ڪنهن وقت اهو زبردست علمي خزانو هو، پر هاڻي زماني
جي دستبرد ان ذخيري کي برباد ڪري ڇڏيو آهي. سيد
الله بخش شاهه انهن مان ڪجهه قلمي نسخا پاڻ وٽ
محفوظ ڪيا آهن. شاهنامي جو هڪ اڻ پورو نسخو وٽس
موجود آهي.
(ج) ميرن جو ذخيرو
حيدرآباد جي اميرن ٽالپورن جي باقي بچيل علمي
ذخيري ۾ ڪتاب آهي. هي ذخيرو خاندان جي پونير ڊاڪٽر
مير نورمحمد ٽالپور، استاد شعبه رياضي سنڌ
يونيورسٽيءَ وٽ محفوظ آهي (42). هن ڪتبخاني ۾
شاهنامي جو هڪ نسخو به آهي، جنهن ۾ ڪل 1111 صفحا
آهن. مينا ڪاري نقش نگار ۾ بي مثل آهي. ان جو
واسطو تيموري عهد سان آهي. گمان آهي ته مخطوطو
اصفهان کان لٽجي هتي وڪري لاءِ پهتو، ڇو ته منجهس
هڪ جاءِ تي دارالسلطنت اصفهان چٽو لکيل آهي.
(د) انجمن ترقي اردو ڪراچي.
(1) شمارو 3- ق. ف. 255، صفحا 1232، ڪتابت سن 11
هجري.
(2) شمارو 3-ق. ف 256، صفحا 474 منڍ ۽ پڇاڙي کٽل
اٿس. گهڻو ڪري 12 صدي هجري جو نسخو آهي.
(هه) ڊاڪٽر حميده کهڙو
ڊاڪٽر حميده کهڙو جي ذخيري ۾ به شاهنامي جو خط
نستعليق ۾ سينگاريل هڪ نسخو موجود آهي. تاريخ
ڪتابت نامعلوم.
حاشيا ۽ واڌارا:
(1) مقالات الشعرا 1، ص 77.
(2) ايضاً، ص 78.
(3) تحفة الڪرام، ص 296
] راشدي ايڊيشن[
(4) ايضاً، ص 301.
(5) مهراڻ جون موجون، ص 67.
(6) “Employed a Poet… to record them in verse
like ferdozi, and called the book in rival
distinction to his immortal work the Shah-Nameh
the Futtah-Nameh is rehearsed in durbar, and
many of the courtiers mark their adulation by
committing the most fulsome passages to the
memory.” Visit to the Court of Sind, P.P 47.
(7) مير نصير خان قرآن مجيد جا ٻه نسخا آستانه قدس
رضويه (مشهد) ۾ رکايا، جي خطاطي ۽ مينا ڪاريءَ جي
لحاظ کان بي مثال آهن. ڏسو: رهنماي گنجينــﮧ قرآن
از گلچين معاني ص 311. انگريزن کان شڪست کائي مير
نصير بمبئي ۽ بنگال ۾ وڃي رهيو.
(8) تڪمله مقالات الشعرا، ص 105.
(9) ايضاً، ص 105.
(10) ايضاً، ص 94.
(11) ايضاً، ص 94.
(12) ايضاً، ص ص 666-667.
(13) مقالات الشعرا، ص 163.
(14) تڪمله مقالات الشعرا، ص 3.
(15) ديوان عظيم، ص 207 (طبع سنڌي ادبي بورڊ
1962).
(16) سنڌي ادبي بورڊ ۾ نسخو آهي، جنهن تي سال 1166
هه لکيل آهي.
(17) سن 1261 هه جو عنايت ٿيل نسخو سنڌي ادبي بورڊ
۾ آهي. ان ۾ 187 صفحا ۽ هر صفحي تي 50 بيت آهن.
ڪاتب جو نالو غلام حسين بن غلام حيدر سبز پوش آهي.
(18) مقالات الشعرا، ص 494. هي شاعر نادر شاهه سان
گڏجي سنڌ ۾ آيو هو.
(19) نادر جي حملي بابت شعر ”منشور الوصيت“ ۾ ڏسو
(ص ص89-96).
(20) مثنويءَ جي شعرن مان معلوم ٿئي ٿو ته امير
حسن خان لزڪي نسب جي حڪم سان احمد شاهه دراني جي
دور ۾ لکيا ويا. چوي ٿو:
ز تاريخ نادر شــﮧ نامدار
دلش خواست نظمي شود استوار
بــﮧ فرمان آن سپهر پر هنر
کهن خامــﮧ فکرم افکنده سر
ـــ
بسر بردم اين داستانِ دراز
بــﮧ قبال آن داور سر فراز
ز صناع شاهان صفوي نزاد
پي خامــﮧء قاسمي کرده ياد
’شهنشاهه نامــﮧ‘ بان آب و تاب
شد از نور توصيف او چهر تاب
ـــ
سخن سنج خان عدالت شعار
کــﮧ بادشد بــﮧ دولت خراسان مدار
چو از قدرداني درين انجمن
شکوهش در آورد روي بمن
ـــ
چوزد قرعــﮧ نظم اين داستان
بنام من آن سرور راستان
در اقتصادي ايران بنظم سخن
مرا يافت ممتاز ازين انجمن
حسين خان ڏي اشارو ڪري ٿو:
بفرمايش خان لزکي نسب
کــﮧ شد نظم اين داستان را سبب
زلزکي نزاد آن ملک فراه (کذا)
بزرگي سزاوار تخت و کلاه
بيکدست تيغ و بدستي قلم
ز دولت بملک خراسان علم
ـــ
خراسان از يافتــﮧ زيب و زرين
بدولت سرفراز نامش حسين
ز ايوان شــﮧ صاحب اختيار
بملک خراسان رعيت مدار
ـــ
بتحرير اين داستان شگرف
اساسي بر افگند از صوت و حرف
درين روزگار فراغت گداز
کزين نظم شد خامــﮧ ام سرفراز
بــﮧ هر هفتــﮧ بيشتر از ســﮧ روز
بپروردم از فکر شب را بــﮧ روز
از ين پيش در معرض ماه و سال
سپهر ستمگر ندارم مجال
بدين ضابطــﮧ چار ده ماه پيش
بکردم کنون صرف اوقات خويش
ـــ
بشکرانــﮧ ام بخش جام نبيد
کــﮧ ’تاريخ نادر‘ بــﮧ پايان رسيد
پس از الف وصد چونکــﮧ هفتاد دو
نور ديد اين جرگــﮧ چار سو
بماه ربيع نخست اين مقال
بسر برد اين کلک فرخنده حال
(21) قومي عجاب گهر ڪراچيءَ جو نسخو آهي، جنهن جي
آخر ۾ سن 1184هه ۽ 1193 هه جون مهرون لڳل آهن.
