انهي ۾ مرتضائي جون هيٺيون منقبتون تصنيف ٿيل آهن:
منقبت از فقير غلام مرتضيٰ شاهه رضوي تتبع شاهه ضمن:
وري سيه پوش مومنان الله مولانا علي صه،
در راه توشد جانگداز الله مولانا علي صه،
هم جنت آدم توئي الله مولانا علي صه،
بلبل بگويد در چمن الله مولانا علي صه،
لاله ز عشقش داغدار الله مولانا علي صه،
وان صاحب هر انس و جان الله مولانا علي صه،
وان شجنئه دشت نجف الله مولانا علي صه،
وان شافع المرض است حق الله مولانا علي صه،
ڪن بخش زر ز ايوان خود الله مولانا علي صه،
هم خانه امه آباد ڪن الله مولانا علي صه،
غير از توڪس ناچاره ام الله مولانا علي صه،
ڪوتاه طالع طول ڪن الله مولانا علي صه،
اي مدد ڪن وقت شتاب الله مولانا علي صه،
داريزه پرنا و پير الله مولانا علي صه،
بودش رتو انگشتري الله مولانا علي صه،
آن پر دل دشمن شڪن الله مولانا علي صه،
نيا آيدت درڪوش جان الله مولانا علي صه،
اي پيشوائي شيعان الله مولانا علي صه،
آخر ۾ هي مصرع الڳ ڪري لکي اٿس:
عالم لطيفي و عين جوداز روئي يقين،
اي شاهه دين مسڪين نواز روزي دهنده وڪار ساز.
سندس ٻيو قصيده دعا خواهي از درگاهه شير الاهي علي عليہ السلام
هن ريت آهي:
مشعل فلڪ سخا و سراجاً منيرما،
شوهر بتول والد شبر و شبيرما،
مقبول التماس بڪن شد سريرما،
هرڪس بود عدوئي دلم جند ضريرما.
ڪس يار نيست غير تو يا ور اميريا،
هستند خصم آل پيمبر شريرما.
وصبر انگريز بود باج گيرما،
مهدي ظهور زود ڪن شه شريرما.
از گنج غيب بخش سواهير پيرما،
آزاد ڪن پار شاهه خلطصم حصيرما.
من مرتضائي بنده آل عبا شدم،
شڪر خدا ڪه از ازلم بود پيرما،
با چشم خود به بينم اميرما.
سندس ٻيو قصيدو وري هن ريت آهي:
نائيب نبي احمد بن عستم رسول،
اسد خدا بخلق خدائي جهان جلي.
احوال شرح حرڪنم در حضورتو،
دنيا خراب ڪشت بدور فرنگيان.
دشمن بسي ستمگر هستند بيشمار،
ايمان زمردان بسي رفت بيڪان.
يا صاحب ذوالفقار بخش رزق ده،
در سايه ات پناهه گرفتيم ياعلي.
بيڪس ذنوب دار غلام تو يا علي
مطلب يڪست آنڪه خلاصم ڪني ز قرض،
در حرمت محمد عربي و هاشمي،
مطلب دوم ڪه مهدي هادي ڪند ظهور.
انهيءَ کان پوءِ سندس والد سيد روشن علي شاهه جو قصيدو
۽ رباعي، مخدوم محمد معين عرف مخدوم ٺارو ٺٽوي جي
رباعي، شاهه طيب قدس سره جو نظم، مولانا حسن ڪاشفي
جي منقبت ۽ قصيدو، حڪيم شاهي غزنوي جو قصيدو،
مولانا ابن حسام عليہ الرحمت جي سيد ڪائنات متعلق
نعت، رباعي شيخ مصلح الدين سعدي شيرازي ۽ ٻين
ڪيترن جا قصيدا، نعتون، منقبتون ۽ رباعيون تصنيف
ٿيل آهن.
فارسي زبان جي قادر الڪلام شاعرن جهڙوڪ مولانا برزق سمرقندي جو
غزل، بيت نادر شاهه خاقان، مجيد طالقاني جا بيت،
ڪلام شاهه نعمت الله ولي ڪوهستاني پڻ ڏنل آهن.
ديوان محسن به روان دوان آهي. مير فضل شاهه رضوي
جو هيٺيون بيت ترڪي زبان ۾ پڻ ڏنل آهي:
بخبل غمزه خونخوار تو در ڪنلو سرشڪ،
من بلردم تو بخبر پاشنجه خچڪان ڪترر،
پير هفتا سلمه جوني نڪند،
ڪور مڪري ني خلي چشن روشن.
مرتضائي جو هيٺيون فرد به ڏنل آهي:
تشنئه آبِ فراتم اي اجل مهلت بده،
تابگيرم در بغل قبر شهيد ڪربلا.
مرتضائي جي رباعي:
از ازل مردم سند را بحسودان دادند،
روسياهه گردن شب جمله به زنگيان دلفند،
دزدي و سخت ولي رابا عريان دلفند،
ڪذب دزڪار فرنگي چون زاغمان دلفند.
