سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ جولاءِ-ڊسمبر 1998ع

 

صفحو :4

_ نور واهه: نور محمد ڪلهوڙي جي حڪومت ۾ گهاڙ واهه مان کوٽايو ويو.

نور واهه: نور محمد ڪلهوڙي جي راڄ ۾ الهندي ناري مان کوٽايو ويو. الهندي ناري وانگر پڇڙيءَ ۾ عموماً وهندڙ هو، جتي ڪشش ثقل ذريعي پاڻي رسائيندو هو.

_بيگاري: نالي مان ظاهر آهي ته زوري بيگار وسيلي کوٽايو ويو هو. هي ڪلهوڙن جي اوائلي دور ۾ کڻايو ويو هو، جنهن مان نور واهه ۽ سون واهه ٻه ڇاڙون ڦٽنديون هيون.

_شر واهه: شر قبيلي جي نالي پٺيان، هاڻي شور ڪورٽ برانچ نالي سان گڊو بئراج ۾ ضم ٿيل آهي.

_ بنا نالي واهه: ٽالپرن پاران ڦٽايل ۽ برگس واهه نالي سان وري کوٽايل.

_ رجب چٽي: (گهٽ واهه).

_ مقصود واهه: ڪنهن وقت سنڌ ڍوري کي ڀريندو هو ۽ ٽالپرن جي راڄ ۾ ڦٽي ويو. جيڪب وري کوٽايو ۽ جيڪب واهه سڏجڻ ۾ آيو. 1872ع ۾ کوٽجي دنگ ٿيو ۽ ديزرٽ واهه سڏجڻ لڳو.

_ سون واهه: مٿي ذڪر ڪيل بيگار مان نڪتل.

_گهاڙ: قدرتي ڦاٽ لڳي ٿو ۽ بعد ۾ ڪلهوڙن پاران وهرايل ٿو ڀائنجي يا سمن جي دور جو’ابڙو واهه‘ٿي سگهي ٿو.

_ الهندو نارو به سنڌوءَ جو قدرتي ڦاٽ هو ۽ ڪلهوڙا، ٽالپر ۽ برطانوي دورن ۾ وهندو هو.

_ ڏاتي جي ڪور: ڏاتي کهاوڙ پاران کوٽايل.

_ شاهه جي ڪور: نور محمد ڪلهوڙي پاران کوٽايل.

_ نو لکي، داد ۽ ڌامڀڙو: سمورا سنڌوءَ جا پراڻا ڦاٽ، ڪلهوڙن پاران واهن ۾ تبديل ڪرايل.

_ گونگڙو: سنڌوءَ جي قدرتي ڇاڙ، جيڪا 1758ع کان پوءِ جڏهن درياهه هالن کان هيٺ موجود رخ اختيار ڪيو ته ڪلهوڙن چالو ڪرايو.

 _ بگهاڙ: 1699ع ۾ درياهه جي قدرتي ڇاڙ، جيڪا 1758ع بعد موسمي نالي ۾ تبديل ٿي هوندي، انڪري ميان غلام شاهه ڪلهوڙي باقاعدي واهه جي طور چالو ڪرائي هوندي.

_ ساڳي راءِ ’اوچتو‘ يا ’حجامڙو‘ ۽ ’ڪلري‘ واهن بابت قائم ڪري سگهجي ٿي.

_ مکي ڍنڍ جا ٽي واهه، هر هڪ مٺڙائو، دين ۽ هيرڻ تڏهن وهڻ لڳا، جڏهن فائيف (Fife) اڀرندي ناري کي روهڙيءَ کان اڳيان منهن / منڍ ڏنو، مگر اهي سمن _ سومرن جي دور جا قديم واهه مڃي سگهجن ٿا ۽ اهي نالي ماتر وهندا هئا، جڏهن سنڌو ۽ ستلج جو وڌيڪ پاڻي اڀرندي ناري ۾ ڇوڙ ڪندو هو. اهي غلام شاهه ڪلهوڙي جي دور ۾ ڪڏهن ڪڏهن وهندا هئا، ڇو ته هن اهو بندوبست ڪيو هو ته اڀرندي ناري جو وڌيڪ پاڻي پُراڻ رستي ڪڇ کي نه رسي سگهي.

ڪلهوڙا، ٽالپر ۽ برطانوي دور جا گهڻا پراڻا واهه گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراجن واري واهن جي سرشتي ۾ ضم ٿي ويا. سب ڊويزنل انجنيئر سطح جي مقامي وسيع تحقيق جي وسيلي ئي پراڻن واهن جي سرشتي جي تاريخ ۽ قدامت معلوم ڪري سگهجي ٿي. افسوس سان چئجي ٿو ته موجوده اڀياس انجنيئري مناسبت سان نه ڪيو ويو آهي، ان ڪري محڪمي کي هن مان ڪو خاص لاڀ نه رسندو. اميد ٿي ڪجي ته هڪ ڏينهن اقتصادي ۽ سماجي تاريخدان ۽ علم الانسان جا ماهر هن قسم جا سائنسي اڀياس ڪندا.

