حوالا
هن مطالع تيار ڪرڻ ۾ ذاتي تجربن کان علاوه هيٺين
ڪتابن مان مواد حاصل ڪيو ويو آهي:
1. Arthur Mayhew:
“The
Education of India”.
2. Dr: U.M Doudpota:
“Mass Education In
India”.
3. Govt of
Pakistan:
“The
Report of the Commission on National Education”,
Karachi, Jan-Aug:1959.
4.
Hastings:
“Encyclopaedia
of Relegion and Ethics”, Vol:V.
5. Habibuallah Siddiqui:
“Education
in Sind” Past and Present.
6. H.R” James:
“Education
and Statemanship in India”, (1797-1910).
نوٽ: سنڌ ۾ تعليم جي ماضيءَ ۽ حال بابت منهنجي
لکيل ڪتاب
“Education in Sind” Past and Present”
جي صفحي 181 تي ڄاڻايل آهي ته سر بارٽل فريئر جي
طرفان نئين سنڌي ”الف- ب“ تيار ڪرائڻ بعد پهريون
سرڪاري پرائمري اسڪول 1853ع ۾ شڪارپور ۾ کليو، جتي
انهيءَ الفابيٽ ذريعي سنڌيءَ جي تعليم ڏيڻ ۾ آئي.
بعد جي تحقيقات مان معلوم ٿيو آهي ته 1855ع ۾
انگريز سرڪار نوشهرو فيروز ۾ هڪ سنڌي- فارسي مڪتب
کوليو. هٿ آيل ڪتبي جوعڪس سنڌي ۽ فارسي متن سميت
سامهون صفحي تي ڏنل آهي. (مصنف)
مارڳ مٿاهون ٿيو، مارڳ چڙهي ڪير،
سا پڇي ساٿ سوير، جائي مارڳ تي مري.
جي تون مارڳ تي مرين، وڏا طالع تو،
سانولُ ساڳي سو، مٿان تو هَٿَ ڏِئي،
مَلهِي مارَڳَ مَرُ، تان تون تنين جي ٿئين،
جَبل هار نه جَرُ، ارتَو اکڙين مون.
مارَڳَ جي مُئينءَ، تان هئينءَ هوتاڻين هنج ۾،
وڃي ڪيچ سُئينءَ، ”ويچاريءَ وس ڪيو“.
- سچل
ڪهاڻيون
ــ آکاڻيءَ سان انسان جو چاهه، سندس دلي لاڙو ۽ من جو مشغلو،
سندس اجتماعي زندگيءَ جي هڪ تسليم ڪيل حقيقت آهي.
لکن ورهين کان وٺي، فطري قوتن ۽ سموريءَ مخلوق تي
غالب اچڻ، هر قسم جي راحتن ۽ نعمتن حاصل ڪرڻ لاءِ
هن جيڪا اڻ ٿڪ ۽ اڻ کٽ جدوجهد پئي ڪئي آهي، سختيءَ
جي جن منزلن مان لنگهي، سوڀ ۽ ڪاميابيءَ جي مرڪندڙ
چهري جي ڏسڻ ۾، هن کي جيڪا دلي مسرت حاصل پئي ٿي
آهي، تنهن جي روئداد کي ڪجهه چاشنيءَ سان بيان ڪرڻ
جو هو هميشـﮧ کان عادي پئي رهيو آهي.
سڄي ڏينهن جي محنت بعد، ٿڪل ٽٽل انسان، انهيءَ
ڳالهه جو بيحد خواهشمند رهندو آهي ته پنهنجا
ڪارناما ٻين کي ٻڌائي، ۽ ٻين جا پاڻ ٻڌي. انهيءَ
مان ٻڌندڙ خواه ٻڌائيندڙ، سڀني کي خوشي ۽ سبق ميسر
ٿيندا آهن، سندن احساس برتري کي تسڪين ٿيندي آهي،
هو تڪليفن ۽ پريشانين کي وساري، ٿوري وقت لاءِ پاڻ
تي هڪ بي فڪريءَ ۽ راحت جي ڪيفيت ڇانئي ڇڏيندا
آهن، ۽ ان سان گڏا ڳتي وڌڻ جا امنگ به منجهن پيدا
ٿيندا آهن.
