سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 1989ع

 

صفحو :7

قرامطي تحريڪ:

عباسي خلافت جي آخري دور ۾ اسلامي دنيا ٻن خلافتن (مرڪزن) ۾ ورهائجي ويئي. هڪ بغداد ۽ عباسي خلافت ۽ ٻي مصر جي فاطمي خلافت. سنڌ جا سمورا سومرا شروع ۾ قرامطي نقطه نظر رکندڙ هئا، ان ڪري اهي مصر جي فاطمي خلافت سان وابسته هئا (13). جيڪي پنهنجي حقيقي مرڪز بغداد سان بغاوت ڪري چڪا هئا، ان ڪري سنڌ اندر قرامطين جي جماعتي سرگرمين کي محترمه گلشن خاڪي ٻن دورن ۾ ورهائي ٿي. ”پهريون فاطمين وارو دور ۽ فاطمين کان اڳ وارو دور (سياسي لحاظ کان) ٻيو الموت وارو دور ۽ الموت کان پوءِ وارو زمانو يعني (1256ع) غير سياسي دور“ (14).

قرامطي جماعت حقيقت ۾ باطنيت جي هڪڙي شاخ هئي (15)، جيڪا اصل ايراني فڪر جي پيداوار ۽ ان جي نمائندگي ڪندڙ تحريڪ هئي. جاگرافيائي طور تي ايران سنڌ جو پاڙيسري ملڪ هو، ان ڪري ايراني تهذيب ۽ فڪر کي هتي وڌڻ ويجهڻ ۾ سولائي ٿي.

غير مساوي سماج اندر هميشــﮧ رائج خيالن جي خلاف باغي ذهنيت، خيال ۽ لاڙا جنم وٺندا رهندا آهن، جنهن جو حڪمران ڌر سختيءَ سان نوٽيس وٺي ٿي ۽ جن کي ختم ڪرڻ لاءِ مختلف طريقن ذريعي پنهنجي خاص حڪمت عملي ۽ منصوبه بندي ڪندي آهي. پر باطنيت جو هميشــﮧ اهو اصول پئي رهيو آهي ته هو خفيه طور تي پنهنجي فڪر جي تبليغ ڳوٺن ۽ ٻهراڙين ۾ شروع ۾ شروع ڪئي، جنهن ۾ سادي طبيعت جا هاري ۽ پورهيت ماڻهو شامل ٿيا. تبليغي مقصد لاءِ تنظيمي طور انهن پهريائين پنهنجا ٻارنهن داعي مقرر ڪيا (16). شام، ملتان، ايران ۽ يمن سان گڏوگڏ سنڌ ۾ سيوهڻ، منصوره، بکر، اچ، ڪڇ ۽ سنڌ جي ساحلي علائقن ۾ پنهنجا خفيه تبليغي مرڪز قائم ڪري هر هڪ شهر ڏانهن پنهنجا داعي (پِير) موڪليا. سندن دعوت ۾ داخل ٿيندڙ شخص کان امام (سندن مرڪزي قيادت) جي نالي هڪ دينار ورتو ويندو هو، باقي رياستي ٽيڪس مٿن معاف ڪيو ويو. اهڙيءَ ريت جماعتي فنڊ مهيا ڪيا ويندا هئا. اسماعيلي پِيرن جي تعليمات بابت مسٽر ايوانو لکي ٿو:

”نزاري اسماعيلين جي مبلغن اندر جي ٻوجهه يا عقل هلائي اهڙا طريقا ڳولي ڪڍيا، جن اهڙين مڪاني رنڊڪن سان منهن ڏيڻ ۾ سندن مدد ڪئي. اهڙن طريقن جو آڌار ٻن اصولن تي هو. پهريون هنن جي سڃاڻپ هئي ته اسلام جي روح ۽ مفهوم کي سخت عربي کوپي مان ٻاهر ڪڍيائون، ٻيو طريقو سمورو زور خاص ذاتين تي لڳائڻ. هنن نون مريدن کي اسلام جا اعلى آدرش سندن آبائي ڌرم ۽ سڀيتا هندو ڌرم جي ڄاتل سڃاتل اصطلاحن ۾ سمجهائي اها ڪوشش ڪئي ٿي ته جيئن هو سچا مومن ٿين ۽ اسلام جي ڄاڻ پرائين“ (14).

