سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 1989ع

 

صفحو :9

ڄام نظام الدين- سنڌ جو مثالي عدل پرور فرمانروا

ڊاڪٽر گل حسن لغاري

سرزمين سنڌ کي اهو فخر حاصل آهي جو هن پنهنجي آغوش ۾ علماءِ و فضلاء، اولياءِ عظام ۽ اعلى ترين حڪمرانن ۽ مدبرن کي جنم ڏنو ۽ اُنهن کي آخري آرامگاهه به عطا ڪيو. جن حڪمرانن، پنهنجي ڏاڍ ۽ ظلم سان، هتي جي عوام کي ڪُچليو، ملڪ بدر ڪيو ۽ جام شهادت تائين پهچايائون، تن کي اڄ به حقارت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو؛ ان جي مقابلي ۾ جن حڪمرانن، سنڌ جي امن و سلامتي، خوشحالي ۽ عوام جي بهبودي ۽ بهتري لاءِ پاڻ پتوڙيو، تن جي نيڪ ڪارنامن سان تاريخ جا ورق ڀريل آهن ۽ اُنهن مان ڄام نظام الدين سمو به هڪ هو، جيڪو سما خاندان جي آخري فرمانروائن مان هو ۽ انهيءَ دور جي وسيع، خوشحال آزاد سنڌ جو مقامي ۽ آخري حڪمران هو (1) ڄام سنجر جي وفات کانپوءِ، 25 ربيع الاول 866 هه (1461ع) تي تخت نشين ٿيو ۽ 914 هه (9-1508ع) تائين، نه صرف سنڌ جو فرمانروا هو، پر پنهنجي عدل پروري جي ڪري عوام جي دلين تي به حڪمراني ڪندو رهيو. سنڌ جو عوام کيس تمام گهڻو پسند ڪندو هو ۽ انهيءَ محبت جي ڪري پيار وچان کيس ”ڄام نندو“ جي نالي سان سڏيندا هئا.

چيو وڃي ٿو ته شروع ۾ ڄام نظام الدين علم جي طلب ۾، مدرسن ۽ خانقاهن ۾ گذاريندو هو ۽ نهايت نهٺو، خليق، وڻندڙ صفتن ۽ سهڻن اخلاقن جو صاحب هو. ڪمال درجي جي زهد و عبادت ڪندڙ هو.

تخت نشين ٿيڻ سان وڏو لشڪر وٺي بکر ۾ آيو ۽ هڪ سال کن اُتي رهي، ڦورن جون پاڙون پٽي ڇڏيائين ۽ هر قسم جو ذخيرو وڏي انداز ۾ بکر جي قلعي ۾ رکيائين. ”دلشاد“ نالي هڪڙو سندس گهر ڄائو نوڪر هو ۽ مدرسن ۾ سندس خدمت ڪندو هو، تنهن کي بکر ۾ مقرر ڪيائين. سنڌ جي سرحدن ۽ اُن جي پسگردائيءَ جو اهڙو ته انتظام رکيائين، جو ماڻهو بغير ڊپ جي، آرام سان رستن تان آمد رفت ڪندا هئا. اُتان دلجاءِ ڪري (2)، هڪ سال کان پوءِ موٽي اچي 48 سال ٺٽي ۾ عزت ۽ شان، وقار ۽ عدل سان حڪومت ڪيائين.

ڄام نظام الدين، ملتان جي حاڪم سلطان حسين لانگاهه جو همعصر هو ۽ سندن وچ ۾ دوستي ۽ محبت جو سلسلو قائم هو ۽ هڪ ٻئي ڏانهن هميشــﮧ تحفا ۽ سوکڙيون موڪليندا هئا.