ايضاً از فقير مرتضائي:
تاج شاهد بسر شاهي خاقان دادند،
خير الدين شهنشاهه را اميرن دل دادند،
تاج زنگي و حبشي بسياهان دادند،
ملڪ هن را بتصرف دونان دادند،
چونڪه دونان هندو سند رايگر فستند دلي،
نيست دونان ديڪر ان خطه په انگريزان دادند،
سلطنت ملڪ روم و مصر و مغرب ويمن حجاز،
بشها عبد عزيز از اين دوزاز دادند،
ملڪ قندهار ڪابل ازپيءَ داد و عدل،
زج هرات جبل ستان به افغال دادند،
انگلنڊ لندن ويلس ڪه ملڪ انگريز است،
ملڪ روس و پرشيا مردم فرنڪان دادند.
اڳتي وڌيڪ مختلف صنعتون (صنايع) ڏنيون اٿس ۽ ديوان محسن به رديف
د کان هلندو رهي ٿو، انهي بعد رحلتن جون تمام
گهڻيون تاريخون درج ڪيون اٿس. شروعات ۾ تاريخ رحلت
حضرت سرور ڪائنات محمد المصطفيٰ صه کان شروع ڪئي
اٿس. پنجتن پاڪ، ٻارهن امام ۽ چوڏهن معصومن جون
تاريخون (وفات) ڏنيون اٿس.
تاريخ وفات ۽ جلوس سلاطين هندوستان ڏنيون اٿس. مثال طور نادر
شاهه طرفان نور محمد خدايار خان ڪلهوڙي سان جنگ
1151 هجري، نادر شاهه جو قتل (1160 هجري)، رحلت
اويس قرني 39 هجري، رحلت بوعلي سينا 373 هجري،
رحلت سلطان محمود غزنوي 454 هجري، رحلت ابراهيم
ادهم 665 هجري، رحلت شيخ قادو جيلاني 562 هجري،
رحلت شيخ شهاب الدين 542 هجري، معروف ڪرخي 200
هجري.
تاريخ وفات امير تيمور 808 هجري، سندس پٽ شاهرخ 850 هجري، مرزا
الغ بيگ (18) 853 هجري، سندس پٽ مرزا عبداللطيف
854 هجري، تيمور جو پوٽو سلطان ابوسعيد 873 هجري،
بابر بادشاهه 973 هجري، همايون بادشاهه تاريخ جلوس
937 ۽ وفات 962 هجري، تاريخ وفات اڪبر بادشاهه
1061 هجري، تاريخ رحلت شير شاهه بادشاهه 917 هجري،
تاريخ تولد شاهجهان بادشاهه 1000 هجري، وغيره. ٻين
بادشاهن، اوليائن ۽ جيد عالمن وغيره جون تاريخون
ڏنل آهن. گهڻن جي تاريخن جا قطعا پڻ ڏنل آهن. قاضي
عبدالقوي حيدرآبادي طرفان مخدوم نوح عليه الرحمت
جي تاريخ وفات 998 هجري لکي اٿس ۽ قاضي صاحب جو
انهي متعلق ٺاهيل قصيدو ۽ قطعه تاريخ پڻ ڏني اٿس
(19).
سنڌ جي حاڪمن مان تاريخ وفات مير فتح علي خان 1224 هجري، مير
ڪرم علي خان 1217 هجري، مير مراد علي خان، (17)
مير ذوالفقار خان جون پڻ تاريخون ڏنيون اٿس. شهيد
مير حسين علي خان 6 ذوالحج 1132 هجري ۽ ڀاڻس مير
عبدالله خان جيڪو محمد شاهه بادشاهه واري جنگ ۾
شهيد ٿيو هو، 1137 هجري ۽ ٻيو مير عبدالله 1196
هجري ڄاڻايو اٿس.
ڄام مهر علي حاڪم ڪوهستان جي نوجوان پٽ منير مراد علي جي تاريخ
وفات 1272 هجري، شهيد مير بجار خان ٽالپر 1194
هجري، تاريخ وفات پير محمد لکوي 1074 هجري، تاريخ
وفات مير لعلمير شاهه شيرازي ٺٽوي 1272 هجري،
تاريخ وفات ميان غلام حسين سبزپوش 1274 هجري وغيره
ڄاڻايون اٿس.
ٺٽي جي رضوي خاندان جي ڪن بزرگن جون وفاتي تاريخون پڻ ڏنين اٿس،
جهڙوڪ:
سيد سبحان علي شاهه رضوي 19 شعبان 1127 هجري، سيد نظر علي رضوي
13 ربيع الاول 1177 هجري، مير محمد افضل شاهه رضوي
29 رجب المرجب 1190 هجري، روشن علي شاهه پٽ مير
محمد افضل رضوي 13 شعبان 1197 هجري، مير امام
الدين شاهه رضوي بروز آچر 16 محرم الحرام 1198
هجري، ارشاد علي شاهه 11 ذوالحج 1226 هجري، مير
امام الدين شاهه رضوي 19 ربيع الاول 1240هجري، مير
مرزان شاهه 11 ذوالقعد 1257 هجري، سيد محفوظ علي
شاهه رضوي 14 ربيع الثاني 1257 هجري، سيد عباس علي
شاهه 20 محرم 1265 هجري، مير نور محمد رضوي 19
ذوالحج 1281 هجري، مير نجيب علي شاه رضوي 19 شوال
1284 هجري وغيره پڻ ڄاڻايون اٿس (20).
