اهڙيءَ طرح ڪڏهن ڪڏهن ڪي جوان سياسي پارٽين بابت
بحث مباحثا ڪري، آخر ۾ گارگند ڪري ڏاڙهي پٽ ۾ لڳي
ويندا آهن. مون کي اهڙين ڳالهين سان دلچسپي آهي.
مان اهڙيون ڳالهيون اخبار ۾ لکي موڪليندو آهيان-
مان اخباري نمائندو آهيان، خاطو آهيان، ائين نه
سمجهو ته مان خطاوار ۽ سزاوار آهيان. منهنجي چوڻ
جو مطلب آهي ته مان اخبارن کي خط لکي خبرون
موڪليندو آهيان، اخباري رپورٽر آهيان، اهڙن موقعن
تي مون کي ماڻهن جي اندر جي، ماڻهن جي ضمير جي،
خبر پوندي آهي ته فلاڻو ڪيتري پاڻي ۾ آهي. ائين
ماڻهن جو پاڻي جاچيندي، ماپيندي، ڪيترا دفعا مان
پاڻ غوطا کائي چڪو آهيان. حقيقت ۾ انهن غوطن کائڻ
لاءِ به ڪو سبب هوندو. هونئن ڪنهن کي ڪهڙي ضرورت
پيئي آهي، جو سردي، گرميءَ ۾ غوطا کائيندو رهي. ان
لاءِ پهريون سبب اهو هو ته مون کي اديب ٿيڻ جو شوق
هو يا ائين سمجهه ته نالي ڪڍائڻ جو شوق هو.
سوچيندو هوس ته ائين هٿوراڙيون هڻڻ ساڻ ڪا اهڙي
چيز هٿ لڳي، اهڙو پلاٽ ملي جنهن تي مان هڪ شاهڪار
ڪهاڻي جو محل اڏي سگهان. اهڙي طرح مان ڏهن پندرهن
سالن کان لکندو اچان ٿو، پر اڃا تائين اديب نه ٿي
سگهيو آهيان.
هڪ دفعي ڪنهن اديب دوست ڪن ۾ ڦوڪ ڏني، ته اديب ٿيڻ
آسان نه آهي. ان لاءِ تجربي ۽ مشاهدي جي ضرورت
آهي. يا تو وٽ ايترو پيسو هجي، جو ڪنهن وڏي اديب
جي خوشامد ڪرين، يا ڪنهن ايڊيٽر سان دوستيءَ جو هٿ
وڌائين، ان کي ڪنهن ٿڌي هوٽل ۾ دعوت ڏين. يا کيس
ڳوٺ گهمائڻ جي بهاني سان وٺي وڃين ۽ سندس خدمت
ڪرين. کيس ڪڪڙ، تتر، ٻڪر کارائين، ته پوءِ پارت
اٿئي، ۽ تون ترت ئي اديب ٿي ويندين، ڇاڪاڻ ته نالي
چڙهيو چور ڦاسيءَ تي چڙهندو آهي ۽ نالي چڙهيو
واپاري کٽيو کائيندو آهي، ۽ تون گمنام ماڻهو آهين
۽ گمنامي ۾ ڪجهه به ڪري نٿو سگهين. مطلب ته مشهور
ٿي نٿو سگهين. هونئن به تون هڪ اخباري رپورٽر
آهين. صرف چورين، ڦرن ۽ ڌاڙن جون خبرون اخبارن کي
موڪليندين. يا ’بجلي گهرجي‘ ’مڇرن جو آزار‘، وغيره
تي لکندين ته ڪڏهن به اديب ٿي نه سگهندين. اهڙن
خبرن جو ادب سان ڪوبه واسطو نه هوندو آهي.
تون في الحال گمنام ماڻهو آهين. جڏهن ڪا شاهڪار
ڪهاڻي لکندين، تڏهن اديبن جي لسٽ ۾ تنهنجو نالو
لکجي ويندو. هن مثال ڏيندي چيو:
”جيڪڏهن توکي ٻي شادي بابت ڪهاڻي لکي آهي، ته ان
لاءِ توکي ٻي شادي ڪرڻي پوندي. جيئن صحيح معنى ۾
تون ڪهاڻي لکي سگهين. ٻي شادي جون خاميون ۽
خوبيون، تون پڙهندڙن تائين پهچائي سگهين.“
مون سوچيو ته مان ڪا اهڙي ڪهاڻي لکان، جو پهرينءَ
ئي ڪهاڻيءَ سان ٻيڙا پار ٿي وڃن ته ليکڪن جي لسٽ ۾
شامل ٿي وڃان. ان بابت سوچ ويچار شروع ڪيم ته ڇا
لکان. دوست جي سهڻي صلاح دل تي تري آئي. ڪجهه پٽ
سٽ ڪري، اوڌر کڻي ٻي شادي لاءِ تياري ڪيم. ’ٻي
شادي‘ بابت ڪهاڻي لکڻ لاءِ مون کي ٻي شادي ڪرڻي
پوندي. تجربي ۽ مشاهدي سان لکيل ’ڪهاڻي شاهڪار‘
ڪهاڻي هوندي، ڇاڪاڻ ته جيڪي اديب شادي بابت يا ٻي
شادي بابت لکندا آهن، ڳالهيون ڪندا آهن، حقيقت ۾
انهن جي هڪڙي به شادي ڪيل نه هوندي آهي، نه ته کين
خبر پئجي وڃي.
