”ڀلا مايون سڳوريون؟“
”مايون هتان جون پردو ڪنديون آهن ۽ گهرن ۾ ويٺيون آهن. ٻاهر
گهڻو ڪري ته نڪرن ڪونه. ها! جن ماين جا وَر هارپو
ڪن ٿا، ڌاڻا، ڦودنو، پٽاٽا يا مڪئي جي پوک ڪن ٿا،
مايون انهن سان هٿ همراهي (ٻنين تي) البته ضرور
وڃي ڪرائينديون آهن. پر اها به گهڻي نه....“
”برف باري جي سيزن ۾ مقامي ماڻهو ڇا ڪن؟“
”ڇا وري ڇا ڪن؟“ منظور مرڪندي ٻڌائي ٿو.... ”بس پهاڙن تي چڙهي
پنهنجن گهرن ۾ وڃي لڪي ويهي رهندا آهن ۽ سڄي سيزن
دوران هيٺ ماٿريءَ ۾ لهندا ئي ڪونه آهن.“
”پوءِ کاڌو خوراڪ... ۽ دوا درمل ڪٿان آڻين اُتي؟“
”سرنديءَ وارا انگريزي دوائون ۽ اعليٰ خوراڪ ساڻ کنيو وڃن ۽
غريب غربا وري اتي گذران ڪندا آهن مڪئي جي اٽي تي.
۽ جي بيمار ٿين ته پنهنجو علاج ڪن ديسي جڙين ٻوٽين
سان.“
چيم: ”منظور... هتي اچڻ کان پوءِ ناران ۾ مون قبرستان هڪ ئي ڏٺو
آهي... ۽ اهو به فقط ’ڊريم لينڊ‘ هوٽل جي بنهه
ڀرسان....؟ ۽ اهو به بنهه ننڍڙو...... اِهو ڇا؟“
منظور کِلي پيو. چيائين: ”اهو ان ڪري جو سٺي آب و
هوا جي ڪري ماڻهن جي صحت گهڻو تڻو ٺيڪ ئي رهي ٿي،
ان ڪري هتي جا ماڻهو ڊگهيون ڄمارون ٿا ماڻين ۽ اهو
ئي سبب آهي جو انهن جي مرڻ جي رفتار ڪافي سست آهي
۽ ان جي نتيجي ۾ قبرستان به ننڍڙا ننڍڙا آهن هتان
جا!......“
ته بس اهو هو منظور بٽ کان منهنجو آخري سوال ۽ ساڻس انهيءَ
مختصر ملاقات کان پوءِ هاڻي عرفان ۽ مان وري ڊريم
لينڊ ۾ پهچي ويا آهيون ۽ ماٿريءَ ۾ رات ڪيڏي نه
انڌاري آهي ۽ بس اجهو جهٽ کن ۾ شمع به ڀڙڪو ڏيئي
اجهامي چڪي ۽ هاڻي چؤطرف شديد سناٽو ۽ گُهپ
اونداهه.
۽ ان کان پوءِ منهنجي اوچتو آڌي رات جو اک کُلي ٿي وڃي. اڙي
هان! دريءَ کان ٻاهر هي پراسرار شوڪارا ڪنهن
جا...؟ بس منهنجا ڪن انهن آوازن ۽ آهٽن جو پيڇو ٿا
ڪن... شايد پهاڙ ساهه پيا کڻن (مان سوچيان ٿو) يا
متان هوٽل جي ڀرسان واري قبرستان مان مُردا نڪري
پنهنجن ڪتبن تي چڙهي سرگوشيءَ ۾ مصروف... يا مظهر
العجائب....! بس پوءِ ته ڀوَ ۾ مان يڪدم نادِ
عليءَ جو چپن ۾ ورد ٿو شروع ڪري ڏيان...
وري اتاولائيءَ مان هنڌ تان ڪنڌ کڻي دوستن کي ڏسان ٿو.... طارق،
انعام، عرفان، قمبر..... سڀ يار گهري ننڊ ۾، ڄڻ
جنم جنم کان آرامي!
۽ هي اجهو مان آهيان.... زمينن ۽ زمانن ۾ آواره ڀٽڪندڙ، هڪ
اڪيلو روح.
ڪڏهن سنڌ ۾ ته ڪڏهن پنهنجي اندر جي ڪربلا ۾... ۽ ناران جي اها
ڪاري ۽ ڀيانڪ رات به ڪيڏي نه ڀاري ٿي گذري مون تي!
۽ مَس مَس ڊگهي رات جي انتَ تي، شيشي جي دريءَ مان صبح جا ڪرڻا
نمودار ٿا ٿين ۽ مان جهٽ اٿي، دريءَ جا پردا هٽائي
ٿو ڇڏيان.
ناران ۾ هڪ نئين ڏينهن جو آغاز ٿي چڪو هو ۽ ساٿي هڪ هڪ ٿي
جاڳندا ۽ سجاڳ ٿيندا ٿا وڃن.... چانهه لاءِ منهنجي
ڊوڙ وري ٻاهر..... آ
-ها!
صبح جا اُجرا اُجرا رنگ، چهچ ساوا ساوا وڻ، پهاڙ ۽
ماٿريءَ ۾ اڏرندڙ پکي ۽ آسمان ۾ ٿورا ٿورا ڪڪر ۽
رستن تي ٿورا ٿورا ماڻهو..... ۽ هي هوٽل ڀرسان
جامع مسجد جو صحن ۽ ان صحن کي صبح سان پوتر پاڻي
سان ڌوئيندڙ مولوي صاحب..... ۽ چؤطرف کڙا هي آلا
آلا پهاڙ. ڄڻ ناران جي نرم اُس جي تڙڪي تي ماٿريءَ
جي هر شيءِ سڪي رهي هئي. ڪنهن ڪنهن پهاڙ جي چوٽيءَ
تي ته جهڙوڪر برف جو تاج رکيل.
ونڊر فل! ڪنهن ڪنهن پهاڙ تي وري اخروٽ جي وڻن ۾
گهريل ڪو اڪيلو گهر..... يا گهر آڏو اُڀن پهاڙن تي
اٽڪل سان کُر کپايو گاهه چرندڙ ڍڳيون، خچر ۽ ڪجهه
ننڍڙيون ننڍڙيون رڍون.....
۽ اجهو صبح جي هن سير دوران، هاڻي پهاڙن جي وچو وچ، سڌي ليڪ مثل
ناران جي بازار ۾ پيو هلان. اڙي هان! _ بازار ۾ هي
دڪان آهن يا جهڙا ننڍڙا ننڍڙا غار ۽ انهن غارن نما
دڪانن جي دخلن وٽ ويٺل هي دڪاندار.... اهي ته وري
جهڙا..... مان چپن ۾ چوان ٿو، جهڙا ٻي جنگ عظيم جا
بچي ويل ريٽائرڊ سپاهي!
ڀلا ناران جي هن بازار جي ڊيگهه ڪيتري...؟ بس اها ئي ڪا هڪ اڌ
فرلانگ.