ڪلهوڙن جي دور ۾ واهن جو گڏيل انگ 700_1000 تائين پهتل هوندو. ڪلهوڙن جي راڄ ۾ 1757ع ڌاري موڪي طريقي سان پوکي راهي 21 لک ايڪڙن جي گهٽ ۾ گهٽ حد کي پهتي. مگر انهن ڏينهن ۾ هڪ مکيه آب رساني جو ڦيرو نمودار ٿيو. ”ننڍي برفاني دور“ گرم آبهوا ۽ درياهه ۾ پاڻيءَ جي چاڙهه 56_1755ع ڌاري سنڌوءَ ۾ آب رساني جي تبديلي آندي. 1757ع ۾ درياهه هالن کان اڏيرو لال، نصرپور، شيخ ڀرڪيو، جُوڻ، پراڻي بدين ۽ رهمڪي کان ڪوري کاري وارو قديم گس / وهڪرو ڇڏي هالن کان اولهه حيدرآباد ۽ هيٺ وارو نئون رخ اختيار ڪيو. هن تبديليءَ سبب هالن کان مٿي 500 واهه ڦٽي ويا ۽ ايترو تعداد هالن کان ڏکڻ واري علائقي ۾ به متاثر ٿيو.

درياهه جي رخ بدلائڻ ڪري 1757ع ۾ نهري زراعت هيٺ 21 لک ايڪڙ ايراضي گهٽجي 11 لک وڃي بچي. سنڌ ۾ هن قسم جي مکيه تبديلين باعث يقينن حڪومت جو زوال ۽ حڪمران گهراڻن جي تبديلي نمودار ٿي. پهرين بغاوت بلوچ سردارن پاران کڙي ڪئي ويئي، جنهن کي عوام جي پٺڀرائي حاصل هئي. حڪومت جون واڳون مرادياب جي جاءِ تي غلام شاهه جي حوالي ٿيون.

غلام شاهه جي حڪمرانيءَ کي احمد يار خان ۽ عطر خان للڪاريو. عطر خان، احمد شاهه ابداليءَ کان سَند (حڪمراني ڪرڻ جو اختيار يا پروانو) وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيو ۽ غلام شاهه سندس حق ۾ اختيار ڦٽا ڪيا. آبي تبديليون اڃا جاري هئڻ ۽ درياهه پاران مستقل گس اختيار ڪرڻ باعث عطر خان حڪومت جو ڪاروبار وسيع ڪرڻ ۾ ناڪام ويو، انڪري بلوچ سردارن غلام شاهه کي حڪومت ڪرڻ واري نينڍ ڏني ۽ 1759ع ۾ هو بغير مزاحمت جي ٻنهي ڀائرن کي هڪالي اقتدار ڌڻي بڻجي ويهي رهيو ۽ درياهه جي نئين رخ موجب نئين زمينن تي پوکي راهي ٿيڻ لڳي. عام رواجي حالتن ۾ ان قسم جي عمل کي پنجاهه سالن جو عرصو درڪار هوندو هو. خزاني ڀرڻ خاطر هن فتوحات جو سلسلو جاري ڪيو. 1760ع ۾ ڪڪرالي، سنڌڙي (رڻ ڪڇ 1819ع واري زلزلي ۾ غرق ٿيو) لکپت ۽ بسته کي سنڌ مان ملائي رڻ ڪڇ جو وڏو حصو پنهنجي تسلط هيٺ آندو. ساڳئي وقت اندروني فسادن ايندڙ پنجويهن سالن دوران ڪلهوڙن جي قوت کي ڪاپاري ڌڪ هنيو ۽ سندن حڪومت جي جاءِ تي ٽالپر سنڌ جا حاڪم ٿيا. برطانوي تاريخ نويسن ڪلهوڙن جي واهن جي سرشتي جي شاندار تعريف ڪئي آهي، ايتري قدر جو 1937ع ۾لئمبرڪ (”جرنل آف سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي“، 1937ع) اعتراف ڪيو ته ”1930ع تائين برطانوي راڄ جي 87 سالن جي عرصي ۾ ايترو مس حاصل ٿي سگهيو جيترو ڪلهوڙن 18 صديءَ جي وچ ڌاري حاصل ڪيو هو.“

1757ع ۾ لئمبرڪ جي ٽيهه لکه ايڪڙن واري ايراضيءَ کي ڇٻلاڻي وري 21 لکه ايڪڙن واري محتاط اندازي ۾ تبديل ڪيو آهي، تڏهن سنڌ جي آدمشماري 30 لک افراد تي مشتمل هئي. ڇٻلاڻي جي راءِ موجب 1600ع ڌاري سنڌ ۾ 13 لک ايڪڙ ايراضي پوک هيٺ هئي، جنهن مان ”آئين اڪبري“ ۾ ڏنل محصولن جي نرخن موجب حڪومت کي 395، 125، 66 دام اپت ٿي. ان موجب 1600ع ۾ سنڌ ۾ 19 لک آدم آباد هو. اورنگزيب جي حڪمراني هيٺ ان حقيقت جي مد نظر ته 1665ع ته ٺٽي سرڪار جي اپت سن 1600ع جي ويهه سيڪڙي اپت جي برابر هئي، ته سنڌ ۾ پوک هيٺ ايراضي هر حالت ۾ 5 لک ايڪڙ گهٽجي ويل هوندي. ائين سمجهڻ حق بجانب ٿيندو ته 1801ع ۾ ڪلهوڙن پاران اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ سنڌ ۾ آباد ٿيل آدم 12 لکن کان مٿي نه هوندو ۽ پوکي هيٺ ايراضي ست لک ايڪڙن کان مٿي نه هوندي. انڪري اهو ڪلهوڙن جو ڪمال آهي ته سندن دور ۾ آبادي سان گڏوگڏ زرعي پيدائش جي حد وڌي ٽيڻي ٿي.