پوءِ مون ٻي شادي لاءِ جدوجهد ڪئي. دراصل اها
جدوجهد ڪهاڻيءَ لاءِ هئي، يا ائين سمجهو ته
ڪهاڻيءَ جي شروعات هئي. منهنجو مقصد هو ته منهنجي
ڪهاڻيءَ مان، منهنجي عملي تجربي مان پڙهندڙ ۽
ٻڌرندڙ سبق حاصل ڪن ۽ لاڀ پرائين.
مون کي اديب ٿيڻ جو شوق ڪنان تار هو. مان ٻهراڙيءَ
۾ رهندو هوس. ڪيترائي ليک لکيم، پر ڪجهه به هڙ
حاصل نه ٿيو. ان جو هڪ سبب هو، جو مان نالي وارو
نه هوس، يعني مشهور ماڻهو نه هوس. ليک ڪنهن به
رسالي يا اخبار ۾ منهنجي نالي سان شايع نه ٿيا،
انهيءَ جو به هڪ سبب هو، ته ڪو به ايڊيٽر منهنجو
دوست ڪونه هو. ان مان ائين سمجهڻ گهرجي ته سڀئي
منهنجا دشمن هئا، مطلب ته منهنجو انهن سان لڳ
لاڳاپو نه هو. ان جو به هڪ سبب هو، مون ڪڏهن به
ڪنهن ايڊيٽر صاحب جي يا ڪنهن وڏي ليکڪ جي ڪابه
خدمت نه ڪئي، ۽ نه وري ڪنهن اديب جي ور چڙهيس.
ائين نه سمجهو ته مان بنهه کوهه جي ڏيڏر وانگر گهر
جي ڪنڊ ۾ پيو هوس. ميل جول نه هئڻ جو به هڪ سبب به
آهي. اهو هي ته مون کي سٺي نوڪري ڪانه هئي، ۽ مان
سٺي نوڪري وٺي به نٿي سگهيس. ڇاڪاڻ ته مون وٽ رشوت
لاءِ ٻيو پيسو ڪونه هو. انهيءَ ڪري جيڪڏهن مان
ڏيهي حساب وارو حساب لڳائيندس، ته انهي سڀني سببن
جو به هڪ سبب هو ته مون وٽ پئسو ڪونه هو، جنهن ڪري
منهنجي ڪابه شاهڪار ڪهاڻي شايع نه ٿي.
مان اوهان کي ٻڌائي چڪو آهيان ته مون کي لکڻ لاءِ
ايڏي تات ڇو آهي يا شايد ڏات آهي. آخر سڀئي ماڻهو
ته ليکڪ ڪونه ٿيندا. مان اوهان کي اهو ٻڌائي نه
سگهندس ته مون کي ايتري تات ڇو آهي. بهرحال ايترو
ضرور چوندس ته ڪنهن اخبار ۾ منهنجو نالو ڇپبو آهي
ته مون کي خوشي ٿيندي آهي. اها ته صرف اخبار آهي،
پر ڪنهن رسالي ۾ نالو ڇپجي ته واهه واهه! مهينن
تائين ماڻهو پيا خريد ڪندا ۽ سانڍي رکندا. ’وکر سو
وهاءِ جو پئي پراڻو نه ٿئي.‘ مان به عرصي کان
لکندو رهان ٿو، پر مون کي ڪير به اديب سڏڻ لاءِ
تيار نه آهي. هونئن جيڪڏهن ڪو ماڻهو عربستان وڃي
حج ڪري ته اهو حاجي سڏبو آهي. ڪو ماڻهو سونارڪو
ڌنڌو ڪندو آهي ته اهو سونارو سڏبو آهي، چاهي سندس
ذات ڪهڙي به هجي- هندو هجي يا مسلمان. اهڙي طرح
ڪنڀر، واڍو، رازو، لوهار وغيره. اهي ماڻهو کڻي
ڪهڙي به قوم يا ذات جا هجن، پر پنهنجي ڌنڌي ۽ ڪم
جي مناسبت سان سڏبا آهن. اهڙي طرح ڪم ۽ ڌنڌي جو
اثر ماڻهو جي دل، دماغ ۽ جسم، سوچ ۽ ويچار تي
ٿيندو آهي. جيئن لوهار جو جسم، دل ۽ دماغ مترڪي ۽
سنداڻ جيان مضبوط هوندو آهي ۽ سونارا ذهني، جسماني
۽ دماغي طرح نفيس هوندا آهن. اهڙي طرح لکندڙ به
لکندي لکندي قلم جهڙا ٿي ويندا آهن. پر سالن کان
لکندي به مون کي ڪير ليکڪ مڃڻ لاءِ تيار نه آهي،
حالانڪ لکندي لکندي هينئر مان ٿڪجي پيو آهيان. اڳي
ائين سمجهندو هوس، ته اڃا لکڻ لاءِ وقت پيو آهي.