۽ ان مختصر بازار جي هڪ هڪ دڪان تي رکيل وکر وري اهڙو جهڙو
اينٽيڪ مال!
ڪنهن دڪان تي ڪاغان جي ڪاريگر واڍن جا ٺاهيل شوپيس. ڪنهن دڪان
جي شوڪيس ۾ چترال ۽ هنزه جي هنرمند ماين جون ٺاهيل
نفيس چترالي شالون، ٽوپيون، وهاڻن جا ڪُشن، ٻارن
جو صدريون ته ڪن دڪانن تي وري سوات جي جيولري،
پشاور جا پستول ۽ افغانستان مان سمگل ٿيل چاقون!
۽ اِنهن دڪانن ۽ منظرن جي ڪائنات مان سياحت ڪري ۽ محبتي نوجوان
منظور بَٽ وٽان چانهه ڪوپ پي، ڊريم لينڊ ڏانهن
واپسيءَ تي هي پنهنجو پيارو قمبر لغاري رستي ۾
گڏجي ٿو وڃيم.
”اي عزيز دوست! هي صبح سان ڪيڏانهن جو پروگرام؟“
”واڪ تي.....!“ قمبر لغاري اِهو مختصر جواب ڏيئي، اڳيان وڌي ٿو
وڃي.
......۽ پيارا پڙهندڙؤ! هن ويچاري دوست عزيزم قمبر لغاريءَ لاءِ
سندس ٽائليٽ کي هيٺ لاهڻ لاءِ صبح جي اِها واڪ ۽
مُئي ’مارننگ ٽِي‘ به ڪيڏي نه لازمي هئي، ۽ جتي
جتي سفر ۾ هن کي اها سهوليت ميسر نه پئي ٿي، اتي
اتي هن کي ’پاٽي‘ نه اچڻ جي ڪيڏي نه سخت شڪايت ٿي
رهي‘... پر هي ماٿريءَ جي ميدان جي ڪن ڪن پَهڻن جي
اوٽ ۾ هي ڪجهه پهاڙي عورتون ڪن ڇا ويٺيون؟ ۽ هوٽل
ڏانهن ويندي مان کين گهوري گهوري ڏسڻ ٿو لڳان.
اڇا ته اِتي انهن ماين ڌاڻن ۽ ميٿيءَ جي پوک ڪئي آهي ۽ ان مان
گندگاهه ويٺيون ڪڍن... گُڊ!
ڪاش (مان دل ۾ چوان ٿو) سنڌ جا عظيم مصور گل محمد کتري يا ع. ق.
شيخ هن ماٿريءَ ۾ ڪڏهن اچن ها ته واهه جا لينڊسڪيپ
ٺاهي تيار ڪن ها. پر هن ماٿريءَ جي ميدان ۾ ڪنهن
پهڻ تي ويهي پهاڙن جي پاسي مُنهن ڪري دوست طارق
عالم ڪري ڇا ويٺو؟ هڪ هٿ ۾ قلم ۽ اڳيان هنج ۾ کليل
نوٽ بڪ! ڀانيان ٿو، شايد ڪجهه پئنٽ ويٺو ڪري....
وري اتان اٿي سڌو قبرستان ڏانهن رُخ.... ۽ اجهو
هِن قبر ۽ اجهو هُن قبر جي ڪتبي آڏو ڪجهه پڙهڻ ۽
نوٽ بڪ ۾ نوٽ ڪرڻ ۾ منهمڪ.... ۽ مان، اتان پريان
ئي هوٽل مان وهنجي سهنجي ۽ اڇا اُجرا ٿي برآمد
ٿيندڙ دوستن انعام ۽ عرفان کي رڙ ڪري آگاهه ٿو
ڪريان ته عزيزو! هي ڏسو پيا نه پياري طارق جي
”مُردم شماري“! ۽ منهنجي توجهه ڇڪرائڻ تي سڀ ڪيڏي
نه سرخوشيءَ سان ٽهڪ ڏيئي کِلي ٿا پون... ۽ لڳو ته
ٽهڪن جي آواز تي قبرستان ۾ بيٺل چيل جي وڻن مان
پکي، هڪ شاخ تان ڀڙڪو ڏيئي اُڏامي، ٻيءَ شاخ تي
وڃي ٿا ويهن ۽ ائين هي پکي، هڪ شاخ تان اُڏامي،
ٻيءَ شاخ تي ڇو وڃي ويٺا. ائين ڇو ڪيائون!
۽ پاڻ کي پاڻهي جواب ٿو ڏيان... شايد هڪ ئي شاخ تي ويهي، ڳائي
ڳائي متان بور ٿيا هجن، ۽ هاڻي ٻيءَ شاخ تي وڃي
ويهي، نوان گيت ڳائڻ چاهيندا هوندا.
پر اوچتو ماٿريءَ ۾ مليشائي رنگ جي ڪپڙن ۾ ملبوس، هي معصوم
ٻارڙن جو ڊمبلو ظاهر ڪٿان ٿيو ۽ هي آخر وڃي
ڪيڏانهن پيو؟
۽ ڪجهه ٻارڙن کي ته هٿن ۾ ڦرهيون... ۽ ڪن کي وري ٿيلها ڪُلهن ۾،
۽ پيرن ۾ ڇِنل پلاسٽڪ جون جُتيون... ڪن کي ته
سنگهه جي لار نڪ جي هيٺان.....
اڙي هان! هي سڀ ته جهڙا اسڪولي ٻار.... پر اسڪول هتي آسپاس آهي
ڪٿي؟ ۽ پوءِ ته منهنجون نگاهون ڄڻ ٻارن جي ’ڊمبلي‘
جو پيڇو ئي ڪنديون رهن ٿيون. پر هي ٻارڙا وڌن ته
’ڊريم لينڊ‘ هوٽل واري سوڙهي گهٽيءَ ڏانهن ئي پيا.
متان ايڏانهن ڪو اسڪول....؟ ۽ اسڪول واقعي هو به
اوڏانهن. پر منهنجو ته ساهه ٿو منجهي ان سوڙهيءَ
گهٽي کي ڏسي، جنهن مان ٻارڙن جو ڊمبلو سوڙهو سڪوڙو
ٿي هڪٻئي کان اڳيان نڪرڻ لاءِ ۽ هڪٻئي کي ڌڪا
ٿيلها ڏيئي اڳيان وڌڻ جي ڪوشش ۾ مصروف ٿو نظر اچي
مون کي.
يا خدا...! ۽ مان اجنبي، ان منظر کي ڏسندي ڪيڏو نه حيران ٿو
ٿيان.... يا منهنجا پروردگار، هيءَ هيڏي وڏي ۽
ڪشادي ماٿري.... ۽ اسڪول ڏانهن ويندڙ ٻارڙن جي
لنگهڻ لاءِ صرف هي سُرنگهه جهڙي سنهڙي گهٽي؟
حيرت.... حيرت!
حيران ته مان ناران ۾ خچر جي ڊمبلي ڏسي به خوب ٿو ٿيان.
