نامه“ لکي ويئي. خان زمان جو ٻيو پٽ مير شاهه مقيم سلطان، جنهن
جي روايتن ۽ تحريڪ تي ”بيگلارنامه“ نالي ڪتاب وجود
۾ آيو. هن خاندان جي ناليرن فردن جون قبرون اڄ به
”تورڪي“ نالي قبرستان ۾ موجود آهن. جيتوڻيڪ هي
ڪتاب هڪ خاندان جي حالات بابت لکيو ويو، ليڪن ان
کي سنڌ جي تاريخ جي هڪ اهم ماخذ جي حيثيت حاصل ٿي
چڪي آهي. بيگلارن خود به تاريخ جي صفحن ۾ پنهنجو
ڪردار ادا ڪيو. خان زمان کي ارغون _ ترخان دور ۾
نهايت اهم ذميداريون مليل هيون. سندس وڏي پٽ جا
اڳتي هلي سنڌ جي ترخان حاڪمن سان اختلاف پيدا ٿيا.
ان طرح مير ابوالقاسم سلطان کي، مرزا غازي بيگ
ترخان انڌو ڪرايو. مير جي بهادري، همت ۽ ادب دوستي
تاريخ ۾ مکيه جاءِ والاري ٿي. هن خاندان عمر ڪوٽ
جي راڻن ۽ ڀٽين سان مٽيون مائٽيون ڪيون، ان ڪري
کين ٿر تائين رسائي حاصل ٿي. اهو ئي سبب آهي جو
”بيگلارنامه“ کي عمرڪوٽ ۽ ٿر جي تاريخ ۾ به اهميت
مليل ڏسجي ٿي. مختلف ڏيهي قبيلن جون حاڪمن سان
ارڏايون، مجادلا ۽ مقابلا، هن ئي ڪتاب ذريعي سڀ
کان اول معلوم ٿيا. ان بابت اڳتي هلي ”مظهر
شاهجهاني“ ۾ وڌيڪ معلومات درج ڪئي ويئي. سنڌ جي
سومرن ۽ سمن بابت ابتدا ۾ مختصر ڄاڻ ڏني ويئي آهي،
مگر اها نهايت قيمتي ۽ معلومات ڀري آهي. ڪتاب جا
ڪل ٻٽيهه باب آهن.
هن ڪتاب تي البته هي تنقيد ڪئي ويئي آهي ته جنهن خاندان جي
اتهاس بابت هي ڪتاب لکيو ويو، خود ان گهراڻي جي
باري ۾ به اهو درست ۽ مڪمل معلومات مهيا نٿو ڪري.
ان سڄي ماجرا ۾ به سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ هن ڪتاب
جي وڏي اهميت آهي. ايليٽ گذريل صديءَ ۾
”بيگلارنامه“ جا ڪي ٽڪرا انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيا ۽
ڪتاب بابت پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو. محمد صديق
ميمڻ ان جو سنڌي ترجمو اختصار سان ڪري، ان کي سنڌ
مسلم ادبي سوسائٽيءَ پاران 1947ع ۾ شايع ڪيو. ڪتاب
جي قدامت ۽ تاريخي اهميت سبب، اڳتي هلي سنڌي ادبي
بورڊ، فارسي ڪتابن جي اشاعت واري پروگرام تحت ان
جي ڇپرائڻ جو بندوبست ڪيو ۽ ان جي ايڊيٽنگ جو ڪم
ممتاز سنڌي اسڪالر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي
حوالي ڪيو. ڊاڪٽر صاحب هي ڪتاب وڏيءَ محنت سان
ايڊٽ ڪيو ۽ ان تي ڪنهن مفصل مقدمي بجاءِ مختصر نوٽ
انگريزي زبان ۾ لکي ڇپرايو. سنڌي ادبي بورڊ هي
ڪتاب سال 1980ع ۾ پڌرو ڪري نروار ڪيو آهي. ناشر
طرفان ڪجهه تاريخي مقبرن ۽ قبرن جا فوٽوگراف به
ڪتاب ۾ شامل ڪيا ويا آهن. ضورت آهي ته جلد کان جلد
هن اهم تاريخي ڪتاب جو سنڌي ترجمو ڪرائي ڇپرايو
وڃي (1).
تاريخ طاهري (1030هه):
سنڌ جي تاريخ بابت هيءُ ڪتاب ٺٽي جي سيد طاهر محمد نسيانيءَ سن
1030هه برابر 1621ع ۾ لکيو ۽ اڳتي هلي
(1) بيگلارن جي حالت ۽ قبرستان بابت سڀ کان اول ڊاڪٽر بلوچ صاحب
تحقيق ڪئي. ڏسجي سندن مقالو:
“Shah Qasim Khan Beglar and his Burial Place.”
