سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ جولاءِ-ڊسمبر 1998ع

 

صفحو :6

4. ٻولين ۾ لفظي ترتيب جي گهرج:

فاضل مصنف پنهنجي زير بحث مضمون ۾ ٻوليءَ کي هڪ اهڙو قدرتي نظام ڪري ڏيکاريو آهي، جنهن جي ڪنهن به قانون جي ڀڃڪڙي ٿي ته ”ڪهرام مچي ويندو“ ۽ ڊاڪٽر صاحب جن جي لکت مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته ٻوليءَ جي انهيءَ نظام جا اهي قانون جن جي استعمال سان ٻولي ٺهي ٿي، اهي لسانيات جي ماهرن کي معلوم آهن، مثلاً ’فاعل _ فعل‘ يا ’فاعل _ مفعول‘ جي سٽاءُ جا اهي سَت قانون جن ۾ فاعل هميشه جملي جي منڍ ۾ ايندو. فاعل جو وڌاءُ جي هوندو ته اهوان کان اڳيان ايندو، فعل هميشه جملي جي پڇاڙيءَ ۾ ايندو، وغيره وغيره. (39) مصنف صاحب جن لکن ٿا:

”روزمره گفتار واري ٻوليءَ جو هر جملو انهن اصولن  ۽ قانونن جو پابند هوندو آهي.“ انهيءَ ڪري چون ٿا ته ”آهي ڪاتب جو قلم هي“ غلط آهي، ۽ ”هي ڪاتب جو قلم آهي،“ صحيح آهي. (40)

اڳتي چون ٿا ته انهن اصولن جي پابندي سٽاءَ جي چئن مقصدن (انتخاب، ترتيب، فعل جو لاڳاپو ۽ جهيلار) جي لاءِ ضروري آهي، ان ڪري ”اٿيو آهيان ننڊ مان“ جهڙن جملن کي لفظي ترتيب ۽ جهيلار جي اصولن تي پرکي غلط ثابت ڪيو ويو آهي. اسان مٿي ڏٺو ته جهيلار لفظي ترتيب جي پابند ناهي. هاڻي ڏسنداسين ته ٻولي ۾ لفظي ترتيب جي ڪهڙي ضرورت آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ تي اهڙي ضرورت جو ڪيتري قدر اطلاق ٿئي ٿو:

4.1 گرامري تصورات: (41)

ڪنهن به جملي ٺاهڻ سان ڪابه ٻولي ڪي نحوي (گرامري) تصورات ادا ڪري ٿي جن مان هڪڙن کي لازمي يا اڻٽر تصورات چئي سگهجي ٿو ۽ ٻين کي ثانوي. جيڪڏهن هڪ رڇ ۽ هڪ ماڻهوءَ جي ڳالهه ڪبي ۽ اهو ڏيکارڻو هوندو ته هڪڙي ٻئي کي ماريو ته اهو لازمي ٿيندو ته ڏيکارجي ته ڪهڙي مارڻ جو عمل ڪيو ۽ ڪهڙو ان عمل جو شڪار ٿيو. دنيا جون سڀئي ٻوليون اهو لاڳاپو“، جنهن کي فريز ”نام _ نهاد فاعل _ مفعول لاڳاپو“ (42) ٿو ڪوٺي، ادا ڪن ٿيون. ٻئي پاسي مارڻ جو عمل ڪهڙي وقت ٿيو (زمان ۽ ٽينس)، يڪدم (جهٽ ۾) ٿيو يا ان عمل ۾ وقت لڳو (آسپيڪٽ) (43). رڇ هڪڙو هو، ٻه هئا يا گهڻا هئا (عدد)، ۽ ڳالهه ڪندڙ اها ڳالهه پاڻ ٿيندي ڏٺي يا ڪنين سُڻي پيو ٻڌائي، اهي سڀئي ڳالهيون ثانوي نحوي (گرامري) تصورات ۾ اچي وڃن ٿيون. انهن مان ڪيتريون ڳالهيون ڪيترين ٻولين ۾ ٻڌائڻ ضروري آهن، ڪيترين ٻولين ۾ غير ضروري آهن.