اڙي هان! هي جيڏانهن ڏسو سنجيل ۽ ٺهيل ٺڪيل خچر تيار بيٺل، بس
رڳو مٿانئن ڪنهن جي لانگ ورائي، سوار ٿيڻ جي
دير...
”اِهي خچر، خبر ورتي اٿم ته سيف الملوڪ ڏانهن ويندڙ شوقين سياحن
جي سواريءَ لاءِ مخصوص آهن.“ قمبر منهنجي معلومات
۾ جهٽ اضافو ٿو ڪري... چيم: ”ڇا خيال آهي پوءِ
قمبر.....؟ سوار ٿيو ٿا نه ڪنهن اهڙي خوبصورت خچر
تي؟“ پر انعام ڳالهين ئي ڳالهين ۾ سيف الملوڪ ڍنڍ
ڏانهن هلڻ لاءِ سالم جيپ هائر ٿو ڪرائي وٺي.
معاوضو جيپ جو اوٽ موٽ جو پنج سؤ روپيا، ڪُل فاصلو
ناران کان نو (9) ڪلوميٽر، ۽ فاصلو طئي ڪرڻ لاءِ
مقرر وقت ڪيترو؟ اهو بس وڌ ۾ وڌ مُنو ڪلاڪ.
ڇا؟.... مون کان رڙ نڪريو ٿي وڃي.
فاصلو ڪل نو ڪلوميٽر ۽ طئي ٿيندو اهو مُني ڪلاڪ ۾....؟
“It is too much”
پر رستي ۾ ڪجهه گليشئرز به ته آهن... ۽ وري وک وک
تي خطرناڪ موڙ.... ٻيو چڙهائي... سو يارا! ايترو
وقت ته ضرور لڳندو... ۽ اهو سڀڪجهه جيپ جو ڊرائيور
ٿو ٻڌائي.... ۽ انالله و انا اليہ... چئي اکين تي
رومال جي پٽي ٻڌي، مان ته چُپ چاپ ڪنهن يرغماليءَ
وانگر جيپ جي پوئين سيٽ تي چڙهي، شرافت سان وڃي
ويهي ٿو رهان.... ۽ بس ائين ڪندي دنيا جي خطرناڪ
ترين رستي تي، سيف الملوڪ ڍنڍ ڏانهن، جيپ ۾ سفر
شروع ٿي ويو!
يا منهنجا مؤلا....! ۽ جيپ اڃا ڪي ڏهه منٽ به ڪونه هلي هوندي ته
لڳو، موت جي کوهه ۾ پيا ڦرون.... منهنجو وري هانءُ
ڪچو، اُٻڙڪا ۽ چپن تي بس ههڙيون دعائون ۽
التجائون... يا رب منهنجا! امانَ ۾ رکجانءِ.
مُسافرت ۾ آبرو قائم رکجانءِ. بس هن دفعي جُسي کي
سلامتي سان گهر رڳو پهچڻ جي مهلت ڏي.... بس پوءِ
اتي پهچڻ کان پوءِ جيڪا تنهنجي مرضي....
”لڳي ٿو ته اوهان جي هن اکين تي پٽي ٻڌل دوست کي پهاڙن ۽ کاهين
سان ڪابه دلچسپي ڪانهي“.... اها ڊرائيور ’سائيڊ
مرر‘ مان مون کي ڏسي دوستن کان پڇي ٿو.
”پهاڙن سان دلچسپي؟“
سڙيل دل سان جيپ جي ڊرائيور کي جواب مان پاڻ ئي ٿو ڏيان. ”ڀلا
خشڪ پهاڙن سان ڪنهن کي ڪهڙي دلچسپي؟ پهاڙ ازل کان
هوندا ئي خالي آهن دلچسپي کان....“
چيائين: ”ڊڄو هرون ڀرون ٿا، جو چئن سالن کان ته گهٽ ۾ گهٽ ڪوبه
اهڙو واقعو يا حادثو ٿيو ئي ڪونهي، جو ڪا جيپ هيٺ
کاهيءَ ۾ ڪِري هجي. يا ڪنهن خچر پُٺيءَ تي سوار
ڪنهن سياح کي پُستي هڻي، کاهيءَ ڀيڙو ڪيو هجي.“
”ڀلا مار پوي حڪومت تي، هي رستو ٺهرائي ڇو نٿي؟“ مان هُن کي
چوان ٿو.
چيائين.... ”هي جنهن رستي سان جيپ هلي پئي نه....! اهو به اسان
ناران جي ڊرائيورن گڏجي سڏجي ڏهه هزار گڏ ڪري،
جيپن جي لاءِ هلڻ جوڳو بنايو آهي، نه ته هن کان
اڳي ته سياح سيف الملوڪ ڏانهن وڃڻ لاءِ، يا ته
چڙهندا هئا خچرن تي، يا ويندا هئا پنڌ.....“
”هي ڀلا خچر ايڏا ڇوٽڙا ڇوٽڙا ڇو آهن هتان جا...؟“
مان ڊرائيور کان پڇان ٿو.
چيائين: ”يارا! اِهو هتان جي خچرن جو نسل ئي اهڙو آهي... وڻ
ڊگها ۽ خچر ڇوٽڙا...“ ۽ جيپ جي ڊرائيور جي اها
معلومات افروز گفتگو جاري هئي.....
ٻڌايائين پئي ته جيئن اٺ صحرا جا جهاز سڏجن، هي خچر وري هتي
پهاڙن جا جهازَ سڏرائيندا آهن. اوچا اوچا پهاڙ
چڙهڻ ۾ جواب ئي ڪونهي هنن خچرن جو... ڪاٺ جي
سمگلنگ لاءِ ته هتان جي سمگلرن لاءِ هي بيحد
ڪمائتا جانور آهن.
پهاڙي لاهين چاڙهين تان اٽڪل سان لهي چڙهي، سمگلنگ جو ڪاٺ هِتان
کان هُتي پهچائڻ ۾ ته خاص طرح سان هنن کي وڏي درڪ
حاصل آهي.
ويچارا پرولتاري خچر! مان دل ۾ معصوم خچرن سان همدردي ڪرڻ کان
سوا رهي ئي نٿو سگهان....
۽ بس! جيپ اڳيان اوچتو ڪا رڪاوٽ اچي کڙي ٿي ته ڊرائيور جي ان
گفتگوءَ جو سلسلو به منقطع ٿي ويو ۽ هاڻوڪن ايندڙ
جهاڪن ۾ منهنجي حالت اها جو ڪڏهن عزيزم انعام جي
پُٺ سان ٽڪر، ته ڪڏهن مٿو ’ٺا‘ قمبر جي ڪُک ۾....
سخت ڊپريشن ته مون کي ان وقت اڃان به وڌيڪ ٿو ٿئي، جڏهن سيف
الملوڪ ڏانهن ويندي ۽ پهرين گليشئر تان لنگهندي
جيپ وچ راهه ۾ بيهي ٿي رهي.... يا منهنجا مؤلا!
