سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 1989ع

 

صفحو :25

موڪليان پيو.

- سليم ”احساس“ مري

سنڌي ادبي بورڊ بابت چند تاثرات

(سچل سيمينار 18-19 مارچ 1989ع جي موقعي تي خيرپور ميرس ۾ لڳايل اسٽال جي وزيٽرس بوڪ مان اقتباس.)

سنڌي ادبي بورڊ سنڌ جو اهو قابلِ فخر ادارو آهي، جنهن سنڌ جي تاريخ ۽ لوڪ ادب کي سهيڙڻ ۽ مشتهر ڪرڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. هن اداري جا ڪتاب پنهنجي نوع جا اهڙا ڪتاب آهن، جيڪي دنيا جي ڪنهن به ٻوليءَ جي ادب جي همسفري ڪري سگهن ٿا.

مهتاب اڪبر راشدي

سيڪريٽري ثقافت و سياحت

حڪومت سنڌ

سنڌي ادبي بورڊ جوهرين کان به وڏي خزاني جو ونڊيندڙ آهي. ان جا ڇپايل ڪتاب علمي ادبي معيار ۾ مٿاهان آهن.

سنڌي ۾ ڪتابن جي معياري ڇپائي ۽ گيٽ اپ جو دور سنڌي ادبي بورڊ شروع ڪيو.

ادبي بورڊ جا اڪثر ڪتاب مان شاگرد جي حيثيت سان پڙهندو آهيان. منهنجي ذهني ۽ ادبي اوسر ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتابن جو اهم ڪردار آهي.

          - تنوير عباسي.

سنڌي ادبي بورڊ جا ڪتاب ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي.

- آغا سليم

ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ پاران سٺا ۽ معياري ڇپجن ٿا. پر سنڌي ماڻهن جي اقتصادي حالت کي نظر ۾ رکندي قيمتون گهٽايون وڃن ته جيئن شايد وڌيڪ ماڻهو لاڀ پرائيندا. خاص ڪري ميلن ۾ لڳايل اسٽالن تي رعايت جو سيڪڙو وڌيڪ هئڻ گهرجي. هڪ ڪتاب تي پنجويهه سيڪڙو آهي، ۽ ٻين تي ٽيٽيهه سيڪڙو، جڏهن ته بوڪ اسٽال واري رعايت عوام کي ڏجي ته ادبي بورڊ جي ساک وڌندي.

- ڪيلاش

سنڌي ادبي بورڊ معياري ڪتاب ڇپرائي سنڌي ادب جي ميدان ۾ سنڌي سڄڻن جي جيڪا خدمت ڪئي آهي، سا ڪنهن کان به ڳجهي ڪانهي. سچل سيمينار جي موقعي تي بورڊ جو اسٽال ڏسي دل باغ بهار ٿي ويئي. شال هي ادارو ڏينهون ڏينهن ترقي ڪري.

-انور علي کٽياڻ

سنڌي ادبي بورڊ سنڌي ٻوليءَ جي تمام گهڻي خدمت ڪئي آهي.

- محمد قاسم جلباڻي

ٽماهي مهراڻ، 1-1989ع تي تبصرو

ٽماهي مهراڻ 1-1989ع به گذريل ٻين پرچن وانگر سنڌي ادب ۽ ثقافت جو ميڙ آهي، جنهن جو ثبوت رسالي کي ڏسڻ سان ئي مليو وڃي. هن رسالي جي پهرين ۽ سڀ کان وڏي خوبصورتي، لفظ ”مهراڻ“ ئي آهي، جيڪي سائين ع- ق شيخ جا هٿ اکر آهن. سائين ع- ق- شيخ جيڪو سنڌي مصوريءَ جي يونيورسٽيءَ کان گهٽ نه آهي، انهيءَ جي هٿ اکرن هن رسالي جي ٽائيٽل ۾ ڄڻ ته زندگيءَ جو احساس پيدا ڪري ڇڏيو آهي. سرورق تي منصور عالم ابڙي جي ٺاهيل سلائيڊ آهي، جيڪا سچ پچ ته بهار جي عڪاسي ٿي ڪري. پرچي جي بئڪ ڪور کي ڏسي احساس ٿئي ٿو ته اسان پنهنجي ماضي کي ڪڏهن به نه وساريو آهي، جنهن جو ثبوت آهي، سنڌ جي سدا مشهور عالم سرتاج العلماء مخدوم حاجي حسن الله صديقي پاتائي جي مهر جو عڪس، جيڪو اسان جي تاريخ جو ورثو به آهي ته اسان جي ماضي جي عظيم علم و ادب جي نشاندهي پڻ ڪري ٿو.