هنن نحوي تصورن جي اظهار لاءِ مختلف ٻولين جي گرامرن وٽ ٽي مختلف وسيلا يا اوزار (devices) آهن. لفظي ترتيب (word order) وارو وسيلو انهن مان هڪڙو آهي، پر جيئن اڳتي واضح ٿيندو، ٻين سڀني وسيلن کان ڪمزور ۽ محدود وسيلو اهو آهي. انهيءَ مقصد کي ادا ڪرڻ لاءِ ٻيا جيڪي به وسيلا ٻولين وٽ آهن تن مان ’ڪارجي لفظ‘ (function words) هڪڙو آهي ۽ لفظي صورتون يا تصريفون (inflections) ٻيو آهي. هنن ٽن وسيلن جي ورهاست هيئن آهي:جيڪا ٻولي تصريفن جي ذريعي ’فاعل_مفعول‘جو لاڳاپو ادا ڪري سگهي ٿي، ان جي اختيار ۾ ڪارجي لفظن ۽ لفظي ترتيب جا وسيلا به آهن؛ (جيئن سنڌي)، جيڪا ٻولي تصريفن وسيلي ته اهو لاڳاپو ادا نٿي ڪري سگهي، پر ’ڪارجي لفظن‘ ذريعي اهو ڪم سرانجام ڏئي سگهي ٿي تنهن وٽ لفظي ترتيب جو اختيار به هوندو آهي (جيئن اردو). ۽ جيڪا ٻولي تصريفن ۽ ڪارجي لفظن ٻنهي ذريعن کان محروم آهي، سا انهيءَ لاڳاپي جي اظهار لاءِ سڄو دارومدار لفظي ترتيب تي ٿي رکي، (جيئن انگريزي). مثلاً سنڌي ٻولي جيڪا رِڇَ ۽ رِڇُ ۾ آخري حرڪتن وارين تصريفن سان فاعلي حالت ۾ اتهامي مفعول (accusative) حالت جو اظهار ڪري ٿي، ان لاءِ اهو به ممڪن آهي ته لفظي ترتيب ۽ ڪارجي لفظن جي مدد سان (يا انهن جي مدد کان سواءِ) ’فاعل _ مفعول‘ جي لاڳاپي جو اظهار ڪري. هن ٻوليءَ وٽ ڄڻ ٽئي هٿيار ٿيا، سخت پابندي رڳو تصريفن جي ڪرڻي اٿس، باقي ٻئي وسيلا سندس اختيار ۾ آهن، سندس غلام آهن، سندس حڪم جا بندا آهن:

1. رِڇَ ماڻهو ماريو. (فاعل رڇ، مفعول ماڻهو)

2. ماڻهوءَ رڇُ ماريو. (فاعل ماڻهو، مفعول رڇ)

3. رِڇُ ماڻهوءَ ماريو. (مفعول رڇ فاعل ماڻهو)

4. رِڇَ ماڻهوءَ کي ماريو. (فاعل رڇ، مفعول ماڻهو + ڪارجي لفظ ’کي‘)

5. ماڻهوءَ کي رِڇَ ماريو. (مفعول ماڻهو، ڪارجي لفظ کي، فاعل رڇ)

6. رِڇ کي ماڻهوءَ ماريو. (مفعول رڇ + کي، فاعل ماڻهو)

7. ماڻهوءَ رِڇَ کي ماريو. (فاعل ماڻهو، مفعول رڇ + کي).

سنڌي ٻوليءَ جي مقابلي ۾ وري اردو ٻولي آهي، جيڪا لازمي نحو يا گرامري تصورن جو اظهار تصريفن سان نٿي ڪري سگهي، ان ڪري ان جو دارومدار ڪارجي لفظن جي استعمال ۽ لفظي ترتيب تي آهي. پر جيئن ته درجي بنديءَ ۾ ڪارجي لفظن وارو وسيلو لفظي ترتيب واري وسيلي کان وڌيڪ سگهارو ۽ وسعت وارو آهي ان ڪري لفظي ترتيب جي هٿيار کي پنهنجو زيردست، پنهنجي حڪم جو بندو، پنهنجو غلام ڪري استعمال ڪري ٿو؛ اردوءَ ۾ ڪارجي لفظن جي موجود هئڻ ڪري لفظي ترتيب کي حاڪميت حاصل ڪانهي؛ فاعل _ مفعول کي جاءِ بدلائڻ جي آزادي آهي:

1.ريچهه ني آدمي کو مارا. (فاعل+ڪارجي لفظ ’ني‘ + مفعول + ڪارجي لفظ ’کو‘)

2. آدمي کو ريچهه ني مارا. (مفعول + کو، فاعل + ني)

3. ريچهه کو آدمي ني مارا (مفعول + ڪارجي لفظ ’کو‘ + فاعل + ڪارجي لفظ ”ني“)

4. آدمي ني ريچهه کو مارا. (فاعل + ني، مفعول + کو)

بهرحال اردو ٻوليءَ ۾ هيئن ڪونه چئي سگهبو جيئن سنڌي ۾ چئبو آهي: (غلط جملي لاءِ لسانياتي لکڻين ۾ ستاري جو نشان ڏبو آهي).