اکين تان پٽي ڇڪي جو لاٿم ته گليشئر اهو ائين لڳو،
جهڙو برف جو ڀوت! ۽ جان کڻي جو ساڄي پاسي نهاريان
ته گليشئر مان هيٺان کاهي واري پاسي کان پاڻي ڇوٽ
وهندڙ.... ۽ جي نڪري پوي هي گليشئر پَورو....!
(مان دل ۾ چوان ٿو....) ته جيپ ڊرائيور سوڌو سڌو
هيٺ، برف جي ڊيپُ فريزَر ۾....
۽ بس الله الله ڪري هڻي ڌُڻي جيپ گليشئر جي ان هنبس مان نڪتي ته
رستو اڳتي ويتر سوڙهو، ويتر اڙانگو.... ۽ ڪٿي ڪٿي
ته رڳو جيپ ڀرسان پيادل هلندڙ ماڻهوءَ جي لنگهڻ
جيتري جاءِ به ندارد! ڪنهن ڪنهن هنڌ وري پوري رستي
مٿان ڇت وانگر پهاڙ جو شاهي شيڊ. لڳي ائين ته بس
ڄاڻ ڪنهن هيٺان لنگهندڙ جيپ مٿان بس اِجهو اهو
ڪريو ئي ڪريو.
”پٽي کول اکين تان پيارا... سفر پورو ٿيو.... سيف الملوڪ ڍنڍ!
اوهوءَ سامهون نظر پئي اچي.....“ ۽ اچتو عزيزم
انعام اطلاع ٿو ڏئيم.
.....اکين تان پٽي لاهيندي ۽ سيف الملوڪ ڍنڍ کي ڪجهه فاصلي کان
سامهون ڏسي مان ته ٽِڙي ٿو پوان. ”اڙي واهه....!
ته اها آهي ڪائنات جي انوکي سمفني!“
ماٿريءَ جي پيالي نما جزيري ۾ جيپ مان هيٺ لهي، ڍنڍ ڪناري پهچي،
منجهانئس پيئڻ لاءِ پاڻيءَ جو ٻڪ جو ڀريان ٿو ته
لڳم، ٽڻيل چانديءَ سان ٻُڪ ڀرجي ويو اٿم. وري جو
نديءَ جو اهو شفاف ۽ ٿڌو پاڻي نڙيءَ ۾ لاٿم ته
اکيون روشن....
آسمان جي نيراڻ جي شيڊ پوڻ سبب ڏٺم ته سيف الملوڪ جي سطح ڪرسٽل
ايڏي پئي لڳي جو ڍنڍ جي تهه تائين سڀڪجهه نظر
ايندڙ!
وري هلڪي هلڪي واءُ تي پاڻيءَ جي سطح تي ارتعاش ائين ڀاسندڙ، ڄڻ
تهه ۾ شهزادو سيف الملوڪ، راڻي بديع الجمال کي
ڪِتڪتايون ويٺو ڪري.
۽ ڍنڍ جي ڪناري سان ڪائنات جي هن انوکي حسن پسڻ ۾ محو ئي هئاسين
ته.... هو اڳيان اڀو ٿي اچي بيهي رهيو. ”اڙي اَبا
تون ڪير؟“
۽ ٽالسٽاءِ جي ڪردار، حاجي مراد جي اُن همشڪل پوڙهي ٻڌايو ته
مان سيف الملوڪ ۽ شهزادي بديع الجمال جي داستان جو
داستان گو.....
”جي بابا....! قصي ٻڌائڻ جو ڇا آهي حساب ڪتاب؟“ شايد طارق ٿو
هُن مَڇڏ نظر ايندڙ پوڙهي کان پُڇي.
”صيب! قصو سربستو ٻڌندو ته ويهه روپيا... مختصر ٻڌندو ته ڏهه
روپيا.... ۽ جي......“ حاجي مراد جهڙي ان پوڙهي جو
اهو بيان جاري هو ته انعام وچ ۾ صلاح ٿو ڏئيس:
”ڳالهه هي آهي داستان گو ڪاڪا....! ته تون کڻ سيف
الملوڪ ۽ بديع الجمال جو قصو ۽ اسان کان ٻڌ سسئي
پنهونءَ جو داستان. حساب برابر.... معاملو چُڪتو.“
ڪاڪو داستان گو، انعام جي اِن صلاح کي لنوائيندي چوي ٿو. ”يارا!
ڳالهه چِٽي ڪريو يا..... ڇڏيوم ته ڇِڪيان پنڌ کي.“
خير رؤنشي خاطر ئي سهي، ڪاڪي ڪرپال داس کي قصي ڇيڙڻ جو سگنل ڏئي
ته ڇڏيون ٿا، پر ٻُڌيس ڪوبه ڪونه ٿو، ۽ مان ته رڳو
داستان جي پڄاڻيءَ تي پهاڙ ڏانهن هن جي آخري اشاري
ڪرڻ وقت، اکيون کڻي سامهون ڏسان ٿو.
”جي ڪاڪا......! ڇا چيو توهان....؟ ڇا آهي هُو سامهون؟“
چيائين..... ”هُو سامهون ڏسو پنڊپاهڻ ٿي ويل شهزادي بديع الجمال
عرف ملڪه پربت.“
سامهون ڏٺم: سترهن هزار فوٽن جي بلنديءَ تي پنڊپاهڻ ملڪه پربت،
اس ۾، برف جو چانديءَ رنگ تاج پائي ڄڻ پوري
ماٿريءَ تي راڄ ڪري رهي هئي.
۽ زرقون جي موتي مثل، هن خوبصورت ڍنڍ جي ڪناري ڪناري سان، اجري
اجري فضا ۾ فوٽا ڪڍرائيندي ۽ پسار ڪندي، سڀ ڪيڏا
نه فريش فريش ٿا ٿيو وڃون....
”ڀلا هي سيف الملوڪ ۾ پاڻي اچي ڪٿان ٿو.....؟“ اهو پسار دؤران
مان هڪ مقامي ماڻهوءَ کان پُڇان ٿو.....
”اهو پاڻي هڪڙو ته خود زمين مان اندران ڦُٽي پيو نڪري“..... هُو
ٻڌائڻ ٿو لڳي.... ”ٻيو مٿان پهاڙن تان برف پئي
ڳري، ٽيون اِهو ته گليشئرز مان سنهڙيون سنهڙيون
ناليون ٺاهي، اِهو پاڻي سڌو اچي سيف الملوڪ ۾ ٿو
ڇوڙ ڪري.“
ان کان پوءِ سيف الملوڪ جو هي پاڻي وري اندرو اندران وڃي ناران
مان نڪري. اتان ڪنهار جي وهڪرن سان مليو، اَٽڪ وٽ
اباسين ۾ وڃو ملي، اتان پنج ند ۾، پوءِ آخر ۾ سنڌو
نديءَ ۾.....
بس سنڌو نديءَ جو نالو ٻڌڻ سان لونءَ لونءَ ٺري ٿو پوي
منهنجو........!