(22) هي نسخو سنڌي ادبي بورڊ لائبريري ۾ آهي. ان ۾
103 صفحا ۽ هر صفحي تي 32 ۽ 33 بيت آهن.
(23) مطبع سنڌي ادبي بورڊ، ص ص 16-17.
(24) يوسف ثاني شاعر مير صوبدار جي درٻار سان
لاڳاپيل هو. هن ’فتح نامــﮧ‘ جي مادهء تاريخ هن
ريت چئي آهي:
کنون فتحانمــﮧ بنظم آوريد
برنگين مضامين و طرز حسن
امير زمان صوبدار جهان
کــﮧ چون او نباشد شهي در زمن
ـــ
همــﮧ جنگ هاي پدر شرح وار
بيان کرد يکسر ز سر تابــﮧ بمن
ـــ
پي سال تاريخ تصنيف او
خرد خواستم رهبر آمد بمن
سروش نکو فال فرخنده نام
بگفتا: عجيب شمع بزم سخن
شاعر يوسف ڪجهه قصيدا مير موصوف جي ساراهه ۾ ساڳئي
بحر ۾ چيا آهن. ڏسو سندس ديوان: ص ص 478-490.
ديوان جو قلمي نسخو راقم جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي.
(25) مثنوي ’تڪملــﮧ مقالات الشعرا‘ ۾ ڇپيل آهي ص
710.
(26) هي مثنوي پڻ ’تڪلمــﮧ مقالات الشعرا‘ ۾ ڇپيل
آهي، ص 717-726.
(27) هن جو نسخو ٽالپور ڪتبخاني حيدرآباد ۾ موجود
آهي.
(28) تڪملــﮧ مقالات الشعرا، ص 748-755.
(29) ايضاً، ص 732.
(30) ايضاً، ص ص 732- 747.
(31) ڪجهه سال اڳ هن ۾ مثنويءَ جو اختصار سنڌي
ادبي سوسائٽي ۾ ڇپيو آهي.
(32) تڪلمــﮧء مقالات الشعرا، ص 569. اصل نسخو
ٽالپورن جي ڪتبخاني ۾ آهي ۽ 405 صفحن تي مشتمل
آهي.
(33) تڪلمــﮧء مقالات الشعرا، ص ص 442- 450، ۽ پڻ
ڏسو: ص ص 787-811.
(34) پاڪستان کان اڳ لس ٻيلي ۾ بلوچستان جو حاڪم
رهندو هو.
(35) هن جو هڪ نسخو منهنجي ڪتبخاني ۾ آهي.
(36) توزڪ جهانگيري، نولڪشور ص 351 تحفة الڪرام، ص
392.3
(37) بيان واقع عبدالڪريم، ص 57 (ايڊٽ: ڊاڪٽر ڪي.
بي. نسيم، ريسرچ سوسائٽي آف پاڪستان، لاهور
1970ع).
(38) نور بهار قلمي، ص75، ۽ تاريخ ڪلهوڙا جلد 1، ص
446 (اردو، 1958ع).
(39) منشورالوصيت، ص 15. ”سفاڪ ناپاڪ (نادر) سنڌ
ملڪ ۾ آيو ۽ اسان جو ڪتب خانو ۽ ڪتاب کڻي ويو.“
(40) بيان واقع، ص 59. اتان جڏهن قنڌار (نادر)
روانو ٿيو ته ڪرشڪ درياهه مان گذرندي، هندستان مان
آندل ڪجهه سامان، پاڻيءَ جي آفت سبب تباهه ٿيو.
(41) احسن الله خان، ظفر خان، تخلص احسن (وفات
1073هه)، پٽ ميرزا ابوالحسن تربتي (وفات 1042 هه)؛
شاعر صائب جو سرپرست ۽ ممدوح توڙي ٻين شاعرن جو
محسن، ديوان جو صاحب ۽ ڪجهه مثنوين جو مصنف. ڏسو:
شعراي کشمير ص 26-75 (جلد 1، ڪراچي 1967ع، تاليف
سيد حسام الدين راشدي.)
(42) افسوس جو ڊاڪٽر مير نورمحمدخان ٽالپور اٽليءَ
۾ 20 مئي 1975ع تي دل جي دوري پوڻ ڪري گذاري ويو،
جنهن جي وفات جو راقم کي دلي صدمو پهتو آهي.
سنڌ ۾ صوف جي ابتدا ۽ ارتقا
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
تصوف جي معنى ۽ وصف
”تصوف لفظ جي اصل ۽ لفظي معنى ۾ عالمن ۽ محققن ۾
اختلاف رهيو آهي. عام طرح لفظ ”صوفي“،
”صوف“ (اُن) مان نڪتل سمجهيو ويندو آهي. عربي لغت
جي لحاظ کان ”تصوف“ جي معنى آهي ”هن صوف (اُن) جو
لباس پهريو.“ ڪي بزرگ لفظ ”صوفي“، ”صفا“ مان نڪتل
سمجهن ٿا، يعني صوفي اهو آهي، جنهن کي الله تعالى
دل جي صفائي بخشي آهي. ڪن جي راءِ ۾ هي لفظ ”صف“
مان نڪتل آهي، يعني صوفي الله تعالى جي حضور ۾
پنهنجي دل جي پاڪيزگيءَ جي ڪري پهرين صف ۾ حاضر
ٿين ٿا. ڪي عالم ”صوفي“ کي مسجد نبويءَ جي ”صفه“
ڏانهن منسوب ڪن ٿا. پاڻ سڳورن جي ڏينهن ۾ ڪن
صحابين (جن جو تعداد ستر سمجهيو وڃي ٿو) دنيوي
تعلقات کي ترڪ ڪري ڇڏيو هو ۽ ”فقر الي الله“
اختيار ڪيو هو. اهي فقط هڪ ڪپڙي ۾ زندگي گذاريندا
هئا. انهن مان ڪن کي ته فقط گوڏن تائين ڪپڙو هوندو
هو ۽ ڪن کي ته ان کان به گهٽ هو. انهن وٽ ٻه ڪپڙا
ته هوندا ئي ڪونه هئا ۽ نه انهن کي ڪڏهن ٻن قسمن
جو طعام نصيب ٿيو. انهن کي ”اهل صفه“ سڏيو ويندو
هو، ڇاڪاڻ جو انهن مسجد نبوي جي صفه ۾ رهائش
اختيار ڪئي هئي. صوفي بزرگن کي به انهن وصفن جي
ڪري ”اهل صفه“ ڏانهن منسوب ڪيو ويندو آهي.
