عارف نوشاهي
سنڌيڪار: محمد پنهل ڏهر
بلگرام جي هڪ علمي گهراڻي جي سنڌ ۾ وقائع نگاري
(نوٽ هي مقالو بين الاقوامي اسلامڪ يونيورسٽي اسلام آباد جي
ٽماهي ”فڪر و نظر“ اپريل_ جون 1997ع ۾ ڇپيو آهي.
ان جو زياده تر انحصار، مير سيد محمد بلگرامي جي
ڪتاب ”تبصرة الناظرين“ تي آهي. هي ڪتاب سنڌ تي
شروعاتي ڪلهوڙا دؤر ۽ آخري مغل دؤر جو بهترين ۽
قيمتي معاصر ماخذ آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ متعلق انهيءَ
دؤر جي سياسي ۽ سماجي تاريخ تي گهڻو مواد موجود
آهي. ڏاڍو سٺو ٿئي، جو اصل ڪتاب ۽ ان جو سنڌي
ترجمو ڇپجي وڃي. هي مقالو مهربان دوست غلام محمد
لاکي جي معرفت پهتو، جنهن جو سنڌي ترجمو ڏجي ٿو.
مترجم)
* * *
”بلگرام“ (اتر پرديش، هندستان) قديم زماني کان وٺي علم،
ادب ۽ تصوف جو مرڪز رهيو آهي. هي اهڙو خاص مردم
خيز خطو آهي، جنهن جي صوفين، عالمن ۽ فاضلن جي
احوال، مناقب ۽ نسب تي ڪيترائي ڪتاب لکجي چڪا
آهن(1)
هتان جي هڪ علمي گهراڻي جا ڪيترائي فاضل، خودمختيار يا نائب طور
دهلي درٻار پاران 1117هه کان 1155هه (1705ع_1742ع)
تائين سنڌ ۾ وقائع نگاري تي مقرر هئا. انهن مان هڪ
غلام علي ”آزاد“ بلگرامي (وفات 1200هه / 1775ع)
سنڌ ۾ پنهنجي خاندان جي خدمت متعلق خلاصو هن طرح
پيش ڪيو آهي:
”1116هه کان بکر ۽ سيوستان جون خدمتون عالمگيري درٻار مان علامه
مرحوم (مير عبدالجليل) جي حوالي ٿيون. اسان جي
خاندان مان ڪجهه ماڻهو خودمختيار يا نائب طور بکر
۽ سيوستان ۾ خدمتون انجام ڏيندا رهيا. سڀ کان
پهريائين علامه مرحوم خود بکر ۾ رهيو ۽ پنهنجي
سُهري سيد اشرف بن سيد عبدالعزيز کي سيوستان ۾
نائب مقرر ڪيائين، ڪجهه وقت کان پوءِ سيد محمد
اشرف کي وطن واپس موڪليائين ۽ چاچي جي پٽ سيد ڪرم
الله (1087هه _ 1134هه) بن سيد معين الدين کي
سيوهڻ جي نائبي حوالي ڪيائين. جڏهن علامه کي معزول
ڪيو ويو ته هو بادشاهه وٽ ويو ۽ پنهنجي نوڪري اڳ
وانگر بحال ڪرايائين ۽ (شاهجهان آباد مان) شيخ
محمد رمضان بکري (وفات 1143هه) کي لکي موڪليائين
ته هو سندس جاءِ تي خدمتون انجام ڏيندو رهي ۽ اتان
منهنجي پيءُ سيد محمد نوح کي روانو ڪري ڇڏيائين.
منهنجو پيءُ تقريباً ستن سالن تائين بکر ۽ سيوستان
۾ نائب طور ڪم ڪندو رهيو. جڏهن مير عبدالجليل جو
پٽ مير سيد محمد وقائع نويس مقرر ٿي اتي ويو ته
منهنجو پيءُ واپس وطن هليو ويو. مان به ڪجهه وقت
اتي نائب طور ڪم ڪندو رهيس. چاليهن سالن بعد زماني
رنگ بدلايو ته سنڌ ملڪ مان اسان جي خاندان جو داڻو
پاڻي ختم ٿيو ۽ تعلق به بلڪل ٽٽي ويو. ذالڪ تقدير
العزيز العليم.“ (2)
انهيءَ کي سنڌ جي خوشقسمتي چئجي ته بلگرام جا اهڙا صاحب علم ۽
فضل وقائع نويس انهيءَ جي حصي ۾ آيا. انهن وقائع
نويسن جون اصل رپورٽون جيڪي يقيناً اهم تاريخي ۽
ادبي دستاويز هونديون، خدا کي معلوم ته ڪٿي محفوظ
آهن، ليڪن انهن وقائع نگارن جي تصنيفن ۾ سنڌ جي
سياسي ۽ علمي تاريخ جا ڪجهه اهڙا واقعا ۽ اشارا
محفوظ ٿي ويا آهن، جنهن ڪري انهن گم ٿيل رپورٽن جي
ڪجهه تلافي ٿي وڃي ٿي. اسان هتي بلگرام جي انهيءَ
گهراڻي جي ٽن اهم ۽ معروف وقائع نگارن جو ذڪر
ڪنداسين.
