غلام محمد لاکو
فارسي ادبيات جي ترقيءَ لاءِ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جون ڪيل خدمتون
ويهين صديءَ جي سنڌ جيڪي به وڏا اديب، دانشور، محقق، تاريخدان
۽ نقاد پيدا ڪيا آهن، مانواري ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
جو نالو انهن سڀني ۾ نهايت نمايان نظر اچي ٿو.
ڊاڪٽر صاحب جا لکيل، مرتب ڪيل، ايڊٽ ڪيل ۽ جوڙيل
ڪتاب پڪ سان هڪ سؤ کان به مٿي ٿيندا. انهن ڪتابن ۾
بلوچ صاحب نهايت معتبر ۽ مٿانهون اسڪالر ۽ عالم
نظر اچي ٿو. ٻولين جي حساب سان مون کي فارسي،
عربي، اردو، انگريزي ۽ سنڌي ۾ سندس قلمي پورهيو
سُجهي ٿو. هن مختصر مقالي ۾ اسين ڊاڪٽر صاحب جي
فارسي علم ادب لاءِ ڪيل خدمتن جو احاطو ڪنداسين.
سنڌ ۽ ايران صدين کان پاڙيسري ملڪ رهيا آهن. عربن ايران کي فتح
ڪيو ۽ اتي اسلام جي پکڙجڻ بعد جڏهن جديد فارسي
اسري ۽ نسري نروار ٿي، تڏهن هن زبان عربي رسم الخط
قبول ڪيو ۽ ان ۾ شعر و شاعري توڙي تصنيف تاليف
شروع ٿي. ايراني ادبيات جو ترت اثر اول سنڌ تي
پوندو هو ۽ هندستان تي پوءِ ٿيندو هو. سنڌ ۾
ايراني علم ادب جا چٽا ثبوت، سومرن جي دور کان ملن
ٿا. سمن جي دور ۾ ڪجهه وڌيڪ شاعرن جا نالا ملن ٿا،
جن فارسي زبان ۾
شعر چيو (1). ارغونن جي دور کان وٺي فارسي ٻولي رياستي
سرپرستيءَ ۾ آئي. ان طرح فارسي شعر وسخن جو ڪتابي
ذخيرو ڀلان ڀل پيدا ٿيو. سنڌ ۾ هن زبان کي سرڪاري
پُشتي ميرن جي زوال تائين حاصل رهي. برٽش دور ۾
سرڪاري سهاري کان سواءِ به هيءَ ٻولي ڪنهن حد
تائين زندهه رهي، ۽ ان ۾ شعر و شاعري ۽ تصنيف
تاليف ٿيندي رهي. هن دور ۾ ڪراچي مان فارسي
اخبارون به جاري ٿيون. قيام پاڪستان کان پوءِ پوري
ملڪ وانگر سنڌ ۾ پڻ هي ٻولي زوال پذير آهي، جنهن
هت ساڍا ٽي سؤ سال درٻار، خانقاه ۽ علمي مرڪزن تي
راڄ ڪيو. ائين ٿو لڳي ته ايڪويهين صديءَ ۾ فارسي
زبان جي سنڌ ۾ صفائي ٿي ويندي. اسين هِت محترم
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جي فارسي ادبيات لاءِ ڪيل
خدمتن جو هڪ سرسري جائزو وٺنداسين.
چچ نامہ (613هه):
سنڌ ۾ 1010ع (401 هه) ڌاري هبارين جي جاءِ تي سومرن جي
بادشاهي قائم ٿي. سومرن جي دور بابت ڪو معتبر
اڀياس نه هجڻ سبب پڪ سان ڪجهه به نٿو چئي سگهجي.
سومرن جي حڪومت ڪڏهن سمنڊ کان وٺي ملتان تائين
قائم ٿيندي هئي، ته ڪڏهن وري هي بادشاهي لاڙ ۽
سيوهڻ تائين محدود رهجي ويندي هئي. سومرن جا متعدد
(1) سنڌ ۽ ايران جي قديم تعلق تي ابتدائي دور جي شاعرن به
پنهنجن شعرن ۾ روشني وڌي آهي. (سيد حسام الدين
راشدي: ”ڳالهيون منهنجي سنڌ جون“، ص ص 107_109،
سنڌي ادبي بورڊ 1992ع).