اڇا ته معنيٰ (مان پاڻ کي آگاهه ٿو ڪريان......) هي سنڌو
ماٿريءَ جي اَجرڪ ۾ هي جي ڪجهه اَڇيون اَڇيون
ڦلڙيون آهن، ته متان اِهي سيف الملوڪ ڍنڍ جي شفاف
پاڻيءَ کي ته
Represent
ڪونه ٿيون ڪن......؟
ته بس.... ان تي اجرڪ جي اڇين اڇين ڦلڙين مثل، هِن ’حُسن مُجسم‘
ڍنڍ سيف الملوڪ جي سياحت پوري ٿي.
۽ واپسيءَ جو سفر شروع....
اِجهو جيپ ۾ سڀ ساٿي بالم ٿي ويهي چڪاسين.
اڙي هان!
اِجهو جيپ اسٽارٽ ۽ اجهو کڙ کٻڙ پهاڙي پيچري تي ٽيبل ٽينس جي
بال وانگر جيپ هيٺ ٿي!
سوچيم: هن ڀيانڪ ۽ پُر خطر ماٿريءَ جي سياحت لاءِ وري هيڏانهن
ڇا ڪڏهن اچي سگهندس؟ جواب مليو.... اهو وري ڪهڙي
خوشيءَ ۾.....
ته بس اي سيف الملوڪ ڍنڍ جا پوتر پاڻي! سيراف ۾ ورتل هن سياح جو
آخري سلام.... سدائين لاءِ خدا حافظ! اي ملڪه پربت
جا پهاڙ! في امان الله! داستان گو حاجي مراد
بابا..... گڊ باءِ! ڀاري ڀرڪم مسافرن کي پٺيءَ تي
چاڙهي سيف الملوڪ ماٿريءَ جو سير ڪرائيندڙ گگدام
خچرؤ! الوداع. اي گهنگهور گهٽائو.... الله ئي
حافظ. اي خوشگوار هوائو.... دشائو....
۽ ان کان پوءِ پٿرن تي ٺينگ ڏيندڙ جيپ مان سفر دوران کاهين تي
نظر پئجي وڃڻ جي متوقع ڀؤ کان بچڻ لاءِ مان کيسي
مان رومال ڪڍي، ان مان پٽي ٺاهي، اکين تي ڇڪي ٻڌي
ٿو ڇڏيان.
غلام رباني آگرو سفرنامو
ايـران: اڳـي ۽ هــاڻــي
IRAN: THEN AND NOW
ايران هڪ عظيم ملڪ آهي. اڄڪلهه ’عظيم ملڪ‘ ته آمريڪا آهي، پر،
تاريخي لحاظ کان ايران جو تهذيبي سرمايو ان کان
گهڻو وڌيڪ آهي. شخصن، قومن، قبيلن، ملڪن ۽ تهذيبن
جي عظمت جي پَرکَ تاريخ جي ورقن ۾ ٿيندي آهي.
تاريخ جا ورق ورائڻ سان پتو پوي ٿو ته ماضيءَ ۾ ڪي اهڙا واقعا
ٿي گذريا آهن، جن انسان جي ذهن تي وڏا اثر وڌا
آهن؛ بلڪ، تاريخ جا نوان نوان بابَ تشڪيل ڏنا آهن.
اهي واقعا انسان جي تهذيبي سفر جا ’سنگ ميل‘
(MILE-STONES)
سڏجن ٿا. عيسوي ويهين صديءَ جي شروع ۾ روس جو
اشتراڪي انقلاب، ان کان اڳ يورپ جو صنعتي انقلاب ۽
فرينچ انقلاب، هاڻي اهم تاريخي سنگ ميل سڏجن ٿا.
انهن کان به اڳي، عيسوي ستين صديءَ جي اوائل ۾
اسلامي انقلاب آيو، جنهن ڪيترين ئي قومن ۽ ملڪن جي
تقدير هميشه لاءِ بدلائي ڇڏي.
ايران جي عظمت جو اندازو انهيءَ ئي ڳالهه مان لڳائجي، ته اهو
اسلامي انقلاب کان اڳ به دنيا جو نه رڳو هڪ مهذب ۽
متمدن ملڪ هو، پر ”هفت اقليم سلطنت“
(Super-Power)
هو. آمريڪا، انهيءَ زماني ۾، نيم _ مهذب ماڻهن جو
هڪ پٺتي پيل ملڪ هو.
ماهرن کي ڪن ٿورڙن اهڙن ملڪن جا نالا ملن ٿا، جن جون تهذيبون پڻ
ايران وانگر هزارين ورهيه قديم آهن ۽ انهن جا آثار
اڃا قائم آهن. مثلاً، بابل ۾ تڏهوڪي دور جا منارا
۽ محلات، جن کي عراق جي حڪومت، هاڻي پراڻن کنڊرن
تي تحقيق ڪري، وري اصلوڪيءَ طرز تي نئين سر اڏيو
آهي. مصر ۾ فرعونن جا اهرام، جيڪي هاڻي دنيا جي
”عجائبات“
(WONDERS OF THE WORLD)
۾ شمار ٿين ٿا. چين جي ”ديوار عظيم“
(The Great Wall)، جيڪا انساني اڏاوت جو هڪڙو ئي شاهڪار آهي، جيڪو خلابازن کي
چنڊ تان نظر آيو هو. سنڌ ۾، ”موهن جو دڙو“، جيڪو
پنج هزار سال قديم اهڙو ته اهم تهذيبي نشان آهي،
جو سڄيءَ دنيا تي ڌاڪ اٿس. هونئن ته رني ڪوٽ به
ڏاڍو قديم آهي، سائين جي. ايم. سيد چوندو هو ته
”غالباً ايران ان زماني ۾ ٺهرايو هو، جڏهن سنڌ ان
جي هفت اقليم سلطنت جو حصو هئي.“ خود ايران جو
قديم تختگاهه، ”تخت جمشيد“ (پرسي پولس)، جنهن کي
سڪندر بادشاهه دارا کي شڪست ڏيڻ کان پوءِ، ساڙائي
ڇڏيو هو. تخت جمشيد جا فلڪ بوس پٿر جا منارا هزارن
سالن گذرڻ کان پوءِ به اڃا صحيح ۽ سالم بيٺا آهن.
مٿئين پس منظر ۾ اها ڳالهه آسانيءَ سان سمجهه ۾ ايندي، ته ايران
جهڙي عظيم ملڪ جو مٿاڇرو جائزو وٺي، ان مان ڪو
نتيجو ڪڍڻ، آسان ڳالهه ڪانه آهي.
* * * *
اڄ کان ويهارو ورهيه اڳ، سنه 1977ع ۾، مون کي ايران ڏسڻ جو
موقعو مليو هو. هاڻي، سنه 1998ع ۾ حسنِ اتفاق سان،
ايران ڏسڻ جو ٻيو موقعو مليو. اڳي به ايران سرڪار
ميزبان هئي، هاڻي به ايران سرڪار ميزباني ڪئي.
ايران جو پهريون دورو به ڏهن ڏينهن جو هو ۽ موجوده
دورو به ڏهاڪو ڏينهن جو هو.