مير عبدالجليل بلگرامي (1071هه _ 1137هه) (3)
مير عبدالجليل 1071هه (60_1659ع) ۾ بلگرام ۾ پيدا ٿيو. هو هڪ ئي
وقت حديث، تفسير، لغت، موسيقي، شاعري ۽ عربي،
فارسي، ترڪي ۽ هندي ٻولين ۾ اهڙي مهارت رکندو هو،
جو بقول بلگرامي، ”چشم روزگار ڪهن سال صاحب ڪمال
به اين جامعيت مشاهده نڪرده.“ (4) هي تاريخ ڪڍڻ ۾
به بيمثال مهارت رکندو هو ۽ طرحين طرحين تاريخي
ماده چوندو هو. ”انشاء جليل“ ۽ ”مثنوي امواج
الخيال در تعريف بلگرام“ سندس يادگار آهن. سندس
وفات 23_ ربيع الآخر 1138هه (29_ ڊسمبر 1725ع) تي
شاهجهان آباد ۾ ٿي ۽ بلگرام م دفن ٿيو.
مير عبدالجليل پهرين ربيع الاول 1112هه (15 آگسٽ 1700ع) کان
جمادي الاول 1116هه (سيپٽمبر 1704ع) تائين گجرات
(پنجاب)۾ بخشيگيري ۽ وقائع نگاري جي خدمتن تي مقرر
رهيو. 1116هه (1704ع) ۾ اورنگزيب عالمگير جي
داروغه ڊاڪ مرزا ياد علي بيگ، درٻار مان هن لاءِ
بکر ۽ سيوستان ۾ بخشيگيري، وقائع نگاري ۽ سوانح
نويسي جو پروانو حاصل ڪيو. چار رجب 1117هه (22
آڪٽوبر 1705ع) تي هو بکر پهتو ۽ سالن تائين نهايت
ديانت ۽ ايمانداري سان خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو.
اورنگزيب جا جانشين به مير صاحب جو قدر ڪندا هئا ۽
بکر مان دارالحڪومت دهلي گهرائڻ کان سواءِ ئي
نوڪريءَ ۾ توسيع جو پروانو هن کي بکر موڪلي ڏيندا
هئا. فرخ سير (1124هه _ 1131هه) جي زماني ۾ سنڌ ۾
الله تعاليٰ جي قدرت سان هڪ عجيب واقعو پيش آيو.
بکر جي ڪنهن ڏاکڻي پرڳڻي ۾ آسمان مان ”ريزه هاءِ
نبات“ (نباتن ۽ پتاشن) جو مينهن وٺو. مير
عبدالجليل هن واقعي جو اطلاع فرخ سير کي ڏنو ۽ ان
۾ ادبي چاشني پيدا ڪرڻ خاطر پنهنجي هي رُباعي به
گڏ لکي موڪليائين:
فرخ سير آن شهنشه بابرڪات
چرخ از ادب او شده شيرين حرڪات
در سند ز يمن عهد عشرت مهرش
باريد سحاب ريزه قند و نبات.“
انهيءَ وقت مير جملو سمرقندي بادشاهه جو سوانح نگار هو. هن کي
انهيءَ واقعي تي يقن نه آيو ۽ بغير ڪنهن تحقيق جي
انهيءَ واقعي کي غلط قرار ڏيئي سنه 1126هه (1714ع)
۾ مير صاحب کي بکر جي وقائع نگاري تان معزول ڪري
ڇڏيائين. تنهن ڪري انهي سال مير صاحب بکر کان
دارالحڪومت شاهجهان آباد هليو ويو ۽ امير
الاُمراءَ سيد حسين علي خان سان ملي پنهنجو سنڌ
وارو عهدو بحال ڪرايائين ۽ شيخ محمد رضا بکري کي
پنهنجو نائب مقرر ڪيائين ۽ پاڻ خود شاهجهان آباد ۾
درٻار ۾ رهي پيو ۽ پنجن سالن تائين اتي رهيو.