ٽماهي مهراڻ جو هڪ اهم اسم ”حال احوال“ جي نالي سان ايڊيٽر جو ايڊيٽوريل آهي. اسان جيڪڏهن ماضي جي ”مهراڻ“ جو مطالعو ڪنداسين ته اسان کي بخوبي خبر پوندي ته خاص طرح 1985ع کان وٺي ايڊيٽر صاحب خاص طور تي هتان جي عوام، ڌرتي ۽ اديبن جي مسئلن تي توجهه ڏئي رهيو آهي. ان کان سواءِ ڪجهه عرصي کان ”مهراڻ“ جي مواد م جيڪا ترقي پسندانه تبديلي آندي وئي آهي، ان تي به سنڌ جو عوام ۽ خاص طور تي اديب شاعر ۽ دانشور طبقو خوشي محسوس ڪري رهيو آهي ۽ اڳي واري مونجهه واري دور جي خاتمي سان گڏ ”مهراڻ“ به پنهنجي ذهن کي وڌيڪ ڪشادو رکي ٿو ته سندس مان اڃا به مٿاهون ٿيندو. بورڊ جي نئين چيئرمن جناب مخدوم محمد زمان طالب المولى ۽ نون آيل ميمبرن جي نالن کي ڏسي پڪ سان هر پڙهندڙ جي دل ۾ اها ئي اميد آهي ته هاڻي ”مهراڻ“ جو رنگ ۽ روپ مڪمل طور تي جديد دور جي تقاضائن مطابق ئي هوندو.

ٽماهي مهراڻ جي 1-1989ع جي هن پرچي جي مواد کي شاعري، مقالن، تاريخ، ڪهاڻين، سفرنامي، تبصرن ۽ تعزيت نامي جي حدن اندر بند ڪيو ويو آهي. شاعريءَ جي فهرست کي هڪ نظر ۾ ڏسڻ سان واضح طور تي احساس ٿئي ٿو ته جتي اسان جي سينيئر شاعرن کي به ساڳي ئي اهميت ڏني وئي آهي، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته اسان جي نئين ٽهي ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي سينيئرس کان گهٽ نه آهي، بلڪ ڪٿي ڪٿي ته هنن جون سوچون ڇرڪ ٿيون ڀرائي ڇڏين ۽ سوچڻ تي مجبور ٿيون ڪن ته واقعي هي واٽون ته اسان کان رهجي ويون هيون يا هن انداز کان ته اسان ڪڏهن سوچيو ئي نه هو.

شاعرن جي لسٽ ۾ جتي مخدوم طالب المولى، نياز همايوني، تاج بلوچ، عنايت بلوچ، امداد حسيني، تنوير عباسي، سوز هالائي، انور هالائي، آثم ناٿن شاهي جا نالا آهن، اتي نئين ٽهيءَ جا به ڪيترائي نالا نظر مان گذرن ٿا. مثال طور ادل سومرو، اياز گل، نصير مرزا، طارق عالم، اخلاق انصاري، اختر درگاهي، عزيز ڪنگراڻي ۽ واجد وغيره.

صدين کان عشق شاعريءَ جو اهم ترين موضوع رهيو آهي ۽ هر دور ۾ شاعرن عشق کي پنهنجي پنهنجي انداز ۾ ان دور جي ماحول مطابق محسوس ڪيو آهي، پر عشق کي لڪائڻ هر دور ۾ عاشق لاءِ هڪ ڏکيو ڪم رهيو آهي، جيئن مخدوم طالب المولى چوي ٿو:

چهرو چغل ٿئي ٿو ڀلا ان کي ڇا ڪجي،

سوز گداز عشق جو ڪيئن ڪيئن لڪائجي.

