ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي.“
مصداق جا عملي نمونا هئا. وقت جا قدردان هئا. ڪنهن
جي گلا نه ڪندا ۽ نه وري ٻڌندا هئا. تعليمي ادارن
۾ سفارشن تي نااهل ماڻهن جي ڀرتيءَ جي سخت خلاف
هوندا هئا. چوندا هئا ته نااهل استاد، اهل ۽ لائق
شاگرد ڪيئن پيدا ڪري سگهندو ۽ انهن ماڻهن تي به
غصو ڪندا هئا، جيڪي ادبي ميدان ۾ اچڻ کان پوءِ به
لکندا نه هئا. راڳ روپ سان کين بيحد چاهه هون.
مهمان نوازي ۽ ڪچهرين جا مور هئا ۽ هن شعر جي شرح
عملي طور تي سائين راشدي صاحب جن وٽ محسوس ٿيندي
هئي.
”جيڪي ايندي چوني آءُ ۽ ويندي چوني ويهه،
ٻيو مٽائي ڏيهه، لڏي وڃجي تن ڏي.“
سائين حسام الدين شاهه انهن پيرن مان نه هئا، جيڪي
سنڌ کي سماجي ۽ معاشي طور تي جاهل رکڻ گهرن ٿا يا
ڦيڻن ٽوڻن، دعا سڳن ۽ جنن ڀوتن جي وهمن ۾ عوام کي
دولاب ۽ دلاسا ڏيئي کيسا ڦري چٽ ڪن ٿا، پر اٽلندو
شاهه صاحب سنڌي عوام کي سجاڳ، بيدار ۽ ڏاڍ سان مد
مقابل ٿيڻ جو درس ڏيندا هئا.
شان الحق حقي جن لکن ٿا ته ”پڇو انهن ماڻهن کان،
جيڪي پير سائينءَ جا ساٿي ۽ دوست هئا ته سندن پير
صاحب جي وڃڻ کان پوءِ هنن جي پنهنجي زندگيءَ ۾
ڪيڏي نه کوٽ پيدا ٿي وئي، جنهن جو پورائو مشڪل سان
ٿيندو. سندن رهائش گاهه اهڙو ته پرسڪون آستانو
هوندو هو، جتي ويندي ڏک ڏور ٿي ويندا هئا. ڪهڙي نه
وندرائيندڙ شخصيت هئي جنهن جو ڪوبه پل مزي کان
خالي نه هو، هو تمام وڏي خلق وارو ۽ نياز نئڙت
ڪندڙ انسان هو. پر سڀ کان وڏي نئڙت سندن ڳالهيون
هيون. اهي سدائين رڳو علمي ڳالهيون نه هونديون
هيون، انهن ۾ هر قسم جا ڀوڳ چرچا به هوندا هئا ته
سياسي ڳالهيون به، پر هو سياسي ماڻهو نه هو. علم و
ادب ۽ جماليات سان سندن دلچسپي هوندي هئي. نظر پاڪ
هُئس ۽ پاڻ به پاڪباز هو. هر خيال کان هيري جهڙي
سهڻائي سان گهڙيل شخصيت انسان هو. فرشتو نه هو،
روشن خيال ۽ آزاد مرد هو.
انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي تي سندن وڏا احسان آهن.
پير حسام الدين راشديءَ جي مردم شناس اک محترمه
مهتاب چنا جي شخصيت ۽ صلاحيتن کي پرکي ورتو. سائين
اڪبر راشديءَ جي اڱڻ کي روشن ڪرڻ لاءِ پير صاحب
مهتاب جو انتخاب ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح سوني تي سهاڳ جو
ڪم ٿي ويو. ادي مهتاب کي صحيح ساٿي ۽ رفيق سفر
مليو. ادي مهتاب اڪبر راشديءَ جو علم و ادب، سنڌي
ٻولي ۽ تاريخ ۾ هڪ اهم حصو آهي، جنهن کي وساري نٿو
سگهجي.
مان هن مضمون جي پڄاڻي روزنامه ”عبرت“ حيدرآباد جي
13 اپريل 1982ع جي ايڊيٽوريل جي اقتباس سان ٿو
ڪيان، جيڪو پير صاحب جي نسبت سان آهي.