* 1. ريچهه آدمي مارا. (رِڇَ ماڻهو ماريو، رِڇُ ماڻهوءَ ماريو)

* 2. آدمي ريچهه مارا. (ماڻهوءَ رِڇُ ماريو يا ماڻهو رِڇَ ماريو)

هنن ٻنهي ٻولين جي مقابلي ۾ انگريزي ٻولي وري اهڙي آهي، جو منجهس اهو لاڳاپو نڪي ’فاعل _ مفعول‘ وارين تصريفن سان ادا ٿي سگهي ٿو، نڪي ’ڪارجي لفظن‘ سان، ان ڪري انگريزيءَ کي مڪمل طور لفظي ترتيب تي ڀاڙڻو ٿو پوي. انگريزيءَ ۾ عام طرح فاعل جملي جي شروع ۾ ايندو، ان کان پوءِ فعل ۽ ان کان پوءِ مفعول. (خاص حالتن ۾ انهيءَ ترتيب جي پابنديءَ کي ٽوڙي به سگهبو، جيئن جهيلار جي بحث ۾ واضح ڪيو ويو) هاڻ، انگريزيءَ ۾ رڇ ۽ ماڻهوءَ جي اها ڳالهه صرف هڪ طريقي سان ٿي سگهي ٿي. معروف فعل جيڪو اڳيان آيو سو ٿيو ماريندڙ جيڪو آخر ۾ آيو سو ٿيو مئل (جيڪو اڳي سو تڳي):

ماڻهوءَ رڇُ ماريو. 1. The man killed the bear.  

رِڇَ ماڻهو ماريو. 2. The bear killed the man.

هن زماني جي انگريزيءَ ۾ ڪا تصريف ڪانهي جيڪا ”بيئر“ ۽ ”مئن“ جي جاءِ مٽائڻ کان پوءِ به سندن اصلي ”فاعل _ مفعول“ وارو لاڳاپو قائم رکي؛ ڪو ”ڪارجي لفظ“ ڪونهي جو اهو ڪم سرانجام ڏئي. انگريزيءَ وٽ هڪڙو ئي وسيلو آهي، هڪڙو ئي هٿيار آهي، لفظي ترتيب جو. (ذهن ۾ اها ڳالهه رکجي ته هت Passive جي ڳالهه ڪانه پئي هلي). انهيءَ ڪري انگريزيءَ لاءِ لازمي آهي ته انهيءَ هڪڙي وسيلي جي چڱيءَ طرح پابندي ڪري. هاڻ، اسان ڏٺو ته: تصريف، ڪارجي لفظ ۽ لفظي ترتيب مان

1. سنڌي ۾ تصريف جو هٿيار آهي، جنهن جي ڪري کيس ڪارجي لفظن ۽ لفظي ترتيب تي اختيار آهي. جڏهن جيئن وڻيس تڏهن انهن کي تيئن استعمال ڪري؛ پر انهن کان سواءِ به ڪم هلائي سگهي ٿي.

2. اردوءَ ۾ تصريف ڪانهي. ڪارجي لفظن هئڻ ڪري کيس اختيار آهي ته لفظي ترتيب جي هٿيار کي جيئن وڻيس تيئن استعمال ڪري؛

3. انگريزيءَ وٽ رڳو لفظي ترتيب آهي، ان ڪري اها مجبور آهي ته ان جو چڱيءَ طرح پابنديءَ سان استعمال ڪري.

انهي ڳالهه جي اهميت کي سمجهڻ لاءِ ڪي مثال ٿا وٺون.

مثال ۾ تصريف پرڳڻي جو حاڪم آهي. ’ڪارجي لفظ‘ ضلعي جو حاڪم آهي، ۽ ’لفظي ترتيب‘ تعلقي تي اختيار رکي ٿي.

اڃان به ٻيو مثال وٺون ته تصريف بندوق آهي جيڪا گولي، تکي اوزار ۽ ڏنڊي ٽنهي لاءِ ڪم اچي ٿي؛ ’ڪارجي لفظ‘ ڪهاڙي آهي جا تکي اوزار ۽ ڏنڊي ٻنهي جو ڪم ڏئي ٿي، ۽ لفظي ترتيب ڏنڊي وانگيان آهي جيڪا رڳو ڏنڊي جو ڪم ڏيندي. اڃان به وڌيڪ مثال ڏجي ته تصريف سج وانگي آهي جنهن جي اڳيان چنڊ تارا بيٺا هجن ته به ڄڻ ته ڪونهن. ’ڪارجي لفظ‘ چنڊ وانگي آهي جنهن جي آڏو تارن جي روشني جهڙي آهي تهڙي ناهي. ’لفظي ترتيب‘ تارن وانگي آهي جيڪي اونداهيءَ رات ۾ واٽهڙوءَ کي واٽ ڏسڻ ۾ هڪڙو ڪردار ادا ڪن ٿا. هاڻي ڪير آهي جو پرڳڻي جي حاڪميت ڦٽي ڪري.