پر هاڻي سمجهان ٿو ته اڄ جو ڪم سڀاڻي تي رکڻ وڏي ۾
وڏي بيوقوفي آهي، ان ڪري ته شاهه سائينءَ چيو آهي:
”تتي ٿڌيءَ ڪاهه ڪانهي ويل وهڻ جي،
متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پرينءَ جو.“
هينئر ڪيتري به ڪوشش ڪريان ٿو، پر لکي نٿو سگهان،
ڇاڪاڻ ته مان خود ذهني ۽ جسماني طرح قلم جيان سنهو
ٿي ويو آهيان. ان ڪري مون پڪو پهه ڪيو آهي ته گهٽ
۾ گهٽ هڪ شاهڪار ڪهاڻي لکان، جيئن ليکڪن ۾ شمار
ٿيان. انهيءَ لاءِ ويهن ئي ننهنَ جا زور لڳائيندس،
پوءِ کٽن ڀاڳ. ۽ ان کانپوءِ لکڻ ڇڏي ڏيندس. حالانڪ
لکڻ يا نه لکڻ منهنجي وس جي ڳالهه آهي. ڪڏهن نه
چاهيندي به ڪجهه نه ڪجهه لکي ويهندو آهيان ۽ ڪڏهن
ڪوشش جي باوجود لکي نه سگهندو آهيان، ڄڻ لکڻ لاءِ
به ڪا موسم هوندي آهي. پر مون هڪ شاهڪار ڪهاڻي
لاءِ وسان ڪين گهٽايو ۽ ٻي شادي ڪري ورتم.
مون ٻي شادي ڪيئن ڪئي، اهو به هڪ وڏو راز آهي، ۽
هڪ وڏو داستان پڻ. ٻي شاديءَ لاءِ مون وڏي
چالاڪيءَ کان ڪم ورتو، حالانڪ مان بلڪل ڇسو، ڀورو،
ڀوڪ ۽ سادو آهيان. پر انسان جي اڳيان هڪ مقصد
هوندو آهي، ته ان لاءِ هو سڀڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار ٿي
ويندو آهي. اهڙيءَ طرح هڪ ڪوڙ کي لڪائڻ لاءِ سوين
ڪوڙ ڳالهايم. مان اڳ ۾ اوهان کي ٻڌائي چڪو آهيان،
مون ٻي شادي صرف انهيءَ نيت سان ڪئي، ته مان ٻي
شادي تي هڪ شاهڪار ڪهاڻي لکي سگهان، ۽ ليکڪ بنجان،
ان لاءِ اهو چڱيءَ طرح سمجهڻ کپي ته منهنجي نيت
خراب نه هئي.
مون ڇا ڪيو جو پنهنجي گهرواريءَ کان اهو راز بلڪل
لڪايو. کيس کڙڪ به ڪانه پيئي ته ڪو مان ٻي شادي
ڪرڻ وارو آهيان. جتان ٻي شادي ڪيم، اهي پري جا هئا
۽ انهن کي چيم ته منهنجي شادي ڪيل هئي، پر ويچاري
گذاري ويئي.
مون کي پنهنجن دلي دوستن منع ڪئي ته ٻي شادي نه
ڪر، تون هڪ سادو ۽ غريب انسان آهين- خوامخواهه
مصيبت ڳچيءَ ۾ نه وجهه.
مون چيو: ”ٻئي زالون منهنجي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ
هڪٻئي سان ريس ڪنديون. هڪڙوٿورو پيار گهٽ ڪندي، ته
مان وري ٻيءَ ڏانهن لاڙو ڪندس. جڏهن اها تنگ ٿيندي
ته مان وري پهرينءَ ڏانهن ويندس. ائين هڪ نه ٻي
منهنجي خدمت لاءِ هر وقت حاضر رهندي.“
هنن چيو: ”تو وٽ ڇا آهي، جو ٻيئي تنهنجي پيار حاصل
ڪرڻ لاءِ هڪٻئي کان گوءِ کڻنديون، ۽ تنهنجي
چاپلوسي ڪنديون ته توکان ڇا حاصل ڪنديون. جيڪڏهن
هنن پاڻ ۾ ٻڌي ڪئي ته پوءِ ته سمجهي ويندين.“
قصو ڪوتاهه، مون ڪنهن جي به نه ٻڌي ۽ ٻي شادي ڪري
ويٺس. مون ٻنهي کي ويڙهائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي.
پهرينءَ کي چيم ته مون کي ڪرڻي ڪانه هئي، پر هن
مون ۾ الائي ڇا ڏٺو هو، جو پچر ئي نه ڇڏي. نيٺ
تنهنجي لاءِ پهاڄ بڻجي آئي ۽ توکي پريشان ڪرڻ،
تنهنجا حق غضب ڪرڻ لاءِ سڄو ڏينهن تنهنجون گلائون
ڪندي رهي ٿي. ٻيءَ کي چيم ته پهرين زور رکيو ته ڪا
نوڪرياڻي رکين، انهيءَ کان بهتر آهي ته ٻي شادي
ڪري ڪنهن کي وٺي اچ ته مان گهر ۾ وَهايانس. ائين
ڪجهه هنن ۾ غلط فهمي پيدا ٿي، پر ٻيئي شايد ڳالهه
کي سمجهي ويون ۽ پاڻ ۾ وڙهڻ بجاءِ مون سان جنگ
جوٽي ويٺيون.
مون کي پوءِ تجربو ٿيو ته مون غلط اندازو لڳايو.