تختگاهه هئا ۽ انهن جا ويهن کان به وڌيڪ بادشاهه ٿي گذريا آهن.
هي دور ٽن صدين کان به وڌيڪ عرصي تي حاوي آهي. سن
734هه ۾ ابن بطوطه سنڌ ۾ هو، تڏهن هن سومرن خلاف
بغاوتون ڏٺيون هيون. سن 1351ع ۾ سمن ڄامن ڀرپور
مزاحمت ڪري سومرن جو خاتمو ڪيو ۽ سنڌ ۾ پنهنجي
بادشاهت قائم ڪئي.
سنڌ ۾ فارسي ادب ۽ علم جا پڪا پختا ثبوت سومرن جي دور
کان ملن ٿا. ناصر الدين قباچه 602هه ۾ اتر سنڌ ۾
”اچ“ کي تختگاهه مقرر ڪري، پنهنجي حڪومت قائم ڪئي،
جنهن جون حدون بکر تائين هيون؛ باقي سڄيءَ سنڌ تي
سومرن جي سرداري جاري رهي. قباچه جو خاتمو 625 هه
۾ ٿيو. ٻن چئن شاعرن جو ڏس پتو ملي ٿو، جن فارسيءَ
۾ شعر چيو ۽ اهي قباچه جي درٻار سان لاڳاپيل هئا.
سنڌ جي لاءِ هن درٻار جي حوالي سان ٻه ڪتاب يادگار
حيثيت رکن ٿا. علي بن حامد ڪوفي فارسي زبان ۾
تاريخي ڪتاب ”چچ نامہ“ سن 613هه برابر 1216ع ۾
مڪمل ڪيو ۽ محمد بن محمد عوفي 618هه برابر 1221ع ۾
فارسيءَ ۾ شاعرن جو پهريون تذڪرو ”لباب الالباب“
مرتب ڪيو. سومرن جي دور ۽ فارسي ادب جي تعلق ۾
ٽيون نالو قلندر لعل شهباز جو آهي. هو 561هه ۾
مرند (افغانستان) ۾ پيدا ٿيو ۽ سيوهڻ جي شهر ۾ اچي
قيام ڪيائين. هت ٻه سال رهيو، جو 673هه ۾ وفات
ڪيائين. تذڪرن ۾ قلندر لعل شهباز جي فارسي ادبيات
جو ذڪر ٿيو آهي. البته هن ڏس ۾ ڪا ٺوس تحقيق نه ٿي
آهي، جنهن جي ازحد ضرورت آهي. مغربي نقادن ۽
اسڪالرن جي نظر ”لباب الالباب“ تي پئي ۽ ان کي
ويهين صديءَ جي ابتدا ۾، ڇنڊي ڇاڻي ايڊٽ ڪري شايع
ڪيو ويو. هن ڏس ۾ ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو 1903ع ۾
پروفيسر برائون ايڊٽ ڪري لنڊن مان شايع ڪيو. ان
بعد وري پهريون ڀاڱو 1906ع ۾ علامه محمد قزوينيءَ
سان گڏ ايڊٽ ڪري پڌرو ڪيائين. هي ٻيئي جلد هڪ جلد
۾ مرحوم سعيد نفيسيءَ جي سعيي سان تهران مان 1954ع
برابر 1335 هه. ش. ۾ شايع ٿيا آهن. سنڌ جي هن خدمت
جو ايراني عالمن ۽ محققن به واشگاف لفظن ۾ ذڪر ڪيو
آهي.
قباچه جي درٻار جو ٻيو يادگار ڪتاب ”چچ نامہ“ آهي. هي ڪتاب اصل
۾ ڪنهن عرب ليکڪ سنڌ جي عرب فتح بابت عربي زبان ۾
لکيو هو. ڪڏهن، ڪٿي ۽ ڪنهن اصل ڪتاب لکيو، ان بابت
گهڻي ڄاڻ ميسر ڪانهي. البت عربي ڪتاب جو فارسي
ترجمو علي بن حامد ڪوفيءَ سن 613هه برابر 1216ع ۾
مڪمل ڪيو ۽ ان کي قباچه جي وزير جي زنده پٽ عين
الملڪ فخر الدين حسين جي نالي منسوب ڪيائين. گمان
آهي ته اصل ڪتاب جو نالو ”فتح نامه سنڌ“ هو،
فارسيءَ ۾ ترجمو ٿيو ته ”چچ نامه“ سڏجڻ ۾ آيو. ان
جو وڏو سبب هي آهي ته ڪتاب ۾ راجا چچ جو گهڻو ذڪر
ملي ٿو. سنڌ جي تاريخ بابت هي پهريون تحريري
دستاويز آهي. نه رڳو ايترو پر سڄي برصغير پاڪ و
هند ۾ تاريخ بات هيءُ پهرين تحريري ماخذ ڏسجي ٿو.