ڪير تعلقي جو حاڪم ٿيڻ پسند ڪندو؛ ڪير آهي جو سج کي هٿان ڏئي تارن جو سودو ڪندو؛ ڪير آهي جو جهيڙي وقت بندوق اڇلي سؤنٽو وٺڻ پسند ڪندو. اهو سودو ته سراسر ٽوٽي وارو چئبو جنهن ۾ لسانيات جو ماهر ڳالهائيندڙ کي صلاح ڏيندو هجي ته تصريفن وارو پنهنجي قيمتي وسيلو اڇلي، ڊينيئل جونز سان نينهن نڀائڻ خاطر، لفظي ترتيب جو وسيلو کڻي قابو جهلي.

هاڻي سنڌيءَ کي جيڪي حاصل آهي، سو اردوءَ کي ڪونهي (41). جيڪي اردوءَ کي حاصل آهي سو انگريزيءَ وٽ ڪونهي. هتي ياد رکڻ وارو هڪڙو نقطو اِهو آهي ته هنن ٽن وسيلن جي هڪ درجي بندي آهي ۽ انهن مان جيترو مٿئين درجي وارو وسيلو ڪنهن زبان کي حاصل آهي ته ’اها هيٺين درجن جي وسيلن کان بي نياز آهي، اُهي وسيلا سندس ’ڪمي‘ مددگار آهن، جن کي پنهنجي پسند تي استعمال ڪندي. اردوءَ ۾ ڏٺوسين ته فاعل مفعول جو لاڳاپو تصريفن سان ادا نٿو ٿئي ۽ انگريزيءَ ۾ ڏٺوسين ته اهو لاڳاپو نڪي تصريفن سان ادا ٿو ٿئي، نڪي ڪارجي لفظن سان. هن زماني جي انگريزيءَ ۾ ڏٺوسين ته رڳو هڪ طريقو ممڪن آهي ته جنهن سان ”فاعل _ فعل“ جو لاڳاپو ادا ڪري سگهجي. اهو آهي ”لفظي ترتيب“ وارو. اهو لاڳاپو ڏٺوسين ته لازمي گرامري تصور وارو لاڳاپو آهي. انگريزيءَ ۾ جيڪي ٻه چار تصريفون وڃي رهيون آهن، اهي ثانوي گرامري تصورن جي ادائگيءَ جي لاءِ استعمال ٿين ٿيون _ جيئن عدد جمع واري ايس (S)، ٽئي شخص واحس جي فعل تي ايس، ماضيءَ جي ed فعل جي پويان، يا پارٽيسيپل جي –ing فعل.

4.2 جڏهن پراڻي انگريزي تصريفن واري ٻولي هئي.

 انگريزي ٻوليءَ جي تاريخ تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ڪو اهڙو ڏينهن خدا جو هن ٻوليءَ جي تاريخ ۾ به هو جڏهن منجهس لازمي توڙي ثانوي (گرامري) تصورات تصريفن سان ادا ٿيندا هئا، جيئن اڄ سنڌي ۾ ٿين ٿا.

ڳالهايل ٻولي ۽ لکيل ٻوليءَ جي انهيءَ تاريخي ڇڪتاڻ ۾ انگريزي آهستي آهستي تصريفي ٻولين جي قطار مان پاڻ کي ڪڍندي وئي ۽ پاڻ کي لفظي ترتيب جي پابند ٻولين ۾ قطار ۾ آڻيندي وئي ۽ اڄ مڪمل طرح لازمي تصورن کي ادا ڪرڻ لاءِ تصريفن جي ڪارجي لفظن کي ڇڏي، لفظي ترتيب کي اختيار ڪري چڪي آهي ۽ باقي رهيل تصريفن کي رڳو ثانوي تصورن ادا ڪرڻ لاءِ رکيو ويٺي آهي.

