نصير مرزا (سفر نامو)
سِيراف ۾ ورتل سياح: ’هَليو سيف الملوڪُ‘!
مومنو! پهرين ته پڙهو سڳوري صلوات، جيئن موت جي ماٿريءَ
مان سفر ڪري، صحيح سلامت ۽ ثابت و سلام موٽي اچڻ
جي روداد، اوهان صاحبن جي ’خدمت اقدس‘ ۾ پيش ڪرڻ
جي سعادت حاصل ڪريان.
اڙي هان؟ سيف الملوڪ ڍنڍ جي رنگين سياحت ڏانهن اسهڻ کي، هي مون
موت جي ماٿريءَ ڏانهن سفر ڇو چئي وڌو؟ لاحول ولا
قوة!
پر عزيز دوستو! ماچيس جي کوکي مثل جيپ ۾ چڙهي، سنهيءَ تار جهڙي
رستي، خوفناڪ ڀُرڪڻن گليشيئرز تان لنگهي ۽ کاهين
واري پُرخطر پهاڙي پيچري تي چڙهي، سترهن هزار فوٽن
جي ڀِڪَ ۾ لڪل سيف الملوڪ ڍنڍ تي وڃي پهچڻ، سواءِ
ايڊونچر ۽ سواءِ لائيف رِسڪ کڻڻ جي، ٻيو ڀلا آهي
ئي ڇا؟
هونئن گوش گذار ٿيو ته هن ڄمار تائين پهچندي پهچندي گهٽ ۾ گهٽ،
مان ته هڪ اهڙو شخص... جنهن کي هاڻي نه رهي آهي
سير سياحت سان دلچسپي، نه شوق!
ها، محبت البته جنهن شيءِ سان ڪريان ٿو، اها آهي سنڌ ديس جي
مٽي، ۽ ساهه اٿم ته زالَ ۽ ٻارن ۾، ۽ شديد عشق:
اهو ڪتابن ۽ دوستن سان ۽ والهانه ڪمٽمينٽ: اها صرف
پنهنجي ٻوليءَ ۽ ثقافت سان... ۽ بس!...
خير، هيرُن ۽ هُٻڪارن واري شهر حيدرآباد کان بذريعه شاليمار
ايڪسپريس جي، لاهور تائين ته سفر ٺيڪ!... پر لاهور
کان باءِ پاس، مانسهره ۽ اتان ناران، ڪاغان ۽ اتان
سيف الملوڪ واري پَرستان ڏانهن پنڌ.
توبه استغفار... بابا... توبه استغفار.....!
۽ منهنجو سنگت سان بار بار اِهو ئي اسرار ته ”نه بابا! پاڻ
ايڏانهن پهاڙن ۽ کاهين واري پرپيچ دنيا ڏانهن هلون
ئي نه ڪو! اوهين وڃو ته يا بسم الله، شوق پورو ڪري
اچو. مان تيستائين لاهور ۾ هيرا منڊيءَ جون هوائون
کائيندو ۽ وتندس ’ڦِجي‘ جي پاون مان رس چس وٺندو.
سو في الحال منهنجي طرفان اَٿو: في امان الله!“
”نڪو! ائين ٿيندو ئي ڪونه!“ .... چئني يارن جو اعتراض. پر هي
چار يار ڪير ڪير؟ مختصر تعارف ملاحظه فرمايو....
همسفر پهريون: طارق عالم ابڙو! سنڌي ادب جو سدا
بهار ميوو. محبت ۽ مِزاح جي حِس سان ڀرپور ۽ سندس
سڀاءُ جي اِهائي خوبي ۽ اِهائي خوشبو... پر پاڻ
چوندو آهي: ”مان ته بابا آهيان سنڌي ادب جو نانگو
ماڻهو“. موٽ ۾، مان سدائين چوانس: ”نه طارق! تون
نانگو نه، بس ٿورو اڙانگو... ۽ ڪو جي توکي ٽرڪ ۽
محبت سان ڊِيل ڪري ته ڪير چوندو ته تو ۾ ڪا
ڪڙاڻ؟... صفا جهڙو گرميءَ ۾ بدن تي لان جو نرم
پهراڻ... جهڙو اڃ ۾ مٺو ۽ ٿڌو شربت....“
۽ ڀلا هي ٻيو همسفر ڪير؟ عزيزم انعام شيخ!... ٽُ دي پوائنٽ
دوست. يعني جنهن جو دوست، اهو سراپا گُڊلڪ... بس
ته جنهن جي دوستيءَ جي پُکي ۾ نڪتو، ان لاءِ هيءُ
پنهنجو انعام... جهڙو ’سراپا‘ ’انعام‘. جديد دنيا
جي سنجيده ۽ فڪري تحريرن جو برجستو سنڌيڪار. هر
لحاظ کان ڏاهو ليکڪ، لائق ڪالم نگار ۽ هڪ پُراميد
انسان. ترجمي لاءِ ڪونه ڪو فڪري ڪتاب هُن جي لکڻ
واري ٽيبل تي سدائين موجود. چِٽ _ چئٽ ۾ خوش دل ۽
ادبي گڏجاڻين ۾ غير رسمي ڏانو جو اعليٰ آريٽر...