اڳتي هلي ذڪر ختم النبين ۽ ٻين نبين جهڙوڪ حضرت آدم صفي الله،
سندس فرزند حضرت شيش، حضرت حام، حضرت سام، حضرت
ابراهيم خليل الله وغيره جو احوال ڏنو اٿس، ديوان
محسن جو به رديف هلندو رهي ٿو.
مزيد اڳتي هندستان جي بادشاهن (21) عالمن، شاعرن، حڪيمن،
اوليائن جو شجرو ڄاڻايو اٿس. ٺٽي کان سنڌ ۽
هندوستان جي مختلف شهرن ڏانهن مفاصلا ڪروهه (ڪوهن)
۾ ڏنا اٿس.
انهي سان گڏوگڏ ديوان محسن جو رديف ۾ هلندو رهي ٿو، سميت انهي
جي هفت اقليم جي شهرن جو تفصيل ۽ حڪومت جون حدون
ڄاڻايون اٿس، مملڪت انگلستان، فرانس، روس، پرشيا،
آسٽريليا، جرمني جون حدون پڻ ڄاڻايون اٿس.
هندوستان جي مکيه شهرن جو احوال به ڏنو اٿس. سنڌ
جي شهرن ۽ حدن جو بيان پڻ ڏنو اٿس.
آخر ۾ ديوان محسن جا تمام رديف مڪمل ڪري ي تائين پهچي ٿو. مير
سيد علي رضوي صاحب جي لکيل سالنامو پڻ لکيو اٿس،
جو منهنجي ڏاڏي سيد تراب علي شاهه سنڌي ۾ ترجمو
ڪيو آهي. اهو هر سال محرم مهيني جي پهرئين رات ۽
ڏهين رات ٺٽي جي محلي آگر ۾ واقع رضوين جي امام
بارگاهه تي پڙهيو ويندو آهي. انهي ۾ ايندڙ سال،
بادشاهن جي ستارن، موسمن، برساتن، ڏڪر سڪر، اناجن
۽ ميون جي گهڻائي يا گهٽتائي، مرضن جو اچڻ يا نه
اچڻ، موتن جي گهڻائي يا گهٽتائي، سج گرهڻ جو ٿيڻ
يا نه ٿيڻ، ٻوڏن طوفانن ۽ سوڪڙ جو اچڻ يا نه اچڻ،
سال جو ڳرو هجڻ يا خوشحال هجڻ وغيره متعلق اڳ
ڪٿيون ۽ پيشنگويون ڄاڻايل هوندا آهن. سڄي ٺٽي شهر
جا ماڻهو اهو سالنامو اڄ ڏينهن تائين ٻڌڻ ايندا
آهن. آخر ۾ تعويذ ناما، فالنامه ۽ حڪمت جا نسخا
ڄاڻايا اٿس.
ڪتاب ”نجات القلوب“ تاريخي حقائق تي مبني هڪ قلمي نسخو آهي. سنڌ
جي ادبي تاريخ جو هڪ سون ورقو سينگار آهي. مرتضائي
جي تاريخي، ثقافتي ۽ فارسي، عربي خواه ترڪي ۽ هندي
زبانن متعلق ڄاڻ ۽ قابليت جو چٽو اهڃاڻ ۽ نشان
آهي. مرتضائي جي معلومات، مطالعي ۽ تصنيفي شوق جو
چٽو ثبوت آهي. سندس دانائي ۽ تدبر جو اونهو ۽
محققانه شوق جو عڪس آهي. وثوق سان چئي سگهجي ٿو ته
مرتضائي تمام ڳوڙهو مطالعو ڪيو ۽ پنهنجي زندگي ۾
تحقيق جي فن کي نه صرف سمجهيو، پر ان کي مزيد
اجاگر پڻ ڪيو. انهي ڪري ئي سنڌي ديوان جوڙي،
غزليات کي مشاهداتي روپ ۽ رنگ ۾ رنگين ڪري بيهاري
سگهيو آهي.
”مثنوي يوسف زليخا“:
هيءَ مثنوي (22) جيتوڻيڪ ڇپيل آهي، پر هن وقت ناياب آهي.
مرتضائي جي اها تصنيف سنڌي شعر ۾ جوڙيل آهي. انهي
جي شروع ۾ لکيو اٿس ته:
”قصهء عبرت افزا يعني يوسف زليخا،
سنڌي مرتضائي واري بحر هزج جامي جي ۾“
سڀ کان پهريائينائين ۾ حمد باري تعاليٰ جي ثناء:
”خداوند توئي خلائق عالم،
بنايل تنهنجو هر آفاق عالم.