پراڻي انگريءَ (Old English) ۾ تقريباً سڀئي گرامري لاڳاپا _ لازمي توڙي ثانوي تصريفن سان ادا ٿي سگهيا ٿي ۽ تقريباً سڀئي تصريفن سان ادا ٿيندا هئا. ڪي لاڳاپا ’ڪارجي لفظن‘ (‘to’ وغيره) سان ادا ٿيندا هئا پر ڪوبه لاڳاپو لفظي ترتيب تي ٻڌل ڪونه هو؛ جيئن فريز ٿو چوي:

In old English practically all the grammatical relationships to which the language gave attention could be expressed by inflections and nearly all were so expressed. Some were expressed by function words, but none, so far as I know, actually depended upon word order for expression.” (45)

 سنڌيءَ جي فاعل ۽ مفعول جو تعلق اڄ تصريفن (انفليڪشنز) سان ادا ٿئي ٿو:

1. ماڻهوءَ پاڻي لوڙهيو. (= ماڻهوءَ ٻنيءَ کي ڏيڻ لاءِ پاڻي ورايو)

2. ماڻهو پاڻيءَ لوڙهيو. (= ماڻهو پاڻيءَ ۾ ٻڏي مري لڙهي، وهي ويو)

پهرين جملي ۾ ماڻهوءَ جي /ءَ/ ۽ ٻئي جملي ۾ پاڻيءَ جي /ءَ/ فاعلي تصريف آهي. اهڙيءَ طرح پراڻي انگريزيءَ ۾ به فاعل، غير صريح مفعول ۽ اتهامي مفعول (نامينيٽوِ، ڊيٽوِ ۽ اَڪيوزٽو) لاءِ الڳ الڳ تصريفون هيون.

مفعول اتهامي يا صريح (accusative object) جملي ۾ ڪابه جاءِ والاري سگهيو ٿي. ان جملي ۾ لفظن جي معنيٰ تي ڪوبه اثر ڪونه ٿي ٿيو. نحوي لاڳاپو ساڳيو ئي رهيو، مفعول اتهامي ڀلي ڪهڙيءَ به جاءِ تي هجي. مٿي رڇ ۽ ماڻهوءَ جي جهيڙي واري ڳالهه جيڪا ڪئي سون، پراڻي انگريزيءَ ۾ ان کي هنن چئن نمونن سان لکي ۽ ڳالهائي سگهبو هو.

(انگريزيءَ جي اڄڪلهه واري حرف تعريف (ڊيفينٽ آرٽيڪل) دَ، دي (the) وانگي ان زماني ۾ مختلف حرف تعريف هوندا هئا جيڪي حالت (case) جي اعتبار سان تصرف ٿيل (inflected) هوندا هئا. مثلاً Se فاعلي حالت لاءِ ڪتب آڻبو هو ۽ thone  مفعولي اتهامي (ڊائريڪٽ آبجيڪٽ يا اَڪيوزِٽِوِ) حالت لاءِ ۽ ‘sloh’ جي معنيٰ ٿي ’هنيو يا ماريو‘، جنهن مان هاڻوڪي انگريزيءَ ۾ slew، slay ٿا چَوَن)

جملي جي لفظي ترتيب جي لحاظ کان هي چارئي صورتون ممڪن هيون: ()

1. ماڻهوءَ رِڇُ ڪٺو . 1. Se mann thone beran sloh       

  (The man the bear slew)     

2. رِڇُ ماڻهوءَ ڪُٺو.   2. Thone beran se mann sloh.     

The  (man the bear slew)

        3. رِڇُ ڪُٺو ماڻهوءَ.3. Thone beran sloh se mann.       

   (The bear slew the man.)    

        4. ڪُٺو ماڻهوءَ رڇ.  4. Sloh se mann thone beran.      

   (Slew the man the bear)     

        هنن چئن لفظي ترتيبن منجهان ڪا هڪڙي ترتيب به اهڙي ڪانهي جنهن کي اڄڪلهه واري انگريزيءَ جي لفظي ترتيب مطابق صحيح چئجي؛ حالانڪه پراڻيءَ انگريزيءَ ۾ اهي چارئي صحيح هيون ۽ هڪڙي ئي معنيٰ ٿي ڏنائون ته ”ماڻهوءَ رِڇُ ڪٺو.“

        2. چارلز فريز انهيءَ ساڳئي نقطي تي 1000ع ۾ ايلفرڪ (Aelfric) جي واعظي خطبن ۾ مفعول اتهاميءَ جي مثالن کي ڳڻي اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ڪيترا ڀيرا فعل کان اڳ ڪيترا ڀيرا پوءِ استعمال ٿيو آهي. کيس معلوم ٿيو ته مفعول اتهامي ان وقت ٽيونجاهه سيڪڙو فعل کان اڳ استعمال ٿيو هو ۽ ستيتاليهه سيڪڙو فعل کان پوءِ. مفعول + فعل جا ڪي مثال:

1. “and Crist to helle gewende and thone deofol gewylde.

    (and Chirst to hell went and the devil overcame(.      

(۽ حضرت عيسيٰ دوزخ ڏانهن ويو ۽ شيطان (کي) مَاتِ ڪيائين)

2. aelc mann…..the.....thone otherne hyrwde......

