سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 1989ع

 

صفحو :2

عبدالڪريم پلي

مُرڪ موتيو ۽ کِل گلاب پرين،

پنهنجو پاڻ آهين، تون جواب پرين.

چنڊ چوڏهين جو، خواه ٻيا تارا،

 

توکان گهريو وٺن ٿا آب پرين.

تنهنجي انگ انگ مان ٿو پائي ليئا،

 

شوخ ۽ س ڦريل شباب پرين

تون ئي روشن ستارو اکڙين جو،

 

تون ئي من جو به ماهتاب پرين

سونهن، سوڀيا جو ۽ صباحت جو،

 

ختم ٿيو توتي هڪڙو باب پرين.

’گل جي‘، ’آذر‘، ۽ ’ڪاظمي‘، ’ڀٽي‘،

 

ڪونه لهندا ڪو اهڙو خواب پرين

ايترو اوڏڙو ڏسي به ”ڪريم“،

ڪيئن چوي توکي آفتاب پرين

 

محسن ڪڪڙائي

وائي

جندڙي، جياپو-

ڪهڙو ويرين وچ ۾!

پيڙا ۽ پڇتاءَ ۾، آهي اڄ آپوا

درجو، دولت، دٻدٻو، ماڻهن جو ماپو

ڪنهن جي قربن جو اڃا، ڇاتيءَ تي ڇاپو

منڇر مان ڪنهن موڪليو، نينهن منجهان ناپو.

معنى جو موتي، ٻيو، اصل ته اوڙاپو.

ڳوٺ به ڳوليا، پر لڌو، سڱ نه سياپو.

آڻي شل ڪو امن جو، نت نت نياپو.

جندڙي جياپو-

ڪهڙو ويرين وچ ۾!

آثم ناٿن شاهي

مون وٽ پيل امانت: پنهنجون.

 

مون کان ڪيئن سي وسري سگهنديون؟

يادون، هڪڙي ڏينهن کڻي وڃ،

 

نوڙيل نيڻ- نهارون تنهنجون،

آءُ‘ وري ڀي ساٿ ڏيڻ جي،

 

تِتريءَ وانگر پل پل پنهنجي-

سڄڻي‘ ساڳي هامَ هڻي وڃ!

 

آڳُر منجهه اڏَارون تنهنجون

 

 

 

جُهونجهڪڙي جو جهاتيون پائي.

 

مڌ- بوتل جي ڳٽ ڳٽ وانگي،

ٽانڊاڻي جئن ٽم ٽم تنهنجي،

 

ٽِيلي سان هوءَ ”ٽهه ٽهه“ تنهنجي،

هلڪي هلڪي چانڊوڪيءَ ۾-

 

ايندي شرط امالڪ مون کي-

پير- ڇير مان ڇم ڇم تنهنجي

 

ڀاڪي پائڻ ٺهه ڦهه تنهنجي

مون وٽ پيل امانت: يادون-

آءُ! اچي هڪ ڏينهن کڻي وڃ،

سڄڻي! ساٿ ڏيڻ جي ساڳي-

ٻيهر ڀي هڪ هام هڻي وڃ!

مخدوم جمال الزمان ”جميل“

 

سانوڻي مند جا سينگار سڃاڻي ورتم،

آمدِ يار جا آثار سڃاڻي ورتم

شوخ، بيباڪ ۽ خوددار سڃاڻي ورتم،

 

هو هزارن ۾ ها نروار سڃاڻي ورتم

درد و غم، سور ۽ آزار سڃاڻي ورتم،

 

منهنجي افساني جا ڪردار سڃاڻي ورتم

حالتِ دل کان خبردار، سڃاڻي ورتم،

 

شڪر الله جو حقدار سڃاڻي ورتم

گل ڪري پيا ۽ وڃي خار بچيا دامن ۾،

 

نيٺ اڄ پنهنجا پرستار سڃاڻي ورتم.

پير پائيندي ئي پٿر سان ٿيو استقبال،

 

بزمِ احباب جا اطوار سڃاڻي ورتم.