سوچيم ته ٻين جي تجربي مان فائدو وٺان ها ته سٺو
هو. پر اڄ تائين ڪوبه انسان ٻئي جي تجربي مان
فائدو نه وٺندو آهي، پر پاڻ کي اڪابر سمجهي پنهنجي
سمجهه ۽ مرضيءَ موجب هلندو آهي. پوءِ جڏهن پنهنجي
پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻندو آهي، تڏهن کيس ڪوبه ويڄ،
طبيب هٿ نه ايندو آهي. ۽ پوءِ پنهنجين پوين سان
سچيون ڪندورهندو آهي. ۽ اهي به سندس تجربي مان
فائدو نه وٺندا آهن.
پوءِ ٻنهي زالن پاڻ ۾ ٻڌي ڪئي، ٻنهي منهنجي ناڪه
بندي ڪئي. مطلب ته منهنجو حقو پاڻي بند. آءٌ ڄڻ
ٻنهي جهانن مان ويس. پر مون کي ڪهاڻي لکڻ جو شوق
اڃا به هو، حالانڪه ٻي شاديءَ بعد ڪهاڻي ته
ڪهاڻيءَ جي ماڳ، پر مان خود ڪهاڻي بڻجي ويس.
اوهان سمجهندا ته مان مريض کي پڇڻ لاءِ ڄامشوري
وڃي رهيو هوس، پوءِ هي ڳالهيون ڪٿان اچي نڪتيون.
حالانڪ ملاقات جو وقت ختم ٿي رهيو آهي. اوهان يقين
ڪريو، مان اڃا به سوزوڪيءَ ۾ سوار آهيان ۽
سوزوڪيءَ ۾ اڃا پندرهن ماڻهو سوار نه ٿيا هئا. مان
اڳيان ٺٺ سان ويٺو هوس ۽ پئي اجايا پور پچايم، ته
ايتري ۾ سوزوڪيءَ وارو آيو. چيائين:
”سائين، مهرباني ڪري لهو.“
مان پهريائين ته وائڙو ٿي ويس. کانئس پڇڻ تي هوس
ته ڪهڙي ڳالهه آهي. ايتري ۾ هڪ مڌر مڌر خوشبوءِ
منهنجي دماغ تائين پهچي چڪي هئي. نظر ڦيرايم ته هڪ
خوبصورت جوانڙي بيٺي هئي. مان سمجهي ويس. لاچار
اڳين سيٽ خالي ڪيم، حالانڪ مان پوئين سيٽ تي ويهڻ
جو عادي نه آهيان. پر پوءِ به مون جاءِ خالي ڪئي ۽
کيس جاءِ ڏنم ۽ پاڻ وڃي سوزوڪيءَ ۾ پٺيان ويٺس.
ڊرائيور چيو جيڪي اسپتال تائين هلن سي اندر ئي
ويهن ۽ رستي تي لهڻ وارا دروازي وٽ ويهن، حالانڪ
ڀاڙو سڀني کان هڪ جيترو ورتائين. اندر ماڻهن سان
گڏ ٻه دنبا ۽ هڪ ڇيلو به سوزوڪيءَ ۾ سوار هو. مان
جيئن تيئن ڪري اندرهليو ويس ۽ هن حسينه جي پويان
وڃي ويٺس. سوزوڪيءَ جي وچ وارو شيشو ڀڳل هو،
تنهنڪري هن ۽ منهنجي وچ ۾ ڪا خاص ديوار ڪانه هئي.
ڏٺم هوءَ ٺٺ سان ويٺي هئي. سندس ڀؤنر جهڙا ڪارا ۽
ڊگها وار، سندس ڪمر کان به هيٺ نانگ جيان جهولي
رهيا هئا. سندس وارن، ڪپڙن ۽ جسم مان هڪ عجيب
سرهاڻ منهنجي دماغ ۾ ويهي چڪي هئي. سندس خوبصورت
ننهن ڪنهن آدمخور جي ننهن کان گهٽ نه هئا. ايتري ۾
دنبي جي پيشاب ڪرڻ ڪري هڪ همراهه جي سلوار خراب
ٿي. هن رڙ ڪئي، ”منهنجا نماز وارا ڪپڙا“، ٻين به
اعتراض ڪيو. مالڪ ڏٺو ته متان هڪ هڪ ٿي سوزوڪيءَ
مان لهي وڃن، تنهن سوزوڪيءَ کي ٻه لڳاتار ڌڪ هڻي
چيو، ڊبل آهي. پوءِ سوزوڪي تيرهن ماڻهو، ٻه دنبا ۽
هڪ ڇيلو کڻي رواني ٿي.
