سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 1989ع

 

صفحو :24

پنهنجو هي تاريخ ساز ڪتاب اياز صاحب اسان جي ڀيڻ ۽ سڀ کان منفرد ۽ مقبول ليکڪا محترمـﮧ ماهتاب محبوب جي نالي ارپي، هن ڄڻ هي پنهنجون ساروڻيون ”سنڌ“ کي ارپيون آهن. (ڀيڻ ماهتاب کي موهن ڪلپنا ”سنڌ“ سڏيو آهي.)

اياز صاحب جي هن خوبصورت نثري تخليق جو ملهه صرف 45 رپيا آهي ۽ حيدرآباد جي مشهور اشاعتي اداري نيو فيلڊس پبليڪيشن ان کي دلڪش انداز ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو آهي.

- نصير مرزا

پهچ

1- سچل سرمست (انگريزي)          - تنوير عباسي

2- حڪيم فتح محمد سيوهاڻي      -آپا شمس وسطڙو

 جون ادبي ۽ علمي خدمتون

3- جيون جا نه وسندڙ لمحا            - شعبان وسطڙو

(سنڌ جي سمورن ناشرن، علمي ادارن، اديبن ۽ شاعرن کي گذارش آهي ته پنهنجا ڪتاب موڪليندا، ته مهراڻ ۾ انهن تي تبصرو ڪيو ويندو. -ادارو)

پڙهندڙن جا پيغام

مهراڻ جي جنوري- مارچ 1989ع واري پرچي پري کان ئي نوانِ ۽ سَرهائيءَ جو ڏِکُ ڏنو. ٽائيٽل تي بهار جي بسنتي بوءِ سان پيو بکي ۽ جرڪي. پنهنجي ملڪ ۾ وَرِهين جي ڊگهي عرصي ۽ خزان جي خبيث دؤر ختم ٿيڻ شرط ۽ جمهوريت جي سرهي سرهي هير هلڻ سان گڏوگڏ ائين محسوس ٿيو ڄڻ مهراڻ ۾ به نئين موج نمودار ٿي آهي، جيڪا ڪناري تائين ايندي ايندي، ڳوليندڙن جا کوڙ هيرا موتي کين آڻي ڏيندي، جن جو ملهه مهانگو هوندو.

اڳ هر پرچي جو ٽائيٽل ڪور، ٿوري گهڻي ڦير ڦار سان ذري گهٽ ساڳيو هوندو هو؛ نه ڪا جدت، نه ڪا ڊيزائن، نه ڪا فنڪارانه ڪاوش، بس جهڙو آيو سو اگهيو. ٽائيٽل ڪور جي يڪسانيت پرچي جي ڪشش کي گهڻو گهٽائي ڇڏيو هو. هڪ ايڊيٽر جي حيثيت سان ۽ پرٽنگ جي جديد ترين تقاضائن کان پوريءَ طرح واقفيت رکڻ جي ناتي سان، اوهان اها ڳالهه ضرور مڃيندا ته اڄڪلهه چٽاڀيٽيءَ واري دور ۾ ڪتاب وٺڻ وقت جيڪا ڳالهه ڪتاب پڙهڻ کان به اڳ خريدار کي متاثر ڪري ٿي، سا آهي ٽائيٽل ڪور جي ظاهري ڪشش. هن دفعي پهريون ڀيرو ٽائيٽل ڪور سادو ئي سهي، پر پوءِ به نئون نڪور لڳو ۽ ڏاڍو وڻيو.