(each man…. Who… the other despised…)

(هر ماڻهو جنهن ٻئي (کي) ڌڪاريو)

3. and butan se AElimithiga God tha dagas gescyr

   (and but (unless) the Almighty God those days shorten).

        1000ع کان 1400ع ڌاري تائين مفعول اتهامي پنهنجي وصرت ڦيرائيندو گهيرائيندو رهيو هو. اهڙيءَ طرح نيٺ فعل کان پوءِ واري هن جي جاءِ پڪي ٿي بيٺي. جيئن لفظي ترتيب ٿانيڪي ٿيندي ٿي وئي تيئن تصريفون به منجهانئس نڪرنديون ٿي ويون.

ٽيبل: مفعول اتهامي جي جاءِ فعل کان اڳ ۽ پوءِ: (47)

 

1000ع

1200ع

1300ع

1400ع

1500ع

Direct Object

اتهامي مفعول فعل کان اڳ (مفعول + فعل)

52.5%

53.7%

40%

14.3%

1.87%

اتهامي مفعول فعل کان پوءِ (فعل + مفعول)

47.5%

46.3%

60%

85.7%

98.13%

 

هن بحث مان اهو ثابت ڪرڻ مقصود هو ته انگريزي ٻولي جنهن نموني سان اڄڪلهه نام نهاد ’فاعل _ فعل _ مفعول‘ جي لفظي ترتيب (word order) کي مضبوطيءَ سان چهٽي پئي آهي اهو ان ڪري جو هن پنهنجي اوسر دوران تصريفن کي ٻوليءَ  مان ڪڍي ڇڏيو ۽ ان جي جاءِ تي فاعل _ مفعول جي لاڳاپي کي ادا ڪرڻ لاءِ لفظي ترتيب تي سڄو بار وڌو. هاڻي هي پهريان ٻه جملا مختلف گرامري لاڳاپا ٿا رکن ۽ پويان ٻه انهيءَ لحاظ کان غلط آهن ته انگريزي ڳالهائيندڙ ماڻهو ائين ڪونه چوندو:

(ماڻهوءَ رڇO ماريو.) 1. The man killed the bear.          

(رِڇَ ماڻهو ماريو.)2. The bear killed the man.             

 3. * Killed the man the bear             

4. * The man the bear killed.           

انگريزيءَ جي برعڪس سنڌي اڄ به تصريفي ٻولي آهي ۽ ايتريقدر تصريفي آهي جو انگريزي 1000ع ۾ به اهڙي ڪانه هئي. سنڌيءَ ۾ لازمي توڙي ثانوي نحوي (گرامري) لاڳاپن ادا ڪرڻ واريون تصريفون فعل ۾ وجهي سڄو جملو هڪ لفظ ۾ ادا ڪري سگهجي ٿو. اها ڳالهه انگريزيءَ ۾ ڪڏهن به ڪانه هئي پر عربيءَ کان سواءِ دنيا جي ڪنهن ورلي ٻوليءَ ۾ هوندي. هي انگريزيءَ جا جملا ڏسو، انهن جو ترجمو ’فاعل _ مفعول‘ واريءَ ڪتابي ٻوليءَ ۾ به ڏسو ۽ وري ڳالهايل سنڌيءَ ۾ به ڏسو:

ڳالهايل سنڌي

ڪتابي سنڌي جملا

انگريزيءَ ۾ ترجمو

1. پٽيائينمِ

2. لکيومانس

3. مارينديئن

1. هن مون کي پٽيو.

2. مون هن کي لکيو.

تون هنن کي مارينديئن.

1. He cursed me.

2. I wrote him.

3. You (singular female) will kill (beat) them.

        انهيءَ ۾ ڪهڙي عبرت جي ڳالهه آهي ته تصريفون سنڌيءَ جي فعل کي لڳن ٿيون ۽ فعل جي اصلي صورت انهيءَ ننڍڙي جملي جي اڳياڙيءَ ۾ آهي، انهيءَ ڪري جو معنيٰ جو مرڪز هميشه فعل ئي رهيو آهي ۽ انهيءَ ڪري verb (ورب) جي معنيٰ ئي آهي ’اهولفظ‘ (The word). انهيءَ ڪري جيڪڏهن اسان جا ڪهاڻيڪار فعل کان جملي کي شروع ٿا ڪن ته ڪا اربع خطا ڪانه ٿي. اها بلڪل فطري ٻولي آهي جيڪا هو استعمال ڪن ٿا جو فعل ۾ خود فاعل موجود آهي:

اٿيو آهيان. اٿي آهيان، اٿيا آهيون، اٿيو آهي، اٿندو، اٿنداسون؛ جي معنيٰ ٿي آءُ اٿيو آهيان، آءُ اٿي آهيان، اسين اٿيا آهيون، هو اٿيو آهي، هو اٿندو، اسين اٿنداسين.