جو پاڪستان هسٽري ڪانفرنس جي 1956ع واري روئداد ۾ ڇپيل آهي. هي
ڪتاب ڊاڪٽر سيد معين الحق مرتب ڪيو ۽ پاڪستان
هسٽاريڪل سوسائٽي ڪراچيءَ شايع ڪيو.
اهو ڪتاب خود مصنف جي نالي جي پٺيان ”تاريخ طاهري“ سڏيو ويو.
ليکڪ اصل ۾ هي ڪتبا ٺٽي شهر جي تاريخ يعني ”تاريخ
بلده تهتہ“ نالي سان لکيو هو. سيد طاهر محمد سن
990هه ۾ ٺٽي ۾ ڄائو ۽ سن 1051هه ۾ وفات ڪيائين.
سندس مزار اڄ به مڪلي ٽڪريءَ تي موجود آهي. سندس
تعلق ٺٽي جي باغائي ساداتن سان هو ۽ مٽين مائٽين
جي حوالي سان درٻيلي جي سهتن ڄامن سان به لاڳاپيل
رهيا. سيد طاهر محمد ۽ هن جو والد ميان حسن، سنڌ
جي ارغون _ ترخان حاڪمن جي درٻار سان وابسته هئا.
هن ڪتاب کان علاوه مصنف ”عمر ماروي“ جو داستان به
نثر ۾ لکيو هو.
ڪتاب ”تاريخ طاهري“ سنڌ جي اتهاس ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. اصل ۾
ليکڪ هي ڪتاب ڏهن ڀاڱن ۾ رٿيو، پر ان جا صرف پنج
ڀاڱا مڪمل ٿي سگهيا. ’سومرا، ’سما ڄام‘، مرزا شاهه
حسن ’ارغون‘، ميرزا عيسيٰ ترخان‘ ۽ ’ميرزا غازي
بيگ ترخان“ _ عنوانن سان هن ڪتاب جا پنج حصا آهن.
ان ريت هي ڪتاب سنڌ جي مقامي حاڪمن جي اتهاس جي
حوالي سان وڏي اهميت رکي ٿو. سيد طاهر محمد ڪن
مقامي قصن کي به پنهنجي ڪتاب ۾ جاءِ ڏني آهي. ٺٽي
ننگر جي تاريخ بابت هي ڪتاب سڀ کان اول ”ترخان
نامه“ جي لکندڙ حوالي طور ڪتب آندو آهي. ان بعد
مير علي شير قانع ان کان مدد ورتي هئي. اڳتي هلي
برٽش جي دور ۾ شروع ۾ ايليٽ ان جا ڪي ٽڪرا ترجما
ڪيا. سال 1928ع ۾ محمد صديق ميمڻ سنڌيءَ ۾ ”انتخاب
تاريخ طاهري“ نالي هن ڪتاب جو اختصار ۽ ترجمو شايع
ڪيو. هن سڄي ماجرا هوندي به اصل فارسي ڪتاب اڃا نه
ڇپيو هو.
سنڌي ادبي بورڊ جڏهن سنڌ بابت فارسي ڪتابن جي اشاعت جو پروگرام
جوڙيو، تڏهن ان رٿا ۾ هن ڪتاب کي به شامل ڪيو ويو.
هي علمي ۽ تاريخي ڪم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي
حوالي ڪيو ويو. ڊاڪٽر صاحب وڏيءَ محنت سان ڪم جو
پورائو ڪيو. فاضل ايڊيٽر ڪن ضروري تاريخي وضاحتن
لاءِ فارسي زبان ۾ حاشيا ۽ تعليقات لکيا آهن، جن
جي وڏي اهميت ڏسجي ٿي. ان طرح مصنف جي ڪيل غلطين
جو ازالو ڪيو ويو آهي. آخر ۾ مصنف ۽ ان جي ڪتاب
بابت مفصل مقدمو انگريزي زبان ۾ لکيو ويو آهي،
جنهن ۾ ”تاريخ طاهري“ تي تنقيدي نگاهه وڌل آهي. هي
ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ 1964ع ۾ شايع ڪري پڌرو ڪيو.