جڏهن سوزوڪي رواني ٿي ته هن نوجوان ڇوڪريءَ جا
ڊگها ڊگها ڪارا وار واسينگ جيان ڀڳل دريءَ مان
منهنجي اکين اڳيان جهولي رهيا هئا. مان ڌيمي ڌيمي
خوشبوءِ ۽ وارن جي رقص ڏسڻ ۾ مشغول هوس. اهي
واسينگ هر گهڙي منهنجي چهري کي ڇهي رهيا هئا ۽
منهنجي جسم ۾ بجلي جي لهر ڊوڙندي رهي ۽ مان انهن
ور وڪڙ کائيندڙ وارن کي ڄڻ چمي رهيوهوس ۽ هوءَ
انهيءَ کان بي نياز تمام پري ڪنهن اونهي سوچ ۾
هئي. انهيءَ ڇهاءَ سبب مان عجيب ڪشمڪش ۾ مبتلا
هوس. نيٺ ڄام شوري اسپتال وٽ پهتاسون. اوڏيءَ مهل
سج لهي چڪو هو ۽ ملاقات جو وقت ختم ٿي ويو هو. مان
تڙتڪڙ ۾ گاڏيءَ مان لٿس، پنهنجو ڀاڙو ۽ هن جو ڀاڙو
ڏيئي اڳتي روانو ٿيس. دروازي تي بيٺل چوڪيدار در
کولڻ کان انڪار ڪيو. کيس رپيو هٿ ۾ ڏنم. ڏسي
چيائين:
”سائين! بس، هڪڙي دمڙي- دمڙيءَ مان ڇا ٿيندو. گهٽ
۾ گهٽ ٻه ڪري ڏيو.“
”رپيو توکي دمڙي ٿو لڳي.“
”سائين، هينئر رپئي مان ڇا ٿو ملي.“
اسين ٻئي اڃا انهيءَ ريڙهه پيڙهه ۾ هئاسين، ته
سوزوڪيءَ جو مالڪ ۽ هڪ پوليس وارو اچي پهتا، هن
چيو:
”سائين، هوءَ ڇوڪري ته اوهان کي سڃاڻي به ڪانه ٿي.
اوهان ان جو ڀاڙو ڪيئن ڏنو، هن سخت اعتراض ڪيو
آهي، مهرباني ڪري هلو.“
”ڪير به هجي ان ۾ اوهان جو ڇا. هوءَ ڀاڙو ڏي ٿي ته
اهو کانئس ڀلي وٺو، اهو مون وارو رپيو به تون کڻ.
مون کي ملاقات لاءِ دير ٿي رهي آهي.“
ايتري ۾ پوليس واري رڙ ڪئي:
”مسٽر! اها ڇيڙ ڇاڙ نه هلندي، توکي هلڻو پوندو.
اهو وقت گذري ويو، جڏهن اوهان جهڙا شريف زادا،
راهه ويندڙ عورتن سان پنهنجي من ماني لڳائي ويٺا
هوندا هئا، ۽ کين ڪوبه چوڻ وارو ڪونه هو. اوهان جي
عمر ۽ صورت به ڪا ڇيڙڇاڙ ڪرڻ جهڙي آهي؟“
مون کي اوڏيءَ مهل اها ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه آئي ته
کيس ٻه ٽي رپيا ڏيئي جند ڇڏايان ها، پر مون سمجهيو
ته ڪا خاص ڳالهه ڪانهي، مون هن سان ڪابه ڇيڙڇاڙ
ڪانه ڪئي.
جڏهن اتي پهتاسون ته هوءَ غصي ۾ ڳاڙهي پيلي ٿي رهي
هئي. هن پوليس واري ڏانهن نهاريندي چيو:
”پوليس جي موجودگيءَ ۾ هن کي اها جرئت ڪيئن ٿي ته
هڪ عورت سان ائين من مستي ڪري، ٻين جو ڀاڙو ڀري.
جيڪڏهن اهڙو تونگر آهي ته پوءِ سڀني جو ڀاڙو ڀري
ها.“ ۽ پوءِ مون کي مخاطب ٿيندي چيائين: ”توهان کي
شرم نٿي آيو، توهان ڪهڙي رشتي ناتي ۾ ڀاڙو ڏنو.“
”مون صرف توهان جو ڀاڙو ڏنو ۽ اوهان سان ڪابه ڇيڙ
ڇاڙ ڪانه ڪيم. پر اوهان کي ان تي اعتراض آهي، ۽
اوهان کي اها ڳالهه پسند نه آهي ته قصو ختم. اوهين
پنهنجو ڀاڙو پاڻ ڏيو.“
”قصو ائين ختم نه ٿيندو- توهان کي ڪا چڱي چوکي سزا
ملڻ گهرجي، جيئن اڳتي لاءِ سبق سکو ۽ ڪنهن کي تنگ
نه ڪريو.“
ايتري ۾ پوليس واري کان رهيو نه ٿيو، تنهن هٿڪڙي
کڙڪائيندي چيو: ”اهڙي حرڪت ڪرڻ جي اوهان کي ڪهڙي
ضررت پئي هئي.“
”سچ پڇو ته مون کي هڪ ڪهاڻي لکڻ لاءِ پلاٽ جي
ضرورت هئي. مون کي لکڻ لاءِ ڪوبه پلاٽ ڪونه هو، سو
چيم ته ڀاڙو ڀريندس ته هي محترمه ضرور ٿورو
مڃيندي، ڳُڻ ڳائيندي يا شڪريه بجا آڻيندي. اهڙيءَ
طرح سان گفتگو ٿيندي. ڪهاڻي لکڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه
ملي پوندو. هڪ ٻئي کان حال احوال ڏبا وٺبا- ڪجهه
پنهنجون پرايون ڳالهيون ڪبيون ته ڪهاڻي ٿيندي ۽
اها ڪهاڻي، هڪ شاهڪار ڪهاڻيءَ جي صورت اختيار
ڪندي.“
”انهيءَ مان صاف ظاهر آهي ته تنهنجي نيت بَد هئي.