نزع جي وقت ٻيو ڪجهه نه رهيو ياد مگر

 

هي سندءِ گيسو ئي خمدار سڃاڻي ورتم.

مدتن بعد ملڻ شرط چيو جانِ ”جميل“،

توکي هن ڀيري به دلدار سڃاڻي ورتم.

 

ولي محمد وفا

(1)

 

(2)

تنهنجي نازڪ بدن سندي گرمي

 

تون ته پنهنجي ئي بند ڪمري ۾

تنهنجي رنگين لبن سندي گرمي

 

چين سان محو خواب ئي هوندين

فرقتن جي طويل راتين  ۾

 

تون ته خوابن سندين ئي وادين ۾

دل ٿي چاهي تلاش ڪريان ٿو

 

محو خواب شباب ئي هوندين

(3)

مان سياري جي سرد راتين ۾

تنهنجي دنيا کان دور راهن ۾

هو سحر جا سندءِ عارض جو

عڪس آهي، تلاش ڪريان ٿو.

 

امير بخاري

(1)

 

(2)

جيئن هير مٺي،

 

جيئن روءِ قمر،

جيئن ماڪ ڦڙي،

 

گهائي ٿو گهٽائي ظلمت کي

گلڙن ۾ بوءِ سمائي ٿي

 

چمڪائي ڏينهن جي فطرت کي

تيئن منهنجي سخا،

 

تيئن ذات سندم،

تيئن منهنجي عطا،

 

تيئن ڏات سندم،

ذهنن ۾ وسعت آڻي ٿي،

 

بخشي ٿي چاهت چانڊوڪي،

دلين ۾ الفت آڻي ٿي.

 

ورهائي جيئڻ جي گرمي

 

 

 

جيئن مردِ خدا،

 

مان گهاٽو وڻ،

جيئن راهنما،

 

مان ڏيهه- سڄڻ،

رستو ٿو ٻڌائي رحمت جو،

 

مان انسانيت جو حامي،

تيئن منهنجي پَرِ

 

پر حيرت آ،

تيئن منهنجي ڀَرِ

 

پر عبرت آ،

راهي کي بخشي منزل ٿي،

 

فنڪار کي اهميت ناهي،

منزل تي مچائي محفل ٿي

 

فنڪار جي ڪا عزت ناهي

 

رحيم بخش ”قمر“

ڀٽائي گهوٽ جي سنڌ ۾

وسن واحد جا وسڪارا، ڀٽائي گهوٽ جي سنڌ ۾،

ٿين سرسبز پَٽ سارا، ڀٽائي گهوٽ جي سنڌ ۾.

 

وڄون آيون وسڻ آهن، ٿيا خوش مال مارن جا،

ڪيا قادر ڪڪر ڪارا، ڀٽائي گهوٽ جي سنڌ ۾.

ڪراچيءَ تي ۽ ڪارونجهر تي، ڪينجهر تي ۽ منڇر تي،

وري وسندا وسڻ وارا، ڀٽائي گهوٽ جي سنڌ ۾.

هي واحد جُهڙ وسايا، اڄ، ۽ هارين هر سنڀايا اڄ،

جين جهر جهنگ جهونجهارا، ڀٽائي گهوٽ جي سنڌ ۾.

وسڻ سان وڻ وليون ڀريون، ترايون ۽ تَليون ڀريون،

ويا ڀرجي ٻنيون ٻارا، ڀٽائي گهوٽ جي سنڌ ۾.

خدايا شاد ۽ آباد، سرها ۽ سلامت رک،

وطن سان گڏ، وطن وارا، ڀٽائي گهوٽ جي سنڌ ۾.

ٻٻر، ٻيريون، لوا، لاڻيون، ڪنڊيون ۽ ڪرڙ ۽ ڪانڊيرا،

کپون، کنڀيون، کٻڙ کارا، ڀٽائي گهوٽ جي سنڌ ۾.

ڀلاري ڀونءِ کي بيشڪ، ڪري سرسبز سنڌو ٿو،

ٿين ڀؤنرن جا ڀُڻڪارا، ڀٽائي گهوٽ جي سنڌ ۾.

