سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 1989ع

 

صفحو :16

پوءِ مون سوچيو ته بيڪار کان بيگار ڀلي آهي. ٻيو ڪو ڪم نه ڏسي مون خدمتِ خلق شروع ڪئي. ڳوٺ ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ بيمارن جي مدد ڪرڻ، ڪنهن کي اسپتال ۾ داخل ڪرائڻ، ڪنهن کي دوا وٺي ڏيڻ، ڪنهن سان گڏجي شهر ۾ وڃڻ. اهڙيءَ طرح مان حد جي ماڻهن سان اسپتالن، شهرن ۽ آفيسن جا چڪر ڏيندو رهيس، ۽ هو منهنجي مالي مدد ڪندا هئا. انهيءَ مان گذران ڪندو هوس. اهڙيءَ طرح ڪيترن سالن تائين مان حد جي ماڻهن جي خدمت ڪندو رهيس، ۽ عوام ۾ ڏاڍو مقبول ٿيندو ويس.

هڪ ڏينهن اهڙو به آيو جو ملڪ ۾ چونڊن جي تاريخ مقرر ڪئي ويئي. حد جي ماڻهن جي زور بار ڪرڻ سبب مون به اليڪشن ۾ بيهڻ جو فيصلو ڪيو. ٿورو ڪير به ڪنهن جو ڪونه ٿو وساري. اهي ساڳيا ماڻهو،جن سان مون آئيءَ ويل واهر ڪئي هئي، سي سڀ منهنجي ورڪ ۾ نڪري پيا. اليڪشن ٿي ۽ مان ڪامياب ٿيس. چؤطرف واهه واهه ٿي ويئي. مان به هڪ ڪامياب ۽ عوام ۾ مقبول پارٽي ۾ شامل ٿي ويس، ۽ پوءِ وزير ٿي ويس.

وزير ٿيڻ بعد هڪ ڏينهن رخسانه مون وٽ سيڪريٽري ٿي آئي. مون کي ڏسي هوءَ حيران ٿي ويئي. پوءِ ته هوءَ هر وقت مون سان گڏ رهندي هئي، ۽ منهنجون زالون به بلڪل خوش هيون. ته جهيڙو نه فساد. مون سان به خوش ته پاڻ ۾ به خوش. اٽڪل ڇهن مهينن بعد رخسانه مون کي شادي جي درخواست ڪئي. مان ته ڄڻ وائڙو ٿي ويس. کيس چيم:

”رخسانه، تون ڇا ڳالهائي رهي آهين؟ جيڪي چوين ٿي تون سمجهين ٿي يا ائين چوندين رهين ٿي. منهنجي عمر به ڏس، پنهنجي عمر به ڏس. ان کان سواءِ منهنجون اڳ ۾ ٻه شاديون ڪيل آهن. اها ڳالهه به توکان ڳجهي ڪانه آهي.“

هن چيو:

”سر، عورت، مرد ۾ ڇا ڏسندي آهي، مرد جي ڪهڙي خوبي کيس متاثر ڪندي آهي، ان جي خبر اڄ تائين ڪنهن مرد کي پئجي نه سگهي آهي. ڪهڙو سبب آهي جو زالون مردن کي ڇڏي، مائٽن وٽ وينديون آهن. مائٽن کي ڇڏي، ڌارين وٽ وينديون آهن. پوڙهن کي ڇڏي جوانن وٽ وينديون آهن، جوانن کي ڇڏي پوڙهن وٽ وينديون آهن. خوبصورت مردن کي ڇڏي، بدصورتن سان وينديون آهن. اها ڪهڙي ڳالهه آهي. اڄ تائين ڪنهن انسان انهن مسئلن تي غور ڪيو آهي! آخر اها ڪهڙي خامي يا خوبي آهي جيڪا پنهنجن کي ڌاريو ۽ ڌارين کي پنهنجو بنائيندي آهي. اها عورت جي نگاهه آهي، عورت جي پسند آهي، جيڪا ڪنهن جي ساراهڻ يا ڌڪارڻ جي محتاج نه آهي ۽ ان وقت هن وٽ صرف هڪ ڳالهه آهي، اها آهي ’دل پسند‘. ’لوڪ پسند‘ سان هن جو ڪوبه وسطو نه آهي. عورت جنهن کي دل ڏيندي آهي، ان جي خوبصورتي يا بدصورتيءَ کي نه ڏسندي آهي. ان جي ٻڍاپي يا جوانيءَ کي نه ڏسندي آهي. هوءَ صرف دل پسند ڏسندي آهي. مرد جي ڪهڙي خوبي کيس پسند هوندي آهي، سا خبر کيس هوندي آهي ۽ ٻيو ڪوبه اها خوبي ڏسي نه سگهندو آهي.