”اڄ پوري سنڌ، پاڪستان بلڪ دنيا جو انسان نهايت
غمزده ۽ ڏک سان ڀريل آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي علم و
ادب جي هڪ روشن شمع گل ٿي ويئي آهي.
”اڄ هزارين محفلون ۽ ڪچهريون اُجڙيل ۽ ويران نظر
اچي رهيون آهن، جن ۾ سنڌ جي ثقافت، تهذيب وتمدن،
تاريخ و قديم روايتن جي تحقيق ۽ تاليف جا روح کي
راحت ڏيندڙ تذڪرا ۽ بحث مباحثا ٿيندا رهندا هئا.
”اڄ اهي قيمتي ڪتاب يا ناياب نسخا، نسورا نيڻن مان
نير وهائي رهيا آهن، جن کي پڙهي ۽ نور نچوئي، انهن
جي وسيع ورقن مان حقيقت ۽ اصليت جي پرک ڪرڻ وارو
پارکو کانئن هميشـﮧ هميشـﮧ لاءِ جدا ٿي ويو آهي.
دراصل پير صاحب جو موت سنڌي ٻوليءَ ۽ تاريخ جو وڏو
نقصان آهي.“
مخدوم غلام حيدر مرحوم
(هڪ تاثر)
محمد اسماعيل عرساڻي
سرودِ رفته باز آيد نيايد، نسيم از حجاز آيد نيايد
سر آمد روزگار، اين فقيري، دگر دانائي راز آيد
نيايد.
(اقبال رحه)
اڄوڪي دنيا جي هر هڪ ڪنڊ پاسي کان قحط الرجال جي
دانهن متل آهي. ويچارا انسان پيٽ پالڻ لاءِ بيحد
پريشانيءَ ۾ مبتلا آهن. سچ پچ ته ڪابه اهڙي ذهني ۽
جسماني مصيبت ڪانهي، جنهن جو غريب طبقي کي مقابلو
ڪرڻو نٿو پوي. هر طرف هاءِ جو هُل آهي، مگر افسوس،
امير طبقو بدستور سُتل، بي فڪر ۽ لاپرواهه آهي.
بک، بيروزگاري، بيماري، اوگهڙ ۽ بداخلاقي زور پڪڙي
رهي آهي. بدقسمتيءَ سان جيڪو به نالي ماتر علاج هن
مرض کان بچڻ لاءِ سوچيو وڃي ٿو، سو هرگز ڪارگر نه
ٿو ٿئي. هڪ طرف قحط سالي جون اهي اذيتون ته ٻئي
طرف وري قحط الرجال جون خانه خرابيون ڪارفرما آهن،
جن اسان کي جسماني تڪليفن سان گڏ روحاني مصيبتن ۾
مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. هڪڙو ته سنڌ ۾ اڳيئي مردان
خدا جي ڪمي، ٻيو خبر ناهي ته قدرت هي ڪهڙو ناگهان
قهر ڪيو. ”آه مخدوم غلام حيدر مرحوم!“
اي سرزمين سنڌ جا سخي مرد! قوم کي اڃا مير غلام
محمد خان ٽالپر جو صدمو ئي دلين تي تازو هو ته وري
تنهنجي ناگهاني فرقت سنڌين جي عموماً ۽ هالا جي
باشندن جي خصوصاً ڪمر ئي ٽوڙي ڇڏي.
هزارون سال نرگس اپني بي نوري پـﮧ روتي هي،
بڙي مشڪل سي هوتا هي چمن مين ديده ور پيدا.
بيشڪ ڪو بشر ڪجهه به کڻي ڪري، تنهنجي فرقت ۾ تمام
عمر رئندو رهي، مگر ڇا ٿيندو؟ مون کي يقين آهي ته
تو قوم تي بي انداز احسان ڪيا آهن، اهي ياد ڪري
تنهنجو هر هڪ مرهونِ منت ۽ مدح خوان، تنهنجي بي
لوث ۽ پاڪيزه زندگيءَ جي هر پهلوءَ تي هزارين ليک
لکندو ۽ تنهنجا گڻ ڳائيندو رهندو، مگر تون وري نه
ايندين! تقدير کي ڪابه تدبير آڏي نه ايندي.