ان بعد ئي هن خطي ۾ تاريخي ڪتاب لکجڻ شروع ٿيا.
ڪتاب ۾ اسلام کان اڳ جي سنڌ جي ٻن حڪمران خاندانن
راءِ گهراڻي ۽ برهمڻ خاندان جو مفصل احوال ملي ٿو.
ان کان علاوه عرب فتوحات جو تفصيلي مواد به هن
ڪتاب ذريعي حاصل ٿئي ٿو. هن ڪتاب جي لکجڻ سان سنڌ
جي تاريخ نويسيءَ جو آغاز ٿيو ۽ پوءِ هر دور جي
مؤرخ ”چچ نامه“ کي ڏسڻ ضروري سمجهيو. هي سلسلو مير
معصوم بکريءَ کان هلي خانبهادرخداداد خان تائين
پهتو.
جديد دور شروع ٿيندي ئي ”چچ نامه“ جي اهميت اجاگر ٿيڻ لڳي.
ايليٽ 1851ع ۾ هند بابت تاريخ جو خاڪو اٺن جلدن ۾
جوڙيو. جلد اول ۾ هن ڪتاب تي روشني وڌائين ۽ ڪي
اقتباس انگريزيءَ ۾ ترجمو به ڪيائين. شمس العلماء
مرزا قليچ بيگ مرحوم ”چچ نامه“ کي مڪمل طور تي
انگريزي ۾ ترجمو ڪيو، جو 1900ع ۾ ڪمشنر پريس
ڪراچيءَ شايع ڪيو. اڳتي هلي مرزا صاحب ان کي ٻن
حصن ۾ سنڌيءَ ۾ به پڌرو ڪيو. ان هوندي به علي
ڪوفيءَ جي اصل فارسي ترجمي جي اشاعت شدت سان محسوس
ڪئي پئي ويئي. ان ضرورت تحت ڊاڪٽر عمر بن محمود
دائود پوٽي صاحب ”چچ نامه“ جو فارسي ايڊيشن تيار
ڪيو، جنهن کي حيدرآباد دکن جي مجلس مخطوطات فارسيه
سن 1939ع ۾ شايع ڪيو. ڊاڪٽر صاحب مقدمي نگاريءَ
کان وٺي تعليقات تائين سڄو ڪم فارسي زبان ۾ مڪمل
ڪيو هو. سنڌي ادبي بورڊ هن ايڊيشن جي مدد سان ”چچ
نامه“ جا سنڌي ۽ اردو ترجما پڌرا ڪيا، ان هوندي به
علمي دنيا کي هن ڪتاب جي وڌيڪ مستند ۽ معتبر فارسي
ايڊيشن جي ضرورت محسوس ٿي.
79_1980ع ڌاري حڪومت پاڪستان پندرهين صدي هجريءَ جي آغاز وقت،
نيشنل هجره ڪميٽيءَ جي تشڪيل ڪئي، جنهن جو صلاحڪار
سنڌ جو هاڪارو عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هو. هن
ڪميٽيءَ موقعي جي مناسبت سان علمي ڪم ڪرڻ جي رٿا
جوڙي. اهڙين رٿائن مان هڪ پراجيڪٽ تحت هند پاڪ جي
اسلامي تاريخ کي پنجويهن جلدن ۾ شايع ڪرڻ جو
پروگرام ٺاهيو ويو. هن اسڪيم موجب پهريون جلد ”سنڌ
۾ مسلمانن جي آمد“ عنوان سان شايع ٿيڻو هو. هي جلد
وري به ٽن حصن ۾ ورهايو ويو: حصو پهريون ”چچ نامه“
جو فارسي ايڊيشن، حصو ٻيو ان جو انگريزي ڇاپو ۽
حصو ٽيون ساڳئي ڪتاب جو عربي ڇاپو. ان ريت ”فتح
نامه سنڌ“ عرف ”چچ نامه“ جو جديد فارسي ايڊيشن
تيار ٿيو، جنهن کي اسلام آباد جي تاريخ ۽ تمدن
بابت قومي اداري 1982ع ۾ ڇاپي نروار ڪيو آهي.