حضرت امام قشيري رح (وفات 465 هه/ 1073ع) پنهنجي
ڪتاب ”رساله قشيريه“ ۾ تصوف جي معنى ”صفائي“
ورتي آهي، يعني باطني صفائي، اخلاقي صفائي ۽ ظاهر
خواهه باطن جي سنوار ۽ سڌار. حضرت امام غزالي
پنهنجي ڪتاب ”المنقذ من الضلال“ ۾ ڄاڻايو آهي ته
جڏهن مان ٻين علمن مان فارغ ٿيس ته صوفين جي طريقي
ڏانهن ڌيان ڏنم. مون کي معلوم ٿيو ته انهن جو
طريقو علم ۽ عمل سان تڪميل کي پهچي ٿو. انهن جي
علمن جو مقصد آهي نفس مارڻ، اوگڻن ۽ گندين عادتن
کان پاڪ ۽ صاف رهڻ، دل کي دوئيءَ کان پري رکڻ ۽ ان
کي الله تعالى جي ذڪر سان سينگارڻ ۽ سنوارڻ.
ابوالحسن نوري تصوف جي تعريف ۾ فرمائي ٿو ته تصوف
جو مطلب آهي نفس جي لذتن کي ڇڏڻ. ابو علي قزويني
تصوف کي وڻندڙ اخلاق سڏي ٿو. ابو محمد الجريري چيو
آهي ته تصوف جي معنى آهي، هر نيڪ خصلت اختيار ڪرڻ
۽ سمورين براين کان دل کي پاڪ رکڻ. محمد بن القصاب
جي راءِ آهي ته تصوف، سهڻي اخلاق جو نالو آهي.
ڪتاني رح فرمائي ٿو ته تصوف ”خلق“ جو نالو آهي.
جيڪو شخص توکان سهڻي اخلاق ۾ وڌيڪ آهي، اهو توکان
دل جي صفائيءَ ۾ به وڌيڪ آهي. انهن وصفن ۽ صفتن
مان معلوم ٿئي ٿو ته تصوف، تزڪيه نفس ۽ سهڻي اخلاق
جو نالو آهي؛ نه فقط ايترو پر تصوف جي ذريعي قرب
الاهي به حاصل ٿئي ٿو، جنهن جي ڪري صوفي پاڻ کي
فنا ڪري، ذات حق ۾ واصل ٿئي ٿو.
مطلب ته تصوف، دل جي پاڪيزگي، احسان، اخلاق ۽ عشق
الاهي ۾ گم ٿيڻ جو نالو آهي. صوفي بزرگن تصوف جي
روشنيءَ ۾ انسانيت، اخلاقي اقدار، محبت، اخلاق ۽
عشق الاهيءَ جو پيغام ڏنو آهي ۽ نبي ڪريم ﷺ سان
محبت ڪرڻ ۽ سندس پيروي ڪرڻ جو درس ڏنو آهي.
صوفيانه تعليم، شريعت کان جدا نه آهي. صوفياءِ
ڪرام پنهنجي عمل جو جواز قرآن حڪيم ۽ سنت رسول
ڪريمﷺ مان پيش ڪن ٿا. تصوف جو بنياد ٻن شين تي
آهي: الله تعالى جي محبت ۽ قرب ذاتي. صوفي بزرگن
جو چوڻ آهي ته قرآن ڪريم ۾ الله تعالى جي محبت جي
دعوت ڏني وئي آهي ۽ بيشمار آيتن ۾ ان جي نتيجي ۾
قرب ذاتي جو وعدو ڪيو ويو آهي. هو چون ٿا ته
شريعت، طريقت، معرفت ۽ حقيقت، تصوف جون سلسليوار
منزلون آهن. شريعت تي دل جي حضور سان عمل ڪرڻ کان
پوءِ ئي سالڪ طريقت جي منزل تي قدم رکي ٿو. انهيءَ
ڪري تصوف نه شريعت کان جدا آهي ۽ نه متصادم آهي.
نه فقط ايترو پر اسلامي تصوف جو سرچشمو ۽ ماخذ،
اسلامي تعليم ئي آهي.
اسلامي تصوف جي تاريخ ”اصحاب صفه“ کان شروع ڪئي
وڃي ٿي، جيڪي مسجد نبوي جي صفه ۾ رهندا هئا ۽ فقر
جي زندگي گذاريندا هئا. هنن پنهنجو گهر ٻار ڇڏي،
الله تعالى جي راهه ۾ پنهنجي زندگي وقف ڪئي هئي.
هو ڏينهن رات الله تعالى جي عبادت ۾ گذاريندا هئا
۽ پاڻ سڳورن جي پناهه ۾ رهندا هئا. البت لفظ
”صوفي“ يا ”تصوف“ جو استعمال ڪجهه پوءِ ٿيو. ان
کان اڳ ۾ اسلامي تعليم ۾ ”احسان“ لفظ ملي ٿو، جنهن
کي ”تصوف“ جي هم معنى سمجهيو وڃي ٿو. چيو وڃي ٿو
ته سڀ کان پهريائين شيخ ابوالهاشم کي ”صوفي“ لقب
سان سڏيو ويو، جنهن سنه 161هه (77-778ع) ۾ وفات
ڪئي.
شيخ عين القضاء همداني پنهنجي ڪتاب ”تمهيدات“ ۾ لکيو آهي ته سڀ کان پهريائين بغداد جو بزرگ ”عبدڪ
الصوفي“، ”صوفي“ لقب سان سڏيو ويو، جيڪو ٻي صدي
هجري جو بزرگ آهي. مطلب ته تصوف جي معرفت ۽ طريقت
جي ابتدا ٻي صدي هجريءَ ۾ ٿي.
ذڪر ۽ فڪر، فنا ۽ بقا، فقر ۽ گوشه نشيني، تصوف جا
بنيادي جزا آهن. ذڪر ۽ فڪر جو مطلب آهي: تعلق
بالله. هن جو مطلب آهي ته انسان فقط مادي جانور نه
هجي، پر سندس زندگي جو مول مقصد الله تعالى جو عشق
۽ ذڪر هجي. صوفي سمجهائن ٿا ته الله تعالى جي ذڪر
کان سواءِ وار به واندو نه ويهجي. يعني هڪ دم به
الله تعالى جي ذڪر کان سواءِ خالي نه وڃي. انهيءَ
ڪري چوندا آهن: ”جو دم غافل، سو دم ڪافر“. هو ان
ڳالهه تي به زور ڏين ٿا ته ذڪر جي حقيقت، ذات مطلق
جي حقيقت کي سمجهڻ کان سواءِ ذڪر بي معنى آهي. ان
کي هو ”فڪر“ سڏين ٿا، جيستائين توحيد جي پوري پروڙ
نه آهي، تيستائين ذڪر جا لفظ اچارڻ اجايا آهن. اهو
ئي سبب آهي جو هو ذڪر ۽ فڪر کي لازم ۽ ملزوم سمجهن
ٿا. شاهه لطيف پنهنجي شعر ۾ تصوف جا مختلف مسئلا
نهايت چٽيءَ طرح سمجهايا آهن ۽ ٻڌايو آهي، ته اها
ئي زندگي سجائي ۽سڦلي آهي، جيڪا ذڪر ۽ فڪر ۾ گذري
ٿي. پنهنجي روحاني ڪيفيت بيان ڪندي چوي ٿو:
رڳو ٿيون رباب وڄن ويل سڀ ڪنهين،
لڇڻ ڪڇڻ نه ٿيو، جانب ري جباب،
سوئي سڏيندم سپرين، ڪيس جنهن ڪباب،
سوئي عينا عذاب، سوني راحت روح جي.