اڳتي هلي ڪتاب جي اهميت جي پيش نظر، هن اداري ان
جو سنڌي ترجمو 1988ع ۾ پڌرو ڪيو. هي ترجمو محترم
نياز همايونيءَ ڪيو آهي. مترجم آخر ۾ پنهنجي طرفان
ڪي غير ضروري واڌارا ڪيا آهن. علمي اعتبار سان هي
ترجمو ڀروسي جوڳو ڪونهي، ڇو ته مترجم ڪٿي ڪٿي اصل
متن سان به هٿ چراند ڪئي آهي. ان هوندي به هن
تاريخي ڪتاب جي اصل ۽ ترجمي جي اشاعت وڏي اهميت
رکي ٿي ۽ ان جو سڄو ڪريڊٽ سنڌ جي هن لائق فائق
عالم ڏي وڃي ٿو.
ديوان غلام:
سنڌ ۾ فارسي ادب جا مستحڪم بنياد سرڪاري سرپرستيءَ ۾ ”ارغون
دور“ ۾ پيا. بعد ۾ ترخان حاڪم نه رڳو ادب جا
سرپرست هئا، پر پاڻ به مصنف ۽ شاعر ٿي گذريا. مغلن
جي گورنرن پڻ فارسي زبان ۽ ادب جي خوب آبياري ڪئي.
هن عرصي ۾ پيدا ٿيل لٽريچر جا مٿي ڪي مثال ڏنا ويا
آهن. ارغون _ مغل دور ۾ پيدا ٿيل لٽريچر جي حوالي
سان ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ڪيل خدمتن جو مٿي احاطو
ڪيو ويو آهي. ليڪن هن ڏس ۾ سيد حسام الدين راشدي
صاحب جون خدمتون عالم آشڪار آهن. راشدي صاحب
”تذڪره جواهر العجائب“، ”تاريخ مظهر شاهجهاني“،
”ترخان نامه“، ”حديقة الاولياء“، ”مثنوي مظر
الآثار“، مثنوي چنيسرنامه“ ۽ ”هشت بهشت“ جهڙا ڪتاب
ايڊٽ ڪري سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپرائي پڌرا ڪيا.
عطا جو ديوان راشد برهانپوريءَ ايڊٽ ڪيو، جڏهن ته
علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب ”قرآن مجيد مترجم
فارسي“ ترتيب ڏنو، جو مخدوم نوح عليه رحمة (وفات:
998هه) جو ڪيل ترجمو آهي. هن دور ۾ سنڌ ۾ لکيل ٻه
وڌيڪ ڪتاب (فارسي) پڻ ڇپيا آهن. ڊاڪٽر معين الحق
”ذخيره الخوانين“ (شيخ فريد بکري) ۽ عبدالغفور
چوڌري ”آداب عالمگيري“ (منشي ابوالفتح خان قابل)
ايڊٽ ڪري شايع ڪرايا. ڪلهوڙن جي زماني ۾ گهڻو
فارسي ادب وجود ۾ آيو، جنهن بابت راشدي صاحب وڏو
ڪم ڪيو آهي.
ٽالپرن 1782ع ۾ سنڌ تي قبضو ڪيو. سندن حڪومت 1843ع ۾ ختم ٿي.
ٽالپرن نه رڳو فارسي علم ادب جي سرپرستي ڪئي پر
حاڪمن ۽ شهزادن خود به شعر چيو ۽ ڪتاب لکيا. ان
طرح هن خاندان فارسي ٻولي ۽ ادب جي به خوب آبياري
ڪئي. سنڌ جي مقامي فارسي گو شاعرن ۽ اديبن کان
علاوه، ايران جي اديبن به سندن سخاوت مان جهوليون
ڀريون. هن دور ۾ جنهن خاندان کي حاڪمن کان پوءِ
حڪومت جي معاملن ۾ اهميت رهي، اهي تاجپور جا لغاري
نواب ڏسجن ٿا. نواب ولي محمد خان لغاري پنهنجي وقت
جو نهايت ئي بااثر امير، وزير ۽ ڪامياب ڊپلوميٽ ٿي
گذريو. علم ۽ ادب جي حوالي سان به نواب صاحب جو
پنهنجو ڪردار آهي. سندس ڀائيٽو نواب غلام محمد
لغاري، ميرن جي پوئين دور جو مصاحب ۽ اثر رسوخ
وارو امير ٿي گذريو. هن فارسي شعر چيو ۽ ”ديوان
غلام“ جوڙي راس ڪيو. سنڌي ۽ سرائڪي ڪلام به
چيائين.