سنڌ جي تاريخ جي هن پهرئين قديم ترين ماخذ ۽ هن خطي ۾ تحرير ٿيل
اوائلي فارسي ڪتاب جو هي جديد تحقيقي ايڊيشن، اسان
جي دور جي بين الاقوامي شهرت يافته عالم ۽ محقق
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو تيار ڪيل آهي. ڊاڪٽر
صاحب هن ڪتاب جي ادبي بورڊ لاءِ ڪيل سنڌي ۽ اردو
ترجمن تي نظرثاني ڪئي هئي ۽ وضاحتي علمي ۽ تاريخي
حاشيا تحرير ڪيا هئا. ان وقت ئي کيس ”چچ نامه“ جي
جديد ۽ مڪمل ڇاپي جي ضرورت محسوس ٿي هئي. ان ريت
ڪي سبب به هئا، جن جي ڪري ڊاڪٽر صاحب هن ڪم تي
توجه ڏنو. سندن خيال آهي ته ڊاڪٽر دائود پوٽي
مرحوم هي علمي ڪم نهايت عجلت ۾ پورو ڪيو هو، ان
ڪري ڪتاب جو مذڪوره ايڊيشن تڪميل کي نه پهتو هو.
ان ڏس ۾ پنجاب يونيورسٽيءَ ۾ سن 1061هه جو ڪاپي
ڪيل ”چچ نامه“ به جديد ايڊيشن لاءِ هڪ جواز پيدا
ڪندو رهيو. قلمي نسخن ۾ هن ڪتاب جو هي قديم ترين
نسخو آهي جو دنيا ۾ موجود آهي. ڊاڪٽر دائود پوٽي
به هن نسخي کي ڪتب آندو، پر ان کي ايتري اهميت نه
ڏنائين. لهٰذا ڊاڪٽر بلوچ هن قديم ترين نسخي کي
اساس بنائي ۽ وڌيڪ ٻن نسخن کي به استعمال ڪري ”چچ
نامه“ جو نئون ڇاپو تيار ڪيو. اهي ٻه نسخا ڊاڪٽر
دائودپوٽي جي نظر ۾ نه آيا هئا. ان کان علاوه ڪتاب
جي درست ۽ مڪمل متن تيار ڪرڻ لاءِ وڏي تعداد ۾
عربي ادبي تاريخي ماخذن کي به ڪتب آندو ويو آهي ته
جيئن نقل ڪندڙن جي غلطين ۽ جملي ٿيل ڪوتاهين جو
ازالو ڪري سگهجي. فاضل مرتب جي دعويٰ آهي ته هن ڏس
۾ کيس گهڻي ڪاميابي حاصل ٿي آهي (1). جملي قلمي
نسخن جا اختلاف آخر ۾ ڏنا ويا آهن، جنهن جي ڪري
ڪتاب جو صاف سٿرو متن تيار ٿي پيو آهي. موجوده
ڇاپي جي خاص خوبي هي آهي ته انگريزيءَ ۾ 18 صفحن
جي مقدمي سميت 158 صفحن تي مشتمل تاريخي ۽ وضاحتي
حاشيا ڏنا ويا آهن. ان کان سواءِ مختصر مقدمو
فارسي زبان ۾ لکيو ويو آهي. ان طرح ڊاڪٽر بلوچ
صاحب جي ڪيل جاکوڙ ۽ محنت، علمي دنيا ۾ روزِ روشن
وانگر عيان ٿي بيٺي آهي. ڪتاب جو انتساب ڊاڪٽر
دائودپوٽي ۽ پروفيسر عبدالعزيز ميمڻ جي
(1) هن ڏس ۾ البته وڌيڪ علمي بحث علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ جي
پروفيسر ڊاڪٽر نذير احمد ڪيو آهي، (ڏسجي: سنڌ
يونيورسٽيءَ جي اردو شعبي جي جرنل ”تحقيق“ ۾ ڊاڪٽر
صاحب جو ڇپيل مقالو، نمبر 5، سال 1991ع). هي مقالو
محمد پنهل ڏهر سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ۽ رسالي ”مهراڻ“
(3/ 1995ع) ۾ ڇپيو.
