سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ جولاءِ-ڊسمبر 1998ع

 

صفحو :1

مهراڻ 1998ع (4-3)

ايڊيٽر:نفيس احمد شيخ

گذارش

 

پاڪستاني اديبن ۽ شاعرن جو احتجاج

 

پاڪستاني اديبن ۽ دانشورن اڪيڊمي آف ليٽرس طرفان گذريل 16-نومبر 1998ع تي اسلام آباد ۾ منعقد ڪيل ”وزير اعظم ادبي انعامات تقريب تقسيم“ جي موقعي تي، هڪ ٺهراءُ ذريعي احتجاج ڪيو هو ته پنجابي، پشتو، بلوچي، سنڌي ۽ سرائڪي اديبن ۽ شاعرن کي نظرانداز ڪري، وزير اعظم جا انعام فقط انگريزيءَ ۽ اردوءَ ۾ لکندڙ اديبن ۽ شاعرن کي ڏنا پيا وڃن. اهڙيءَ ريت، ملڪ ۾، هٿ وٺي، لساني نفرت جو ٻج پوکيو پيو وڃي؛ اهو ٺيڪ ڪونهي. انهيءَ احتجاج ۾، پنجابي، پشتو، بلوچي، سنڌي ۽ سرائڪي ٻولين جا ناميارا اديب ۽ شاعر شامل هئا. احتجاج جي ٺهراءَ جو متن سوڀي گيانچنداڻي ۽ غلام رباني آگري پنهنجن ساٿين، حميد سنڌيءَ، جمال رند، تنوير عباسيءَ، جمال ابڙي، نفيس احمد ناشاد ۽ ٻين سان گڏجي تيار ڪيو هو. مدد علي سنڌي، نصير مرزا، اياز گل، ادل سومري، مختيار ملڪ، تاجل بيوس، تاج بلوچ، ولي رام ولڀ، راشد مورائي، بيدل مسرور، غلام نبي مغل، ناز سهتي، عطيه دائود، مظهر لغاري، طارق عالم ۽ ٻين ڪيترن ئي ان جي تائيد ڪئي هئي. هال ۾، چيئرمين جي اڳيان پيش ڪرڻ کان اڳ، بلوچي، پشتو ۽ پنجابي اديبن کان صحيحون، مدد علي سنڌيءَ ورتيون هيون.

اجلاس ۾ اڪيڊميءَ وارن مائيڪ تي ٺهراءُ ته پڙهڻ کان روڪي ڇڏيو، ڇو ته اسٽيج تي اختيار سندن ئي هو، ليڪن، اڪيڊميءَ جي فاضل چيئرمين، جناب نذير ناجيءَ پنهنجي تقرير ۾ اهو اعلان ڪيو ته اسان انهيءَ گُهر تي همدرديءَ سان ويچار ڪنداسين.

اڪيڊمي آف ليٽرس ۽ حڪومت پاڪستان جي وزارت تعليم اڃا تائين پاڪستان جي اديبن جي انهيءَ احتجاج جي جواب ۾ ڪوبه تسلي بخش بيان ڪونه ڏنو آهي. سو، شڪ ۽ شبهي جي فضا ته ائين ئي موجود آهي پر، اڪيڊميءَ، مسئلي جي نزاڪت جي پيش نظر، پنجابي، پشتو، بلوچي، سنڌي ۽ سرائڪي ٻولين ۾ ”اڳوڻا هجري ادبي انعام“ وري ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان تي ڪارروائي به شروع ڪئي آهي۔ اهو سٺو فيصلو آهي. پر، جيسين مکيه مطالبو پورو نه ٿيندو، تيسين ڪنهن کي به اطمينان ڪونه ٿيندو. جناب نذير ناجي هڪ زيرڪ ۽ معامله فهم شخص آهي. هن ايڪيڊميءَ ۾ ڪافي سڌارا آندا آهن ۽ غلط ماڻهن کي هٽايو آهي. اميد ته موصوف هن معاملي کي حل ڪرڻ ۾ به ڪامياب ويندو.