”مان اوهان سان گڏ رهي آهيان-- مان اوهان جي خامين ۽ خوبين کان چڱيءَ طرح واقف آهيان، مان اوهان ۾ ڪهڙي خوبي ڏسان ٿي، جيڪا مون کي پسند آهي. اها ڪهڙي خوبي آهي جنهن جي ڪري مان اوهان جي قريب اچڻ جي خواهش ڪريان ٿي، اها مون کي خبر آهي.

”باقي هڪ کان وڌيڪ شادين جي مسئلن بابت منهنجو ذاتي رايو اهو آهي ته اهو به غربت جو مسئلو آهي. جتي غريب مرد هڪ عورت جي فرمائش پوري ڪري نه سگهندو، ضرورت زندگيءَ جون شيون مهيا نه ڪندو، اتي هڪ عورت به پنهنجي مڙس کان بيزار هوندي يا ائين سمجهندي ته مون سان دل نه اٿس، پر جيڪڏهن هڪ امير، شاهوڪار، دولتمند وٽ هڪ کان وڌيڪ زالون آهن ته ڪنهن کي به اعتراض نه هوندو آهي. هر ڪا الڳ بنگلي، موٽر ۽  ڪار ۾ گهمندي آهي ۽ سڀ فرمائشون پوريون هونديون ته پوءِ کٽ ڦٽ ۽ ڪل ڪل ڇا جي. اسلام ۾ به هڪ کان وڌيڪ شادين جي اجازت آهي، شرط اهو آهي ته سڀني سان هڪجهڙو برتاءُ ڪجي.

”مان پنهنجي ڳالهه دهرايان ٿي، ته ڪجهه عرصو اڳ اوهان صرف ڀاڙو ڏيڻ سبب، ڪهڙي حالت کي پهتا، ۽ اڄ اها ساڳي مان آهيان جو اوهان سان قريب تر ٿيڻ چاهيان ٿي. غريبيءَ ۾ سوين عيب آهن، ۽ دولت، عهدو، عيبن مٿان پردو وجهي ٿو. اڄ اوهين سياستدان آهيو، ميمبر آهيو، وزير آهيو. اوهان جون تقريرون ريڊيو، ٽيليويزن تان ۽ اخبارن ۽ رسالن ۾ اچي رهيون آهن. اخبارن ۽ رسالن جا ايڊيٽر ۽ نمائندا، اوهان جو انٽرويو وٺڻ، اوهان سان ملاقات ڪرڻ لاءِ پريشان آهن.“

”مان اوهان جي ٻانهن ٻيلي ٿينديس، ملڪي ۽ غير ملڪي دورن ۾ اوهان سان گڏ هونديس. اوهان جي هر طرح خدمت ڪنديس. هونئن به مان اوهان سان گڏ آهيان، فرق صرف اهو آهي ته نڪاح جي ضرورت آهي، جنهنڪري مان به سک جو ساهه کڻنديس ۽ مون کي پنهنجو مستقبل روشن نظر ايندو.“

۽ پوءِ مون ساڻس شادي ڪئي. اخبارن ۽ رسالن جا ايڊيٽر مون کان ملاقات جو ٽائيم وٺندا آهن. منهنجا بيان اخبارن ۽ رسالن ۾ اچي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته مان وزير آهيان.

ليڪن مون کي ارمان صرف اهو آهي ته منهنجي ڪا شاهڪار ڪهاڻي شايع نه ٿي سگهي آهي، ۽ مان ليکڪ بنجي نه سگهيو آهيان.

انيس انصاري

روزي، ربي ۽ راڻي چوڻ ۾ ته ٽي هيون ۽ عدد ۾ پڻ، پر  حقيقت ۾ هو هڪ ۾ ٽي ۽ ٽن ۾ هڪ هيون. روزيءَ جو ذڪر ربي ۽ راڻيءَ جي بيان کان سواءِ اڻپورو هو ته ٻئي طرف ربيءَ سان گڏ راڻيءَ ۽ روزيءَ جا نالا به ڳالهائيندڙ جي زبان تي ازخود اچي ويندا هئا. راڻيءَ سان به ساڳي ڳالهه لاڳو ٿي سگهي ٿي.

