سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ جولاءِ-ڊسمبر 1998ع

 

صفحو :3

مقالا

 

سنڌ جي تاريخ گهڻو آڳاٽي زماني کان شروع ٿئي ٿي، جا حد کان وڌيڪ دلچسپ به آهي ۽ نهايت اهم به؛ مگر اها اڄ تائين ڇڙوڇڙ ۽ بنا ڪنهن ترتيب جي پيل آهي. سنڌيءَ يا ڪنهن ٻي زبان ۾ ڪوبه اهڙو ڪتاب نه لکيو ويو آهي، جنهن کي سنڌ جي تاريخ جو شروعاتي خاڪو ڪوٺي سگهجي يعني جنهن مان هن ملڪ جا تاريخي ۽ تمدني حالات، زمانيوار هڪ هنڌ معلوم ٿي سگهن. انقلابي طوفان غالباً هن خطي کان زيادهه، پاڪ ۽ هند جي ڪنهن به ٻئي خطي تي ڪين گذريا آهن.

قومن ۾ زندگيءَ جي جذبن ۽ ولولن کي تازي رکڻ، ۽ منجهن عملي جوش لاءِ نئين خون پيدا ڪرڻ جو سڀ کان اهم ذريعو قومي تاريخ آهي. قومي تاريخ جي ئي صفحن تي پنهنجي بزرگن جا اعليٰ ڪارناما، آئينده نسلن لاءِ هميشه واسطي زندگيءَ جو سبق بنجن ٿا. انهيءَ ئي آئيني ۾ هر قوم پنهنجي ماضيءَ کي بي نقاب ڏسي سگهي ٿي ۽ پنهنجي عروج ۽ زوال جي اسباب ۽ عوامل تي ٿڌي سيني سان غور ڪري، آئيندهه جا خدوخال درست ڪري سگهي ٿي. جنهن قوم وٽ پنهنجي ماضيءَ جي تاريخ اکين آڏو نه هجي، ان لاءِ سمجهڻ گهرجي ته اها زندگيءَ جي ميدان ۾ عملي محرڪات جي هڪ نهايت ئي اهم وسيلي کان محروم آهي.

 سيد حسام الدين راشدي

 

ايم. ايڇ. پنهور

سنڌيڪار: ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ

 

ڪلهوڙن جي عروج ۽ زوال تي ماحوليات جو اثر

 

        تاريخ بابت منهنجي تشريح هيءَ آهي ته ”اها پيداوار جي ذريعن ۽ وسيلن جي تاريخ آهي، اها پيداوار جي ذريعن ۽ وسيلن تي ضابطي جي تاريخ آهي ۽ اها پيداوار جي ورڇ جي تاريخ آهي.“ جيئن ته پيداوار زير زمين پاڻي ۽ موسم جي اختيار سان گڏوگڏ سڌو سنئون ”ماحوليات“ جي اختيار هيٺ آهي، ان ڪري لا محاله تاريخ ماضيءَ جي ”ماحوليات“ جي سرگذشت آهي. سنڌ جهڙو ملڪ، جنهن جو الهندو ٽاڪرو علائقو (ڪوهستان)، ايراني  _ بلوچ بيابان جي توسيع آهي ۽ ان جي اڀرندي وارو وارياسو ٿر مهاڀارتي رڻ جي توسيع آهي، سو لازماً هڪ ريگستان آهي؛ تنهن هوندي به ان جو وچولو سيلابي زرخيز ميدان، جيڪو سنڌو درياهه سيراب ڪري ٿو، سو دنيا جي ٻن سخت ريگستانن جي وچ ۾ هڪ توسيعي خيابان / سرسبز علائقو آهي. ان سبب کان ”سنڌ جي تاريخ جو دارومدار، درياهه سنڌ جي پاڻي، زمين ۽ موسم پاران ڏنل پيداوار جي تاريخ آهي، سنڌو درياهه ۾ آيل لاهه چاڙهه جي ڪري خوشحالي ۽ بدحالي جي تاريخ آهي.“ سنڌوءَ پاران رخ مٽائڻ لازماً هن ڌرتيءَ تي ڏڪار، بک، موت، آفتن ۽ حڪمران گهراڻن جي تبديليءَ جي برابر آهي. سنڌوءَ جي ميدانن گهڻو تڻو سنڌ جي اسي سيڪڙو آدم جي سهائتا ڪئي آهي. سنڌوءَ جي لاهه چاڙهه جو دارومدار وري هماليه جي برف جي ڳار تي آهي. جيڪڏهن هلڪي گرميءَ سببان برف گهٽ ڳري ته سنڌوءَ جي پاڻيءَ ۾ لاٿ ايندي. ان حالت ۾ واهه ڀرپور انداز ۾ نه وهندا ته آباد پوکيءَ هيٺ ايراضي گهٽجي ويندي ۽ اهڙي ريت پيداوار به گهٽبي. جيڪڏهن هماليه طرف گرمي وڌندي ته واهه به تار وهندا ۽ پوکي ۽ راهي هيٺ ايراضي به وڌي ويندي. سنڌوءَ جي لاهه ۽ چاڙهه جو دارومدار کيس ڀريندڙ پنجاب ۽ ڪشمير جي پنجن دريائن واري علائقي ۾ پوندڙ بارش تي به آهي. برسات گهٽ پوڻ جي ڪري سنڌوءَ ۾ چاڙهه ڪونه ٿيندو، ان ڪري سنڌ جي پيداوار جو دارومدار اڀرندي ۽ الهندي پنجاب، ڪشمير ۽ اترين هماليه جبلن جي قطارن طرف موسمي حالتن تي آهي.

ٿر ۽ ڪوهستان جا چراگاهه سنڌ جي مجموعي آباديءَ جي 20 سيڪڙو جي سهائتا ڪن ٿا ۽ انهن جي خوشحاليءَ جو دارومدار بارش تي آهي. ٿڌ جي ڊگهي عرصي جي ڪري برسات گهٽجيو وڃي ته پوکي هيٺ ايراضي به گهٽ ٿيو وڃي. ان حالت ۾ ماڻهو چوپائي مال چارڻ ڏانهن رخ ڪن ٿا. جيئن ته چراگاه سنڌ جي سموري آدم جي سهائتا نٿا ڪري سگهن، ان صورت ۾ ڏڪار جون حالتون پيدا ٿي وڃن ٿيون ۽ مجموعي پيداوار سبب آدم به گهٽجيو وڃي. پيداوار جي ڪمي سبب نه رڳو آدم گهٽجي ٿو، پر سماجي ۽ معاشي حالتن تي به برو اثر پوي ٿو.