ماءُ! ڏٺم اڄ ماٺ مَڙهين ۾!

گذريل ڪجهه مهينن ۾ سنڌي ادب جي ناميارن لکندڙن _ ظفر حسن، خير النساءِ جعفري، برڪت علي آزاد، قلب علي خواجه، داد سنڌي، ارشاد ساگر ۽ نظام الدين کوسي هيءُ جهان ڇڏيو آهي!

اسان جا مٿيان نيڪ نانءُ ساٿي ڪنهن به رسمي تعارف جا محتاج ڪونه آهن. سندن ادبي خدمتن کي سنڌي ادب ۾ هڪ مستقل حيثيت حاصل آهي. سنڌ جي ادبي حلقن ۾ سندن وڇوڙي کي وڏيءَ اذيت سان محسوس ڪيو پيو وڃي. سندن خدمتن ۽ ڪارنامن تي مهراڻ جي ورندڙ شماري ۾ تفصيل سان مواد ڏيڻ جو پروگرام رٿيو ويو آهي.

اسان هنن سڀني ساٿين جي روحن جي مغفرت لاءِ دُعا گهرندي، سندن پوين سان ڏک ۾ شريڪ آهيون. رب پاڪ مرحومين کي جنت ۾ جايون ڏئي.    ن. ا. ش.

 

سچل جي سنڌ کي دعا

 

جوڙي پکا جُوءِ، اچي ويٺا عمرَ آجڙي،
سدا سنگهارن جي، ٿي مٿي حوضن هُوءِ،
ٿيون گلزاريون گاهن جون، ٻِي خوب کلي خوشبوءِ.
نئين رونق روءِ، ٿيو موٽي مُلڪ ملير جو.

سَدا هون سُکيا، ماروئڙا ملير م،
شل نه ڏينهن ڏکيا، اچن آجڙين تي.

سدا سرهَا هون، ماروئڙا ته ملير ۾،
مٿي پنهنوارن پونِ، مهر جا شل مينهڙا.

ميان ماروئڙن تي، مهران وسن مينهن،
شل نه ڏکيا ڏينهن، اچن آجڙين تي.

سدا سي ساڻيهه ۾، سکيا هُئن سنگهار،
پکي منجهه پنهوار، شل هئن سدائين سَرها.

سائين! سنگهارن جو، رکج پَن پکي،
ڪوئي تانه لکي، هُئن سدائين سَرها.


 

نوڙن ۽ نونڌين، مارو چارنِ مالڙا،
گوڙين ۽ کوندين، سَرها ٿين ساهه ۾.

 

ڀاڳين ڀَرَ لَٿا، ويٺا پانور ڪنڌئين
اُٺا مينهن مَٿا، آجڙين عيدان ڪيون.

 

وري وَسايو، مالڪ ملڪ ملير جو،
سو اڳي کؤن اجرو ٿيو، سائو سَوايو،
آگي اگهايو، ”سچوءَ“ جو سوال ڪيو!

 

سرويچ سجاولي

 

اوچو آفتاب آهيان

 

سراپا احتجاج آهيان، سراسر انقلاب آهيان،
مان پنهنجي سنڌ ڌرتيءَ جي حسابن جو ڪتاب آهيان.
ڪڙهان ٿو قوم ساريءَ لئه، سڙان سانگين سٻاجهن لئه،
وڙهڻ ۾ تنهنجي ويرين سان نه ڏسندو ڏوهه ثواب آهيان.
وجهن جي ونگ وانگين کي،هڻن سنگهر سنگهارن کي،
انهن لچن لٽيرن لئه وڏو جنگي جواب آهيان.
پيو هر سنڌ واسيءَ جي اُکوڙيان ننڊ اکڙين جي،
جو جاڳائي جُڳن تائين، اهو چنگ و رباب آهيان.
وٺڻ لئه حق هر هنڌان، ڀڀڙ ڀونءَ تي پيو ڀڙڪايان،
عداوت سنڌ سان جن جي، انهن جي لئه عذاب آهيان.
جڏهن جنگين جي پِڙ اندر لڳن ٿا گهاو گهوٽن کي،
وهي تن جي جو بُت مان رت، اهو گهرو گلاب آهيان.
 هي منهنجا ليک سڀ آهن لٺيون لوڙهيون ۽ للڪارون،
بُرن بدخواهه ماڻهن لئه بکايل ڄڻ عقاب آهيان.
چيا قومي ڪلام آهن، گڏوگڏ انقلابي پر،
عوامي شاعري اندر مان اوچو آفتاب آهيان.
گهڻا نقل نڪ نرڄا، نسورو ڪن نقل مون تان،
انهن ڪم چور ڪوڙن کي ته ڪندو بي نقاب آهيان.
سهاڳڻ سنڌ جو سوڍو، سَگهو ”سرويچ“ سوڀارو،
نه پيريءَ جو مٿم پاڇو، شباب ئي بس شباب آهيان.
 