حضرت جنيد بغدادي ”فنا“ جا ٽي درجا مقرر ڪيا آهن:
پهريون قسم هي آهي ته طالب پنهنجي صفات، اخلاق ۽
مزاج جي قيد کان آزاد ٿي وڃي. ٻئي قسم جي فنا هي
آهي ته طالب پنهنجي نفس جي لذت کان بلڪل دستبردار
ٿي وڃي. فنا جو ٽيون قسم هي آهي ته طالب تي رباني
تجليات جو ايڏو غلبو ٿي وڃي، جو سندس موجود وجود
جي حقيقت سندس اکين کان اوجهل ٿي وڃي.
تيلانــﮧ ڌڻي ڌئا، جيلانــﮧ وئا وحدت گڏجي.
صوفيانه تعليم کي محي الدين ابن عربي، فلسفانه رنگ
ڏئي وحدت الوجود جو فڪر پيش ڪيو. هن پنهنجي ڪتاب
فصوص الحڪم ۽ فتوحات المڪيه ۾ هن فڪر کي وضاحت سان
دليلن ذريعي بيان ڪيو آهي. هو چوي ٿو ته وجود مطلق
هڪ آهي. فقط اهو ئي موجود آهي، هر ٻي شيءِ فقط ان
جو مظهر آهي. انهيءَ ڪري عالم ۽ الله هڪ ٻئي جو
عين آهن. هو عالم ۽ الله کي، ذات ۽ صفات کي عينيت
جي بنا تي تصور ڪري ٿو. يعني عالم، ان جي صفات جي
محض تجلي آهي. هو چوي ٿو ته عالم جي حيثيت نالي
ماتر آهي. اهو غير حقيقي، وهمي ۽ اهڙو وجود آهي،
جيڪو خارج ۽ معدوم آهي. انهيءَ لحاظ کان صوفي
چوندا آهن: ”همــﮧ اوست“، يعني سڀ ڪجهه اهو آهي.
ٻين به ڪيترن ئي صوفين دليلن ۽ مثالن ذريعي وجودي
فڪر کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اڳتي هلي ڪن
صوفين، وحدت الوجود کي اهڙي نموني بيان ڪيو، جو
ماڻهن کي گمراهه ٿيڻ جو انديشو ٿي پيو، انهيءَ ڪري
حضرت مجدد الف ثاني وحدت الوجود جي مقابلي ۾ ”وحدت
الشهود“ جو نظريو پيش ڪيو، جنهن جو بنيادي نڪتو
آهي: ”همــﮧ از اوست“ يعني سڀ ڪجهه انهيءَ کان
آهي.
سنڌ ۾ تصوف جي ابتدا
اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته سنڌ جا سوداگر واپار
سانگي ڏورانهان ڏيهه ڏوريندا هئا ۽ پري پري تائين
ويندا هئا. سلون ۽ انڊونيشيا طرف به سنڌي سوداگرن
جا پر پهتل هئا. سنڌي ثقافت جا آثار ۽ اهڃاڻ ۽
سنڌي ٻوليءَ جون چوڻيون، پهاڪا ۽ اندونيشيا جا
تاريخي اهڃاڻ ان ڳالهه جي ثابتي ڏين ٿا. سنڌي زبان
۾ چوڻي آهي:
جو جاوي جاوي، سو مُول نه ول آوي
جي آوي، ته ٻال ٻچي ڍاوي.
شاهه لطيف جي رسالي جا ٻه ”سر سريراڳ“ ۽ ”سر
سامونڊي“ پڻ ان پس منظر ۾ چيل آهن. اهڃاڻ ۽ آثار
ٻڌائين ٿا ته سنڌي سوداگر ان طرف جڏهن ويندا هئا
ته واپار سان گڏ پنهنجي مذهب جو پرچار به ڪندا
هئا. اسلام جي آمد کان اڳ ۾ هو ان طرف ديول- ديوتا
جي پوڄا ۽ پرچار ڪندا هئا: سري
لنڪا جي
سنهالي ڏند- ڪٿائن ۾ آيو آهي، ته ”ديبل جي برهمڻن،
ديول- ديوتا جي پرستش ڪرڻ جو رواج ”سپورا“ بندر
رستي سلون تائين رائج ڪيو.“
اسلام جي اچڻ کان پوءِ سنڌي واپارين، اسلام قبول
ڪيو ۽ سلون ۽ انڊونيشيا جي ٻيٽن ۾ وڃي اسلام جي
تبليغ ڪئي. موجوده تحقيقن مان ثبوت مليو آهي، ته
انڊونيشيا ۾ اسلام سنڌي سوداگرن پکيڙيو. سال 1963ع
انڊونيشيا حڪومت جي دعوت تي علامه نور احمد قادري
تاريخي تحقيق جي سلسلي ۾ انڊونيشيا ويو هو، ۽ اتي
جي مختلف ماڳن ۽ مڪانن جا آثار ۽ اهڃاڻ ڏٺا
هئائين. سندس تحقيقاتي رپورٽ روزنامه جنگ جي 5
مارچ 1965ع جي پرچي ۾ شايع ٿي هئي. هو چوي ٿو:
”منهنجي موجوده تاريخي تحقيق مطابق اسان جي قديم
سنڌي بزرگن انڊونيشيا پهچي اسلام ڦهلايو ۽ اتي جي
ماڻهن کي حق جو پيغام پهچائي، سيني سان لڳايو.“
اڳتي هلي ڄاڻايو اٿس ته، اهي سنڌي مبلغ حضرت خواجه
حسن بصري جا معتقد هئا. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته ٻي
صدي هجري ۾ سنڌ ۾ حضرت خواجه حسن بصري جي تعليم جو
اثر پهچي چڪو هو. ان زماني ۾ جيتوڻيڪ ”صوفي“ ۽ ”تصوف“ لفظ مروج نه ٿيا هئا، پر صوفيانه تعليم جي شروعات
خواجه حسن بصري رح جي ذريعي شروع ٿي چڪي هئي،
ڇاڪاڻ جو تصوف جا گهڻو ڪري سڀ سلسلا حضرت خواجه
حسن بصري رح جي ذريعي حضرت علي ڪرم الله وجــﮧ
تائين پهچن ٿا. حضرت خواجه حسن بصري رح 1- رجب
110هه (آڪٽوبر 727ع) تي وفات ڪئي.
