سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ جولاءِ-ڊسمبر 1998ع

 

صفحو :17

مثال پهريون، بند پهريون

ڪئي رب سڀ تي فرض اطاعت حسين جي،
واجب ٿي مومنن تي محبت حسين جي.
شاهه زمان جملي زمينن جو بادشاهه،
نروار نه سما ۾ نجابت حسين جي.
نور نبي سرور دل شاهه اوليا،
خاتون خلد کان ٿي ولادت حسين جي.
جي ماتمي حسين جا مخرون دردمند،
رسندي تنهي کي خاص شفاعت حسين جي.

 

آخري بند

منجهه ڪربلا حسين جي اي مرتضائي هل،
هر دو جهان ۾ وٺج حمايت حسين جي.
 

هن ۾ اهڙا ڪل 15 بند آهن.

ٻيو مثال

مهمان ڪربلا ٿيو هئي هئي حسين مظلوم،
دردن جو متبلا ٿيو هئي هئي حسين مظلوم،
ناحق ڪٺائون نرمل شير خدا جو نوگل،
جنهن لئي پڪاري بلبل هئي هئي حسين مظلوم.
فرزند مصطفيٰ جو دلبند مرتضيٰ جو،
ماريو محب خدا جو هئي هئي مظلوم حسين.
جن و ملڪ ۾ ماتم حُور و پريءَ کي هي غم،
حسرت ۾ سڀڪوعالم هئي هئي حسين مظلوم.

 

آخري بند

هر وقت مرتضائي حسرت رکي اهيائي،
ٿئي شال ڪربلائي هئي هئي حسين مظلوم.

 

هن ۾ اهڙا ڪل 23 بند آهن.

ٽيون مثال

هي مرثيو محرم مهيني جي نائين تاريخ جي رات پڙهيو ويندو آهي۔ انهي کي اولاڻي جو مرثيو به چئي سگهجي ٿو:

قاسم جي ماءُ آئي بيان هي ڏک سڻايان ڪنهن کي آءُ،
نوشه رهيو رڻ جي اندر دولو بڻايان ڪنهن کي آءُ.
نوبت وڄايان درد جي سهرا سنڀايان رنج جا،
ساٽن سهاڳن جي سبب اپٽڻ لڳايان ڪنهن کي آءُ.

 

آخري بند

هن مرتضائي عبد کي ڪر ڪربلائي يا ڪريم،
جو مرثيو شہ جو چوي سوئي سڻايان ڪنهن کي آءُ.


 

هن ۾ اهڙا ڪل 18 بند آهن.

جڏهن جلوس اختتام تي پهچندو آهي ته هن طرز جا چار سٽا مرثيا پڻ پڙهيا ويندا آهن، جيئن مثال چوٿون:

ڇا ڏٺوءِ جو ڪربلا ۾ ٿيا حشر اي آسمان،
ٿي نبي زادا ڪٺا تون بي خبر اي آسمان،
جڏهن ڏٺوءِ سج چنڊ پيغمبر جا عالم مان لڏيا،
تن کان پوِ تو ڇو ڪڍيا شمس و قمر اي آسمان.

 

آخرين بند

دين جي دستار لاهي دين دعويٰ ڇو رکن،
ڇو شفاعت لئي رهن سي منتظر اي آسمان.
مرتضائي ماتمي فرزند پيغمبر جو آهي،
ڏج گواهي هيءَ خدا وٽ منجهه حشر اي آسمان.

 

هن ۾ اهڙا ڪل 31 بند آهن.

        مرتضائي جي مرثين مان نوحي يا سيني زني مرثين جا مثال هن ريت آهن، انهن نوحن جي پڙهڻ دوران ماتم ڪيو ويندو آهي، انهن کي ماتمي يا پٽ وارا مرثيا به چيو وڃي ٿو.