غلام محمد خان 11 شعبان 1204هه (اپريل 1789ع) ۾ پيدا ٿيو. سندس
والد جو نالو علي محمد خان هو ۽ ڏاڏي جو نالو غلام
محمد خان هو. هن غلام محمد خان به ديوان جوڙيو ۽
تخلص ”نگار“ رکيائين. ذڪر هيٺ آيل ”ديوان غلام“ جي
شاعر غلام محمد خان، بنيادي ۽ ضروري تعليم کان
پوءِ، حيدرآباد جي مير مراد علي خان (1828_1833ع)
جي درٻار ۾ ملازمت اختيار ڪئي، ليڪن کيس گهڻي
اهميت مير صاحب جي وفات (1833ع) کان پوءِ حاصل ٿي،
جڏهن سندس ٻه پٽ مير نور محمد خان ۽ مير نصير خان
حڪمران بنيا. اهڙي خبر سندس جوڙيل قصيدن مان پوي
ٿي. ميرن جي صاحبي ختم ٿيڻ کان پوءِ نواب غلام
محمد خان وڃي تاجپور وسائي. سندس ديوان مان معلوم
ٿئي ٿو ته هن تاريخي تبديليءَ کان پوءِ، اسان جي
هن شاعر ڪوبه شعر نه چيو(1). پاڻ 9 جمادي الثاني
1279هه (10 ڊسمبر 1862ع) تي وفات ڪيائين ۽ تاجپور ۾
پنهنجي خانداني قبرستان ۾ دفن ٿيو. ٻي روايت موجب
غلام محمد خان 2 ڊسمبر 1862ع تي اڀپور (تعلقو
سنجهورو) ۾ فوت ٿيو ۽ اتي ئي دفن ٿيو. پاڻ پنهنجي
مُهرن تي هي سجع استعمال ڪيا اٿس:
”چہ خوش نصيب ما کہ غلام محمد ام“
”منت خداي را کہ غلامِ محمد ام“
”شادم بدين شرف کہ غلامِ محمد ام“
نازم بہ بخت خود کہ غلامِ محمد ام“
(1) ساڳيءَ ريت شاعر خليفو نبي بخش لغاري به ٽالپرن جي زوال کان
پوءِ ويهه ورهيه زندهه رهيو، ليڪن هو پڻ هن تاريخي
تبديليءَ تي خاموش ڏسجي ٿو.
هي ديوان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ايڊٽ ڪيو، ۽ ان تي انگريزيءَ ۾
سهڻو مقدمو لکيو. سنڌي ادبي بورڊ ”ديوان غلام“ سال
1959ع ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو آهي. شاعر پنهنجو تخلص
”غلام“ اختيار ڪيو. کيس پنهنجي شعر بابت ڪا وڏي
خوشفهمي نه هئي:
غلاما! نظم شعرت گرچہ خام است
ولـــي گـــردد پـســنــد نــکـتـہ چــينـــي!
ڊاڪٽر ظهور الدين احمد صاحب پنهنجي ڪتاب ”پاڪستان ۾ فارسي ادب“
(جلد سوم) ۾ غلام محمد خان لغاريءَ جي شعر تي
ڀرپور تنقيد ڪئي آهي.
لطائف لطيفي (1305 هه):
ميرن جو خاتمو 1843ع ۾ ٿيو. ان ريت سنڌ ۾ فارسي ٻولي ۽ ساهت جو
سرڪاري طرح پورائو ٿي ويو. ان هوندي به هي زبان
پنهنجن تاريخي بنيادن ۽ قديم علمي خانوادن جي
سهاري سنڌ ۾ ٽُلڪندي آئي ۽ ان ۾ علم ۽ ادب پيدا
ٿيندو رهيو. ان جو هڪ ڀرپور مثال مير عبدالحسين
خان ”سانگي“ ۽ سندس لکيل فارسي ڪتاب ”لطائف لطيفي“
جي روپ ۾ ملي ٿو. هي ڪتاب شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ
جي باري ۾ سن 1305هه برابر 1888ع ۾ لکيو ويو.
سنڌ جو سداحيات شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي 1102هه برابر
1690ع ۾ ڄائو ۽ 14 صفر 1165هه تي وفات ڪيائين.