ان مان معلوم ٿئي ٿو ته ٻي صدي هجريءَ جي شروعات ۾
ئي سنڌ ۾ اهڙا عالم ۽ فاضل پهتا، جن حضرت خواجه
حسن بصري رح کان علمي ۽ روحاني فيض حاصل ڪيو هو.
انهن سنڌ ۾ تبليغ ڪئي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو
سنڌ ۾ اسلام گهڻو ڦهليو.
نه فقط ايترو، پر سنڌ جا ماڻهو حضرت خواجه حسن
بصري رح جا معتقد به ٿيا، ۽ انهن مان ڪن سنڌي
سوداگرن اسلام ڦهلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
تاريخ جي ڪتابن ۽ تذڪرن ۾ اهڙن سنڌي سوداگرن،
عالمن ۽ بزرگن جا نالا محفوظ ڪونهن، ڇاڪاڻ جو ان
دور ۾ سنڌ ۾ لکيل ڪوبه ڪتاب موجود ڪونهي، البت
عربي ڪتابن ۾ سنڌ ۾ آيل ڪن علامن ۽ فاضلن جا نالا
ملن ٿا. انهن مان هڪ عالم ۽ فاضل ربيع بن صبيح
السعدي آهي، جيڪو بصري کان سنڌ ۾ آيو. طبريءَ موجب
هو عبدالملڪ بن شهاب سان گڏ سنڌ ۾ آيو. هو بصري جو
رهاڪو هو، ۽ کيس بصري ۾ اسلام جو پهريون مصنف
تسليم ڪيو ويو آهي. اهو به معلوم ٿئي ٿو ته هن
حضرت حسن بصري رح کان حديثون روايت ڪيون آهن. هن
کان جن ٻين عالمن حديثون روايت ڪيون، انهن مان
صوفيانه سلسلي جي بزرگ سفيان ثوريءَ جو نالو به
ملي ٿو. اهي حقيقتون ڏيکارين ٿيون، ته هن حضرت
خواجه حسن بصري رح کان روحاني ۽ علمي فيض حاصل
ڪيو، ۽ سنڌ ۾ اچي ان فيض جي ونڊ-ورڇ ڪئي. ٿي سگهي
ٿو، ته کانئس اڳ يا سندس زماني ۾ بصري کان ٻيا به
اهڙا عالم آيا هجن، جيڪي حضرت خواجه حسن بصري رح
کان مستفيض ٿيل هئا.
عربي ڪتابن ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي عالمن، فاضلن ۽
محدثن جا نالا ملن ٿا، جي سنڌ مان عربستان ويا ۽
اتي پنهنجي علمي فضيلت جي ڪري مشهور ٿيا. انهن جي
رهڻي ڪهڻي جو جيڪو احوال ملي ٿو، ان مان معلوم ٿئي
ٿو، ته هو جيتوڻيڪ وڏا عالم ۽ محدث هئا، پر هو
پنهنجي زندگي نهايت سادي نموني گذاريندا هئا، يعني
هنن جي عملي زندگيءَ ۾ صوفيانه تعليم کي دخل هو.
تصوف جي تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو ته تصوف جي معرفت
۽ طريقت جي ابتدا ٻي صدي هجريءَ ۾ ٿي، يعني جئين
ئي تصوف جي تعليم جو آغاز ٿيو، تيئن ئي سنڌ ۾ به
پهتو.
صوفيانه مسلڪ سان وابسته ٻي ۽ ٽين صدي هجريءَ ۾ جن
بزرگن جا نالا ملن ٿا، انهن مان حضرت بايزيد
بسطامي رح جو نالو قابل ذڪر آهي. هن 261 هه (875ع)
۾ وفات ڪئي. تذڪرن مان معلوم ٿئي ٿو، ته حضرت
بايزيد بسطامي جي ملاقات سنڌي بزرگ ابو علي سنڌي
سان ٿي هئي. ابو علي سنڌي صوفيانه تعليم کان واقف
هو. حضرت بايزيد چوي ٿو، ته مون کانئس فنا ۽ توحيد
يعني تصوف جو علم سکيو، ۽ ابو علي مون کان الحمد ۽
قل هو الله احد جي تفسير معلوم ڪئي. ان مان ظاهر
ٿئي ٿو، ته ٻي کان ٽين صدي هجري تائين سنڌ ۾ تصوف
جي تعليم رائج هئي، بلڪ ان کان پوءِ به سنڌ جي
عالمن ۾ تصوف جي اصولن جو اثر نظر اچي ٿو.
ابوالعباس محمد بن محمد وراق ديبلي اصل ۾ ديبل جو
رهاڪو هو، ديبل مان عرب دنيا ڏانهن اسهيو، اتي وڃي
علم حديث حاصل ڪري، وڏو عالم، فاضل ۽ محدث ٿيو. ان
کان پوءِ اسلامي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جو سير ۽
سفر ڪيائين، ۽ سنه 345 هه (956ع) ۾ وفات ڪيائين.
هو محدث به هو، ته وڏو عابد ۽ زاهد به هو، ۽
”زاهد“ جي لقب سان ياد ڪيو ويندو هو. ان دور جي هڪ
ٻئي سنڌي عالم احمد بن سنڌي جو نالو به ملي ٿو،
جيڪو بغداد ۾ رهندو هو. هو عالم ۽ فاضل هجڻ سان گڏ
عابد ۽ زاهد به هو.
مطلب ته ٽين ۽ چوٿين صدي هجريءَ ۾ اهڙن ڪيترن ئي
سنڌي عالمن جا نالا ملن ٿا، جيڪي سنڌ مان وڃي
بغداد، بصري ۽ ٻين شهرن ۾ رهيا، ۽ اتي علمي دنيا ۾
پنهنجو نالو ڪڍيائون. هنن جي جيڪا رهڻي ڪهڻي بيان
ٿيل آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته هو صوفيانه تعليم
جو عملي نمونو هئا. اهو ڏيکاري ٿو ته سنڌ ۾
صوفيانه تعليم موجود هئي، ۽ ان جا اصول هي هئا:
1- اسلامي تعليم حاصل ڪرڻ ۽ شريعت جي پابندي ڪرڻ.
2- خدا جي عبادت ڪرڻ ۽ پاڪيزه زندگي گذارڻ.
3- خدا جي مخلوق جي خدمت ڪرڻ ۽ انهن کي سنئون رستو
ڏيکارڻ.
4- هٺ، وڏائي ۽ علمي غرور کان پري رهڻ ۽ سادي
نموني زندگي گذارڻ.