مهراڻ جو مطالعو ڪرڻ سان دستوري طرح اندريون مواد به معياري پر هن دفعي ڪجهه وڌيڪ سرس ۽ سوايو نظر آيو. انهن سڀني ڳالهين جي يڪجا هجڻ مان واضح ٿيو ته قبله مخدوم محمد زمان صاحب ”طالب المولى“ جن جهڙي ادب پرور، بلند پايه شاعر ۽ هر دلعزيز شخصيت جي طرفان بورڊ جي چيئرمن ٿيڻ کان پوءِ مهراڻ جي پهرئين پرچي ۾ ئي جيڪي خوشگوار تبديليون آيون آهن، ان لاءِ مان خلوصِ دل سان سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمن قبله طالب المولى سائين جن کي، بورڊ جي سيڪريٽري محترم حبيب الله صديقي صاحب ۽ مهراڻ جي ايڊيٽر برادرم نفيس احمد ناشاد توڙي بورڊ جي سڀني ڪارڪنن کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيان ٿو، ۽ يقين اٿم ته قبله مخدوم صاحب جن جي سربراهيءَ ۾ بورڊ جي ڪارڪردگيءَ ۾ اميد افزا واڌارو ايندو ۽ مهراڻ جو پرچو پنهنجي پڙهندڙن ۾ اڃا به وڌيڪ مقبول ٿيندو.

هڪ سال کن اڳ جڏهن محترم حبيب الله صديقي صاحب، سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري جي عهدي جي چارج ورتي ته ڄڻ اداري جي مُرده جسم ۾ ٻيهر ساهه پئجي ويو ۽ هاڻي قبله مخدوم صاحب جن جي ادب نوازي ۽ علم پروري جي وصفن کي ڏسندي مون کي ڪامل يقين آهي ته سندن نگراني ۾ اوهان وڌيڪ معياري ادب، اعلى قدرن جي شاعري، اُتم درجي جا افسانا، نواڻ سان ڀرپور ناول نگاريءَ جا نمونا، خالص تحقيقي مقالا ۽ ٻين انيڪ ادبي صنفن سان مهراڻ جي صفحن کي سينگاري سنواري، مهربان پڙهندڙن جي ذوق، تجسس ۽ سندن تعداد ۾ اضافو ڪندا.

آخر ۾ هڪ مشورو ڏيندس ته پنهنجي پوري خلوص ۽ نيڪ نيتيءَ سان جديد توڙي قديم طرز جو ادب، جنهن کي نئين فيشن ۾ رجعت پسند ۽ ترقي پسند ادب ڪوٺين ٿا، سڀني کي نمائندگي ڏيڻ جي روايت کي قائم رکندا ايندا، جيئن مهراڻ تي ڪڏهن به هڪ هٽي قائم ڪرڻ جو ليبل نه لڳي. ادب ۾، اڄڪلهه نوَنَ محاورن ۽ اصطلاحن سان ڪيترائي فيشني نالا نڪري پيا آهن، اوهان انهن جي چڪر ۾ هرگز نه اچجو ۽ پوري نيڪ نيتيءَ سان ادب جي ڀرپور خدمت ڪندا رهجو. اُميد ته اوهان ڪامياب ۽ ڪامران رهندا.

- عنايت بلوچ

گهڻي وقت کان پوءِ ]مهراڻ 4/1988ع[ ۾ هڪ سٺو ايڊيٽوريل پڙهڻ لاءِ مليو. اوهان وقت صحيح تي صحيح گهرجن جي گهُر ڪئي آهي. ڪيترين ضروري گهُرن ڏانهن منهنجو به خيال نه هو. موجوده حڪومت کي گهرجي ته ماضيءَ ۾ سندن حڪومت يا کانئن پوءِ آيل حڪومت جيڪي غلطيون ڪيون آهن، خاص ڪري سنڌي ادب سان جيڪي ناانصافيون ٿيون آهن، انهن کي دهرايو نه وڃي.

اوهان مان اميد آهي ته اڳتي به اهڙين ڪارائتين ڳالهين ڏانهن حڪومت ۽ پڙهندڙن جو ڌيان ڇڪائيندا رهندا.

- طارق اشرف

اوهان جو خط پهتل آهي ۽ رسالو به مليو آهي. مصروفيت جي ڪري جواب ڏيڻ ۾ دير ٿي آهي. رسالو گهڻي قدر پڙهيو اٿم. اوهان جي محنتن کي ساراهڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي. رسالو مواد توڙي ڇپائي ۽ گيٽ- اپ جي لحاظ کان ڏاڍو وڻندڙ آهي.

- ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

توهان جي ”بهار واري مهراڻ“ ۾ ساڳي تبديلي آهي، جيئن هن موسم ۾ سياري (جمود) جي ستايل وڻن ٽڻن کي نئين سر زندگي ملندي آهي. نوان گل ٻوٽا ٻهڪندڙ چهرن سان بهار جي آمد جو استقبال ڪندا آهن. اوهان کي هاڻ دل کولي صلاحيتن کي استعمال ڪرڻ گهرجي ۽ گرامي صاحب جي دور وانگر وري مهراڻ کي معيار جي معراج تي پهچايو.

- محبوب سروري

سال 1989ع جو پهريون پرچو، جيڪو دور آمريت جي خاتمي جو شروعاتي اجالو آهي، دل کي ڏاڍو سيباڻو. اوهان هونئن به ادبي جاکوڙ جا سرموڙ آهيو، مگر هن پرچي اميد ڏيکاري آهي ته اوهان جو ذهن و فڪر، ظلمتن جو ضرور سر ٽوڙيندو. مون کي هالا جي تاريخ مرتب ڪرڻ ۾، سنڌوندي وارو مضمون ڏاڍو وڻيو، ڇاڪاڻ ته اهو تمام گهڻي منهنجي اوائلي مدد ڪندو. حبيب الله صديقي صاحب کي جس هجي، جنهن سٺو ترجمو ڪيو آهي. شاعريءَ جو حصو اڃا به وڌايو ته تمام سٺو والسلام.

- انور هالائي

ڊارون (Darwin) جو چوڻ آهي ته جاندارن ۾ رڳو انسان کي ئي جمالياتي شعور حاصل آهي. انساني نظر پهريائين ٻاهرين ڏيک ويک کان متاثر ٿئي ٿي. پهريون تاثر ڏاڍو ديرپا ٿيندو آهي. مهراڻ جو تازو شمارو 1989ع ڏسي دل خوش ٿي ويئي. منصور عالم جي سرورق تي بنايل تصوير، جا پيلن ناسي گلن کي، ساون پنن سان گڏ، نيري آسمان کي پس منظر ۾ رکي بنائي وئي آهي، سا نهايت وڻندڙ آهي. تصوير کي ڪنٽراسٽ (Contrast) ڏيڻ لاءِ سرورق جي مٿين حصي کي ڳاڙهي رنگ سان، رنگن ۽ گلن جي ناسي پيلي رنگ کي توازن (Balance) ڏيڻ لاءِ ’مهراڻ‘ لفظ کي پيلي رنگ ۾ لکڻ به فن جي پارکو ۽ ڄاڻوءَ جو ڪم آهي. سروق جي پوئين پاسي هڪ تاريخي مهر جو نقش آهي ۽ ان جي استعمال ڪندڙ شخصيت مخدوم حاجي حسن الله صديقي بابت اهم ڄاڻ. رسالي تي سنهي پلاسٽڪ جو چڙهيل تهه رسالي کي ڪافي وقت محفوظ رکڻ جي ضمانت ڏئي ٿو.

جهڙيءَ طرح رسالي جو ٻاهريون حسن نظر نواز آهي، اهڙيءَ طرح ان ۾ ڇاپيل مواد به دل نواز آهي.

رسالي جي شروعات خوشخطيءَ ۾ بسم الله لکڻ سان ڪئي وئي آهي ۽ ان جي پٺئين صفحي تي ڪلام پاڪ جي آيت جو ترجمو ڏنل آهي. ان بعد مخدوم طالب المولى جي اجرڪ سان ڏنل رنگين تصوير پڻ نهايت وڻندڙ آهي. مخدوم صاحب جي سنڌي قوم لاءِ ڪيل خدمت ڪا ڳجهي پالهي ڪانه آهي.