هن ۾ اهڙا ڪل 22 بند آهن.
ان بعد نعت محمد سرور ڪائنات صلي الله عليه وسلم:
”جهان جنهن جي سبب بنياد آيو،
سو سرور باعث ايجاد آيو.“
(هن ۾ اهڙا ڪل 23 بند آهن)
ڄاڻايل آهي، حضور صلي الله عليه وسلم جن جي معجزات جو مختصر ذڪر
پنجويهه کن شعرن ۾ ڏنل آهي. هن ۾ اهڙا ڪل 132 بند
آهن. جنهن بعد حضرت علي، ٻارهن امامن ۽ چوڏهن
معصومن جي شان ۾ منقبت، مدح، مناجات وغيره شعر ۾
ڄاڻايل آهن.
اڳتي سنڌ جي سردارن مير صاحبان جي مختصر توصيف ٿيل (23) آهي.
مثنوي جوڙڻ جي (24) سبب متعلق پاڻ شعر ۾ ٻڌايو
اٿس.
مثنوي صفحي 97 کان شروع ٿئي ٿي. ابتدا ۾ حضرت يوسف جي واکاڻ،
قرآن ڪريم جي سورة يوسف جو بيان، حضرت يوسف جو حسب
نسب، سندس سونهن جي تعريف، بي بي زليخا ۽ سندس حسب
نسب جو احوال ۽ حضرت يوسف کي خواب ۾ پسڻ وغيره جو
ذڪر آهي.
بي بي زليخا جي رشتي لاءِ مروج دستور موجب ٻين ملڪن مان قاصدن
جي اچ وڃ، پر نيٺ بي بي صاحبه جي راضپي سان سندس
والد طرفان قاصد عاقل کي مصر ڏي عزيز مصري وٽ
موڪلڻ، قبوليت بعد بي بي زليخا جو مصر وڃڻ، اتي
مصرين طرفان انهي آمد تي گهورون گهورڻ، مصر ۾ بي
بي زليخا جو حضرت يوسف جي فراق ۾ انتظار ڪرڻ جو
احوال ڏنو آهي.
مزيد، حضرت يوسف جي ڀائرن جو ڀاءُ سان تعصب ۽ حسد ڪرڻ، کيس
کوهه ۾ ڦٽو ڪرڻ، جتان حضرت يوسف جو نڪرڻ ۽ قافلي
ذريعي پهچڻ ۽ وڪرو ٿيڻ، حضرت يوسف جي جدائي ۾ سندس
والد حضرت يعقوب عليه السلام جو بيحال ٿيڻ، روئڻ،
پٽڻ وغيره، غلامي جي حيثيت ۾ حضرت يوسف جو واپس
مصر اچڻ ۽ دوباره عزيز مصري وٽ وڪرو ٿيڻ. حضرت
يوسف جو محلات ۾ پهچڻ ۽ بي بي زليخا وٽ رهڻ. بي بي
صاحبه طرفان سندس خدمت ڪرڻ ۽ حضرت يوسف کي ڀائرن
طرفان ڏنل تڪليف، مصيبت ۽ زحمت راهه کان واقف ٿيڻ
جو احوال درج ٿيل آهي.
اڳتي هلي بي بي زليخا طرفان حضرت يوسف لاءِ اظهار عشق ڪرڻ ۽
حضرت يوسف طرفان وصال جو انڪار ڪرڻ، داين ۽ ڪنيزن
وسيلي حضرت يوسف کي سنيها موڪلڻ ۽ پاڻ طرف هرکائڻ
جي ترغيب پيدا ڪرڻ جو بيان ڏنل آهي.
انهي بعد، حضرت يوسف ۽ بي بي زليخا جي ملاقات دوران، عزيز مصري
جو اوچتو وارد ٿيڻ، حضرت يوسف تي عاشقي سبب مصري
زالن طرفان بي بي زليخا کي طعنا هڻڻ، حضرت يوسف جو
قيد ۾ وڃڻ ۽ سندس بيمار ٿيڻ، بي بي زليخا جو قيد
خاني ۾ وڃي ملڻ ۽ روئڻ جو احوال آهي.
وڌيڪ ته حضرت يوسف طرفان ٻين قيدين تي مهربانين ۽ نوازشن جي
باعث، هڪ اعرابي اٺ سوار ڪنعاني کان حضرت يعقوب کي
مطلع ڪرڻ جو پيغام موڪلڻ، بادشاهه ريان جي خواب جي
تعبير جي باعث حضرت يوسف جو جيل کان آزاد ٿيڻ،
قطعير جو موقوف ٿيڻ ۽ موت اچڻ ۽ حضرت يوسف جو حاڪم
عزيز سموري مصر جو ٿيڻ جو ذڪر آهي.