 

مثال پهريون

شافع محشر جو پٽ هائي اڃايو حسين،
ساقيءَ ڪوثر جو پٽ هائي اڃايو حسن.
باعث ايجاد خلق داور بنياد خلق،
داد رس داد خلق هائي اڃايو حسين.
بادشاهه انس و جان وارث پيغمبران،
دشتِ بلا ۾ ڏسان هائي اڃايو حسين.

 

آخرين بند

اهڙو نه صابر سڏائي ڪوئي نه عاشق چوائي،
مرتضوي وائي وائي هائي اڃايو حسين.

 

هن ۾ اهڙا ڪل 31 بند آهن.

مثال ٻيو

 

قبلئه ايمان حسين شاهه شهيدان حسين،
رحمت رحمان حسين شاهه شهيدان حسين.
حجتِ برهان حق رهبر ايمان حق،
عارف عرفان حق شاهه شهيدان حسين.
اهلِ دغا ڏيئي ڪوٺي ڪٺو ڪربلا،
زينت عرش خدا شاهه شهيدان حسين.
بيعت باغي نه ڪيائين سرکي تصدق ڏنائين،
دين کي محڪم رکيائين شاهه شهيدان حسين.

 

آخرين بند

مرتضوي  اشڪبار  باجگر  داغدار،
مهل ۾ سڀڪنهن پڪار شاهه شهيدان حسين.

 

هن ۾ اهڙا ڪل 14 بند آهن.

هيٺيون مرثيو مرتضائي 1901ع ۾ في البديهه جوڙيو، سندس لکڻ موجب مرثيه حسب الفرمائش سيد مراد علي شاهه صاحب امير خاني در سنه 1319هجري ڪه در خواب ديده بعد منڪلام سيد غلام مرتضيٰ شاهه رضوي.

 

بند پهريون

ماتم حسيني ڏس شفا محشر ۾ اهل يقين جي،
آهي عزا بيشڪ اهيا استاد روح امين جي،
ذريح سان جنهن جي ٿي ملي ماڙي سا خلد برين جي،
هن روح ري ڪانهي ڪنڌي اهل آسمان زمين جي،

 

اي مومنان ماتم ڪريو هي رسم آهي دين جي،
تابوت ڏسندي شاهه جو چئو هي قبر آهي حسين جي.

 

آخري بند

مون مرتضائي عبد کي ماتم حسيني ڏي شفا،
جرم و خطا سڀ معصيت ٿئي معاف مهندان مصطفا،
هوندس حسيني فوج ۾ در زمره آلِ عبا،
حق حرمتِ حسنين ۾ ڏيکاري مون کي ڪربلا،

 

اي مومنان ماتم ڪريو هي رسم آهي دين جي،
تابوت ڏسندي شاهه جو چئو هي قبر آهي حسين جي.

 

        هن مسدس مرثيي ۾ اهڙا ڪل سترهن بند آهن، سندس هر بند جي پوين ٻن سٽن جي جڙاءُ ساڳي آهي، جو هڪ نرالو مثال چئي سگهجي ٿو.

 

رباعيون، فرد، تاريخ، وفات وغيره

فارسي رباعي:

 

اي عزيزان گوهر درج نجف گم ڪرده ام،
نازنين پرده دار لوڪشف گم ڪرده ام،
از غم هجران يوسف ڪورشد يعقوب ومن،
صد ز يوسف افضل و عالي شرف گم ڪرده ام.

 

 

حضرت خواجه معين الدين چشتي جي فارسي رباعي جو سنڌي ۾ ترجمو:

شاهه آهي ته حسين آهي،     بادشاهه آهي ته حسين آهي،
دين آهي ته حسين آهي،              دين پناهه آهي ته حسين آهي،

 

سر ڏنائين يزيد جي بيعت نه ڪيائين، تحقيق ڪلمي جو بنياد ته حسين آهي.

 

مرتضائي جي سنڌي رباعي جو مثال:

        صلواة چئو خدا جي پيمبر جي واسطي، روح بتول حيدر صفدر جي واسطي، دائم درود حضرت شبير جي واسطي، صلواة چئو حسين جي لشڪر اھ واسطي.