ڄاڻ هيٺ آيل حالتن موجب 1525ع ۽ 1701ع جي وچ ۾ سمن جي حڪمرانيءَ ۾ ڪل آبادي 25 لک ماڻهن تي مشتمل هئي ۽ زرعي زمين جي ايراضي 16 لک ايڪڙ هئي، توڻي 16 لک ايڪڙ هڪ محتاط اندازو آهي. 175 سالن جي وچ واري عرصي ۾ نه فقط سنڌ ۾ زراعت هيٺ ايراضي گهٽ ٿي بلڪه آدمشماري ۾ به ڪمي آئي. ساڳيون حالتون 1757ع تائين ٿڌي موسم جي موجودگي ۽ 1850 تائين ننڍي برفاني دور جي سبب برقرار رهيون.

درياهه سنڌ جو رخ مٽائڻ ۽ سنڌ ۾ ڪلهوڙن جو زوال (1758ع _ 1783ع):

        1758ع ۾ درياهه جي رخ بدلائڻ جي ڪري نهري پوکي راهي هيٺ ايراضي 21 لک ايڪڙن مان گهٽي 11 لک ايڪڙن تي وڃي پهتي. ساڳئي وقت خصوصاً 1760ع کان بعد ٿڌ وري موٽ کاڌي ۽ 1776ع تائين ڪلهوڙن پاران مسلسل 15 سالن جي جدوجهد باوجود پوکيءَ هيٺ زمين جي ايراضيءَ ۾ ڪو خاطر خواه ضافو ڪونه ٿيو، ان صورتحال جي ڪري خوراڪ جي پيداوار ۽ گڏوگڏ ماڻهن جو انگ اڌو اڌ گهٽيو. ان سببان بک، بيماري ۽ موت ۾ اضافو ٿيو. ساڳئي وقت جياپي لاءِ به جدوجهد شروع ٿي. ڪلهوڙا حڪمرانن محسوس ڪيو ته سنڌ ۾ سندن پاران جاگيردار طور آباد ڪيل بلوچ قومن جي سگهه ۾ اضافو ٿي ويو هو ۽ انهن جي زور کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪيائون. ٻئي پاسي بلوچن ڏٺو ته سندن اهل و عيال جي جياپي جو دارومدار وڌيڪ زمين جي حاصلات تي آهي. اها دراصل گهرو لڙائي ٿي پيئي، جنهن جو لاڳاپو ميان مراد ياب کي هٽائي غلام شاهه کي آڻڻ سان هو، جيڪا هاڻي حڪمرانن خلاف کلي جنگ بڻجي ويئي هئي. ان کي دٻائڻ خاطر حڪمرانن گهڻيئي حربا آزمايا، ايتري قدر جو مدد خان پٺاڻ کي به ڪوٺ ڏيئي گهرايو ويو، جنهن بلوچ سردارن جي زور ٽوڙڻ جي بهاني سموري سنڌ کي تلف ۽ تاراج ڪري ڇڏيو. آخري معرڪي ۾ بلوچن ڪلهوڙن کي نيڪالي ڏيئي زمين جي اڪثريت پنهنجي قبضي ۾ آندي. ڪجهه آبادگارن کي ڍل تي زمين رکڻ جي به اجازت ڏنائون. آبادي، جيڪا 1758ع ۾ ٽيهه لک هئي، سا 1843ع ۾ برطانوي راڄ برپا ٿيڻ وقت گهٽجي وڃي 14 لکن تي بيٺي. انگريزن آبپاشي سرشتي جي تباهي جي تهمت ٽالپرن تي هنئي. حقيقت ۾ اهو ائين ڪونه هو، ڇو ته 1850ع تائين لڳاتار هلندڙ ٿڌ وري عرصي جي ڪري درياهه ۾ لاٿ سبب ڪلهوڙن جي دور ۾ ڇهه فوٽ ويڪر وارا واهه گهٽجي ٽيون حصو وڃي بيٺا هئا. ڪلهوڙن جي دور ۾ درياهه ۾ چاڙهه رهيو ۽ پوکيءَ هيٺ آيل ايراضي وڌي. ان بهتريءَ جو مکيه محرڪ خود هاري هو، جنهن واهن جي کاٽيءَ جو ڪم پنهنجي ڪلهي تي کڻي سنڌ کي مالوند رولو معيشت کان ڇوٽڪارو بخشي، مستقل زرعي معيشت ۾ تبديل ڪيو. ٽالپر دور ۾ اهو محرڪ موجود ڪونه هو. ٽالپرن به هالن جي ڏکڻ ۾ واهه کوٽايا ۽ ان ۾ ڪوبه شڪ شبهو نه آهي ته حالتن پٽاندر يعني درياهه ۾ موجود پاڻيءَ جي ذخيري جي مناسبت سان آبپاشيءَ جي سرشتي جي واڌاري ۾ حصيدار بڻيا. ڪلهوڙا _ ٽالپر تنازع جو گهڻو برو اثر هارين تي ئي پيو، جيڪي زمين لاءِ ميسر نه ٿيڻ جي حالت ۾ ”مالونديءَ“ ۾ تبديل ٿيا ۽ چراگاهن جي بتدريج غير موجودگي سبب بدحالي ۽ آخر ۾ موت جو شڪار بڻيا. ملڪ جي آبادي ٽيهه لکن مان گهٽجي چوڏهن لک ٿيڻ واري صورتحال ۾ به، اهو آبادگار هاري ئي هو، جيڪو بک، بدحالي ۽ موت جي منهن ۾ آيو، ڇو جو زرعي زمين جي ايراضي 21 لکن مان گهٽجي 9 لک ايڪڙن جي حد تائين پهتي. سنڌ ۾ زراعت جي ريڙهه جي هڏي ”هاري“ ئي آهي ۽ گذريل اٺ هزار سالن کان موسمن جي مٽا سٽا ۽ نامهربانين جو بَک به هي ويچارو ئي بڻيو آهي!