ڪميٽيڊ ۽ پرخلوص انسان. بهترين ۽ زنده دل همسفر!
۽ اِجهو ٽئين يار سان ملو.... هي آهي خوش شڪل ۽ خوش نويس عرفان
علي انصاري. الهڙ نوجوان ۽ ڏاڙهونءَ جي داڻن مِثل
ٽهڪن جي رسُ سان ڀرپور. ادب سان چاهه، علم سان
پيار. ناناڻا ٽنڊي آغا جي معزز مرزا خاندان جا
”صاحب قرطاس و قلم“ ۽ ڏاڏاڻا: قلندر لعل شهباز جي
درگاهه جا بزرگ ’مشعالچي‘. يعني طرفين روشنائي ئي
روشنائي. هڪڙي پاسي وارا وڏڙا وضعدار ايڏا جو قلم
جي ڪِلڪ ۾ ڀريل مَسُ کي مس ڪڏهن نه سڏين، احترام
سان ان کي چون: ’روشنائي‘! ٻئي پاسي وارا وري
شهباز جي درگاهه جي احاطي اندر مشعلون ٻاريندڙ:
”سراپا مشعل بردارز“. نثر لکڻ لاءِ اسان جي هن
همسفر عرفان علي انصاريءَ جي اندر ۾ تازو چڻنگ
باقاعده دُکي چڪي آهي. هاڻي ڏسجي ته اُها چڻنگ
ڪڏهن ٿي ڀڙڪي ڀڀڙ ٿئي. بس ان جو انتظار آهي... في
الحال ته مترجم جي حيثيت سان، هُن جي ادبي سفر جي
ابتدا عبرت مئگزين ۽ ٻارن جي رسالي ’گل ڦل‘ ۾ شايع
ٿيڻ سان شروع ته هونئن ئي ٿي چڪي آهي.
۽ اِجهو هن چوٿين يار، قداور قمبر لغاري سان به ملندا هلو...
عجب جهڙو ۽ انوکو نوجوان! صبح جو ننڊ مان جاڳي،
پلنگ تان اٿي پَٽ تي بيٺو ته لڳو راتورات سندس قد
ٻه انچ وڌي ويو آهي! ۽ وري جي پلنگ تي ڪنهن وقت
اهوئي قداور قمبر لغاري ڪُرومُرو ٿي ليٽيو ٿي ته،
جهڙو ننڍڙو ٻار سُتو پيو آهي! سندس هيئر ڪٽ وري
انگريزن جي ٻارن وانگر ’ڪُروڪٽُ‘ ۽ جنهن وقت به
کيس ڏٺم، انهن ننڍڙن وارن ۾ هڪ وڏي ڦڻوٽي سان مٿي
تي هن کي ٺَڪ ٺَڪ ۾ مصروف ئي ڏٺم، ”اڙي هان! قمبر،
هي ڇا پيا ڪريو؟“
”مساج....!“ سندس مختصر جواب.
”ڇو؟“
”وارن جا ماهر ڊاڪٽر چون ٿا ته ميڄالي جي صحت ۽ وارن لاءِ اِها
ايڪسرسائيز چڱي آهي.“ سندس وضاحت.
وري هيءَ ٻي ڳالهه ٻڌو. سفر ۾ اسان جي پنهنجي هِن قمبر جو تڪيه
ڪلام هو: ’بَبي‘ ۽ اسان مان هر هڪ کان وٺي هوٽل جي
ويٽر ۽ ويندي ريل جي گارڊ تائين، هُن هر ڪنهن کي
اِن ئي نالي سان پئي سڏيو. اڇا! سفر ۾ کائڻ لاءِ
ٻي ”ٻاچڪي“ ۾ هن سان ساڻ هو ’هوم ميڊ‘، ’لَذيذ‘،
’خسته‘ ۽ ’خوشبودار‘ ”روٽ“. بظاهر ڏسڻ ۾ ته سِر
وانگر سخت، پر کائڻ ۾ ڇا ته مزيدار! ”والله!....
سبحان الله!.... ڪيا بات هي!“
۽ بس پياري انعام اِن سياري جي خوراڪ جهڙي ۽ ”مغزيات“ سان ڀرپور
روٽَ باعث، سڄي سفر ۾، هن عزيز دوست کي سڏيو ئي
پئي: ”قمبر لغاري سِروٽان والا“ ۽ قطع نظر اِن جي،
سچي ڳالهه ته هي به آهي ته قمبر لغاري جهڙا پيارا
۽ ڏاهن ٻارن جهڙا نوجوان همسفر ساڻ هجن ته، بور
کان بور سفر به خوش اسلوبيءَ سان ۽ خوشگوار انداز
۾ طئي ڪري سگهجي ٿو.
”پر ههڙن پُربهار دوستن جي ڪمپنيءَ جي باوجود سيف الملوڪ ڍنڍ
ڏانهن تون هلڻ ڇو نٿو چاهين؟“ طارق پُڇي ٿو.