رسالي جي ايڊيٽوريل (حال احوال) ۾ ٻن معزز ۽ مڪرم هستين (جناب مخدوم طالب المولى ۽ محترمه مهتاب اڪبر راشدي) بابت لکيل آهي. مان پرهندڙ جي حيثيت ۾ جناب مخدوم صاحب کي سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمن شپ ۽ محترمه مهتاب اڪبر راشدي صاحبه کي ثقافت ۽ سياحت کاتي جي سيڪريٽري شپ لاءِ مبارڪباد پيش ڪيان ٿو.

ڪنهن کان پڇيو ويو ته سنڌي ادب ۾ معيار جو ماڻ ڇا آهي؟ جواب مليس ته ”مهراڻ رسالو.“ ان ۾ اهو غلط نه هو. جتي دل لڳائي ڪم ڪندڙن ڄاڻو ماڻهن جي ادارت ۾ رسالو نڪرندو، اتي معيار لازمي هوندو ئي.

انسان سونهن ۽ ساڃاهه جو ڳولائو آهي. پڙهڻ واري کي به اهي ٻئي شيون گهرجن. شاعريءَ جي فهرست ۾ جي نالا آيل آهن، تن کان پڙهندڙ اڳ واقف آهن. سندن نالو يا تخلص ان ڳالهه جو ضامن آهي ته انهن جي پيش ڪيل چيز معياري هوندي. روايتي شاعريءَ سان گڏ نئين شاعري (آزاد نظم، نثري نظم، هائيڪو وغيره) کي پڻ رسالي ۾ مناسب جاءِ ڏني وئي آهي.

مقالن وارو حصو به جاندار آهي. ان ۾ هر لکندڙ تحقيق جو حق ادا ڪيو آهي. مقالن ۾ محترم حبيب الله صديقيءَ جو جاگرافيڪل جرنل سيپٽمبر 1968ع ۾ مسٽر ڊي. اي. هومز جي انگريزيءَ ۾ لکيل مضمون جو سنڌي ترجمو ”سنڌونديءَ جي هاڻوڪي تاريخ“ نقشن سميت ڏئي پڙهندڙن جي علم ۾ واڌارو آندو ويو آهي. اميد ته آئنده به هي صاحب پڙهندڙن کي پنهنجا لکيل مضمون ۽ ترجما پڙهائي انهن جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪندو رهندو.

هن دفعي ڪهاڻين جو تعداد ڪافي آهي. دستوري لکندڙن جي نالن کان سواءِ هن دفعي نوان نالا به ڏسڻ ۾ آيا. سندن لکڻي به واهه جي آهي. نون لکندڙن ڪهاڻين ۾ جا نواڻ ڏني آهي، سا پڻ وڻندڙ آهي.

نصير مرزا جي ٿر جو سفر ”ويرانين جو اوپن ايئر ٿيٽر“ ڏاڍو وڻيو. مرزا صاحب کي جهڙي ڳالهائڻ جي ڏات آهي، اهڙي لکڻ جي. نظم ۾ توڙي نثر ۾ سندس لکت خوبين جي حامل هوندي آهي.

راشدي خاندان هونءَ به علم دوستن ۽ علم وارن جو خاندان آهي. سائين حسين شاهه جي تقرير جاندار ۽ وڻندڙ آهي.

تبصره نگارن به لکڻ جو پورو پورو حق ادا ڪيو آهي.

ويلن جي ياد ۾ تحريرون، بوند، لهرون ۽ سمنڊ، بوندون بس نه ڪن ۽ آديسي ٿي ويا، لکندڙن جي جذبن جو اعلى اظهار آهن.

-انيس انصاري

نئين سال (89ع) جو تحفو ”مهراڻ“ بلاشبه ساهه ۾ سانڍڻ جهڙو آهي. موسم بهار جي مناسبت سان ”مهراڻ“ جو سرورق عجيب رنگ ۽ خوشبو کڻي آيو آهي. نئون سال- - نئين انتظاميه جو مثلث- -  حضرت قبله مخدوم صاحب جي سرپرستي- - جناب ”حبيب“ پاٽائي جي انتظامي، علمي و ادبي رفاقت - - ۽ ميڊم مهتاب اڪبر راشدي جو تقرر- - سڀ ڳالهيون سون، بلڪ سون تي سهاڳو.