انسان غارن، بيابانن ۽جهنگن مان نڪري، ٻنين، باغن،
ڪارخانن ۽ شهرن ۾ پهتو، ته سندس آکاڻين تي آسپاس
جو اثر پيو؛ سندس آکاڻين جي طرز بيان ۾ تفاوت ٿيو؛
ڪهاڻين مان ڦري آکاڻيون، افسانا، ڊراما ۽ رپورتاز
وغيره ٿيا؛ پر انهن جو بنيادي روح هميشـﮧ ساڳيو ئي
رهيو آهي ۽ رهندو: ”وندر- سبق- ۽ امنگ!“
ڪامياب ڪهاڻي اها آهي، جا ”وندر“ سان گڏ ”سبق“ ۽
”امنگ“ به عطا ڪري: اهڙن سهڻن لفظن، جملن ۽ بيهڪ
سان پيش ڪيل هجي، جو دل ۾ کپي وڃي ۽ انسان بنا
ڪنهن ڪوشش يا ترغيب جي ان تي سوچڻ لاءِ آماده ٿئي.
تاج بلوچ
ماڻهن جا هشام منهنجي ڪمري ۾، پنهنجي سرڪاري ڪم
سانگي موجود هئا، ۽ هر شخص انهيءَ جاکوڙ ۾ هو ته
سڀ کان پهرين سندس ئي ڪم جو اڪلاءُ ڪري ڏيان.
پنهنجي روايتي تڪڙي اڪلاءَ جي باوجود به ماڻهن جي
پيهه ۾ واڌارو ٿي رهيو هو. گرميءَ ۽ اُٻ جي ڪري،
ساهه مٺ ۾ هو. ڪم کي اڌ ۾ ڇڏي، مون اولهه ۾ کلندڙ
پنهنجي ڪمري جون ٻيئي کڙڪيون کولي ڇڏيون. فيبروري
مهيني جي هوندي به موسم ڏاڍي خشڪ ۽ گرم گرم هئي.
ڪنڌ هيٺ ڪيو، ڪم ۾ رڌل هوس ته منهنجي ڪمري ۾ بيٺل
ماڻهن ۾ ٽاڪوڙو پئجي ويو. در واري پاسي کان بيٺل
ماڻهن، پاسو ڪري، کيس جاءِ ڏني ۽ هوءَ اندر هلي
آئي.
مانجهادڙيءَ کي مات ڪندڙ قد، پرنور چهرو، جينس
(Geens)
جي پينٽ ۽ ان سان مئچ ڪندڙ بشرٽ ۽ ڪنٽراس ڪندڙ
ٿيلهو ڪڇ ۾ جهليو اچي منهنجي ميز کي لڳي بيٺي.
اکين تي ڪاري عينڪ هئس ۽ ڊگهن وارن جو جهوڙو ٻڌو
هئائين. سندس وجود جي رنگت، سڄي ڪمري کي متاثر ڪري
ڇڏيو.
”نه سڃاتئي نه، وجودي فلسفي جا مخالف ڪوي!“ جلترنگ
جهڙو آواز، منهنجي خشڪ ڪمري ۾ ٻري پيو.
”او-هو- او-هو.“ امالڪ مون کان رڙ نڪري ويئي ۽
ٻيئي ٻانهون ڏانهنس وڌايم. هوءَ ٿورو ميز ڏانهن
جهڪي آئي ۽ مون سندس ڪلهن کي جهلي سندس پيشانيءَ
کي چمي ورتو.
”چئبو ته پنهنجي روايتن تي اڃان به قائم آهين؟“ هن
پڇيو.
”صحتمند روايتون ئي ته اسان جي جيون جو سهارو ۽
سرمايو آهن. توسان جيڪو پاڪيزه رشتو قائم آهي، مان
ان جي تقدس ۾ ڪيئن ٿو ڪمي آڻي سگهان.“ چيم.