جديد تحقيق موجب اهو ڏينهن آچر جو هو ۽ انگريزي
تاريخ 22 ڊسمبر 1751هئي. شاهه صاحب جو پهريون
سوانح نگار مير علي شير قانع ٺٽوي، ان بعد رچرڊ
برٽن، فريئر صاحب، ڊاڪٽر ٽرمپ ۽ ڏيارام گدومل
پنهنجن ڪتابن ۾ سنڌ جي هن عظيم قومي شاعر جي سوانح
تي مواد فراهم ڪيو آهي. ان کان پوءِ شاهه صاحب جي
باري ۾ مڪمل ڪتاب لکڻ جو زمانو آيو. شمس العلماء
مرزا قليچ بيگ پهريون اسڪالر آهي، جنهن هن علمي ڪم
ڏي توجه ڏنو. ان طرح پاڻ 1887ع ۾ انگريزي ۽ سنڌي
ٻولين ۾ شاهه لطيف بابت ٻه ڪتاب لکي پورا ڪيا. هڪ
سال پوءِ 1888ع ۾ مير عبدالحسين خان، سنڌ جي هن
سدا حيات شاعر بابت پنهنجو فارسي ڪتاب ”لطائف
لطيفي“ جوڙي راس ڪيو.
مير عبدالحسين خان ”سانگي“ سنڌ جي آخري ٽالپر حاڪم مير نصير خان
جو پوٽو هو. 1843ع ۾ حڪومت جي خاتمي کان پوءِ ميرن
کي قيد ڪري ڪلڪتي ۾رکيو ويو، جتي عبدالحسين خان
1767هه برابر 1851ع ۾ پيدا ٿيو. اٺن سالن جو هو ته
سنڌ واپس موٽيو. سندس تعليم ۽ تربيت ڪلڪتي ۾ به ٿي
ته حيدرآباد سنڌ ۾ به ٿي. کيس اردو، سنڌي ۽ فارسي
ٻولين تي مهارت حاصل هئي. مير صاحب 8 ذي القعد
1343هه برابر 12جون 1924ع تي وفات ڪئي. کيس ڀٽ
شاهه تي دفن ڪيو ويو. سندس مزار اڄ به شاهه صاحب
جي مقبري جي اولهه ۾ درست حالت ۾ موجود آهي. مير
صاحب سنڌيءَ جو قادر الڪلام شاعر ٿي گذريو آهي.
سندس ڪليات ڇپيل آهي. ان کان علاوه اردو ۽ فارسيءَ
۾ به شعر چيو اٿس.
مرزا قليچ بيگ کان پوءِ سانگي مرحوم، حضرت شاهه صاحب بابت
پنهنجو ڪتاب جوڙي راس ڪيو. اڪثر مواد ان دور ۾شاهه
لطيف بابت موجود روايتن تان ڪٺو ڪيائين، جنهن کي
انگريزي زبان ۾
Anecdotes
سڏيو وڃي ٿو. مير صاحب هن ڪتاب ”لطائف لطيفي“ ۾ ڪل
ڇٽيهه حڪايتون گڏ ڪيون آهن. ان ريت شاهه صاحب جي
حياتي، فقيرن، خدمتگذارن، ڪرامتن، حسب نسب ۽
متعلقه ماڳن مڪانن جي باري ۾ روايتي مواد گڏ ٿيو
آهي؛ جو هوند اڳتي هلي واسطيدار شخصن ۽ مريدن
خادمن جي وفات کان پوءِ ناپيد ٿي وڃي ها. اڄ شاهه
لطيف بابت، سنجيده ۽ سائنسي تحقيق جي دور ۾، مير
صاحب جي جمع ڪيل ڪن حڪايتن مان ڪي ڳالهيون معقول
نٿيون ڏسجن؛ ان هوندي به سانگي مرحوم جي ڪيل محنت
وڏي اهميت رکي ٿي. هيءُ ڪتاب شاهه صاحب جي سوانح
جي حوالي سان ته وڏي مڃتا ماڻي چڪو آهي، ليڪن سنڌ
۾ فارسي ادب جي زوال پذير دور ۾، پيدا ٿيل ساهت جي
ڏس ۾ به ان کي وڏي حيثيت حاصل آهي. فارسي نثر آسان
۽ عبارت سليس ڏسجي ٿي. ڪٿي ڪٿي مير صاحب شعر ۽ بيت
به ڪتب آندا آهن. ان طرح اسان کي هي ڪتاب پڙهندي،
سيد عبدالقادر ٺٽويءَ جي تصنيف ”حديقة الاولياء“
ياد اچي ٿي، جنهن پڻ نثر ۽ نظم جو ميلاپ ڪرايو
آهي. غالباً سڀ کان اول شمس العلماء ڊاڪٽر دائود
پوٽي مرحوم جي هن ڪتاب تي نظر پيئي. ان بعد مولانا
دين محمد ”وفائي“ مرحوم پنهنجو ڪتاب ”لطف اللطيف“
لکڻ وقت سانگي مرحوم جي تصنيف مان استفادو ڪيو.