5- پنهنجي نفساني خواهشن کي پنهنجي ضابطي ۾ رکڻ ۽
خدا جو خوف دل ۾ ڌارڻ.
6- پنهنجي خالق ۽ مالڪ سان لنؤ لڳائڻ، ۽ دنيا جي
محبت کي جيءَ ۾ جاءِ نه ڏيڻ.
7- صبر، فقر ۽ استغنا ۽ توڪل اختيار ڪرڻ.
سنڌ ۾ صوفيانه سلسلا:
ٽين صدي هجري کان صوفيانه سلسلن جي شروعات به ٿئي
ٿي. صوفيانه سلسلو ”الطيفوريه“ مذڪوره بزرگ حضرت
بايزيد بسطامي ڏانهن منسوب آهي. ”الجنيديه“ حضرت
جنيد بغدادي ڏانهن منسوب آهي، جنهن سنه 293هه
(906ع) ۾ وفات ڪئي، اهڙيءَ طرح ٻيا سلسلا به جاري
ٿيا، جهڙوڪ: محاسبيه، قصاريه، السهيليه، الحڪيميه،
الخزاريه، نوريه، خفيفيه، ساريه، چلوليه وغيره. پر
اهي سلسلا گهڻو وقت قائم رهي نه سگهيا. بعد ۾
قادري، چشتي، سهروردي ۽ نقشبندي سلسلا جاري ٿيا ۽
گهڻو مشهور ۽ مقبول ٿيا. سنڌ ۽ هنڌ ۾ به اهي سلسلا
پهتا ۽ اڄ تائين موجود آهن.
قادري سلسلو:
هي سلسلو حضرت سيد عبدالقادر جيلاني رح ڏانهن
منسوب آهي، جنهن جي ولادت 19- شعبان سن 470 هه
(1078ع) تي ٿي ۽ سن 517هه (1123ع) ۾ واصل
فرمايائون. سيد علي اصغر ٺٽوي پنهنجي ڪتاب ”تاريخ
سنڌ“ ۾ ڄاڻايو آهي ته، 15- جمادي الثاني 498 هه
(1105ع) تي حضرت سيد عبدالقادر جيلاني سير و سفر
ڪندو روهڙيءَ ۾ آيو، ۽ ڪجهه وقت رهي واپس ويو.
انهيءَ ڪري روهڙيءَ تي غوث پور نالو پيو. اهو تڪيو
اڄ به روهڙيءَ ۾ موجود آهي، ۽ اتي سندن يادگار به
رکيل آهي. ٻين تاريخي ڪتابن سان انهيءَ ڳالهه جي
تصديق نه ٿي ٿئي، البت شيخ ابوالسعود احمد بن
ابوبڪر خزيمي جو بيان آهي ته حضرت سيد عبدالقادر
جيلاني رح فرمايو ته مون پنجويهن سالن تائين عراق
۽ ايران جي ڪيترين ئي جاين جو سير و سفر ڪيو. ان
کان سواءِ تاريخ مان اها به خبر پوي ٿي ته، حضرت
محبوب سبحاني جو پوٽو سيد صفي الدين گيلاني (وفات
611 هه- 1214ع) ٽيهن سالن جي عمر ۾ هندستان جي سير
و سياحت لاءِ آيو، ۽ ارڙهن مهينن تائين ملتان ۽ ان
جي پسگردائيءَ ۾ گهميو. سندس ولادت 548هه (1154ع)
۾ ٿي، يعني هو (579-578هه) ۾ ملتان ۽ ان جي
پسگردائيءَ ۾ گهميو. ٿي سگهي ٿو ته هو سنڌ ۾ خاص
طرح سان روهڙيءَ ۾ آيو هجي. تحفة الڪرام جي مصنف
مير علي شير قانع نصرپور ۾ مدفن بزرگ ”شيخ محمد
المعروف به سيستان قادري“ لاءِ لکيو آهي، ته هو
سيد عبدالقادر جيلاني رح جو پوٽو آهي.
انهن کان سواءِ تحفة الڪرام جي روايت موجب سنڌ جي
ٻين قديم ڳوٺن ۾ به سيد عبدالقادر جيلاني جي اولاد
مان ڪجهه بزرگ ابدي ننڊ ۾ آرامي آهن، جهڙوڪ: (1)
شيخ اسحاق، مرزا اگهم ڳوٺ (2) شيخ لوڌي، مرزا قديم
پرڳڻو ستيار. (3) علي اصغر، مرزا ڳوٺ نورائي. (4)
شاهه قادري، مرزا پسگردائي بدين وغيره.
ان مان معلوم ٿيندو ته حضرت سيد عثمان قلندر شهباز
کان ڪجهه اڳ سيد عبدالقادر جيلاني جي اولاد مان
ڪجهه بزرگ سنڌ ۾ آيا.
چشتي سلسلو:
چشتي سلسلي جو پهريون بزرگ حضرت خواجه ابو اسحاق
(المتوفي 329هه
=
940ع) چشتي آهي. سندس طريقت جو سلسلو حضرت خواجه
حسن بصري جي ذريعي حضرت علي ڪرم الله وجــﮧ تائين
پهچي ٿو. ان کان حضرت خواجه ابو اسحاق سماع جو
شوقين جو. کانئس پوءِ چشتي سلسلي جا جيڪي به بزرگ
ٿيا، اهي سماع کان گهَري دلچسپي رکندڙ هئا. هند ۽
سنڌ ۾ حضرت خواجه معين الدين چشتي اجميري هي سلسلو
رائج ڪيو. سندس مرشد حضرت عثمان هاروني هو، جنهن
ايڪانوي سالن جي عمر ۾ 5 شوال 617 هه (1220ع) ۾
وفات ڪئي.
حضرت عثمان هاروني جي ملفوظات ”انيس الارواح“ جي
نالي سان حضرت خواجه معين الدين چشتي اجميري (وفات
633هه- 1235ع) ۾ مرتب ڪئي. حضرت خواجه معين الدين
چشتي اجميري جي ملفوظات ”دليل العارفين“ سندس
خليفي حضرت خواجه بختيار ڪاڪي (المتوفي 1235ع) سن
614هه (1217ع) ۾ مرتب ڪئي، ان ۾ حضرت خواجه معين
الدين چشتي جي زباني ڄاڻايل آهي:
”هڪ ڀيري سيوستان ۾ خواجه عثمان هارونيءَ سان گڏ
سفر ڪري رهيو هوس. هڪ جهوپڙيءَ ۾ هڪ درويش شيخ
صدرالدين محمد احمد کي ڏٺم، جيڪو الله تعالى جي
ياد ۾ بيحد مشغول هو. مان ڪجهه ڏينهن ان جي صحبت ۾
رهيس. جيڪو شخص سندس جهوپڙيءَ ۾ ايندو هو، محروم
موٽي نه ويندو هو. عالم غيب مان ڪجهه نه ڪجهه ان
کي ڏيندو هو، ۽ کيس چوندو هو، ته هن فقير کي ايمان
جي سلامتيءَ جي دعا ڪجو. جيڪڏهن قبر ۾ ايمان جي
سلامتيءَ سان ويس، ته ڄڻ مون وڏو ڪم ڪيو. مطلب ته
جڏهن هي بزرگ قبر جي هيبت جو احوال ٻڌندو هو، ته
بيد وانگر ڏڪي ويندو هو، ۽ سندس اکين مان خون جو
چشمو جاري ٿي ويندو هو. ان کان پوءِ ست ڏينهن اهڙي
نموني روئندو رهندو هو. اڀي پير بيٺو هوندو هو، ۽
نظر آسمان ڏانهن هوندي هيس. ان کي روئندو ڏسي اسان
به روئڻ لڳندا هئاسون. جڏهن روئڻ بس ڪندو هو، ته
ويهي اسان ڏانهن مخاطب ٿي چوندو هو: ”اي عزيزو!
