يونيسڪو جو تعليمي پروگرام
يونيسڪو جي بين الاقوامي تعليمي ڪميٽيءَ جا نروار
ڪيل نطقا- 1971ع
1-آئيندي لاءِ صنعتي ترقي ڪيل يا اسرندڙ، هر ملڪ ۾ تاحيات تعليم
کي بنيادي اهميت ملڻ گهرجي.
2-تاحيات تعليم لاءِ تعليمي سرشتي کي ٻيهر جوڙيو وڃي. تعليم کي
اڳتي اسڪولن جي ڀتين اندر بند نه رکيو وڃي. تعليم
کي هڪ حقيقي عوامي تحريڪ بڻايو وڃي.
3- تعليم لاءِ ڪيئي طريقا استعمال ڪيا وڃن. ان
ڳالهه جي اهميت ناهي، ته ڪير ڪيئن پڙهيو؛ وڏي
ڳالهه هيءَ آهي، ته اصل ۾ هو علمي قابليت جو مالڪ
آهي يا نه.
4- تعليم جي مختلف شاخن ۽ حدن جي وچ ۾ سموريون مدي
خارج يا هٿرادو رنڊڪون هٽايون وڃن.
5- 1970ع واري ڏهاڪي جي تعليمي رٿائن ۾ اسڪول داخل ٿيڻ
کان اڳ جي عمر وارن ٻارن جي تعليم جو بندوبست ڪيو
وڃي.
6- لکين ٻار ۽ نوجوان تعليم کان محروم آهن. قومي ضرورتن
۽ وسيلن مطابق تعليمي رٿائن ۾ سڀني لاءِ تعليم کي
بنيادي مقصد قرار ڏنو وڃي.
7- تعليم جي مختلف شاخن ۾ زبردست وٿيون ۽ ڀيد ختم
ڪيا وڃن. پرائمري ۽ سيڪنڊري سطح تي تعليم اهڙي
ڳتيل ۽ ڳنڍيل هجي، جو ان ۾ ڪتابي پڙهائي،
ٽيڪنالاجي، عملي ۽ هٿ جا هنر سڀ شامل هئڻ گهرجن.
8- تعليم جو مقصد نوجوانن کي رڳو هڪ ڪم لاءِ تيار
ڪرڻ ناهي، پر کين ڪيئي ڪم ڪرڻ لائق بڻائڻو آهي.
9- ٽيڪنيڪل ڪمن جي سموري ذميواري اسڪولن تي وجهڻ
گهرجي. ان ۾ اسڪولن، ڪاروبار، صنعت ۽ اسڪول کان
ٻاهر جي سرشتن کي به شريڪ ڪرڻ گهرجي.
10- اعلى تعليم کي وسيع بنايو وڃي، ته جيئن فرد ۽ معاشري ٻنهي جون ضرورتون
پوريون ٿي سگهن. يونيورسٽين جي باري ۾ روايتي فڪر
۾ تبديلي آڻڻ گهرجي.
11- هر قسم جي تعليم تائين پهچ ۽ روزگار حاصل ڪرڻ جو دارومدار ماڻهوءَ جي
علم، قابليت ۽ مناسبت تي هئڻ گهرجي.
12- ايندڙ ڏهن سالن جي رٿابندي ۾ اسڪول يا اسڪول کان ٻاهر بالغن جي تعليم کي
ترجيح ڏيڻ گهرجي.
13- بالغن واري تعليم جو ملڪ ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي سان ناتو جوڙڻ گهرجي.
14- سمورن تعليمي سرشتن ۾ ”پنهنجي تعليم پاڻ ڪرڻ“ لاءِ مددي شين جهڙوڪ لساني
لئبارٽريون، لائبريريون، انگن اکرن جي ذخيرن، ڏسڻ
۽ ٻڌڻ وارن اوزارن کي شامل ڪرڻ گهرجي.
15- نين تعليمي ٽيڪنڪس جي روشني ۾ سمورن تعليمي سرشتن جي رٿابندي ڪري، انهن
کي ٺاهيو وڃي.
16- استادن جي سکيائي پروگرامن لاءِ جديد قسم جي مددي شين ۽ پاڙهڻ جي طريقن
کان پورو فائدو وٺڻ گهرجي.
17- پرائمري اسڪولن، ٽيڪنيڪل ڪاليجن، سيڪنڊري اسڪولن ۽
يونيورسٽين ۾ مرتبي ۽ معتبري جا فرق ختم ڪيا وڃن.
18- استادن کي اهڙي تعليم ڏني وڃي، جو هو معلم بنجن. تعليم کي
منتقل ڪرڻ جا خاص ماهر نه ٿين.
19- اسڪولن ۾ هنر سيکارڻ لاءِ هنرمند پورهيتن، ڪاريگرن،
ٽيڪنيشنن ۽ منتظمين کي مقرر ڪرڻ گهرجي. شاگرد ڪم ۾
حصو وٺن ۽ گڏوگڏ ٻين کي به سيکارين.
20- هلندڙ رواج جي ابتڙ هاڻي تدريس ۾ شاگردن جي ضرورتن کي خيال
۾ رکيو وڃي. شاگرد کي ان ڳالهه جي وڌيڪ آزادي ڏني
وڃي، ته هو ڇا پڙهي ۽ ڪٿي پڙهي.
21- شاگردن ۽ سموري عوام کي تعليمي معاملن بابت راءِ جو حق ڏنو
وڃي.