اڳتي هلي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شاهه صاحب جي
جامع اڀياس جي سلسلي ۾، هن ڪتاب جي اشاعت جي سفارش
ڪئي. آخرڪار ڊاڪٽر صاحب جي سعيي سان، شاهه
عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، هي ڪتاب اصل فارسي
حالت ۾ سال 1967ع ۾ شايع ڪري پڌرو ڪيو ۽ ان طرح
هيءُ ڪتاب ڇپجي علمي ادبي حلقن تائين پهتو. ساڳئي
اداري ان جو سنڌي ترجمو 1986ع ۾ شايع ڪيو، جو
مترجم عبدالرسول قادري صاحب ڪيو آهي. ڪن جزوي
ڪوتاهين جي باوجود به سنڌي ترجمو سليس، روان ۽
وڻندڙ ڏسجي ٿو. هن ڪتاب جي اشاعت ۽ سنڌي ڇاپو،
بذات خود هڪ يادگار ادبي ڪارنامو آهي.
لُبِ تاريخ سنڌ (1318هه):
علي ڪوفيءَ سن 613هه ۾ ”چچ نامه“ فارسيءَ ۾ مڪمل ڪيو. ٺيڪ ست
صديون پوءِ منشي خداداد خان 1318 هه ۾ ”لبِ تاريخ
سنڌ“ ترتيب ڏئي پڌرو ڪيو. هيءُ ڪتاب امرتسر مان
ليٿو تي 1900ع (1318هه) ۾ ڇپجي ظاهر ٿيو. ان طرح
سنڌ جي فارسي تاريخ نويسي پنهنجي پڄاڻيءَ کي پهتي.
منشي خداداد پراڻي سکر جو پٺاڻ هو. انگريزي
ڪمشنريءَ جو ملازم، سندن بيحد وفادار، مير منشي ۽
جاگيردار هو. هن فارسيءَ ۾ ڪي ٻيا ڪتاب پڻ لکيا،
جي سڀ تاريخ بابت هئا. انهن ۾ وقائع سير جيسلمير،
مڪران نامه، خليج نامه، پُل نامه، سياحت نامه ۽
خيرپور نامه اچي وڃن ٿا. ليڪن انهن سڀني ڪتابن جي
ڀيٽ ۾ سندس تاليف ”لبِ تاريخ سنڌ“ وڏي اهميت رکي
ٿي. هن ڪتاب جي تحرير ۽ اشاعت وقت فارسي ٻولي پوري
ننڍي کنڊ وانگر سنڌ ۾ به آخري پساهن ۾ هئي. اڪثر
تصنيف ۽ تاليف مقامي ٻولين کان علاوه انگريزي زبان
۾ ٿي رهي هئي. جنهن سال هي ڪتاب ڇپيو، ان سا سنڌ
بابت لکيل پهرئين تاريخي ڪتاب ”چچ نامه“ جو
انگريزي ترجمو به ڇپجي ظاهر ٿيو. ياد رهي ته هي
ڪتاب فارسي زبان ۾ هو، جنهن کي مرزا قليچ بيگ
مرحوم ترجمو ڪيو هو. منشي خداداد خان ڊگهي ملازمت
کان پوءِ رٽائر ٿي، پراڻي سکر ۾ اچي ماڳ تي رهيو،
جتي سن 1320هه / 1903ع ۾ وفات ڪري ويو.
”لب تاريخ سنڌ“ ٽن مکيه بابن تي مشتمل آهي. پهرئين باب ۾ سنڌ جو
عمومي تعارف ڏنل آهي. ٻيو باب راءِ خاندان کان وٺي
ٽالپورن جي زوال تائين مواد مهيا ڪري ٿو. هن باب
لاءِ چچ نامه، معصومي، تحفة الڪرام، ارغون نامه،
تاريخ طاهري ۽ بيگلار نامه تان مدد ورتل آهي. هن
باب ۾ مصنف بکر جي مغل عملدارن جي لسٽ ڏني آهي، جا
سنڌ جي ڪنهن به ٻي تاريخ ۾ ڏنل ڪانهي، ان ڪري هن
باب جي وڏي اهميت ٿي پيئي آهي. ٽيون باب جديد دور
تي مشتمل آهي. هن باب ۾ چارلس نيپئر کان وٺي
سورهين ڪمشنر آر. جائيلس تائين جي تاريخ ڏنل آهي.