هاڻي مفت ۾ بهترين پلاٽ مليو اٿئي، وڃي بنگلو
ٺهرائجان. مان توکي ملٽري ڪورٽ ۾ پيش ڪندس. اتي
توکي بنا پڇا جي ٻارهن مهينا ٽيپ ۽ ڏهن ڦٽڪن جي
سزا ملندي. جيل ۾ لکڻ لاءِ وقت به ملندو- اهو ڪو
گهٽ پلاٽ نه آهي، ته ’هڪڙي ڪرڙوڍ، هڪڙي نوجوان
ڇوڪريءَ سان ڇيڙڇاڙ ڪئي، کيس ٻارهن مهينا ٽيپ ۽
ڏهن ڦٽڪن جي سزا ملي.‘ ٿي سگهي ٿو ته جيل ۾ سخت
پورهيو ڪرڻ ۽ جيل جي حالتن بابت توکي ڪهاڻي لکڻ
لاءِ ٻيو به چڱو پلاٽ ملندو ۽ چڱو موقعو پڻ. ان
کان سواءِ ڦٽڪن لڳڻ وقت توکي ڦٽڪن جي باري ۾ سوچڻ
لاءِ چڱو وقت ملندو- اهڙا موقعا زندگيءَ ۾ بار بار
نه ايندا آهن.“
مون کي ائين کٿي اڻاڻيءَ ۾ ويندو ڏسي ۽ منهنجي رحم
جوڳي حالت ڏسي، نه ڄاڻ ڪهڙي جذبي تحت هن محترمـﮧ
جي دل ۾ به ڪهل جو درياءَ موجزن ٿيو. هن چيو:
”جمعدار صاحب، دراصل هن مون سان ڪابه ڇيڙڇاڙ ڪانه
ڪئي. مان سمجهان ٿي ته هن ويچاري جي نظر گهٽ آهي
يا شايد ڀليو آهي. ٿي سگهي ٿو ته ويچاري پئي دل
خوش ڪئي ۽ مون کي بي ضرر انسان ٿو معلوم ٿئي. مون
سمجهيو ته ڪنهن چوري ڀاڙو ڏنو، ان صورت ۾ هو
روزانو پريشان ڪندو، پر هن جي حالت نازڪ آهي.
تنهنڪري انهيءَ ڳالهه کي اتي ئي ختم ڪريو. هي غريب
خوامخواه وڃي ڦٽڪن جي سزا ڀوڳيندو.هن ۾ ته پنجن
ڦٽڪن سهڻ جي به طاقت ڪانه آهي. مارشل لا ڪورٽ ۾
وڃڻ جي ويرم آهي. سزا اتي جو اتي تيار رکي آهي،
پوءِ ڏوهاري هجي يا نه.“
مون چيو: ”دراصل ڦٽڪن جي سزا جي مان سخت خلاف
آهيان. ڦٽڪن جي سزا انساني بنيادي حقن جي سراسر
خلاف آهي. اقوام متحده جي چارٽر جي خلاف آهي، اصول
جي خلاف آهي، جمهوريت جي خلاف آهي، جديد دور ۾
ڦٽڪن جي سزا ظلم جي برابر آهي. آفريڪا جي غلامن کي
به اهڙي سزا نه ملندي آهي، اسان وٽ ته جمهوريت
آهي.“
”ڦٽڪا جائز آهن يا ناجائز آهن. انساني بنيادي حقن
جي خلاف آهن يا موافق آهن، اها دليل بازي اتي وڃي
ڪر. گهٽ ۾ گهٽ تو جهڙن عادتي ڏوهارين لاءِ ضروري
آهن، ته جيئن ٻيا ان مان سبق سکن ۽ وري ڪنهن جو
ڀاڙو نه ڀرين.“
هوءَ خوبصورت منهنجي همدرد بنجي پيئي. چيائين:
”مون سمجهيو ته ڪو لوفر ڇورو آهي ۽ اهو روز روز
تنگ ڪندو. هن جي خبر هجي ها ته مان شڪايت ئي نه
ڪريان ها، ڇاڪاڻ ته هن مسڪين لاءِ رپيو ڀرڻ به چڱي
سزا آهي. هروڀرو وڃي ڦٽڪن جي سزا ۾ پوندو.“
”محترمـﮧ، اوهان وري هن عادتي ڏوهاري جي طرفداري
ٿا ڪريو. ٻين لفظن ۾ هن جي همت افزائي ٿا ڪريو،
جيئن هو هميشـﮧ نوجوان ڇوڪرين سان ڇيڙڇاڙ ڪندو
رهي. کين پريشان ڪندو رهي. هن عمر ۾ به نٿو رهي.
هن کي ٻارهن مهينا ٽيپ ۽ ڏهن ڦٽڪن جي سزا کان گهٽ
سزا ملي ته منهنجو نالو ڪتي تي رکجو. اسان به اڇا
وار اُس ۾ ڪونه ڪيا آهن.“
مون وچ ۾ چيو: ”مون به چيو ته مان ڦٽڪن جي سزا جي
بلڪل خلاف آهيان. ڦٽڪن جي سزا انساني قدرن جي خلاف
آهي. ڪوبه انسان دوست اهڙي وحشيانه سزا جي حمايت
ڪري نٿو سگهي.“
”مسٽر! تون خبر ناهي ڪهڙي دنيا ۾ پيو هلين ۽ ڪهڙين
خوش فهمين ۾ مبتلا آهين. اڄ ڪالهه سياستدانن،
ميمبرن، ليڊرن، وڪيلن، شاگردن، صحافين، مزدورن،
دانشورن ۽ اديبن کي ڦٽڪن جون سزائون مليون آهن،
تون ڪهڙي باغ جي موري آهين. هڪ عاشق نامراد کي
ڦٽڪن جي خلاف ڳالهائڻ جو ڪوبه حق ڪونه آهي.“
”مان هينئر به چوان ٿو ته مان ڦٽڪن جي خلاف آهيان
۽ پنهنجي پهرين فرصت ۾ اخبارن کي اهڙو بيان جاري
ڪندس. منهنجو عزيز اسپتال ۾ آهي، مون کي ان سان
ملاقات ڪرڻي آهي. پوءِ جيڏانهن چوندا اوڏانهن
هلنداسون.“
”هاڻي هو پاڻ ٺيڪ ٿي اچي توسان جيل ۾ ملاقات ڪندو-
تون فڪر نه ڪر.“
ائين چئي پوليس وارو هٿڪڙيون هڻي، مون کي ٿاڻي
ڏانهن گهلڻ لڳو. مان پوليس واري سان روانو ٿيس.