موٽ ۾ هن رڳو مرڪي ڏنو ۽ ٻارهن-تيرهن سالن جي
ٻارڙي ڏانهن اشارو ڪندي چيائين، ”منهنجي ڌيءَ!“
چيم، ”ها تنهنجي تخليق، تو جيان ئي خوبصورت ۽
پاڪيزه هئڻ گهرجي- ڏس صفا تو جهڙي آهي.“ هن جي چپن
جي مرڪ، وڌيڪ رنگ پکيڙڻ لڳي. ماڻهن کي هٿ ٻڌي ويرم
لاءِ ٻاهر اماڻڻ لاءِ چوڻ تي هوس ته هن چيو، ”ڏاڍي
تڪڙي آهيان. اسلام آباد ۾ ڪم اٿم. ڏيهان ڏيهي
ڪانفرنس ۾ آئي هئس، توکي نه ڏسي ڏاڍو اچرج ٿيو، پر
پوءِ خبر پئي ته تون هميشـﮧ جيان پس منظر ۾ ويهي
ڪم ڪندو آهين. اتان کان ئي پتو پيو ته ڪافي ڏينهن
کان تون هتي آهين ۽ سرڪاري نوڪري اختيار ڪئي
اٿئي.“
”ڀلا ٿڌو يا ڪوسو!“
”نه نه ڪجهه به نه! رڳو توکي ڏسڻو هو.“ چيم، ”تنهنجو گهر وارو ته خيريت سان آهي نه!!“
چيائين ته ”هوندو، اسان جي عليحدگي ٿي چڪي آهي،
شاديءَ جي پهرين سال کانپوءِ.“
”چونڊ جي مجبوريءَ سان پيدا ٿيل نتيجن جي ڀوڳيا ته
نه پئي ڀوڳين؟“ پڇيومانس.
”انهن ڳالهين کي ڇڏ، وقت ڪونهي، وري ملاقات به
مشڪل ٿي لڳي. ڪڏهن لنڊن اچڻ ٿئي ته مون وٽ ضرور
اچجانءِ.“ هن پنهنجو وزيٽنگ ڪارڊ ميز جي شيشي تي
رکي ڇڏيو ۽ ساڄي هٿ جي آڱرين سان وِش ڪندي هلي
ويئي ۽ مان ماضيءَ جي جهروڪن مان گذريل زنده لمحن
کي گهورڻ لڳس.
”زندگيءَ جي هر پل ۾ سڏڪا ۽ آهون ٽاڪيل آهن- جياپي
جو حق رڳو انهيءَ ماڻهوءَ کي آهي، جيڪو جيون جي هر
لحظي ۾ ڀريل زهر کي اکيون پوري پي وڃي- ۽ فنڪار تي
وڏي پابندي عائد ٿئي ٿي ۽ هو زندگيءَ جي
Positive
رخ کي پيش ڪري، نه ته معاشري ۾ ڪوبه شخص، سک ۽ چين
سان نه رهي سگهندو. جڏهن وجود ۾ زهر ڀرجي ويو ته
پوءِ اهڙو سامي ۽ جوڳي نه سجهي، جيڪو انهيءَ زهر
کي چوسي ٻاهر ڪڍي سگهي.“
هن بنان ڪنهن تڪلف ۽ تڪليف جي، ڏاڍي سيبتي انداز ۾
ڪنهن ادبي ڪلاس ۾ ڳالهايو هو. عجيب اتفاق هو ته
انهيءَ گڏجاڻي جي صدارت هن جي حصي ۾ آئي هئي ۽ ڇڙي
پيل بحث کي هن ئي
Wind-up
ڪيو هو.
ڪانوينٽ جي گريجوئيٽ هئي ۽ ڪئمبرج لهجي ۾
انگريزيءَ ڳالهائڻ تي عبور حاصل هوس. مصوري ۽
ڊزائننگ سندس من پسند شعبا هئا. منهنجي پهرين
ملاقات ساڻس اتي ئي انجمن جي ادبي اجلاس ۾ ٿي هئي.