“Because of height fear” مان چوان ٿو.
”...... ته پيارا! تون ويگن ۾ کاهين واري پاسي نه ويهجانءِ نه!
توکي جنهن پاسي پهاڙ آهن نه..... ان پاسي واري سيٽ
تي ويهارينداسين.“ انعام جو مشورو....
”اکين تي پَٽي ٻڌي ڇڏجؤ نه“.... شايد عزيزم عرفان جي صلاح.
”بَبي! مڙس ماڻهو ٿيو نه؟“ قمبر لغاريءَ جي ايڊوائيز.
”اڙي بابا! همسفرن جي سفر کي کوٽي نه ڪر! هنن جي راحت کي رنجَ ۾
نه ڦَير... ’مزو خراب نه ڪر....‘ اُٺ بانڌُ قمر چل
بنجارا!‘... همزاد جو حڪم.... بس ته همزاد جي حڪم
کان پوءِ ڇا ٿي ڪري سگهيس؟ اٿي کڙو ٿيس ۽ وجهي بيگ
ڪلهي ۾ سنگت سان گڏجي هوٽل ”ڊريم لينڊ“ مان نڪري،
سامهون ان هنڌ ڌانهن وڌڻ لڳس، جتان مسلسل آواز اچي
رهيا هئا: لاري اڊا، لاري اڊا،.... لاري اڊا...
”چڱو ته اي لاهور جون هوائو!... في الحال ته وڃان ٿو سيف
الملوڪ.... يار زنده، صحبت باقي.“
۽ اِجهو هاڻي اسٽيشن روڊ تي لاريءَ اڏي وٽ بيٺا آهيون. خوش
قسمتيءَ سان هتي هر شيءِ هڪي تڪي. هر شيءِ موجود.
دلال به ته دلبر به! ٽانگو به ته ٽيڪسي به! باڪس
به ته ٻيڙي به.....! بس ڪا شيءِ جي اڻلڀ ته اها
لاهور ۾ فقط سنڌي اخبار! ريلوي اسٽيشن جي بوڪ
اسٽال کان وٺي لاهور شهر جي اسٽالن تي، مان، طارق
۽ انعام... سنڌي اخبار، سنڌي اخبار ڪندا ٿا
رهون..... ڀلا سنڌي اخبار هجي ته هٿ اچي نه.....
(معنيٰ سنڌ مان پنجاب ڏانهن نڪرو ته سنڌ سان رابطي
جا سڀ رستا بند!) فون وارو رابطو برابر ميسر.....
۽ شوق پورو ڪرڻ لاءِ ٽيليفون بوٿ پهچي حيدرآباد
گهر رابطو ڪيم ته بِلَ ڀڃي لاٿو....... ”اَبول...؟
ٽن منٽن جا، ٽيهتر روپيا!“
فون ڪري چُڪس ته ... اِجهو سينٽي مينٽل جرنيءَ تي رواني ٿيڻ
لاءِ ايئرڪنڊيشنڊ ڪوچ تيار.... رات جا ٻارنهن،
ايڪهين جولاءِ ۽ بس جو رُخ مانسره ڏانهن، جو سيف
الملوڪ ڏانهن ويندي، سفر جي پهرين منزل اِهائي ته
طئي ڪئي هئي دوستن.
اڙي هان! هي ڇا؟.... ڪوچ لاهور مان رواني ڇا ٿي ۽ دوستَ پنهنجن
پنهنجن سيٽن تي ڇا آهليا، اکيون بند، ننڊ ۾ الوٽ ۽
آرامي. بس بي آرام ته صرف مان، يا ايئرڪنڊيشنڊ ڪوچ
جي شفاف دريءَ مان نظر ايندڙ صديون پراڻو چنڊ...
بس ان کان پوءِ ته جاڳ هئي، مان هئس، چنڊ ۽ اجگر
جيڏي رات ۽ هي رات جو وقت به ڪيڏو نه وڻندو آهي
مون کي. نه ڪنهن جي گلا، نه غيبت، نه چاپلوسي، نه
ڊپلوميسي، نه مڪر، نه فريب. ڇو؟ ان ڪري جو ماڻهو
غنودگيءَ يا ننڊ ۾ هجڻ ڪري اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ جي
پوزيشن ۾ هوندو ئي ڪٿي آهي؟ ۽ چنڊ جي اجرن ڪرڻن
مثل نِج کير جهڙو صبح ته مون پوءِ چنڪ چانهه پيئڻ
جي بهاني مانسهره ۾ وڃي ڏٺو. ڇا ته اجرو صبح آهي
سرحد جو! سبحان الله! چؤطرف ڏسڻ لاءِ جتي يا پهاڙ
يا پٺاڻ يا جُهڳي نما هوٽلن تي ٻڌڻ لاءِ پشتو گانا
( ۽ اسان لاءِ اهي ڄڻ دَٻي ۾ ٺڪريون.)