پيداوار ۽ ان جي ورڇ کي ضابطي هيٺ آڻڻ لاءِ قديم معاشري ذات پات جو نظام رائج ڪيو: حڪمران (کتري) فوجي زور تي عوام کي دٻاءُ هيٺ رکڻ؛ برهمڻ (تعليم يافته ۽ مذهبي طبقو) محصول گڏ ڪرڻ، حڪمرانن پاران انتظام هلائڻ ۽ عوام ۾ سندن حصي جي برعڪس خريدڻ جي سگهه پٽاندر پيداوار تي ضابطو رکڻ؛ وئش يعني ڪاشتڪار ۽ واپاري ۽ آخر ۾ ڪمي ۽ ڪاسبي (شودر)، جن جي ذمي پنهنجي لاءِ ۽ معاشري جي باقي ٽن مٿين طبقن لاءِ واپرائڻ جون شيون ۽ خدمتون فراهم ڪرڻ هو. ذات پات جي سرشتي گهڻو ڪري سنڌو تهذيب جي اوائلي دور ۾ جنم ورتو ۽ ڪئين هزار سالن بعد آريه مت تي هلندڙ قومن ۾ مروج ٿيو. ذات پات جو سرشتو ميسوپوٽيما (قديم عراق)، قديم مصر، آمريڪا ۽ هوانگ هو (پيلو درياهه) جي وادين ۾ به موجود رهيو. ان لحاظ کان ذات پات جو سرشتو پيداوار وڌائڻ ۽ ان کي ضابطي هيٺ رکڻ لاءِ وجود ۾ آندو ويو. بعد ۾ ڀارت جي زوال پذير معاشري ۾ اهو سرشتو ظالمانه ۽ انسان دشمن بڻيو ۽ ان پيداوار تي نهايت منفي اثر ڇڏيا.

گرم موسم ۽ سنڌ ۾ تهذيب جو اُڀار (7500_2000 ق.م)

        سنڌ جي موسم هميشه هڪجهڙي نه رهي آهي ۽ ان جي ريت جي خوشحالي به هميشه هڪجهڙي نه رهي آهي. 7500_2000 ق. م. دوران گرم موسم جو دور رهيو ۽ مينهن ڏاڍا وسيا: سنڌو تار وهندڙ هو، سانوڻي وارا فصل ٻاجهر، جوئر ۽ چانور اڃا ناپيد هئا، پر سنڌوءَ جي پاڻيءَ جو رخ کڏن کوٻن ۽ هيٺانهن علائقن ڏانهن موڙيو ويندو هو ۽ آڪٽوبر ڌاري وٽ تي خريف جا فصل (جهڙوڪ ڪڻڪ، جَوَ، سرنهن ۽ ڀاڄيون وغيره) پوکيا ويندا هئا. پوکيل فصلن جي ڀلي هجڻ جي ڪري مهر ڳڙهه (6500 ق. م.)، آمري ((3700 ق. م)، ڪوٽڏجي (3300 ق. م) ۽ موهن جو دڙو (2300 _ 1600 ق. م) لڳاتار 5000 ورهيه وجود ۾ رهندڙ تهذيب، جيڪا اڃا تائين بي مثال آهي، سنڌ ۾ موجود رهي. (حوالو: ”ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ“، ص 17_50)

خشڪسالي ۽ سنڌو تهذيب جو زوال (2000 _ 900 ق. م):

        2000 ق. م ڌاري موسم خشڪ ٿيڻ شروع ٿي ۽ حالتون ايتريقدر خراب ٿيون جو 1750 ق.م ڌاري هڙپا ۽ 1650 ق.م ڌاري موهن جو دڙو ختم ٿي ويا. موهن جي دڙي جي رهواسين چوپايي مال ڌارڻ ۽ چارڻ طرف رجوع ڪيو. هميشه وانگر گذر بسر لاءِ سموري سنڌ ۾ چراگاهن جي قلت جي باوجود وڌيڪ جانورچارڻ تي زور ڏنائون، تان جو زمين (پيداوار جا وسيلا) ۽ معاشرو بدحالي ڏانهن وريا. هن کي عام طور ”جهڪر ڪلچر“ طور ڄاتو وڃي ٿو. 1300 ق.م ڌاري خشڪساليءَ جي وڌڻ ڪري تمدن وڌيڪ زوال پذير ٿيو. هيءَ صورتحال 900 ق. م تائين رهي ۽ ان کي ”جهانگار ڪلچر“ طور ڄاتو وڃي ٿو. (حوالو: ”ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ“ ص 51_60).

غيرآباد بياباني قومن پاران سنڌ جي فتح (519_324 ق. م):

        900 ق. م. کان پوءِ موسم قدري بهتر ٿي، مگر ڏکڻ ايشيا جي ٻين علائقن ۾ رونما ٿيندڙ تمدني ترقيءَ سان ڪلهي ملائڻ جهڙي نه ٿي هئي. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته 6 صدي ق. م. جي آخري چوٿائي ۽ تقريبن 300 ق. م دوران موسم بهتر ٿي. ان عرصي دوران سنڌ جون حدون ملتان تائين پکڙي ويون، ملڪ خوشحال ٿيو ۽ اخمينين ان کي فتح ڪيو، جنهن کي ڳرا محصول ڀريندو هو، مگر انهن جي هڪ صديءَ جي تسلط دوران مقامي راڄڌانين جي صورت ۾ آزادي ماڻيائين. 326 ق.م ۾ سڪندر اعظم سنڌ تي حمله آور ٿيو ته ستن راڄڌانين جي راجائن: ملوئي (Malloi)، آڪسيڊريڊس (Oxydrades)، موسيڪانس (Musicanus)، سامبس(Sambus)، آڪسيڪانس (Oxycanus)، مورس _ اول (Moeres-1) ۽ مورس ٻيو (Moeres-II) جوانمردي ۽ بي جگريءَ سان مقابلو ڪري دنيا جي عظيم فاتح جي هوڏ کي لوڏي ڇڏيو. نتيجي ۾ مڪران جي صحرا ذريعي سنڌ کي تڪڙو خيرآباد چيائين. ڀاڄ دوران وڻراهه ۽ پاڻيءَ کان اڻهوند واري ماحول سندس ڏند کٽا ڪري وڌا. سنڌ مان ڀاڄ کان پوءِ هڪ سال جي اندر بابل ۾ زهر ڏيئي سندس انت آندو ويو. هن مان ظاهر آهي ته جيڪڏهن موسم مهربان آهي ته موٽ ۾ آباديءَ ۾ واڌارو ٿئي ٿو ۽ خوشحاليءَ جي ڪري ماڻهو پنهنجي ڌرتيءَ جي بچاءُ ۾ وڙهڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا. (حوالو: ”ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ“، ص68_84).