 

ڀٽائي گهوٽ جي بيتن تان، واين تان، طنبوري تان،

فدا شمس و ”قمر“! تارا، ڀٽائي گهوٽ جي سنڌ ۾.

نثار بزمي

آئينو ٿو سچ ڳالهائي

 

منهن تي سڀ ڪنهن کي چوي ٿو

نٿو رکڻي رکي.

 

صاف صاف

خانِ خانان جو ڪو پُٽ هُجي

 

اهڙو ڪنهن کي ڪير ٿو

ڪنهن جي پروا ئي نٿو ڪائي رکي

 

منهن تي چوي!

انڌي کي اڌو

 

آئينو لاغرض آهي

۽

 

بادشاهن کان به ٽرندو ڪونه آ

ڪاڻي کي سڏي ڪاڻو ئي ٿو

 

آئينا! توکي سلام

هي ڊڄي ڪنهن کان نه ٿو

 

اي آئينا! سَوَ سَوَ سلام

سهڻي کي سهڻو چوي

 

تون زنده باد!

ڪوجهي کي ڪوجهو سڏي

 

ڀاينده باد!

 

سوز هالائي

گيت

ڪوڪي آهي ڪوئل،

ڄاڻ ته برسيو بادل.

آيو آگم آيو

 

ڳايو سارنگ ڳايو،

ڌرتي ٿيندي جل ٿل،

 

ڄاڻ ته برسيو بادل

ساوڻ جهاتي پاتي،

 

موسم مرڪي لاٿي،

مک تان ميري ململ،

 

ڄاڻ ته برسيو بادل.

ماڻڪ موتين جهڙا،

 

مِڙندا مينهن وساڙا،

ٿر بر ٿيندو ٿاڌل،

 

ڄاڻ ته برسيو بادل.

مينهن جا ڏينهن به آيا،

 

نينهن جا ڏينهن به آيا،

رات رهي پؤ سانول،

 

ڄاڻ ته برسيو بادل

اياز گل

هو ڪڏهن ائين مسڪرائن ٿا،

ٿر تي منهن ڄڻ وسائن ٿا.

آئينو ڏسان ته گهان ٿا،

 

لُڙڪ اکڙين ۾ مسڪرائن ٿا.

منهنجي جيون ۾ پيار پنهنجو هو،

 

کير ۾ کنڊ جيان ملائن ٿا.

روز ملندا رهون ته بهتر آ،

 

فاصلا، فاصلا وڌائن ٿا.

مان ته خاموش هان، سندس واعدا،

 

کيس سامهون اچي لڄائن ٿا.

ان ماڻهوءَ جون هيکلايون سوچ،

 

خواب ڀي جنهن کان موڪلائن ٿا

منزل جون ته مشڪلاتون ٺيڪ،

 

هاڻ رستا ڀي آزمائن ٿا.

راهه ۾ ٿا ملن، لنوائن ٿا،

 

دوست ڪيڏو نه آزمائن ٿا

 

ادل سومرو

دوها

پيار نپائي، پريت ورهائي، ٿيڻو آ انسان،

جيسين واگهه اندر ۾ جاڳي، تيسين مان حيوان.

 

باک ڦٽيءَ جو لات پکين جي، ٽلين جو آواز،

ماڪ پنن تي، گيت چپن تي، واءُ وڄائي ساز.

 

سمنڊ ڪنارا، چنڊ ستارا، دلبر جون نظرون،

پيرن کي ڪتڪتايون ڪن ٿيون، ريشم جون لهرون.

 

اجرڪ جي ڦلڙيءَ ۾ جيڏي، هوندي آهه اڇاڻ،

منهنجي من ۾ اهڙو اجرو، پيار اوهان جي ڪاڻ.

 

سوچ ته آهي گهرو ساگر، جنهن جو انت نه پار،

پنهنجي ئي تخليق تي ويٺو، سوچي سرجڻهار.

من مسافر وانگر پنهنجو ڪوتا- مارڳ رُڃ،

ڪيڏا گيت رچياسي پو ڀي آهه اهائي اُڃ.