(ايڊيٽوريل)
اديبن ۽ شاعرن لاءِ فائونڊيشن جو قيام
اها خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته موجوده عوامي جمهوري
حڪومت اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ اديبن ۽ شاعرن جي
فلاح ۽ بهبود طرف توجهه ڪيو آهي. وفاقي وزارت 27-
مارچ 1989ع تي وزيراعظم محترمـﮧ بينظير ڀٽو جي
صدارت ۾ ٿيل گڏجاڻيءَ ۾ حاجتمند اديبن، شاعرن،
فنڪارن، هنرمندن ۽ رانديگرن جي ڀلائيءَ لاءِ هڪ
فائونڊيشن قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن لاءِ
ٽن ڪروڙ رپين جي رقم رکي ويئي آهي.
چونڊيل حڪومت طرفان اديبن ۽ شاعرن جي ڀلائيءَ لاءِ
کنيل هن قدم جي اسان آجيان ڪيون ٿا. اسان کي يقين
آهي ته فائونڊيشن جي عملي ڪارڪردگيءَ سان معاشري
جي هڪ بيحد حساس ۽ اهم طبقي- اديبن ۽ شاعرن- جي
بهبود لاءِ خاص اپاءَ ورتا ويندا، جن لاءِ هُو
مستحق آهي.
هن موقعي تي اسان هن ڳالهه جو ذڪر ڪرڻ مناسب ٿا
سمجهون ته ادب جي فروغ لاءِ قومي سطح تي قائم ڪيل
اداري اڪيڊمي ادبيات پاڪستان، پنهنجي دائرهء
ڪار ۾، اديبن ۽ شاعرن جي ڀلائي لاءِ ماضيءَ
۾ ڪافي توجهه ڏنو آهي خاص طرح سان سنڌ جي اديبن ۽
شاعرن جي بهبود لاءِ هن اداري، ماضي بعيد جي
مقابلي ۾، گذريل چند سالن ۾ جنهن خاص توجهه جو
مظاهرو ڪيو آهي، اُهو قابل تحسين آهي، پر اسان کي
اهو به علم آهي ته اڪيڊمي ادبيات پاڪستان، خالص
پنهنجي محدود دائره ڪار ۽ مقرر وسيلن آهر اديبن ۽
شاعرن جي خدمت ڪئي آهي ۽ ڪندي رهي ٿي، تنهنڪري
اديبن ۽ شاعرن جي سڀني مسئلن جو، ڀرپور انداز سان
۽ فوري حل اڪيڊمي لاءِ بهرحال ممڪن ڪونه آهي. ان
لحاظ کان ان امر جي واقعي بيحد ضرورت هئي ته قومي
سطح تي اديبن ۽ شاعرن جي ڀلائيءَ لاءِ هڪ اهڙو خاص
۽ وسيع ادارو هجي، جنهن وسيلي انهن جا سڀ مسئلا حل
ٿي سگهن. نهايت خوشيءَ جو موقعو آهي ته ان قسم جي
فائونڊيشن جي قيام جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن جو
بنيادي مقصد ئي ليکڪن ۽ ٻين متعلق شعبن سان لاڳاپو
رکندڙ ماڻهن جي ڀلائي آهي.
مذڪوره فائونڊيشن جي قيام جي موقعي تي سنڌي اديبن
جي حوالي سان اسان ڪجهه نقطا پيش ڪرڻ گهرون ٿا، جن
تي خاص توجهه ڏنو وڃي.
(1) سنڌي اديبن ۽ شاعرن کي بجا طور تي اها شڪايت
رهندي ٿي اچي ته بيماريءَ جي حالت ۾ حڪومت طرفان
علاج لاءِ گهربل توجهه نٿو ڏنو وڃي ۽ ڪيترائي سنڌي
اديب ۽ شاعر بي ڌيانيءَ جي صورت ۾ اسان کان هميشـﮧ
لاءِ وڇڙي ويا آهن. ان سلسلي ۾ جناب رشيد ڀٽي جو
ڪيس، مثال طور پيش ڪري سگهجي ٿو. ان طرح ڪيترن ئي
اديبن جي علاج لاءِ اخبارن ۾ روز بروز مطالبا
ايندا رهن ٿا، جن ۾ شيخ اياز، خان محمد پنهور ۽
صلاح جمالي جي علاج طرف ڌيان ڇڪايو ويو آهي.
(2) قومي سطح تي اڪيڊمي ادبيات پاڪستان اڳي ئي ادب
جي فروغ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي ۽ اديبن ۽ شاعرن کي
سندن ناداري، پيرانه سالي ۽ مسڪيني حالت ۾ ماهانه
وظيفن سان گڏ مالي مددون ڪري رهي آهي، تڏهن نهايت
مناسب ٿيندو ته مجوزه فائونڊيشن جي ڪم ڪار
پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس جي مشاورت کي اوليت ۽
اهميت ڏجي، جيئن فائونڊيشن کي پنهنجي مقصدن جي
حاصلات ۾ مڪمل ڪاميابيون حاصل ٿين.
(3) فائونڊيشن جي انتظام ۾، صوبائي نمائنده ادبي
ادارن- مثلاً سنڌي ادبي بورڊ، پنجابي ادبي بورڊ،
پشتو اڪيڊمي ۽ بلوچي اڪيڊمي کي لازمي طرح نمائندگي
ڏني وڃي، جيئن ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مختلف پاڪستاني
ٻولين جي اديبن ۽ شاعرن جي صحيح ترجماني ٿي سگهي.