’مهراڻ‘ هر دور ۾ پاڻ موکيو آهي. خوشنصيب آهي ’مهراڻ‘، جنهن کي هر حال ۾ سنڌ جي اهلِ علم جيءَ ۾ جايون پئي ڏنيون آهن. ’مهراڻ‘ پنهنجي صوري ۽ معنوي اعتبار کان هميشـﮧ سنڌي علم و ادب جو مانُ مٿانهون رکندو آيو آهي. منهنجي خيال ۾، ’مهراڻ‘ جي موجوده معيار ۽ مشمولات جي سلسلي ۾ اوهان جي ذاتي لگن، محنت ۽ بي لوث خدمت جو داد نه ڏيڻ وڏي بي قدري ٿيندي. مرحوم گرامي صاحب کان پوءِ اوهان ’مهراڻ‘ کي اڳوڻي عروج تي آڻي، جنهن دانشمندي ۽ جرئت جو ثبوت ڏنو آهي، ان جي تعريف ڪرڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي.

هر پرچو، سهڻي گيٽ- اپ، عمده پني، ڇپائي ۽ مواد جي اعتبار کان بيشڪ ساراهه جوڳو آهي. مون کي يقين آهي ته ’مهراڻ‘ موجوده انتظاميه جي ايامڪاريءَ ۾ ڏينهن ٻيڻي ۽ رات چوڻي ترقي ڪندو.

آخر ۾ بورڊ جي نئين انتظاميه کي- - اوهان کي- - ۽ بورڊ جي عملي کي ههڙو دلنشين ۽ پُر مغز (۽ پوري وقت تي) پرچو شايع ڪرڻ لاءِ لک لک واڌايون.

- محسن ڪڪڙائي

سنڌي ادبي بورڊ جي سماهي رسالي مهراڻ جي سال 1989ع جو پهريون پرچو ڏاڍي سڄ ڌڄ سان شايع ٿي پرهندڙن وٽ پهتو آهي. سرورق تي ڦولدار درخت جي روغني تصوير، اندر بسم الله الرحمان الرحيم جو رنگين طغره، ان بعد رسالي جي سرپرست سائين طالب المولى جي تصوير پُر تنوير، اندر مواد جي مناسبت سان نقشا، سرڳواسي نارائڻ شيام، مرحوم نواب بهاول خان لغاري ۽ مرحوم عبدالله خان چنه جا فوٽا، پس ورق تي تاريخي مهر ۽ ان جي وضاحتي معلومات ۾ پوري پرچي کي مصور ۽ جذاب النظر بنايو آهي. ايڊيٽوريل ۾ بورڊ جي نئين چيئرمن صاحب قبله طالب المولى جي بورڊ سان ڪيل ڀلاين ۽ مهراڻ کي مٿانهينءَ تي پهچائڻ بابت ڳڻ ڳايا ويا آهن. درحقيقت قبله طالب المولى صاحب جن جي هم گير هستي جا ڪيترائي روشن پهلو آهن، جن تي روشني وجهڻ لاءِ دفترن جي درڪار آهي. ايڊيٽوريل ۾ محترمـﮧ مهتاب راشدي کي مبارڪون ڏيڻ بعد ڪجهه پنهنجي متعلق به چڱي چوکي چٽائي ڪئي وئي آهي. نظم وارو حصو جيڪو قبله طالب المولى جي بهترين غزل سان شروع ٿي عزيز ڪنگراڻي جي وائي تي وڃي ختم ٿئي ٿو، ان ۾ نون خواه قديم شاعرن جا اشعار آبدار اچي ويا آهن. اهو حصو به سٺو سمجهڻ گهرجي. مقالن ۾ ڊاڪٽر الانا صاحب، ڊاڪٽر مرليڌر صاحب، ڊاڪٽر تنوير صاحب، حميد سنڌي صاحب، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو صاحب، محترم معمور يوسفاڻي صاحب ۽ جناب غلام محمد لاکي صاحب پوري طرح پاڻ موکيو آهي. معمور يوسفاڻي جو مقالو، مناظري جي حيثيت به رکي ٿو ۽ ماروي جي ڳوٺ ڀالوا، کوهه ۽ اتي رکيل ڪونڊي واري اڳين معلومات کي رد ڪري ڇڏي ٿو.