نيٺ حضرت يوسف رحم کائي بي بي زليخا جي قبوليت دين بعد، ساڻس
نڪاح ڪيو ۽ شادي ٿي. جنهن بعد مصر ۾ وڏي شان شوڪت
سان حڪومت ڪرڻ، حضرت يوسف جي ڀائرن جو مهمان ٿي
اچڻ ۽ واپس ڪنعان وڃڻ. حضرت يعقوب جي وفات بعد
حضرت يوسف جي رحلت ۽ حضرت زليخا جو فوت ٿيڻ ۽ حضرت
يوسف جو صندوق ۾ بند ٿيل نعش دريا نيل ۾ دفن ٿيڻ
جو احوال درج آهي.
انهي مثنوي جا ڪل 576 صفحا آهن، مثنوي ختم ڪندي مرتضائي چيو ته:
اچي اي مرتضائي شڪر ڪر ڪي،
رهي ڪي عبد شاڪر پاڻ ڏسجي.
اچي اي مرتضائي شڪر آڻج،
نه بي شڪرو ٿي ڪنهن مصرعه کي تاڻج.
انهي مثنوي ۾ ڪم آيل شاعري جي ٻولي تمام سلوڻي ۽ سليس آهي. انهي
وقت تمام گهڻو مشهور ٿي ۽ سنڌي ادبي ۾ سٺو واڌارو
ڪري تسليم ڪئي ويئي. انهي وقت جي ٻين شاعرن پڻ
تعريف ڪئي(25).
انهي کان علاوه مرتضائي طوطي نامو، سڪندر نامو، شاهنامي فردوسي
جي ڪن حصن جو ترجمو، ڪريما نيچري ۽ فارسي ڪتاب
نورالهديٰ جو ترجمو پڻ سنڌي ۾ ڪيو، پر اهي دستياب
نه آهن. سنڌ جي خاندانن جا شجرا پڻ لکيائين (26).
ديوان مرتضائي:
مرتضائي جي تصنيف ۽ شاعراڻي خيال آرائي سنڌي زبان ۾ آهي.
مرتضائي انهي دور جي پيداوار آهي، جنهن دور ۾ سنڌي
شاعراڻي مزاج جو رخ، فارسي، عربي، هندي ۽ ترڪي کان
مڙي ”سنڌي“ طرف ڪر موڙي رهيو هو. انگريزن جي دور
يعني 1843ع بعد، انهي موڙ جي رفتار ۾ وڌيڪ تيزي ۽
پختي سرگرمي، هڪ نئون تحرڪ پيدا ڪيو. آهستي آهستي
فارسي جو اثر گهٽبو رهيو ۽ سنڌي زبان جاءِ ورتي.
انهي دور ۾ غزلن، مشاعرن، شاعراڻين ڪچهرين، ادبي رهاڻين، هڪٻئي
سان خيال جا تبادلا، شاعراڻا بحث مباحثا وغيره،
جستجو واري حيثيت وٺندا رهيا. مرتضائي به انهي زور
آزمائي ۽ تبديلياتي طبع آزمائي جي ميدان ۾ پاڻ کي
پٺيان ۽ اڪيلو رهڻ ڪين ڏنو. سنڌي غزليه شاعري ۾
مرتضائي جي حيثيت بنيادي جهونن غزلگو شاعرن جهڙو
خليفو گل ۽ قاسم وغيره سان برميچي برابر بيهاري
سگهڻ جهڙي آهي. مرتضائي به سنڌي غزل ۾ ديوان مرتب
ڪرڻ وارن شاعرن جي لسٽ ۽ بنيادي فهرست ۾ نرالو
مقام رکندڙ شاعر آهي.
ديوان جي شروعات ۾ پاڻ ديباچو به لکيو اٿس، جنهن ۾ شاعري جي صنف
کي عين اسلامي نقطه نگاهه سان ٺهڪندڙ صنف قرار ڏنو
اٿس ۽ شاعر کي اسلامي مجاهد واري شخصيت جو عڪس ڪري
ڄاڻايو اٿس. ساڳئي وقت انهي خيال جي حمايت ۾ مختلف
تاريخي حقائق پڻ درج ڪيا اٿس. شاعرن جي سخنوري ۽
سخنورن طرفان ٿيندڙ قدرداني جو پڻ اشارو ڏنو اٿس.
طبع سڌرڻ، عيب جوين کان بچڻ، سنڌي پڙهندڙن لاءِ مطالعاتي شوق جو
وڌڻ ۽ پنهنجي يادگيري قائم رکڻ کي ديوان جي مرتب
ڪرڻ جا مقاصد ڪري ڄاڻايو اٿس. مزيد ته تصنيف ۽ لکت
کي پڙهندڙن يا حاڪمن تائين رسائي جو صحيح ۽ هوبهو
ذريعو پيش ڪيو اٿس. ڇاڪاڻ ته سنيهو نيندڙ يا قاصد،
ڳالهه جي رسائي ۽ بيان ۾ هيرا ڦيري ڪري سگهي ٿو.
تصنيف جي فن کي دنيا جي تاريخ ۽ حقائق کي هوبهو
قائم رکڻ جو ذريعو ڪري جتايو اٿس ۽ لکت توڙي ڪتابت
کي هر طرح سان وڏي اهميت ۽ ضرورت وارو سمجهيو اٿس.