(4) سنڌ ۾ ڪيترائي خانگي علمي ۽ ادبي ادارا،
تنظيمون، اڪيڊميون ۽ جماعتون، ادب جي اوسر ۾ فعال
۽ تعميري ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، جن کي مناسب
سرڪاري مالي سرپرستي نصيب نه ٿي آهي. اهڙن ادارن ۾
سنڌي ادبي سنگت، بزم طالب المولى سنڌ، سنڌ
گريجوئيٽس ائسوسيئيشن، سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي،
علامه آءِ. آءِ. قاضي ميموريل سوسائٽي، شيخ
عبدالمجيد سنڌي اڪيڊمي، زندگي پبليڪيشن، منصور
پبليڪيشن، مختلف ضلعن ۾ قائم ٿيل هسٽاريڪل
سوسائٽيون، سنڌ سگهڙ جماعت وغيره جا نالا مکيه
آهن. ضرورت آهي ته مجوزه فائونڊيشن طرفان انهن
ادارن جي مناسب مالي مدد ڪندي کين گرانٽون ڏنيون
وڃن.
توقع آهي ته مذڪوره فائونڊيشن جي سلسلي ۾ مٿين
تجويزن کي آڏو رکيو ويندو.
خان محمد پنهور جي پرڏيهه ۾ علاج لاءِ اپيل
سنڌي زبان جي نامياري ليکڪ، مخلص سماجي ڪارڪن ۽
ادب جي بي لوث خذمتگذار جناب خان محمد پنهور جي
پرڏيهه ۾ علاج ڪرائڻ لاءِ سنڌ جي ادبي حلقن مطالبو
پئي ورجايو آهي. تازو سنڌي اديبن جي هڪ وفد، محترم
شمشيرالحيدريءَ جي قيادت ۾ سنڌ جي وڏي وزير جناب
سيد قائم علي شاهه سان ملاقات ڪري، کيس گذارش ڪئي
ته ان مطالبي تي عملي توجهه ڏنو وڃي. جناب شاهه
صاحب جن وفد کي همدرديءَ سان ٻڌو ۽ مطالبي جي
پورائي لاءِ مثبت موٽ ڏني.
تازو 23- اپريل 1989ع تي سنڌ جي عظيم ادبي شخصيت،
سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين ۽ پاڪستان پيپلس
پارٽيءَ جي سينيئر وائيس چيئرمين جناب مخدوم محمد
زمان طالب المولى صاحب، پ. پ. پ تي زور ڀريو آهي
ته مسٽر خان محمد پنهور جي بنا دير جي پرڏيهه ۾
طبي علاج ڪرائڻ لاءِ سنڌ سرڪار کي پرزور سفارش ڪئي
وڃي. پ. پ. پ جي چيئرپرسن بيگم نصرت ڀٽو ڏانهن
لکيل خط ۾ جناب مخدوم صاحب چيو آهي ته مسٽر خان
محمد پنهور مغز جي ٽيومر سبب بيمار آهي ۽ پاڪستاني
ڊاڪٽرن سندس چار ڀيرا آپريشنون ڪيون آهن، جن هاڻ
کيس پرڏيهه ۾ علاج جو مشورو ڏنو آهي. قبله مخدوم
صاحب وڌيڪ لکيو آهي ته مسٽر خان محمد پنهور نه رڳو
سنڌ يونيورسٽيءَ لاءِ اثاثو آهي، بلڪ هو سنڌ جي
ادبي حلقن ۽ ڳوٺ سڌار سنگت جو به سرمايو آهي، جيڪا
سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪم ڪري رهي آهي، جنهن جو هو
تاحيات چيئرمين آهي. مخدوم صاحب جن چيو آهي ته
مسٽر پنهور جي عمر فقط چاليهه سال آهي، ۽ اميد آهي
ته چاق ٿيڻ کان پوءِ هو سنڌ جي سماجي، ادبي ۽
تعليمي اوسر لاءِ اڃا به وڌيڪ جاکوڙ ڪندو، جيڪا هن
اڳي ئي ڪئي آهي. جناب طالب المولى صاحب جن فرمايو
آهي ته مسٽر منظور جهڙو قيمتي ذهن نقصان جي وڏي
خطري هيٺ آهي، جنهن ۾ دير ڪرڻ ڪري هڪ وڏو قومي
نقصان ٿي سگهي ٿو.
اسان کي يقين آهي ته جناب مخدوم صاحب جن جي هن
تحرڪ ۽ توجهه جو فوري عملي نتيجو پيدا ٿيندو ۽
جناب خان محمد پنهور کي سرڪاري خرچ تي جلد پرڏيهه
علاج لاءِ اماڻيو ويندو.
- نفيس احمد شيخ
مهربان شاعرن کي هڪ خاص گذارش
مهراڻ جا بيشتر ڪرم فرما شاعر پنهنجو ڪلام ڪاغذ جي مختلف سائيزن تي رف نموني
سان لکي ٿا موڪلڪين ۽ اڪثر پنهنجي پوسٽل ائڊريس به
نٿي ڄاڻائجي. هڪڙي ڪاعذ تي ٻه- ٽي ڪلام لکي موڪلڻ
به معمول ۾ شامل آهي. مهربانن کي گذارش آهي ته ان
قسم جي پهتل مواد سبب پڙهڻ، چونڊ، ترتيب ۾ شامل
ڪرڻ ۽ پريس ڪاپي ٺاهڻ جي مرحلن ۾ ڪافي دشواري پيش
اچي ٿي ۽ بعض اوقات سٺو ڪلام به درج ٿيڻ کان رهجي
ٿو وڃي.