1130هه ۾ پنهنجي انهيءَ عهدي تان استعفيٰ ڏنائين ۽
پنهنجيءَ جاءِ تي پنهنجي پٽ مير سيد محمد جي نالي
سنڌ ۾ مقرريءَ جو پروانو حاصل ڪيائين.
”تبصرة الناظرين“، جنهن جو ذڪر اڳتي ايندو، تنهن ۾ مير سيد محمد
پنهنجي والد جي ڏهن سالن واري وقائع نگاريءَ جا
واقعا ۽ انهيءَ جي مناسبت سان مير عبدالجليل جا
لکيل تاريخي قطعا نقل ڪيا آهن. اسان تاريخي ترتيب
سان انهن جو ذڪر ڪريون ٿا.
1117هه: مير عبدالجليل بکر ڏانهن ويندي ملتان ۾ خان علي مراد
خان سان ملاقات ڪئي. شهزادو محمد معزالدين انهن
ڏينهن ۾ ملتان جو گورنر هو. انهيءَ سان به ملاقات
ڪيائين ۽ انعام اڪرام ورتائين. مير عبدالجليل
ملتان مان سيد نظام الدين اسد الله جي نالي خط
لکيو، جنهن ۾ ملتان ۾ مليل انعام اڪرام جو تفصيل
به لکيائين. ملتان کان ٻيڙي رستي پندرهن ڏينهن جو
سفر ڏهن ڏينهن ۾ طئي ڪري بکر پهچي ويو.(5)
1120هه: مير باقر خان ملتانيءَ کي دهلي درٻار مان خان جو لقب
مليو ته مير صاحب تاريخي قطعو چيو. انهيءَ سال بکر
سرڪار جي فوجدار خان امين الدين خان (مصنف ”رشحات
الفنون“) سکر ۾ هڪ عاليشان مسجد ٺهرائي. مير صاحب
تاريخي قطعو لکيو. مقطع هي آهي:
سال تاريخ چنين گفت فرد ”مهبط نور چو بيت العمور.“ (6)
1121هه: بکر جو ظالم حاڪم لڇي رام مُئو ته مير صاحب هي شعر چيو:
لچهي رام ظالم مرد ڪسي نڪرد آوخ را
سال فوت هاتف گفت ”ڪنده ڪرد دوزخ را.“(7)
1122 هه: فارسي جو صاحب ديوان شاعر سيد حسين امتياز خان خالص
اصفهاني شاهجهان آباد کان وڃي رهيو هو ته سيوستان
جي زميندار يار محمد خدايار خان جي ماڻهن هن کي
قتل ڪري ڇڏيو ۽ مال اسباب ڦري ورتائون. مير صاحب،
”آهه آهه امتياز خان“ مان تاريخ ورتي. (8) انهي
سال بکر جي سوداگر خواجه صالح درياءِ سنڌ جي ڪناري
هڪ مسجد تعمير ڪرائي، مير صاحب هي قطعه تاريخ چيو:
پــــي ڪتابه تـــاريخ او نوشت خـــرد
”جزائي اين عمل صالح است جمله ارم.“ (9)
1124هه: نواب شاڪر خان صوبي ٺٽي جو ناظم مقرر ٿيو ته مير صاحب
عربي شعر ۾ هڪ تاريخ چئي ۽ ان ۾ ٺٽي جو اُچار
”تهتها“ قائم ڪيو ته تبصرة الناظرين جي مصنف
انهيءَ لاءِ چيو ته هت لفظ تهتها اصل هندي لفظ
يعني ٻه تاءَ فوقانيه ۽ هاءَ هوز ۽ آخر ۾ الف سان
گڏ لکڻ گهرجي، جهڙوڪ تلفظ آهي. (10)
1125هه: شڪارپور جي زميندار رحيم داد افغان سيوي جي قلعي ۽ ڍاڍر
تي قبضو ڪيو ته خدايار خان پنهنجي پٽ دائود خان
ذريعي رحيم داد جي سرڪوبي ڪئي ۽ قبضي وارا علائقا
ڇڏايا. مير صاحب هڪ ڊگهو تاريخي قطعو چيو، جنهن ۾
جنگ جو نقشو به چٽيو اٿس، آخري شعر هي آهي:
پي سال تاريخ اين فتح گفتم
”دارو شي فتح سيوي و دهادهر .“ (11)
1126هه: مير صاحب سنڌ مان هليو ويو ۽ واپس نه آيو، ليڪن
سنڌ سان هن جو واسطو برقرار رهيو.