 

محمد عمر چنڊ

 

سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظي ترتيب جو مسئلو

 

        نوٽ: ”مهراڻ“ 1979ع جي ٻئي شماري ۾ ”سنڌي ٻوليءَ جو مزاج: سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ ابتي ٻوليءَ جي دعويٰ“ جي عنوان سان هڪ مضمون ڇپيو، جنهن ۾ ڪن ڪهاڻيڪارن جي اهڙن جملن جي سٽاءُ تي اعتراض ڪيو ويو، جيڪي’فاعل+مفعول +فعل‘ واري نحوي قانون جي ’ڀڃڪڙي‘ ڪري لکيا ٿا وڃن ۽ ٻوليءَ جي سٽاءَ جي مقصدن (انتخاب، ترتيب، فعل جو لاڳاپو ۽ جهيلار) جي پابنديءَ جي ضرورت تي بحث ڪري اهو ثابت ڪيو ويو ته، ”اُٿيو آهيان ننڊ مان“ جهڙا جملا ’غير فطري ۽ غلط آهن‘. (1) اهڙن جملن کي ڪهاڻيڪارن جي ’ٻوليءَ جي سائنس جي علم کان واقف نه هئڻ ۽ سندن سنڌي زبان جي جملن جي سٽاءُ ۽ نحو جي قانون کان اڻڄاڻ هجڻ جو وڏي ۾ وڏو ثبوت‘ (2) چيو ويو. فاضل مصنف جو خيال هو ته اهڙي ’ابتي ٻولي‘ لکڻ مان لکندڙن جي مراد ”شايد جملن ۾ لفظن کي بنا ڪنهن اصول جي، سواءِ ڪنهن معنيٰ ۽ مفهوم سمجهڻ جي، ڦيرائي ڪڏهن جملي جي منڍ ۾، ڪڏهن وچ ۾ ته ڪڏهن جملي جي آخر ۾ رکڻ آهي.“ (3)

انهيءَ مضمون پڙهڻ سان ائين معلوم ٿيو ته ڪن ڪهاڻيڪارن پنهنجن افسانن ۾ ”اٿيو آهيان ننڊ مان“ جهڙا جملا لکيا. پڙهندڙن ڏٺو ته هنن جملن ۾ فاعل ته پنهنجيءَ جاءِ تي آهي ڪونه. انهيءَ وچ ۾ الائي ڪهڙي خيال سان هندوستان جي گني سامتاڻيءَ اهڙيءَ ٻوليءَ کي ”ابتي ٻولي“ ڪوٺيو. (4) معلوم ٿو ٿئي ته پوءِ انهيءَ معاملي تي گهڻن سطحن تي بحث شروع ٿي ويو ته انهيءَ کي ”ابتي ٻولي“ چئجي يا نه، انهيءَ کي ’نئون تجربو‘ چئجي يا نه، انهيءَ کي ’صحيح ٻولي ۽ فطري ٻولي‘ ڪري مڃجي يا نه؟ لائق ليکڪ خود انهيءَ خيال جو ٿو ڏسجي ته اهڙي ٻوليءَ کي نڪي ابتو سمجهڻ گهرجي، نڪي نئون تجربو؛ انهيءَ ڪري جو اهڙي ٻولي ته ”سنڌي ٻوليءَ سان گڏوگڏ پيئي هلي، پوءِ اها نئين ايجاد ڪيئن ٿي.“ (5). ائين سمجهڻ ۽ چوڻ جي باوجود انهيءَ مقالي ۾ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ته اهڙا جملا ’غلط ۽ غير فطري‘ آهن.

زير نظر مضمون ۾ اول ٻوليءَ جي ڳالهائيندڙن ۽ گرامر جي ڄاڻن جو جيڪو اختلاف هلندو اچي، ان جو مختصر جائزو ورتو ويندو؛ ان کان پوءِ ڳالهايل ۽ لکيل ٻوليءَ جي مختلف لهجن هئڻ ۽ انهن جي مختلف گرامري (نحوي ۽ صرفي) تقاضائن جي فرق کي واضح ڪري جهيلار ۽ لفظي ترتيب جي معيارن تي انگريزي، (اردو) فارسي ۽ سنڌي ٻولين کي پرکيو ويندو جنهن مان پڌرو ٿيندو ته رڳو هڪ ئي لفظي ترتيب ۾ جهيلار جومرڪز جملي ۾ جاءِ مٽائي سگهي ٿو پر ڪڏهن ڪڏهن جهيلار جو مرڪز (Focus of intonation) ۽ جملي جو موضوع (Theme)  هڪ ٿي سگهن ٿا، جن جي ڪري دنيا جي مڙني ٻولين ويندي انگريزي زبان ۾ به ضرورت جي لحاظ کان ’فاعل _ فعل _ مفعول‘ يا ’فاعل _ مفعول _ فعل‘ جي ’لفظي ترتيب‘ کان گريز ٿي سگهي ٿو؛ حالانڪه اها ٻولي لفظي ترتيب جي گهڻو پابند آهي ۽ اهو ته سنڌي ٻوليءَ جي تصريفي (Inflectional) ٻولي هئڻ ڪري ان کي لفظي ترتيب جي پابنديءَ جو اهو لاچار ڪونهي، جيڪو انگريزيءَ کي آهي ۽ هن ٻنهي معيارن جي مناسبت سان، اهو ثابت ڪيو ويندو ته نه رڳو سنڌيءَ ۾ ”اٿيو آهيان ننڊ مان“ جهڙا جملا صحيح ۽ فطري جملا آهن، پر خود انگريزيءَ ۾ به اهڙا جملا ٻڌڻ ۽ پڙهڻ ۾ ايندا، جن کي گرامر جا ڄاڻو صحيح ٿا مڃين ته: (6)