4.3 سنڌي ٻوليءَ کي لفظي ترتيب جي پابندي جو لاچار ڪونهي.

جنهن لاچار جي ڪري انگريزي ۽ جهڙس ٻين ٻولين کي هن قوت لفظي ترتيب تي ڀاڙڻو پوي ٿو اهو لاچار سنڌيءَ کي ڪونهي؛ انهيءَ ڪري جو لازمي گرامري لاڳاپا(’فاعل _ مفعول‘) سنڌيءَ ۾ هميشه وانگي اڄ به تصريفن جي وسيلي ادا ٿين ٿا. جيئن اڳي چيو ويو هو، هيٺيان جملا نج سنڌي ٻوليءَ جا آهن جيڪي زندگيءَ جي مختلف صورتن ۽ واقعن جي مناسبت سان ماڻهن جي واتان ٻڌڻ ۾ ايندا؛ جيڪڏهن ڪنهن گراميرين اهڙا جملا اڳي ناهن ٻڌا ته اهو ٻوليءَ جو ڏوهه ڪونهي، سندس زندگيءَ جي تجربن جو قصور آهي:

(1لف) ’رِڇَ‘ فاعل، ’ماڻهو‘ مفعول

تصريف سان

ڪارجي لفظ سان

رِڇَ ماڻهو ڦٽيو.

ماڻهو رِڇَ ڦٽيو.

ڦٽيو رِڇَ ماڻهو.

ڦٽيو ماڻهو رِڇَ

(رِڇَ ماڻهوءَ کي ڦٽيو)

(ماڻهوءَ کي رِڇَ ڦٽيو)

(ڦٽيو رڇَ ماڻهوءَ کي)

(ڦٽيو ماڻهوءَ کي رڇَ)

(ب) ’ماڻهو‘ فاعل، ’رَڇُ‘ مفعول

 

تصريفن سان

ڪارجي لفظ سان

رِڇُ ماڻهوءَ ڦٽيو.

ماڻهوءَ رِڇُ ڦٽيو.

ڦٽيو رِڇُ ماڻهوءَ

ڦٽيو ماڻهوءَ رڇُ.

(رڇَ کي ماڻهوءَ ڦٽيو)

(ماڻهوءَ رڇَ کي ڦٽيو)

(ڦٽيو رڇَ کي ماڻهوءَ)

(ڦٽيو ماڻهوءَ رڇَ کي)

(الف) وارن مثالن ۾ جن ۾ رڇُ فاعل (ڦٽڻ وارو ڪم ڪرڻ وارو) آهي تن اٺن ئي مثالن ۾ رِڇَ جي ڇ تي زبر ٿي اچي، پر مفعول جي آخر _ آواز جي ورهاست تصريف واري صورت ۾ ”ماڻهو“ جي آخري آواز / او / ٿو ٿئي ۽ ڪارجي لفظ جي صورت ۾ ”ماڻهوءَ“ ۾ /اُوءَ/  جو آواز ٿو ٿئي. ٻئي پاسي (ب) ۾ وري جڏهن ماڻهو ڪم ڪندڙ ٿو ٿئي ۽ رِڇَ تي ان ڪم جو اثر ٿو ٿئي. ته فاعل ”ماڻهوءَ“، جو آخري آواز سڀني صورتن ۾ /اوءَ/ ٿو ٿئي ۽ تصريفن وارن چئن مثالن ۾ مفعول رِڇَ جي ڇ تي پيش /ڇُ/ ۽ ڪارجي لفظن سان گڏ استعمال ٿيندڙ مفعول رِڇَ جي ڇ تي زبر /ڇَ/ ٿي ٿئي. ڏٺو ته ڪيئن ڪارجي لفظن جي استعمال سان مفعول جون اهي حرڪتون بدلجي ويون، جيڪي دراصل اسمن جون حالتون ٿيون ٻڌائين. اردوءَ وانگر جيڪڏهن اهي حرڪتون سنڌيءَ مان به نڪري وڃن، جيئن گهڻن شهرين جي ٻوليءَ مان نڪرنديون ٿيون وڃن، ته پوءِ اسان جي لسانيات جي ماهرن جي دل جي اها مراد به جلد ئي پوري ٿي ويندي ۽ سنڌيءَ کي به ’فاعل _ مفعول _ فعل‘ جي لفظي ترتيب جو پابند غلام ٿي رهڻو پوندو.