1134هه: بکر جي ساداتن مان هڪ صاحب سيد امير علي جي گهر پٽ ڄائو
ته مير صاحب هي تاريخي قطعو چيو:
فرد تاريخ او در مصرعي گفت
”گرامي نسل صلب شاهه مردان.“ (12)
1136هه : خدايار خان جي گهر ۾ احمد يار ڄائو ته مير صاحب هيٺيون
تاريخي قطعو چيو:
بهر تاريخش بگفتم مصرعي ”نونهال عهد احمد يار خان.“
(13)
1137هه: ميان نور محمد خدايار خان جي پٽ مرادياب جي
شادي تي مير صاحب هي تاريخي قطعو چيو:
خامه در تحرير اين شادي رقم زد مصرعي
هر مراد دل مبارڪ باد اين طوي منير. (14)
مير سيد محمد بلگرامي (1101هه _ 1185هه) (15)
سيد محمد بلگرامي تخلص ”شاعر“ 14_ ربيع الاول 1101هه تي
ڄائو. هو به پنهنجي پيءُ وانگر لغت، محاضرات،
شاعري ۽ تاريخ گوئي ۾ مهارت رکندو هو. عربي، فارسي
۽ هندي زبان تي غير معمولي عبور حاصل هيس. 1175هه
۾ پنهنجي وطن بلگرام ۾ فوت ٿيو. سيد محمد جو پيءُ
مير عبدالجليل 1117هه کان سنڌ ۾ وقائع نگاري ڪري
رهيو هو. 1130هه ۾ هن استعفيٰ ڏني ۽ پنهنجي جاءِ
تي پنهنجي پٽ کي مقرر ڪرايائين. مير سيد محمد 24_
ربيع الاول 1133هه (فيبروري 1721ع) تي دهليءَ مان
بکر ۽ سيوستان ڏانهن روانو ٿيو ۽ 20_ جمادي الآخر
1133هه تي بکر پهچي اتي بخشيگري، سوانح نگاري ۽
وقائع نگاري جا عهدا سنڀاليائين. 1134هه ۾ هن کي
بکر ۽ سيوستان جي وقائع نگاري تان هٽائي، سيوستان
سرڪاري جي بخشيگري ۽ وقائع نگاري تي مقرر ڪيو ويو
۽ بکر لاءِ حيات محمد خان ڪوڪهء نواب قمر الدين
خان کيمقرر ڪيو ويو. پوءِ مير سيد محمد جي نوڪريءَ
۾ ڪجهه رڪاوٽون پيدا ٿيون ته انهن کي دور ڪرڻ لاءِ
هو 17 _ جمادي الآخر 1143هه (ڊسمبر 1730ع) تي دهلي
ويو ۽ مير غلام علي آزاد بلگرامي کي، جنهن جو ذڪر
اڳتي ايندو، پنهنجو نائب مقرر ڪيائين. دهلي درٻار
1143هه ۾ سيوستان ۾ مير سيد محمد جي جاءِ تي
عبدالعزيز ٺٽوي کي بخشيگري ۽ وقائع نگاري لاءِ
مقرر ڪيو. 1144هه ۾ مير سيد محمد، دهلي ۾ نواب
امين الدوله جي مدد حاصل ڪري، سيوستان جو عهدو
بحال ڪرايو ۽ 25_ رمضان 1145هه (مارچ 1733ع) تي
واپس سيوستان پهچي ويو ۽ انتظام اچي سنڀاليائين.
عبدالعزيز ٺٽوي هي ڏسي حيران ٿي ويو، ليڪن ڪابه
مداخلت نه ڪري سگهيو. (16) مير سيد محمد سنڌ ۾
نادرشاهه جي حملي تائين ڪم ڪندو رهيو، ليڪن جڏهن
حالات بگڙي ويا ته هو 1155هه (1742ع) ۾ ملازمت ڇڏي
27_محرم 1156هه (1743ع) ۾ بلگرام پهچي ويو. سنڌ ۾
ميان يار محمد خدايار خان، سيد محمد کي وڏي اعزاز
۽ احترام سان رکيو ۽ سيد محمد اتي ڏاڍو سٺو وقت
گذاريو. هن جي سنڌ مان واپسي کان ڏهه سال پوءِ
1166هه ۾ جڏهن آزاد بلگرامي ”ماثرالڪرام“ لکي رهيو
هو، تڏهن مير سيد محمد جي ذڪر ۾ چوي ٿو ته ”سنڌ جا
سڀئي ماڻهو هاڻي به مير صاحب کي ياد ڪندا آهن ۽ ان
جو ذڪر خير سٺن لفظن ۾ ڪندا آهن.“ (17)
مير سيد محمد جي خاص تصنيف ”تبصرة الناظرين“ (فارسي) آهي، جنهن
۾ هن پنهنجي ڄمڻ واري سال 1101هه (90_1689ع) کان
وٺي پنهنجي وفات کان ٽي سال پوئتي وارن سالن يعني
1186هه (69_1768ع) تائين هندستان ۾ پيش ايندڙ
واقعا عام طور تي ۽ پنهنجي خاندان ۽ علائقي بلگرام
۾ ٿيندڙ واقعا خاص طور تي سال به سال لکيا آهن.
