنيا ۾ قرآن ڪريم جي ناياب نسخن جو سڀ کان مشهور ڪتبخانو مشهد
مقدس ۾ آهي. منجهس هڪ نسخو اهو به آهي، جيڪو سنڌ
جي ميرن تحفي طور موڪليو هو. پر، ميزبانن جي بي
پرواهيءَ ڪري، اسان انهيءَ عظيم ڪتبخاني جي زيارت
کان محروم رهياسون.
* * *
روضي جي آمهون سامهون دڪانن تي هليا وياسون، جتان عام ماڻهو
پنهنجن گهر جي ڀاتين لاءِ تسبيحون ۽ زالن لاءِ مٿي
جا ’حجاب‘ خريد ڪندا آهن. حجاب مٿي ڍڪڻ لاءِ هڪ
قسم جو ريشمي رومال آهي. ترڪيءَ ۾ مصطفيٰ ڪمال ۽
ايران ۾ رضا شاهه ڪبير، پنهنجي پنهنجي دور حڪومت
۾، يورپي لباس رائج ڪيو، جيڪو ٻنهي ملڪن ۾ مٿئين
طبقي ۾ عام ٿيو. پوءِ ته ٻنهي ملڪن جا مرد به
مغربي ماڻهن وانگر سوٽ ڪوٽ ۽ سندن عورتون اسڪرٽ
پائڻ لڳيون. اگهاڙي مٿي جو ته عام رواج ٿي ويو.
دُپَٽو يا رَئو، فقط هندستان پاڪستان تائين محدود
رهيو. البت، جيڪي زالون مذهبي خيال جون هيون، سي،
هڪ خاص قسم جي ريشمي رومال سان مٿو ڍڪينديون هيون.
اهو رومال ئي ’حجاب‘ سڏجي ٿو. هاڻي، ايران ۾
اسلامي انقلاب کان پوءِ، سمورين عورتن کي مٿي تي
حجاب ٻڌل آهي. ليڪن، ترڪيءَ ۾ حڪومت جو اڃا به زور
آهي، ته عورتن کي حجاب جو ڪوبه ضرور ڪونهي مٿو
اگهاڙو ڪري هلن.
حجاب ۽ تسبيح جي خريداري ڪئيسون، ته بهادر خان ۽ حجازي صاحب چيو
ته ”هاڻي، هلو ته هلي ڪٿي چاءِ پيون“. هڪڙو ننڍڙو
قهوه خانو ڀرسان نظر آيو. منجهس چاءِ پي، بسن جي
اڏي ڏانهن موٽياسين. بسون يارهين بجي صبح جو مشهد
مان ايران جي قومي شاعر، فردوسيءَ جي ابدي
آرامگاهه ڏانهن روانيون ٿيون. سفر جابلو علائقي ۾
هو. منجهند مهل، روڊ جي پاسي سان ”گرانڊ“ نالي، هڪ
وڏيءَ هوٽل وٽ هلي بيٺيون. هٿ منهن ڌوتوسين، ته
چيائيون ته ”ماني هلي کائو“. ماني ڏاڍيءَ محبت سان
کارايائون. وري وري پڇندا رهيا ته ”ڪباب کپي؟ ڪو
مشروب کپي؟“ ماني کائي، ڪلاڪ ٻه هوٽل جي لائونج ۾
”آرام ڪرسين“ تي ٿڪ ڀڳوسون.