باقضا نيست چارهء تدبير- يفعل الله ما
يشاء قدير
جن هزارن صفتن سان تون متصف هئين، انهن جو خراج
عقيدت پيش ڪرڻ مون هڪڙي جي طاقت کان قطعا ٻاهر
آهي. تنهنجي وضع قطع، عادت اطوار، نشست برخواست،
عبادت و رياضت، زهد تقوى، سخا ۽ منڪسر المزاجي،
غريب نوازي، صبر، تحمل، بردباري، درگذري، شب خيزي،
علم دوستي، راست بازي، ڪم گوئي، شيرين زباني، محڪم
مزاجي ۽ ٻيون سوين خوبيون ته صرف اهي ئي بيان ڪري
سگهندا، جن کي تنهنجي قرب و جوار ۾ رهڻ جي نعمت
عطا هئي. مان ته فقط تنهنجي صحبت ۾ زندگيءَ جا
جيڪي چند قيمتي لمحا گذاريا، انهن جي روئداد
پنهنجي پڙهندڙن جي اڳيان پيش ڪري پنهنجي دل جو غم
هلڪو ڪندس. سبحان الله.
خدا رحمت ڪري! بهت سي خوبيان تهين مرني والي مين!
منهنجي هنن دلي تاثرات جا پڙهندڙ صاحبو! مولانا
مولوي مخدوم غلام حيدر صاحب مرحوم جي سهڻي سيرت جو
مان ڪهڙو بيان ڪريان. سندس حُسن اخلاق جا ڪيترا
داستان لکي، ڪيترا لکان. سندس صحبت جي هڪ هڪ گهڙي
فيض ۽ برڪت جو باعث هوندي هئي. مخدوم غلام حيدر
مرحوم جن پنهنجي تمام عمر وضوءَ ۾ گذاري. اها
ڳالهه سندن خصلت ۾ ان ڪري شمار هئي جو پاڻ هر وقت
تسبيح پڙهندا رهندا هئا. عام ماڻهن سان گفت و شنيد
به هلندي رهندي هئي ۽ دورد شريف به پڙهندا رهندا
هئا. عنفوان شباب کان وٺي، رحلت تائين اها خوبي
منجهن بلڪل پڪي ٿي ويئي هئي. لهــٰذا هميشـﮧ ياد
حق ۾ گذاريندا هئا ۽ زندگيءَ جي هر تارِ نفس
پنهنجي مولى ۽ ان جي رسول پاڪ سان ڳنڍيل رهندي
هُين. ائين ڪرڻ سبب، جيڪڏهن مخاطب ڪا اهڙي ڳالهه
ڪندو هو، جا سندن طبع تي گران گذرندي هئي ۽ غصي جو
باعث ٿيندي هئي ته به تسبيح جي طفيل غصو پي ويندا
هئا، چاهي پوءِ ڪيترو به کڻي بيهودي گفتار ڪري ۽
اعتدال کان ٻاهر نڪري وڃي، تاهم ڪڏهن به سندن زبان
مان ڪو گُٿو لفظ نه نڪرندو هو. امير طبقي ۾ اڪثر
پنهنجي نوڪرن خادمن سان چڙ جي وقت بدڪلامي (گار
گند) ڪرڻ عام ٿي چڪو آهي، مگر مان نهايت وثوق سان
چئي سگهان ٿو ته مخدوم غلام حيدر مرحوم پنهنجي سڄي
زندگيءَ ۾ ڪڏهن به نازيبا لفظ هرگز استعمال نه ڪيو
هوندو. سندن مزاج شريف بدڪلاميءَ کان ايترو ته دور
رهندو هو جو سندس موجودگيءَ ۾ ڪنهن کي به مجال نه
هوندي هئي جو سندس بدترين دشمن لاءِ به ڪو گار
جهڙو بد لفظ استعمال ڪرڻ جي جرئت ڪري. نه رڳو پاڻ
پرهيز ڪندا هئا، مگر اهڙو اڍنگو لفظ ٻڌڻ به گوارا
نه ڪندا هئا. هميشـﮧ فرمائيندا هئا ته ابا!