چئي سگهجي ٿو ته، تعليم پرائڻ ۽ درس ڏيڻ مرتضائي
وٽ عالم جو جاهل تي فضيلت وارو هئڻ جا وڏا ۽ مکيه
پر بنيادي خيال هئا.
آخر ۾ ياد ڪندڙن کي سندس لاءِ دعاگو رهڻ جو پڻ عرض ڪيو اٿس.
ديباچي جي پڇاڙي ۾ هي شعر لکيو اٿس:
من نوشتم صرف ڪردم روزگار،
من نمانم اين بماند يادگار.
اهو ديوان مرتضائي 1326 هجري ۾ مڪمل ڪيل ۽ انهي بعد 1328 هجري ۾
وفات ڪيائين.
مرتضائي جي ديوان ۾ ڪل 487 غزل (460 سنڌي، 24 فارسي ۽ 3 اردو) ۽
ٻه سنڌي رباعيون آهن.
سنڌي غزلن جو سلسلو هن ريت آهي:
رديف الف جي شروعات
”اولا گهر جي ٿو اي دل ياد نام ڪبريا،
صبح سان گهرجي پڙهڻ صادق ڪلام ڪبريا.“
شروعات رب پاڪ جي تعريف ۽ حمد سان ڪئي اٿس. هن ۾ ڪل 29 غزل آهن
۽ بنا نقطي وارو پڻ هڪ غزل (27) آهي:
”سکر سک اکر ڪرو ڪر دوسرا،
مـگــر علم وارا اکر ’سک سدا.‘
ٻين غزلن کان علاوه هن رديف ۾ حضرت محمد صلي الله عليه وسلم ۽
پنجتن پاڪ جي تعريف ۾ پڻ غزل جوڙيا اٿس.
رديف ب ۾ ڪل 17 غزل آهن، جن ۾ معشوق جي ماڻن، رمزن ۽ ارڏاين جو
بيان، عشق ۽ پيام جو رنگ، عزتدار جي عزت ڪرڻ، ادب
کي اپنائڻ ۽ فروغ ڏيڻ، فخر کان توبہ ڪرڻ جي هدايت
سمايل آهي (28).
رديف ڀ ۾ ٻه، ت ۾ نو، ٿ ۾ چار، ٽ ۾ ڇهه، ٺ ۽ ث ۾ هڪ هڪ، پ ۾ ٻه،
ج ڄ ۽ ڃ ۾ هڪ هڪ، چ ۾ ٽي، ڇ ۾ هڪ غزل ڏنل آهن.
انهن ۾ حسن ۽ سينگار جو ذڪر، رقيب جي دشمني جو
اظهار، معشوق جي وفا ۽ بيوفائي جو الڪو، سياري جي
وڃڻ ۽ بهار جي مند جو اچڻ يعني ميلاپ ۽ وصال جي
موقعن جو اظهار، هر انسان جو عشق جي پيچ ۾ ڦاٿل
هجڻ وغيره جهڙا خيال سمايل آهن (29).
انهي بعد رديف ج ۾ پنج، خ ۾ ٽي، د ۾ نو، ڏ ۾ ٻه، ذ ۾ ٽي غزل ڏنل
آهن، هڪ غزل بنان نقطي وارو.
”ڪر علي الله ڪار سال صلاح.“
به ڏنو اٿس. قاصد جي معرفت يار کي پرچائڻ جو ذڪر، باغ جي بهاري
۾ يار جي جمال ۽ حسن جو ٻوڪجڻ ۽ ڦولجڻ، وصل ۽
ميلاپ جي اميد ڌارڻ جو بيان درج آهي.
حضور صلي الله عليه وسلم جن جي شان جو ذڪر، سندن پيغمبريت ۽
رهبريت جو اظهر من الشمس دليل پيش ڪرڻ ۽ رحمت
اللعالمين هجڻ جو ثبوت ڏيڻ، سمايل آهن.
رديف ر ۾ ڪل 32 غزل آهن، جن ۾ محبوب جي تعريف، نقاب لٿل رخ جي
ديدار جي آرزو، وڇوڙي ۾ دل جي ڪيفيت ۽ تارا ڪتيون
ڳڻڻ جو سماع، هڪ چوبندو غزل، اکڙين ۽ ڀرون جي
تعريف ۽ مرد جي مردانگي وارين خاصيتن جو احوال ڏنل
آهي. هن غزل ۾ حضرت علي ڪرم الله وجهه جي خوبين جو
پڻ بيان ڏنل آهي، هڪ خاص غزل انگريزن کان سنڌ جي
آجپي ۽ آزادي متعلق آهي. في البديهه گفتار ۾ هڪ
غزل سندس دوست پير مٺن شاهه جي وفات تي جوڙيل آهي.