گڏجاڻيءَ جي پڄاڻيءَ کان پوءِ، هوءَ مون وٽ
پاڻمرادو هلي آئي هئي ۽ پنهنجي خاص انداز ۾ چيو
هئائين:
“Today, really you inspired the whole meeting”
”گڏجاڻيءَ کي اتساهه ڏيڻ ته ڪارنامو نه چئبو،
اوهين پنهنجي ڳالهه ڪيو.“ مون ساڻس گهرو پوندي چيو
هو. موٽ ۾ هن ڪجهه نه چيو هو ۽ هڪ وڏو دلاويز ٽهڪ
ڏيئي، ڪافي پيئڻ لاءِ چيو هئائين.
Y.M.C.A
جي نيم رومانٽڪ ۽ آزاد ماحول ۾ انجمن جي ٻين ساٿين
سان گڏجي اسان زندگيءَ جي مختلف رخن تي گفتگو ڪئي
هئي. محسوس ڪرايائين ته سچ پچ هن جو وڏو ۽ اونهو
مطالعو آهي. ڪونج ڳچيءَ تي اڌ تراشيل وار، پيرن ۾
نيم پشاوري چمپل، ڳچيءَ ۾ مخصوص قسم جو مردانو بئگ
۽ ڪپڙا بنهه سادا، پر انهن جي ڊزائينگ ۽ سيبو ڏاڍو
خوبصورت، جنهن سندس وجود تي رم جهم لائي ڇڏي هئي.
هوءَ سڄي ميڙاڪي ۾ سڀ کان وڌيڪ محترم گريس فل
محسوس ٿي رهي هئي.
ان کان پوءِ، اسين انجمن جي ادبي ڪلاسن ۾ ڪم ڪندڙ
جاين تي گڏبا رهياسين. اسان جي گفتگوءَ جو اهم
سرو، سڀاويڪ ۽ اتساهه ڏياريندڙ جياپو هوندو هو.
۽ پوءِ ٿورن ڏينهن کان پوءِ خبر پئي ته هن ڏيساور
۾ ڪنهن اشتهاري ڪمپنيءَ کي
Join
ڪيو آهي- هو ڇا هلي وئي، ڄڻ سموري انجمن ئي اجڙي
وئي. زندگي سڀني کي ڪٿان جو ڪٿي ڌڪي ۽ لوڌي ڇڏيو ۽
سڀني سڀڪجهه وساري ڇڏيو...
”ڪڏهن ڪڏهن زندگيءَ ۾ اهڙا به حادثا ايندا آهن،
جيڪي جيوت کي سڦل بنائي ڇڏيندا آهن.“ هن هڪ ڀيري
هڪ ادبي ڪلاس ۾ ڪنهن ادبي تخليق تي بحث ڪندي چيو
هو.
”ضروري ناهي ته هر حادثو اهڙو پيش اچي جيڪو جيون
کي اجاڙڻ بدران سنواري ڇڏي.“ مون وراڻيو هو.
ڀڃ ڊاهه ۽ چونڊ جو سمورو مسئلو شخصي ٿئي ٿو، ان جي
لاءِ ٻيو ڪنهن کي به جوابدار نٿو ٺهرائي سگهجي.“
هن چيو هو.
”ڇا خود ان شخص کي به نه، جيڪو چونڊ ڪري ٿو ۽ پوءِ
ان جي موٽ ۾ آيل نتيجن کان ڪنڌ لنوائي ڇڏي ٿو؟“
مون پڇيو هو.
”تون ڪرڪيگارڊ جي شخصي عمل کي ڏسي سڄي فلسفي تي
ليڪو نه ڦير. ڪافڪا، ڪاميو ۽ سارتري جي لکڻين جي
پس منظر ۽ پيش منظر کي به نظر ۾ رک.“ هن مون کي
سمجهائيندي چيو هو.
ماڻهن جو هجوم، مون کي ماضيءَ جي جهروڪن مان ڇڪي
ٻاهر ڪڍي اچي ٿو ۽ مان وري ساڳئي روايتي ڪم ڪندي
به سوچيندو رهان ٿو ته پندرهن سالن جو طويل عرصو
گذرڻ کان پوءِ به هن جي من ۾ ڏک، پيڙا ۽ مايوسي
گهر نه ڪري سگهيا آهن. يا ته هوءَ اهو سڀڪجهه ڄاڻي
ٻجهي لڪائي ٿي، رڳو انهيءَ خاطر ته هوءَ جنهن
فلسفي جي پيروڪار آهي، ان جي گهٽتائي سندس وجود کي
ڀورا ڪري ڇڏيندي! پر ائين ناهي... پر ائين ناهي.