جنهن تي موت اچڻو آهي، ملڪ الموت ان جي ڪَڍَ آهي،
۽ تيز رفتار قيامت جو ڏينهن ان جي پٺيان آهي، اهو
ڪيئن خوش رهندو.“
تاريخي طور اها ڳالهه ثابت ڪونهي، ته حضرت عثمان
هاروني سنڌ ۾ آيو هو. البت اهو ثابت آهي، ته حضرت
خواجه معين الدين چشتي، پنهنجي مرشد سان گڏ سير و
سياحت ڪئي. ان کان سواءِ اها به حقيقت آهي ته،
ڇهين صدي جي آخر ۽ ستين صدي جي شروع ۾ سيوستان
پرڳڻي جي ڳوٺ لڪي ۾ حضرت صدرالدين رهندو هو، جنهن
جي مزار اڄ به لڪي ۾ زيارتگاهه خاص ۽ عام آهي. ٿي
سگهي ٿو، ته حضرت خواجه معين الدين چشتي پنهنجي
مريد حضرت بختيار ڪاڪي رح سان گڏ سيوستان جي
علائقي ۾ آيو هجي ۽ حضرت صدرالدين رح سان ملاقات
ڪئي هجي.
چشتي سلسلي جو هڪ وڏو بزرگ حضرت فريدالدين گنج شڪر
(وفات 664 هه-1265ع) حضرت قلندر شهباز جو همعصر ۽
دوست هو. هو چار يار مشهور هئا: حضرت سيد عثمان
قلندر شهباز، حضرت غوث بهاء الدين ذڪريا ملتاني،
سيد جلال سرخ بخاري ۽ حضرت فريدالدين گنج شڪر.
انهن چئني دوستن گڏجي سنڌ ۽ ملتان جو سير و سفر
ڪيو. انهن بزرگن پنهنجي پنهنجي ليکي به سنڌ جي
سياحت ڪئي.
حضرت بابا فريدالدين گنج شڪر حضرت خواجه معين
الدين چشتي اجميري جي خليفي حضرت خواجه بختيار
ڪاڪي رح جو مريد ۽ خليفو هو؛ حضرت خواجه فريد رح
جي ملفوظات ”راحت القلوب“ جي نالي سان سندس مريد ۽
خليفي، حضرت خواجه نظام الدين اولياء دهلوي سن
655هه (1257ع) ۾ مرتب ڪئي، ان ۾ حضرت خواجه فريد
رح جي زباني آيل آهي.
”هڪ ڀيري سيوستان طرف سفر ڪري رهيو هوس، اتي جي
بزرگن ۽ ولين سان ملاقات ڪيم. هڪ ڏينهن شيخ محمد
سيوستاني جي خدمت ۾ حاضر ٿيس، جيڪو صاحبِ ولايت
بزرگ هو. سلوڪ جي باري ۾ ان سان گفتگو ٿي.“
”شيخ محمد“ مان مراد به ساڳيو حضرت شاهه صدرالدين
لڪياري آهي، جنهن وڏي عمر ۾ وفات ڪئي. ان مان ظاهر
آهي، ته حضرت شاهه صدرالدين ۽ ٻيا بزرگ سيوستان جي
علائقي ۾ حضرت سيد عثمان مروندي جي آمد کان اڳ
موجود هئا. هڪ روايت مان معلوم ٿئي ٿو ته، حضرت
سيد عثمان مروندي جڏهن سير و سفر ڪندو سنڌ ۾ آيو،
۽ سيوهڻ جي پسگردائيءَ ۾ پهتو، ته حضرت شاهه
صدرالدين لڪياريءَ سان سندس ملاقات ٿي، موڪلائڻ
وقت حضرت سيد عثمان مروندي کيس چيو، ته ”مون سان
گڏ پنهنجي اولاد ڏيو، جيڪا مون سان هميشـﮧ گڏ
رهي.“ حضرت شاهه صدر رح کين پنهنجو پوٽو شاهه
صلاح الدين سندن خدمت ۾ ساڻن گڏ روانو ڪيو. هڪ
روايت مان اهو به معلوم ٿئي ٿو، ته حضرت قلندر
شهباز پنهنجي ٻين دوستن: حضرت غوث بهاؤ الدين
زڪريا ملتاني، حضرت سيد جلال سرخ بخاري ۽ حضرت
بابا فريد رح سان گڏجي حضرت شاهه صدر رح سان
ملاقات ڪئي.
اهي بزرگ ستين صديءَ جي ٻي چوٿائيءَ ۾ سنڌ ۾ آيا،
۽ انهن حضرت شاهه صدرالدين رح سان ملاقات ڪئي. مٿي
ڄاڻايل ملفوظات ۾ حضرت شاهه صدر رح جو جيڪو احوال
ملي ٿو، ان مان معلوم ٿئي ٿو، ته هو هڪ صوفي بزرگ
هو. سدائين الله تعالى جي ياد ۾ مشغول رهندو هو، ۽
گوشه نشيني ۾ سادي زندگي گذاريندو هو. ان مان واضح
ٿئي ٿو ته، سنڌ ۾ صوفيانه تعليم جو سلسلو اڳ ۾ ئي
قائم هو؛ پر اهو معلوم ڪونه ٿو ٿئي، ته حضرت شاهه
صدر رح ڪنهن جو مريد هو، ۽ سندس صوفيانه سلسلو ڪٿي
پهچي ٿو. بهرحال اهو چٽيءَ طرح ظاهر ٿيو، ته سنڌ
جي مشهور سلسلن- چشتي، قادري ۽ سهروردي- کان اڳ ۾
سنڌ ۾ تصوف جي تعليم جو رواج موجود هو.