ان ريت خداداد خان جي هن ڪتاب جو هي آخري باب
بلاشبہ سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان مکيه واڌارو
ڏسجي ٿو.
منشي خداداد خان جي هن ڪتاب جي اهميت کي نظر ۾ رکندي، سنڌي ادبي
بورڊ ان جي نئين ايڊيشن طرف توجه ڪيو. هي علمي ڪم
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جي حوالي ڪيو ويو.
ڊاڪٽر صاحب ڇپيل قديم ايڊيشن ۽ هڪ عدد قلمي نسخي
کي سامهون رکي ڪم جو پورائو ڪيو. ان طرح اڳ ڇپيل
ايڊيشن جي ڀيٽ ۾ ”لب تاريخ سنڌ“ جو هيءُ وڌيڪ
معتبر ڇاپو سامهون آيو. قلمي نسخي تان ڪي ضميما به
کنيا ويا، جي اصل ڇپيل ڪتاب ۾ نه هئا. مختصر مگر
ضروري وضاحتي حاشين کان علاوه فاضل ايڊيٽر، منشي
مرحوم جي سوانح ۽ ڪتابي ورثي بابت، انگريزي زبان ۾
جامع مقدمو پڻ لکيو. ڊاڪٽر صاحب يورپي عملدارن جي
نالن کي حاشين ۾ انگريزيءَ ۾ نشانبر ڪيو آهي. سنڌ
جي ممتاز مؤرخ سيد حسام الدين راشدي مرحوم، منشي
خداداد کان علاوه خود هن ڪتاب جي جديد ڇاپي تي
پنهنجي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو هو (1). راشدي
صاحب کان علاوه ”لب تاريخ سنڌ“ جي سنڌي مترجم به
حاشين ذريعي ڪجهه غلطين جي نشاندهي ڪئي آهي. فارسي
ڇاپي جو نئون ايڊيشن، جنهن کي ڊاڪٽر صاحب ايڊٽ
ڪيو، سنڌي ادبي بورڊ سال 1959ع ۾ نروار ڪيو. هن
ڪتاب جي تاريخي اهميت سبب، سنڌي ادبي بورڊ ان جو
سنڌي ترجمو سال 1989ع ۾ پڌرو ڪيو. هي ترجمو حافظ
خير محمد اوحديءَ جو ڪيل آهي. سنڌي ڇاپو جزوي طرح
سينسر ٿيل آهي. ان کان علاوه ان ۾ انڊيڪس به
ڪانهي، جا هڪ وڏي علمي کوٽ جي عڪاسي
ڪري ٿي. خداداد خان مرحوم جي ”لب تاريخ سنڌ“ جو روسي ترجمو به
ڇپيو، جو محمد صافولوف جو ڪيل آهي.
(1) تذڪره امير خاني، حاشيو، ص 298، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1961ع.
باقيات از احوال کلهوره:
ذڪر هيٺ ايندڙ ڪتاب باقاعده تصنيف ڪانهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ صاحب، ورهين جي تلاش ذريعي، سنڌ جي ڪلهوڙا
حاڪمن جي متعلق متفرقه مواد کي هٿ ڪري، هڪ ڪتاب کي
ترتيب ڏنو. ان ريت ”باقيات از احوال کلهوره “ نالي
ڪتاب ۾، نهايت قيمتي تاريخي مواد سامهون آيو آهي،
جنهن متعلق اڳ ۾ اسان جي ڄاڻ محدود هئي. هن ڪتاب ۾
ميان نور محمد جي هڪ وڌيڪ تاليف، غلام شاهه جي دور
۾ جدا جدا پرڳڻن جي پيدائش ۽ ڪلهوڙا حاڪمن جي
اولاد مان مير محمد ڪلهوڙي جي ڪمپني سرڪار کي
حڪومت جي واپسيءَ لاءِ ڏنل درخواست، ۽ ڪي ٻيا
عنوان شامل ٿيا آهن. ان ڪري هن جلد ۾ شامل مواد هر
لحاظ کان نئون آهي ۽ پهريون ڀيرو ڇپجي نروار ٿيو
هو. ڪلهوڙن جي دور سان دلچسپي رکندڙن جي لاءِ هي
ڪتاب تمام گهڻي اهميت رکي ٿو. هن ڪتاب جي ترتيب
بلاشبہ ڊاڪٽر صاحب جي اهم ڪاميابي آهي، جنهن کي وڌ
۾ وڌ ساراهڻ گهرجي. هي ڪتاب سال 1996ع ۾ ڇپيو.