مان کيس سڃاڻان ٿو. هن جو اندر ۽ ٻاهر هڪجهڙو پاڪ
۽ پوتر آهي- هر شخص جي مانائتي جياپي لاءِ،
زندگيءَ جي لحظي لحظي جو اکيون پوري زهر پي ويندڙ
۽ جيون جي
Positive
رخن ڏانهن نظر رکندڙ... عميق ۽ عظيم. سڀاويڪ ۽
اتساهه ڏياريندڙ جياپي لاءِ امنگ پيدا ڪرائيندڙ.
خميس جي شام ڌاري ڳوٺ پهتس ته ادي وڏي جي طبيعت
ناساز هئي- هو مون کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. چوڻ لڳو،
”چڱو ٿيو جو اچي وئين، چاچي الهڏني خان جي پٽ
سلطان جي سڀاڻي ميندي ۽ پرينهن پرڻو آهي. ماسات
دوست محمد خان کان سوال تي جيپ ورتي اٿم، ان ۾ تيل
ڀرائي منهنجي ۽ پنهنجي ٻارن کي، چاچي وارن جي ڳوٺ
ڇڏي اچ. ورهيه ٿيا آهن جو تون به انهن ڏانهن نه
ويو آهين. وڃي مٽن سان ملي اچ... ميان، مائٽن سان
پير ڀريندؤ ته ڪو اوهان جي به مرڻي- پرڻي ۾
ايندو.“ ادا وڏي جي لهجي ۾ بخار جي تيزي هئي.
مون چيو، ”ادا ڪرفين شهر ۾ اسان جي زندگي زهر ڪري
ڇڏي آهي... کائڻ لاءِ، اصل پاروٿو ٽڪر به نٿو
ملي... مان ته پنهنجي ٻارن کي وٺڻ آيو آهيان.“
ادا ڇڙٻ ڏيندي چيو، ”ٻار وٺڻ آيو آهي چڱو مڙس...
ڇو شهر جا بورچي مري ويا آهن ڇا؟... هتي سؤٽن ۾
شادي آهي ۽ هي پٽ، ٻار وٺڻ آيو آهي... هونن!“ ائين
چئي ادا جيپ جي چاٻي مون ڏانهن وڌائي ٿو ڇڏي ۽ مان
سندس اکين ۾ تري آيل ڪاوڙ کي ڏسي آڻ مڃي چپ ٿي
وڃان ٿو.
شام جو اوطاق مان چانهه پاڻي پي ڪري، مان ٻئي
ڏينهن جيئن ئي حويليءَ ۾ داخل ٿيس ته نوجوان
نينگرين، مٿن تي اوڍيل پوتين سان مُنهن ڍڪي، ڪنڊ
پاسي ۾ لِڪڻ جي ڪئي، ۽ ٻين بزرگ توڙي نوجوان
خواتين ۾ ٽاڪوڙو پئجي ويو... سڄي حويلي رنگ برنگي
بلبن ۽ روشنين ۾ وهنتل نظر اچي رهي هئي. ڪجهه دير
اڳ گهوٽيتن جي ميندي موٽي هئي ۽ ڪنواريتن جي
مينديءَ وڃڻ جا سانباها پئي ڪيا.
”اي صدقو وڃان... اهو ڏاڙهي مڇ چٽ، غير مسلم
مڙسالو ڪٿان کان آيو آهي؟“
هڪ امڙ جيڏيءَ خاتون، ڪجهه طنز ۽ پنهنجائپ مان چيو
۽ وڌي اچي ڀاڪر ۾ ڀريو، ۽ روئڻ شروع ٿي وئي.
روئندي به ويئي ته امڙ جيان، ڀاڪر ئي ڀاڪر ۾ ڳٽن ۽
پيشانيءَ کي چمندي به رهي.