ظاهر آهي ته ڪتاب ۾ انهن سالن جو به ذڪر آهي، جڏهن
هن جو پيءُ خود ۽ آزاد بلگرامي سنڌ ۾ موجود هئا.
اهڙيءَ طرح هن ڪتاب ۾ سنڌ متعلق واقعا به شامل ٿي
ويا آهن. هيءُ ڪتاب انهيءَ دور جي اکين ڏٺل واقعن
۽ معلومات جو خزانو آهي. افسوس جو اڃان تائين شايع
نه ٿيو آهي. البت هن ڪتاب ۾ سنڌ متعلق جيڪي واقعات
درج آهن، انهن مان پير حسام الدين راشدي (وفات
1982ع) ميان نور محمد خدايار خان جي تصنيف
منشورالوصيت و دستور الحڪومت (ڇاپو حيدرآباد
1964ع) ۾ مير علي شير قانع ٺٽوي جي تحفة الڪرام
(ڀاڱو پهريون، جلد ٽيون، ڇاپو حيدرآباد 1981ع) جي
حاشين ۽ تعليقات ۾ خوب استفادو ڪيو آهي ۽ اقتباس
شايع ڪيا آهن. (18) مير سيد محمد سيوستان ۾ رهڻ
دوران ٻيا به ڪتاب لکيا. 1134هه ۾ پنهنجي فارسي
مثنوي ”ناز و نياز“ مڪمل ڪئي. هي مثنوي 606 شعرن
تي مشتمل آهي. هن ۾ شاهه فياض ۽ سيد حسن علي بن
سيد غلام صفي ترمذي بلگرامي جي عشق جو واقعو بيان
ڪيو ويو آهي. (19) 1155هه ۾ پنهنجي هڪ دوست شيخ
محمد رفيع بن مولوي عبدالحڪيم (يا عبدالحليم)
سوستاني جي درخواست تي، عربي ادب تي شيخ جمال
الدين محمد بن احمد الخطيب الابشيهي (790هه _
850هه) جي ڪتاب المستظرف جو خلاصو تيار ڪيائين.
(20)
تبصرة الناظرين ۾ سنڌ جي سماجي حالتن تي به اشارا ملن ٿا.
نادرشاهه جي سنڌ تي حملي کان پوءِ جڏهن سندس لشڪر
جا پير هتي ڄمي ويا ته انهن مقامي ماڻهن تي ظلم ۽
ستم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو ۽ جتي ٻڌندا هئا ته ڪنهن وٽ
ڀلو گهوڙو، تلوار، ڪپڙو يا عمدي چادر آهي ته
زبردستي کسي وٺندا هئا. (21)
سنڌ ۾ ڇوڪرين (نياڻين) جو وڪرو به ٿيندو هو. اهڙيءَ طرح سيد
محمد به ذوالحج 1147هه (اپريل 1735ع) ۾ سيوستان
مان 84 روپين ۾ هڪ چوڏهن سالن جي ٻانهي خريد ڪئي ۽
انهي جو نالو ”سهڻي“ رکيو. (22) 2_ذوالحج 1145هه
تي سندس نرگس نالي ٻانهي، جيڪا هو بلگرام مان وٺي
آيو هو، فوت ٿي ويئي هئي. (23)
8_ محرم 1148 تي سنڌ ۾ ايڏي زور سان ڪارو طوفان آيو جو آسمان ۾
ڪارو غبار ڇانئجي ويو ۽ سڄو ماحول اهڙو اونداهو ٿي
ويو جو ڪوبه شخص يا شيءِ نظر نٿي آئي. ماڻهن تي
خوف ۽ هراس ڇانئجي ويو. ٻن ڪلاڪن کان پوءِ اهو
غبار هلڪو ٿيڻ لڳو ۽ انڌارو هليو ويو، تڏهن ماڻهن
جي جان ۾ جان آئي. مصنف جو چوڻ آهي ته هن پنهنجي
47 سالن جي زندگي ۾ اهڙو خوفناڪ واقعو پهريائين
ڪڏهن به نه ڏٺو هو (24)
مير سيد محمد کي مخدوم لعل شهباز مروندي سيوستاني (وفات 673هه)
سان خاص عقيدت هئي. هن جو معمول هو ته هر مهيني جي
پهرئين جمعي تي هو مخدوم جي درگاهه تي ويندو هو.