برڪو ڀنگي جڏهن فادر جيڪب کان بپتسما وٺي برڪت مسيح ٿيو ته نالي جي تبديليءَ سان گڏ سندس قسمت ۾ به ڦيرو اچي ويو. جتي سَرَ جي تيلين جو وڏو ٻهار سندس هٿن ۾ هوندو هو، اتي بانس جو ڊگهو ۽ ٿلهو ڏنڊو سندس هٿن ۾ نظر اچڻ لڳو، جنهن جي مٿين سري تان هڪ مضبوط ميخ مان ٻارهن تصويرون جو هڪ ڊگهو ۽ ويڪرو آلبم ڏور سان لڙڪيل هوندو هو. ان ڏنڊي کي صليب وانگر ٻنهي هٿن ۾ پڪڙي شهر جي چوراهن، ميلن ملاکڙن ۽ ٻين وندر جي هنڌن تي هو بيٺل نظر ايندو هو. تصويرن ڏيکارڻ وقت سندس اکين جو چمڪو ۽ ڳالهائڻ جو انداز ڏسڻ ۽ ٻڌڻ وٽان هو. ”هي جيسو آهي ڀڳوان جو سروپ ۽ سندس اڪيلو پٽ، جو اسان جي گناهن جو بار سر تي کڻي صليب تي چڙهيو. هيءَ ڪنواري ميري آهي، جنهن جي گود ۾ هن گل جنم ورتو. هي اهو طبيلو آهي جنهن ۾ جيسو ڀڳوان، جو ڪرست آهي، پيدا ٿيو. هي پورب جا ٽي مها پرش آهن، جي شرڌانجلي پيش ڪرڻ لاءِ ستاري جو سهارو وٺي ڀڳوان جيسو جا چَرَن ڇُهڻ لاءِ آيا هئا.

قاسم هاشم کان پڇيو، ”اد! هي ڪنهن جو ذڪر ٿو ڪري؟“

هاشم چيو، ”ڀاءُ هي گوري بادشاهه جي مذهب جو ذڪر ڪري رهيو آهي. ڏس پاڻ به ڪارو صاحب آهي نه. مٿي تي ٽوپلو، بدن تي ڪوٽ ۽ هيٺ تي پتلون.“

شياما ڀاما کي چيو، ”آهي ته اسان جي برادريءَ جو پر ڪرستان ٿيڻ سان ڪيڏي نه عزت ٿي آهي سندس!“

ڀاما چيو، ”منهنجو ڀاءُ راڌو به وڃي ڪرستان ٿيو آهي. مون کي به چوي ٿو، پر بابو ۽ امان انڪار ڪن ٿا. مان ته ڪرستان ٿيندس، پوءِ کڻي ابو امان ناراض ٿين.“

ٻئي ساهيڙيون کلڻ لڳيون.

روزي روز ڊسٽ فيس فائوڊر جي هلڪي تهه چاڙهڻ بعد گلاب جو گل ٿي پوندي هئي ۽ پنهنجي نالي جي عزت رکندي هئي. ربي، رت جي گهڻائيءَ جي مريض هئي. وقت بوقت ٿوري گهڻي تي سندس چهرو ياقوت وانگر ڳاڙهو ٿي ويندوهو، جنهن تي لال موهيڙا قنڌاري ڏاڙهونءَ جي ڪڻن وانگر جرڪندا نظر ايندا هئا. راڻي جنهن وقت کير جهڙا سفيد ڪپڙا پائي سوڙهي ڪوٽي ڀريل ڇاتيءَ تي ڪسي، مٿي تي ڪپڙي جي سفيد ڪئپ پائي اسپتال وڃڻ لاءِ نڪرندي هئي ته ماڻهن جون اکيون کڄي وينديون هيون.

پهرين ڏينهن جڏهن راڻي منهنجو ٽيمپريچر ڏسڻ لاءِ ٿرماس لڳايو، ته مان سندس چهري کي تڪيندو رهيس. ٿرماميٽر ڪڍي، ٽيمپريچر نوٽ ڪري جڏهن پٺي ڏئي هلي ته مون کي الائي ڇو ڪليوپيٽرا نيدل وانگر لڳي قداور ۽ وڻندڙ.

روزي، ربي ۽ راڻي برڪت مسيح ۽ ڀاما جون ڌيئر هيون. ڪجهه اکر پڙهيون پڻ هيون. روزي ۽ ربيءَ پڙهائڻ جو پيشو اختيار ڪيو ته راڻي وڃي نرس بڻجي. ٽيئي ڀينر برادريءَ ۾ عزت جي نگاهه سان ڏٺيون وينديون هيون.