وفا پلي

 

ترائيل

 

تون اچڻ کي اچي وئين واپس،
اهڙي آخر اچڻ مان ڇا حاصل،
اجنبي جيان ملڻ مان ڇا حاصل،
تون ملڻ کي ملي وئين واپس،
اهڙي آخر ملڻ مان ڇا حاصل.

 

چند گهڙين سندو ملڻ ڪهڙو،
بيڪسي ۾ وري کلڻ ڪهڙو،
روئي روئي وئين وري واپس،
تون اچڻ کي اچي وئين واپس،
اهڙي آخر اچڻ مان ڇا حاصل.

 

تاج بلوچ

غزل

 

چيٽ چانڊوڪيون سرخرو ٿينديون،
گل پريون جڏهين روبرو ٿينديون.
پوپٽن جي اُڏام تان صدقي،
چاهتون پاڻ جستجو ٿينديون.
عڪس ڊهندا ۽ ٺهندا لفظن جا،
سونهن ۽ مرڪ واهرو ٿينديون.
چند بي ربط وصل جون راتيون،
ورهه منهنجي جي آبرو ٿيندون.
آءُ تنها ۽ دربدر، منظور،
تنهنجون رسوايون چارسو ٿينديون.
تنهنجي چوڙين جون سڏڪندڙ مُرڪون،
منهنجي چاهت جي آرزو ٿينديون.
ڦڪيون چانڊوڪيون، زرد چهرن جون،
”تاج“ ڪڏهين ته ماهرو ٿينديون.

 

تاج جويو

غزل

 

زندگي، رات  _ راڻيءَ جيان ٽڙي پيئي،
چنڊ وانگي اڱڻ يار جي کڙي پيئي.

 

وقت ويڇو وڌو هو وڏو اسان وچ ۾،
اوچتو وصل جي راڳڻي ڇڙي پيئي.

 

مُرڪ مُک تي سجائي ميار نيڻن ۾،
هوءَ آئي ته من جي ڪلي کڙي پيئي.

 

هار ٻانهون ڪري جيئن هُن وڌو ڀاڪر،
زخم ڪُهني جي ڄڻ ڪا ڪڙي مڙي پيئي.

 

دل اَڃا حوصلي ۾ آ، ساٿ ڏي پيئي،
دُک درياهه ۾ هر گهڙيءَ گِهڙي پيئي!

 

ڏات رُسندي به آ، پرچندي به آ پاڻهي،
رات مون سان الائي ته ڇو چڙي پيئي!

 

 

محسن ڪڪڙائي

غزل

 

هُو جڏهن کان جوان ٿي پيو هو،
ڳوٺ ساري جي جان ٿي پيو هو.
هُن ته شوخيءَ منجهان وڌو هو سُونڊ،
پر اسان لئه ته ڪان ٿي پيو هو.
سونهن، مُرڪي کڻي جهڪايو ڪنڌ،
پيار لئه امتحان ٿي پيو هو.
ٻاجهه جو هٿ جڏهن رکيو سڄڻن،
جَڳُ سڄو مهربان ٿي پيو هو.
گهر کان اوطاق جي اڱڻ تائين،
ڪيڏو ننڍڙو جهان ٿي پيو هو.
منهنجي بيحد خلوص تي به پرين،
بارها بدگمان ٿي پيو هو.
نوجوانن جي ميڙ ۾ ’محسن‘،
پاڻ ڀي نوجوان تي پيو هو.