هندي رباعي:

ڪيا چيز ڪيون دير ڪا سلطان هوا،
بت ڇوڙڪي ظاهر ۾ مسلمان هوا،
ڪلمون پڙهي اور بغض حيدر سين،
والله اوري ثاني شيطان هوا.

 

فرد سنڌي:

علي راز دار خد و نبي،

خبردار سر خفي و جلي.

فرد اردو:

جا گنا هي جاگنا افلاک کي سايه تلک،
حشر تک سوتا رهي گا خاک کي سايه تلک.

 

 

سائين ثابت علي شاهه رضوي جي تاريخ وفات مرتضائي هن ريت لکي آهي:

چون محب شاهه دين مداح آل مصطفيٰ،
آنڪه از صدق عقيدت در محبت داشت نوش،
رفت از دنيا ببخت گشت هم بزم علي،
ساغر وصل از ڪف ساقي ڪوثر ڪرد نوش،
سال وصل آن محب و اصل بزمِ علي،
گفت هم بزم علي ثابت علي بادا سروش.

 

(27 جمادي الثاني 1225 هجري)

 

مرتضائي دعا بعد روضئه خواني هن ريت جوڙي:

 

يارب جلال پنهنجي مطهر جي واسطي،
رحمت عظيم فضل مقرر جي واسطي،
يارب رسول پاڪ پيمبر جي واسطي،
حسنين ۽ بتول ۽ حيدر جي واسطي،
هر مومنن کي ڏي تون محبت حسين جي،
تن کي سڏائي ڪار زيارت حسين جي.
سڪرات و قبر روز حشر سرخرو هجن،
دنيا ۾ سي درست وڏيون حرمتون رکن.
مون مرتضائي عبد جي ٿئي مستجاب دعا،
تن جي مهابي منهنجي به ٿئي پوري مدعا.

 

هن ۾ اهڙا ڪل 33 بند آهن.

        هڪ وڏي مدح 58 بندن واري شهداءِ ڪربلا جي حضور ۾، سلام ۽ مدح فارسي ۾ جوڙي اٿس. مثال:

السلام سيد الشهدا امام انس و جان،
السلام اي بيوطن مظلوم مونس بيڪسان.
مرتضائي هيچ غم نبود ترا درهم دوڪون،
حضرت شاهه شهيدان باتو باشد مهربان.

 

انهي کان علاوه مرتضائي فارسي ۾ 28 کان زياده مداحون ٻارهن امامن، چوڏهن معصومن، ڪربلا جي شهداء ۽ انهن جي اولاد جي شان ۾ جوڙيون آهن.

سنڌي زبان ۾ مرثيه نگاري جي موجد سائين ثابت علي شاهه، زيارت نامو (1537 بند) ۽ رد الخوارج (974 بند) پڻ جوڙيا آهن. انهيءَ کان متاثر ٿي مرتضائي سائين ثابت علي شاهه جي واکاڻ ۾ هيٺيون قصيدو جوڙيو:


واهه ثابت ڪربلائي عبد شاهه ڪربلا،
ڪربلا جي شاهه وٽ هوئي سرخرو اي بي ريا.
واهه هي رد الخوارج جنهن جو آهي هڪڙو حرف،
خاص موتي دريگانه جنهن جي قيمت ناهي ڪا.
آفرين هن جي زبان تي آفرين هن شعر تي،
آفرين هن جي محبت آفرين اموا اها.
شعر منهنجو صف شڪن ٿئي تيغ حيدر جي مثل،
ڏي فصاحت ۽ بلاغت خضر سعدي جيئن صفا.
مرتضائي کي عطا ڪر دل تي از شعر فصيح،
تا سڏين شاگرد ثابت جو غلام مرتضا.

 

هن قصيدي ۾ اهڙا ڪُل 33 بند آهن.