راڻيءَ اسٽاف نرس کي دانهن ڏني ته بيڊ نمبر 5 مون کي تنگ ٿو ڪري. هڪ ڏينهن اسٽاف نرس مون ڏانهن وڌي آئي ۽ تنبيـﮧ ڪيائين، مون کيس کلي چيو ته راڻيءَ کي سڏ ته روبرو فيصلو ٿئي. راڻي مينهن واءُ ڪندي اچي سامهون بيٺي. اسٽاف نرس کي چيم: ”پڇنس ته مان ڇا ٿو ڪريان.“ راڻي ساري ڳاڙهي ٿي ويئي. سڄي اک کي اڌ ٻوٽيندي چيائين، ”هينءَ نه ڪندو آهين!“ سارو وارڊ کلڻ لڳو، اسٽاف نرس سميت. راڻي پير زور سان زمين تي هڻي هلي ويئي. اسٽاف نرس اڌ گنڀريتا سان ۽ اڌ مرڪندي چيو، ”تنگ نه ڪرينس بيڊ نمبر 5.“

ٻي مهاڀاري لڙائيءَ جو زمانو هو. جپاني هندستان ڏانهن وڌي رهيا هئا. انگريزن کي جنگ جي محاذ سان گڏ آزاديءَ جي تحريڪن سان هندستان اندر منهن ڏيڻو پيو. مان ڪاليج مان نڪتس ئي مس ته فوج ۾ ڪميشن ملي. برما محاذ تي هياسون ته آفيس جي ڀرسان گولي ڦاٽڻ ڪري ڄنگهه زخمي ٿي پئي، ان ڪري وطن واپس آيم ۽ ڦٽ اٿلي پوڻ سبب اسپتال ۾ داخلا ورتم. ڪجهه ڏينهن ڪافي ٽيمپريچر رهيو، ان ڪري بيڊ تي ليٽي ليٽي پراڻيون يادون دل تي اڀري پئي آيون.

ننڍو هيم، شهر ۾ چوٻول پئجي ويو ته والنٽيئر اڄ لوڻ ٺاهي جيل ۾ ويندا. مان حيران هيس ته لوڻ، جيڪو پيسي ۾ ٻڪ جيترو پئي مليو، ان کي ٺاهڻ ۽ بعد ۾ جيل وڃڻ جو سبب ڇا آهي؟ مامي جي آڱر پڪڙي تجر باغ جي در وٽ وڃي پهتس، جتي هشام ماڻهن جا گڏ ٿيا هئا. هڪ طرف کان پوليس جي لال پڳڙين جو ميڙ به نظر پئي آيو. باغ کان ٻاهر هڪ ڪڙاهي چڙهيل هئي، جنهن ۾ ڪا پاڻيٺ پيل هئي ۽ ڪڙاهيءَ هيٺان ڍڳ ڪاٺين جا ٻري رهيا هئا. ڪجهه وقت بعد پوليس جون سيٽيون وڄڻ لڳيون ۽ ماڻهن ۾ گوڙ پئجي ويو. ”لوڻ ٺهي ويو! لوڻ ٺهي ويو“

والنٽيئرن جن لوڻ ٺاهيو هو، سي خوشي خوشي وڃي ٽانگي ۾ ويٺا، جنهن ۾ پوليس به ساڻن گڏ چڙهي پئي. ماڻهن جو جوش ڏسڻ وٽان هو. نعرا پئي لڳا، ”انقلاب زنده باد، هندستان آزاد.“

مامي بعد ۾ ٻڌايو ته سرڪار لوڻ تي ٽيڪس وڌي آهي، جنهنڪري ان جي مخالفت ۾ ماڻهن لوڻ ٺاهيو آهي.