خير..... مانسهره ۾ اسان کي ترسڻو ڪو ٿوروئي هو. بس ناران وڃڻ
لاءِ سواري ئي تبديل ڪرڻي هئي. اڳي ايئرڪنڊيشنڊ
ڪوچ ۾ ويٺا هئاسين ۽ هاڻي اِجهو ڪنهن پوڙهي پوسٽ
مئن جهڙي ويگن ۾ سوار ٿياسين.
۽ بس ڪي آڏا اڙانگا موڙ مُڙي، ويگن پهاڙي پيچري تي ڇا چڙهي،
راحت ڀريو هي سفر اوچتو رَنج ۾ تبديل ٿيڻ لڳو.
رستي جي ساڄي پاسي کان برڙ باڪاسن جهڙا پهاڙ ته
کاٻي پاسي وري صدين جيڏيون گهريون ۽ اونهيون
کاهيون!
اڙي هان؟ هِي ڇا؟
ويگن بالاڪوٽ کان ڪنهن نامعلوم نالي واري موڙ وٽان مڙي ته
سامهون ڏٺم: رستو سڄو کڏا کوٻا. ڏامر گم.... ۽
ويگن ان کڙ کٻڙ روڊ تي لٿي ته جهاڪن دوران دانهن
ڪيم، خداوندا! هي ڪاغان ڏانهن ويندڙ رستو آهي يا
بي وزن شعر؟ ۽ اهڙي ناهموار رستي تان ويندي، جتي
خوش قسمتي سان کاهيون ڪجهه گهڙين لاءِ پري ٿي ٿِي
ويون ته اتان وري بدقسمتي سان گجگاڙ ڪندڙ ڪُنهار
دريا، رستي سان ساڻ ساڻ ۽ مٿان وري پاڻيءَ جي
وهڪري جي اسپيڊ...! هل ڀيڻان! فُل اسپيڊ.....!
۽ ڀُل چُڪ ۾، اک پاڻي ڏانهن نه چاهيندي به کڄي ٿي ويئي ته مٿي
کي ڄڻ ڀنواٽي، هيانءُ ڪچو. ٽنگن مان ساهه لاپته ۽
بس اِجهو اُلٽي چپن تي آئي ڪه آئي...
”بَبي ٿورو هيڏانهن ته ڏسو نه....“ اچانڪ قمبر لغاري
اُتاولائيءَ مان چويم ٿو.... ”هو سامهون ڪُنهار
دريا جي ڇوٽ لهرن جي پٿرن سان مٿو ٽڪرائڻ جو نظارو
ته ڏسو. ڇا ته حُسن آهي ان منظر ۾“!
”مون کي ته معاف ڪريو بابا....!“ مان بيزاريءَ مان چوان ٿو.
”حسن جا اهي منظر ٻنظر اوهان کي نيبهه هجن...
منهنجو ته ساهه ٿو نڪري يارا“!
”اڙي بابا! ساهه کي جتي نڪرڻ نصيب ۾ هوندو، اهو اتي ئي نڪرندو.
تون منظرن مان لطف وٺ.“ اِهو شايد طارق ٿو چوي.
”موت جو ڊپ اجايو آهي، ڇو ته ان کي اچڻو ته اوَس آهي... ۽ جتي
ان کي اچڻو آهي آخرڪار اهو اتي ئي ايندو....“ اهو
قمبر ٿو فرمائي.
پر هن ناچيز جو خيال ان وقت هنن ٻنهي دوستن کان جدا ۽ نرالو...!
ڇاهي ته ماڻهو يا ته ڄمي ئي نه ۽ جي ڄمي ته زندگي
گهٽ ۾ گهٽ خطرن کان ته آجي هجي ۽ ڀلا هجي به ڇو
نه؟ جو ڄمار جا ڪل ورهيه شمارجن ئي ٿا اهي بس چار
ڏينهن ۽ وري اهي ويچارڙا مسڪين چار ڏينهن به موت
جي خوف ۽ خطرن جي نذر!
مان چپن ئي چپن ۾ ڀڻڪان ٿو: ”يارا، بات هي جُٺِ هي....“
ڪاغان کان ٿورو اورتي..... ڪنهن ڪنهن هنڌ ڪجهه بلڊوزر ۽ بورڊ
اُڀا بيٺل ٿا نظر اچن.... پر هي بورڊ تي لکيل ڇا
آهي؟ ٿورو پڙهي ته ڏسان:
“Work in progress”
اڇا.....! ته هي بلڊوزر هڪڙو ته پهاڙن تان ڪريل ڇُپن کي هٽائين
پيا ۽ ٻيو وري ڪٿان ڪٿان ڇاڙڪيءَ جيتري رستي کي
ويڪرو ڪرڻ لاءِ پهاڙن کي ڪٽي، ويڪرو به پيا ڪن.
گڊ! معنيٰ ته سال کن کان پوءِ جيڪي هن رستي تان
سيف الملوڪ ڍنڍ ڏانهن ويندا، هي رستو انهن کي ڪافي
سڪيوئر لڳندو.