 

ٿڌا اڳيئي آهي شاعر، گيت نه ٿڌڙا ٺاهه،

ٽانڊن جهڙا لفظ لکي تون، جذبن کي گرماءِ.

 

روڊ- ڪناري سمهندڙ ماڻهو، روز ڏسن ٿا خواب،

دک جي سرحد ويجهو آهن، مرڪن جا گلاب.

 

دنيا جي نظرن ۾ سستا، سچا سڀ جذبا،

وايون، گيت، غزل ۽ گلُ، شاعر جا تحفا.

 

ڪوتا جي ڳولا ۾ ٿياسي، مرڪ نگر کان دور،

ڏات اسان تي ڇانو نه ڪئي، نانوَ ٿا مشهور.

 

نصير مرزا

غزل

ڄڻ گلاب پنکڙي،

صبح ويل زندگي.

هير ڌيرَ پير کنيا،

 

پرهه جي هوا گهُلي.

واٽ واٽ گهاٽ تي،

 

چهل پهل ۽ خوشي.

ڳوٺ ماهتاب جو،

 

مون ڏٺو گهمي ڦري.

کوهه، نار، لوٽيون،

 

نينگريون ۽ دلبري.

سرتين جي سٿ ۾،

 

هوءَ، چڻ ته جَل پَري.

ڀَر منجهان لنگهي جڏهن،

 

لوڪ گيت جان لڳي.

ڪنهن چيو پئي هورڙيان،

 

ڄاڻُ سانجهه ٿي وئي،

سج جي سمهي رهيو،

 

رات پيئي جاڳندي.

”ضمير“ ڦل

گيت

من جي بن تي بوند پئي برسي،

دک جي بادل مان!

ڪهڙي واٽ سان ايندين سائين،

منهنجي ننڍڙي گهر- در تائين،

مون ته ڇڏيا هن ڪنڊا ميڙي،

سڀني واٽن تان!

يادن جي ڪنهن انڊلٺ ريکا،

ذهن جي اُڀ تي رنگ پکيڙيا،

پاڻهي روئي، پاڻهي مرڪي،

دل ڪنهن پاڳل جان!

تو بن چؤ ڏس آهه اونداهو،

منهنجي روح تي آ راتاهو،

ڪڏهن ڪڏهن اڀري اچجي

ساجن! سچ سمان!

تو بن سهڻا! آهيان ناهيان؟

سوچان ٿو مان آخر ڇاهيان؟

سِرَ منهنجي ۾ سوچ ٿي سرجي،

مان ڪو سپنو هان!

 

علي نواز ڦل

دوها

آئون ته آهيان سانئڻ گولو، تنهنجي پيرَ پَڻي،

گهائين ٿي پو ڇا لئه مون کي، نيزا نيڻ کڻي!

 

ڳهڻا پاءِ نه ڇوري، ڇورا ڇرڪي پوندا کوڙ!

ماندا سڀئي ماري وجهندينءَ! آتا رهندا موڙ!

گوري گيرب منجهه ٻڏل تون، توکان ٻاجهه وئي،

تو وٽ ترسيا رات مسافر تو پئي ننڊ ڪئي!

 

من آ منهنجو ماندو ڏاڍو، پنهنجي دلبر ڪاڻ،

ڳِلَ ڳراٽيون پائي سانوڻ، ساجن کي تون آڻ

 

پرتو پريتم مرڪي مرڪي، ڳنڍي ويو آ نينهن،

ڄڻ ٿر مرڪيو، جرڪيا ٿوهر، وسي پيو آ مينهن

 

نيڻ شرابي ڳل گلابي، چپڙا آمي ڦار!

چپن کسي وئي، تير هڻي وئي، ڀنڀا جا وار!

 

هيڏي دنيا هيڏا ماڻهو، پو ڀي ڇو تنهائي،

عمر اچي آ پوري ٿي، پر ڳالهه نه سمجهه ۾ آئي.