سندس اردو مرثيه جو مثال هن ريت آهي، ڇاڪاڻ ته مرتضائي

اردو ۾ به شاعري ڪئي آهي:

حبيب مصطفا بابا، غريب ني نوا بابا،
سکينه غم زدي دل هي، سينه په اب لڻا بابا.
مين چاچي پاس جاتي هون، يه کان اپني دکهاتي هون،
گذشته سب سناتي هون، ديا گهر کا جلا بابا.

 

هن ۾ اهڙا ڪل 18 بند آهن.

دروازده بند فارسي هن ريت جوڙيا اٿس:

باز اينچه حسرتي است ڪه در جمله عالم است،
باز اينچه رنج درد مصيبت چه ماتم است،
باز اينچه انقلاب رسيده است درجهان،
گويا جراحتي است ڪه ناديده مرهم است.

 

هن ۾ اهڙيون ڪل 16 سٽون آهن ۽ ٻيا به اهڙا دوازده بند ٺاهيا اٿس.

سندس فارسي ۾ جوڙيل 12 مرثين مان هڪ جو مثال هن ريت آهي:

خاموش مرتضائي دلت چون ڪباب شد،
زين سوز ناڪه نظم تو هر سنگ آب شد.
خاموش مرتضائي ازين شعر شعله خيز،
برقي رسيده خرسني هستي خراب شد.
خاموش مرتضائي ڪه گريان است مصطفيٰ،
در ماتم حسين حزين بوتراب شد.
خاموش مرتضائي برد بآد آفرين،
در صله ت شفاعت محشر حساب شد.

 

هن ۾ اهڙا ڪل 16 بند آهن.

سنڌي ۾ هڪ مرثيو مرتضائي شهادت حضرت علي ڪرم الله وجه تي جوڙيو، جو هن ريت آهي:

 خالق ارض و سما جي خلق سرور مصطفا،
صاحبِ لولاڪ سلطان سرير انما،
ٿيا شفاعت خواه جنهن کان انبيا ۽ اوليا،
صاحب المعراج مالڪ روز محشر برشفا،
تاجدار دين دنيا قبله گاه اولين،
بادشاه اولين و پيشوائي رهنما.

 

آخرين بند

يا خدا هي داغ دل تي دائما واڌو هجي،
سر پٽڻ سينو ڪٽڻ هي دمبدم جيئن فرض ٿئي،
مرتضائي هن غمن سان شال دل لاڳو رهي،
ٻيو نه غم دنيا جو دل تي ربنا ان جي اچي.
يا خدا عترت جو غم ڏي مومنن جي جان تي،
ٻيو نه غم ڏيکار ڪو دنيا جي هن دوران تي.

 

هن مسدس مرثيي ۾ اهڙا ڪل 30 بند آهن.

        مرتضائي جي مرثيي نگاري متعلق تجزيو ڪندي لکي سگهجي ٿو ته، انهي ۾ جاذبيت، سلاست، سمجهاڻي، عڪسي چٽائي ۽ بيان جو طريقو عام فهم آهي. سندس مرثين جي پڙهڻ سان ڪربلا جي واقعي جي ياد تازي ٿئي ٿي.