”رڳو انهن کي ڇو؟ توکي ڇو نه؟“ مان پاڻ کي پاڻهي سوال ڪريان
ٿو... ۽ پاڻ کي پاڻهي جواب ڏيان ٿو.
”نه بابا... پاڻ هيڏانهن وري جي اک کڻون ته ڪافر! رڳو هن دفعي
جانُ جي امان ملي ۽ ڪنهار دريا جي عزرائيل لهرن
کان ڌڻي پناهه ۾ رکي. اڳتي توبهن زاري!“
”هن رستي کي ته يارا، وڏي غنيمت سمجهو. خبر ته تڏهن پوندؤ، جڏهن
ناران کان سيف الملوڪ وڃڻ لاءِ اتان ڪنهن جيپ ۾
چڙهندؤ.“ اهو ويگن ۾ ڀرسان ويٺل هڪڙو پٺاڻ مسافر
اسان کي آگاهه ٿو ڪري.... ”۽ اهو رستو ته يارا!
اڃا وڌيڪ....“ ”پر هي ويگن جو ڊرائيور چريو آهي
ڇا؟“ ۽ مان ڀرسان ويٺل ان پٺاڻ دوست کان پنهنجي اڻ
تڻ لڪائي نٿو سگهان.
”ڇو؟“
”حرڪتون ته ڏس هِن جون! هڪ ته رستو سوڙهو ۽ پُرخطر، مٿان ڀرسان
ويٺل ڇوڪر سان هُن جا ولگر کِل ڀوڳ... تاڙا... وري
ڪنهن ڪنهن وقت، ڇوڪر جي سٿر تي هٿ _ ٿڌڙا....“
”ڌڻي پناهه ڏئي، ڪا مهل نه ڪنهن جهڙي! ۽ جي اِسٽيرنگ وڃيس هٿن
مان ڇڏائجي ته...“ ۽ ڀروارو اهو مسافر، منهنجي
انهيءَ ڪِنجهه ڪنجهه تي ڪَڇي ڪجهه به نٿو. بس چپن
۾ ٿورو مرڪي ٿو پوي.
خير منهنجي ساهه ۾ ڪجهه ساهه ان وقت وڃي ٿورو ضرور پوي ٿو، جڏهن
ويگن خدا خدا ڪري، ڪاغان جي ماٿريءَ ۾ پهريون
اسٽاپ اچي ڪيو...
ساري ماٿريءَ تي هلڪي هلڪي ڦڙ ڦڙ جاري هئي ۽ جولاءِ جي مهيني ۾
ماحول تي اهڙي ته خوشگوار ٿڌ پکڙيل هئي جو بس مزو
اچي ويو.
اڙي هان....! هي پهاڙن تي ۽ ڀرپاسي وارين لاهين چاڙهين تي هي وڻ
ڇا جا آهن!؟ ڪجهه سامت ۾ آيس ته اکيون کڻي چؤطرف
جو جائزو ورتم.
اڇا! هي وڻن جي شاخن تي ساوا ساوا ۽ ڪچا ڪچا ميوا ته صفا جهڙا
اخروٽ! ۽ اخروٽ جو وڻ ڏسي ڪيڏو نه خوش ٿو ٿيان (۽
ڀلا ٿيان به ڇو نه) جو ان کان اڳ اخروٽ جو وڻ
زندگيءَ ۾ مون ڪڏهن ڏٺو به ته ڪونه هو!
ٻئي پاسي وري صوفن جا وڻ ۽ ڪِن ڪِن وڻن ۾ ته ننڍڙا ننڍڙا ساوا ۽
ڪجهه ڳاڙهسرا صوف موجود ۽ ڪِن وڻن جي شاخن تي وري
نؤخيز صوفن جا پيارا پيارا اَڇا اَڇا گل. ازلي ۽
ابدي خوشبوءَ سان ٽمٽار.
وري دور پهاڙن جي چوٽين ڏانهن جو اک کنيم، ته حيران ٿيس!
يا خدا! دور پهاڙن تي ماڻهن جي رهڻ لاءِ هي گهر؟ واقعي گهر آهن
يا ماچيس جا خالي کوکا محض ڊيڪوريشن لاءِ رکيل! ۽
ڪٿي ڪٿي ته انهن گهرن ڏانهن وٺي ويندڙ سنهڙي پهاڙي
پيچري جي اڀڪپرن حصن تي مڪئي جي پوک جو تيار فصل
بيٺل.
۽ پوري ماٿريءَ تي مَڪئيءَ جي ان تيار بيٺل فصل جو وري ڪيڏو نه
هڳاءُ پکڙيل....
.... اچانڪ طارق ان ماٿريءَ جي ڪنهن دڪان تان ڪاغان جا صوف وٺي
ٿو اچي.... ۽ بس انهن نرم صوفن مان ڪنهن هڪ صوف کي
پنهنجي ڏندن هيٺ ڇا ڌريم، هيانءُ ئي ٺري پيو. ڇا
ته رَسُ سان ڀريل کٽا مٺا ۽ خسته هئا اهي ڪاغان جا
صوف... کائڻ سان ڄڻ اکين ۾ چمڪ ۽ نظر ۾ روشني ڀرجي
ويئي.