بلاشبه، ايران جهڙي عظيم ملڪ بابت ڪوبه تاثر قائم ڪرڻ لاءِ
ڏهاڪو ڏينهن ناڪافي آهن پر، ڪو ماڻهو، روزانو
آئيني ۾ پنهنجو پاڻ پيو ڏسي، ته پنهنجيءَ شڪل سان
ايتريقدر ته مانوس ٿي ويندو، جو کيس روزمره جي
تبديليءَ جو احساس ئي ڪونه ٿيندو. پر، ويهن ورهين
جي وٿيءَ کان پوءِ جيڪڏهن ڪنهن وڇڙيل دوست سان
سندس ملاقات ٿيندي، ته هو کيس ڏسڻ شرط چوندو ته
”ويهن ورهين کان پوءِ به تون ته ساڳيو ائين جو
ائين بيٺو آهين.“ يا وري ائين چوندو ته ”ميان،
ويهن ورهين ۾ تون ته صفا بدلجي ويو آهن.“ سو، ويهن
ورهين جي وٿيءَ کان پوءِ ايران جو دورو ڪرڻ وارو
ڪو به شخص اتي آيل تبديلين کي مون وانگر فوراً
محسوس ڪري ها.
چون ٿا ته ڪو پاڪستاني وَفدُ، چين جي اڳواڻ، چيئرمين مائوءَ سان
مليو هو. ملڪن ۽ معاشرن ۾ عام خرابين جو ذڪر نڪتو،
ته وفد مان ڪنهن شخص چيو ته: ”اسلامي تعليم تي عمل
ڪرڻ سان معاشري جون مڙئي خرابيون دور ٿي وڃن
ٿيون.“
چيئرمن مائوءَ جواب ۾ چيس ”ته پوءِ دنيا ۾ هيترا سارا مسلمان
ملڪ آهن. ٻڌايو ته ڪهڙو ملڪ اسلامي تعليم تي عمل
ڪري رهيو آهي؟“
اهو ٻڌي، هرڪو خاموش ٿي ويو. ايران ۾ اسلامي انقلاب، مائوءَ جي
حياتيءَ ۾ اچي ها، ته وفد مان ڪونه ڪو شخص شايد
هڪدم ايران جو نالو کڻي ها.
مون ويهه ورهيه اڳ جيڪو ايران ڏٺو هو، تنهن ۾ هڪ ڳالهه پڌري پئي
هئي. سا، هيءَ ته ايران جي آسودي طبقي، خاص طرح،
شهري ماڻهن ۾، ’مذهبي بيگانگي‘ ۽ ’عياشي‘ چوٽ
چڙهيل هئي. شراب، رشوت ۽ حرام ڪاري عام هئي.
مٿئين طبقي ۾، چرس، آفيم ۽ ٻين نشيدار شين جو
واهپو وڌي ويو هو. شاهه جا عياشين، ۽ ڀيڻس
(شهزاديءَ اشرف پهلويءَ) جي فرعونيت جي داستان عام
هئا.*
ايران هو ته مشرقي ملڪ، ليڪن ايتريقدر ته تيزيءَ سان ”مغرب زده“
ٿي رهيو هو، جو چوندا هئا، ته ”مرداني ۽ زناني
لباس جو نئون فئشن هڪ ڏينهن پئرس ۾ شروع ٿيندو
آهي، ته ٻئي ڏينهن تهران پهچندو آهي. لنڊن جو وارو
ٽئين ڏينهن ايندو آهي.“
تهران ۾، پيٽرول جي هڪ اعليٰ عهديدار جي همشيره، خانم اقبال،
اسان جي دعوت ڪئي. ڳالهين ڪندي ٻڌايائين ته ”آغا،
جيڪڏهن اوهان پنهنجي گهر جي ٻاهران بورڊ هڻو، ته
ايران جي قديم ۽ اڻلڀ هنرن جا شاهڪارَ اسان وٽ
* تفصيلي احوال لاءِ ڏسو ڪتاب:
Behind the Peacock Throne
وڪري لاءِ موجود آهن، ته ٻئي ڏينهن تهران شهر جي اڌ آبادي اوهان
جي دروازي تي موجود هوندي. پر، جيڪڏهن اوهان
پنهنجي گهر جي ٻاهران بورڊ هڻو، ته اڌوراڻو
(Second Hand)
آمريڪي فرنيچر اسان وٽ وڪري لاءِ موجود آهي، ته
تهران جي سڄي آبادي صبح جو توهان جي دروازي تي
موجود هوندي.“
ايران مذهبي ملڪ آهي. ليڪن، شاهه جي حڪومت ۾، مذهبي بيگانگيءَ
جي حالت هيءَ هئي ته اسان کي اصفهان ۾ ڪنهن اڳوڻي
بادشاهه جي ٺهرايل هڪ تاريخي مسجد ڏيکاريائون.
چيائون ته ان جي صحن ۾ ڏهه هزار ماڻهو نماز پڙهي
سگهن ٿا. پر، ان مهل مسجد شريف جي ڪنڊ ۾، فقط هڪڙو
غريب شخص ڦاٽل ڪپڙن ۾، نماز پڙهي رهيو هو. مسجد جي
صحن ۾ فرش تي ڊڀ اڀري آيو هو. اسان جو ايراني
گائيڊ ان تي آرام سان سگريٽ ڇڪي رهيو هو ۽ اسان کي
مسجد جي تاريخي اهميت کان آگاهه ڪري رهيو هو.
هن پس منظر ۾، هاڻي جو ايران ويس، ته منهنجي ذهن ۾ ڪيئي سوال
هئا ته اسلامي انقلاب کان پوءِ موجوده ايران الائي
ڪيئن آهي؟ ڳوٺن جون حالتون ڪيئن آهن؟ عام ماڻهن جي
اٿيءَ ويٺيءَ، اجتماعي ۽ انفرادي زندگيءَ کي
اسلامي انقلاب الائي ڪيترو متاثر ڪيو آهي؟ بازارن
۽ دڪانن تي خريداريءَ جي اگهن ۽ نرخن جي باري ۾
دڪاندارن جي روش بدلي آهي يا نه؟ ملڪ مان رشوت، بي
روزگاري ۽ غربت ختم ٿي آهي يا نه؟ کاڌي خوراڪ ۽
گفتگوءَ جي انداز ۾ ڪا تبديلي آئي آهي يا نه؟
ايئرپورٽ، ريلن، بسن، هوائي جهاز جي سفرن ۾ مسافرن
سان سلوڪ الائي ڪيئن آهي؟
- - -
ايران ۾ جيڪو مشاهدو ٿيو، تنهن جو مختصر ذڪر، هن
مضمون جو مقصد آهي.
* * * *
حيدرآباد ۾، ايراني خانه فرهنگ جي ڊائريڪٽر، آغا سيد محمد
خليليءَ، مون کي تهران ۾، امام خمينيءَ جي ورسيءَ
۾ شريڪ ٿيڻ جو دعوت نامو وڏيءَ محبت سان موڪليو.