تخليقي نقطه نگاهه کان ائين محسوس ٿئي ٿو ته، جهڙوڪ مرتضائي اتي روبرو موجود هو، اتي ئي انهي واقعي گذرندي بيٺي پير روئداد پسندي مرثيا جوڙيا هئائين. مرثين جي صنف کي سنڌي ادب ۾ مرتضائي خوب نباهيو، وڌايو ۽ ويجهايو آهي. مرثين پڙهڻ مان ”سر داد نه داد در دست يزيد، حقاڪه بنا لا الٰہَ الا الله جوورد وري نئين سر انسان ذات ۾ تازي دم ٿي جاءِ وٺي ٿو. اهو سبق هڪ دفعو وري دهرائجي ٿو ته ظلم، استبداد، ڏاڍ، ناحق، بي بنياد بادشاهي، زور، جبر ۽ زبردستي خلاف اٿي بيهڻ ۽ مهاڏو اٽڪائڻ وڏي ۾ وڏو يعني جهاد اڪبر آهي. انهي جهاد وڙهندي، انسان کي پنهنجي سر ڏيڻ کان به ڪيٻائين نه گهرجي. حق ۽ باطل جي معرڪي آرائي درميان تميز ٿئي ٿي ۽ انهن درميان سَنڌي ۽ سيڙي جو تعين ٿئي ٿو. حق، صداقت ۽ صبر آميزي جا انمول نقطا، پڙهندڙ جي دل تي اڻمٽجندڙ نقش چٽين ٿا. مرتضائي جي مرثين ۾ محرم شريف جي هر تاريخ، هر واقعي، هر سين، هر نماءُ، هر بيان، هر قصي، هر گهڙي، هر پلڪ ۽ هر دم ٿي گذريل واقعي ۽ هر وقت جي واردات ۽ آيل مصيبت جي عڪاسي ٿيل آهي. لاجواب قسم جي منظر نگاري ۽ بيان سحر تاريخي حقائق سان ٺهڪندڙ ڪري پيش ڪيل آهي.

شهداء ڪربلا جي غم جو کليل، ظاهر، عيان ۽ اثرائتو بيان سندس مرثين ۾ روان دوان سنڌي ۾ جوڙيل آهي، جو هر ذي شعور ۽ ذي فهم انسان، پڙهيل چاهي اڻ پڙهيل، قابل توڙي جاهل آسانيءَ سان سمجهي سگهي ٿو. امام حسين عليہ الرحمة جو حق گوئيءَ وارو سبق دنيا جي هر مظلوم لاءِ وڏو هٿيو، همت، ڏڍ، ڪوشش، سعيي ۽ قرباني کان دريغ نه ڪرڻ جو مثال بنجندو رهيو آهي. جتي به جنهن به وقت، جنهن سان به، جيڪڏهن زيادتي، ظلم، قهر، بغداد، ناجائزيت ۽ حق تلفي ٿين ٿا، اتي اهو ئي دنيا جي هوس گيري جو شڪار ٿيل انسان، معرڪه ڪربلا مان سبق وٺي، انهي بيدادي خلاف آواز اٿاري ٿو ۽ مضبوط سپہ ۽ ڍال بنجي ان جو مقابلو ڪري ٿو، ۽ امام حسين سان ٿيل ناحق، ظلم ۽ بي انصافي جو عيان مثال ڏيئي، پنهنجي سبقت جتائي ٿو، ۽ حق حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙي ٿو ۽ پنهنجو حق ڄاڻائي ٿو.

جهاد، جدوجهد، قرباني، ايثار، صبر، استقلال، تحمل، خدا جي خوشنودي حاصل ڪرڻ، امت مسلم لاءِ مشعل راهه بنجڻ، دين کي قائم ۽ دائم رکڻ، خدا جي راهه حق ۾ ٻار ٻچن، معصومن، وڏن توڙي ننڍن، جوان خواه پوڙهن سميت تلف ۽ تاراج ٿيڻ، ذاتي سک، چين، سڪون ۽ آسائش کي قربان ڪرڻ، تڪليفن ۽ مصيبتن سان مڙس ٿي منهن ڏيڻ جي سبب ئي شهادت جي عظمت، سنجيديت، سچائيت، زيبائش ۽ دائمي طور ياد رهڻ واري سبقت حاصل ٿئي ٿي. ڪربلا جو سانحو، هن دنيا جي دستياب تاريخي ورقن ۾ بي مثال ۽ بي نظير آهي، انهي ڪري ئي اها شهادت عظميٰ آهي ۽ دنيا جي مروج زبانن جي هر تاريخي ڪتاب ۾ روشناس ٿيل آهي. اها ئي قرباني، مقصد جي سچائي ۽ سعادت جي عظمت، اهڃاڻ، نشان، مرتبو ۽ مڃتا آهي. انهي ڪري ئي ڪربلا جو واقعو هڪ نه مٽجندڙ يادداشت ۽ رهنما اصول جي حيثيت حاصل ڪري چڪو آهي. هر سال انهي سانحي جي ياد ملهائي شهداءِ ڪربلا سان عقيدت، احترام ۽ محبت جو اظهار ڪيو وڃي ٿو، انهي عزم کي دهرايو وڃي ٿو ته فتح هميشه سچ ۽ حق جي آهي ۽ رهندي. ڪوڙ ۽ ظلم هميشه لعنت ۽ ملامت لائق رهن ٿا.