مهربان شاعرن کي استدعا آهي ته پنهنجو ڪلام فل سڪيپ شيٽ تي لکي موڪلين؛
ساڳي شيٽ تي هڪ کان وڌيڪ شعر لکڻ يا پُٺ تي لکڻ
کان مڪمل پرهيز ڪجي؛ ۽ پنهنجي پوسٽل ائڊريس ڄاڻائڻ
نه وسارجي.
- اداره ”مهراڻ“
·- مهراڻ ۾ شايع ٿيندڙ مواد، جيئن ته بنيادي طرح تحقيقي موضوعن
تي مشتمل آهي، انڪري اُن جي نفس مضمون جي ذميواري
مهربان لکندڙن تي آهي. سندن راين کي سنڌي ادبي
بورڊ جي راءِ نه سمجهڻ گهرجي.
·-مهراڻ ۾ آيل مواد سنڌي ادب ۽ زبان جي واڌ کان وڌ خدمت جي نيڪ
مقصد سان ٻئي هنڌ وڏي شوق سان شايع ڪري سگهجي ٿو.
مهراڻ جو حوالو ڏيڻ بهرحال مناسب آهي.
مواد موڪلڻ لاءِ ايڊريس:
مهراڻ
سنڌي
ادبي بورڊ
ڄامشورو- پوسٽ
ڪوڊ 76070
وايا حيدرآباد
سنڌ.
وزيراعلى سنڌ طرفان ”ڪشف المحجوب“ جي پڌرائي
سنڌ جي برک عالم ۽ شاعر ڊاڪٽر عطا محمد حاجي جي
ستين ورسي جي موقعي تي ڳوٺ سوهو قناصرو ۾ ٿيل ادبي
تقريب جي موقعي تي سنڌ جي وزيراعلى سيد قائم علي
شاهه، سنڌي ادبي بورڊ جي نئين شايع ڪيل ڪتاب ”ڪشف
المحجوب“ (ترجمو: ڊاڪٽر حامي) جي پڌرائي ڪئي.
وزيراعلى سان گڏ جناب حبيب الله صديقي سيڪريٽري
سنڌي ادبي بورڊ ۽ ڊاڪٽر تنوير عباسي نمايان نظر اي
رهيا آهن. (17- مارچ 1989ع)
شاعري
اول آنڌي آئي، پويان جُهڙُ جهُجهو
نڪو اولو آسرو، نڪو اوٽ اجهو
ڏهيلين ڏجهو، تن پرور رک پناهه ۾
---
هڪ وسڻ ٻيو وڄڻ، لهي پيو سيءُ
جهوري وڌائين جهوپيون، ڇن وڌائين ڇيءُ
رنُن جو رڻَن ۾، واهه وسيلو ٿيءُ
حال جنين جو هيءُ، تن پرور رک پناهه ۾
-سچل
سرمست
مخدوم محمد زمان ”طالب المولى“
رهي ٿي ڪانه دلبر يار يڪتائي ٻيائي ۾،
جدائي ٻن پوي، ملندي حقيقت هيڪڙائي ۾.
ثمر وڻ ۾ ٿيندو، شگوفن کي جڏهن ڇاڻي،
عجب اُهي رکي قادر وفائي بيوفائي ۾.
خدا جي خلق جي بي لوث خدمت ڪر ته افضل ٿين،
هزارين نعمتون حاصل ٿين حاجت روائي ۾.
جي دشمن ڳولڻو آهي ته وڃ ڪنهن سان چڱائي ڪر،
مخالف گر کپي، ملندو اڀاڳو آشنائي ۾.
اسان پيري ۽ مخدومي کي رندي تي ڇڏيو وڪڻي،
هزارين عيب پوشيده هئا دلقِ ريائي ۾.
سڄڻ چوڏهين جي آهي چنڊ کان برتر خدا جو سنهن،
ٻڌائي ڪو، ڀلا ٿيندي ڪڏهن اونداهي سهائي ۾.
رڳو ڳوراڻ تي آهي هم نيشنو ڪين ڪي ڀلجو،
يقين رکجو ته ٿيندي آهه ڪجهه ڪاراڻ اڇائي ۾.
جنابِ شيخ، مفتي، محتسب، زاهد ۽ واعظ سڀ،
ٿا وڪڻن سڀ خدا کي روز رمزِ پارسائي ۾.
نه سينو ساهجي هردم نه ڪڌ ۾ ور وجهڻ گهرجي،
وڃي ڦهڪو ڪبو پٽ تي ادا آڪڙ اجائي ۾.
پرين ته ايندو ته اهڙي طرح ملبس ”طالب المولى“،
وجهي ٻک ٿو وٺي دشمن کي دشمن، جئن لڙائي ۾.
سمورو وقت سهڻو گذرندو اي ”طالب المولى“،
جڏهن هر ڪنهن سان هلبو يار ننڍڙو ٿي وڏائيءَ ۾.