ڄام نظام الدين هر هفتي، پنهنجي گهوڙن جي ڪڙهه ۾ ويندو هو ۽ گهوڙن جي پٺيءَ تي هٿ ڦيري چوندو هو ته: ”اي بختاورؤ، جهاد کانسواءِ، توهان تي سواري ڪرڻ نٿو چاهيان، ڇاڪاڻ ته چئني سرحدن تي اسلامي حاڪم آهن. دعا ڪريو ته شرعي سبب کانسواءِ ڪٿي به نه وڃان ۽ نه وري ٻيو ڪو هتي اچي. متان مسلمان جو خون بيگناهه وهي ۽ آئون الله تعالى وٽ شرمندو ٿيان! (3)“

هن جي دور حڪومت ۾ سنت نبوي جي پوري پيروي ٿيندي هئي، ڇو ته هو خود نيڪ ڪردار، نيڪ گفتار ۽ نيڪ پندار حڪمران هو. منتظم ۽ خوش اخلاق شخصيت رکندڙ هو. سرزمين سنڌ جي باشندن لاءِ هن جي حڪمراني باعث رحمت هئي. مُلڪ امن و امان ۽ خير و برڪت سان مالامال هو. سنڌ جو عوام، سندس فرمانروائيءَ ۾ سکيو ۽ سهنجو هو. ديني ۽ دنيوي لحاظ کان، سنڌ جي عوام ۾ ڪنهن به قسم جو تعصب يا رياڪاري نه هئي. مدرسا ۽ خانقاهون آباد هيون. رعيت، امير توڙي غريب، سڀ خوشحال هئا. جيستائين ڄام نظام الدين زنده هو، تيستائين ڪنهن به غير سنڌ ڏانهن نظر بد کڻڻ جي همت نه ڪئي.

ڄام نظام الدين جي حڪومت جي زماني ۾ عالمن، صالحن ۽ فقيرن جي ڏاڍي عزت هوندي هئي ۽ اُنهن آرام سان وقت پئي گذاريو. خود سلطان وقت جي عالمن سان گهڻو وقت علمي بحث و مباحثي ۾ گذاريندو هو. سندس دور ۾ ڪيترائي ٻاهريان عالم خراسان (ايران) ۽ ماوراءِ النهر کان سنڌ پهتا، جن جي لاءِ هن ٺٽي ۾ جدا محلا ۽ حويليون مخصوص ڪري ڇڏيون هيون. اهو دور وچ ايشيا ۾ سخت بدامني جو دور هو.

علامـﮧ جلال الدين دواني (المتوفي (908 هه)، شيراز کان سنڌ ۾ اچڻ لاءِ تيار ٿيو ۽ کيس اچڻ جو خرچ به موڪليو ويو، پر خرچ پهچڻ کان اڳ ۾ ئي علامه وفات ڪري ويو (4) سندس ٻه جَيّد شاگرد، مير شمس ۽ مير معين ٺٽي ۾ اچي رهيا، جن جي لاءِ سلطان لائق حويليون مقرر ڪري، گذران جو اسباب تيار ڪيو (5).

مولانا عبدالعزيز ابهري  ۽ سندس پٽ مولانا اثير الدين پنهنجي سموري ڪٽنب سميت ٺٽي آيا ۽ هتي ديني علم جي تبيلغ ۽ اشاعت لاءِ مدرسو چالو ڪيائون، جنهن مان ڪيترائي عالم ۽ فاضل پيدا ٿيا.

اهڙيءَ ريت، هن ديندار ۽ عدل پرور فرمانروا، ٻاهرين عالمن جي سرپرستي ڪري، سنڌ کي ديني ۽ علمي فيض پهچايو.

ڄام نظام الدين جي تقوى ۽ پرهيزگاري متعلق ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ روايتون ملن ٿيون. چيو وڃي ٿو ته قاضي عبدالله جي جنازي نماز به هن سلطان پڙهائي؛ ڇو ته پاڻ هميشـﮧ باوضو رهندو هو ۽ ڪنهن جي به اوگهڙ نه ڏٺي هئائين. ٺٽي جي ٻين ڪيترن ئي عالمن، فقيرن ۽ درويشن ۽ صوفي بزرگن جي موجودگيءَ جي باوجود، اِها خصوصيت صرف ”سنڌ جي سلطان“ ۾ هئي. انهيءَ کان علاوه ٻي روايت موجب، پير (6) مراد شيرازيءَ جي جنازي نماز به ”ڄام ننده“ پڙهائي. سندس سيرت ۽ ڪردار جي تعريف، سڀني مؤرخن ڪئي آهي ۽ ماثر رحيمي جو مؤلف مُلا عبدالباقي نهاوندي (7) لکي ٿو:

”سنڌ ته ڇا پر سموري هندوستان ۾ سندس فضيلت ۽ تقوى جهڙو ٻيو ڪوبه بادشاهه نه هو.“

مير معصوم (8) لکي ٿو ته:”هن جي بادشاهيءَ ۾ سنت نبوي صه جي اشاعت ۽ پيروي ايتري قدر ٿي ويئي جو اُن جو تصور ئي ڪري نٿو سگهجي. مسجدن ۾ جماعت سان نماز پڙهڻ جو دستور اهڙو ته رائج ٿي ويو هو، جو ننڍا خواه وڏا اڪيلي نماز پڙهڻ پسند نه ڪندا هئا.“

ساڳيءَ ريت ”ماثر رحيمي (9)“ جو مصنف لکي ٿو ته:

”سنت نبوي جي پيروي ۽ مدرسن جو رواج سنڌ ۾ اهڙي ته نموني سان مقرر ٿي چڪو هو، جو قلم جي زبان، اُن جي بيان ڪرڻ کان عاجز آهي.“

مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي، تحفة الڪرام (10) ۾ لکي ٿو:

”سندس زماني ۾ علماءِ، سادات، شرفاء، عوام الناس امن و آسائش ۾ هئا. سنت نبوي صه جو پرچار ايتري قدر ته عام هو، جو ڪوبه شخص بغير صوم و صلواة جي نه هو.“

ماثر رحيمي (11) جي مصنف وڌيڪ اهو به لکيو آهي ته:

”هن جي دور حڪومت ۾ عالم، صالح، بزرگ ۽ فقير سڀ خوش و خرم ۽ رعيت خواه سپاهي فارغ البال ۽ آسوده حال هئا.

”ڄام ننده“ جي دور جي خوشحالي، امن و آشتي ۽ فارغ البالي، سندس پرهيزگاري، تقوى ۽ عدل پروري جي پوري ريت نشاندهي ڪري ٿي. خود سندس هڪ فارسي رباعي (12) مان معلوم ٿئي ٿو ته هو سهڻي سيرت ۽ اعلى ڪردار جو مالڪ هو، ۽ خوفِ خدا رکندڙ حڪمران هو:

اي آنکه ترا نظام الدين ميخوانند

تو مفتخري که، مرا چنين ميخوانند!

گر در رهِ دين از تو، خطائي اُفتد

شک نيست که کافر لعين ميخوانند.

(تون اهو آهين جو توکي نظام دين چون ٿا. توکي فخر آهي ته مون کي اهڙي نموني سان سڏين ٿا. پر جيڪڏهن دين جي رستي ۾ توکان ڪوبه ڏوهه ٿي پيو ته توکي بيشڪ ڪافر ۽ لعنتي جي نالي سان ياد ڪندا.)

ڄام نظام الدين جي دور حڪومت (866 هه-914هه) ۾ سندس پاڙيسري سڀيئي حڪمران به نامور ۽ حشمت وارا هئا. اهڙو حسنِ اتفاق، تاريخي لحاظ کان يگانو ۽ غير معمولي آهي. سيد حسام الدين راشدي، ”مڪلي نامـﮧ“ (13) جي حواشي ۾ انهيءَ حقيقت جو واضح طور بيان ڪندي لکي ٿو ته:

”گجرات، پاڙو پاڙي سان هئي. سنڌ ۽ گجرات وارن جي مٽي مائٽي به هئي، علاوه ازين ثقافتي تعلقات به ڏاڍا ڳوڙها هئا. اتي سلطان محمود بيگڙي جهڙو ناميارو بادشاهه (863هه-917 هه) حڪومت ڪري رهيو هو. مانڊوءَ ۾ غياث الدين بن محمود خلجي حڪمران هو. سلطان محمود بهمني، (887هه-924هه) دکن جو بادشاهه هو اهڙيءَ طرح هڪ طرف هندستان ۾ اهي عظيم الشان بادشاهه سير آرائي سلطنت هئا ۽ ٻئي طرف سنڌ جي ٻئي همسائي ملڪ خراسان تي شاهه حسين بايقرا (863هه-912هه) جي حڪومت هئي.