دشنام دهد اگر خسيسي چاره نبود بجز شنيدن،
گرپائي سگي کسي گزيده باسگ نتوان عوض گزيدن.
پاڻ هميشـﮧ حُسن سيرت کي دنيا جي تمام نعمتن کان
اعلى ترين نعمت ڄاڻندا هئا ۽ فرمائيندا هئا ته
”ابا! ڏسو ٿا ته دنيا ۾ عام طرح هر ڪس و ناڪس ائين
چاهي ٿو ته ماڻهن ۾ منهنجي توقير وڌي ۽ مال عزت
وارو ٿيان، پر اها ڳالهه فقط تڏهن حاصل ٿيندي،
جڏهن پاڻ ۾ حُسنِ سيرت پيدا ڪبي ۽ حُسنِ سيرت تڏهن
حاصل ٿيندو جڏهن علم حاصل ڪبو ۽ صالحن جي صحبت
اختيار ڪبي. جيڪڏهن اسين چڱن جي صحبت ۾ ويهڻ جي
عادت ڪريون ته حُسنِ سيرت کان هرگز محروم نه
ٿيون.“
هوتي سيرت سي هين مردانِ دلاور ممتاز
ورنه صورت مين تو ڪم نهين شهباز سي چيل.
الله اڪبر! مرحوم مغفور جو هڪ هڪ لفظ هدايت ۽
نصيحت جو بيش بها جواهر هو ۽ سندن محبت واقعي ائين
هئي، جيئن:
يک زمانه صحبتِ با اوليا،
بهتر از صد سال طاعت بي ريا.
علم دوستي ته سندن زندگيءَ جو مقصد ٿي چڪو هو.
چونڪه پاڻ باعمل عالم هئا ۽ عربي ۽ فارسي زبانن تي
ڪافي عبور حاصل هونِ، تنهنڪري ڪتب بينيءَ جو خاص
ذوق هوندو هونِ. ڪوبه چڱو ڪتاب علم ۽ ادب جو کين
معلوم ٿيندو هو ته اهو ڪيتري به قيمت تي خريد ڪري
پنهنجي ڪتب خاني جي عاليشان المارين ۾ رکندا هئا.
سندن ذاتي ڪتبخانو نهايت ئي چونڊ ۽ ناياب ڪتابن جو
هڪ سرچشمـﮧ ۽ مخزن آهي. پنهنجو ڪتاب ٻئي کي ڏيڻ ۾
البته بخل ڪندا هئا، صرف انڪري جو ڪتابن سان نهايت
محبت هوندي هين ۽ پاڻ کان جدا ڪرڻ نه گهرندا هئا.
پنهنجن ڪتابن تي نهايت قيمتي ۽ اعلى درجي جا پڪا
جلد چاڙهائي رکڻ جو خاص شوق هوندو هون ۽ انهن
ڪتابن کي پڙهي وري ٻيا پڙهندا هئا ۽ ڏسي وري ٻيا
ڏسندا هئا. عالمن سان صحبت ڪرڻ کان ٻي ڪابه ڳالهه
سندن طبع کي مانوس نه هوندي هئي، پنهنجن ڪتابن جو
ذڪر فقط عالمن سان ئي خوشيءَ مان ويهي ڪندا هئا.
عالمن جي نهايت عزت ڪندا هئا ۽ انهن جون مالي يا
ٻين قسمن جون تڪليفون دور ڪرڻ ۾ خوشي ٿيندي هين ۽
هميشـﮧ عالمن جي امداد ڪندا هئا. هڪ دفعي هڪ مولوي
صاحب خاص مخدوم صاحب مرحوم جي تعريف ٻڌي کيس ملڻ
لاءِ هالن ۾ آيو ۽ پنهنجي هڪ دوست کي چيائين ته
مخدوم صاحب جي خدمت ۾ وٺي هل. هو صاحب کيس ٻاهرئين
بنگلي تي وٺي آيو ۽ کيس اتي ويهاري پاڻ مخدوم صاحب
جن کي اطلاع موڪلڻ جي خيال کان دربانن کي اچي
چيائين ته مخدوم صاحب کي اطلاع ڪن ته فلاڻو مولوي
صاحب ملاقات لاءِ اچڻ چاهي ٿو. مخدوم صاحب جن
فوراً نوڪرن کي چيو ته مولوي صاحب جن ڀلي اچن.