”ابا، مهر ئي مَٽي ڇڏي اٿو... ڪڏهن خيال به ڪونه
اچيوَ ته ڪا ناني ماسي به ٿيندي آهي.“
خاتون، پنهنجي مٿي جي پوتيءَ سان اکيون ۽ نڪ صاف
ڪندي چيو، ”اي سونيت، ڏسين ٿي رضيه جي وَرَ ۽
مرحومه ڀيڻ قيمل جي تاجل کي.“ ماسي ارباب هڪ ٻي
پاڻ جيڏي خاتون سان منهنجي سڃاڻپ ڪرائي. ”پٽ، مان
به ماسي ٿيانءِ، ڀلي آئين.“
ماسي سونيت ساڄي هٿ تي پوتيءَ جو ڍڪ ڏيندي مون کي
کيڪاريو. ناني حليمه، جيڪا کٽ تي حقو ٽيڪيو ويٺي
هئي، مان پاڻ ان ڏانهن وڌي ويس ۽ وڃي کيس ادب سان
سلام ڪيم. ناني حقي جي نڙ کي پاسيرو رکي مون کي
اکين جيان، پنهنجي نابيني وجود ۾ سمائي ڇڏيو.
چمندي به رهي، روئندي به رهي ۽ چوندي به رهي، ”هئي
هئي... اڄ ڌيءَ قيمل زندهه هجي ها ته پنهنجي ڪوپي
پٽ جا کٽيا کائي ها.“
حويلي خوشيءَ ۾ ٻهڪي رهي هئي... منهنجي سوٽ، رئيس
سلطان خان جي، پنهنجي سڳي پٽ سان شادي ٿي رهي
هئي... ڪنوار گهوٽ کان اٽڪل ويهه سال ننڍي هئي...
جڏهن ته سلطان خان کي پنهنجي اڳئين زال، جيڪا سندس
سڳي ماسات به هئي، ان مان کيس ٻه پٽ ۽ هڪ سندر
نياڻي به هئي، ۽ نياڻي جيڪا سندس نئين ڪنوار کان
ٽي چار سال مس ننڍي هوندي.
ڪجهه دير حويلي ۾ ترسڻ کانپوءِ، مان سوٽ هيبت خان
سان گڏجي، مٽياڻين کان موڪلائي اوطاق ڏانهن وڌي
رهيو هوس ته حويليءَ جي مک دروازي جي ڪنڊ تي، لڳل
هئنڊ پمپ جي هوديءَ ۾ ڪا عمر رسيده خاتون جو چهرو،
هئڊ جيان پيلو، اکيون ڏرا ڏنل ۽ وار اڌ اڇا ڪارا
هئس، پر جي ائين کڻي چئجي ته سندس مٿو گهڻو اڇو
هو. لٽي ڪپڙي ۾، گهر جي ٻانهي لڳي رهي هئي...
اڃان. سوچن ۾ ئي هوس ته اها خاتون، هٿ ڌوئي صاف
ڪري اٿي بيٺي ۽ مون ڏانهن وڌڻ لڳي... سوٽ هيبت خان
بيهجي ويو ۽ مائي وڌي اچي مون کي هٿ ڏيئي ڏيکاريو.