شهداءِ ڪربلا جو غم ياد ڪندڙ انسان پنهنجي لاءِ انهي مشغولي ۽ سرگرمي کي ڇوٽڪاري جو ذريعو سمجهي ٿو ۽ اهائي ياد تازي ڪرڻ، لاڪس ڪاڻ دلي سڪون، قلبي آرام ۽ روحاني راحت جو سبب بنجي ٿي. اهو احساس انساني ڀلي ۽ بهتري جو بنياد مهيا ڪري ٿو.

”نجات القلوب“

مرتضائيءَ جي ٻي تصنيف هڪ مڪمل ڪتاب جي صورت ۾ آهي، جنهن کي پاڻ ”نجات القلوب“ جو نالو ڏنو اٿس. هن جو زياده تر حصو تاريخي حقائق جي پيشڪش تي مشتمل آهي ۽ اڻ ڇپيل آهي. سمورو فارسي ۾ قلمبند ٿيل آهي. ڪٿي ڪٿي عربي ۾ بيان ڏنل آهي. انهي ڪتاب نجات القلوب جي خاص خاص ۽ مکيه بيانن، احوالن ۽ ذڪرن کي تمهيد طور هتي متعارف ڪجي ٿو (13).

نجات القلوب، مرتضائي 1289 هجري ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ بروز خميس، 5 شوال المعظم جي مهيني 1292 هجري ۾ لکي مڪمل ڪيائين. سندس خيال موجب ته انسان فاني آهي، انهي ڪري زندگي بعد، پنهنجي اشاعت قائم رکڻ لاءِ هي ڪتاب تيار ڪيو اٿس.

نجات القلوب ۾ ديوان محسن صباغ ٺٽوي سمورو تاليف ڪيو اٿس. صباغ ٺٽوي جو پنهنجي وقت جو وڏو شاعر، مصنف، قصيده گو، مرثيه گو، رباعيات ۽ منقبتون جوڙيندڙ هو، سو پڻ مير مرتضائي جي خاندان مان سيد لطف علي شاهه رضوي تخلص ”همت“ گورنر سنڌ جو شاگرد هو، ممڪن آهي ته ان ديوان جي تاليف بعد کيس سنڌي ۾ ديوان جوڙڻ جو شوق جاڳيو هجي.

نجات القلوب اندازن 725 قلمي صفحن تي مشتمل آهي، هن جي شروعات ۾ فارسي سنڌي لغت (14) ڄاڻايل آهي. انهي لغت ۾ ئي حضرت علي ڪرم الله وجه، حضرت امام حسن عليه السلام، حضرت امام حسين عليه السلام، حضرت آدم عليه السلام، مختلف نبين جا مختلف اسم ۽ لقب، دنيا، رات ۽ ڏينهن، شبنم، برف، برسات، ڪڪر، وڄ، انڊلٺ، سج، چنڊ ۽ زمين جا مختلف نالا، بادشاهن ۽ شهسوارن جا لقب، مختلف کاڌن ۽ طعامن، پکين جي جنسن، حيوانن، ڪاريگرن، (درود گر) جهڙوڪ: واڍو، رازو، سونارو، ٺاٺارو، حجام، جنڊاڙو، ڪاشتڪار، رنگريز، کهنباٽي، قصاب ۽ ڪاسائي، ساٽي، عطار ۽ سريو جا مختلف نالا ۽ انهن سان واسطيدار اوزارن ۽ اسمن جا نالا، دريا جون ڪيفيتون، انسان جون وصفون، سازندن (مطربن) جون خاصيتون ۽ ساز و سامان، فارسي گرامر جي فعلن جا نمونا، پڃارن ۽ چاڪين جا مختلف نالا ۽ انهن کي ڪم ايندڙ اوزارن جي اسمن جو ذڪر ڏنل آهي، انهي بعد ڊگهي فارسي، سنڌي لغت ڏنل آهي.