ڄام نظام الدين پنهنجي حڪومت هلائڻ لاءِ به جن ماڻهن جو انتخاب ڪيو، سو سندس فهم و فراست ۽ عقلمنديءَ جو ثبوت آهي. دريا خان، جنهن جو اصل نالو ”قبوليو“ هو، سو ڄام نظام الدين جي ديوان ”لکمير“ جو شروع ۾ نوڪر هو. سندس صلاحيتن ۽ ڪارڪردگي جي جوهر کي ڏسي، بادشاهه کيس پاڻ وٽ رکيو ۽ سندس تربيت ۽ پرورش ڪري، معمولي عهدي سان اضافو ڏيئي، وزيراعظم مقرر ڪيو ۽ سنڌ جي فوجن جي سپهه سالاري به سندس حوالي ڪئي. آخرڪار کيس ”مبارڪ خان“ ۽ ”خان اعظم“ جي خاص خطابن سان نوازيو.

دريا خان، سنڌ ۾ ڌارين مغلن کي ٽوٽا چٻائي ڇڏيا ۽ ٻارهن سال لڳاتار وڙهندو رهيو ۽ مغلن کي ٺٽي ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنائين. هن سنڌ کي هر طرح سان مضبوط ۽ اهڙو ته طاقتور بنايو جو چيو وڃي ٿو ته: ”اهڙو زمانو، سنڌ نه پهريون ڏٺو ۽ نه پوءِ“ (14).

دريا خان دولهه، شاهه بيگ ارغون سان مقابلو ڪندي، سن 926 هه/20-1519ع ۾ پنهنجي وطن تي سر ڏيئي سرهو ٿيو، ۽ سندس شهادت کان پوءِ، سنڌ غيرن جي ور چڙهي ويئي.

ڄام نظام الدين سنه 923هه/18-1517ع جي آخر ۾ وفات ڪئي. سندس وفات کان پوءِ پٽس ڄام فيروز ۽ ڄام صلاح الدين جي درميان، تخت نشينيءَ جي لاءِ ڇڪتاڻ وڌي ويئي ۽ ان جو نتيجو اهو نڪتو جو سن 914هه کان سن 927هه تائين، سنڌ تي غيرن جا حملا شروع ٿي ويا. ڄام صلاح الدين گجرات کان فوج ڪشي ٿي ڪئي ته وري ڪڏهن سبي ۽ قنڌار کان ڄام فيروز ارغونن کي ساڻ ڪري، وڏي ڪٽڪ سان اچي ڪڙڪيو. انهيءَ خانه جنگيءَ جي ڪري، ارغونن سڀ کان پهرين، ڄام صلاح الدين کي ختم ڪيو ۽ ان بعد، ڄام فيروز کي نيست و نابود ڪري ڇڏيو ۽ اهڙيءَ ريت ڌاريان هميشـﮧ لاءِ سنڌ مٿان مڙهجي ويا!

سنڌ ملڪ غيرن جي غلاميءَ ۾ اچي ويو. عام ماڻهن کي بنان ڪنهن سبب ۽ ڏوهه جي سزائون ۽ مصيبتون ڀوڳڻيون پيون. انهيءَ اندوهناڪ واقعي تي مؤرخن ڄام فيروز کي ”فيروز ناپيروز“ (15) جي نالي سان ياد ڪيو آهي.

سنڌ ۽ سنڌين جي انهيءَ بدبختيءَ جي متعلق، ”ظفرالواله“ جو مصنف افسوس ڪندي لکي ٿو، جيڪو ”مڪلي نامه“ جي حواشي ۾ سيد حسام الدين راشدي هن ريت ڄاڻايو آهي:

”سنڌ، سنڌين هٿان نڪري ويئي. هو مغلن جي رعيت بڻجي، شاهه مير (شاهه بيگ) جي دؤر کان وٺي، جاني بيگ جي عهد تائين، زماني جي پيڙا ۾ مبتلا رهيا. درحقيقت زماني جي چڪيءَ ۾، سنڌ ۽ سنڌي، جاني بيگ جي دور تائين (1000هه) نه بلڪ ان کان پوءِ به ڏيڍ صديءَ تائين پيڙبا ۽ پيسجندا رهيا.“