۽ جڏهن محبوب دور هيلو وڃي ٿو ته عاشق امداد حسينيءَ وانگر هيئن بيقرار ٿي پوي ٿو:

ڪارونجهر جي ڪور مٿان، مور ٽهوڪو ماري ٿو،

سڏڪي سڏڪي توکي ڪوئي تنهنجو پنهنجو ساري ٿو

يا اختر درگاهي وانگر:

رات سموري مون جيان

رنا ڇو رابيل؟

پر اسان جو نوجوان حقيقت پسند ڏاڍو آهي. هو پنهنجي شاندار ماضيءَ کي ادل سومري وانگر ڏسي چوي ٿو:

هيمون ڪالاڻي

برج ڏسن ٿا جبل جا

تنهنجي آکاڻي؟

اسان جي شاعر جي اڄ جي حالتن تي به تمام گهري نظر آهي ۽ انهن حالتن جي حل بابت به هو سوز هالائي وانگر ويچاري ٿو:

جيسين چپ نه چرندا رهندا،

تيسين ويڌن وڌندا رهندا.

ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جا سنڌي ادب، ٻولي ۽ تاريخ جي اڀياس تي لکيل مقالا ۽ مضمون سچ ته اسان جي لاءِ هڪ عظيم سرمايي کان گهٽ نه آهن. هن پرچي ۾ الانا صاحب ”ملتان ۽ سنڌ ۾ اسماعيلي تحريڪ ۽ منصوره تي اسماعيلي حڪومت“ جي سري هيٺ پنهنجي طويل مضمون ۾ جهڙي طرح ماضيءَ کي ويهي ڦولهيو آهي، سچ ته اهو ڊاڪٽر صاحب جو ئي ڪمال آهي.

ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي هند ۾ رهي سنڌي ٻوليءَ جي جيڪا خدمت ڪئي آهي، اها هاڻي ڪنهن کان به ڳجهي نه رهي آهي. هن مضمون ۾ به شاهه جي رسالي ۾ ”ڪيڪان“ لفظ جي پڙهڻي ۽ معنى جي ڪيل تشريح پڙهڻ کان پوءِ اسان لاءِ هاڻي شاهه جي رسالي کي وڌيڪ بامعنى ۽ گهرائيءَ سان پڙهڻ ۽ سمجهڻ آسان ٿي پيو آهي ۽ ان سان گڏ اسان جي معلومات ۾ پڻ هن لفظ جي حوالي سان ڪافي واڌارو ٿيو آهي.

شاهه ۽ سچل سان گڏ سامي پڻ اسان جي سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ اهم جاءِ والاري ٿو، پر اسان جي بدقسمتي اها آهي ته اسان اڃان تائين سندس شاعريءَ مان اهو فيض حاصل نه ڪري سگهيا آهيون، جيڪو اسان کي حاصل ڪرڻ گهرجي. تنوير عباسي به پنهنجي تقرير ۾ ان طرف ئي اسان جو ڌيان ڇڪايو آهي.

پير علي محمد راشدي تي لکيل حميد سنڌي جو تاثر پڙهڻ کانپوءِ پڙهندڙ ان مونجهاري ۾ اچي وڃي ٿو ته هو پير صاحب کي پنهنجي ذهن ۾ ٺاهيل شخصيتن جي درجن واري ڪهڙي خاني ۾ فٽ ڪري، ڇاڪاڻ ته حميد سنڌي پاڻ چوي ٿو ته هڪ طرف پير صاحب ون يونٽ وارو ڌڪ هنيو آهي ته ٻئي طرف وري صاحبِ مضمون سندس تقرير ۽ تحرير جو مداح پڻ آهي.

ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو اسان جي ٻوليءَ جو اهو ڏاهو آهي، جنهن تي جيترو به فخر ڪجي اوترو گهٽ آهي. سندس ڪيل خدمتن کي ڪي صديون وسارڻ ته محال آهي. سماجيات جهڙي موضوع تي ڊاڪٽر صاحب هن مضمون ۾ سنڌي ٻوليءَ جي پنجن لفظن کي حوالو بڻائي تمام وضاحت سان روشني وڌي آهي ۽ پنهنجن نتيجن کي اهڙو ته آسان ٻوليءَ ۾ سمجهايو آهي جو سڄي مضمون پڙهڻ کان پوءِ به ٿَڪَ جو احساس نٿو ٿئي.

معمور يوسفاڻيءَ جو مارئيءَ جي ماڳ بابت لکيل هي مضمون دراصل يوسفاڻي صاحب جي اڳ کليل مضمون تي ڪيل تنقيد جو جواب آهي.