پر پريان پهاڙي پيچري تان ايندڙ هي پَريو مُڙس ڪير! چال ته سندس
شاندار، قد لاٺيرو، ڪوٽي ڪلهن ۾، اِسٽڪ هٿ ۾...
”ته ڇا هي هتي جو ڪو واسڪوٽي گاما؟“.... ۽ ائين
ڪندي ڀرسان جو لنگهي ويو ته هڪ بي معنيٰ شڪ شبهو
محسوس ٿيڻ لڳو.....!
”هي ماٿريءَ جو وڏو زميندار آهي ۽ هتي هن جا ڪجهه ٻيلا به
آهن....“ ڪاغان جو هڪڙو نوجوان منهنجي پڇڻ تي
آگاهه ٿو ڪري.
”اڙي هان....“ ٻيلن جو مالڪ؟ وڏو زميندار؟ پر زمين هتي ماٿريءَ
۾ آهي ڪٿي؟ هتي ته چؤطرف رڳو پهاڙ ئي پهاڙ آهن، يا
ناهموار ماٿري!“.... مان ٿو چوان.
”يارا! ماٿريءَ جي انهن ناهموار حصن تي ئي ته پوک ٿيندي آهي ۽
هتي ڪاغان جي گهڻي ڀاڱي زمين آهي ئي ان مڙهي
ماڻهوءَ جي....“
”ڀلا سندس ٻيلا ڪٿي؟“ پڇيم.
چيائين: ”اهي وري پهاڙن جي پويان آهن، جتي هن وقت هن جو ڳايو
مال، رڍون ۽ خچر چرندا وتندا هوندا.“
”پر اسان مان هي بصر ڪير پيو چري ۽ هي بوءِ اچي ڪٿان پئي؟“
”ڪٿان وري ڪٿان پئي اچي...“ عرفان اطلاع ٿو ڏئي...
”هي پنهنجو قمبر لغاري صوفن کي ڇڏي، بصرن جي ڀري وٺي آيو آهي ۽
بيٺو چري“.
”عزيزم قمبر....! ڪاغان جي ماٿريءَ ۾ صوفن کي ڇڏي، هي بصرن سان
شغف ڇو؟ توهان سان خير؟ ۽ اهو به ايتري انهماڪ سان
جو هڪڙو بصر وات ۾، ٻيو هٿ ۾، ٽيون نظر ۾....“ مان
حيرت منجهان کانئس پڇان ٿو.
۽ قمبر جو جواب لاجواب ڪندڙ آهي.... چيائين: ”امام رازي فرمايو
آهي ته......!“
”سبحان الله....! ڇا فرمايو آهي بصرن کائڻ بابت امام رازيءَ؟“
انعام، هُن کي وچ ۾ انٽرپ ٿو ڪري.
چيائين: ”امام رازي جو فرمان آهي ته ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ وڃو ته بصر
کائي ڇڏيو، ان علائقي ۾ پکڙيل بيمارين جا وائرس
اوهان جي ويجهو نه ايندا.“
اسين سڀ کلڻ ٿا لڳون... ۽ کلندي کلندي ويگن ۾ وڃي ڇا ٿا ويهون،
۽ ان کان پوءِ منهنجي لاءِ جهڙوڪر ”فيئر فل جرني“
وري شروع....
۽ اڃا ڪجهه لمحا اڳ چند گهڙين لاءِ مان ڪيڏو نه رليڪس ٿي ويو
هئس ۽ هاڻي وري اِجهو اهائي ساڳي ويگن، ناران
ڏانهن رواني ٿيڻ لاءِ، پهاڙي پيچري جي پُل صراط تي
ڇا چڙهي... منهنجو ٽينشن شروع... بس پوءِ ته ڀوَ ۾
مان به اکيون ڇڏيان ٿو پوري ۽ وات ۾ وجهي ٿو ڇڏيان
ڦودني جي ٽڪي! ۽ تصور ڪرڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان ته هي
ڪو پُرخطر پهاڙي پيچرو نه ڪو ميداني علائقو آهي،
جنهن تان جيپ ڇوٽ وڃي پئي ترندي. پر زگ زيگ رستي
سفر ڪندي، ڪنهن جهاڪي سان اک ته کُلڻي ئي کُلڻي
هئي، سو اک کلڻ سان هورا کورا بس اِهائي ته هي
جيئن تيئن وڃان ته پيو سيف الملوڪ ڏانهن، پر....
اتان موٽندس ڪيئن!
”ائين ئي، جيئن وڃين پيو....“ اندر واري جو جواب....
بس شام ٿيڻ ئي واري هئي جو ڇهه ڪلاڪ سفرنگ ڀريو سفر ڪرڻ کان
پوءِ ناران جي ماٿريءَ ۾ ويگن مان لهون ٿا.
اڙي هان! هي ته ڪو عجب جهڙو علائقو! شهر جي ڪا ڪَلَ سِڌي نه!