ماڻهو جيڪي تماشو ڏسڻ آيا هئا، سي ڇڙوڇڙ ٿي روانا
ٿيا. مان ٿاڻي ۾ وڃي بند ٿيس، اتي ٻيا به ڪيترا
همراهه بند هئا. اتي اسان کي سڄي رات منگهڻن ۽
مڇرن پٽيو. صبح جو مون کي مارشل لا ڪورٽ ۾ پيش ڪيو
ويو. ڇيڙڇاڙ جو ڪيس رات وچ ۾ تيار ٿي ويو هو ۽ اهو
ملٽري ڪورٽ ۾ پڙهي ٻڌايو ويو.
مون کان نالو نشان پڇيا ويا، ۽ پوءِ ٻارهن مهينا
ٽيپ ۽ پنجن ڦٽڪن جي سزا ٻڌائي ويئي.
مون سوچيو ته ڦُرجڻ کان پوءِ ڊپ ڇا جو- ڪڇڻ جي
هيءَ مهل آهي نه ته پوءِ کل ئي اڊوڙي ڇڏيندا.
”هڪ رپئي لاءِ ايڏي سزا“، مون ڀڻڪيو.
”ڇا آهي؟“
”سائين، دراصل مان ڦٽڪن جي سزا جي خلاف آهيان...
حقيقت ۾ اها سزا، انسان تجويز ڪري نٿا سگهن...
منهنجو مطلب آهي ته مان ڦٽڪن ۾ مري ويندس. مون کي
ٻارهن مهينن جي بدران ٻارنهن سال ٽيپ ڏيو، پر
ڦٽڪا...“
”بس ڪر، وڏو آيو آهي زبان درازي ڪرڻ. اسان تنهنجن
وڏن کي به ٺيڪ ڪري ڇڏيو. تنهنجي عمر ۽ جسم کي ڏسي
توکي اها سزا ملي- هاڻي توکي پندرهن مهينا ٽيپ ۽
ڏهن ڦٽڪن جي سزا ڏجي ٿي.“
”سر، حقيقت ۾ ڦٽڪا اسلام ۾ به جائزنه...“
”اسلام ۾ جائز آهن. اسان کي خبر آهي، تو جهڙي
ڏوهاريءَ لاءِ ضروري آهن.“
”سر، هي جديد دور آهي- ڌرتيءَ جي هُن ڪنڊ تي انسان
چنڊ تي قدم رکڻ جي تيارين ۾ آهي، ۽ ترت ئي چنڊ تي
خيما کوڙيندو ۽ ساڳيءَ ڌرتيءَ جي هن ڪنڊ تي انسان
سان وحشيانه سلوڪ روا رکيو وڃي ٿو ۽ انسان کي ڦٽڪا
هنيا وڃن ٿا.“ هڪ لحظي لاءِ مون کي مسلم ۽ غير
مسلم ملڪ جي وچ ۾ فرق جي خبر پئجي ويئي.