اسماعيلي تحريڪ کي منظم ۽ سرگرم ڪرڻ لاءِ جيڪي اصول ٺاهيا ويا، تن مطابق سکيا اهڙي ٻولي ۾ ڏني وڃي جيڪا عام ماڻهو سولائيءَ سان سمجهي سگهن ۽ اها سکيا مرحليوار ڏني وڃي، جيئن هر هڪ ماڻهو کي پنهنجي عقل آهر ان کي سمجهڻ ۾ سولائي ٿئي. سندن تعليم مطابق هر شيءِ جا ٻه رخ آهن: هڪ ظاهري ۽ ٻيو باطني. باطن هميشــﮧ لڪل هوندو آهي، جنهن کي سمجهڻ لاءِ عقل ۽ فراست جي ضرورت هوندي آهي. جنهن کي پنهنجي پير يا داعي جي وسيلي سمجهي سگهجي ٿو. اهڙي ريت انهن داعين يا پيرن جي ذريعي مقامي ڪارڪنن کي قيادت فراهم ڪئي وئي. هارين ۽ غلامن جي اها بغاوت جيڪا قرامطين جي شڪل ۾ نروار ٿي، تنهن جا ٻه مقصد معلوم ٿين ٿا. پهريون سياسي طور تي عباسي سلطنت جو خاتمو ڪري فاطمين جي حڪومت قائم ڪئي وڃي، ان ڪري انهن (قرامطين) امام منتظر مهدي معود جي نالي پنهنجي داعين جي ذريعي خلافت جي مقابلي ۾ امامت جو فلسفو پيش ڪيو، جنهن جي ڪري موروثيت جي بنياد تي قيادت کي تسليم ڪرڻو هو. انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ قرامطين دهشت پسندي ذريعي معاشري ۾ انتشار پيدا ڪيو، ته جيئن قانون جي بالادستي ختم ٿي وڃي. نتيجي ۾ سڄي سلطنت انتشار ۽ غير يقيني جو شڪار ٿي وئي. امن امان جي مسئلي معاشي اوسر ۽ ترقي کي روڪي ڇڏيو. سياسي مرڪزيت ۽ قانون جي برتري کي ختم ڪرڻ لاءِ هن تحريڪ جي حامين طرفان خليفي ”مقتدر“ جي زماني ۾ بصري، ڪوفي، بغداد، شام جي شهر حبه ۽ داليه کي لٽڻ سان گڏوگڏ مڪي شريف ۾ ڦرلٽ ۽ قتل غارت ڪرڻ، حجر اسود کي ڪعبة الله مان پٽي پاڻ سان گڏ يمن ڏانهن کڻي وڃڻ مان ظاهر ٿئي ٿو. سندن انهيءَ عمل تي فاطمي خليفي ندامت جو خط موڪليو ته حجر اسود واپس ڪيو وڃي (17).

هن تحريڪ جو ٻيو مقصد هو عقل جي بنياد تي قرآن ۽ حديث جي مختلف تاويلن ذريعي پنهنجي مقصدن مطابق ظاهري ۽ باطني معنائون ۽ مطلب ڪڍي انهن کي دعوتن وسيلي عام ڪرڻ.

هارين ۽ ڳوٺاڻن هن تحريڪ ۾ ڪهڙي ڪشش محسوس ڪندي حصو ورتو؟ اسان جي سمجهه مطابق انهيءَ جو جواب هي ٿي سگهي ٿو ته عرب جڏهن عجم جا ڪجهه علائقا فتح ڪيا ته انهن محڪوم قوم جي وڏي حصي جي ماڻهن کي پنهنجو غلام بنايو. بني عباس جي دور ۾ غلامي جي رواج هڪ اداري جي صورت اختيار ڪئي. بازارن ۾ غلام عورتون توڙي مردن جون خاص بازارون ۽ منڊيون قائم ڪيون ويون. غلام پنهنجي آقا جي زمين ۽ باغات تي سڄي عمر محنت ڪندا رهندا هئا. اڳتي هلي آزاد غلامن جو رواج پيو، جنهن کي ان وقت جي اصطلاح مطابق ”موالي“ سڏيو ويندو هو. اهي موالي وري آقا جي طرفان فوجي خدمات سرانجام ڏيندا هئا. انهن غلامن ۽ موالين جي معاشري ۾ ڪابه سماجي حيثيت ڪانه هئي. ان ڪري اهي غلام پورهيت جيڪي گهڻو ڪري هاري هئا، تن باطنيت ذريعي پنهنجي آقائن سان بغاوت ڪري پنهنجي وڃايل شخصيت کي حاصل ڪرڻ پئي گهريو. اهو اصول آهي ته معاشري ۾ باغي خيالن جو اُڀرڻ سماج اندر محڪوم ڌرين تي ٿيندڙ جبر ۽ دٻاءَ جي علامت آهي. ان ڪري قرامطي تحريڪ پنهنجي باغيانه فڪر سان اڳتي وڌي هڪ عالمي تحريڪ جي صورت اختيار ڪئي، جنهن اولهه ۾ مصري فاطمي خلافت قائم ڪئي ۽ اوڀر ۾ سنڌ اندر پنهنجي خودمختيار رياست جو پايو وڌو. شروع ۾ سنڌ اندر قرامطي اسماعيلين جي داعين فقط تبليغ لاءِ ڪڇ ۽ ٺٽو، منصوره، سيوهڻ ۽ ملتان کي پنهنجي سرگرمين جو مرڪز بنايو. انهي سلسلي ۾ ڊاڪٽر گلشن خاڪي لکي ٿي:

”سنڌ سان فاطمي ۽ فاطمي اسماعيلي ناتن بابت حوالا گهڻي ڀاڱي تاريخي آهن. پهريون اسماعيلي داعي 883ع ۾ سنڌ ۾ پهتو هو. خليفي العزيز شعبان کي لشڪر ڏيئي موڪليو جنهن 977ع ۾ ملتان تي قبضو ڪيو (وچين دور جي اوائل ۾ ملتان ۽ اُچ مٿين سنڌ جو ڀاڱو هئا.) ملتان ۾ ڪيترن ئي سالن تائين خطبو فاطمي خليفي جي نالي ۾ پڙهيو ويندو هو“ (18).

انهيءَ ڳالهه جي تائيد ۾ مولانا ظفر علي ندوي لکي ٿو ته ”اسماعيلين جو پهريون داعي هشيم سن 270 ۾ سنڌ آيو ۽ پنهنجي ڪم (تبليغ) ۾ مشغول ٿي ويو. آس پاس ڪابه اسماعيلي سلطنت موجود ڪانه هئي، جتان بروقت کيس ڪا فوج ملي سگهي. ملتان، منصوره، مڪران ۽ ڪرمان وغيره سڀ سني رياستون هيون. خارجي ۽ شيعا هميشــﮧ سلطنت جي اندر انقلاب جي فڪر ۾ هوندا هئا. سندن حيثيت هر جاءِ تي باغين واري هئي، ان ڪري جتي هي پاڻ يا سندن داعي رهندا هئا ته اتي حاڪمن جي هميشــﮧ مٿن ڪرڙي نگاهه رهندي هئي، تنهنڪري هنن وٽ ٻيو ڪوبه طريقو نه هو ته هو سنڌ ۽ گجرات جي هندو راجائن جي ماتحت امن سان رهن“ (19).

پر تاريخ ”نقش ملتان“ جي مصنف جناب عقيق فڪري جو چوڻ آهي ته ”جلم بن شيبان ڪهڙي رستي کان ملتان آيو هوندو؟ انهيءَ لاءِ قياس آهي ته هو خراسان جي طرف کان آيو هوندو، ڇاڪاڻ ته ان وقت خراسان ۽ مڪران جي علائقن تي قرامطي قابض هئا ۽ مڪران جو حاڪم خطبو فاطمين جي نالي ڏيندو هو. مڪران جوبندر ”تيز“ قرامطين جي اچڻ جو اڏو هو، جتان هڪ رستو ملتان ڏانهن ايندو هو. انهيءَ رستي سان جلم بن شيبان ملتان پهتو“ (20).

هتي مولانا ظفر علي ندوي ۽ عتيق فڪري جي راين ۽ شخصيت جي نالي ۾ اختلاف آهي. اسان جي خيال ۾ محترم عقيق فڪري جي راءِ وڌيڪ صحيح آهي. جلم بن شيبان ئي پهريون اسماعيلي داعي هو، جيڪو مڪران جي رستي سنڌ ۽ ملتان پهتو. اڄ به سنڌ ۾ ڪراچي جي ڀرسان ڪرامتي (قرامطتي) موجود آهن.