نالي ڪيو ويو آهي. فاضل مرتب ڪتاب جي تفصيلي ۽ تنقيدي اڀياس کان
پوءِ ڪي نتيجا ڪڍيا آهن:
(1) سنڌ جي عرب فتوحات جو ”چچ نامه“ مفصل تحريري رڪارڊ آهي جو
ڪنهن به ٻئي ڪتاب ۾ نٿو ملي. ان ريت هي ڪتاب انڊو
مسلم اتهاس جو پهريون مستند دستاويز ٿي پيو آهي.
(2) سنڌ جي فتح لاءِ ڪافي اڳ تياري ڪئي ويئي هئي ۽ جنگي حڪمت
عمليءَ
(Strategy)
جي خيال کان به خاص رٿا تيار ڪئي ويئي هئي. فوج
کي جو ڪجهه به گهربل هو سو ڏنو ويو ۽ خاص طرح بحري
قوت کي به استعمال ڪيو ويو هو. نهايت معتبر ملٽري
آفيسر سنڌ جي مهم لاءِ چونڊيا ويا، جي هڪ کانسواءِ
سڀ پنهنجي ڪمانڊر ان چيف سان وفادار رهيا.
(3) جنگ جي لاءِ سنڌ ۽ عراق جي وچ ۾ مواصلات جو بهترين نظام
قائم ڪيو ويو ۽ واسط ۾ حجاج جي دفتر کي، فوج جي
جنرل هيڊ ڪوارٽر طور استعمال ڪيو ويو.
(4) ان وقت اڪثر سنڌي قبيلا ٻڌ ڌرم سان لاڳاپيل هئا ۽ انهن
برهمڻن جي راڄ سان سخت نفرت ڪئي ٿي، جن آخرڪار عرب
فتوحات ۾ حملي آورن جي مدد ڪئي.
(5) اسلام کان اڳ سنڌ جي پاڙيسري رياستن: ڪشمير، جيسلمير، قنوج،
کنڀاٽ ۽ گجرات جي حالتن کان علاوه، انهن سان سنڌ
جي لاڳاپن جي خبر به هن ڪتاب مان ملي ٿي.
جيتوڻيڪ ”چچ نامه“ جي تاريخي ماخذ جي حيثيت ۽ اهميت به
بحث هيٺ ايندي رهي آهي(1)، ان هوندي به هن
ڪتاب جي سنڌ جي اڀياس ۾ هڪ دائمي حيثيت آهي، جنهن کان ڪوبه
انڪار نٿو ڪري سگهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي هن ڇاپي
جي به علمي دنيا ۾ مستقل حيثيت رهندي. ضرورت آهي
ته هن ايڊيشن جي صرف متن جو صاف سٿرو ترجمو ڪرائي
شايع ڪجي.
حاصل النهج (976هه):
علي ڪوفي ۽ محمد عوفي توڙي قلندر لعل شهباز جي وفات (673هه) کان
پوءِ، ٻن صدين تائين سنڌ ۾ فارسي علم ادب جي اوسر
جا ڪي به اهڃاڻ نٿا ملن. حالانڪه سومرن جي زوال
کان پوءِ 1351ع (750هه) ۾ سمن ڄامن جي حڪومت قائم
ٿي. ان دور ۾ حالتون سازگار رهيون. امن امان قائم
ٿيو. وڻج واپار ۽ زراعت توڙي پوکي راهي وڌي. سمن
حاڪمن اڪثر ڪري تعليم ۽ عالمن جي سرپرستي ڪئي.
خانقاهن ۽ صوفين کي ويجهو رکيو. آس پاس جي رياستن
سان سٺا لاڳاپا قائم ڪيا. مرڪزي ايشيا ۽ ايران سان
به ويجهو تعلق جڙيو. واپاري قافلا به آيا ٿي، ته
ايراني ادبيات، عالم ۽ اديب به سنڌ پهتا ٿي. ان
دور تائين ايراني ادبيات جا نامور شاعر: فردوسي،
خيام، عطار، رومي ۽ سعدي دنيا ۾ آيا ۽ پنهنجا ادبي
شهپارا ڇڏي عدم ڏي راهي ٿيا. هي لکتون ۽ تخليقون
سنڌ پهتيون هيون ۽ سنڌي عالم، ڏاها ۽ دانشمند انهن
کان واقف هئا. سنڌ ۾ فارسي ڪتاب ۽ تخليقون،
خانقاهن ۽
(1) ڏسجي پيٽر هارڊيءَ جو مقالو: ”سنڌ صدين کان“ مرتب: ممتاز
مرزا، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز،
حيدرآباد، سال 1982ع، ص ص 191_201.