 

احمد خان مدهوش

غزل

 

آ پهتي جڏهن درشن جي هوا،
وئي دور ڀڄي دردن جي هوا.
سيراندي ڏنل هن ٻانهن کان وڌ،
محلن جي نه آ، پينگهن جي هوا.
آ ڏينهن تتو جهڙو وانگي لڳو،
جنهن ويل گهلي زلفن جي هوا.
جنهن وقت لنگهيس مان شهر وٽان،
راحت ٿي ڏني ارستن جي هوا.
ديوار جي ڇان، ڀانيان ٿو ائين،
بلبل کي جيئن گلشن جي هوا.
مدهوش مران ٿو روز مگر،
ٿي ساهه وجهي دامن جي هوا.

 

 

غلام حسين رنگريز

وائي

تنهنجي نيڻ نگر ۾،

ڪائي ڪوتا جاڳي پئي.

بند پيل هن در ۾،

                ڪائي ڪوتا جاڳي پئي.

برسن بوندون بَر ۾،

                ڪائي ڪوتا جاڳي پئي.

سُرهي ساري سَر ۾،

                ڪائي ڪوتا جاڳي پئي.

تنهنجي ڀاڪر ڀر ۾،

                ڪائي ڪوتا جاڳي پئي.

 

اياز گل

غزل

 

توکي رڳو جو ڪورو ڪاڳر لڳي پيو،
مون کي صفا ٿو پنهنجو اندر لڳي پيو.

 

هو جيڪو منهنجي دوست جي ناتي سُڃاپجي،
ڪنهن ڪنهن مهل ٿو هاڻي خنجر لڳي پيو.

 

هو پهريون سال پيار جو گهاري پيو اَڃا،
هر شخص کيس پنهنجو ئي دلبر لڳي پيو.

 

سج وانگي مان انهيءَ ۾ لهان ۽ ٻُڏي وڃان،
تنهنجو وجود مون کي ساگر لڳي پيو.

 

توکان جو ڌار آهي ته ڪيڏو ڀڳل ٽٽل،
هو ڄڻ اجاڙ شهر جو منظر لڳي پيو.

 

هن کي ڇڏي هلي وئي، ڇنڇر جو ڏينهن هو،
هر ڏينهن کيس هاڻي ڇنڇر لڳي پيو.

 

هر ديس سنڌ آهي، سنڌي ٿا سڏن کيس،
پنهنجي ئي گهر ۾ جيڪو بي گهر لڳي پيو.

 

ادل سومرو

وائي

دلين ۾ درد جي گهٽا،

ڳلن جي خُشڪ راهه تي،

اڃا به مينهن ٿو وسي.

ڌار آهيون پاڻ پر،

تنهنجي منهنجي چاهه تي،

اڃا به مينهن ٿو وسي.

پيار جو ٿر آ اُڃايل،

دوريءَ جي درياهه تي،

اڃا به مينهن ٿو وسي.

آهي اُجاڙ زندگي،

پرينءَ جي پر نگاهه تي،

اڃا به مينهن ٿو وسي.

 

احمد سولنگي

گيت

زنجيرون ٿيون ڇڻڪن!

رات ڪٽيائون اوجاڳن ۾،

گهايل قيدي پيڙ پهن ۾،

گهڙيءَ گهڙيءَ ۾، لوهه ڪڙيءَ ۾.

زهر ڏنا زندانن _ زنجيرون ٿيون ڇڻڪن!

 

پير ڪڙيون ۽ سيءُ _ سياڪا،

لوهي سيخون، واءُ _ وراڪا،

چنڊ جهروڪا بند ڪيا، پر،

پوءِ ڀي ٿاڻا ٿڙڪن _ زنجيرون ٿيون ڇڻڪن!