خشڪسالي ۽وچ ايشيائي قومن پاران سنڌ جي فتح (200ق. م_ 1356ع):

        تقريبن 400 عيسوي تائين مختلف سطحن تي سنڌ ۾ خشڪسالي رهي. جڏهن به دنيا جي وسيع ايراضين ۾ خشڪسالي رهي آهي ته بيابانن جا مالوند ماڻهو سيراب دريائي ماٿرين جي امن پسند باشندن تي هلان ڪري ڏيندا آهن ۽ موجوده حالتن ۾ سنڌ تي وچ ايشيائي مالوند ماڻهن جهڙوڪ بئڪٽرين، يوناني، سٿين، پارٿين، ڪُشن ۽ آخر ۾ ايران جي ساسانين قبضو ڪيو. غاصبن جي قبضي ظالمانه حد اختيار ڪئي ته مقامي بغاوتن به منهن ڪڍيو ۽ غاصبن سنڌ ۾ ورلي ڪي يادگار عمارتون اڏيون. سندن دور ۾ ڪو خاص نالي وارو ٻڌ اسٽوپا نه اڏيو ويو. (حوالو: ”ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ“، ص 84_108).

گرم برساتي دور ۾ ٻوڌي شان ۽ شوڪت (400 _ 700 عيسوي)

        400 _ 700 عيسوي دوران موسم گرم رهي ۽ ملڪ خوشحال ٿيو. اسان وٽ رڪارڊ موجود آهي، جيڪو ڏيکاري ٿو ته سنڌ جي وهليڪن (Vahlikan) حڪمرانن، چندر گپت _2 کي ڏيهه نيڪالي ڏني ۽ راءِ سهارس _2 جان جو نذرانو ڏيئي 600 عيسويءَ ۾ مڪران وٽ ايراني لشڪر کي شڪست ڏني. راءِ سهاسي _ 2، 620_630 عيسويءَ دوران هرساها (Harasaha) کي هڪالي ڪڍيو ۽ برهمڻ راجا ڏهر سنڌ جي سازگار موسم جي ڪري آيل خوشحاليءَ واري هن زماني ۾ ٻُڌ اسٽوپا تعمير ڪرايا. (حوالو: ”ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ“، ص 108_135).

خشڪ موسم، عربن پاران سنڌ جي فتح ۽ عربن خلاف 140 سال گهرو ويڙهه:

700_900 عيسويءَ وارو دور پوري دنيا ۾ خشڪ دور رهيو. اسلام جو ڦهلاءُ ۽ بزنطيني سلطنت (Byzantine Empire) جي ڪمزوري جا اسباب 630 عيسوي کان پوءِ ڏکڻ ڀونوچ سمنڊ جي آسپاس خشڪسالي وارو سمجهيا وڃن ٿا. 700 عيسوي ڌاري سنڌو درياهه پنهنجو رخ مٽايو، نتيجي ۾ ڏکڻ سنڌ جي واهن جو سرشتو تباهه ٿيو ۽ ماڻهن اهو علائقو خالي ڪيو ۽ محمد بن قاسم جي ڪمان هيٺ عربي لشڪر بغير مزاحمت جي هن ويران علائقي مان ڪهي اڳتي وڌيو. چند سالن جي خشڪسالي سنڌ کي ايترو ته ڪمزور ڪيو، جو ملڪ آسانيءَ سان عرب لشڪر جي قبضي هيٺ اچي ويو. 714_854 عيسوي جي 140 سالن واري دور ۾ سنڌ مٿان اُموي ۽ عباسي گهراڻن جا هر هڪ 11 ۽ 29 گورنر مقرر ٿيا. خشڪساليءَ جي ڪري سنڌ جي اڪثر ماڻهن مال چارڻ جو ڌنڌو اختيار ڪيو. درياهه جي رخ مٽائڻ ۽ سنڌ جي نهري آبي وسيلن سان عربن جي اڻواقفيت سبب واهن وسيلي پوکي راهي تمام محدود ٿي ويئي. عوام ٽئڪسن ڀرڻ جي قابل نه رهيا ۽ جڏهن عرب گورنرن پاران وصوليءَ لاءِ زير بار ٿيڻ لڳا ته ويڙهاند ڏانهن وريا ۽ ايترو ته دليريءَ سان وڙهيا، جو 50 سيڪڙو گورنر بغاوت کي ڪلچڻ ۾ ناڪاميءَ سببان دمشق ۽ بغداد طرفان برطرف ڪيا ويا. 25 سيڪڙو مقامي مهمن ۾ ماريا ويا ۽ فقط 25 سيڪڙو جيئرا واپس پنهنجن ماڳن ڏانهن وريا. (سنڌ ۾ بغاوتن جو سربستو احوال موجوده ليکڪ ”ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ“ ص_126_184 ۾ ڏنو آهي). گهرو لڙاين جي نتيجي ۾ عرب نسل جي هبارين، جيڪي سندن وڏن پاران 125 سالن کان وٺي سنڌي عورتن سان شادين جي ڪري ”مقامي باشندا“ ٿي چڪا هئا، حڪومت جون واڳون سنڀاليون. انهن کي اصل مقامي عوام جي حمايت حاصل هئي ۽ سندن بخت ڀڙڪو کاڌو ۽ جلدي آب هوا سازگار ٿيڻ سان گڏوگڏ پيداوار ۽ رعايا به وڌڻ لڳي.

موسم جي سازگاري يعني گرم ۽ برساتي موسم(900_1250ع):

900_1250ع وارو عرصو پوري دنيا ۾ ”سازگار موسم“ جو دور ڄاتو وڃي ٿو. وڌيڪ برساتن جي ڪري درياهه ۾ چاڙهه ٿيو ۽ سنڌ اندر واهه ڀرپور انداز ۾ وُڙها. ملڪ ۾ خوشحالي ٿي. هن عرصي دوران سنڌ ۾ آيل عرب سياحن جي وڏي انگ ملڪ ۾ بهتر امن امان، عوام جي خوشحالي ۽ بادشاهه جي راڄ پروري بابت لکيو آهي. انهن پيداواري جنسن (ميون، ڀاڄين، کاڌ خوراڪ جي اسمن) جي ڪثرت، ڪپڙي سازي ۽ مختلف عقيدن جي ماڻهن جي وچ ۾ ڀائيچاري جي تعريف ڪئي آهي. هن دور ۾ ٻڌ اسٽوپا جي مرمت ۽ بحاليءَ جو ڪم به ٿيو. هندومت، ٻڌ ڌرم ۽ اسلام صلح سانت سان هم رڪاب ٿي وڌيا ۽ ويجهيا. مقامي ۽ بين الاقوامي واپار کي وڏي هٿي ملي. (حوالو: ”ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ،“ ص_184_207).