سائين صديقي صاحب جو انگريزي مان ڪيل ترجمو سنڌوندي بابت معلومات افزا آهي. ڪلئي ڪهاڻيون، سفرنامو، تقرير، ڪتابن تي تبصرا ۽ لوءِ مان لڏي ويلن بابت ليک، مهراڻ جي مواد ۾ سهڻي سٽا سان سموهيا ويا آهن. مطلب ته مهراڻ جو هيءُ پرچو، اڳين پرچن کان سونهن ۽ سوڀيا ۾ سرس پيو لڳي. ان لاءِ بورڊ کي کيرون هجن.

-احمد خان آصف مصراڻي

”مهراڻ“ سنڌي ادب ۾ هڪ وڏو نالو رهيو آهي. اوهان کي جس هجي جو اوهين ان جي معيار کي هر طرح قائم رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ان ۾ ڀرپور ڪامياب به ٿيا آهيو. مهراڻ 1989ع جو پهريون پرچو نظر مان گذريو جو هر طرح مڪمل لڳو. گرد پوش کان وٺي ايڊيٽوريل ۽ تبصرن تائين، خاص طرح پرچي جو پابندي سان وقت تي شايع ٿيڻ (يا مقرر وقت کان به اڳي شايع ٿيڻ.)

شاعريءَ جي حصي ۾ مخدوم طالب المولى، عنايت بلوچ، استاد بخاريءَ جا ڪلام ۽ طارق عالم جو ”نيلسن منڊيلا“ ساراهڻ جوڳا آهن. مقالن جي حصي ۾ خاص طرح ڊاڪٽر غلام علي الانا جو مقالو ”ملتان ۽ سنڌ اسماعيلي تحريڪ ۽ منصوره تي اسماعيلي حڪومت“ ۽ غلام محمد لاکي جو ”ميان نورمحمد ڪلهوڙي جو مدفن ۽ ان جا ڪتبا“ قابلِ ذڪر آهن ۽ پڙهڻ سان ڪافي معلومات ميسر ٿئي ٿي ۽ نوان نڪتا نروار ٿين ٿا.

”سنڌ جي تاريخ جي حصي ۾“ ڊي. اي. هومز جو مضمون ”سنڌوندي جي هاڻوڪي تاريخ“ جو حبيب الله صديقي صاحب ”دي جاگرافيڪل جرنل“ تان ترجمو ڪيو آهي. بقول صديقي صاحب سنڌوندي، سنڌ جي تاريخ جو ماخذ آهي، رسالي جو روح آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جا مانوارا عالم ۽ دانشور ان سلسلي کي اڳتي وڌائين، جيئن سنڌ جي تاريخ جا نوان نڪتا ۽ اهڃاڻ ظاهر ٿين. ڪهاڻين جي حصي ۾ ڪو خاص رنگ نظر نه آيو. حميد سنڌي جي ڪهاڻي ”تنهنجو سفر، منهنجو سفر“ نهايت دلچسپ آهي. توهان کي اها به جس هجي، جو سيد صاحب جهڙي سينئر ۽ مقبول ڪهاڻيڪار کان ڪهاڻيون پابنديءَ سان وٺي شايع ڪندا رهو ٿا. اوهان رسالي ۾ جيڪي نوان سلسلا شروع ڪيا آهن ۽ ترتيب ۾ نواڻ آندي آهي، تنهن سان پرچي جي جاذبيت ۾ اضافو آيو آهي.