هوٽل جي اندر توڙي ٻاهر، ڏاڍو وڻندڙ نظارو هو. سو، مون به ٻين
مهمانن وانگر ڪئميرا سان فوٽا پئي ڪڍيا. ايتري ۾
نوجوان آيا ۽ چيائون ته اوهان اها ”دوربين“
پاڪستان ۾ ورتي آهي؟
مون کين چيو ته ”منهنجو پٽ چين مان وٺي آيو آهي. اصل جپان جي
ٺهيل آهي.“
چيائون ته، ”اسان سان مٽايو.“
مون کين چيو ته ”هيءَ ڪئميرا منهنجي پٽ جي آهي. مان مٽائيندس،
ته دل ۾ ڪندو.“
چيائون ته ”ڪراچي سٺو شهر آهي؟ وڏو شهر آهي؟ منجهس دوربين جهڙا
ٻيا سامان به سستا ملن ٿا؟“
مون سندن گفتگوءَ ۾ احساس محروميءَ جي جهلڪ ڏٺي. سو، کين چيم ته
”ترسو ته، مان پنهنجا ساٿي وٺي اچان، ته توهان سان
ڪچهري ڪريون.“
مان بهادر خان ۽ حجازي صاحب کي ساڻ وٺي، ايراني نوجوانن وٽ ويس.
هو پاسي ۾ ڇٻر تي هلي ويٺا. ڪابه ڳالهه ٻولهه شروع
ڪن، تنهن کان اڳ ئي سندن عمر جو هڪ نوجوان، جنهن
کي ننڍڙي ڪارڙي ڏاڙهي هئي، آيو ۽ ايترو پرڀرو اچي
ويٺو، جو اسان جي ڳالهه ٻولهه ٻڌي سگهي. انهيءَ جي
اچڻ کان پوءِ ايراني نوجوانن اسان کان ڪابه ڳالهه
ڪانه پڇي. بلڪل چپ ٿي ويا. اسان کي مٿن ڏاڍو ترس
آيو. سندن اکين ۾ اڃ هئي، سو مون کين چيو ته ”اسان
کي اڃ لڳي آهي.“
اهو ٻڌي، هو ڊوڙندا ويا ۽ ٿڌي پاڻيءَ جا گلاس ڀري آيا. اسان
پاڻي پي، سندن شڪريو ادا ڪيو، ۽ هوٽل ۾ موٽي
آياسين.
چئين بجي شام جو بسن ۾ سوار ٿياسين ۽ هڪڙي شهرڙي ۾ اچي داخل
ٿياسون. ميزبانن ان جو نالو ڪونه ٻڌايو ۽ اسان به
سندن مزاج تي هري ويا هئاسون. رڳو، ايترو چيائون
ته ”اڌ ڪلاڪ کن ۾ خريداري ڪري وٺو.“ بازار ننڍي پر
عمدي هئي. منجهس هونئن ته گهڻيون ئي وڻندڙ شيون
رکيون هيون، پر ٽي خاص هيون: هڪ زعفران، ٻيو عطر
گلاب ۽ ٽيون ايراني هٿ جي هنر جا نمونا. مون هٿ جي
هنرن واري دڪان تان ڪي ’شو _ پيس‘ خريد ڪيا، جن تي
حافظ، سعديءَ ۽ خيام جا شعر نهايت خوش خطيءَ ۾
لکيل هئا. پري کان اوچتو هڪڙي ٻڍڙي فقيرياڻي نظر
آئي. بهادر خان فوراً کيس سڏ ڪيو. پر، اسان کيس
خيرات ڏيون ئي ڏيون، تنهن کان اڳ اسان جون بسون
هلڻ شروع ٿيون. ۽ ستين بجي ڌاران، طوس جي
پسگردائيءَ ۾، فردوسيءَ جي ابدي آرامگاه تي اچي
پهتيون.
* * *
مون ويهه ورهيه اڳ حافظ ۽ سعديءَ جي ابدي آرامگاهن تي حاضري ڏني
هئي. پر فردوسيءَ جي مزار تي وڃڻ جو موقعو ڪونه
مليو هو. سعديءَ جي ابدي آرامگاهه جديد نموني ۾
ٺاهي اٿن، جنهن جو طرز تعمير ڏاڍو اوپرو ۽ اجنبي
ٿو لڳي. ماڻهوءَ کي مزو نٿو اچي. پر، حافظ جي ابدي
آرامگاهه مشرقي روايت موجب ٺهيل آهي. فردوسيءَ جي
ابدي آرامگاهه وري حافظ ۽ سعديءَ کان جدا نموني تي
آهي. سنگمرمر مان ٺهيل آهي. قبر جي مٿان هاڻي رحل
تي قرآن شريف ۽ هڪ گلدستو رکيل آهي. انقلاب کان اڳ
مٿس ڇا هو، سو معلوم ڪونهي. عمارت جي چئن ئي پاسن
کان ڀتين تي شاهنامي جي شعرن ۾ بيان ٿيل منظر، سنگ
مر مر جي تختين تي اڪريل آهن. ڏاڍا سهڻا آهن. انهن
کي ڏسي مون کي خيال آيو، ته سنڌ ۾ ڪنهن به شاعر جو
روضو سندس شعرن سان سينگاريل ڪونهي.