هڪ ئي خاندان جي ٻن فردن جي ذاتي رنجشن ۽ تخت و تاج جي حصول لاءِ ڪشمڪش ۽ تنگدليءَ جي نتيجي ۾، ڌارين پنهنجو مقصد حاصل ڪيو ۽ سموري ملڪ کي هميشـﮧ لاءِ غيرن جي حوالي ڪري ڇڏيو. سنڌ جي عوام لاءِ، ڌارين جي ظلم، بيجا روش ۽ ڏاڍاين خلاف ڪابه طاقت ۽ همت باقي نه رهي، سواءِ هن جي ته:

يا ربّ تو زمانه را دليلي بفرست

نمرو دانرا پشه چو پيلي بفرست

فرعون صفتان همه زبردست شدند

موسى و عصا ورود نيلي بفرست

(اي پروردگار! تون زماني ڏانهن ڪو دليل ۽ حجت رواني ڪر. فرعون صفت رکندڙ، سڀيئي ڏاڍا ٿي ويا آهن. حضرت موسى عليـﮧ السلام ۽ سندس لٺ ۽ نيل ندي پيدا ڪر ته انهن کي غرق ڪري!)

ماخذ

(1) مير معصوم: تاريخ معصومي (فارسي) ص 37.

(2) ايضاً.

(3) ايضاً ص 73-74.

(4) ماثر رحيمي: ج 2 ص 274- ”مڪلي نامه“ ص 95، حواشي سيد حسام الدين راشدي.

(5) معصومي: ص 75.

(6) مير ”قانع“: تحفة الڪرام (فارسي) ص 105-106.

(7) درميانِ سلاطين سنده چه؟ که درميان سلاطينِ هندوستان بفضيلت و حالت از نبود. (ماثر رحيمي: ج 2 ص 223)- حواشي ”مڪلي نامه“ ص 93.

(8) معصومي: ص 75.

(9) آحياي سنن و رواج مدارس بنوعي در سند مقرر بود که زبانِ قلم از تحرير آن عاجز است. (”ماثر رحيمي“: ايضاً).

(10)... در زمالش علما و سادات وصلحا و عموم خلق الله برفاهيت کُلي، گذراينده“ احياي سنن بنوعي شيوع يافت که احدي بدونِ صوم و صلواة نبودي. (تحفة الڪرام- ص 105).

(11) ماثر رحيمي: ج 2، ص 273.

(12) مير ”قانع“: ”مقالات الشعرا“ ص 816.

(13) ”مڪلي نامه“، حواشي ص 98.

(14) ايضاً ص 101.

(15) ايضاً ص 89.

(16) ايضاً ص 90.

تفسير احسن القصص

(ڪلهوڙا دور جو ناياب تفسير)

عبدالرزاق گهانگهرو

ڪلهوڙن حاڪمن جو دور سنه 1006هه/1592ع کان 1197هه/ 1783ع تائين سنڌ جي تاريخ ۾ علمي ۽ ادبي لحاظ کان سواءِ مذهبي نقطه نگاهه کان پڻ نهايت ئي اهم دور ٿي گذريو آهي. هي دور مذهبي، تبليغي ۽ اشاعتي لحاظ کان درخشان دور هو. عربي ۽ فارسي جو عروج هو. تصنيف ۽ تاليف، درس ۽ تدريس جو سمورو ڪم عالم عربي ۽ فارسي ۾ ڪندا هئا. هن دور ۾ سنڌ جي ننڍن ۽ وڏن شهرن، ڳوٺن ۽ بستين ۾ مدرسا ۽ مڪتب قائم هئا (1).

سنڌ جي تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪلهوڙن جي دور حڪومت کان اڳ ۾ ئي ٺٽو علمي  ۽ سياسي لحاظ کان مشهور شهر هو ۽ صدين کان وٺي تهذيب، تمدن، صنعت، حرفت، تجارت ۽ تعليم جو اهم مرڪز هو. هيملٽن جڏهن سنڌ ۾ آيو هو، ان زماني ۾ ٺٽي ۾ چار سؤ مدرسا قائم هئا (2). اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ بکر، روهڙي، سيوهڻ، بوبڪ، هالا، نصرپور، اگهم ڪوٽ، بلڙي، ڀاڻوٺ، هنڱورجا، درٻيلو، انڙپور، شڪارپور، پريالوءِ، ڪاهان ۽ سن وغيره علم ۽ عرفان جا مرڪز هئا ۽ مدرسن ۽ مڪتبن سان ڀريل هئا (3). انهن بيان ڪيل مدرسن ۽ مڪتبن ۾ مسلمانن جي ٻارن سان گڏ هندن جا ٻار به مسلمان آخوندن وٽ تعليم حاصل ڪندا هئا (4).