تبصرة الناظرين ۾ هن هڪ دلچسپ خواب جو ذڪر ڪيو
آهي. هن شعبان 1152هه ۾ خواب ڏٺو ته هو مخدوم جي
روضي مان فاتحه خواني کان پوءِ ٻاهر نڪتو ته ماڻهن
جو هڪ هجوم ڏٺائين، جتي ڪاري رنگ جي هڪ عورت اهڙي
سريلي آواز ۾ ڳائي رهي آهي جو مصنف بي اختيار رقص
۽ سماع ڪرڻ لڳو. انهي وقت ڪنهن سماع جي مخالف جو
آواز سندس ڪن تي پيو: ”گردش عبث مي ڪند“ (يعني
فضول نچي رهيو آه) جيئن آواز ٻڌائين ته مصنف مثنوي
مولوي جو هر شعر پڙهيو.
خاڪ پست از عشق برافلاڪ شڪ
ڪوهه در رقص آمد و چالاڪ شد. (25)
مير غلام علي آزاد بلگرامي (1116هه _ 1200هه) (26)
هن کي بلگرام جي هن تذڪري واري خاندان جو خوشبودار گل چوڻ
گهرجي. هو 25 صفر 1116هه (1704ع) ۾ بلگرام ۾ ڄائو.
حديث، فقه، سيرت، لغت، عروض ۽ قوافي مير عبدالجليل
۽ ان جي پٽ مير سيد وٽان پڙهيو. حرمين شريفين ويو
ته اتي شيخ محمد حيات سنڌي مدني (وفات 1163هه) ۽
شيخ عبدالوهاب طنطاوي (وفات 1157هه) کان حديث جا
ڪتاب پڙهيو. عربي ۾ هن پنهنجي شاعري جا ڏهه ديوان
مرتب ڪيا. فارسي شاعري کان علاوه تذڪره نويسي ۾ هن
ماثر الڪرام، سرو آزاد، يدبيضا ۽ خزانه عامره
ذريعي پنهنجو نالو مڃايو. آزاد 24_ ذوالقعد 1200
هه (سيپٽمبر 1785ع) تي فوت ٿيو ۽ اورنگ آباد کان
ارڙهن ڪلوميٽر پري خلد آباد ۾ دفن ٿيو.
آزاد 1143هه کان 1147هه (1730ع کان 1734ع) تائين سيوهڻ ۾ پنهنجي
مامي مير سيد محمد جي ماتحت بخشيگري ۽ وقائع نگاري
ڪندو رهيو. هو 19_ ربيع الاول 1143هه ۾ بلگرام کان
سيوهڻ پهتو ۽ سفر جي حالتن تي هڪ مختصر مثنوي به
لکيائين. هي چند شعر انهي مثنوي جا آهن:
چه سيوستان مقام لعل شهباز
فضا يش بر بدخشان مي ڪند ناز
ڪنم سال قــدوم خويش انشا
”بسيويستان مبارڪ مــورد ما.“
1145هه ۾ سيوستان ۾ رهڻ دوران ئي آزاد، فارسي شاعرن جي حالات تي
پنهنجو مشهور تذڪرو يد بيضا لکيو. 1147هه ۾ جڏهن
آزاد سيوستان کان واپس پنهنجي ملڪ وڃي رهيو هو ته
بکر ۾ مشهور فارسي شاعر شيخ محمد علي حزين لاهيجي
(وفات 1181هه) سان ملاقات ڪيائين، جيڪو ان وقت
ايران مان سنڌ جي رستي هندستان ۾ پهتو هو. حزين
پنهنجي هٿ سان پنهنجا شعر لکي آزاد کي ڏنا. (28)
آزاد به تاريخ گوئي ۾ مهارت رکندو هو. سيد محمد بلگرامي، تبصرة
الناظرين ۾ انهن سڀني خاص واقعن بابت آزاد جا
تاريخي قطعا ڏنا آهن، جيڪي آزاد سنڌ ۾ رهڻ دوران
چيا هئا، مثال طور:
1143هه: مرادياب خان پٽ نور محمد خدايار خان جي شادي جي تاريخ
آزاد هن طرح چئي:
گرفت از خامه اين تاريخ شهره
”به يڪجا جمع گشته ماه و زهره.“ (28)
سيد پير شاهه سيوستاني، سجاده نشين درگاهه لعل شهباز جي وفات جي