ڇت جي مٿان سنگ مرمر جو وڏو ٿَلهو يا چبُوترو آهي، جيڪو چڱو
اوچو آهي. انهيءَ تي به فردوسيءَ جا شعر اڪريل
آهن. مون ڀانيو ته مٿس فردوسيءَ جو خوبصورت مجسمو
رکيل هو، جيڪو اسلامي انقلاب کان پوءِ اتان پٽيو
اٿن. پر، ان کي بت پرستيءَ جي بهاني ڀڃي ڀورا ڀورا
ڪرڻ بدران، ڪنهن ڏاهي جي سمجهائڻ تي، کاٻي طرف،
تلاءَ جي ڪناري تي نصب ڪري ڇڏيو اٿن. ليڪن،
ڪراچيءَ مان شايع ٿيندڙ انگريزي ماهنامي ”دي
هيرالڊ“
(The Herald)
جي جنوري 99ع واري پرچي ۾، ضيغم خان لکيو آهي ته
’سنه 1977ع ۾، اسلامي انقلاب کان پوءِ جڏهن
انقلابي جوان، فردوسيءَ جي روضي تي هلان ڪري ويا،
تڏهن سندس قومي شهرت ۽ عظمت کي خيال ۾ رکي، ڪابه
ڀڃ ڊاهه ڪانه ڪيائون: فقط شاهه ايران جي نالي جي
تختي پٽي اڇلائي ڇڏيائون.“ ضيغم خان ائين به لکيو
آهي ته ”تلاءَ جي ڪناري تي لڳل فردوسيءَ جي مجسمي
کي به هٿ ڪونه لاتائون.“ گويا، ضغيم خان جي خيال
موجب، اهو مجسمو اڳي به اتي ئي لڳل هو.
ممڪن آهي ته ائين ئي هجي. بهرحال، فردوسيءَ جو مجسمو ڏسي، مون
کي ياد آيو ته اسان جي ملڪ ۾ هاڻي مجسما نظر ڪونه
ٿا اچن، پر پاڪستان ٺهڻ کان اڳ، ڪراچيءَ جي فريئر
هال گارڊن ۾ راڻي وڪٽوريا جو هڪ خوبصورت مجسمو
هوندو هو. ڪاٿي ٺهيو هو؟ ۽ فريئر هال گارڊن ۾ ڪڏهن
۽ ڇو لڳو هو، تنهن جي ته خبر ڪانهي. پر، پاڪستان
ٺهڻ کان پوءِ به ڪي سال اتي لڳل هو. وڪٽوريا جو
مجسمو بت پرستيءَ لاءِ ڪونه هو، ڇو ته ڪوبه هندو،
مسلمان، يا ڪرستان، ان جي اڳيان مٿو ڪونه ٽيڪيندو
هو.* راڻي وڪٽوريا انگريز حڪمرانن ۾ گهڻي مشهور
هئي. سندس
* تازو، مان ڪنهن سبب سان سيوهڻ وٽان لنگهيس. قلندر شهباز جي
روضي مبارڪ تي حاضري ڏنم ۽ فاتحه پڙهيم. هڪ زيارتي
آيو ۽ پيرانديءَ واري پاسي کان، دروازي جي چانئٺ
تي پيشاني رکي، باقاعدي مزار کي سجدو ڪيائين. اهڙا
منظر ٻين به ڏٺا هوندا. پر، ڪنهن به اعتراض ڪونه
ڪيو آهي، ته هي غير اسلامي ڳالهيون بند ٿيڻ گهرجن.