مولوي صاحب جو دوست بازيابيءَ جي اجازت حاصل ڪري
مولوي صاحب کي ٻاهرئين بنگلي مان وٺڻ لاءِ آيو.
ايتري ۾ مولوي صاحب جي دماغ ۾ اهو خيال پيدا ٿيو
ته سوال ڪهڙو ڪريان، خدانخواسته جيڪڏهن ڪجهه امداد
نه ملي ته پوءِ منهنجي منهن ۾ ڇا رهندو! ان ڪري
پنهنجي دوست کي چيائين ته اوهان وڃي ملي اچو، مان
ڪونه ٿو هلان. مولوي صاحب جي دوست کيس چيو ته مون
اطلاع ڪرائي اجازت ورتي آهي، هاڻ اوهان جو نه هلڻ
نهايت نازيبا ٿيندو، پر مولوي صاحب پڙُ ڪڍي بيٺو ۽
ڏٺائين ته مان هتي ئي ويٺو آهيان. آخر مجبور ٿي
سندس دوست مخدوم صاحب جن وٽ ويو. پاڻ کانئس مولوي
صاحب جو پڇيائون. هن ويچاري بهانو تلاش ڪيو ۽
چيائين ته قبله! مولوي صاحب، سائين جن جي ٻاهرئين
بنگلي ۾ ويٺو آهي مٿي ۾ سور هئڻ سبب انهيءَ حالت ۾
حاضر ٿيڻ کان مجبور آهي. پاڻ فوراً تيار ٿيا ته
اسين هلي ٿا مولوي صاحب کي ملي اچون، ۽ پاڻ اُتي
هلي آيا ۽ مولوي صاحب کي نهايت عزت سان مليا ۽
سندس مزاج پرسي ڪيائون ۽ ڪجهه وقت صحبت ڪري موٽي
آيا ۽ کيس چڱي امداد به ڏنائون. حاصل ڪلام ته
عالمن سان نهايت محبت رکندا هئا، ۽ انهن سان علمي
گفتگو ٿيندي سندن دل ئي سير نه ٿيندي هئي. ڪٿان
ڪٿان جا عالم وٽن ايندا هئا ۽ انهن سان پاڻ نهايت
سٺي نموني پيش ايندا هئا ۽ فراخ دليءَ سان سندن
مڪتبن، مدرسن، يتيم خانن، مسجدن ۽ ٻين مشغولين ۾
سندن امداد ڪندا هئا. ڪيترا طالب سندن خدمت ۾
ايندا هئا ته پاڻ انهن کي سڀني عربي ڪتابن جي خريد
ڪرڻ جيتري رقم ڏيندا هئا ۽ ٻي به امداد فرمائيندا
هئا ۽ نهايت خوش ٿيندا هئا ۽ انهن کي هميشـﮧ هدايت
ڪندا هئا ته علم حاصل ڪري دين ۽ قوم جي خدمت ڪجو.
جو انسان علم حاصل ڪري ته پنهنجي اصلاح ڪري ٿو ۽
نه پنهنجي اهل و عيال خاندان، همسايه يا قوم ۽ وطن
جا جيڪي مٿس فرائض آهن، انهن جن بجا آوري ٿو ڪري
سو اهڙو آهي، جيئن:
عالم که کامراني و تن بروري کند،
او خويشتن کم است کرا رهبري کند.