ڪٿان هيٺ ڪٿان مٿي! سڄو ڊانوان ڊول! گهر هيٺ، گهر
مٿي! وَڻَ هيٺ وڻ مٿي! وري هن ڪنهار دريا کي ڏسو،
ڄڻ پهاڙن مان زنجيرون ڇڏائي ڀڄي نڪرندڙ ڪو
مستانو... چؤطرف بس وڻ ئي وڻ ۽ وڻن جي شاخن مان
ڦٽي نڪرندڙ شام جي پکين جا ست _ رنگا آواز.....!
رهائش لاءِ پئراڊائيز پوائنٽ هوٽل جي ڪمرن جي جانچ جونچ وٺي
ڊريم لينڊ ۾ هليا اچون ٿا ۽ بس ان ئي هوٽل جي ڪمري
۾ سامان کوليندي ئي پتو پيو ته گڙٻڙ ٿي چڪي آهي.
پر گڙٻڙ ڪهڙي! اِها ته پياري انعام جو عاليشان
’چشمو‘ ۽ ’واڪ مئن‘ پئراڊائيز هوٽل جي ڪائونٽر تي
ڪمري جي بڪنگ بابت بارگيننگ ڪندي وساري آيا آهيون
۽ بس واڪڙ واڪڙ ڪندا ’چشمي‘ ۽ ’واڪ مئن‘ جي تلاش ۾
واپس اتي پهتاسين ته ”جاءِ واردات“ تي ڪاريءَ وارا
ڪَکَ! تفتيش ڪئي سين ته سرغنن وٽان جواب مليو: هتي
ته اوهان اهڙي ڪابه شيءِ ناهي وساري.
Sorry
يارا!
ممڪن آهي ته اِهو سامان اسان ويگن ۾ ئي وساريو هجي! ۽ بس اِهو
سوچي ڪنهار جي ڪناري، ويگن اسٽاپ ڏانهن ڊوڙ... ۽
اتي پهتاسين ته اها ويگن لاپته....
ڪيڏا نه دل برداشته ٿا ٿيون.... ۽ مان ته سخت ششدر.
يا منهنجا مؤلا....! خوشين جي تلاش ۾ هيترو دور ڪيئن ٿي وئي
اسان سان هيءَ واردات؟ هاڻي مدد ڪر.... سامان
موٽراءِ!
۽ هوٽل ڏانهن مايوس چهرن ۽ ٿڪل وکن سان موٽندي، سنگت کي صلاحيان
ٿو.
”يارو! گم ٿي ويل سامان جو غم غلط ڪرڻ لاءِ، ڪُنهار جي ڪناري
سان پٿرن تي ويهي، پاڻيءَ ۾ پير ٻوڙي چانهه چُڪو
پي، اڳو پوءِ ڊپريشن کي هتي ئي رفع دفع ڪندا
هلون...“ الاس! چانهن پيئڻ لاءِ ’موڊ‘ ڪنهن جو ٺهي
ئي نٿو! موڊ آف جو هئا سڀني جا....!
بس رستي تي ايندڙ پٽاٽن جي پوک مان لنگهي، ڪاوڙ ۾ ٽماٽن جهڙا
ڳاڙها منهن کڻي سڌا پهچون ٿا پنهنجي هوٽل جي بُڪ
ٿيل ڪمري ۾......
ڪمرو ڇا، ٻه بيڊ، هڪ ميٽ ۽ باقي ڪارپيٽ.... اڙي هان! هي هوٽل جي
بلبن ۾ روشني ايڏي جهيڻي ۽ ڪمزور ڪمزور ڇو؟
خبر پئي ته ماٿريءَ ۾ واپڊا جي بجلي اڃا پهتي ئي ڪانهي. هوٽلن ۾
رات جو بَلب جنريٽر تي ۽ اهي به وڌ ۾ وڌ اٺين وڳي
تائين ٻرندا آهن، پوءِ بند....
۽ اڃا اٺ وڳا ئي ڪونه جو هوٽل ۾ ويٽر، ڪرسمس ڪارڊ تي ڇاپيل
ڪينڊل جهڙي ميڻ بتي ٻاري، ٽيبل تي رکي ٿو وڃي.
اچانگ ناران ۾ رات ڪيڏي نه پراسرار ٿي لڳي مون کي. لڳو ڪوهه ڪاف
تي ڪنهن راڪاس جي قيد ۾ اچي قابو ٿيا آهيون.
يارا! ڀڄ ته ڀڄون.... ۽ مان عرفان کي ڪمري مان وٺي سڌو ناران جي
بازار ۾.... ۽ چانهه جي تلاش.... دڪانن تي گئس
گولا روشن، يا بس ڪنهن ڪنهن هوٽل جي ڪٽهڙي تي،
جنريٽر جي زور تي ٻرندڙ هيڊا بيمار ۽ پيلا بلب....
۽ بس. ڪنهن دڪان نِما هوٽل ۾ گهڙياسين مس ته مينهن
شروع.... واهه واهه... سبحان الله. چاش جهڙي مِٺي
۽ ٿڌ ۾ گرم گرم چانهن جون سُرڪيون... گڏ بوائل
بيدا.... ۽ دور پري کان ڪنن تائين پهچندڙ ڪنهار
دريا جي لهرن جي سمفني....