دراصل، هر سال، انهيءَ موقعي تي، پاڪستان مان ڳچ
مهمان ايران موڪلن ٿا: هڪڙن کي روڊ رستي ۽ ٻين کي
”خاص _ مهمان“ جو درجو ڏيئي، هوائي جهاز رستي. مون
کي ڪراچيءَ مان شام واريءَ فلائيٽ ۾ موڪليائون.
انهيءَ ۾ اسلام آباد، لاهور، ڪوٽيا، ۽ لاهور مان
به سندن مهمان تهران وڃي رهيا هئا. ڪوٽيا ۽ لاهور
جا مهمان ته ٽڪيل ئي ڪراچيءَ جي خانه فرهنگ ۾ هئا.
جيڪڏهن اتان جو ڪو ملازم، کين ۽ مون کي ايئرپورٽ
تي ڇڏي اچي ها، ته اسان کي ميل ملاقات جو موقعو
ملي ها ۽ ڳالهيون ٻوليون ڪندا، تهران وڃون ها. پر،
ائين ڪونه ٿيو. نتيجي طور، هوائي جهاز ۾ سوار ٿيڻ
شرط سڀ کان اول زبان جو مسئلو درپيش آيو.
جيڪڏهن ڪو شخص مون سان فارسيءَ ۾ گفتگو ڪري، ۽ ڌيري
ڌيري ڳالهائي، ته مان سندس مطلب ۽ مقصد سمجهي
ويندس. پر، تيز تيز ڳالهائيندو، ته مون لاءِ کيس
سمجهڻ ڏکيو ٿي پوندو. اسان غير ملڪي سفر ۾ انگريزي
گفتگو ڪريون ٿا. ايرانين ۾ انگريزي ڳالهائڻ جو
رواج ڪونهي. هو فارسي ڳالهائن ٿا ۽ چڱو ڪن ٿا؛
ماڻهوءَ کي پنهنجيءَ زبان ۾ ئي گفتگو ڪرڻ گهرجي ۽
ان تي فخر ڪرڻ گهرجي.
ڪراچيءَ کان تهران جو هوائي سفر تقريباً پوڻن چئن ڪلاڪن جو آهي.
سو، دل ۾ چيم ته ’هاڻي بخت هوندو ته واهه، نه ته
تهران تائين سڄو سفر خاموشيءَ ۾ گذرندو.‘ انهن ئي
خيالن ۾ هئس، ته هڪ خاتون آئي ۽ منهنجيءَ ڀر
واريءَ سيٽ تي اچي ويٺي. جهاز اڏاڻو، ته اخبارون
ڏئي ويا. ڏهه پندرهن منٽ ٻيا به گذريا، ته ڪنهن
سبب سان همسفر خاتون مان سان پاڻ ئي مخاطب ٿي. مون
کي پاڪستاني لباس ڏسي، اردوءَ ۾ ڪا ڳالهه پڇيائين.
دل ۾ خدا جو شڪر ڪيم. اڌ ڪلاڪ کن ٻيو به گذريو، ته
منجهند جي ماني کڻي آيا. مون خانم کي چيو ته
مانيءَ جي مهل ته ڪانهي. چيائين ته، ”هائو. پر
انٽرنيشنل فلائيٽ ڪري، مسافرن کي جو ٻه ڪلاڪ اڳواٽ
ايئرپورٽ تي سڏن ٿا، ته کين منجهند جي ماني ضرور
ڏيڻي پوي ٿي.“
ايراني هوائي جهاز جي ماني، معيار جي لحاظ کان، پاڪستاني جهاز
جهڙي آهي. مانيءَ جا ٿانو کڻي ويا، ته خانم ۽
منهنجي ڪچهري شروع ٿي. چيائين ته ”يزد جي ويٺل
آهيان*. وڏي ٿيس، ته تهران هلي آيس. اتي شادي ڪيم.
هاڻي
* يزد جي باري ۾ ڪتابن ۾ لکيل آهي ته وچ ايران هڪ تاريخي شهر
آهي، جنهن جو پايو پهرين صدي عيسويءَ ۾ پيو.
ساساني دور ۾ ترقي ڪيائين ۽ ايران جو هڪ مکيه شهر
شمار ٿيڻ لڳو. تيرهين صدي عيسويءَ ۾ اصفهان ۽
شيراز کان پوءِ ايران جو ٽيون نمبر شهر ليکجڻ لڳو.
يزد، اڄڪلهه، ايران جو هڪ مکيه واپاري مرڪز آهي. ريشمي ڪپڙي،
غاليچن، سون ۽ چاندي جي زيورن، تاريخي جاين ۽ باغن
لاءِ مشهور آهي.
گذريل ڏهاڪو سالن کان ڪراچيءَ ۾ آهيان، جو منهنجو خاوند اتي
ڪاروبار ڪندو آهي. هڪڙو پٽڙو اٿم، جو
آمريڪا ۾ پڙهندو آهي.“مون کيس ٻڌايو ته، ”ويهارو
ورهيه اڳ مان ايران گهمي آيو آهيان. تڏهن ته شهرن
۾ ڏاڍي رونق ۽ رنگيني هئي. البت، ٻڌڻ ۾ ٿي آيو، ته
ڳوٺن ۾ ماڻهن کي ماني سولي ڪانه ملندي هئي.“
خانم اهو ٻڌي چپ ٿي وئي. پر، ڪجهه دير کان پوءِ جواب ڏنائين ته
”اڳي سولي ملندي هئي. هاڻي ڪانه ٿي ملي.“ ان کان
پوءِ ڪي مثال ڏيئي، شاهه واري دؤر جون خوبيون بيان
ڪيائين. مان بهرحال خاموشيءَ سان سندس ڳالهيون
ٻڌندو رهيس.
هوائي جهاز تهران کي سڻائو ٿيو، ته اسان جي اڳين سيٽن تي ٻن ٽن
ايراني نوجوانن خانم سان فارسيءَ ۾ ڪا ڳالهه ڪئي.
هن ’هائوڪار‘ ڪئي، ته هنن پنهنجن پنهنجن بريف ڪيسن
مان گانن جون ڪي ڪيسٽون ڪڍي کيس ڏنيون، جي هن
پنهنجي بريف ڪيس ۾ وڌيون. پڇڻ تي ٻڌايائين ته هي
نوجوان شيراز جا ويٺل آهن. ڪراچيءَ مان گانن جون
ڪيسٽون، رنگين بشرٽون ۽ ٻيو اهڙو سامان خريد ڪري،
ايران ۾ وڪڻن ٿا ۽ گذران ڪن ٿا. ڊڄن ٿا ته ڪسٽم
وارا سامان چيڪ ڪندا، سو، مون کان مدد گهريائون.