 

تختي ڏي ڪي پير وڌن ٿا،

ڦاسيءَ تي ڪي ڳاٽ لُڏن ٿا،

تارا نڪتل ۽ گهوٽن کي،

ننڊ سمهاريو تختن _ زنجيرون ٿيون ڇڻڪن!

 

بُرج هوا جي سامهون آهن،

هي ديوارون ڇا ٿيون چاهن؟

نيٺ پکي اورانگهي پڃرا،

ويندا ڪي واهيرن _ زنجيرون ٿيون ڇڻڪن!

 

مظهر لغاري

غزل

 

ريشمي هن ڏور کي کولي ڇڏيو،
پنهنجي دل جي چور کي کولي ڇڏيو.
پيو سڙي پڇتاءُ جو قيدي شهر،
هن بُري ڀنڀور کي کولي ڇڏيو
ڇو نٿا ڇوڙي ڇڏيو ڪارا ڪڪر،
هن گهٽا گهنگهور کي کولي ڇڏيو.
موت جي پوري ڇڏيو هن ماٺ کي،
زندگيءَ جي شور کي کولي ڇڏيو.
پيو رسو ماپي اڃا هن جي ڳچي،
هاڻ منهنجي دؤر کي کولي ڇڏيو.

 

 

مولا بخش چانڊيو

نظم

 

مون کان ڪير وٺي سگهندو

تنهنجون نينهن نشانيون سجني!

تنهنجون ساريون مهڪون، منهنجي

ساهن منجهه سمايل آهن.

نينهن نگر جون، ساريون گهٽيون، سارا رستا

تُنهنجا ئي ڏيکاريل آهن

تنهنجي طلب جا تحفا آهن

اشڪ اکين جا سرد شوڪارا

گيت لبن جا هانو هوڪارا

۽ سونهن سندءِ سيکاريو آهي

عشق پراڻو ٿيندو ناهي

جوڀن جوءِ مٽيندو آهي

ناز نئين انداز نئين سان

مون کي روز سڏيندو آهي

نانءُ وٺان مان ڪهڙو ان جو

روشن روشن شمس قمر کان

ڌرتي جهڙو چهرو ان جو

ڦلواڙي جو واس انهي ۾

تنهنجون نينهن نشانيون هاڻي

رچي ٿينديون راس انهي ۾.

 

 سوز هالائي

گيت

مند وري موٽي، لالڻ آ موٽي،

جيءُ نه لڳي جڳ ۾،

روح نه ريجهي لوڪ ۾.

تو بن تنهائين سان جنگ اٿم جوٽي،

لالڻ آ موٽي.

وڇوڙي ميلاپ ۾ آ ڪيڏي وڇوٽي،

لالڻ آ موٽي.

پرين آهي پيار جي ايءَ ڪهڙي ڪسوٽي؟

لالڻ آ موٽي.

واسي ڇڏيم ولهه ۾ چندن سين چوٽي،

لالڻ آ موٽي.

ايءَ جا ريت پريت جي، سا مَ ٿئي کوٽي،

لالڻ آ موٽي.

متان مند ملهار جي، محب وڃي موٽي،

لالڻ آ موٽي.

 

مقصود گل

وائي

 

سمنڊ ڪناري سج لهي ٿو لال شفق جي لالي،

   تنهنجي بات نرالي.

مڱتو موهه مڱڻ لئه آيو، سڪ جو آهه سوالي،

   تنهنجي بات نرالي.

”نازڻ“ من جو نينهن نوايو،برهه بڇي ويس بالي،

   تنهنجي بات نرالي.

توريءَ ڪنهن سان پل نه پرتي ڌاريل دلڙي ڌالي،

   تنهنجي بات نرالي.

چنڊ ستارا جڳ مڳ جهومن، جوتيون جوت جمالي،

   تنهنجي بات نرالي.

تو بن ٽاڪ تتي ٿي پوندي، جهيرڻ مند جهڙالي،

   تنهنجي بات نرالي.

آءُ ته گڏجي گل ورکايون، مرڪي مهڪ مثالي،

   تنهنجي بات نرالي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com