1. Leave him I couldn’t…

2. His face I’m not fond of …

3. John his name is.

 

ٻوليءَ جي صحت جو مسئلو ۽ ان ۾ گرامر جي ڄاڻوءَ جي ذميداري

 

ٻوليءَ جي لفظي ۽ نحوي صورتن ۽ انهن جي صحت متعلق گهڻي وقت کان ٻه رويا هلندا اچن. هڪڙو رويو آهي مَسهُنِ (نه سهندڙن) جو، جنهن کي فريز ”رسمي نقطهء نظر“ (7) ڪري سڏيو آهي. هيءُ نظريو ٻوليءَ جي ڪتابن، نحو ۽ صرف جي ڪتابن، تعليمي امتحانن ۽ ماپن جي ڪتابن، اخبارن ۽ رسالن جي ايڊيٽوريلن ۾ وقت ۽ ’بي‘ وقت ظاهر ٿيندو رهيو آهي. هن نظريي مطابق ٻوليءَ جي صحت جو نه رڳو هڪ حتمي معيار ٿئي ٿو، جيئن رياضي ۽ حسابن جو هوندو آهي، پر ان جا ڪي اڻٽر، پڪا ۽ پختا قاعدا ۽ قانون ٿين ٿا. (جن جي سُڌ رڳو گرامر جي ڄاڻن ۽ لسانيات جي ماهرن کي هوندي آهي!) جن کي ٽوڙڻ ڪنهن به قيمت تي روا ناهي. ان جي ابتڙ ٻيو نظريو آهي ’علمي نقطهء نظر‘ وارو (8). هيءُ نظريو ٻوليءَ جي علم جي ڄاڻن جي گهڻن ڪتابن ۾ ايندو رهيو آهي، ۽ هر زماني ۾ هر هنڌ هر ٻوليءَ ڳالهائڻ وارن جي گهڻائي هن نظريي جي پوئلڳن جي هوندي آهي. هنن جو خيال آهي ته جيڪا ٻولي عوام ۾ مروج ۽ مستعمل آهي اُها ئي صحيح ٻولي آهي. ان ۾ جيڪي ڦيرا فرق يا تنوع ڏسڻ ۾ اچن ٿا تن کي غلطيون نه پر فرق، اختلاف يا آراڌايون (Variations) چئبو ۽ سندن نقطهء نظر جي نظريي جي لحاظ کان گرامر جي ڄاڻوءَ جو اهو ڪم ناهي ته رستي ويندي ڳالهائيندڙن جي ڄڀ پڪڙيندو وتي، پر سندس ڪم آهي ته مستعمل ٻوليءَ جو مطالعو ڪري، ان مطابق گرامر جو نظريو ٺاهي. جيڪڏهن بولي ڳالهائيندڙ ۽ گرامر ۾ ڪو اختلاف ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته اهو ڳالهائيندڙن جي گهٽتائي يا غلطي ظاهر نٿو ڪري، پر گرامر جي گهٽتائي (inadequacy) ظاهر ٿو ڪري. ان ڪري جو ٻوليءَ جو جيڪو به نظريو ٺاهبو ان لاءِ ضروري ٿيندو ته ٻوليءَ جي تخليقي عمل کي سمجهي؛ جيئن نوم چامڪسي ٿو چوي:

 

“This property of being innovative and stimulus-free is what I refer to by the term “Creative aspect of language use… Any theory of Language must come to grips with this fundamental property of language use......” (9)

 

 يورپ ۾ سترهين صديءَ ۾ شروع ڪيل هن لسانياتي نظريي کي هن زماني ۾ ٻيهر جيئرو ڪندي نوم چامسڪي چوي ٿو ته:

”ٻوليءَ جو سڀ کان اهم پهلو اهو آهي ته اها محرڪ کان آزاد (Stimulus-free) آهي ۽ ان ۾ نواڻ واري تخليقي قوت (Creative capacity) آهي.“ يعني اسان اهڙا جملا لکندا ۽ ڳالهائيندا آهيون جي اڳ ڪڏهن به نه لکياسون نه پڙهياسون نه ٻڌاسون. مثلاً هزارين ڪتاب عشق ۽ محبت جي ڳالهين تي لکيل آهن، پر ڪڏهن به ائين ڪونه ڏسبو ته اهي ساڳيا جملا جيڪي نٿوءَ لکيا سو خيرو به لکي، يا انهن جي بناوٽ ۽ مضمون ساڳيو هجي. انهيءَ کي چامسڪي ’ٻوليءَ جو تخليقي پهلو‘ ٿو ڪوٺي. ۽ چوي ٿو ته ٻوليءِ جو جيڪو به نظريو هاڻي ٺهندو ان لاءِ اهو ضروري ٿيندو ته ٻوليءَ جي ان پهلوءَ کي نظر ۾ رکي. ان لاءِ پهريون لازمي قدم اهو ٿيندو ته لسانيات جو ماهر ڳالهه سمجهي ته هڪ ٻوليءَ جو هر ڳالهائيندڙ هڪ تخليقي گرامر (generative grammar) پنهنجي ذهن ۾ ٺاهي ٿو. قاعدن جو هڪ اهڙو نظام جنهن کي نون جملن ٺاهڻ لاءِ نَون، اڻ ٻڌل، اڻ سُئل ۽ اڻ ڪيل ترڪيبن ۽ ميلاپن ۾ استعمال ڪيو ويندو ۽ ٻڌڻ وارو جڏهن اهڙا نوان جملا ٻڌندو ته انهن کي معنوي لباس ڍڪائڻ جي صلاحيت رکندو.

“A necessary but not sufficient step towards dealing with this problem is to recognise that the native speaker of a language has internalized a “generative grammar”--a system of rules that can be used in new and untried combinations to form new sentences and to assign semantic interpretations to new sentences.” (10)

 

جيڪي ڳالهيون انهيءَ گرامر جي طريقي سان اسين واضح نه ڪري سگهياسون ته ڳالهائيندڙ تي ڏوهه ڏيڻ بدران سمجهنداسين ته اڃا ڪي ڳالهيون آهن جيڪي اسان جي ڄاڻ ۽ علم کان ٻاهر آهن. هڪ عالم جي ڪوشش اها رهندي ته انهن ڳالهين کي ڳولهي هٿ ڪري، جن جي کيس اڃا ڄاڻ ڪانهي.

“The limitations of generative grammar are the limitations of our knowledge.”(11)

جنريٽو _ ٽرنسفرميشنل گرامر جو هيءُ نظريو تقريباً ٽيهن سالن کان لسانيات جي سڀني شعبن تي اثر انداز آهي ۽ جيئن اڄڪلهه طبعيات جي ڳالهه آئنسٽائن جي نالي وٺڻ کان سواءِ اڻپوري رهندي، تيئن هن زماني ۾ لسانيات جي ڳالهه ’نوم چامسڪي‘ جي نالي وٺڻ کان سواءِ ڪانه ٿيندي. هنن نَون نظرين جي اثر هيٺ ويندي انگلستان جا انگريز به، جيڪي پراڻين ڳالهين کي چهٽلن مان مشهور آهن، انهيءَ خيال جا ٿي بيٺا آهن ته جيڪي ماڻهو هڪ ٻوليءَ جا اصل ڳالهائيندڙ آهن، انهن جي ٻوليءَ ۾ ”غلط ۽ صحيح“ جهڙي ڪا شيءِ ڪانه هوندي آهي. (12) وِلڪنز ته چوي ٿو ته ”جنهن گرامر ۾ لسانيات جي ماهر کي دلچسپي رکڻ کپي اهو ڳالهايل ٻوليءَ جو گرامر هئڻ کپي ۽ نه لکيل ٻوليءَ جو.“ هو شڪايت ڪري ٿو ته ”گهڻا ماڻهو ڳالهايل ٻوليءَ کي ماڳهين اڻ _ گرامري ٻولي سمجهندا آهن.“ (13)

اهڙا ماڻهو جيڪي ڳالهايل ٻوليءَ کي غير گرامري ٻولي (غلط ۽ غير فطري) سمجهن ٿا سي اڄ ڪلهه گهڻو ڪري لسانيات جي علم کان ٻاهر جا ماڻهو آهن، پر اڳئين زماني ۾ خود گرامر لکڻ وارا ماڻهو اهڙا خيال رکندا هئا، ۽ اڄ ڳالهايل ٻوليءَ جي خلاف هيءُ جيڪو زهر پکڙيل ٿو ڏسڻ ۾ اچي سو اهڙن اڳين عالمن جو پکيڙيل آهي.

چارلز ڪارپينٽر فريز (Charles Carpenter Fries) اهڙن رسمي نقطهء نظر رکڻ وارن عالمن جون ڪي تمام دلچسپ ڳالهيون پنهنجي ڪتاب ۾ ڄاڻايون آهن. ’ڊيٽرئائٽ فري پريس‘ اخبار جي 1928ع جي هڪ ايڊيٽوريل جو حوالو ڏنو اٿس، جو هڪ پروفيسر جي انهيءَ ’ڇڙواڳيءَ‘ واري تجويز جي خلاف لکيو ويو ته aren’t جو مخفف ain’t جيڪو سڀني ڳالهائيندڙن ان وقت ڳالهائڻ ۾ استعمال ڪيو ٿي، تنهن کي غلط نه چئجي. اخبار لکيو:

”...هن ملڪ (آمريڪا) ۾ گهڻي مقدار ۾ ردي انگريزي ٻڌڻ ۾ اچي ٿي. ان جو علاج گرامر جي قاعدن تي نظر ثاني ڪرڻ ۾ نه، پر انهن قاعدن کي وڌيڪ سخت هوشياريءَ سان اسڪولن ۾ نافذ ڪرڻ ۾ آهي....گرامر جي قانونن ۽ رسمي استعمال خلاف (انهيءَ پروفيسر وارو) هيءُ اعتراض هن زماني ۾ چؤڏس پکڙيل لاقانونيت جي انهيءَ نامراد لاڙي جو هڪڙو ٻيو اظهار آهي.....شاگردن کي سيکاريو وڃي ته صحيح ڳالهائڻ شائستگي جو ثبوت آهي ۽ اهو ته صحيح ڳالهائي سگهڻ لاءِ کين انهن قاعدن قانونن تي دسترس هئڻ کپي، جيڪي ٻوليءَ جي استعمال سان لاڳو آهن.....“ (14)

ڊبليو. ڊبليو. چارٽرز 1924ع ۾ لکيو:

”گرامر ڪن قاعدن ۽ وصفن جي سلسلي سان واسطو رکي ٿو...... جيئن ته.... سڀني شاگردن ۽ استادن مان پنجانوي سيڪڙو اهڙن گهرن ۽ محلن مان اچن ٿا جتي غير صحيح (غلط) انگريزي ڳالهائي وڃي ٿي، (ان ڪري) منجهانئن گهٽ وڌ هر هڪ جي مٿان اها مشڪل ذميداري اچي ٿي ته هو انهن خراب عادتن کي پنهنجي وس ۾ آڻي بدلائين جيڪي هنن پنهنجي زندگيءَ جي اوائل واري زماني ۾، اسڪول ۾ اچي ٻولي ۽ گرامر سکڻ کان اڳ، پرايون هيون.“ (15)

هڪ پنگتيءَ جا پنجانوي سيڪڙو ماڻهو جيڪا ٻولي ڳالهائين سا چئجي ردي، پنج سيڪڙو ماڻهو جيڪا ٻولي ڳالهائين سان ئي شنائتي (prestigious)، ٻولي ۽ اهو ٿيو انصاف! اهڙي سوچ وارا ماڻهو اڳي به هئا، هينئر به آهن، پر انهيءَ رسمي نقطهء نظر کان سواءِ هڪ علمي نقطهء نظر اڳين ڏينهن ۾ به هو. گهڻا ئي ساڃاهه وارا ماڻهو هن نقطهء نظر سان متفق هئا _ (پنجانوي سيڪڙو؟) جن جو خيال هو ته گرامر جي ڄاڻوءَ جو ڪم اهو آهي ته پنهنجي پنگتيءَ ۾ ڳالهايل ٻوليءَ جو مطالعو ڪري ۽ ان جي تشريح ۽ توصيف (describe) ڪري؛ سندس ڪم اهو نه هوته ڏنڊو کڻي ايندي ويندي تي صحيح ٻولي ڳالهائڻ جا قاعدا ۽ قانون لاڳو (prescribe) ڪندو وتي.

اڻويهين صديءَ جي آخري چوٿائيءَ ۾ هينري سويٽ هڪ گرامر جو ڪتاب لکيو، جنهن ۾ گرامر جي ڪارج ۽ صحيح ٻوليءَ بابت لکيائين:

”جن اصطلاحن (ڪلمن) کي اڻ _ گرامري ٿا چون، تن جي اصلاح لاءِ گرامر کي استعمال ڪرڻ بابت سوچيندي اها ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته گرامر جي قاعدن جي، ڪن حقيقتن جي بيان (description) کان وڌيڪ ڪا اهميت ڪانهي. هڪ ٻوليءَ جي عام استعمال ۾ جيڪو (فقرو يا ترڪيب) مروج آهي سو بلڪل انهيءَ ئي سبب جي ڪري، گرامر جي نقطهء نظر کان صحيح چئبو (جو اهو زبان ۾ مروج آهي).“ (16)

اُٽوييسپرسين 1909ع ۾ پنهنجو گرامر جو ڪتاب لکيو، جنهن ۾ هن چيو ته:

ٻوليءَ جي فرقن ۽ ڦيرين گهيرين، اختلافن يا آراڌاين کي غلط چوڻ بدران هو ان عمل کي هڪ جيئري ٻوليءَ جي ترقي پذير هئڻ جو ثبوت ٿو سمجهي، ۽ گرامر کي سخت تعصبي قانونن جو مرصع ڏيکارڻ بدران (جن جي ڪري ڪن ڳالهين کي صحيح چئجي ڪن کي بلڪل غلط) هو ڪوشش ڪري اهو ثابت ڪرڻ چاهي ٿو ته ٻولي لڳاتار لاهين چاڙهين ۽ ڦيرين گهيرين هيٺ وڌي ويجهي رهي آهي ۽ ڏيکارڻ چاهي ٿو ته ڪيئن گرامر ماضيءَ تي بنياد رکي آئيندي جي لاءِ واٽ سنئين ٿو ڪري. گرامر هڪ اهڙي شيءِ آهي جا سدائين هڪ جهڙي، اڻ بدلجندڙ ۽ ڪامل ناهي، پر ترقي پذير ۽ تڪميل پذير آهي. هڪ لفظ ۾ کڻي چئجي ته انسانيت پسند (ماڻهپي وارو) آهي.“ (17)

1925ع ۾ گراٽن ۽ گري ”اسان جي (جيئري) ٻولي“ نالي وارو هڪ ڪتاب لنڊن مان ڇپرايو، جنهن ۾ هنن هڪ پنگتيءَ ۾ ڳالهايل ۽ لکيل ٻوليءَ کي گرامر جو هڪ حصو سمجهي، گرامر کي ان جي توضيح لاءِ استعمال ڪرڻ جي سفارش ڪندي لکيو:

”ڪنهن ٻوليءَ جو گرامر انهن قاعدن جي پٽي يا فهرست ڪانهي جيڪي علمي ماهرن وٽان ڳالهائيندڙن مٿان مڙهيا ويا هجن؛ پر (گرامر) ڳالهائجندڙ ۽ لکجندڙ ٻوليءَ جي اصل نوادرات جو هڪ علمي دستاويز آهي. جيڪڏهن هڪ پنگتي ڪنهن ٻوليءَ جون ڪي مختلف صورتون عادتاً استعمال ڪري ٿي ته اهي صورتون ان پنگتيءَ جي ٻوليءَ جي گرامر جو هڪ حصو آهن.“ (18)

انهيءَ ساڳئي زماني ۾ آڪسفرڊ مان ايڇ. سي. وائلڊ جو ڪتاب ”انگريزي گرامر ۾ ابتدائي سبق“ جي نالي سان ڇپيو، جنهن ۾ مصنف چوي ٿو:

”گرامر جو ڪتاب اها ڪوشش نٿو ڪري ته ماڻهن کي سيکاري ته کين ڪيئن ڳالهائڻ کپي، پر ان جي ابتڙ _ سواءِ انهيءَ جي جو اها ڪا بنهه ردي يا ڪا تمام پراڻي تصنيف هجي _ فقط ايترو ٻڌائي ٿو ته ان تصنيف لکڻ وقت اتي جا ماڻهو ڪا ٻولي واقعتاً ڪيئن ٿا ڳالهائين.“

“A Grammar book does not attempt to teach people how they ought to speak, but on the contrary, unless it is a very bad or a very old work, it merely states how, as a matter of fact, certain people do speak at the time at which it is written.” (19)

لکيل ٻولي ۽ ڳالهايل ٻوليءَ جي لهجن جا الڳ گرامر

        پنهنجي دل جي ڳالهه ٻئي تائين پهچائڻ ۾ لکيل ٻوليءَ کي ڪي مشڪلاتون آڏو اچن ٿيون، جيڪي ڳالهايل ٻوليءَ کي آڏو ڪو، ۽ ان جي ابتڙ لکيل ٻوليءَ کي وري ڪي سهولتون به حاصل آهن جيڪي ڳالهايل ٻوليءَ کي ميسر ڪونهن. لکيل ٻوليءَ جو جملو جيڪڏهن وڏو يا ڏکيو هوندو ته ورائي ڏسي سگهبو، ڳالهايل ٻول سمجهه ۾ آيو ته وه واهه، ويو ته ڇُٽو. لکيل ٻوليءَ جو حوالو اصل لفظن ۾ ڏئي سگهبو، ڳالهايل ٻوليءَ تي ڪنهن کي جهلڻ ڏکيو ٿيندو. سائنس ۽ قانون جا منجهائيندڙ جملا رڳو لکي سگهبا يا پڙهي سگهبا، ڳالهائي گهٽ سگهبا. لکيل ٻوليءَ کي وري بيهڪ جون نشانيون آهن، پئراگرافن ۽ بابن ۾ ورهايل حصا آهن، جيڪي ڳالهه سمجهڻ ۾ مدد ڏيندا، تجزئي ڪرڻ ۾ آساني پيدا ڪندا. ٻئي پاسي ڏسجي ٿو ته ڳالهايل ٻوليءَ کي جهيلار آهي، ٽون آهي، آواز جي لاهي چاڙهي آهي، لفظن تي سندن اهميت ۽ ڪارج آهر زور آهي، ڳالهائڻ وقت منهن جا تاثرات آهن، هٿن پيرن، نڪ، اک، بلڪه سڄي بت جي ڀائيواري آهي. معنيٰ ادا ڪرڻ ۾، اک جو رابطو آهي جنهن سان اڳلي جي تاثرات جي خبر پئي پوي. ان سارو ڳالهائيندڙ پنهنجو آواز گهٽائي ۽ وڌائي ٿو، لفظ ۽ جملا ورجائي ٿو، ضرورت وقت ڳالهه سڄي ورجائي ڪري ٿو جيستائين پڪ ٿئيس ته اڳلو ڳالهه سمجهي ويو آهي. هاڻي اِهي سڀ ڳالهيون لکت ۾ ڪٿان اينديون؟ لکت ۾ اها به خبر ڪانه پوندي ته مون اهو جملو چوندي ڪهڙي لفظ کي جملي جي اطلاع جو مرڪز بنايو. جيڪو جملو هونئن آءُ ڪنهن دوست کي اک ڀڃي، ڀوڳ ڪري چوان ها، انهيءَ جي هاڻي لکت مان ڪيئن خبر پوي ته مون ڀوڳئون چئي يا ساڀيئون.

انهيءَ بي سرو_سامانيءَ يا اپاهجپڻي جي ڪري، اسان کي لکت ۾، فطري ٻوليءَ کي ڇڏي غير فطري (20) انداز ۾، جملن جي ساخت اهڙي نموني ڪرڻي ٿي پوي جو وقت ۽ فاصلي جي دوريءَ جي باوجود پڙهندڙ کي اسان جي ٻولي سمجهه ۾ اچي وڃي، ۽ ڪنهن مونجهاري جي گنجائش نه رهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com