 

ڪونه مليو ڪو پيار پکيئڙو، ڪانه ٻڌيسين لات،

آدرشن جي پويان ڊڪندي ڊڪندي ٿي وئي رات.

 

نينهن جو ناتو تند برابر تو به ڇنو ته به خير،

هونئن به آئون اڪيلو آهيان، منهنجو ڪونهي ڪير.

 

تنهنجو من جيئن راضي ٿئي، پل دلڙي پنهنجي ٺار،

پنهنجي هٿ سان زهر پيالا، ڀري اسان کي پيار!

 

تون جينءَ چاهين سهڻا سائين، رک اهو وهنوار،

تنهنجي چاهت چريو بڻايو، جهڙو ننڍڙو ٻار!

 

پاپي هن طبقاتي دنيا، وڌو ته گڏجي ڊاهيون،

اونچ نيچ کان آجي دنيا، اچو ته گڏجي ٺاهيون.

عزيز گوپانگ

تبديلي

خاموش هوا پريشان چهرن کي جنم ڏئي ٿي،

پکي ننڊ وڃائي،

آکيرن جي بسترن تان اُٿن ٿا.

شام،

تنهائيءَ جي بنديا مک تي سجائي،

ڳلين ۾ گهمي ٿي.

پاڙي وارن جي زبانن تي،

رقابت جا ڪانو نفرت جو جلوس ڪڍن ٿا.

ستارا عاشقن جي هٿان ٽٽي پون ٿا.

هن شهر جي شام،

وڻن تي سمهي چڪي آهي.

رنگ خوشبوءِ سان محو رقص آهن.

وڇوڙو محبت جي قيد خاني ۾ عمر قيد آهي.

رقابت جا گدڙ زبانون ڪٽرائي چڪا آهن.

لهرون سياحن جي پيرن سان راند پيون ڪن.

سوج ماءُ جي تلاش ۾،

آڪاش منڊل ۾ وڃائجي چڪو آهي.

چنڊ سمنڊ جون تصويرون ڪڍي ٿو.

مسڪراهٽن جي سزاءِ موت ختم ڪئي ويئي آهي.

پايلون ڀيانڪ خوابن مان جاڳي چڪيون آهن.

ڏينهن رات جي هٿان،

يرغمال ٿي چڪو آهي.

۽ ٺيڪ اُن وقت،

اسان ٻيئي،

بند ڪمري ۾،

گل پوکي رهيا آهيون.

 

پريتم ”پياسي“

غزل

مچائن ٿا درد و غم حشر ڪڏهن ڪڏهن،

چري ٿا پون زخم جگر ڪڏهن ڪڏهن

مون کي بددعا تنهنجي سان ڪا گلا نه آ،

 

ڀلو ٿئي ان جو اثر ڪڏهن ڪڏهن

اوهان جي ئي غم جو کيل، آ غزل نه آ،

 

ٿين لفظ ٿا ڪنهن جا امر ڪڏهن ڪڏهن

اوهان جوعجب آ انتظار جانِ من،

 

پوي ٿو جُڳن جو ٿي پهر ڪڏهن ڪڏهن

نه ايڏي رڳو دستِ ستم جي راهه وٺ،

 

هي بدلو وٺندو آ سفر ڪڏهن ڪڏهن

صنم جي ادائن جو پڇو نه دوستو،

 

رهي ڪانه ٿي پنهنجي خبر ڪڏهن ڪڏهن

”پريتم“ مقدر تي ئي ڏوهه ڏي سڄو،

جدا ٿي پوي ٿو همسفر ڪڏهن ڪڏهن.

 

گوري ولڀ

 

پشپا ولڀ

الوداع

 

هڪ اڌوري ڪوتا

الوداع! اي ٿر جا اڪيلا وڻو

 

هر طرف ڪاري چادر پکڙجي وئي آهي

الوداع

 

روشني ڪٿي بند ٿي ويئي آهي

سڀ هتي آيا ۽ ويا به هليا

 

کليل اکين جون پُتليون ڦهلجي

پر توهان اتي جا اتي

 

ڏسڻ جي جاکوڙ ۾

هڪ هنڌ ڄميل، پٿرايل

 

هيڏانهن هوڏانهن ٿين ٿيون

توهان وفا جا پُتلا

 

پر اکين اڳيان ڪوئي منظر ناهي

اسان بيوفا

 

 

اي ٿر جا ٿوهرؤ

 

اکين ۾ هڪ ئي منظر آهي:

آسمان ڏانهن رحم ڀري نظر نهاريندڙؤ!