1011ع ۾ هبارين جي جاءِ تي گهڻو ڪري سندن ويجها عزيز حڪومت جا ڌڻي ٿيا. 900_ 1250ع دوران پوکيءَ هيٺ ايراضي 20 لک ايڪڙن کي پهتي،  آدم وڌي 30 لک ٿيو. جيڪو انگ ٿر ۽ ڪوهستان ۾ وسندڙ آدم کان ٻيڻو ڳڻي سگهجي ٿو.

1250ع يا دير ۾ دير 1300ع ڌاري سازگار موسم جي پڄاڻي ٿي ۽ سومرن (1011_1333ع) جو زوال شروع ٿيو. (حوالو: ”ڪرانالاجيڪيل ڊڪشنري آف سنڌ“ ص 207_291). هلڪي خشڪساليءَ جي باوجود سنڌ اڳ جيان ماڻهن کي سُکيو رکڻ کان قاصر رهي ۽ مقامي ڪاشتڪارن سمن سومرن کان اقتدار کسي ورتو. انهن مال ملڪيت ۽ زمين ڦٻائڻ خاطر سمن سومرن کي غربت ۾ ڌڪي ڇڏيو. کين ڪمتر بڻائي، مٿن ڪمين ڪاسبين (جهڙوڪ: ڊکڻ، لوهر، ڪنڀر، حجم، سرون ٺاهيندڙ، رازا، رنگريز) وارا ڪم مڙهي ڇڏيا. جيئن ته ”سازگار موسم“ واري دور جيان موڪي پاڻي زمينن کي آباد ڪرڻ جي لائق نه رهيو، ان ڪري سما سومرن جون زمينون ڦٻائي ويهي رهيا.

وچٿري موسم 1300_1525ع ۽ سمن جو راڄ:

        سمن جي راڄ (1333_1525ع) هيٺ موسم توڙي جو خشڪ هئي ۽ جيتوڻيڪ پوکيءَ هيٺ ايراضي ۽ آدم گهٽيا، تڏهن به حالتون ايتريون خراب نه هيون، جيتريون ”جهڪر“ ۽ ”جهانگار“ دؤرن يا عرب گورنرن جي وقتن ۾ هيون، تنهن ڪري شروعاتي لوڏن لمن جي باوجود سما حالتن تي ضابطو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

سمن جي دور ۾ موسم ملائم ۽ برسات وچٿري هئي. درياهه ۾ چاڙهه به وچولو رهيو ۽ درياهه جو رخ به مستحڪم رهيو. عموماً حالتون وچوليون رهيون. پوري دنيا ۾ موسمي حالتون غير تغير پذير رهيون. تغلق گهراڻي جي راڄ هيٺ دهلي سلطنت جو چوڏهين صدي عيسويءَ جي پهرين اڌ ۾ خراب موسم جي  ڪري خاتمو ٿيو. اهو ساڳيو دور هو، جنهن ۾ سومرن جو زوال آيو. سموري تيرهين صديءَ دوران وچ ايشيا ۾ موسم خشڪ رهي، جنهن سبب منگول حملا شروع ٿيا ۽ عباسي خلافت ختم ٿي. نتيجي ۾ پوري وچ ايشيا ۾ 14 صديءَ ۾ مغلن جون ننڍيون سلطنتون برپا ٿيون ۽ هو پاڻ هلڪن جهيڙن ۽ دشمنين ۾ رڌل رهيا. ڏکڻ ايشيا، ايران يا وچ ايشيا ۾ ڪا اهڙي طاقت نه رهي، جيڪا سنڌ تي قابض ٿئي ۽ ملڪ 15 صدي عيسويءَ ۾ امن امان هيٺ رهيو. (حوالو: ”ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ“، ص_ 291_379). سنڌي جي آبادي 24 لکن کان تجاوز نه ڪيو ۽ پوکيءَ هيٺ ايراضي 16 لکن کان مٿي نه وڌي سگهي.

ننڍو برفاني دور 1525_1850ع:

ننڍو برفاني دور (Little Ice Age) گذريل ڏهه هزار سالن ۾ 1480_1850ع دوران پوري دنيا ۾ نهايت ٿڌو سمو هو. هيءَ صورتحال يورپ ۽ اتر آمريڪا ۾ چڱو وقت اڳ شروع ٿي چڪي هئي، جيڪا وچ ايشيا ۾ 1500 عيسويءَ ڌاري شروع ٿي. نتيجي ۾ خشڪ سالي ۽ بک وگهي اتان جي قومن ذرخيز آبي وادين جو رخ ڪيو. 1940 عيسويءَ کان پوءِ سنڌ کي ڦٻائڻ لاءِ لامارا شروع ٿيا، مگر ڄام نظام الدين سمي جي وزير دولهه دريا خان انهن جو مقابلو ڪري کين شڪست ڏني.

سورهين صديءَ جي شروعات ۾ بابر اقتدار ڌڻي ٿيو ۽ ارغونن ۽ ترخانن کي قنڌار خالي ڪرڻ تي مجبور ڪيائين. هنن کي پنهنجي قوم کي بک ۽ بدحاليءَ کان بچائڻ لاءِ سنڌ کي فتح ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ڪونه هو. خود بابر لاءِ سمرقند جون موسمي حالتون برداشت کان ٻاهر ٿي ويون، جو ان 1526ع ڌاري دهليءَ تي قبضو ڪيو. هي واقعو شاهه بيگ پاران سنڌ فتح ڪرڻ کان هڪ سال پوءِ نمودار ٿيو. (شاهه بيگ 1519ع ۾ سنڌ فتح ڪئي، اها معصوميءَ جي ڀُل آهي) ارغونن ۽ ترخانن لاءِ ان کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ئي ڪونه هو ته هو سنڌ جا شهر خالي ڪرائي اتي پنهنجا ماڻهو آباد ڪرائين. اهو ئي وقت هو جو سنڌ ”ننڍي برفاني دور“ ۾ جڪڙجي ويئي.