- الطاف حسين آگرو

مهراڻ رسالي جو تازو شمارو پڙهيم. مواد ڏاڍو وڻيو، پر جنهن ڳالهه مون کي خط لکڻ تي مجبور ڪيو آهي اهو هو رسالي جو ايڊيٽوريل. ايڊيٽوريل مون کي ڏاڍو وڻيو، خاص طور تي ان ۾ استعمال ڪيل ٻولي پُراثر ۽ وڻندڙ هئي. جملن جي بيهڪ به ڏاڍي پرڪشش هئي.

- سليم سهتو

 ’مهراڻ‘ جو نئون پرچو نظر آيو آهي. اڳين پرچن جي مقابلي ۾ هي وڌيڪ سهڻو ۽ مالامال لڳو. پڪ سان اڳيون پرچو اڄا اڳرو هوندو. ٻڌو اٿم ته هاڻي طارق به اوهان سان شامل ٿيو آهي، سٺو ٿيو. گهٽ ۾ گهٽ هاڻي ڪهاڻين جي ڀاڱي جي معيار وڌڻ جي اُميد ڪري سگهجي ٿي.

- اياز گل

مهراڻ 1-1989ع ڏاڍو وڻيو. اهڙي شاندار پرچي شايع ڪرڻ لاءِ مبارڪباد قبول ڪندا. مواد جي معيار، توڙي سهڻي سٽاءَ ۽ ترتيب، بهترين ڇپائي، عمده گيٽ اپ ۽ ان جي مٿان سون تي سهاڳو اُن جو وقت تي شايع ٿيڻ. انهن سڀني ڳالهين ڪري، مهراڻ جو هي پرچو اڳين سڀني پرچن کان وڌيڪ وڻيو. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جو مضمون، هن پرچي جي جان آهي جو لطيفيات جي موضوع تي لکيل آهي. ڊاڪٽر صاحب جا تحقيقي مضمون اميد ته آئنده به مهراڻ وسيلي پڙهڻ لاءِ ملندا رهندا. لاکي صاحب جو مضمون ”ميان نورمحمد ڪلهوڙي جو مدفن ۽ ان جا ڪتبا“، کوجنا جي سلسلي ۾ هڪ اهم مضمون آهي. لاکي صاحب جو اسٽائيل، پير صاحب مرحوم جي تحقيق جون سڪون ٿو لاهي. کيس محنت لاءِ جس هجي. ”مارئي ڀالوا جي نه، پر کاروڙي جي هئي“، محترم معمور يوسفاڻي جي مضمون ۾ آيل دليل ۽ پيشڪش جو انداز اثرائتو نظر آيو.

- خليل مورياڻي

مهراڻ جي خوبصورت پرچي شايع ڪرڻ لاءِ واڌايون هجن. بهار جي موسم ۾ ٽائيٽل ڪور جي دلاويز ڊزائين پنهنجي پُربهاريت کي خوب ڦهلايو آهي. ان سرورق کي دُومعنى ۾ به تصور ڪري سگهجي ٿو، جو ملڪ ۾ موٽي آيل جمهوريت جو تاثر به سرورق ۾ نمايان محسوس ڪري سگهجي ٿو.

بورڊ جي نئين چيئرمين جناب قبله مخدوم صاحب جي رنگين تصوير ڏسي دل کي سرور رسيو. مخدوم صاحب تي توهان جو لکيل ايڊيٽوريل حقيقتن تي مبني آهي. توهان جنهن انداز سان موضوع کي نباهيو آهي، اُهو دل تي اثر ڪندڙ آهي. مخدوم صاحب جن جا سنڌي ادب تي جيڪي احسان آهن، سي سج وانگر روشن آهن. اميد آهي ته سندن ايامڪاريءَ ۾ بورڊ وڏي ترقي ڪندو ۽ مهراڻ به وڏو مان ماڻيندو.