ڪلهوڙن جي دور ۾ ٺٽي جي علمي طبقي ۾ هڪ نئين تحريڪ پيدا ٿي، جنهن جو مقصد هو ته عربي ۽ فارسي ٻولين جي بدران اسلامي علمن جو درس مادري زبان ”سنڌي“ ۾ ڏنو وڃي. انهيءَ تحريڪ جا مکيه ٻه سبب هئا: پهريون سنڌ اندر صوفين طريقت جي صاحبن ۽ مشائخن جي اثر هيٺ ڪيترن غير مسلمن اسلام اختيار ڪيو هو. سنه 561هه/1165ع ۾ حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني وصال فرمايو. هن پنهنجي پٽ سيد تاج الدين کي اها هدايت ڪئي ته هو برصغير پاڪ و هند ۾ اسلام جي تبليغ ڪري. سيد تاج الدين کان پنج پيڙهيون پوءِ سيد يوسف الدين قادري سنڌ جي گادي واري هنڌ ٺٽي ۾ آيو هو. غالباً اهو سمن جو دور هو (5). اهڙيءَ طرح سمن جي دور کان وٺي سنڌ جا ڪيترا لوهاڻا هندو ڦري مسلمان ميمڻ ٿيا. انهن نون مسلمانن جو تعداد اڳتي هلي سترهين صدي عيسويءَ ۾ وڌي ويو. اهو ئي سبب هو جو ٺٽي جي عالمن انهيءَ ڳالهه کي محسوس ڪيو ته مذهبي تعليم مادري زبان ”سنڌي ۾ ڏني وڃي. (6) ٻيو سبب هي هو ته نون مسلمانن لاءِ اسلام جا فقهي مسئلا عربي ۽ فارسي ۾ سمجهڻ ڏکيا پئي لڳا. ساڳئي وقت هو قرآن پاڪ جي مطلب ۽ مقصد کان به واقف نه ٿي رهيا هئا. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح پنهنجي مشهور تصنيف ”تفسير هاشمي“ جي ديباچي ۾ انهيءَ ڳالهه جي صاف وضاحت ڪئي آهي ته ”سنڌ جي ماڻهن کي عربي جو مطلب سمجهه ۾ نه ٿو اچي، انهيءَ ڪري قرآن پاڪ جو ترجمو ۽ تفسير سندن مادري زبان سنڌي ۾ ڪيو وڃي ٿو“ (7). هونئن به ٻولي جي ماهرن جو چوڻ آهي ته انسان کي پنهنجي مادري زبان ۾ ڏنل تعليم زياده مؤثر ثابت ٿئي ٿي. ٺٽي ۾ انهيءَ تحريڪ جو باني مخدوم ابوالحسن ٺٽوي هو، جنهن سنه 1112هه/1700ع ۾ نئين الف بي ايجاد ڪري عالمن لاءِ راهه هموار ڪئي (8). جڏهن مخدوم ابوالحسن جي ايجاد ڪيل سنڌي سموري سنڌ ۾ مروج ٿي، تڏهن سنڌ جي سڀني عالمن سنڌي ۾ لکڻ شروع ڪيو. انهن عالمن جي سنڌين کي سندن نالن جي پويان سنڌي سڏيو ويو (9).