سنڌ جي تاريخ تي غلام محمد لاکي جيڪو به لکيو آهي، تمام سٺو لکيو آهي. تاريخ جي مضمون ۾ لاکي صاحب جي چاهه جي ڪري ثابتي ٽماهي مهراڻ جي هن پرچي ۾ ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي مدفن ۽ ان جي ڪتبن تي لکيل مضمون آهي، جنهن ۾ هن صاحب سنڌ اندر ڪلهوڙن جي جدوجهد، حڪومت حاصل ڪرڻ، سندن گادي جي هنڌ محمد آباد جي نشاندهي ۽ ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي مقبري ۽ ڪتبن بابت جيڪا کوجنا ڪئي آهي، ان مان لاڀ پرائڻ هاڻ اسان جو ئي ڪم آهي.

حبيب الله پاٽائي صاحب ڊي. اي. هومز جي هڪ تحقيق مقالي جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي، جنهن ۾ فضائي تصوير ڪشيءَ جي ذريعي حاصل ڪيل شهادتن جي بنياد تي گذريل ٻن هزار سالن دوران سنڌونديءَ جي امڪاني وهڪرن جو جائزو ورتو ويو آهي. منهنجي خيال ۾ هي مضمون هر ان ماڻهوءَ لاءِ دلچسپيءَ جو باعث بڻيو، جنهن جي دلچسپي سنڌ ۽ سنڌو سان آهي.

ڪهاڻين جي حصي ۾ سڀ کان پهرين نجم عباسي جي ڪهاڻي ”خالي کيسي ۾ ڀريل سوچون“ جي نالي سان آهي. نجم عباسي اسان جي سنڌي ادب جو اهو ڪهاڻيڪار آهي، جنهن کي سڀ کان وڌيڪ ڪهاڻين لکڻ جو ته اعزاز آهي ئي، پر ان سان گڏوگڏ هن جي ڪهاڻي پڙهڻ کان اڳ هر پڙهندڙ ذهن ۾ هڪ خاڪو ٺهي ويندو آهي. هيءَ ڪآهي به ان Imagination مطابق ئي سياسي ۽ سماجي حالتن کي پنهنجي گرفت ۾ آڻي لکي وئي آهي.

شوڪت حسين شوري هميشـﮧ ”گهٽ لکو، پر سٺو لکو“ تي عمل ڪندي گهٽ ڪهاڻيون ته لکيون آهن پر هن جون ڪهاڻيون اسان جي ادب ۾ هڪ تمام خوبصورت واڌاري جو سبب پڻ بڻيون آهن. ”مشعالون“ به سندس اهڙين ئي ڪهاڻين مان هڪ آهي، جنهن ۾ اسان جي روايتن جو هڪڙو عڪس ڏيکاريو ويو آهي.

انيس انصاري سنڌي ادب جو پراڻو ۽ سٺو لکندڙ آهي. ڪهاڻي ”سونل“ ۾ هڪ عام موضوع کي ڏاڍي خوبصورتيءَ سان اهڙي نموني پڄاڻي تائين آندو ويو آهي، جو آخر تائين پڙهندڙ نه پورو ٿئي ٿو ۽ نه وري سندس تجسس ٽٽي ٿو.

اشفاق انصاري ڪهاڻي ”پاتال“ ۾ هيٺين وچولي طبقي جي ذهني ڪشمڪش کي نهايت خوبصورتيءَ سان اسان تائين پهچايو آهي ۽ پڪ سان جنهن مقصد کي آڏو رکي ڪهاڻي لکي آهي انهيءَ، کي هن حاصل به ڪيو آهي.

ضراب سنڌي جي ڪهاڻي ”احساس“ منهنجي خيال ۾ ڪو خاص تاثر نه ڇڏي سگهي آهي. هن ڪهاڻي جي پڄاڻيءَ تي پهچي ليکڪ نباهي نه سگهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ايڏو سٺو موضوع ضايع ٿيندو محسوس ٿئي ٿو.

حميد سنڌي جي ڪهاڻي ”تنهنجو سفر- منهنجو سفر“ شروع کان ئي پنهنجي دلچسپي برقرار رکندي اچي ٿي، پر ڪهاڻي جي ختم ٿيڻ کان پوءِ لڳي ٿو ته ڪهاڻي جي پڄاڻي سوچيل انداز سان ڪئي وئي آهي، جيڪا دلچسپي ڪهاڻيءَ سان شروع ۾ آهي، آخر ۾ نٿي رهي.