جناب مخدوم صاحب مرحوم جن هميشـﮧ پنجين بجي صبح
کان اڳ ۾ بيدار ٿيندا هئا ۽ سڄي ڏينهن جي ڪاروبار
بعد جا اڪثر ماڻهن سان ملڻ، تنازعات جو نبيرو ڪرڻ،
پنهنجي زمينات وغيره جي معاملات بابت پنهنجن
ڪامورن کي منهن ڏيڻ ۽ ڪجهه وقت اخبار بيني ۽ ڪتابن
جو مطالع ڪرڻ تي مشتمل هوندي هئي. ان بعد ڪڏهن به
رات جي هڪ کان اڳ خواب گاهه ڏي نه ويندا هئا. اهو
سمورو وقت صبح جو پنجين کان وٺي رات جي هڪ تائين
صرف ڏينهن جي چند ڪلاڪن کان سواءِ، جنهن ۾ آرام
فرمائيندا هئا، باقي خلقِ خدا جي خدمت ۾ صرف ڪندا
هئا. ڪيترائي مختلف طبيعتن جا ماڻهو وٽن ڪٿان ڪٿان
ايندا هئا ۽ عجيب و غريب نموني جون ڪٿائون ڪري
سندس سمع خراشي ڪندا هئا، مگر الله اڪبر! خدا
مرحوم جي مرقد کي پنهنجي نُور سان منور فرمائي،
ڪڏهن به پيشانيءَ ۾ سَرُ نه وجهندا هئا، جنهن مان
معلوم ٿئي ته رنجيده خاطر ٿيا آهن.
سيدن جي خاص عزت ڪندا هئا ۽ سروقد اٿي بيهي ساڻن
ملندا هئا. سندن مرضيءَ موجب کين راضي ڪري روانا
ڪندا هئا. جهڙي به نوعيت جو ماڻهو وٽن ايندو هو،
اهڙي ئي ان سان گفتگو فرمائيندا هئا. مثلاً جيڪڏهن
ڪو حڪيم ايندو هو ته ان سان محڪمت جي باري ۾
سلسلئه گفتگو شروع ٿيندو هو. جيڪڏهن ڪو زميندار
شڪار جو شوقين ايندو هو يا ڀَلن گهوڙن جو خبطي
هوندو هو ته انهن سان وري ان قسم جو مسئلو زيرِ
بحث ايندو هو. مطلب ته هر هڪ ملاقاتيءَ سان ان جي
مذاق مطاق موضوع ڇيڙيو ويندو هو. پاڻ فرمائيندا
هئا ته ابا! اسان وٽ ماڻهو اچن ٿا ته ويچارا ماٺ
ڪيو اچيو ادب سان ويهي رهن ٿا. جيڪڏهن هارين سان
ويهي سياسي گفتگو ۽ ڪمين ڪاسبين سان ويهي شڪار جو
مسئلو ڇيڙبو ته ان ۾ هو ڪهڙي دلچسپي وٺندا،
تنهنڪري سندن مذاق موجب جيڪڏهن سلسلئه ڪلام جاري
هوندو ته هنن مان ڪجهه نه ڪجهه نئين ڳالهه پرائي
سگهبي. سبحان الله ائين ڪرڻ کان مرحوم جي نه فقط
اها مراد هوندي هئي ته ڪو ان ماڻهوءَ سان سندس دل
وٽان ڳالهيون ڪري کيس خوش ڪري روانو ڪجي،مگر هن جي
بحث ڪرڻ مان سندن نيت فقط سکڻ جي هوندي هئي. واقعي
مخدوم صاحب مرحوم جن جي عام معلومات ۾ انهيءَ
طريقي سان جا وسعت پيدا ٿي ان جو اندازو لڳائڻ ڪم
از ڪم منهنجي طاقت کان قطعاً ٻاهر آهي. پاڻ
معلومات جا بحرهوندا هئا. جڏهن طب تي گفتگو ڪندا
هئا ته معلوم ٿيندو هو ته ڪي وڏا طبيب آهن. سياست
تي ڳالهائيندا هئا ته ائين سمجهبو هو ته گويا سڄي
زندگي سياسي معاملات ۾ صرف ڪئي اٿن. تصوف تي گفتگو
ڪندا هئا ته ائين ڏسڻ ۾ ايندو هو گويا تصوف جو
سرچشمـﮧ ئي پاڻ آهن. شڪار تي تبصرو ڪرڻ فرمائيندا
هئا ته ائين ڀائنبو هو ته سندن ساري زندگي مبارڪ
شوقِ شڪار ۾ صرف ٿي آهي. واپار، زراعت، اقتصاديات،
معاشيات، مطلب ته هر پهلوءَ تي، اگر گفتگو ڇڙي ته
اهي اهي گره ڪشايون ڪندا هئا، جو سندن خداداد
قابليت ۽ وسيع معلومات اڳيان وڏن عالمن جا سِر
جهڪي پوندا هئا.