هڪ تازي سائنسي تحقيق مان پتو پيو آهي ته 1430ع کان ڪُرئه ارض جو درجه حرارت هيٺ ڪرڻ شروع ٿيو. وچ ايشيا ۾ ان جو پهريون اثر 1480ع ڌاري محسوس ٿيو، 1500ع کان پوءِ حالتون وڌيڪ بگڙجڻ لڳيون، تان جو وچ ايشيائي قومن جي 1520ع کان 1660ع تائين کنڊ ڏانهن منتقلي عمل ۾ آئي. سنڌ ڏانهن منسوب هن عمل جي وضاحت هيٺينءِ ريت ڪري سگهجي ٿي:

جيڪڏهن گرميءَ جو درجو ننڍي کنڊ جي ميدانن ۾ ڏهائي 5 سينٽي گريڦ ۽ هماليه ۾ هڪ سينٽي گريڊ هيٺ ڪريو ته ان جو اثر عام سال جهڙوڪ 1930ع جي مقابلي ۾ هن ريت ٿيندو:

برف جيڪا هماليه ۾ اڪثر ڪري پهرين اپريل ڌاري ڳرڻ لڳي ٿي، سا 15_30 ڏينهن دير سان ڳرڻ لڳندي، يعني 15 اپريل کان پهرين مئي تائين.

برف جو ڳرڻ جيڪو 15 جون تئين پنهنجي انتها تي پهچي ٿو، سو هاڻ جون جي آخر تائين ترسندو ۽ گهٽ درجه حرارت هماليه ۾ چوماسي کي گهڻو تڻو ٻين 15 ڏينهن تائين روڪيندو.

ٻوڏ جي موسم 15 ڏينهن دير سان ايندي ۽ انتهائي برفاني ڳار واري ٻوڏ (چوماسو) سنڌ ۾ جولاءِ جي آخر ۾ رسندي.

درياءِ سنڌ ۾ پاڻيءَ جي سطح عام سطح کان ڪيترا فوٽ هيٺ ٿيندي، انڪري اٿل سبب وهندڙ واهن ۾ پاڻيءَ جي سطح گهڻو هيٺ ٿيندي. ماڻهن وٽ پاڻيءَ کي مٿينءَ سطح تائين رسائڻ جو واحد ذريعو نار ٿيندو ۽ چانورن جي بجاءِ جوئر ۽ ٻاجهر پوک ڪري سگهندا.  (”معصومي“، باغبان جي علائقي ۾ اُٺن پاران هلندڙ نارن جو ذڪر ڪيو آهي.)

چوماسو 15 ڏينهن دير، پهرين جولاءِ جي بجاءِ 15 جولاءِ کان 15 آگسٽ تائين نمودار ٿيندو.

چوماسي جي برسات درياءِ سنڌ ۾ ٻوڏ جو پاڻي آڻيندي ۽ سنڌ ۾ ان جي مٿينءَ سطح پهرين آگسٽ کان پهرين سيپٽمبر تائين رسندي.

سيپٽمبر موجوده کان وڌيڪ ٿڌو ٿيندو.

سيارو 15 ڏينهن اڳ ۾ شروع ٿيندو، يعني پهرين نومبر جي بجاءِ 15 آڪٽوبر کان، پهرين مارچ جي بجاءِ 15 مارچ تائين چالو رهندو.

ڏهائي 5 سينٽي گريڊ درجه حرارت جي هيٺ ڪرڻ جو اثر اٿل تي سيراب ٿيندڙ فصلن جهڙوڪ چانورن ۽ ٻين تي هن ريت پوندو.

_ واهه 15 ڏينهن دير سان وهڻ لڳندا ۽ چانورن جي رونبي لاءِ پاڻيءَ جي يقيني فراهمي 15 جولاءِ کان پوءِ دستياب ٿيندي.

_ الهندي ناري جهڙو واهه دائمي وهندڙ نه رهي سگهندو ۽ نه ئي پڇڙيءَ تائين پاڻي فراهم ڪري سگهندو. ان سبب جي ڪري ”مظهر شاهجهاني“ پاران سيوهڻ سرڪار ۾ ناري جو ذڪر موجود ڪونه آهي.

_سنڌوءَ ۾ پاڻيءَ جي سطح پهرين سيپٽمبر کان هيٺ ڪرڻ لڳندي ۽ 15 سيپٽمبر کان واهه ماڳهي وهڻ ڇڏي ڏيندا.

_ 15 جولاءِ تي پوکيل چانورن جي پوک واڌ کائيندي، مگر سيپٽمبر ۾ پاڻيءَ جي اڻاٺ ۽ آڪٽوبر ۾ جلد سياري جي شروع ٿيڻ سبب پوک پچي نه سگهندي.

_ فقط گهٽ جنسن وارا چانور جهڙو رتڙيو، گنجو، ڪنگڻي وغيره، جن کي پچڻ ۾ 60 ڏينهن لڳن ٿا، پوکي سگهبا ۽ اعليٰ جنس جهڙو سڳداسي پوکي نه سگهبا.

_ ڪمتر جنسن وارن چانورن جي اپت گهٽ ٿئي ٿي، جيڪا اعليٰ جنس جي چانورن جي 50_ 60 سيڪڙي برابر آهي، ان ڪري مجموعي پيداوار گهٽ لهندي.

_ چانورن جي پوک جلدي پچڻ خاطر انهن جي رونبي بجاءِ ڇٽ تي ڪبي. هن سان پيداوار جي ٽين پتي گهٽجي ويندي.

_ چانورن جي پيداوار عام رواجي پيداوار جي 40 _ 50 سيڪڙو برابر لهندي.

_ جوئر ۽ ٻاجهر، گهٽ مدي وارا فصل پيدا ڪري سگهبا ۽ پچي راس ٿي سگهندا. اهي چانورن جي جاءِ والاريندا، مگر انهن جي في ايڪڙ پيداوار چانورن جي مقابلي ۾ نهايت گهٽ رهندي ۽ اهي سنڌ جي آباديءَ لاءِ بلڪل ناڪافي هوندا.

_ ڊگهو سيارو ڪڻڪ ۽ ٻين سياري جي فصلن جي پيداوار لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو، مگر سياري ۾ پاڻيءَ جي اڻاٺ ڪري اهي گهڻي ۽ وڏي ايراضيءَ تي پوکي نه سگهبا. درياهي علائقن ۾ ڪڻڪ ۽ تيلي ٻجن جي پوکي ڪري سگهبي، مگر انهن جي ايراضي محدود هوندي.

_ ماڻهو مال چارڻ ڏانهن راغب ٿيندي ٿر ۽ ڪوهستان جي علائقن ۾ وڌيڪ چوپايو مال پالڻ لڳندا ۽ گهٽ وڻڪار تي وڌيڪ چوپايي مال جي بار سبب وڌيڪ ويراني پيدا ٿيندي ۽ ٿر ۽ ڪوهستان ۾ وڌيڪ مال پالڻ جي صلاحيت گهٽبي.