اهو ٻڌي، مون انهن نوجوانن ڏي نهاريو. هڪڙو ڄڻو، بريف ڪيس کولي،
ٻه بشرٽون ابتيون ڪري، تَههَ ڪري، منجهس رکي رهيو
هو. بشرٽن جي ٻاهرين پاسن تي رنگين تصويرون ڇپيل
هيون. اهڙيون بشرٽون اسان وٽ به نوجوان شوق سان
پائيندا آهن. مون ڏي نهاري، چيائين ته ”آغا، ايران
۾ نوجوانن جي زندگي تمام تنگ آهي.“
تهران ايئرپورٽ تي لٿاسون، ته مسافر ٻن قطارن ۾ ورهائجي ويا: هڪ
۾ ايراني ۽ ٻيءَ ۾ پاڪستاني. پاسپورٽ تي ٺپو
هڻائي، سامان وٺڻ واري لائونج ۾ وياسين، ته ٻه ٽي
ميزبان نظر آيا. خوش ٿياسين. پر، منجهانئن نه ته
ڪنهن اڳتي وڌي هٿ ڏنو، ۽ نه وري پري کان ئي
کيڪاريو. رڳو روڊ تي بيٺل بسن ڏانهن، آڱر سان
اشارو ڪيائون. سو، هرڪو مهمان پنهنجو پنهنجو سامان
ڳولي، ٽراليءَ تي رکي، بس تي پهتو. ايتري ۾ روڊ
تان هڪڙو ايراني نوجوان تڪڙو تڪڙو آيو ۽ اسان کي
چيائين ته ”دولر، دولر؟ بلئڪ مني... دولر، دولر؟“
هو بلئڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر وٺڻ ۽ وڪڻڻ جو ڌنڌو ڪندو
هو.
تهران ايئرپورٽ تي مون ”آجيان“ جا اهي لفظ ٻڌا. بس ۾ گهڙيس، ته
اڳيئي دوستن ۽ واقفڪار ماڻهن سان ڀري پئي هئي. ڪي
لاهور جا هئا ته ڪي اسلام آباد مان آيا هئا. ڪن کي
سڃاڻي ئي ڪونه سگهيس. پر، مون کي هو سڀ سڃاڻندا
هئا. سڀني سڪ سان کيڪاريو. مون کين ٻڌايو ته مان
به اوهان وانگر امام خمينيءَ جي ورسيءَ ۾ آيو
آهيان.
پروفيسر حجازيءَ انهيءَ پس منظر ۾، لاهور جي ”دن“ اخبار ۾، 18
جون 98ع تي، ايران جي دوري بابت، پنهنجي تاثراتي
مضمون ۾ لکيو آهي ته:
جناب غلام رباني آگرو کو پاکستان کي ساري اديب اور شاعر بلکه
بهت سي اور لوگ بهي جانتي هين. وه شاهه ايران کي
حال احوال سي بهي آگاه تهي اور مختلف ادوار مين
پاکستانيون کي باري مين ايرانيون کي رائي کي صورت
حال سي بهي واقف تهي... جهانديده اور دانشمند
انسان هين. گفتگو مين اعتدال اور توازن پيدا کرني
کي مهارت رکهتي هين.
حجازي صاحب پنجاب يونيورسٽيءَ ۾ سينئر پروفيسر آهي ۽ بهادر خان
روديني، بولان يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر آهي.
ٻئي ڄڻا منهنجا اڳي واقف ڪونه هئا. انهيءَ ئي دوري
۾ واقف ٿياسون. بس اسان کي کڻي، شهر رواني ٿي. اڌ
ڪلاڪ کان پوءِ ”انقلاب هوٽل“ وٽ هلي بيٺي. اصلوڪو
نالو ”شيريٽن“ اٿس. عمارت پراڻي اٿس پر، ٺيڪ آهي.
سڀ مهمان لائونج ۾ رکيل صوفن تي هلي ويٺا. سڀني کي
انتظار هو ته ميزبان ڪمرا جلد ڏين، ته هٿ منهن
ڌوئي، ٿَڪ لاهيون. پر، صوفن تي ويٺي ويٺي ڪلاڪ کن
گذري ويو. سو، لاچار پاڻ ئي ميزبانن کي ڪمري لاءِ
عرض ڪيوسون. چيائون ته ”اجهو ٿا اچون.“ ڪلاڪ کن
ٻيو به گذري ويو. اوٻاسيون ڏئي ٿڪاسين. ايتري ۾
اوچتو منهنجو هڪ اڳوڻو ماتحت نظر آيو ۽ اچي هٿ
ڏنائين. مون حيرت مان کانئس پڇيو ته ’تون هت
ڪيئن؟‘ ته مشڪي، ماٺ ڪري، هليو ويو. پوءِ خبر پئي،
ته پاڪستان ۾ ڪن ايراني خانه فرهنگ جي ملازمن،
پنهنجن پنهنجن دوستن جي سفارش تي، ڪي ڪلارڪ مهمان
ڪري، موڪليا هئا. سو، هوٽلن ۾ ڪمرن جي تنگيءَ جو
مسئلو پيدا ٿي پيو. ميزبانن اهي ڪلارَڪ، ”خاص
مهمان“
(VIP)
قرار ڏئي، هوٽل جي ڪمرن ۾ ٽڪائي ڇڏيا. هاڻي جو
اسلام آباد، لاهور، ڪوٽيا ۽ ٻين شهرن مان سندن ئي
سڏيل ”خاص مهمان“
(VIP)
پهتا، ته انهن لاءِ ڪمرا ئي ڪونه رهيا.
اسان کي انتظار ڪندي ڪندي، اڌ رات ٿي وئي. ڏاڍا ڪڪ ٿياسين.
ايراني ميزبانن ۾ ڪو سينئر ماڻهو ته هو ڪونه، جو
ساڻس فضيلت سان ڪابه ڳالهه ٻولهه ٿئي. ڇوڪرا ڇوڪرا
هئا. جڏهن تمام تنگ ٿياسون، ته هڪڙي ڇوڪري کي سڏي
دڙڪو ڏنوسون، ته ”اسان جون ٽڪيٽون واپس ڪريو ۽
سڀاڻي سيٽن جو بندوبست ڪريو. اسان واپس وينداسون.
اڌ رات ته گذري وئي آهي. باقي اڌ رات به هِتِ صوفن
تي ويٺي ويٺي گذري ويندي.“ انهيءَ دڙڪي وڃي ڪم
ڪيو. اڌ ڪلاڪ کن ۾ اسان ٽنهي ڄڻن کي ڪمرا ملي ويا.
هڪڙو ايراني ڇوڪرو، جڏهن ڪمرن جا تالا کولي،
ڪنجيون ڏئي رهيو هو، تڏهن اسان ڏي رمز سان نهاري،
ائين اک ڀڃي رهيو هو، جو ڄڻ ته اسان ايران سرڪار
جا معزز مهمان ڪونه هئاسين. پر، ڪي نامي گرامي
سمگلر هئاسين!
هو ڏينهن ٻن کان پوءِ، رات جو اسان وٽ آيو، ۽ چيائين ته ”مان
پنهنجن پرديسي مهمانن کان ڪونه ڪو تحفو وٺندو
آهيان.“ کيس ڪمرن ڏيڻ جي عيوض رشوت کپندي هئي.
اسان ٽنهي ڄڻن ايراني سڪي ۾ ڪجهه پئسا ڪڍي، کيس
”تحفو“ ڪري ڏنا.
* * * * |