اسان وٽ هن وقت تائين جيڪو به اوائلي دور جو ديني ادب سنڌي ٻولي ۾ دستياب ٿي سگهيو آهي، سو سڀ اڪثر ڪري ڪلهوڙن جي دور سان تعلق رکي ٿو. علمي ۽ ادبي لحاظ کان انهن جو سلسلو مخدوم ابوالحسن رح جي مروج سنڌي رسم الخط سان ملي ٿو. ڪلهوڙا دور جي ديني ادب جي مطالعي ڪندي معلوم ٿئي ٿو ته هن دور ۾ ٻين ديني علمن سان گڏوگڏ قرآن پاڪ جي ترجمي ۽ تفسير جي سلسلي ۾ پڻ ڪافي ڪم ٿيو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح پهريون سنڌي عالم نظر اچي ٿو، جنهن سڀ کان پهريائين قرآن پاڪ جي آخري پاري جو ترجمو ۽ تفسير سنه 1162هه/1728ع ۾ لکيو. ان جي مقبوليت ڏسي ان دور جي ٻين سنڌي عالمن ۾ به قرآن پاڪ کي پنهنجي مادري زبان ۾ ترجمي ۽ تفسير ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو (10) مخدوم محمد هاشم ٺٽوي کان پوءِ مخدوم عبدالله نرئي وارو به ٺٽي جو هڪ بلند مرتبي وارو عالم ۽ بزرگ ٿي گذريو آهي، جنهن پڻ قرآن پاڪ جي ”سورة يوسف“ جو ترجمو ۽ تفسير لکيو آهي، جنهن جو اسان هتي علمي ۽ ادبي لحاظ کان جائزو پيش ڪريون ٿا.

مخدوم عبدالله جو ”سورة يوسف“ جو هي سنڌي زبان ۾ ڪيل ترجمو ۽ تفسير ڪلهوڙن حاڪمن جي دور جي ڪلاسيڪي سنڌي جي هڪ ناياب تصنيف آهي. هي تفسير مخدوم ابوالحسن ٺٽوي جي مروج سنڌي صورتخطي ۾ ڪيو ويو آهي. هن وقت تائين هن تفسير جي باري ۾ مختلف عالمن جون صرف روايتون ۽ لکيتون پئي مليون آهن ته ڪلهوڙن جي دور ۾ مخدوم عبدالله نالي هڪ سنڌي بزرگ ”سورة يوسف“ جو سنڌي ۾ ترجمو ۽ تفسير لکيو آهي. خود مصنف جي نالي ”عبدالله“ جي باري ۾ پڻ عالمن ۽ مؤرخن مغالطي کان ڪم پئي ورتو آهي (11) مگر اصل قلمي نسخي تائين رسائي ڪنهن به محقق ۽ عالم جي نه ٿي سگهي آهي. انهيءَ  ڏس ۾ سڀ کان پهريائين هڪ مستشرق سر رچرڊ برٽن پنهنجي تصنيف ”سنڌ ۽ سنڌو ماٿر ۾ وسندڙ قومون“ ۾ ان جي نشاندهي ڪئي آهي، مگر برٽن صاحب مخدوم عبدالله جي تصنيفات جي فهرست ۾ هن تفسير جو نالو ”قصص الانبيا“ ڪري ڄاڻايو آهي (12) انهيءَ ساڳيءَ ڳالهه کي مرحوم محمد صديق ميمڻ پڻ ”سنڌي ادب جي تاريخ“ ۾ ورجايو آهي. مرحوم محمد صديق ان جي نالي وغيره جي باري ۾ ڪجهه به نه لکيو آهي (13) ان کان علاوه مرحوم  حسام الدين راشدي صاحب پنهنجي ڪتاب ”سنڌي اديب“ ۾ هن تفسير جو نالو ”قصص النبيا“ ڄاڻايو آهي ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي هن تفسير جو نالو ”سورة يوسف“ بيان ڪيو آهي (15) اهو سلسلو سر رچرڊ برٽن ۽ محمد صديق ميمڻ جي تقليد ٿي سگهي ٿو. انهيءَ جو ڪارڻ صرف اهو ٿي

سگهي ٿو ته انهن مٿين عالمن ”سوره يوسف“ جي انهيءَ تفسير جي اصل نسخي کي ڏٺو ئي ڪونه هو، ۽ صرف روايتن جي بنياد تي انهيءَ تفسير جي نشاندهي ڪئي آهي. ليڪن هن تفسير جي اصل نسخي هٿ اچڻ کان پوءِ هن تفسير جو اهو نالو بالڪل غلط سمجهڻ گهرجي (16).

تفسير احسن القصص جي هڪ صفحي جو عڪس، جنهن ۾ تصنيف جي سال ۽ ان جي نالي کي ڄاڻايو ويو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com