_ عموماً خوراڪ جي قلت ٿيندي ۽ ڏڪر جي ڪري موت جو تناسب وڌي، آدم ۽ خوراڪ جي فراهمي کي برابر ڪندو. سنڌ ۾ ننڍو برفاني دور 1525ع ڌاري ارغونن جي فتح ڌاري نمودار ٿيو. درجه حرارت هيٺ ڪرڻ لڳو ۽ ساڳيءَ ريت زرعي پيداوار به گهٽجڻ لڳي. مقامي بغاوتن منهن ڪڍيو ۽ اهي 1591ع ۾ ارغونن ۽ ترخانن جي تسلط جي خاتمي تائين ڪچلجي نه سگهيون، اهي مغل دور ۾ به جاري رهيون.

_ 1578ع ڌاري سنڌ م بدترين ڏڪار منهن ڪڍيو، جيڪو سانده ست سال هليو. ترخان حڪمران مرزا باقي بيگ ظالم اناج جو وڏو ذخيرو ڪرائي رکيو، جنهن مان هو ذرو به ڪنهن حالت ۾ ڪنهن کي ڏيڻ لاءِ تيار نه هو، تان جو پنهنجي ماڻهن هٿان سوڙهو گهٽيو ويو ۽ آخر ۾ پاڳلپڻي جي حد تائين پهتو ۽ پنهنجي ئي هٿ سان پنهنجي سيني ۾ خنجر هڻي انت آندائين.

_ ننڍي برفاني دور برصغير کي ڏاڍو متاثر ڪيو، ايتري قدر جو مغلن جو نئون تخت گاه فتح پور سيڪري، نديءَ جي پاڻي سڪي وڃڻ جي ڪري 1575ع ۾ تاراج ٿيو.

اهڙين مصيبتن دوران اڪبر سنڌ فتح ڪري پنهنجي سلطنت سان ملائي، مگر ننڍي برفاني دور جي ڪري اناج جي قلت بدستور رهي ۽ سنڌي قوم بغاوت جاري رکي.

ننڍو برفاني دور 1665ع ڌاري چوٽ تي رسيو، تان جو سرڪاري اپت 65 سال اڳ واري حد کان 20 سيڪڙو گهٽجي ويئي.

سنڌ ۾ ننڍي برفاني دور جو زور 1700ع ڌاري گهٽجڻ شروع ٿيو.

پنجاب ۾ اهو 50 سال اڃا به وڌيڪ رهيو ۽ ”سِک بغاوتن“ جو سبب بڻيو.

بغاوتن سموري هندستان کي پنهنجي لپيٽ ۾ورتو ۽ لوڏي ڇڏيو، ايتري قدر جو 18 صديءَ جي شروعات ۾ مغل سلطنت جو زوال آيو.

يورپ ۾ ننڍو برفاني دور 1850ع تائين چالو رهيو.

مغل سلطنت جو عروج ۽ زوال کنڊ ۾ ”ننڍي برفاني دور“ سان منسوب ڪيو وڃي ٿو، جيڪو 1525ع کان 1700ع تائين برقرار رهيو.

”ننڍي برفاني دور“ جو سماجي ۽ اقتصادي حالتن تي دٻاءُ ۽ سنڌ ۾ 1525ع -1700ع دوران ارغونن، ترخانن ۽ مغلن خلاف گهرو لڙايون:

        ”ننڍي برفاني دور“ جا نتيجا هن ريت نمودار ٿيا: پيداوار جي قلت، ڏڪار، بدحالي ۽ موت، جنهن جي ڪري 1525ع کان 1700ع تائين ارغونن، ترخانن ۽ مغلن خلاف بغاوتون برپا رهيون. افراتفريءَ وارين حالتن سنڌي ماڻهن کي سنڌ مان ڪڇ، ڪاٺياواڙ، گجرات ۽ بهاولپور ڏانهن لڏپلاڻ تي مجبور ڪيو. ڪيترا سنڌي جدي، مڪي ۽ مديني ڏانهن لڏي ويا، جتي سندن پونير اڃا تائين ”السنڌي“ ڪوٺائين ٿا. سنڌ ۾ رهندڙ باشندن خانه بدوشي ۽ چوپائي مال پالڻ واري زندگي اختيار ڪئي. رڳو هيٺاهن علائقن وارا واهه وهڻ جي قابل رهيا. اهڙا پَڊ هاڻوڪي جيڪب آباد، شڪارپور، لاڙڪاڻي ۽ اتر دادو وارن علائقن ۾ ڏسي سگهجن ٿا. درياهه جي ڪنارن وارن واهن مان ڪي ورلي وهڻ جي قابل هئا ۽ نوشهري فيروز، نوابشاهه، سانگهڙ ۽ اتر حيدرآباد وارن علائقن ۾ ”سَمن“ قومن جي ڪمان هيٺ بغاوت جو عَلم بلند ٿيو. محصولن جي وصولي به فقط ڏاڍ جي زور تي ٿيندي هئي. اڪثر واهه کاٽي نه هئڻ سبب بريءَ طرح بند ٿي ويا هئا. عموماً پيداوار ۽ آدم 1525ع واري حد جو اڌ وڃي بچيا هئا. اڌ جيترا ماڻهو باغي بڻجي چڪا هئا.

1525ع کان 1701ع تائين ارغون، ترخان ۽ مغل گورنرن خلاف بغاوتون:

        هن مضمون جي ليکڪ ”سنڌ ڪوارٽرلي“ (1995) ۾ ڇپيل پنهنجي هڪ مقالي ”جاگيرداري خلاف سنڌ جي دليرانه مهم“ (Heroic struggle of Sindh against Fuedalism) ۾ انهن حالتن جو تفصيلي جائزو پيش ڪيو آهي، جن ان دور ۾ سنڌ ۾ طوائف الملوڪي پکيڙي ۽ اقتصاديات کي برباد ڪيو. هيٺيان اهم واقعا انهن حالتن جو آئينه دار آهن:

*’ننڍو برفاني دور‘ سنڌ ۾ ڏڪر جو سبب بڻيو، جنهن سنڌ کي 1525ع ۾ متاثر ڪيو.1575_ 1575 ڌاري ڏڪر جون انتهائي بدترين حالتون نمودار ٿيون. اهو ساڳيو وقت هو جو اڪبر پنهنجي نئين تختگاهه فتح پور سيڪري کي خيرباد چيو. اڪبر منصبداري سرشتو چالو ڪيو. منصبدار فوجي گورنر هو، جيڪو ڍل ۽ آبيانو وصول ڪندو هو، عدل فراهم ڪندڙ هو. پوليس امن امان جي ذميوار هئي. واهن جي کاٽي ۽ زمين جي ورهاست به سندس ذميوارين ۾ شامل هئي. منصبدار مقامي جابر هوندو هو، لامحدود اختيارات سان، هو فقط شهنشاهه جي آڏو جوابده هو.