ٻئي دفعي پتو پيو ته شراب تي پڪيٽنگ ٿي رهي آهي. مان مامي سان گڏ گڏجي سيئو بازار ۾ نانڪرام جي شاپ تي ويس، جتي شراب جو وڪرو ٿيندو هو. شهر جون ننڍيون وڏيون ڇوڪريون دڪان جي ٻاهران بيهي نعرا هڻي رهيون هيون. ”بند ڪيو، بند ڪيو، شراب جو واهپو بند ڪيو.“ ۽ ”شراب خانه خراب“ انهن نعرن سان گڏ هندستان جي آزاد ٿيڻ ۽ انقلاب جي زنده باد ٿيڻ جا نعرا پڻ ٻڌڻ ۾ پئي آيا. پڪيٽنگ دوران هڪ ٻه گهوڙي بگي اچي دڪان ٻاهران بيٺي. ان مان هڪ مضبوط بدن جو ڪرڙوڍ ماڻهو پَٽڪو ۽ سلوار پهريل هيٺ لٿو. دڪان ڏانهن وڌڻ وقت ڇوڪريون کيس ورائي ويون ”ادا ايڏهن نه وڃ. ڀائو ايڏهن نه وڃ.“ هو هڪ قدم وڌيو ته جوانڙيون ٻانهون ٻڌي اڳيان بيهي رهيس. نه مڙيو ته هو سندس پيرن وٽ زمين تي ليٽي پيون. هڪ نوجوان نينگري وڌي وٽس آئي. چيائينس، ”ڀاءُ اسان توکي اندر وڃڻ نه ڏينديون سين. وڃڻو اٿئي ته اسان کي لتاڙي پوءِ وڃ.“

ان ماڻهوءَ جواب ۾ چيس، ”مون کي نشي جي ضرورت آهي، جنهن جو پورائو يا ته بوتل ڪندي يا ته ڪنهن حسينه جو گلابي ڳل.“

ڇوڪري ٻانهن ٻڌل حالت ۾ اڳتي وڌي ۽ ڳٽو اڳتي ڪري چيس، ”چُم بابا! پنهنجي نياڻيءَ جي ڳل کي چُم.“

ماڻهوءَ کان دانهن نڪري ويئي. پٽڪي جو پلؤ لاهي ان کي ڦاڙي رئو ٺاهي ان نينگريءَ جي مٿي تي رکيائين ۽ ڏهن رپين جو نوٽ سندس هٿ تي رکي چيائين، ”ڌيءَ! پنهنجي ڀليل پيءُ کي معاف ڪجانءِ. مان واعدو ٿو ڪريان ته اڳتي شراب کي ڇهندس به ڪين.“ رئندڙ اکين سان بگيءَ ۾ چڙهي همراهه هليو ويو. پبلڪ ۾ پڪار پئجي ويئي. ”بند ڪيو، بند ڪيو شراب خانه خراب بند ڪيو.“

”تنهنجي ائٽ جو آواز مون ته ڳوٺڙن ۾ ٻڌو،

هر ڪو ڳائيندو ٿي وتيو، ڦورا ٺاهيندو ٿي وتيو،

تنهنجي ائٽ جي آواز...“

”دکايل“ کي ٽڀڪي هٿ ۾ هئي ۽ ڀائي ٽولورام کي هارمونيم ڳچيءَ ۾ ٻڌل. ڪڍ ماڻهن جو ميڙ. کٻي هٿ ۾ ڪپهه جي پوڻي ۽ سڄي هٿ ۾ پتل جي تڪلي. ڌاڳا ٺاهيندا، ڳائيندا گهٽي گهٽي گهمڻ لڳا. ڏهن مان ڇهن کي کدر جا ڪپڙا پاتل هئا.

”بند ڪيو بند ڪيو ديشي مال بند ڪيو،“ نعرو اڃا ڪنن ۾ گونجي رهيو آهي. سيئو بازار جي چونڪ ۾ سون ماڻهن جو ميڙ. وچ تي ولايتي ڪپڙي جو ڍير، جن ۾ ساڙهيون، جمپر، روا، ڪوٽ، ٽوپلا، ٽايون، پتلونون وغيره. مٿان گاسليٽ جو ٽين هاريل، رڳو تيلي ڏيکارڻ جي دير، ڀڀڙ اچي متو. ولايتي مال سڙڻ لڳو. نعرا لڳڻ لڳا، ”انقلاب زنده باد، هندستان آزاد.“

هاڻي جتي هندستان آزاد جا نعرا پي ٻُڌا، اتي پاڪستان زنده باد جا نعرا به ٻڌڻ ۾ پئي آيا. مسلمانن تحريڪ هلائي ته هندستان آزاد ٿيڻ سان گڏ مسلمانن کي سندن اڪثريت وارن صوبن ۾ جدا ملڪ ٿي ملي. ميٽنگون، ڪانفرنسون، جلسا، جلوس ٿيڻ لڳا، ”پاڪستان! پاڪستان، تنهنجو وطن منهنجو وطن پاڪستان! پاڪستان!“ ”ڇا کپي؟ ڇا کپي؟ پاڪستان! پاڪستان.“