”شڪاري چڙهيو جنهن صفا ڪيو شڪار،
ســندس تــيــر غــمــزه جـــــدا ڪــيو شـڪار.“
عيد نوروز جا ايران ۾ 21 مارچ تي وڏي ڌام ڌوم سان ملهائي ويندي
آهي، جو به ذڪر ڪيو اٿس.
انهي بعد رديف ڙ ۾ ڪل ٻه، ز (30) پنج غزل ڏنا اٿس، انهن ۾ ڪوڙ
کي ننديو اٿس ۽ ڪوڙ کي ايمان جو وڍيندڙ ڪري پيش
ڪيو اٿس. هڪ چوبندو غزل به ڏنو اٿس. پنهنجي تخليق
جي نرالي حيثيت ۾ هڪ غزل چار چيز جي تتبع موجب
جوڙيو اٿس. انهي ۾ هر مصرع ۽ بند ۾ چئن چيزن جو
تشبيهي مثال ڏيئي غزل خوب سينگاريو اٿس. هر مصرع ۾
چار جنسون يا ملندڙ الفاظ چونڊي برابر تمثيلي ڪري
بيهارڻ وڏي ذهني ڪمال جو عيان مثال چئي سگهجي ٿو.
جيئن:
ناز، غمز، تيز، تندي، لُٽ، ڦر، قيد، قتل، هوش، هجت، جوش، طاقت،
ذوق، شوق، قرب، لذت، آشنائي، سچائي، خيرخواهي،
اشتياق، بيوفائي، بيحيائي، خودنمائي، رسڻ، گرد،
گلشن، حسن، گل، چنڊ، سج، مشعل، شمع، قرب سلطاني،
دائما دولت، پاڇو ابر، بر ڀروسگي، حسن، نعمت، علم،
دانش، انتظاري، بيقراري، شرمساري، ناخوشي، قابليت،
فضيلت، نيت، نياز، قرض، دشمن، ناخلف فرزند،
بدڪردار زال، بغض، حسن، عجب، نحوست، زرخريد، عاشق،
گدا، ڪاوڙ، چانت، چغلي، چور، غيبت، صبر، سک، آرام،
عشرت، غر، عطا، علم، عمل.
مٿئين لفظن تي غور ڪري پسجي سگهجي ٿو ته ڪيئن نه چار چيز ملائي
هڪ لڙي ۾ تسبيح جي داڻن جيان پوئي ڇڏيون اٿس. بعد
جي ڪافي شاعرن انهي تتبع کي پڻ اختيار ڪيو.
رديف س ۾ ويهه، (31) ش ۾ ست، ص ۾ ٻه، ض ۾ چار، ط ۾ ٻه، ظ ۾ ٻه،
ع ۾ ٻه، غ ۾ هڪ ۽ ف ۾ چار غزل ڏنل آهن، جن ۾ عشق
کي عقل تي مدهوشي واري سبقت، معشوق جي بدن، جسم ۽
جان جي، گلن جي نمايان خدائي نشانين چنڊ، تارا ۽
سج وغيره سان تمثيل ڄاڻايل آهي. هڪ مڪمل غزل ٽنڊي
محمد خان واري آنريبل مير الله بخش ميمبر بمبئي
ليجسليٽو اسيمبلي (وفات 1911ع) واري ڏانهن منسوب
ٿيل آهي.
شهواڻي ڏسان ابر عطا مير الله بخش،
هــــي گوهر اصلاف حيا مير الله بخش.
هڪ مڪمل غزل نجف اشرف جي تعريف ۽ ثنا ۾ پڻ چيل آهي.
رديف ق ۽ ڪ هر هڪ ۾ ڇهه غزل آهن. انهن ۾ حضرت محمد صلي الله
عليه وسلم جن ۾ حضرت علي ڪرم الله وجه جي شان ۾ به
غزل جوڙيل آهن.
عشق جي اشتياق ۽ فراق جو احوال ۽ هڪ وڏو غزل عيد مبارڪ جي باري
۾ جوڙيل آهي:
”رســي عيد شـوال يارن مبارڪ،
سڀني اهل اسلام وارن مبارڪ.“
مرتضائي عيد مبارڪ متعلق غزل انهي ڪري به جوڙيو هوندو، جو ٺٽي ۾
رمضان المبارڪ جي آمد ۽ عيد ملهائڻ جو طريقو نهايت
ئي منفرد، نرالو، تعجب خيز، اچرج ڏيندڙ، وڻندڙ ۽
تاريخي آهي. جيڪو اڃا تائين انهي پراڻي انداز ۾
ملهائبو ٿو اچي.
انهي بعد رديف ک ۾ ٻه، گ ۾ ٽي، ڳ ۾ ٻه، ل ۾ ڇهه غزل آهن. جن ۾
ساقي، جام لبريزي، عاشق جي قدرداني، معشوق تان
قربان ٿيڻ، بهار جي آمد سبب باغن جو ٽڙڻ ۽ بلبلن
جي چهچٽي وغيره جو بيان ڏنل آهي. انهي ۾ هڪ غزل تو
شيح بند پڻ ڏنل آهي، جنهن جي اکرن ملائڻ سان نالو
محمد حسن ٺهي ٿو.