”ابن رشد جي تحقيق“ اصل ۾ لکيل ته خورجي لوئيس بورخيس جي آهي، پر ان کي پهرين محمد عمر ميمڻ اردوءَ ۾ ترجمو ڪيو ۽ پوءِ اتان مراد علي مرزا ترجمو ڪري اسان تائين پهچايو آهي. هيءَ هڪ ياد رکڻ جهڙي ڪهاڻي آهي ۽ ان ترجمي ڪرڻ جو مقصد ئي اهو هوندو آهي ته اهڙي تحرير پڙهندڙن تائين پهچائجي، جنهن مان ڪا نصيحت جهڙي يا سٺائيءَ جي ڳالهه پڙهندڙن تائين پهچي.

ٽوڀا شاخ کان عمرڪوٽ تائين ويرانين جي اوپن اپيئر ۾ ڪيل نصير مرزا جو سفر جيترو من کان ٻاهر آهي، اوترو ئي من اندر پڻ آهي. نصير جي سفرنامي کي پڙهڻ کانپوءِ سڀئي منهنجي هن ڳالهه سان سهمت ٿيندا ته سفر جو مقصد رڳو جاين کان واقفيت ڪرائڻ نه آهي، پر سفر اوهان جي ذهن جو به هئڻ گهرجي، ۽ جڏهن ذهن سفر ڪندو آهي ته ڏک، اداسين ۽ ويرانين جي ريگستان مان به گذرڻو پوندو آهي.

قمر شهباز جي شاعريءَ جي مجموعي ”چنڊ رهين ٿو ڏور“ جي مهورت جي موقعي تي حسين شاهه راشدي جي ڪيل تقرير ۾ شاعر جي شاعريءَ تي گهٽ ۽ سندس شخصيت تي وڌيڪ ڳالهايو ويو آهي، ۽ تعريف ۾ ئي ڳالهايو ويو آهي، جيڪا اسان جي تقريبن جي روايت بڻجي چڪي آهي. هونءَ ٻولي ڏاڍي پراثر استعمال ڪيل آهي.

ان کان سواءِ ٽماهي مهراڻ جي 1-89ع واري پرچي ۾ تازو ڇپيل ڪتابن مان ڪجهه ڪتابن تي تبصرا پڻ ڏنا ويا آهن، جن سان ادب دوستن کي پنهنجي پسند جو ڪتاب ڳولڻ ۽ پڙهڻ جو وجهه آسانيءَ سان ملي ٿو. هن پرچي جو آخري اسم تازو وڇڙي ويل اديب نارائڻ شيام، مرحوم بردي سنڌي، مرحوم مولانا محمد عظيم شيدا، مرحوم فقير نواب بهاول خان لغاري ۽ مرحوم خانصاحب عبدالله چنا جي باري ۾ مختلف اديبن جا پيش ڪيل عقيدت جي گلن جهڙا لفظ آهن.

- سنتوش ڪامراڻي

 

تصحيح

مهراڻ جي گذريل شماري ۾ ٽائٽل ڪورَ جي پٺ تي سنڌ جي عظيم عالم حاجي حسن الله صديقي پاٽائيءَ جي مهر شايع ڪئي وئي هئي. مهر جي پڙهڻيءَ ۾ ٻن هنڌن تي سهو ٿي وئي ۽ هڪ اهم اندراج نظرانداز ٿي ويو، تنهنڪري مهر جي پڙهڻي دوباره ڏجي ٿي.

                 وچ ۾ نالو: ”حسن الله- يا (حسبي الله)

                 نالي هيٺان سن: 1225 هه (مطابق 1907ع)

                                         ملک الحق المبين

                                         محمد رسول الله

                                         صادق الواعد الامين.

اداره مذڪوره سهو ۽ نظراندازيءَ لاءِ معذرت خواه آهي.

سنڌي ادبي بورڊ جي نئين تشڪيل کان پوءِ ان جي پهرين ميٽنگ جي موقعي تي بورڊ جي چيئرمن ۽ ميمبر صاحبن، بورڊ جي چمن ۾ موسم بهار جا ٻوٽا لڳايا. ان موقعي تي قبله مخدوم محمد زمان صاحب ”طالب المولى“ شال سنڌي ادب جي هن گلشن ۾ تخليق ۽ تحقيق جا نوان پيارا غنچا ڦٽن، جن سان سڳوري سنڌ وڌيڪ واسجي.“

(11- مارچ 1989ع) ڄام شورو سنڌ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com