”ادا تاجن، خوش ته آهين نه... مس مس ڀاڄائي ۽ ٻارن
ڏانهن اماڻيو اٿو!“
”ها ادي، ها ادي...“ مون هٻڪندي چيو. هيبت خان
مائيءَ ڏانهن ڏسندي مون کان پڇيو، ”سوٽ، ڀاڄائيءَ
کي سڃاتئي؟... پاڻ جڏهن سائين ميانجي واري ملان
اسڪول ۾ داخل ٿيڻ وارا هئاسين ته هيءَ ادي، پنجون
پاس ڪري اسڪول ڇڏي چڪي هئي...هيءَ ادي سلطان خان
جي گهر واري اٿئي، ڀاڄائي شهزادي!“ ”ادو تاجن ته
هاڻي وڏو ٿي چڪو آهي، اسان کي سڃاڻندو به ڪيئن؟“
ادي شهزاديءَ درد ۾ ٻُڏل لهجي ۾ هيبت خان ڏانهن
ڏسندي مون کي چئي رهي هئي، ”ادا مان تنهنجا
T.V
۽ ريڊيو جا پروگرام ڏاڍي شوق سان ڏسندي ۽ ٻڌندي
آهيان... تون سؤٽ سلطان کان ٻه- ٽي سال ئي وڏو
هوندين.“
شهزادي چئي رهي هئي: ”جڏهن سلطان سان منهنجو نڪاح
پيو هو ته انهن ڏينهن ۾ هو، رڳو چولي ۾ گهمندو
هو.“ هوءَ سڀڪجهه روانيءَ سان چئي وئي... پر محسوس
ڪيم ته درد جو تيز واچوڙو، سندس من ۾ ولوڙ پيدا
ڪري رهيو هو. شهزاديءَ مون کي چپ ڏسي چيو، ”ادا
تاج، تنهنجي نئين شعري مجموعي، ’خوشبوءَ جو زهر‘
جا ٻه نظم ’پلصراط‘ ۽ ’درد جو پاتال‘ مون کي ڏاڍا
پسند آهن. انهن تي پاڻ به عمل ڪجو ۽ جيڪڏهن ٿي
سگهي ته ان جذبي کي، زندگيءَ جو منشور بڻائي ڇڏجو!
ائين چئي، هوءَ اکين ۾ آيل ڳوڙها پي وئي ۽ وري وڃي
ٿانون تي ويٺي.
حويليءَ جي اندر ۽ ٻاهر ميندي لڳي رهي آهي...
سَهَرن، لاڏن ۽ ڪافين جا سُرَ پاڻ ۾ اهڙي ريت گڏجي
وڃن ٿا... ڄڻ امامن سڳورن جي شهادت تي ڪو نوحو
پڙهي رهيو هجي... يا ڪنهن اڪيلي نوجوان پٽ جي
اوچتو وفات تي ماءُ، پيءُ، ڀينرون ۽ سڄو ويڙهو پار
ڪڍي روئندو هجي. ساهه ٻوساٽجڻ لڳي ٿو... مان چپ
چپات ۾، جيپ کڻي، وڏي ڀاءُ ۽ پنهنجي ٻارن کي اتيئي
ڇڏي، درد جي پاتال تي کڙي ڪيل پلصراط تان تيز
رفتاريءَ سان جيپ هلائي رهيو آهيان... ڏسان پيو ته
منهنجي آڏو، ڪيترن ئي سلطانن ۽ شهزادين جا بي ڪفن
لاشا، خانداني وقار ۽ ناموس جي چکيا تي لڙڪي رهيا
آهن....
محمد دائود بلوچ
گهڻن سالن جي ڳالهه آهي. هڪ شام جو ڪنهن عزيز کي
پڇڻ لاءِ ڄام شورو بس اسٽينڊ تي ويگن جو انتظار
ڪرڻ لڳس- نيٺ هڪ سوزوڪيءَ ۾ سوار ٿيس.
مان جڏهن به ڪنهن بس، ويگن يا ريل گاڏيءَ ۾ سفر
ڪندو آهيان ته اتي هميشـﮧ ڪونه ڪو جهڳڙو ٿيندو
آهي. ڪڏهن جاءِ تان، ڪڏهن سياسي ڳالهين تان، ڪڏهن
پنهنجن پراين ڳالهين تان- بهرحال جهڳڙو ٿيندو
رهندو آهي. پر مون کي اڄ تائين اها خبر پئجي نه
سگهي آهي ته اهڙا جهڳڙا هميشـﮧ هر هنڌ ٿيندا رهندا
آهن، يا صرف منهنجي ڀاڳ ۾ آهن. هڪ دفعي جي ڳالهه
آهي ته گاڏيءَ ۾ ٻه همراهه پاڻ ۾ وڙهي پيا. هڪڙو
همراهه چوي ته وڏيري جاڙي خان جو ڪتو ڀلو آهي.
پوءِ ڳالهه وڃي گارگند تائين پهتي ۽ همراهن جا هٿ
هڪٻئي جي ڏاڙهيءَ ۾ هئا. |