مشرق وسطى ۽ وچ ايشيا مائينر ۾ قرامطين جي ڪاررواين سبب انهن ملڪن جي اقتصادي ۽ سماجي زندگي مفلوج ٿي وئي. غزني ۽ بخارا جي سني سلطنتن ۾ تمام گهڻو ردعمل پيدا ٿيو، جنهن ڪري سلطان محمود غزنوي کي قرامطين خلاف ڪارروائي ڪرڻي پئي. هن ملتان، منصوره، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جي بندر سومناٿ تي حملو ڪري اتان جي حاڪمن ۽ شهرن کي تباهه و برباد ڪري ڇڏيو. محترم ابوبڪر مگسيءَ جي راءِ ۾:

”سلطان محمود هندستان تي بار بار حملا فقط ان ڪري پئي ڪيا ته جيئن درياهه سنڌ ۽ ان جي معاون سامونڊي ساحل، جيڪو ان وقت تجارت جي وڏي بحري شاهراهه طور استعمال ٿيندو هو، خيوا، بخارا، تاشقند، سمرقند، منگوليا، ڪابل، غزني، قنڌار ۽ وچ ايشيا جي ٻين شهرن ۽ ملڪن جو مال قافلن جي ذريعي ملتان، بکر، سيوهڻ ۽ ديبل جي بندرن تي پهچندو هو، ۽ پوءِ اتان اهو مال مشرق وسطى، آفريڪا، ڏکڻ اوڀر ايشيا، سري لنڪا، بنگال ۽ ڏور ايشيا جي ملڪن ڏانهن بحري ٻيڙن وسيلي روانو ٿيندو هو. انهيءَ عظيم تجارتي بحري شاهراهه کي بحال رکڻ لاءِ سلطان محمود کي ملتان ۽ منصوره جي رياستن تي حملو ڪرڻو پيو، جيڪا شاهراهه قرامطين جي قبضي هيٺ اچي چڪي هئي“ (21).

غزنوي سلطانن جي آخري دور ۾ قرامطين جي امام سنڌ جي سومرن جي سردار ابن سومار ڏانهن خط لکيو، جنهن ۾ هن کيس اهل سنڌ وارن کي منظم ڪرڻ ۽ سندن (قرامطي اسماعيلين) جي ضايع ٿيل قوت کي ٻيهر بحال ڪرڻ جي هدايت ڪئي. انهيءَ حڪم ملڻ تي سلطان عبدالرشيد جي ڏينهن ۾ سومرن بغاوت ڪري پنهنجي آزاد حڪومت جو اعلان ڪيو. هن تحريڪ سماجي طور تي سنڌ ۾ ڪهڙي صورت اختيار ڪئي، ان لاءِ ڊاڪٽر گلشن خاڪي لکي ٿي:

”دس اوتار جو نظريو، جنهن کي وشنو پنٿ جا هندو مڃيندا آهن ته وشنو ڀڳوان پوئين ڪلجڳ دوران ڏهه ڀيرا ماڻهو جي شڪل ۾ ظاهر ٿيندو ۽ هو وشنو جي آخري ڏهين سروپ جي اوسيئڙي ۾ آهن، جو ڪلجڳ جي پڇاڙي ڌاري ظاهر ٿيڻو آهي. اها ڳالهه اسلام جي امام مهديءَ واري تصور کان گهڻي مختلف نه آهي. پير شمس هي خيال پنهنجو ڪيو، ۽ چيائين ته وشنو جو آخري سروپ حضرت علي عليــﮧ السلام هو. اهڙيءَ ريت هن هندو وشنو بنياد تي اسلام جو شيعت وارو نظريو کڙو ڪيو“ (22).

سنڌ ۾ اسماعيلي تحريڪ جا داعي پير نورالدين عرف پير ستگر نور، پير شمس سبزواري ملتاني، پير شهاب الدين، پير صدرالدين پير ڪبيرالدين عرف حسن درياهي، پير امام شاهه ۽ پير تاج الدين عرف شاهه طريل هئا (23). پر اڳتي هلي راسخ الاعتقاد مسلمانن، عالمن ۽ صوفين غوث بهاءُ الدين ذڪريا جي قيادت ۾ قرامطين جي خلاف تحريڪ هلائي. ملتان جو حاڪم ناصرالدين قباچه، جيڪو روشن خيال حڪمران هو، تنهن قرامطين ڏانهن پهريائين نرم رويو اختيار ڪيو، ان ڪري شيخ بهاءُ الدين ذڪريا دهلي جي سلطان التمش سان خفيه طور تي سازش ڪئي ۽ کيس ملتان تي چڙهائي ڪرڻ لاءِ لکيو (24).