 

دريءَ جي ڀرسان ٻه پاڇا آهن

توهان کي اڃا به اميد آهي

 

اڃايل اکين سان،

مينهن وسندو

 

هڪ ٻئي ڏينهن نهارين ٿا

زمين تي هر هلندو

 

ڪوئي ڪجهه نٿو ڳالهائي

ريج ايندو

 

هڪ جا چَپ چُريا:

هر طرف پوءِ سائي ڇٻر نظر ايندي

 

’ڪجهه ڳالهاءِ نه!‘

آهه...

 

 

پر شايد اسان ۾ ئي صبر نه هو

 

 

توهان جون آسمان ڏانهن کليل ٻانهون

 

 

کيس وسڻ تي ضرور مجبور ڪنديون

 

 

 

 

 

 

 

 

بخشڻ مهراڻوي

غزل

آڌيءَ رات جو ويلو آهي،

مون جيئن چنڊ اڪيلو آهي.

منهنجي محفل خالي خالي،

 

تو وٽ هرپل ميلو آهي.

سڏڪا سڏڪا ساز وڄن ٿا،

 

ڪيڏو گيت سريلو آهي.

تنهنجي آشا جيئڻ خاطر،

 

هڪڙو ئي ته وسيلو آهي.

هاءِ جيون جهوني وڻ جان،

 

پَن پَن ٿي ويو پِيلو آهي.

 

عزيز ڪنگراڻي

اُڀري سور جي سَٽَ،

ڄڻ ته بگهر جو جهٽ،

ساجن تنهنجي سار!

چِنتا لاتي چوچڙي،

ڀڙڪي باهه ڀنڀٽ،

ساجن تنهنجي سار!

مند مينهوڳي منجهه،

اُڻ تُڻ اهنج اَکُٽ،

ساجن تنهنجي سار!

بڻجي سرس سڳنڌ،

شال! ٽڪي مون وٽ،

ساجن تنهنجي سار!

چاهتِ چنگ چُريو،

فيراق اکيڙيا ڦٽ،

ساجن تنهنجي سار!

آس نراس ”عزيز“،

جهوري جيءُ جنجهٽ،

ساجن تنهنجي سار!

 

سميع لُنڊ

تنهنجي ڪوتائن جا قول،

مينديءَ سان هن جي رنگ رتول.

سيئي پنهنجي سنگم جون هن،

 

جڳ ۾ شاهد منهنجا ڍول،

سڪ سڳي سان پوئي مڻيا،

 

آندي مون لئه تو انمول

ويجهو آئي آن تون ته،

 

آ باک ڦٽيءَ جو ماحول.

هر رات ورهائي روشن تارا.

 

ڏينهن جو خالي پر ڪشڪول

 

نانڪ

وائي

پاڇو نه ٿي پر ساٿ ڏي،

تون اڄ ته اچ، او سانوري.

جُهومي هوا، ناچُو نچي،

تون اڄ ته اچ، او سانوري.

نالو وٺي، خوشبوءُ رچي،

تون اڄ ته اچ، او سانوري.

روئي به شرنائي وڄي،

تون اڄ ته اچ، او سانوري.

اکيون ڍڪي سوري سَجي،

تون اڄ ته اچ، او سانوري.

ويچارو ڏسي ڍارو ڊِڄي،

تون اڄ ته اچ، او سانوري.

هي چنڊ ٿو هاڻي وڃي،

تون اڄ ته اچ، او سانوري.

سورج گلن جا چپ چُمي،

تون اڄ ته اچ، او سانوري.

ٿي ميگهه چانڊوڪي وَسي،

تون اڄ ته اچ، او سانوري.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com