نياز همايوني
آدم سر الاهي
ماڻهو مٽيءَ جا بت ٺاهي، تن کي ويٺو پوڄي ٿو
آءٌ اُتاهون آهيان اُڀ کان، پنهنجي ليکي سوچي ٿو
جڏهن ڏسي ٿو پٿر جا بت، تن وٽ مستڪ ٽيڪي ٿو
صدين کان هي پاڻ ائين ئي پوئين پيرين هلندو آهه
بُکيو آهه ته مانيءَ ٽڪر لاءِ گداگر ٿيندو آهه
پيٽ ڀرڻ کان پوءِ هي پنهنجو پاڻ خدا ٿي پوندو آهه
هي جي خودمتيار تڏهن ڀي، عادت کان مجبور ائين
ڌوڌ ۽ ڌاڙو ڌنڌو هن جو، ارڏائيءَ ۾ چُور ائين
سودو پٺيان ٿو سڌڙيو سارو ڇڏي اُڏائي مور ائين
ڪنهن ڏاهي جو قول ته ماڻهو آرين پارين ڍور آهي
ڍور جئان ٿي گذر ڪري ٿو: عقل کان ماڳهين ڪور آهي
مفت جي مال تي مارو هن جو، هونءَ به هي ڪم چور آهي
مطلب جو مانڊاڻ مڙيوئي، ماڻهو جيڪي ڪري پيو
يا ته اٿس ڊپ باٺي جو يا پيٽ جي پويان مري پيو
ڦرڻيءَ وانگر واءُ جي رخ تي جيڏانهن ڪيڏانهن ڦري
پيو
هن جا روپ هزارين ڀائو! هن جا آهن سانگ لکين
ڪڏهن ته مُرليءَ تي ٿو نچائي، جوڳي وانگي نانگ
لکين
ڪڏهن ٿو نانگو بڻجي پل ۾، ڀاڻ ڪري ڀڙڀانگ لکين
من ۾ مَدايون جي آهن ته اٿاهه سچايون ڀي آهن
ڪوڙ ڪمائي ٿو ته وٽس ڪي چٽيون چڱايون ڀي آهن
پستيءَ هوندي هن جي فطرت ۾ ڪي اُچايون ڀي آهن
جاڳ تون هن جي اندر وارا! هن کي تنهنجو درڪ کپي
هن کي جنجل کان ڪر آجو، هن کي سڀ کان ترڪ کپي
آدم سِر الاهي الا، اڄ هن کي ساڳيو مَرڪ کپي.
امداد حسيني
دانگيءَ جهڙي رات
دانگيءَ جهڙي صدين تائين سرد ڊگهي ۽ ڪاري رات
ڇاتيءَ تي ڪنهن رکي ڇڏي هئي هماليا کان ڀاري رات
مُٺ ۾ ساهه پساهه نپوڙي چنڊ ستارن سارن جو
ڪوريئڙي جيئن ڄار اُڻي وئي هر ڄاڻوءَ تي ڄارن جو
گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ چونڪ چونڪ تي پهرو هو خرڪارن جو
ڇا ٿيندو ڇا ٿيندو تنهنجي منهنجي ابهم ٻارن جو
ڪهڙي ڏينهن، ڏهاڳڻ جهڙي آهي هيءَ ڏيکاري رات
دانگيءَ جهڙي صدين تائين سرد ڊگهي ۽ ڪاري رات
ڇا سپنا سپنا رهندا سچ ڪڏهن به نه ٿي سگهندا
ڇا ڪرڻن ليءِ نيڻ پياسا بس ڳوڙها ئي پي سگهندا
ڏک ڏسڻ تي سک سَرڻ تي روئي ڪونه کلي سگهندا
قبرن وانگر بند گهرن ۾ ماڻهوئڙا ڪيئن جي سگهندا
ڪهڙو ان سان سڱ سياڪو آهه ڌريان ئي ڌاري رات
دانگيءَ جهڙي صدين تائين سرد ڊگهي ۽ ڪاري رات
پنهنجو سڱ ته سورج جهڙو آ جيئين شال سدائين
ڳل ڳرهاٽين ۾ هڪٻئي کي ڏڍ ڏنوسين ٿي سائين
دانگيءَ جهڙي رات به آهي سورج جي اَڀرڻ تائين
ٻاٽ جيائين، پنهنجي اکڙين ۾ آس اُهاءُ تِهائين
سسئيءَ جهڙي سڪ هر جُڳ ۾ ڏونگر جهڙي ڏاري رات
دانگيءَ جهڙي صدين تائين سرد ڊگهي ۽ ڪاري رات
جاڳڻ ۽ جاڳائڻ ڪارڻ پاڻ اڃا پئي ڳالهايو
اُن پل سورج پهريون ڪرڻو ٻَهر اڱڻ ۾ اڇلايو
ڪرڻو هو يا سونو سِڪو ڇڻڪي جو آواز آيو
درن درين کي پوءِ ته ڪرڻن لاڳيتو پئي کڙڪايو
ڇڙيون هڻي ۽ مري ٺري وئي پوري ٿي وئي ساري رات
دانگيءَ جهڙي صدين تائين سرد ڊگهي ۽ ڪاري رات
هماليا تان ٽيپو ٽيپو برف ڳري ڙي برف ڳري
ساگر بن سنڌوءَ جي ساعت ڪانه سري ڙي ڪانه سري
هير گهلي ۽ پورب پاسي کُلي دري ڙي کُلي دري
دل ڌرتيءَ تي ڦوٽهڙي جي مُند وري ڙي مُند وري
انت پڄاڻيءَ تي پهچي وئي ڏهاڳڻي ڏوهاري رات
دانگيءَ جهڙي صدين تائين سرد ڊگهي ۽ ڪاري رات
لِکڻ لَکڻ
لکڻ ڪڏهن به نه تياڳڻ گهرجي
حوصلو ڪڏهن به نه هارجي
هر حال ۾ بهرحال جيڻ گهرجي
سسئيءَ واري پَرِ پارجي
جبل آهي ته جهاڳڻ گهرجي
واءُ لڳي ته به وارجي
ڏيئي کي اجهامڻ نه ڏيڻ گهرجي
تيل نه سهي، ريٽو رت ٻارجي
گهر ۾ اوندهه نه ٿيڻ گهرجي
پاڻ جي به جوت جيارجي
گيت رچڻ سُر سرجڻ گهرجي
’پيءُ‘ پپيهو ٿي پڪارجي
بادل ٿي بُٺ تي برسڻ گهرجي
جو من ۾ سو پَني تي اُتارجي
جوکم ئي سهي سر تي کڻڻ گهرجي
ڌرتيءَ جو دم دم ڌيان ڌارجي
ٻوليءَ جو قرض لاهڻ گهرجي
لکڻ ڪڏهن به نه تياڳڻ گهرجي.