پر ڊاڪٽر گلشن خاڪي جو خيال آهي ته اها جماعت تيرهين صدي تائين اقتدار تي قابض رهي. انهيءَ خيال جي وضاحت ڪندي لکي ٿو:

”درحقيقت سنڌ ۾ قرامطين جو زور تيرهين صدي جي اوائل ۾ ناصرالدين قباچه جي صاحبي دوران اثرائتي طور ٽٽو، تاهم انهيءَ زماني ۾ اسماعيلين جون ڪي جاتيون هيون به سهي ته انهن جي هاڻوڪي زماني تائين قائم رهڻ جي ڪابه ثابتي نٿي ملي. سنڌ ۾ اڄ جيڪا اسماعيلي جاتي آهي سا الموت يا الموت کان پوءِ واري زماني جي آهي (25).

ڊاڪٽر گلشن خاڪي جي انهيءَ بيان مان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته سومري حاڪم ڦتو (578-611هه) جي دور تائين سومرا حڪمران قرامطي جماعت سان وابسته هئا ۽ الموت واري دور يا ان کان پوءِ قرامطي جماعت ڪيترن ئي گروهن ۾ ورهائجي وئي، جن مان ملامتي، قلندري ۽ ٻيا طريقا وجود ۾ آيا، جيڪي نراجيت پسند ۽ انتها پسند فڪر ۽ لاڙن جا حامي هئا، جن شاعريءَ جي ذريعي پنهنجي تبليغ ڪئي. ٻيو اهم گروهه اسماعيلي خوجن جو پيدا ٿيو، جيڪي سياست کان ڌار رهي فقط روحاني امامت جي تبليغ ڪندا رهيا. هيءُ گروهه اقتدار جي بدران اقتصادي ميدان ۾ اڳتي وڌڻ لڳو. سندن اهو عمل اڄ تائين جاري آهي.

سنڌ ۾ قلندر شهباز جا ملنگ پاڻ کي پٺي تي ڪلهي وٽ داڳ ڏياريندا آهن، يعني سندس روحاني غلامي قبول ڪرڻ جو اقرار ڪندا آهن. قلندر شهباز قرامطي اسماعيلي هو، جيڪو سومرن جي دور ۾ سنڌ ۾ آيو هو. سومرا حاڪم به قرامطي هئا، ان ڪري منجهن داڳ ڏيڻ جي رسم موجود هئي، يعني جنگ ۾ جيڪا ڌر هار کائيندي هئي، ان کي کٽيندڙ ڌر داڳ ڏيئي پنهنجو غلام بنائيندي هئي.

2- سهروردي جماعت:

سومرن جي دور ۾ ٻي جيڪا اهم مذهبي ۽ سياسي جماعت موجود هئي سا هئي سهروردي صوفين جي جماعت، جيڪا عوام جي سياسي توڙي مذهبي ضرورتن جو پورائو ڪندي رهي. هن تحريڪ جو باني بغداد جو شيخ الشيوخ حضرت شهاب الدين سهروردي هو. صوفين جي ٻين سلسلن سان گڏجي سهروردي بزرگ اسلامي دنيا خاص ڪري مشرق وسطى، ايشيائي مائينر جي ملڪن، سنڌ، ملتان ۽ گجرات ۾ قرامطين جي مقابلي ۾ سرگرم عمل رهيا. سائنسي طور تي اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته ذهني ارتقا ۽ ترقي لاءِ عمل ۽ ان جو ردعمل اهڙيون ٻه قوتون آهن، جيڪي سڄي معاشري کي تحريڪ ۾ آڻين ٿيون. برصغير ڏکڻ ايشيا ۾ سهروردي جماعت ۽ تصوف جا ٻيا مختلف طريقا معتزله قرامطين ۽ اهڙين ٻين نراجيت پسند  تحريڪن جي ردعمل ۾ پيدا ٿيا. تصوف جي انهن سڀني سلسلن، جبريه ۽ قدريه جهڙن ذهني لاڙن ۽ تصورن کي رد ڪندي هڪ نئين راهه اختيار ڪئي، يعني ”سچ“ هڪ حقيقت آهي جيڪو هر هنڌ موجود آهي. اهڙيءَ طرح سماجي طور تي تصوف روشن خيالي کي جنم ڏنو، پر حقيقت ۾ سهروردي تحريڪ ۾ احتجاجيت جو عنصر وڌيڪ نمايان رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته هن تحريڪ جي حامي دانشورن محسوس ڪيو ته قرامطي ۽ ٻين فرقن جو مذهب اندروني طور تي ڪمزور ٿي رهيو آهي، جنهنڪري سهروردي مذهب کي خارجي حملي کان بچائڻ لاءِ ۽ ان ۾ اندروني طور تي سڌاري آڻڻ لاءِ مختلف طريقا استعمال ڪرڻ لڳا، ان ڪري سهرودي فڪر جا صوفي، سياسي معاملن ۾ شراڪت کي وڌيڪ پسند ڪندا هئا، جنهنڪري هنن تصوف مان بغاوت جي عنصر کي خارج ڪري رياستي طاقت سان صلح جوئي واري پاليسي اختيار ڪئي. هن فڪر جا باني رياستي نظام ۾ طاقتور مرڪزيت جا قائل هئا.