* 1634ع ۾ يوسف ميرڪ، شاهجهان کي 800 صفحن جو خط لکي، مغل گورنرن جي بدانتظاميءَ جا تفصيل ڏنا. واهن جي سرشتي جي بدحالي، سمن ۽ ٻين سنڌي قومن جي بغاوت بابت به لکيو. ارغون دور جي شروعات ۾ برپا ٿيل بغاوتن، جن گهرو لڙاين جو روپ ڌاريو ۽ شاهجهان جي حڪومت تائين هليون، تن جو ذڪر ”بيگلارنامه“، ”ترخان نامه“، ”تاريخ طاهري“ ۽ ”ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي رڪارڊ“ (ايڊٽ ٿيل: فوسٽر، جنهن کي ٽٽي ۾ 1636_1662ع ڌاري ڪوٺي هئي) ۾ به ڪيل آهي. انهن جي تصديق يورپي سياحن جهڙوڪ وارٿنگٽن، مانرڪ، منوڪي ۽ هئملٽن ۽ ملتان جي گورنريءَ دوران اورنگزيب پاران پيءُ ڏي لکيل ڪجهه خطن (”رقعات عالمگير“ ۽ ”مڪاتيب عالمگير“) مان ٿئي ٿي.

اهڙين ابتر ۽ افراتفري وارين حالتن هيٺ سنڌ جو آبپاشي سرشتو درهم برهم ٿي ويو. ”مظهر شاهجهاني“ موجب گورنر، منصبدار ۽ حڪومت پاران مليل زمين جي مالڪن جي اڪثريت آبي زراعت کان نا آشنا هئا ۽ واهن جي کاٽي نه ٿي. باقي قومون ڏوهي بڻجي زمين آباد ڪرڻ وارن کي ڦرڻ لڳيون. سربستن احوالن مان پتو پوي ٿو ته:

_ آباديءَ جو گهٽ ۾ گهٽ اڌ حصو باغي بڻيو. اهي چراگاهن تي مال پالڻ لڳا، محصول ڏيڻ کان نابري واري آبادگارن ۽ محصول ڏيندڙن تي حملا ڪرڻ لڳا.

_ محصول جي وصولي رڳو ڏنڊي جي زور تي ٿيندي هئي.

_ اڪثر واهن جي صفائي ڪانه ٿيندي هئي، ان ڪري اهي بند ٿي ويا هئا.

_ ڪيتريون سرسبز ايراضيون برپٽ ۾ تبديل ٿي ويون.

_ نهري پاڻيءَ تي آباد ٿيندڙ ايراضين جي کوٽ جي ڪري کاڌ خوراڪ جي پيداوار گهٽجي ويئي ۽ اهڙيءَ ريت آدم به گهٽجي ويو.

_ ڏڪر جي حالتن منهن ڪڍيو.

1662ع ڌاري سنڌ ۾ نهري آبادي واري ايراضي ۽ آدم 1525ع واري حد جو اڌ وڃي بچيا. 1665ع ۾ ”آئين اڪبري“ ۽ ”برنيئر“ جي انگن موجب ٺٽي سرڪار پاران مرڪزي خزاني ۾ ويندڙ اپت 1600ع جي 20 سيڪڙي برابر وڃي بچي. 1665ع جي محصولن جي اوڳڙ مان نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته پوکيءَ هيٺ ايراضي 5 لکي ايڪڙن کان مٿي نه هوندي ۽ آدمشماري 10 لکي ماڻهن کان وڌيڪ نه هوندي.

1662ع کان پوءِ جو ڪو رڪارڊ دستياب نه آهي، مگر گڙ ٻڙ واريون حالتون ايتريقدر خراب ٿيون جو ملتان جي مغل گورنر (جيڪو بعد ۾ شهنشاهه بهادر اول بڻيو) مقامي قومي سردار (ذات جو ”پنهور“) کي موجوده اتر دادو ۽ لاڙڪاڻي ضلعن مٿان موروثي سرڪاري گورنر تسليم ڪيو. اهڙو بندوبست ڪيترائي ورهيه سانده هليو. ڪلهوڙن کانئس ڪنهن خاص مزاحمت کان سواءِ اقتدار کسي ورتو، جيڪي ايترا طاقتور بڻجي چڪا هئا جو انهن دادو ضلعي ۾ شاهي لشڪر کي شڪست ڏني ۽ ملتان جي گورنر مجبورن کين پنهورن جي جاءِ تي موروثي سرڪاري گورنر تسليم ڪيو. پنهورن کي سومرن يا سمن، سومرن جي آخري ايامڪاري ۾ يا سمن جي شروعاتي دور ۾ راڌڻ کان وٺي ٽلٽي تائين قائم درياهه سنڌ جي هڪ ڇاڙ تي وسايو. 16 صدي عيسوي ۾ اها ڇاڙ سُڪي ويئي ته کين سمن وري الهندي ناري جي پڇڙي جي ٻنهي ڪنارن تي دادو، جوهي ۽ سيوهڻ تعلقن ۾ آباد ڪيو. 17 صدي عيسويءَ جي آخر ۾ خود کي مقامي گورنر يا صوبيدار تسليم ڪرائيندي، هنن قمبر ۽ خيرپور ناٿن شاهه تعلقن ۾ پڻ زمينون پنهنجي قبضي هيٺ آنديون. قمبر _ واره تعلقن ۾ ”پنهواري“ نالي هڪ برانچ ڪئنال 1931ع تائين چالو رهيو. هنن خيرپور ناٿن شاهه تعلقي ۾ ”گهاڙي“ نالي هڪ شهر به اڏيو. ڪلهوڙن انهن ٻن تعلقن ۾ سندن جائداد تي قبضو ڪيو، مگر نور محمد ڪلهوڙي دادو تعلقي ۾ پاڻي رسائڻ لاءِ نور واهه نالي هڪ مخصوص واهه کوٽايو، جيڪو دادو، جوهي ۽ سيوهڻ تعلقن جي پاڻيءَ ۾ اضافو ڪندو هو.