مدرسن تائين پهچي چڪيون هيون، ليڪن ان هوندي به سمن جي دور جي
صرف ٻن تاليفن جو پاڻ کي پتو پيو آهي ۽ اهي به
عربي ٻوليءَ ۾ آهن. هڪ آهي ”الزبدة“ ۽ ٻي آهي
”تذڪرة المراد“! ڏهين صدي هجريءَ جي آغاز تائين
خود سنڌي ماڻهن به فارسي شعر ۽ سخن ۾ مشق شروع ڪئي
هئي. ٻه چار نالا _ شيخ حماد جمالي، ڄام نندو،
مخدوم بلال ۽ عيسيٰ لنگوٽي _ اهڙا آهن، جن جا ٻه
چار شعر تذڪرن ۾ محفوظ رهجي ويا آهن.
927هه برابر 1520ع ۾ سمن جي پڄاڻي ٿي ۽ سنڌ ۾ ارغونن جي حاڪميت
قائم ٿي. ان بعد ترخان ۽ پوءِ هندي مغل بالادست
ٿيا. سنڌ تي هي دور 1150هه برابر 1736ع تائين جاري
رهيو، تان جو ميان نور محمد ڪلهوڙي وري ڏيهي
حاڪميت قائم ڪئي. ارغونن جي اچڻ سان فارسي ٻوليءَ
کي سنڌ ۾ سرڪاري سرپرستي حاصل ٿي (2). ايران،
خراسان ۽ مرڪزي ايشيا کان سوين عالم، شاعر ۽ اديب
هت پهتا. انهن ديوان جوڙيا، تذڪرا تيار ڪيا ۽
تاريخون لکيون. هن دور کان سنڌ ۾ فارسي تصنيف ۽
تاليف جو سلسلو موجود آهي. ڌارين لکندڙن کان علاوه
ڏيهي ماڻهن جي فارسي تحرير ۽ ڪتاب به ملن ٿا. هن
ڏس ۾ مخدوم نوح ۽ مخدوم جعفر بوبڪائيءَ جا نالا
وڏي اهميت رکن ٿا. مخدوم نوح جو فارسيءَ ۾ قرآن
مجيد جو ترجمو مليو آهي. مخدوم جعفر متعدد ڪتاب
لکيا. هن جو واسطو علم ۽ تعليم سان آهي. تعليم جي
طريقي تي
(1) هن عنوان تي علمي بحث مون هڪ مقالي ۾ ڪيو آهي (سه ماهي اردو
_2 /1981ع).
هڪ ضخيم عربي ڪتاب تيار ڪيائين ۽ بعد ۾ ان جو فارسيءَ ۾ خلاصو
”حاصل النهج“ جي نالي سان مرتب ڪيائين. هي ٻيئي
بزرگ هڪٻئي جا همعصر ۽ دوست هئا.
”حاصل النهج“ ڪتاب صفر 976هه برابر آگسٽ 1568ع ۾ لکجي تيار ٿيو.
ان دور ۾ بکر تي سلطان محمود (وفات 982هه) جي
حڪومت هئي ۽ سيوهڻ کان وٺي سمنڊ تائين مرزا محمد
باقي (وفات 993هه) حڪمران هو. مخدوم جعفر ابتدا ۾
”نَهجُ التعلم“ ڪتاب عربيءَ ۾ لکيو هو جو ننڍي کنڊ
۾ تعليم جي طريقن
(Methods of Education) تي اولين ڪتاب ليکجي ٿو. فارسي ڪتاب ”حاصل النهج“ ان جو
نچوڙ آهي. سنڌ جي برک عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
هن فارسي ڪتاب کي ڳولي هٿ ڪيو. ڊاڪٽر صاحب خود به
تعليم جي شعبي سان لاڳاپيل ۽ پنهنجي دور جو هڪ
نامور استاد رهيو آهي. پاڻ هِن ڪتاب جي اهميت کي
محسوس ڪري ايڊٽ ڪيائين ۽ ان تي مفصل مقدمو انگريزي
زبان ۾ لکيائين. مقدمي ۾ مخدوم جعفر جي سوانح تي
روشني وجهڻ سان گڏ ڪتاب ”حاصل النهج“ جو خلاصو به
تيار ڪيائين. فارسي زبان ۾ لکيل هي ڪتاب آسان ٻولي
۽ روان عبارت تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ڪل اڻويهه فصل
يا حصا آهن. هي يادگار تصنيف سال 1969ع ۾ سنڌ
يونيورسٽيءَ طرفان شايع ٿي، جتي ڊاڪٽر صاحب ان وقت
شعبهء تعليم جو سربراهه هو.
هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو همعصر اديب مولانا عبدالرسول قادري صاحب
ڪيو، جو سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران
1993ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. سوا چار سؤ سال اڳ
لکيل هن ڪتاب ۾ عجيب ۽ دانائيءَ سان ڀريل نقطا
سمايل آهن. بلاشبہ اڄ به جي اسين هن ڪتاب مان ڪو
لاڀ پرايون، ته پنهنجي بگڙيل تعليمي نظام کي درست
ڪري سگهون ٿا. مخدوم جعفر جهڙيءَ ريت آسان ٻولي
ڪتب آندي آهي، ٺيڪ ان ريت سنڌي ترجمو به عام فهم
ڏسجي ٿو. سنڌي ترجمي تي نئين مليل معلومات موجب،
ڊاڪٽر صاحب پيش لفظ ۾ روشني وڌي آهي. مترجم
عبدالرسول صاحب پڻ معلوماتي مهاڳ لکيو آهي. البته
ڪٿي ڪٿي قادري صاحب متن ۾ بنا ڪنهن نشاندهيءَ جي
ڪي واڌارا به ڪيا آهن. مثال طور تي فصل ارڙهين، ص
69 تي ڏنل آخري پيرا اصل فارسي ڪتاب ۾ ڪانهي. علمي
واڌارا ڪرڻ ڪو ڏوهه ڪونهي، پر ڪوشش ڪجي ته اصل متن
۽ اضافن ۾ فرق چٽو ٿي بيهي.
سنڌ اندر ڏهين صدي هجريءَ ۾ (عيسوي سورهين صدي) فارسي شعر سان
گڏ نثر به تحرير ۾ آيو. سنڌي ادبي بورڊ مخدوم نوح
جو ”قرآن مجيد مترجم فارسي“ ۽ فخري هرويءَ جا ٻه
تذڪره ”روضة السلاطين“ ۽ ”جواهر العجائب“ شايع ڪيا
آهن، جي هن صديءَ جا يادگار نثري ڪارناما آهن. ٺٽي
جي قاضي محمود سن 980هه (1572ع) ۾ سنڌ جي صوفين
بابت هڪ ڪتاب ”تذڪرة الاولياء“ لکيو هو، جو اڄ
سوڌو ظاهر نه ٿيو آهي. سيد علي ثانيءَ (وفات:
981هه) فارسي نثر ۾ ”سسئي پنهون“ جو قصو قلمبند
ڪيو. ياد رهي ته سيد علي مرحوم هي تاليف هڪ ”سنڌي
تصنيف“ جي مدد سان تيار ڪئي هئي. غالباً صديءَ جي
خاتمي وقت بايزيد پورانيءَ هڪ تاريخي ڪتاب ”نصرت
نامه ترخان“ ترتيب ڏنو، جو اڃا شايع ٿيڻو باقي
آهي. هيءُ ڪتاب ”چچ نامه“ ۽ ”تاريخ معصومي“ جي
وچين ڪڙي ليکيو وڃي ٿو. ان پس منظر ۽ صورتحال ۾
مخدوم جعفر جي ”حاصل النهج“ جي حاصلات ۽ اشاعت،
محترم ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو هڪ سدا يادگار ادبي
ڪارنامو شمار ڪيو ويندو.
بيگلارنامه (1017هه):
سنڌ ۾ باقاعده فارسي ڪتب نويسي ڏهين صدي هجريءَ ۾ شروع ٿي ۽
ورندڙ صديءَ ۾ هن ڏس ۾ وڌيڪ پيش رفت ٿي. نه رڳو
ايترو پر موضوع ۽ عنوانن ۾ پڻ وسعت پيدا ٿي. نثر
توڙي نظم ۾ سنڌ جو اڀياس اهم جاءِ والاريندو ويو.