رديف ميم ۾ 27 غزل ڏنل آهن. انهي ۾ سندس استاد جي تتبع تي پڻ
غزل جوڙيل آهي، هن ۾ سندس نرالي طرز وارو غزل
”پکي پرڏيهه مان اڏري اچي پيو بند پڃري ۾.“
پڻ ڏنل آهي. اها طرز به مرتضائي جي تخليق جو اهڃاڻ آهي، فيض بخش
محبوب محسن جو کيس ملڻ، دلربا جي شوخي، دلبر کان
جدا نه ٿيڻ جي تمنا وغيره جي خيال آرائي ڪئي اٿس.
رديف ن ۾ 62 غزل ڏنل آهن، (32) جنهن ۾ يار جي ڳولا ۽ ان جي سڪ ۾
سڪڻ، دوست محسن جي يادگيري، زماني جي نواڻ ۽ سندس
ڍول، مڪر ۽ چال نئين جو خيال، همعصرن کان دعوت غزل
جي جواب طلبي ۽ نون خيالن جي تقاضا، نوبهار ۾ باغ
جي حسن جو احوال، اکين جي خودنمائي ۽ خود بياني جو
خيال ڏنل آهي.
رديف ڻ ۾ 8 غزل آهن، جن ۾ يار جي ياداشت ۾ جاندار ۽ غير جاندار
جي حالت واري ڪيفيت جو ذڪر، دوست طرفان وفادار ۽
سچار دل کي سڃاڻڻ جي ترغيب، محبوب جي لب، ڳل،
رخسار ۽ زينت تان هر شيءِ کي نثار ڪرڻ جا خيال
سمايل آهن. (33)
رديف و ۾ 58 غزل آهن، جن ۾ محبوب سان ملڻ جو ذڪر، تخليقي ڪلام
”محبوب مٺي جي حسن ڪيا حيران هزارين مان نه ڳو“
همعصر دوستن کان دعوت غزل جي جواب طلبي، دل کي آٿت
ڏيڻ ۽ زماني جي لاهين چاڙهين کي مڙس ٿي منهن ڏيڻ
جي تلقين، رمضان المبارڪ جي آمد تي مومنن کي مبارڪ
ڏيڻ، ٺٽي جي نواب ميين شير محمد شاڪراڻي جي اوطاق
تي في البديهه حقي متعلق ٺاهيل غزل، بمبئي ۾ قدرتي
تعجب نما وڻ جو ڦٽڻ ۽ انهي جو احوال، مسلمان ٿي
پيدا ٿيڻ تي ڌڻي تعاليٰ جو شڪرانو ادا ڪرڻ، ظفر
نالي اردو جي غزليه شاعر جي تتبع تي سنڌي غزل
جوڙڻ، ٺٽي جي قاضي فضل الله جي اوطاق تي سائين
محمد شاهه آمريءَ واري سان ڪچهري جو ذڪر ۽ سندس
تخلص مسڪين مان ڦيرائي مصطفائي تجويز ڪرڻ جو بيان،
ماتا جي بيماري جو ڦهلجڻ ۽ مرتضائي تي ان جو حملو
ٿيڻ ۽ رب ائين جي مهرباني سان انهي مان چاق ٿيڻ،
حسين ۽ حيران ڪندڙ گلن ۽ باغن ۾ محبوب جي ملڻ جي
آس جو احوال سمايل آهي.
رديف ه ۽ هه ۾ 13، ۽ ء ۾ (34) 12 غزل آهن، جن ۾ رب پاڪ
پروردگار، سندس رسول حضرت محمد صلي الله عليه وسلم
۽ حضرت علي ڪرم الله وجهه جي تعريف به سمايل آهي.
هڪ غزل سنڌي عربي جو ميلاپ ڪري برتضمين جوڙيو اٿس.
محبوب جي ناز ڀري نازڪ بناوت ۽ حسن جي جلاوه
افروزي جو بيان به ڏنل آهي.
آخري رديف ي ۾ ڪل 92 غزل آهن، جن ۾ حمد باري تعاليٰ جي شڪراني
جو غزل
”شڪر الله ڏنو دين، پيمبر مون کي.“ (35)
پنهنجو مٽ پاڻ لڳي ٿو. هڪ مڪمل غزل سندس همعصر پنجاهه کن شاعرن
(36) جي واقفيت ۽ تعارف متعلق آهي، جنهن مان
مرتضائي جي شاعر دوستن ۽ شاگردن جو آساني سان پتو
پئجي سگهجي ٿو، اکين کي اکين سان ملائڻ وارو غزل
پڻ فني ۽ تخليقي لحاظ کان منفرد لڳي ٿو، ٺٽي جي
ٺاهوڪي جو بربادي ڏانهن راغب ٿيڻ تي ڏک ۽ ارمان جو
اظهار، وصل جي خواهش، ناس جي دٻلي جو ذڪر ۽
زمينداري پيشي جي خسته حالت جو بيان ڏنل آهي. |