سمن، فاتحن خلاف 175 ورهيه هتي مهاڏو اٽڪايو ۽ جيڪي ڦري مالوند ماڻهو ٿيا هئا ۽ وٽن مرڪزي قيادت نه هجڻ جي ڪري هو ڇڙوڇڙ هئا ۽ اقتدار لاءِ مقابلو ڪونه ڪيائون. ابتر حالتن ۾ ڪلهوڙا طاقتور ٿي اڀريا ۽ اتر دادو ضلعي ۾ پنهورن کي هٽائي اقتدار ڌڻي بڻيا. ڪلهوڙن کي اورنگزيب جي پٽ معزالدين 1701ع ۾ ڏن ڀريندڙ مهندار تسليم ڪيو ۽ هنن باقي سنڌ جي علائقن تي قبضو ڪرڻ شروع ڪيو. ڪلهوڙن مغلن خلاف هڪ صديءَ تائين مزاحمت جاري رکي. هو موروثي پير هئا ۽ سندن پوئلڳن جي اڪثريت ۾ ڊيره غازي خان، مظفر ڳڙهه، سبي ۽ ڪڇي جا بلوچ شامل هئا. اتر اولهه سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي به سندن پوئلڳ هئا. هو واهن کوٽائڻ جا ماهر هئا ۽ جيئن اسين اڳتي ڏسنداسين ته هنن 1701ع کان 1754ع تائين ست سؤ کان هڪ هزار واهه تعمير ڪرايا يا انهن جي مرمت ڪرائي.

 

سنڌ جو گرم ٿيڻ ۽ ڪلهوڙن جو اقتدار ۾ اچڻ (1701_1758ع):

        ڪلهوڙن جي اقتدار ۾ اچڻ کي سنڌي قومن پاران زرعي زمينن هٿ ڪرڻ واري عمل ڏانهن منسوب ڪيو وڃي ٿو، جيڪي 1525ع کان ارغونن، ترخانن ۽ مغلن گورنرن پاران اهڙن جاگيردارن ۽ منصبدارن کي ڏنيون ويون هيون جيڪي ”مظهر شاهجهاني“ موجب پوکي راهيءَ کان نا آشنا هئا، ۽ وڌيڪ ته هو نهري زراعت ۽ واهن کڻائڻ ۽ انهن جي سار سنڀال واري سنڌي سرشتي سان بلڪل مانوس ڪونه هئا. سنڌي قومن جي اڪثريت باغي ٿي چڪي هئي ۽ جانورن پالڻ تي مبني معيشت اختيار ڪري چڪي هئي. فقط لاڙڪاڻي، اتر دادو ۽ ٺٽي ضلعن جون چند ذاتيون ۽ قبيلا آبپاشي سان آشنا هئا ۽ نهري زراعت سان منسلڪ رهيا. ٽڙيل پکڙيل حوالن مان سُڌ پوي ٿي ته سيوهڻ جي گورنر جي اقتداري سگهه گهٽجڻ کان پوءِ ڪجهه قومي سردارن / مقامي گورنرن هاڻي ڪي قدر موڪي نظام کي بهتر ڪيو، مگر قومن جي اڪثريت ان عمل کان عاري رهي.

        ڪلهوڙن جي اڳواڻيءَ هيٺ، جيڪي مکيه پيرن مان هئا (موروثي بزرگ) ، ۽ خود کي ”فقير“ ڪوٺائيندا هئا، مقامي قومن هلان ڪري شاهي لشڪر کي مات ڏيئي، سندن نامزد منصبدارن کي هڪالي، هڪ ئي وار سان موجوده لاڙڪاڻي ۽ اتر دادو ضلعن تي تسلط قائم ڪري، پنهورن جي شعر ’خدا آباد‘ جو نالو ’شڪارپور‘ ۾ تبديل ڪري، ان کي تخت گاهه ٺاهيو. اورنگزيب جي وڏي پٽ ۽ ملتان جي گورنر مصلحتاً کين ”سرڪاري گورنر“ تسليم ڪري ورتو. ڪلهوڙا آهستي آهستي وڌندا، وڌيڪ علائقا پنهنجي هٿ هيٺ آڻيندا رهيا ۽ 1737ع تائين هو پوري سنڌ جا واڳ ڌڻي بڻجي ويا.

        ڪلهوڙا ترقيءَ ۽ تعمير جي حوالي سان ’شاهه _ ڏاها‘ هئا. سندن ڪاميابيءَ جو راز نون واهن کوٽائڻ يا پراڻن واهن جي سرشتي کي بحال ڪرڻ ۽ انهن تي هارين کي آباد ڪرڻ هو. ڪلهوڙن جي دور ۾ پوکيءَ هيٺ زمين جي ايراضيءَ بابت مختلف تخمينا موجود آهن.

ڪئمبرڪ جي راءِ موجب اهي 30 لک ايڪڙ ايراضيءَ جي حد تائين پهتا هئا، جڏهن ته ڇٻلاڻي (”سنڌ جي اقتصادي تاريخ“) اها حد 21 لک ايڪڙ سمجهي ٿو. راقم الحروف 21 لکن جي محتاط تخميني کي مڃي ٿو، ڇو ته ٻهراڙيءَ جي معيشت ۾ في ايڪڙ تي 105 ماڻهو گذارو ڪري سگهي ٿو ۽ 1757ع ڌاري جڏهن پوکي راهي پنهنجي عروج تي هئي ته سنڌ جي آدمشماري 30 لکن کان هرگز مٿي ڪانه هئي. ڪلهوڙن ڪهڙا واهه کوٽايا، هن معاملي جو قطعي نبيرو نهايت محتاط تحقيق ذريعي ئي ٿي سگهندو. سرچارلس نيپئر جي ’ڪئنال ڊپارٽمنٽ‘ ڪجهه رڪارڊ گڏ ڪيو هو، جو پوءِ جلد گم ٿي ويو. وري اهڙي قسم جي ڪابه ڪاوش ڪانه ٿي. گڏ ٿيل ڪجهه معلومات جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته ڪلهوڙن هيٺيان واهه کوٽايا:

_ شاهه جي ڪور: نور محمد ڪلهوڙي جي وزير شاهه بهارو پاران کوٽايل.

_ نصرت واهه: نور محمد ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ نصرت خان چانڊئي کوٽايو.

_مراد واهه: مراد خان ڪلهوڙي پاران کوٽايل.

_ فيروز واهه: ڪلهوڙا دور ۾ فيروز کوٽايو.

_ سرفراز واهه: ميان سرفراز ڪلهوڙي کوٽايو.

_ باغ واهه: سيال قبيلي کوٽايو، جن کي ڪلهوڙن پنجاب مان آڻي سنڌ ۾ آباد ڪيو.

_ نور واهه: نور محمد ڪلهوڙي بيگاري واهه مان کوٽايو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com