تاريخ بلوچي (1219هه):
سنڌ جي تاريخ بابت مير علي شير قانع ”تحفة الڪرام“ سن 1188هه /
1774ع ۾ مڪمل ڪيو. ان کان پوءِ جي تاريخ کي مير
عظيم الدين ٺٽوي ”فتح نامہ“ نالي مثنويءَ ۾ لکي
محفوظ ڪيو. هي مثنوي سال 1219هه/1803ع ۾ تڪميل کي
پهتي، تاريخي طور عظيم جي ڪتاب جي وڏي پذيرائي ٿي.
سنڌي ادبي بورڊ هڪ اتهاسڪ مثنوي، سال 1967ع ۾ شايع
ڪئي، جنهن کي شير محمد نظاماڻي صاحب ايڊٽ ڪيو هو.
جنهن سال عظيم جو ڪتاب مڪمل ٿيو، ان سال ۾ سنڌ تي هڪ ٻيو ڪتاب
پڻ تيار ٿيو. هي ڪتاب عبدالمجيد جوکيي لکيو، جيڪو
لکجڻ واري وقت کان وٺي ناپيد هو. قيام پاڪستان وقت
ان جي واحد ڪاپي، محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي
هٿ آئي، تڏهن وڃي هن ڪتاب جي باري ۾ علمي دنيا کي
معلومات ملي. مولانا غلام رسول مهر ”تاريخ ڪلهوڙا“
تي ڪم ڪندي، هن ڪتاب کي ڪتب آندو هو.
عبدالمجيد جوکيي جي هن ڪتاب ۾ مواد جي ڪيفيت، ساڳي عظيم جي
تاريخي مثنويءَ جهڙي آهي. غلام شاهه جي وفات،
سرفراز جو دور، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جون لڙايون، جنگ
هالاڻي، ڪلهوڙن جو خاتمو، ميرن جي حڪومت، مير فتح
عليءَ جي وفات ۽ مير غلام عليءَ جي حڪومت هن ڪتاب
جا مکيه عنوان آهن. عنوانن جي يڪسانيت جي باوجود
هن ڪتاب ۾ عبدالمجيد جوکيي ڪافي نيون ڳالهيون پڻ
لکيون آهن. عظيم جو ڪتاب نظم ۾ لکيل اهي، جڏهن ته
عبدالمجيد جوکيي پنهنجو ڪتاب نثر ۽ نظم ۾ مڪمل ڪيو
آهي. تاريخي طور تي هن ڪتاب جي ڪلهوڙن جي زوال ۽
ميرن جي حاڪميت جي آغاز جي حوالي سان، بهرحال هڪ
خاص اهميت آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، اصل فارسي
متن ترتيب ڏنو ۽ ڪتاب تي معلوماتي مقدمو لکيو. هن
ڪم ۾ ڊاڪٽر خضر نوشاهي صاحب، ڊاڪٽر صاحب جي معاونت
ڪئي. فارسي متن کان پوءِ نوشاهي صاحب جو ڪيل اردو
ترجمو به هن ڪتاب ۾ شامل ڪري، ان کي سال 1996ع ۾
شايع ڪيو ويو. سنڌ جي تاريخ ۽ فارسي ادب جي حوالي
سان، هن ڪتاب جي اشاعت ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي هڪ وڌيڪ
پائدار خدمت آهي.
عبدالمجيد جوکيي ڪجهه تاريخي قطعا به چيا، جي مٿي ذڪر ڪيل
”باقيات از احوال کلهوره“ جي آخر ۾ ڏنا ويا آهن.
هن ليکڪ ميين ابوالحسن ڏاهريءَ جي وفات تي به قطعو
چيو هو، جو علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب، ڏاهري
بزرگ جي ڪتاب ”کچکول نامه“ جي مقدمي ۾ ڏنو آهي.
بهتر ٿئي ها جيڪڏهن هي قطعو به مذڪور ڪتاب ۾ يا
”تاريخ بلوچي“ ۾ ڪٿي شامل ڪري، هڪ جاءِ تي محفوظ
ڪجي ها.
ڊاڪٽر بلوچ جا هي آخري ايڊٽ ڪيل ٻه ڪتاب، ڪلهوڙا
انٽرنيشنل سيمينار جي موقعي تي، سيمينار جي
سيڪريٽري انجنيئر يعقوب علي زرداري صاحب جي خاص
توجه سان ڇپجي پڌرا ٿيا. |