انهي بعد ديوان محسن جي شروعات بسم الله الرحمان الرحيم سان ڪئي اٿس. حاشين ۾ وابسته تاريخي حقائق جو بيان پڻ ڪيو اٿس ۽ مختلف واقعن جا حوالا پڻ درج ڪيا اٿس. ديوان جي باب الف ختم ٿيڻ کان پوءِ داستان زبان ترڪي استنبولي ۽ ايراني ترڪي جي لغت ڏني اٿس. اهو ڪتاب جو 98 صفحو آهي، جو پاڻ، 1292 هجري، ماه رجب تاريخ 15، بروز جمعي جي لکي پورو ڪيو اٿس، انهي بعد 194 صفحي تائين محسن هلندو ٿو رهي ۽ حاشين ۾ رمارڪس پڻ ڏنل آهي. هندي حروف مان سنڌي معنيٰ، هندي الفابيٽ، هندي جا انگ سنڌي ۾ پڻ درج ڪيا اٿس.

انهي کان پوءِ صفحي 195 کان آغاز مجلس ها وغيره نقطه ها از ڪتاب هائي ڪشيده نوشتم ميشوند _ لکڻ شروع ڪيا اٿس. انهي ۾ ترتيب نماز اهل تشيعة، ترڪيب غسل، وضو، اقامت، آذان، ڪلمو، فرض بعد دعا، دعا غوث، دعا تشهد، ترتيب ۽ نيت نماز فجر، ظهر، عصر، مغرب، عشاءَ، جمعي نماز، عيد نماز وغيره، انهن جي سمجهاڻي جو ذڪر حاشيي ۾ ڄاڻايل آهي. حضور صلي الله عليه وسلم، پنجتن پاڪ ۽ چوڏهن معصومن جي صورت ۽ شبيهه جا حليا پڻ بيان ڪيا اٿس.

صفحي 204 کان سلطان امير تيمور جو ذڪر ڪيو اٿس. انهي ۾ تيمور جي آل رسول لاءِ محبت، سندس حڪومت جو حدون، تاريخ تيموري، بيان هفت اقليم، هندوستان ۾ سندس حڪومت جو احوال ۽ حدون، فارسي نظمون، رباعيون، عربي اشعار ڄاڻايل آهن. انهي باب ۾ امام مهدي عليه السلام جي ظهوري بابت ذڪر، مختلف راوين جون روايتون درج ڪيل آهن. اڳتي نصير الدين طوسي طرفان سماع مقدس حضرت مطهرات عليهم الصلواة، استخراج جو ڄاڻايل ابجد جو حساب، خط سروي از قبله گاهه خود آموخته شد، انما يريد الله ليذهب عنڪم، الرجه اهلبيت، ويطهر ڪم تطهيرا موجب ڏيکاريل آهي. مرتضائي خود به ابجد جي حساب جو ڪاٿو ۽ ڪٿ جو طريقو، قاعد از نجوم ۽ نقشو ڄاڻايو آهي، جنهن ۾ طرفن جو نقشو ۽ ڳڻڻ جو طريقو ۽ انگن جي مدد سان ابجد جي حساب جو ڍنگ پڻ درج ڪيل آهي.