عنايت بلوچ
ورڊس ورٿ جي مزار تي
(1983ع)
هيڏي هوڏي جاڏي ڪاڏي
هر جا، هر هنڌ، اوسي پاسي،
هيٺ مٿي ۽ کاٻي، ساڄي،
ويڪر ڊيگهه ۽ اوري پرتي،
فطرت، سُونهن ۽ سندرتا جو سانوڻ ساگر
موجون ماري
ڇا هيءَ ڌرتي ساڳي آهي؟
جنهن تي دنيا ساري،
تون مان،
گهُمون ڦرون ٿا
اچون وڃون ٿا،
هيءَ ڌرتي سا ڌرتي ناهي.
هِنَ ڌرتيءَ جا نقشَ ڏسي ڪو،
فنڪاريءَ جو ڇيههُ پَسي ڪو،
جنهن کي شايد ڪنهن ”ڪاريگرَ“
نَپَ سنڌا ۽ جوڙَ ملائي،
تيار ڪري ٺاهي سينگاري،
سُونهن سمائي ۽ چمڪائي،
هِن ٽڪريءَ تي پيوند جوڙي فِٽ ڪيو آ.
رنگ برنگي قِسمين قِسمين
گُل ڦل وڻ ٽڻ ڍنڍون ڍورا،
گاههَ وليون ۽ سبزا ساوڪَ،
جوڙا جوڙا نِينهنَ نسورا.
فطرتَ جي هِنَ سُونهن جو جهنگل جهاڳي جهاڳي نظر
کُٽي ٿي.
جنت باقي ڪهڙي هوندي؟
هوندي هوندي مان به مڃان ٿو،
آس رکان ٿو، ليڪن هڪڙي،
جنت ڀي شل ساڳي هوندي،
منهنجي شاعر ”وِليم“ واري،
جنهن ۾ هي فطرت جو شاعرَ،
اَبدَي ننڊَ ستو پيو آهي.
فطرت جا عڪاس اي شاعرَ،
مان تنهنجي تعريف ڪريان،
يا
فطرت جي هن سُونهن، نظارن، حُسن تي ويهي گيت لکان!
تُنهنجي شعر ۾ قُوت آهي،
قدرت آهي، طاقت آهي.
تنهنجي شهر تي قدرت، قُوت، طاقت جو سرچشمو ليڪن،
فطرت، سُونهن ۽ سُندرتا جي، ”وِليم“ تنهنجي ڌرتي آهي.
تُنهنجي ڌرتي داد ته لهڻو،
پَر، منهنجي دل وارا شاعِرَ!
توريءَ ڪير هجي ها،
جيڪو،
”ذئفوڊلس“ کي اَمرَ ڪري ها،
”ريپر“ کي ٻيو ڪير ٻُڌي ها،
توڙي ٻي هئي تنهن جي ٻولي،
ريپر جي ورلاپن ۽ آلاپان تنهنجو جيءُ جنجهوڙيو.
تُنهنجي گيتن ڀڙڪو کاڌو.
”ڪوئل“
”ڊئفوڊلس“”ريپر“
حسن، جواني، سُونهن ۽ نيچر
سڀني کي تون وئين جياري،
پاڻ تڏهن ئي زنده آهين، زندهه آهين، زندهه
رهندين!!
تاج بلوچ
غزل
ڏس هوا ڪيڏي نه آهي کيچلي
تنهنجي ڇاتيءَ تان وئي پوتي چَڻي
منهنجي ساغر مان ڇُلڪي مئه ذري |
|
ٻاٽ اوندهه ۾ کڙي پئي چاندني، |
تنهنجي اکڙين جو لڳو مون کي ڪجل، |
|
سرهي سرهي سانجهڙي ميرانجهڙي |
تنهنجي نيڻن مان ڦٽي نڪتي هجي! |
|
خوبصورت باک رتڙي لاکڙي. |
هن وهيءَ ۾ ننڊ ڏيندڙ گوريون!
”تاج“ کان شايد رٺي ڪا پدمڻي.
استاد بخاري
هزار ڀيرا ڪڪر ڪرم جو اَٺو هيو،
اڃا بخاري قسم ڪڻين جو اُڃو هيو.
سُڪون ڪاٿي فراق يا وصال ۾!
ندي جو ڌارو، سمونڊ ۾ ڇا سُتو هيو؟
ڪرنٽ هوندو اڃان به ڪنهن ڪنهن اچار ۾،
هنن چپن سان مون بجلين کي ڇُتو هيو
سُٺو چئي يا ڇڏيوس هي ڪا ثنا نه ٿي،
سُٺا ته آهن سوين، سوَن ۾ سُٺو هيو،
سُتا ستارا، هوا هَنيا کونگهرا مگر:
الائي ڪاٿي بهيو ته پئي ٿي، ڪُتو هيو.