۽ ناران ۾ اها رات.... ڄڻ ڪنهن طلسمي رات جو ڏيک ڏيندڙ.
”ڪٿان آيا آهيو اوهين؟“
۽ هو خوش شڪل نوجوان، جيڪو ان چانهه واري هوٽل جو مالڪ، ڪئشيئر،
ويٽر، سڀ ڪجهه پاڻ ئي پئي لڳو، پُڇي ٿو.
”حيدرآباد مان آيا آهيون اسين....“ عرفان آگاهه ٿو ڪريس. ”مان
ڪراچيءَ ۾ رهيو آهيان....“ هو وراڻي ٿو. ”ٻولي
منهنجي هندڪو آهي، اِن ڪري سنڌي سمجهي وڃان ٿو،
ڳالهائي البته نٿو سگهان.“
”توهان جو نالو؟“ اهو مان ٿو پڇانس.
”منظور بٽ!“ هُو ٻڌائي ٿو.
”بٽ ڇا ڪشمير جو؟“ عرفان پڇيس ٿو.
چيائين: ”جي ها!“
”معنيٰ پرائم منسٽر سان مائٽي ضرور هوندي اوهان جي؟“ مون چيو.
”جي ها بلڪل! هُن سان رشتو پري وڃي جڙي ضرور ٿو. پر اهو رشتو
پري جو ئي آهي.“ منظور وراڻي ٿو.
”ڀلا ناران ڪاغان ۾ سياسي پارٽي ڪهڙي زور؟ جو جهنڊو ته هتي ڪنهن
به پارٽيءَ يا فرقي جو نظر ته اچي ئي ڪونه ٿو مون
کي!“ اِهو به هن کان مان ئي ٿو پڇانس.
چيائين: ”ناران مختلف تڪرارن جي خرافات کان آجو علائقو آهي.
البته اڪثريت هتي حاضر دؤر واري حاڪم جي پارٽيءَ
جي ئي آهي.“
”ڀلا ايم. اين. اي هتي جو ڪير!“ اِهو عرفان ٿو معلوم ڪريس.
”اهو چوڌري يوسف گُجر آهي.“ منظور وراڻيو.
”وزير اعظم ڇا ناران آيو آهي ڪڏهن؟“ منظور کان اِهو مان ٿو
پڇان.
چيائين ”محض ڪڏهن ڪڏهن نه، هو هتي اڪثر ايندو رهندو آهي، ۽ هيٺ
ماٿريءَ ۾ جيڪا ’جامع مسجد‘ تعمير هيٺ ڏٺي هوندوَ،
اها به هن جي ئي ذاتي دلچسپيءَ سان تعمير ٿي رهي
آهي ۽ پورا 19 لک روپيا بجيٽ منظور ڪئي آهي هن ان
مسجد شريف لاءِ...
اڙي هان! 19 لک ڇو؟ ويهه لک ڇو نه؟ مان دل ۾ سوال ڪريان ٿو. پر
منظور بٽ کان پڇان ٻيو ڪجهه ٿو.
چيم: ”هي توهان جو علائقو ته ڪو عجب جهڙو علائقو آهي. ڪاغان کان
ناران ايندي، سڄي رستي ۾ اسان کي نه ڪنهن پير فقير
جي درگاهه نظر آئي، نه ڪنهن رَشي مُنيءَ جو
آستانو، نه وري ڪا ريلوي اسٽيشن، ۽ نه ئي ڪٿي اِها
نڀاڳي ريلوي لائين.... ۽ جي ڀلا اِهو سڀ ڪجهه هتي
ڪونهي ته باقي هتي آهي ڇا؟“
جهٽ چيائين: ”بس هتي صرف غربت آهي. ٻيو ڪجهه به نه! نه ڌنڌو، نه
ڪاروبار... نه مئخانو نه ئي ڪو ڪارخانو... ماڻهو
هتان جا خچر پاليندا آهن ۽ هتان کان سيف الملوڪ
تائين، سياحن کي انهن تي سير ڪرائيندا آهن. ها! ڪن
ڪن سرنديءَ وارن وٽ البته گاين ۽ رڍن جا ڌڻ آهن،
يا ڪنهن ڪزاني ڪنهن وٽ، هتي پهاڙن جي اڀڪپريءَ حصي
سان زمين جا چار چونڪ آهن، جن تي هو مڪئي جي پوک
ڪندا آهن. بس ٻيو الله الله خير سلا....“
”ڀلا هتي جا ماڻهو ڪنهن نشي وشي جا عادي!“
منظور ناڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻي ٿو.
چيائين.... ”يارا! هتي پوڙها پوڙها حقي ۾ تماڪ برابر ڇڪين ٿا،
پر چرس، ڀنگ، آفيم ’نه‘! ناران جا ماڻهو اهڙي ڪنهن
به نشي جا عادي آهن ئي ڪونه.“ |