مزيد صفحي 244 کان سڪندر ذوالقرنين جو بيان، صفت يا جوج ماجوج ڄاڻايل آهي. اصحاب ڪهف ۽ دائره فلڪ الافلاڪ جو احوال به ڏنل آهي. اڳتي نجوم جو قاعدي ۽ مختلف سيارن جو چارٽ ۽ انگريزن جي وقت ۾ 1872ع دوران هندوستان جي آدمشماري جو ڪاٿو 25 ڪروڙ ڄاڻايو اٿس. (15)

انهي بعد فلڪ الافلاڪ جو دائرو يا ڦيرو ڊايا گرام سميت ڄاڻايو اٿس. عجائب سدرة المنتهيٰ ۽ زمين جي ستن نالن جو ذڪر ڏنو اٿس.(16)

صفحي 256 تي نوشيروان عادل جي وزير طرفان مرتب ڪيل سالنامو ۽ انهي جون پيشنگويون ٻڌايون اٿس. بيان رقعات نثر لکيون اٿس، جن ۾ رقعه در جواب رقعه اڪبر بادشاهه، رقعه پروانه بمهر بادشاهه اصفهان بخدايار خان ڪلهوڙو ۽ ان جي جواب جو نقل، رقعه درد حروف سروي ۽ رقعه در حساب ابجدي ۽ انهن جو تفصيل، رقعه محمد نصير همداني بمير معين اصفهاني بطلب آب، دربا غره نوشته، رقعه محمد سرفراز خان بابت رسيدن دم ضرب تفنگ، رقعه در تهنيت تشريف آوري، رقعه در طلب ناس داز، رقعه در طلب باز، رقعه بطرف حڪيم، رقعه در مولانا خليل قرذيني، رقعه منظوم نادر شاهه بجانب محمد شاهه بادشاهه دهلي ۽ جواب رقعه، رقعه محمد خان والي توران بشاهه عباس ۽ جواب ۽ ٻيا ڪيترا رقعه درج ٿيل آهن.

انهي بعد صفت تابوت سڪينه قال الله سبحانه، تابوت جي شڪل ۽ تشبيهه موجب تصنيف ڪيل آهي.

صفحي 294 تي في الفوائد والاخبارات، تقويم معرفت، ڪيفيت، خمسئه نوشيروان عادل ڄاڻايل آهي، عصائي موسيٰ عليه السلام، خبر شمشير ذوالفقار، صفت انگشتري علي، خبر لقمان حڪيم، صفت صحائيف ڪه انبياء عليه السلام تقويم معرفت شمس، در عجائب ملڪ اندلس، ديوار قهقه، قول افلاطون ڄاڻايل آهن. پاسن کان ديوان محسن به لکيل آهي.

صفحي 319 کان ديوان محسن جي بابت ت کان شاعري هلندي رهي ٿي، صفحي 323 کان ذڪر اماڪن ثريفه شروع ٿئي ٿو، جنهن ۾ ڪعبة الله شريف ڏانهن آمد ۽ ان جي تعمير جو ذڪر آهي.

حيات العالم، طول ڪعبه شريف، حضرت آدم عليه السلام ۽ حضرت ابراهيم خليل الله جو ذڪر، بيت المقدس ۽ ڪعبة الله جو رنگن ڀريو نقشو ڏنو اٿس، نجف اشرف ۽ ڪوفي جي تشبيهه رنگن ڀريل نقشي ۾ ڏيکاري اٿس. ديوان محسن جاري رهندو ٿو اچي.

اڳتي هلي مختلف شاعرن، جهڙوڪ: سعدي شيرازي، حافظ شيرازي، سيد ثابت علي شاهه، سيد ڪرماني جد آغا خان پير خاجان، موجي عليه الرحمت، مرزا صائب، ڪلام شافعي عليه السلام، مولوي جلال الدين رومي، مريد شمس تبريز عليه الرحمت جو ڪلام، ڪلام نادر شاهه طيب اقدس سره، منقبت شاهه نعمت خان ولي الله، سيد ڪرماني، بهرام خان خانخانان، وزير اڪبر، محمد حسين رنگريز ٺٽوي ۽ ٻين ڪيترن جون منقبتون، جن مان گهڻيون حضرت علي عليہ السلام جي شان ۾ آهن، ڏنيون اٿس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com