برصغير ڏکڻ ايشيا ۾ سهروردي فڪر جو باني شيخ بهاءُ الدين ذڪريا ملتاني هو. پاڻ  هباري خاندان مان هئا. ملتان ۽ دهلي جي سياسي اختياري وارن سان سندن دوستي هئي. سندن خليفن مان اچ جا بزرگ مخدوم جلال الدين سرخ بخاري، مخدوم جهانيان جهان گشت تمام گهڻا بااثر بزرگ هئا. انهن بزرگن جي اثر هيٺ سومرا حاڪم دين حنفيت ۾ داخل ٿيا. سنڌ، ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ گجرات جو عوام هنن بزرگن جي عزت ڪندو هو. سنڌ ۾ مخدوم نورالله نورنگ زادو، مخدوم عبدالله ڀٽي، مخدوم فاضل شاهه، شاهه اسماعيل، شيخ صوبدار، عبدالله شاهه، شاهه عبدالصمد، پير پٿورو ۽ شيخ عيسى هن جماعت جا رڪن هئا. پير پٿوري اسماعيلي تحريڪ خلاف سنڌ اندر تمام گهڻي سرگرمي ڏيکاري، ۽ ڪيترائي قرامطي ۽ هندو هن جي ڪوشش سان اسلام جي دائري ۾ داخل ٿيا. سهروردي جماعت جي هنن بزرگن قرامطين خلاف دهلي سلطنت سان گڏجي اهڙي ته شديد تحريڪ هلائي جو انهن جي آڏو ٻه رستا وڃي بچيا. پهريون هو ته قرامطي شريعت جي پابندي ڪندي دين حنفيت ۾ داخل ٿين يا وري ملڪ ڇڏي ڪنهن ٻئي مرڪز ڏانهن هجرت ڪري وڃن، ان ڪري جيڪي سومرا حڪمران قرامطي جماعت سان وابسته هئا، سي سهرورديه ڪارڪنن ۽ مرڪزي حڪومت جي دٻاءَ کان مجبور ٿي دين حنفيت ۾ داخل ٿيڻ لڳا. اهو عمل ايترو ته زور سان ٿيو جو اڄ ڪوبه سومرو اسماعيلي نه آهي. ان ڪري مجبوراً قرامطي اسماعيلين پنهنجا مرڪز ملتان ۽ اچ کان بدين، ڪڇ راجستان ۽ گجرات ڏانهن منتقل ڪيا.

سهروردي بزرگن عوام سان پنهنجو تعلق پيدا ڪرڻ ۽ پنهنجي تحريڪ کي وڌيڪ منظم ۽ مؤثر ڪرڻ لاءِ ذڪر ۽ فڪر جو نفسياتي طريقو ايجاد ڪيو. هو ذڪر ۽ سماع وقت مختلف دعائون ۽ مداحون اهڙي ته گداز ۽ پرسوز نموني پڙهندا ۽ ڳائيندا هئا، جو ٻڌندڙ تي رقت طاري ٿي ويندي هئي. اهو ذڪر ۽ سماع کليل نموني عام طور تي محفلن، ميلن، بزرگن جي درگاهن ۽ مسجدن ۾ ڪندا هئا. جماعت جا ڪارڪن (خليفا) عوام جي روحاني ۽ مادي قدرن کي سامهون رکي سندن روحاني ۽ اخلاقي رهبري ڪرڻ لڳا، جنهنڪري عوامي سطح تي سندن اثر رسوخ وڌڻ لڳو. سهروردي بزرگ مخدوم احمد ڀٽي جو قول آهي: ”سماع نفساني خوشيءَ لاءِ نه آهي، پر اهو سوز ۽ درد جاڳائڻ لاءِ آهي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com