سنڌ جا لوڪ رومانوي داستان نثر ۽ نظم ۾ لکجڻ لڳا.
ادراڪي بيگلاريءَ ”مثنوي چنيسر نامه“ (ليلا
چنيسر)، مقيم ”مثنوي ترنم عشق“ (مومل مينڌرو)، مير
معصوم ”مثنوي حسن و ناز“ (سسئي پنهون) ۽ ملا ضيائي
ٺٽوي ”مثنوي زيبانگار“ (سسئي پنهون) نالن سان
مثنويون لکيون، جڏهن ته مير طاهر محمد ”عمر ماروي“
جو داستان نثر ۾ لکيو. ملا ضيائيءَ جو مدار گذريل
صديءَ ۾ سيد علي ثانيءَ جي نثري تحرير تي مبني هو.
هن دور ۾ سنڌ جي صوفين تي سيد عبدالقادر ٺٽوي
”حديقة الاولياء“ (1016هه) نالي هڪ تذڪرو لکيو، جو
ڇپجي چڪو آهي. ان طرح سنڌ جي سياسي تاريخ تي
”تاريخ معصومي“ (1009هه) لکي ويئي. مير معصوم جي
هن ڪتاب کي ڊاڪٽر دائودپوٽي، ايڊٽ ڪري 1938ع ۾
بمبئيءَ مان شايع ڪرايو.
مير محمد معصوم بکريءَ کان پوءِ ”بيگلارنامه“ نالي سان سنڌ جي
تاريخ تي هڪ وڌيڪ ڪتاب، ادراڪي بيگلاريءَ سن
1018هه (1608ع) ۾ لکيو. هن ڪتاب ۾ پوءِ سن 1034هه
تائين واڌارا ٿيندا رهيا. لوڪ داستان ”ليلا چنيسر“
بابت ساڳئي مصنف، سن 1010هه ۾ هڪ مثنوي لکي جا
سنڌي ادبي بورڊ ڇپي آهي. سمن جي زوال کان پوءِ
جڏهن سنڌ وچ ايشيا جي قبيلن جي تسلط هيٺ اچي ويئي،
تڏهن جوق درجوق اتان کان مختلف قبيلا لڏي سنڌ پهتا
۽ هت عهدا ۽ جاگيرون حاصل ڪري رتبا ماڻيائون. انهن
۾ ارغونن جو بيگلار خاندان وڏي اهميت رکي ٿو. کين
نصرپور جي جاگير ۽ سرڪار حاصل ٿي. ادراڪي بيگلاري
هن خاندان جو مصنف ۽ شاعر هو. پاڻ هي ڪتاب لکي
پنهنجي ممدوح خاندان جي تاريخ ترتيب ڏيئي محفوظ
ڪيائين. ابتدا ۾ هن ڪتاب جي ليکڪ جي باري ۾ متضاد
ڄاڻ موجود هئي، ليڪن جديد تحقيق ان بابت درست
معلومات مهيا ڪئي آهي(1).
بيگلارن جي هن خاندان جا ٽي فرد تاريخ ۾ اهم جاءِ والارين ٿا.
شاهه قاسم خان زمان جنهن جي حالات بابت ”بيگلارنامه“ نالي هي
ڪتاب لکيو ويو. سندس پٽ مير ابوالقاسم سلطان، جنهن
جي فرمائش تي ”مثنوي چنيسر
(1) خواجه عبدالحميد يزداني لکي ٿو ته ”بيگلارنامه“ جي ليکڪ
بابت مير علي شير قانع به ڪجهه نه لکيو آهي، ۽ نه
وري مصنف ڪتاب جي باري ۾ پنهنجي دعويٰ ظاهر ڪئي
آهي. البته ٺٽي جي ملن جي ڪتبخاني ۾ هن ڪتاب جو هڪ
قلمي نسخو هو، جنهن تي ادراڪي بيگلاريءَ جو نالو
مصنف طور ڄاڻايل آهي (تاريخ ادبيات مسلمانان
پاڪستان و هند، جلد 4، ص 545، پنجاب يونيورسٽي،
لاهور، 1971ع). |