مٿين جملن ۾ فاعل، مفعول ۽ فعل جيڪا جاءِ مٽائين ٿا، انهن مان هر هڪ جو الڳ مقصد ٿو ٿئي؛ ۽ ڪنهن لفظ جو جملي جي منڍ ۾ اچي جملي جو موضوع بنجڻ ڪو خاص مقصد ٿو رکي ۽ انهن مان ڪهڙو جملو ڪهڙي وقت استعمال ٿيندو ان جو دارومدار ڳالهه ٻولهه جي متن (context) ۽ طرز گفتگوءَ تي آهي _ جيئن جهيلار واري بحث دوران واضح ٿيو. رهيو سوال ته هنن جملن ۾ ڪهڙو جملو گهڻائيءَ ۾ استعمال ٿئي ٿو، ان لاءِ چئجي ته سنڌيءَ جي مختلف ساختن جي ڪثرت استعمال (frequency of usage) معلوم ڪرڻ لاءِ اڃان ڪو علمي مطالعو ڪونهي ڪيو ويو. پر لکت جي ٻوليءَ کي ڏسڻ مان معلوم ٿيو ته هن خاص حالت ۾ جتي فاعل به اسم هجي ۽ مفعول به اسم هجي، پهريون ۽ ٻيو استعمال هڪڙي پاسي ۽ پنجون ۽ ڇهون استعمال ٻئي پاسي ڪثرت استعمال ۾ نظر ايندا. پر فاعل ۽ مفعول، يا انهن مان ڪو هڪ جڏهن جڏهن ضمير جي صورت ۾ ادا ڪرڻو پوندو ته استعمال جي ڪثرت (frequency) ۾ فرق ٿيندو.

2. جيڪڏهن رِڇَ اسم کي، جيڪو هڪڙي پاسي (الف ۾) فاعل ۽ ٻئي پاسي (ب ۾) مفعول آهي، ضمير جي صورت ۾ ادا ڪرڻو پوندو ته هيٺيان جملا ٺاهي سگهبا. انهن مان ڪي وڌيڪ استعمال ۾ ايندا، ڪي گهٽ، پر انهن مان ڪوبه جملو اهڙو ٻڌڻ ۾ ڪونه ايندو جنهن جي نالي چئي سگهجي ته هيءُ جملو ڳالهايل ٻوليءَ ۾ ٻڌڻ ۾ ڪونه ايندو.

2. الف: جنهن ۾ رڇ فاعل هجي (12 ممڪن جملا)

فاعل لاءِ ضمير جي الڳ حيثيت قائم

ڪارجي لفظ کانسواءِ

ڪارجي لفظ سان

1. هُن ماڻهو ڦٽيو.

2. ماڻهو هُن ڦٽيو.

3. ڦٽيو هُن ماڻهو.

4. ڦٽيو ماڻهو هُن.

5. هُن ماڻهوءَ کي ڦٽيو.

6. ماڻهوءَ کي هُن ڦٽيو.

7. ڦٽيو هُن ماڻهوءَ کي.

8. ڦٽيو ماڻهوءَ کي هن.

 

ضمير جي ادائگي فعل ۾ تصريف سان

ڪارجي لفظ کانسواءِ

ڪارجي لفظ سان

9. ماڻهو ڦٽيائين.

10. ڦٽيائين ماڻهو.

11. ماڻهوءَ کي ڦٽيائين.

12. ڦٽيائين ماڻهوءَ کي.

 

2 ب: جنهن ۾ (رِڇُ) مفعول هجي (14 ممڪن جملا)

مفعول لاءِ ضمير جي الڳ حيثيت قائم

ڪارجي لفظ کانسواءِ

ڪارجي لفظ سان

1. اهو ماڻهوءَ ڦٽيو.

2. ماڻهوءَ اهو ڦٽيو.

3. ڦٽيو اهو ماڻهوءَ.

4. ڦٽيو ماڻهوءَ اهو.

5. انهيءَ کي ماڻهوءَ ڦٽيو.

6. ماڻهوءَ انهيءَ کي ڦٽيو.

7. ڦٽيو انهيءَ کي ماڻهوءَ.

8. ڦٽيو ماڻهوءَ انهيءَ کي.

 

 

ضمير جي ادائگي              تصريف سان

ڪارجي لفظ کانسواءِ

ڪارجي لفظ سان

9. ماڻهوءَ ڦٽيُس.

10. ڦَٽيُس ماڻهوءَ.

11. کيس ماڻهوءَ ڦٽيو.

12. ماڻهوءَ کيس ڦٽيو.

13. ڦٽيو کيس ماڻهوءَ.

14. ڦٽيو ماڻهوءَ کيس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com