مٿين روايتن موجب چشتي سلسلي جا بزرگ حضرت خواجه
معين الدين چشتي ۽ حضرت خواجه فريدالدين گنج شڪر،
حضرت شاهه صدر رح سان مليا ۽ سندس شخصيت ۽ صوفيانه
طريقي کان متاثر ٿيا. سهرودي سلسلي جا بزرگ حضرت
غوث بهاؤالدين زڪريا ملتاني ۽ سيد جلال سرخ بخاري
به ان سان ملاقي ٿيا. نه فقط ايترو پر حضرت سيد
عثمان قلندر شهباز به ساڻس مليو ۽ کانئس متاثر
ٿيو؛ ۽ حضرت شاهه صدر رح پنهنجو پوٽو حضرت قلندر
سائينءَ جي سپرد ڪيو. اهو ڏيکاري ٿو، ته سنڌ ۾
قديم زماني کان رائج صوفيانه تعليم ۽ مشهور
صوفيانه سلسلن چشتي، قادري ۽ سهروردي ۽ قلندري
طريقي ۾ بنيادي طرح ڪوبه فرق نه هو. يعني صوفيانه
تعليم جو بنيادي مقصد ساڳيو آهي پر مقصد جي حصول
لاءِ عملي طريقا جدا جدا آهن.
سهروردي سلسلو:
هن سلسلي جو بنياد حضرت شيخ ابوالنجيب عبدالقادر
سهروردي وڌو، جنهن سنه 522 هه (1168ع) ۾ بغداد ۾
وفات ڪئي. سندس طريقت جو سلسلو حضرت جنيد بغدادي
سان ملي ٿو. سندس نسب جو سلسلو حضرت ابوبڪر صديق
رضه سان ملي ٿو. سندس وڏن خليفن جي نالي پٺيان جدا
جدا سلسلا جاري ٿيا؛ جهڙوڪ: ڪبرويه، شطاريه،
فردوسيه ۽ سهرورد جاري ٿيا. مکيه سلسلي ”سهرورديه“
کي سندس ڀائٽي شيخ شهاب الدين سهروردي هلايو ۽ اوج
تي رسايو. هن سنه 632 هه (1234ع) ۾ وفات ڪئي.
حضرت قلندر شهباز جي آمد کان ٿورو اڳ ڇهين صدي
هجري ۾ سهروردي سلسلو سنڌ ۾ داخل ٿيو. سيد محمد
شجاع مشهد جو رهاڪو هو، ۽ حضرت شيخ شهاب الدين
سهروردي جو نياڻو ۽ خليفو هو. هو ڪجهه وقت بغداد ۾
رهڻ کان پوءِ پنهنجي گهر واريءَ سوڌو بغداد مان
مڪه مڪرمه آيو، جتي کيس پٽ ڄائو، جنهن جو نالو سيد
محمد مڪي رکيو ويو. سيد محمد شجاع واپس مشهد آيو ۽
اتي وفات
ڪيائين. سيد محمد مڪي لڏي اچي بکر (سنڌ) ۾ رهيو.
هتي سندس اولاد وڌي ويجهي، ۽ اڃا تائين روهڙي، ٺٽي
۽ ٻين شهرن ۾ موجود آهي، کيس ٻه پٽ ٿيا، سيد
صدرالدين ۽ سيد بدرالدين. سيد جلال سرخ بخاري سيد
بدرالدين جو نياڻو هو.
سنڌ مان حضرت شيخ نوح بکري به حضرت شيخ شهاب
الدين سهروردي جو خليفو هو. هو سنڌ مان وڃي حضرت
سهرورديءَ کان روحاني فيض حاصل ڪري آيو هو. سندس
مقبرو بکر ٻيٽ ۾ زيارتگاهه خاص و عام آهي. سهروردي
سلسلي کي حضرت غوث بهاؤالدين زڪريا ملتاني تمام
گهڻو ڦهلايو. هن سنڌ ۽ ملتان جي ڪنڊ ڪڙڇ جي سياحت
ڪئي، ۽ خدا جي مخلوق کي روحاني فيض پهچايو. حضرت
قلندر شهباز به ساڻس ملاقات ڪئي ۽ ساڻس گڏجي سياحت
ڪئي. سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ سهروردي سلسلي جو اثر
رهيو. قديم زماني ۾ بيشمار بزرگ هن سلسلي سان
وابسته رهيا.
نقشبندي سلسلو:
هن سلسلي جو باني حضرت خواجه بهاؤالدين نقشبندي
بخاري آهي، جنهن 791 هه (1388ع) ۾ وفات ڪئي. هي
سلسلو سنڌ ۾ گهڻو پوءِ پهتو. سنڌ ۾ هن سلسلي جو
پهريون بزرگ مخدوم آدم ٺٽوي آهي، جيڪو ٻارهين صدي
هجري جي اوائل ۾ ٿي گذريو.
قلندر طريقو:
حقيقت ۾ صوفياءِ ڪرام جو وضع ڪيل اصطلاح آهي.
قلندر ان کي چيو ويندو آهي، جيڪو پنهنجي ارادن،
خواهشن ۽ تمنائن کي ترڪ ڪري، راضي به رضا الاهي
رهي؛ ۽ ان ۾ ئي دلي سڪون حاصل ڪري، يعني دل جي
روحاني جذبن کي سموري توجهه جو مرڪز ۽ محور بنائڻ
قلندري طريقي جي خصوصيت آهي. انهيءَ لحاظ کان
قلندري طريقي جو بنياد ٻن ڳالهين تي آهي، زهد ۽
محبت. مطلب ته فقط هڪ جو ٿي رهڻ، ۽ ٻين کي ترڪ ڪرڻ
۽ انهن سان ڪو به لڳ لاڳاپو نه رکڻ. ان طريقه ڪار
جي ڪيفيت جو نالو مستي آهي، ۽ مستي ئي قلندري
طريقي جي سڃاڻ آهي.
مستيءَ جي تعريف هن طرح ڪري سگهجي ٿي، ته مستي عشق
الاهيءَ جي حد ڪمال جي نشاني آهي ۽ عشق جي انتهائي
منزل آهي. مطلب ته قلندري طريقو ظاهري عبادتن ۽
رياضتن سان گڏ مستي، جوش، جذبي، محويت ۽ استغراق
تي گهڻو زور ڏئي ٿو. قلندري طريقو حضرت سيد جمال
مجرد کان شروع ٿيو، جيڪو وڏو عالم ۽ فاضل هو، ۽
ڪيترو وقت مصر جو مفتي به ٿي رهيو هو. اوچتو مٿس
اهڙو جذبو ۽ جوش طاري ٿيو، جو ڏاڙهي مڇون ڪوڙائي،
قبرستان ڏانهن هليو ويو ۽ هڪ چادر ويڙهي قبلي
ڏانهن منهن ڪري ويهي رهيو. |