هي تاريخ چيائين:
هاتفي گفت سال تاريخش
”مسڪن روح پير شاهه ارم.“ (29)
ميان نور محمد خدايار خان جي فوجن جي هٿان عبدالله خان بروهي
والي قلات جي لشڪر جي هار تي آزاد ”عبدالله بروهي
قتل گرديد“ مان تاريخ ڪڍي. (30)
1144هه: دهلي درٻار مان خدايار خان کي ”ثابت جنگ“ جو لقب مليو،
آزاد هئين تاريخ چئي:
برسم تهنيت تاريخ گفتم
”خطاب عمده سلطان مبارڪ.“ (31)
1146هه: نور محمد خدايار خان جي پٽ مرادياب خان جي (ٻي؟) شادي
مراد علي خان رئيس قلات جي نياڻي سان ٿي. آزاد
”مبارڪ باشد و باشد مبارڪ“ مان انهي جي تاريخ ڪڍي
(32)
1147هه: خدايار خان جي وچئين پٽ خداداد خان جي مڱڻي عبدالله خان
بروهي جي ڌيءَ سان ٿي ته آزاد هي قطعو چيو:
برسم تهنيت تاريخ گفتم
”همايون باد اين جشن خداداد.“ (33)
اسان مير سيد محمد جي بيان ۾ مخدوم لعل شهباز متعلق سندس هڪ
خواب جو ذڪر ڪري آيا آهيون. مير آزاد به حضرت
مخدوم متعلق هڪ خواب ڏٺو هو. اسان هي مضمون انهي
خواب جي بيان تي ختم ڪريون ٿا.
1143هه ۾ مير سيد محمد کي معزول ڪري، جڏهن عبدالعزيز ٺٽوي کي
سيوستان جو وقائع نگار مقرر ڪيو ويو ته انهي
معزولي تي آزاد کي گهڻو ڏک ٿيو. هڪ رات هن خواب ۾
ڏٺو ته ڪنهن شهر جي گهٽي مان گذري رهيو آهي. هڪ
شخص سامهون آيو، هن کانئس پڇيو ته سامهون گهٽي مان
رستو آهي؟ هن عربي ۾ جواب ڏنو ته ”سليقاڪ رجال.“
آزاد چند قدم اڳتي ويو ته ڇا ڏسي ته ٽي بزرگ سنڌي
پوشاڪ ۾ هڪ هنڌ ويٺا آهن، انهن مان هڪ اڳواڻ آهي.
آزاد انهن جي ويجهو ويو ۽ سلام ڪري اڳواڻ جي
سامهون گوڏا کوڙي ويهي رهيو ۽ سوال ڪيو ته ڇا اسان
جي نوڪري بحال ٿيندي؟ اِهو ٻڌي بزرگ مراقبو ڪيو ۽
هڪ گهڙي مراقبي ۾ رهڻ کان پوءِ سر مٿي ڪري چيائين،
”بحال ٿي ويندي.“ آزاد وري پڇيو ته واقعي ائين
ٿيندو؟ شيخ چيو ته ”اسان جيڪي ڪجهه چئي رهيا
آهيون.“ اهڙي طرح هڪ سال کان پوءِ مير سيد محمد جي
نوڪري بحال ٿي ويئي ۽ بزرگ جي ڳالهه سچي نڪتي.
آزاد لکي ٿو ته ائين معلوم ٿئي ٿو ته خوشخبري
ٻڌائڻ وارو بزرگ حضرت لعل شهباز هو ۽ هڪ گهڙي وارو
مراقبو نوڪري جي بحالي ۾ هڪ سال واري عرصي لڳڻ
ڏانهن اشارو هو. (34)
حاشيا ۽ حوالا
(1) مثال طور
(i)
مير غلام علي آزاد بلگرامي، ماثر الڪرام
(ii)
محمد محمود بلگرامي، تنقيح الڪلام في تاريخ بلگرام
(iii)
فرزند احمد صغير بلگرام
(iv)
غلام حسين ثمين بلگرامي، شريف عثماني
(v)
شاهد حسين رضوي، سفينة الڪرام في شجرة سادات رضويه
بلگرام
(vi)
قاضي شريف الحسين بلگرامي، تاريخ خطه پاڪ بلگرام،
۽
(vii)
سيد وصي الحسن، روضة الڪرام، وغيره.