کين ڳالهائڻ کان وڌيڪ ٻُڌڻ پسند ايندو هو، ۽ ڪڏهن
به ڪنهن جي ڪلام کي قطع ڪري هڪ لفظ به ڪين چوندا
هئا. الله اڪبر! سندس تحمل ۽ بردباريءَ جي ڪابه حد
ڪانه هئي. ڪيترا ماڻهو اهڙا به وٽن ايندا هئا جي
ڳالهائڻ ۾ شروع ٿيندا هئا ته هرگز بس ڪين ڪندا هئا
۽ وقت ۽ جاءِ جو ڪوبه لحاظ ڪونه هوندو هونِ. ٻيا
ڪچهريءَ جا ماڻهو ڪڪ ٿي پوندا هئا مگر پاڻ نهايت
خاموشيءَ سان درود شريف پڙهندا رهندا هئا ۽ اهي
طويل ۽ بي معنى تقريرون ٻڌندا ۽ تحسين ڏيندا رهندا
هئا ۽ ڪڏهن به ڪين چاهيندا هئا ته مخاطب ڪو ناراض
ٿي وڃي ته مون کي برابرنه ٻُڌو ويو. بيشڪ اهو ئي
راز هو، جنهن مخدوم صاحب مرحوم جن جي عام معلومات
۾ ايتري وسعت پيدا ڪئي. شيخ سعدي عليـﮧ رحمة الله
جي قول موجب:
تمتع رهر گوشهء يافتم، زهر خرمن خوشهءَ يافتم
سندس زندگي مبارڪ جو اهوزرين اصول ٿي چڪو هو ته
ڪنهن حاجتمند اڙيات جي ضرور ڪم اچجي، تنهنڪري
سدائين ڏکي وقت اڀري توڙي سڀري ۽ ڪيترن سفيد پوش
پيرسنن ۽ بي پهچن کي ڪم ايندا هئا. بسا اوقات ڪنهن
جو ڪو مريض ڊاڪٽرن جي مشوري موجب فوراً حيدرآباد
سول اسپتال ۾ آپريشن يا علاج لاءِ وٺي وڃڻو پوندو
هو، جن کي ريل يا پبلڪ لاريءَ ذريعي وٺي وڃڻ ممڪن
نه هوندو هو ته پاڻ نهايت ڪشاده دليءَ سان پنهنجي
قيمتي موٽر ان کي مشڪل جي وقت ڏيندا هئا.
سرڪاري ڪاروبار ۾ ڪڏهن به ڪنهن غريب سان ظلم ٿيندو
هو ته پنهنجو خرچ ڪري، ماڻهو موڪڪلي، سرڪاري
آفيسرن کي مطلع ڪري ان جي مدد ڪندا هئا. ڪنهن جو
حق غضب ٿيڻ نه ڏيندا هئا، ۽ ڪنهن تي بي حد تشدد ۽
ظلم بلڪل برداشت نه ڪندا هئا. طبيعت جي ناساز
هوندي به عوام کان منهن ڪين موڙيندا هئا. هر ڪنهن
جي مدد ڪرڻ، همدردي ڪرڻ ۽ ڏک ۾ سندن دلجوئي ڪرڻ
سندن خاص خصلت هوندي هئي. سندن بدخواهه، جي ساڻن
دلي عداوت رکندا هئا ۽ سندن گلا غيبت ڪندا هئا،
اهي به جيڪڏهن وقت سر مدد لاءِ وٽن ايندا هئا ته
انهن جي نهايت عزت ڪندا هئا، ۽ سندن مدد ٻين کان
به اول ڪندا هئا، تنهنڪري دشمن به سندن گرويده ۽
احسانمند ٿيڻو پوندو هو. مطلب ته سندن دلين کي
مسخر ڪري وٺندا هئا.