مجسمو ڏسي تاريخ جو اهو دور ياد پوندو هو، جڏهن انگريز اسان جي
ملڪ تي حڪومت ڪندا هئا. انگريزن جي حڪومت لاءِ
مشهور هوندو هو، ته سندن سلطنت ايڏي ته وڏي آهي،
جو ان تان سج لهندو ئي ڪونهي. هڪڙي ملڪ تان لٿو،
ته ٻئي تي اڀرندو. سو راڻي وڪٽوريا جي مجسمي هڪ هٿ
۾ دنيا جو گولو هوندو هو، ته ’سڄي دنيا اسان جي هٿ
وس آهي.‘ پر، قدرت جو قانون ته ’هر ڪمال کي زوال
آهي،‘ جڏهن عمل ۾ آيو، ته انگريز سلطنت جا اڪثر
ملڪ، هڪ هڪ ٿي، آزاد ٿيندا ويا. جڏهن انگريز اسان
جو ملڪ به ڇڏي ويا، تڏهن ڪي جوڌا جوان اٿيا ۽ ’حب
الوطنيءَ جي جوش ۽ جذبي هيٺ‘ راڻي وڪٽوريا جي
مجسمي کي پاڙان پٽي، هميشه لاءِ گم ڪري ڇڏيائون.
اسلام جو جهنڊو بلند ڪيائون.
سنڌ چيف ڪورٽ جي اڳيان وري مهاتما گانڌيءَ جو مجسمو هوندو هو.
جو انگريزن جي خلاف هلايل سندس هلچل جي اعتراف طور
لڳل هو. پر، جيئن ته اهو ڪاري ڪافر جو بت هو، سو،
ڀلا، جوانن جي نگاهن کان ڪيئن ٿو بچي؟ راتو رات،
لوهي زنجيرون ٻڌي، ٽرڪن سان ڇڪي، ٽوڙي ڇڏيائونس.
چين ۾ سن يات سين جو عاليشان مقبرو آهي. ان ۾ سنگ مرمر مان ٺهيل
سندس مجسمو آهي. جڏهن چيئرمين مائوءَ ’ثقافتي
انقلاب‘ شروع ڪيو، ته اتان جا جوڌا جوان به مقبري
۾ گهڙيا ۽ ’ڪميونزم جي جوش ۽جذبي هيٺ‘ مجسمي کي
ڀڃڻ جي ڪوشش ڪيائون. پر، ملڪ جي وزير اعظم، چو.
اين. لاءِ کي خبر پئجي وئي، جنهن ملٽري موڪلي، کين
ڀڄائي ڪڍيو. ائين، سن يات سين جو مجسمو بچي ويو.
ايران ۾ اسلامي انقلاب کان پوءِ فردوسيءَ جو مجسمو به ڪنهن طرح
بچي ويو. سڄو پٿر جو آهي ۽ انهيءَ انداز سان ٺهيل
آهي، ته فردوسيءَ کي ڊگهو ڪوٽ پيل آهي. مٿي تي
دستار اٿس، جنهن جو نمونو سنڌ ۾ دستار ٻڌڻ وارو
آهي.** سندس منهن مهانڊو ۽ لباس ڏسي، ائين ٿو لڳي
ته ڪو سنڌي چڱو مڙس، وڏيءَ ڪرفر سان ويٺو آهي.
چهري ۾ ڏاڍو نيمڪ اٿس. فردوسيءَ پنهنجي ديس جو نمڪ
کاڌو، ته ان جو حق به ادا ڪيائين. ”شاهنامو“ ايران
جي شاهن ۽ شهنشاهن جو دلپذير داستان ته آهي پر، ان
کان به وڌيڪ منجهس ايران جي مٽيءَ سان محبت جي
خوشبو آهي. |