”اسان وٽ وڏن وڏن ليڊرن جي دال نٿي ڳري. تون وري
اسان کي انساني ۽ شهري حقوق سيکارڻ آيو آهين.“
هڪ ٻئي صاحب وچ ۾ چيو:
”آهي ته ڇيڙڇاڙ جو ڏوهاري، پر سمجهڻ ۾ ائين پيو
اچي، ته ڪنهن سياسي پارٽيءَ جو ايجنٽ آهي.“
پوءِ هن هڪدم مون کان پڇيو:
”ڪير آهين؟“
”انسان.“
”ڪٿي رهندو آهين؟“
”ڌرتيءَ تي.“
”ڪهڙي پارٽي ۾ آهين؟“
”ڪنهن ۾ به نه.“
”مان اخباري نمائندو آهيان.“
”ڪهڙي اخبار جو؟“
”سڀني اخبارن جو.“
”تڏهن دماغ خراب اٿئي.“
ايتري ۾ پهرين صاحب کي سخت ڪاوڙ لڳي، هن چيو:
”مڙس ڏسو، جيڪو آيو آهي انساني حقن جو پرچار ڪرڻ ۽
ڦٽڪن جي مخالفت ڪرڻ. وڃ توکي پندرهن ڦٽڪن جي سزا
ڏجي ٿي.“
”مان ته پنجن ڦٽڪن ۾ ئي مري ويندس- باقي ڏهه جنهن
کي وڻيو تنهن کي هڻجو. پر منهنجي خون جو حساب...“
پوليس واري کي ڇڙٻ ڏيندي چيائين:
”سپاهي! وٺي نٿو وڃينس.“
سپاهي مون کي اکيون ڏيکاريندو وٺي ويو. پوءِ ٻئي
ڏينهن مون کي هڪ خاص هنڌ تي، جا صرف ڦٽڪن هڻڻ لاءِ
مخصوص هئي، هڪ اڀي تختي سان ٻڌو ويو ۽ قميص لهرائي
وئي. پڙهو اڳ ۾ ئي ڏنل هو، جنهنڪري ڪافي ماڻهو
تماشي ڏسڻ لاءِ پهچي ويا هئا. اهي ڦٽڪن تي خوش ٿي
رهيا هئا. مون سوچيو: ويچارا ماڻهو. ’صرف باشعور
انسان ئي ڦٽڪن جي مخالفت ڪري سگهن ٿا، ۽ بي شعور
تماشو ڏسي سگهن ٿا.‘
پوءِ هڪڙي ٿلهي متاري ماڻهو کي، جنهن جا پنج ڦٽڪا
ئي موت لاءِ ڪافي هئا. مون سمجهيو ته منهنجي جسم
جو پاسراٽيون ڏسي هن کي ضرور ڪهل آيو هوندو ۽ ڪجهه
آهستگيءَ سان هڻندو. پر مون ڏٺو ته هن کي پنهنجو
پاڻ تي ناز هو ۽ هو مسڪرائي رهيو هو. شايد اهو
سوچي رهيو هو ته گهٽ ۾ گهٽ ڦٽڪن ۾ سندس دم نڪري، ۽
ائين ڪري ڄڻ ڪا وڏي دعا کٽي رهيو هو. ڇاڪاڻ ته مون
ڇيڙڇاڙ ڪئي هئي ۽ آءٌ وڏو ڏوهاري هوس. حالانڪ مون
کي صرف ٻن رپين جو فڪر هو. هڪ دربان کي ڏنو هوم ۽
ٻيو ڀاڙي وارو رپيو الائي ڪنهن کنيو هو. هن الله
اڪبر جو نعرو هنيو، ڄڻ ڪافرن سان جنگ لڙي رهيو هو!
هن بسم الله چئي پهريون وار ڪيو- مون سمجهيو ته
منهنجي جسم جي هڏي هڏي چور ٿي ويندي ۽ ڄڻ منهنجي
کل اڊڙي رهي هئي. ٽن ڦٽڪن بعد مان بلڪل ساڻو ٿي
پئجي رهيس ۽ موت اکين سان ڏسي رهيوهوس ۽ چوٿين کان
پوءِ مون کي ڪابه خبر ڪانه پيئي...
جڏهن اکيون کوليم ته پاڻ کي اسپتال ۾ ڏٺم. ڪجهه
عزيز ۽ دوست بيٺا هئا. هڪ پاسي کان منهنجون ٻئي
زالون ويٺيون هيون، ۽ هوءَ خوبصورت نانگڻ پڻ ويٺي
هئي.
ٻنهي زالن گڏجي هڪ آواز ۾ چيو:
”چڱو ٿيو، توکي گهرج هئي- ٻن زالن وارو آهين، اڃا
به ڪنهن نياڻي سياڻيءَ جو ڪو حياءُ ڪونه اٿئي. اڃا
به ڇوڪرين سان ڇيڙ ڇاڙ ڪندو رهين ٿو. اڃا به پاڻ
کي ننڍڙو سمجهين ٿو. پنهنجي شڪل آرسيءَ ۾ ڏس. مئا!
اڃا به نٿو رهين.“
ٿوري دير بعد هُن پري چهره موڪلايو. هن جي چهري
مان همدردي، احساس ۽ پڇتاءَ جا اهڃاڻ نظر اچي رهيا
هئا. هن جي وڃڻ کان پوءِ منهنجي ننڍيءَ زال پڇيو:
”هي ڏائڻ وري ڪٿان جي آهي ۽ هتي ڇو آئي آهي.“
وڏيءَ چيو: ”مون کي ته هن مان پهاڄ جي بدبوءِ پئي
اچي. آءٌ سمجهان ٿي ته هي ماريو انهيءَ سان به
شادي ڪندو...“
مان وڌيڪ ٻڌي نه سگهيس. منهنجو جسم ڪڙهي رهيو هو.
ڪيترن هنڌن تان کل لهي ويئي هئي. سور کان منهنجو
ساهه نڪري رهيو هو.
مان مهينو کن اسپتال ۾ هوس، ۽ هوءَ محترمه ايندي
رهندي هئي.هن پنهنجو نالو رخسانه ٻڌايو. مون کي هن
مان انسانيت جي خوشبوءِ اچي رهي هئي. هن منهنجي
چڱي خدمت ڪئي.
منهنجي بيماري ۽ ڪمزوريءَ سبب منهنجي سزا معاف
ڪئي ويئي، ۽ ان سان گڏ منهنجي جيڪا اڀري سڀري
نوڪري هئي سا به ختم ڪئي ويئي. منهنجي گذران جو
سڄو دارومدار منهنجي نوڪريءَ تي هو. مان بيروزگار
ٿي پيس. گهر ۾ جهيڙو، ڪجهه هجي ته زالن جي فرمائش
پوري ڪريان. فرمائش ته ٺهيو، پر کين ضرورت جون
شيون به ڪونه ملنديون هيون. |