سنڌونديءَ جي وهڪري بابت مسٽر حبيب الله صديقي جو ترجمو ڪيل مقالو هن شماري جو اهم مقالو آهي. صديقي صاحب جي صلاحيت کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي، ڇو ته هن ترجمي تي اصل جو گمان ٿئي ٿو. ٻولي ڏاڍي ٻاجهاري ۽ علم فهم ڪتب آندي ويئي آهي. محترم حميد سنڌي جي ڪهاڻي ”تنهنجو سفر، منهنجو سفر“ دلچسپ ڪهاڻي آهي ۽ حميد صاحب جي ٻين ڪهاڻين کان هن ڪهاڻي وڌيڪ تاثر ڇڏيو. سائين حسين شاهه راشدي جي تقرير بار بار پڙهي اٿم، پر ڍؤ نٿو ٿئي. شاهه صاحب جي قلم جو ڪمال آهي. کانئس مضمون وٺي مهراڻ ۾ شايع ڪندا رهندا. نصير مرزا جو سفرنامو، سفرنامي جي ٽيڪنڪ جي ڏس ۾ هڪ نئون ۽ انوکو تجربو آهي. ”نارائڻ شيام کي ڀيٽا“ ڪالم آڻي توهان پوري پوري فرض ادائي ڪئي آهي. پرچي ۾ ڪيترن نون لکندڙن کي وارو ڏيئي توهان انهن جي حوصله افزائي ڪئي آهي. انصاف جو اهو انداز اميد ته قائم رکيو ويندو. محترم غلام رباني آگري جا مضمون مهراڻ ۾ هاڻي ڇو نٿا ڏسجن! ”هنگلاج ۾ چاءِ“ ۽ ٻيا مضمون وساريو نٿا وسرن. اميد ته اها فرمائش پوري ڪندا.

- غلام حسين ميمڻ

(حيدرآباد)

تازي مهراڻ 1-89ع ۾ محترم حبيب الله صديقي صاحب جو مضمون سنڌو دريا متعلق پڙهيم. سچ پچ ته ڀرپور ڄاڻ ڏيندڙ آهي. سنڌونديءَ جي اها لڪل تاريخ، صديقي صاحب نئين سر ڏئي، اسان جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪيو آهي. آئنده به اهڙين لڪل تاريخن کي، ڇنڊي ڦوڪي سنڌ واسين آڏو رکندا، ته جيئن نوجوان نسل جي معلومات وڌي ۽ محققين پڻ ان مان چڱو لاڀ حاصل ڪندا رهن.

سنڌونديءَ بابت اهو مضمون، منهنجي هڪ تحقيقي مقالي تيار ڪرڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿيو ۽ نيون ڳالهيون سامهون آيون. بهرحال اهو سٺو عمل آهي، ان کي هر حال ۾ جاري رکجو.

- امام راشدي

سائين، عرض ته ”مهراڻ“ جي نئين سر سونهن، جيڪا مرحوم گرامي صاحب جي دور ۾ هئي، سا وري اوهان ساڳي جياري آهي، اوهان کيرون لهڻيون. سچ پڇو ته مان جيڪو هينئر ڪجهه لکي سگهان ٿو، سا ”مهراڻ“ جي ئي مهرباني آهي. مان ادبي مطالع ڪرڻ جيڪو مهراڻ تان شروع ڪيو هو، انهيءَ واقعي رنگ لاتو ۽ آءٌ انهيءَ ادبي دنيا جي قافلي سان هلي رهيو آهيان. جڏهن مون لکڻ شروع ڪيو ته اها منهنجي خواهش رهي آهي ته مان انهيءَ رسالي (مهراڻ) ۾ پنهنجو مواد ڇپرايان. وري هينئر اوهان جو تازو پرچو ڏٺم، جنهن ۾ ڪيترن ئي نون اديبن کي موقعو ڏنل هو، سو منهنجو به جذبو جاڳي پيو ۽ هڪ غزل ۽ هڪ وائي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com