(2) غلام علي آزاد بلگرامي، ماثر الڪلام، بتصحيح ۽ حاشيو محمد
عبده لائل پوري، لاهور 1971ع صفحو 282_283.
(i)
مير سيد محمد بلگرامي، تبصرة الناظرين (قلمي)
واقعو 1138هه.
(ii)
ماثر الڪلام، صفحه 245 ۽ 267.
(iii)
غلام علي آزاد بلگرامي، سرو آزاد، بتصحيح ۽ حاشيو
عبدالله خان لاهور 1963ع. صفحو 253 کان 286.
(iv)
غلام علي آزاد بلگرامي، شجره طيبه (قلمي) ڪتابخانه
آيت الله مرغشي قُم، شمارو 428 ورق 60.
(v)
مير علي شير قانع ٺٽوي، مقالات الشعراء، تصحيح ۽
حاشيو، سيد حسام الدين راشدي، ڪراچي 1957ع، صفحه
406_414.
(vi)
مقبول احمد صمداني، حيات جليل،
اله آباد 1929ع.
(4) تبصرة الناظرين، واقعو 1117هه، صفحو 39.
(5) ساڳيو، واقعو 1120هه، صفحو 61.
(6) ساڳيو، صفحو 61، 62.
(7) ساڳيو، واقعو1121هه، صفحو 64.
(8) ساڳيو، واقعو1122هه، صفحو 65.
(9) ساڳيو، صفحو 65.
(10) ساڳيو، واقعو 1124هه، صفحو 72.
(11) ساڳيو، واقعو1125هه، صفحو 73_75.
(12) ساڳيو، واقعو 1134هه، صفحو 106.
(13) ساڳيو، واقعو 1136هه، صفحو 111.
(14) ساڳيو، واقعو 1137 هه، صفحو 114.
(15) مير سيد محمد جي حالات لاءِ ڏسو:
(i)
تبصرة الناظرين، مختلف صفحا.
(ii)
ماثر الڪرام، صفحه 281_284.
(iii)
سرو آزاد، صفحو 289_291.
(iv)
شجره طيبه، ورق 63، 64.
(v)
مقالات الشعراءَ، صفحه 316_321.
(16) تبصرة الناظرين، واقعو 1145هه. صفحو 172.
(17) ماثر الڪرام، صفحو 282.
(18) پير حسام الدين راشدي، تبصرة الناظرين جي هڪ نامڪمل قلمي
نسخي (واقعو 1101هه کان 1158هه) ڪاتب عبدالڪريم
1937ع، تان استفادو ڪيو هو. هي نسخو سيد وصي احمد
بلگرامي پنهنجن ٻن خانداني نسخن جي مدد سان نقل
ڪرايو هو ۽ ان جو عڪس پير صاحب کي ڏنو هئائين،
جيڪو هاڻ ذخيره ڪتب راشدي، قائداعظم يونيورسٽي
لائبرري اسلام آباد ۾ موجود آهي ۽ اسان هن مقالي
لاءِ انهيءَ عڪس تان استفادو ڪيو آهي.
(19) تبصرة الناظرين، صفحو 110.
(20) ساڳيو، صفحو 201، 202.
(21) ساڳيو، واقعو 1156هه، صفحو 204.
(22) ساڳيو، واقعو 1147هه، صفحو 178.
(23) ساڳيو، واقعو 1145هه، صفحو 173.
(24) ساڳيو، واقعو 1148هه، صفحو 179.
(25) ساڳيو، صفحو 193.
(26) مير آزاد، پنهنجا حالات ماثر الڪلام جي صفحي 290 کان 296 ۽
سرو آزاد جي صفحي 291 کان 307 تي درج ڪيا آهن.
وڌيڪ ڏسو، بر رسي احوال و آثار فارسي مير غلام علي
آزاد بلگرامي، از حسن عباس (اڻ ڇپيل مقالو براءِ
پي. ايڇ. ڊي دانشگاهه تهران 1994ع ملڪيت راقم
الحروف).
(27) سرو آزاد، صفحو 225 ۽ خزانه عامده، صفحو 194.
(28) تبصرة الناظرين، صفحو 162.
(29) ساڳيو، صفحو 164.
(30) ساڳيو، صفحو 164.
(31) ساڳيو، صفحو 170.
(32) ساڳيو، صفحو 175.
(33) ساڳيو، صفحو 169_170.
(34) ماثر الڪرام، صفحو 274_275. |