خسيس خواري وقار منهنجو وڍيو پئي،
حسين ڪم ۾ ڌيان منهنجو رُڌو هيو.
عجيب سپنو ڏٺو ”بخاري“، سڀئي ٻڌو!
جتي نه ماڻهو مُٺو نه ڪوئي ڪٺو هيو.
محبوب سروري
ڪي هڻن زوري ٿا رستن تي، گسن تي ڌاڙو،
ڪي گهرن ۾ ٿا هڻن، مال ۽ ڌن تي ڌاڙو.
اڄ لڳو گل تي، گلستان تي چمن تي ڌاڙو،
هڪڙي صّياد هنيو بلبل جي وطن تي ڌاڙو.
سهڻي ڌاڙيل هنيو جان ۽ من تي ڌاڙو،
منهنجي دل، منهنجي جگر، منهنجي بدن تي ڌاڙو.
ڪي ٿا ڌاڙيل هڻن، علم ۽ فن تي ڌاڙو؛
ڪي هڻن نظم و غزل، شعر و سخن تي ڌاڙو.
ڪي ٿا ڌاڙيل هڻن، مال ۽ ڌن تي ڌاڙو،
سون چاندي تي، ڪروڙن تي، لکن تي ڌاڙو.
قسمين قسمين ٿا هلن ڊاڪو ۽ قذاق هتي،
ڪي هڻن شهرِ خموشان ۾ ڪفن تي ڌاڙو.
آيا جي ٽانڊو کڻڻ، بورچي ٿي ويهي رهيا!
غير ملڪي ٿا هڻن منهنجي وطن تي ڌاڙو.
اڄ عمر ڪوٽ تي مارن جي چڙهائي آهي،
ڪنهن هنيو آهه پنوهارن جي پکن تي ڌاڙو.
منهنجا ماروئڙؤ! ماريو ۽ مرو!
ٿو لڳي پنهنجي لڄن، پنهنجي ٻچن تي ڌاڙو.
منهنجو حق ناهه ڇا ”محبوب!“ ته ناحق سان وڙهان؟
ٿو لڳي سنڌ ۽ سنڌين جي حقن تي ڌاڙو.
انور هالائي
هن شهر مٿان مان گهور وڃان
هي شهر وڏن درويشن جو، |
|
علمائن جو دانائن جو، |
هي شهر سٺن فنڪارن جو، |
|
علم و ادب جي ڀنڊارن جو، |
هي شهر سخن شهپارن جو، |
|
ذهن و رسا جي معمارن جو، |
هي شهر مٿيرن مردن جو، |
|
شهبازن جو سرويچن جو، |
هن شهر جي ڪهڙي ڳالهه ڪيان،
هن شهر مٿان مان گهور وڃان.
هن شهر جا ماڻهو موچارا، |
|
دل جــــــا اجـــــرا آلا ڀولا، |
الفت وارا مٺڙا مٺڙا، |
|
آڌرڀا ۾ دل جا ڪشادا، |
ڳالهه ڪرڻ ۾ سادا سودا، |
|
قول انهن جا آهن پختا، |
ٿيندا جن جا لڳ لاڳاپا، |
|
سيئي چوندا وهوا هالا، |
هن شهر ۾ ڪانهي تون ۽ مان،
هن شهر مٿان مان گهور وڃان.
هي شهر هنر جو راڻو آ، |
|
ڌنڌي جو هت چاماڻو آ، |
اخلاص هتي جو ناڻو آ، |
|
اخلاق هتي ساماڻو آ، |
ڪوئي نه هتي ويڳاڻو آ، |
|
هر ڪو موتي جو داڻو آ، |
سڀڪنهن دل کي سيباڻو آ، |
|
هي شهر وفائن هاڻو آ، |
هن شهر جي نوڙي خاڪ چمان،
هن شهر مٿان مان گهور وڃان.
هت ديرو آ دلدارن جو، |
|
هم دردن ۽ غمخوارن جو، |
ظاهر چهرو نادارن جو، |
|
خوشبو هالن گلزارن جو، |
اجرن اجرن جنسارن جو، |
|
قرب سندي ڪاروبارن جو، |
هن شهر جي عظمت ڇو نه مڃان،
هن شهر مٿان مان گهور وڃان.
هي شهر سکن جي وادي آ، |
|
۽ رشد و هدى جي گادي آ، |
نوح ولي جي آبادي آ، |
|
جو نيڪ عمل جو هادي آ، |
قرب وفا لئي دل ماندي آ، |
|
هت ڪوڙن سان ڪا تادي آ، |
سچ سچي کي آزادي آ، |
|
شاهه و گدا لاءِ چاندي آ، |
هت هر ڪو آهي تاب و توان،
هن شهر مٿان مان گهور وڃان.
طالب مولى مخدوم زمان |
|
جنهن جو نالو روشن ۽ عيان، |
جنهن جو خادم آ سارو جهان، |
|
خدمت جنهن جي قول و زبان، |
ڏي ٿو سڀ کي دل سان امان، |
|
جرڪي جڳ ۾ سو روح روان، |
شان اُنهيءَ جو مشهورِ زمان، |
|
بختاور ان کي ڇو نه چوان، |
ان تان صدقو ڇو نه ٿيان،
هن شهر مٿان مان گهور وڃان.
ساري جڳ کان برتر هالا،
شال جئي تا محشر هالا،
سوڀيا وارو خوشتر هالا،
سڀ جي دل جو گوهر هالا،
گلشن گلشن گهر گهر هالا،
منهنجو آهي دلبر هالا،
تنهنجو آهي ”انور“ هالا،
سڀ جو آهي روح روان،
هن شهر مٿان گهور وڃان.
ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ
وائي
ڪا سَتي ڪين سُتي!
تو سُتي ورتي سيج جي!
پنهوارن پُورت ڪئي، روئي ڌرتي ريج جي!
تو سُتي ورتي سيج جي!
وينگس مرين ور لئي، پر ڏاڏاڻن کي ڏيج جي!
تو سُتي ورتي سيج جي!
خبر خدائيءَ ۾ پئي، هائي! منهنجي هيج جي!
تو سُتي ورتي سيج جي!
مظهر حسين جوش
”اپوا“!
دختر قوم اوهان تي سئو سلام،
نيڪ خصلت نيڪ طينت نيڪ نام
جذبئه ملي اوهان جو بي بدل، |
|
قوم لئه خدمت اوهان جي پڻ سڦل |
حسنِ خدمت آهي خدمت مان عيان، |
|
ڇا ڪري تعريف شاعر جي زبان |
سچ ته ٿورو ٿيو اوهان جو قوم تي |
|
۽ اوهان تي فخر آهي قوم کي |
قوم جي غم ۾ رهو بيچين ٿيون، |
|
دل ۾ قومي درد ۽ پرنم اکيون. |
عورتن جي ڪسمپرسيءَ کي ڏسي، |
|
ملڪ ۾ ڪئي ابتدا اپوا سندي |
ذهن نوائيءَ ۾ آيو انقلاب، |
|
ويو ترقيءَ جو کُلي تن لاءِ باب. |
ويا کُلي ڪاليج ۽ مڪتب بيشمار، |
|
علم جي گلشن ۾ چڻ آيو بهار. |
اسپتالن جو اوهان ڪيو اهتمام، |
|
ملڪ ۾ ڪيو دستڪاري کي به عام. |
۽ اوهان کوليا يتيمن لاءِ گهر، |
|
زندگي گهارڻ لئه سيکاريا هنر |
پاڻ تي ڀاڙڻ سندي سکيا ڏني، |
|
عورتن اندر ڪئي پيدا خودي. |
دور غربت ۽ جهالت کي ڪيو، |
|
علم و دانش جو ڪري روشن ڏيو |
اڄ به آهي قوم کي سو وقت ياد، |
|
هئي جڏهن دشمن سان مصروف جهاد |
جان نثارن جي اوهان خدمت ڪئي، |
|
روز شب تن لئي اوهان محنت ڪئي |
گڏ سپاهين لئه اوهان تحفا ڪيا، |
|
شادين سان گهر سندن آباد ڪيا. |
خدمتون اپوا سنديون ٿين ڇا بيان، |
|
روز روشن وانگي آهن سڀ عيان |
”جوش ڪئي تاريخ ايوان جي بيان،
حال جنهن جو قوم کان ناهي نهان.
عبدالقيوم صائب
غزل
گلڙن هو گلستان جو بدلائي ڇڏيو رخ،
بيجان هو بيجان جو بدلائي ڇڏيو رخ،
هر دؤر جي تعمير ۽ تغير ڪري خود،
انسان هو انسان جو بدلائي ڇڏيو رخ.
دنيا ۾ اچي آهه مٽيو آدمِ خاڪي،
حالات هو مهمان جو بدلائي ڇڏيو رخ.
چنگيز و هلاڪو جي هلاڪت جي فسانن،
تاريخ جي رجحانن جو بدلائي ڇڏيو رخ.
تفسير سان، تعبير سان، تفهيم سان ڏاهن،
هيهات! جو قرآن بدلائي ڇڏيو رخ.
ظالم کي ڏسو پاڻ کي مظلوم بڻائي،
مظلوم جي طوفان جو بدلائي ڇڏيو رخ.
مردان دلاور جي دلبريءَ کي شاباس،
جنهن جنگ جي ميدان جو بدلائي ڇڏيو رخ.
شاباس! انهيءَ روح خطابت کي هجي جنهن،
ايوان جي ايوان جو بدلائي ڇڏيو رخ.
جنهن سوچ ڪيو پيدا بغاوت جو خلل هو،
تنهن شاطر و سلطان جو بدلائي ڇڏيو رخ.
هن دؤر جي هامان جي طاقت جي توازن،
’صائب‘ جي ته ايمان جو بدلائي ڇڏيو رخ.
احمد خان آصف مصراڻي
غزل
پيار جي جو چاشني ڏسندو چکي،
سو نٿو ٻي ڳالهه ڏي رغبت رکي.
زلفِ جانان سان ڪجي ڇو ڇيڙ ڇاڙ |
|
آهه امڪان! نانگ ڪاريهر ڪکي |
ٻانهن ٻيلي ان جو آهي خود خدا، |
|
جنهن کي ٻهڳڻ پنهنجي ٻانهن ۾ ٻکي، |
حالِ دل اکڙين ذريعي اورجي، |
|
لوڪ آهي ٻوڪ، نت وجهندو لکي |
صاف سينو ڪين ڪينڪي کان جي ٿيو، |
|
ڇا ڪبا، هٿ پير منهن، مهٽي مکي. |
ٻئي جي ماڙي ۾ وهڻ واجب نه آهه، |
|
سڀ ڪو سونهين پنهنجي پيهي ۽ پکي. |
آشتي ۽ امن ’آصف‘ شل ٿئي، |
|
ڏيهه کي ڏهڪايو ڏاڍن جي ڏکي. |
|