ٻه مهينا اسپتال ۾ رهيم، جتي راڻيءَ سان گڏ روزي ۽ ربيءَ سان به واقفيت وڌي ويئي. هڪ ڏينهن معلوم ٿيو ته روزي هڪ ولايتي ٽاميءَ سان، جو هٿيارن جي نمائشي ٽرين سان آيو هو، هلي ويئي. ربيءَ جي شادي پنهنجي هم پيشه استاد سان ٿي ۽ وڃي حيدرآباد رهي، جتي سينٽ فرانس اڪيڊمي ۾ هو مڙس جان سان گڏ ٻارن کي پڙهائڻ لڳي. اڪيلي ٿيڻ سبب روزي ڪڏهن ڪڏهن مون وٽ اسٽول تي اچي ويهندي هئي ۽ هڪ بينگالي ڪرسچن بينرجيءَ جون ڳالهيون ڪندي هئي، جو ڪانگريس جو سرگرم ڪارڪن هو.

اسپتال مان موڪلائڻ کان ٽي مهينا پوءِ معلوم ٿيو ته راڻيءَ جي شادي بينرجيءَ سان ٿي وئي هئي. مان جوڙي کي دل ئي دل ۾ دعائون ڪرڻ لڳس. راڻيءَ منهنجي اسپتال ۾ پنهنجن کان وڌ خدمت ڪئي هئي.

ورهاڱو ٿي چڪو هو. لڏ پلاڻ جاري هئي. فوج مان ڊسچارج ٿيڻ بعد مون کي پوليس ۾ صوبيدار مقرر ڪيو ويو. منهنجي ڊيوٽي پاڪ ڀارت سرحد تي لڳائي ويئي.

هڪ ڏينهن ايندڙ ويندڙ ماڻهن تي نظر رکي رهيو هوس ته منهنجي اڳيان ڪليوپيٽرا نيڊل اچي لنگهي.

”راڻي!“ مون رڙ ڪئي.

هوءَ بيهي رهي. ان سان گڏ بينرجي پڻ هيو. راڻيءَ جي اکين ۾ نه اها شوخي هئي ۽ نه مُک تي مرڪ. وساڻل ڏيئي وانگر پئي لڳي. سندس ساڙهيءَ جي پلؤ ۾ ڪجهه ٻڌل هيو.

پڇيومانس، ”سونو ٻورو ٿي کڻي وڃين ڇا؟“

چيائين، ”ان کان به وڏي وٿ، ملڪ جي مٽي!“

اک نه لائج جهپ

حفيظ ڪنڀر

ڪڪڙن دس! هنيا، وڏو تارو اچي مٿي پڳو ته هُميران اٿي اچي چلهه دکائي. ٽانڊي جو سهائو پوين تاريخن جي چنڊ کي ماريو بيٺو هو. منٺار به ٽانڊي جو سهائو ڏسي کنگهڪار ڪندي اٿيو ۽ مال ڏانهن هليو ويو. ويٺلن ۽ بيٺلن ڳوئين منٺار کي ڏسي ڪنڌ لوڏيا ۽ ڪنن جي لپڙ لپڙ ڪئي. شايد اها احترام وچان ڀليڪار هئي. پريان ٻڪرين به سڪ مان ٻلڪڻ شروع ڪيو.

”جيءُ ڀٽاريون- - جيءُ.“ منٺار جي به ساري سڪ ٽن لفظن ۾ ٻاهر آئي- ۽ ٻڪريون ماٺ ٿي ويون. هو ڦيرو ڏئي اچي پاريئي جي اوٽ ۾ اچي ٻرندڙ چلهه جي ڀرسان ويهي رهيو.

”رب جو شڪر- - ڇنڊون پيون، پاهرو ته بچيا، نه ته الائي ڪهڙو حال ٿئي ها؟“ منٺار چلهه ۾ دکندڙ ڪاٺين کي اڳتي سوريندي چيو.

”هيل جي نه وسي ها ته ڪَر هڪڙو پُڇ به ڪونه بچي ها،“ هميران ديڳڙي ۾ ڪُنجي هلائيندي چيو.

منٺار هميران جي چهري ۾ ڏٺو، جنهن جي جوت مٿان ٽانڊي جو سونو سهائو هو. ويندڙ وهي ۾ به سندس مک ۾ ورندڙ لهندڙ سج وارو ڏياءُ هو. منٺار ڪارونجهر تان بيهي ڪئين دفعا سج کي لهندي ڏٺو هو. ڄمار جي هن لاهيءَ هميران کان رنڱ ۽ ڏياءُ ڪونه کسيو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com