درحقيقت اميريءَ ۾ به پاڻ کي فقير سمجهندا هئا،
ڪڏهن به انتقام ۽ ڪيني جهڙين جذبن کي پنهنجي ويجهو
اچڻ نه ڏيندا هئا.
هالا جو مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول ۽ اسلاميه
سروري ڪاليج ۽ انهن سان متصل عاليشان مسجدون ۽
هاسٽلن جون عمارتون، لئبريريون، لان ۽ پارڪ مرحوم
مخدوم غلام حيدر جي قومي خدمات ۽ نيڪ اعمال جو
زنده مثال آهن، جي سڀ به آواز بلند چئي رهيا آهن
ته:
خدا رحمت کند اين عاشقانِ پاڪ طينت را.
ڪاش! جيڪڏهن موت مرحوم کي مهلت ڏئي ها ته هالن ۾
هڪ ديوبند ثاني ادارو ڪم ڪندو ڏسڻ ۾ اچي ها؛ جتي
جا پاڻ مرحوم پڙهيل هئا، ۽ انهيءَ عظيم درسگاهه جي
ابتدائي رٿ سندس هٿن ۾ مڪمل ٿي چڪي هئي. انالله
وانا اليـﮧ الراجعون.
مخدوم بصرالدين سيوهاڻي رح
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي
سنڌي جي ڀاڳ ڀَري مٽيءَ ۾ ڪيئي اهلِ الله درويش،
مجذوب ۽ صوفي بزرگ ستل آهن. مخدوم بصرالدين رح به
انهن مان هڪ آهي. هو وڏو عالم، فاضل ۽ حاذق حڪيم
ٿي گذريو آهي. سندس نسب حضرت ابوبڪر صديق رضه جن
سان وڃي ملي ٿو.
مخدوم صاحب جو اصل نالو ”رڪن الدين“ ۽ والد
بزرگوار جو نالو قاضي احمد صديقي هو. ڏاڏهس مخدوم
محمد حسن (وفات 1220هه- 1805ع) پنهنجي وقت جو عارف
۽ ڪامل بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس عمل ۽ فضل هڪ ڊگهي
عرصي تائين پيڙهي به پيڙهه قائم رهندو آيو، سندس
وڏا ”قاضي القضات“ جي درجي تي فائز هئا، انهيءَ
ڪري ”قاضي“ به سڏجڻ لڳا.
مخدوم بصرالدين جي ولادت تاريخ 29 رمضان المبارڪ
سن 1282هه مطابق 17 سيپٽمبر 1865ع تي، سيوهڻ شريف،
ضلعو دادو ۾ پنهنجي مامي خليفي غلام محي الدين جي
گهر ۾ ٿي، انهيءَ نسبت سان حڪيم فتح محمد ”صغير“
سيوهاڻي (1882ع-1942ع) سندس ماروٽ به ٿئي. شروعات
۾ پارسي ۽ دينيات سان گڏ عربيءَ جا ڪجهه ڪتاب به
پنهنجي ڏاڏي وٽ پڙهيو. ان کان پوءِ پنهنجي سوٽ،
مشهور مجّدد ۽ وڏي عالم، مخدوم علامـﮧ حاجي حسن
الله صديقي پاٽائي رح (1850ع-1920ع) وٽان سبق
ورتائين.
جيئن ته سندس والد بزرگوار ڪيترو وقت سرڪاري
ملازمت ۾ رهيو، انهيءَ ڪري پنهنجي پٽ کي به
انگريزي تعليم ڏيارڻ لاءِ سنڌ مدرسة السلام
ڪراچيءَ ۾ داخل ڪرايو. نهايت محنت ۽ اورچائيءَ سان
قانون جي سَندَ ورتائين، ان کان پوءِ ڪراچيءَ ۾
ملازمت اختيار ڪيائين. مگر سندس آزاد طبيعت کي
دنيا سان دل نه لڳي، جنهنڪري ستت ئي سرڪاري ڳـَٽُ
ڳچيءَ مان ڪڍي، ياد الاهيءَ خاطر گوشه نشيني
اختيار ڪيائين. |