ڪجهه گهڙين کانپوءِ هو ڪَر کنيل ڪارونجهر ڏانهن
وڌڻ لڳو. سندس وکن ۾ وقار ۽ اعتماد جي اٿل هئي.
ڪارونجهر ڪَر کڻي عبدالقيوم سيٺ کي تڪي رهيو هو.
ڪارونجهر جي مُرڪندڙ ساوڪ جا طعنا سندس روح جي
ڪنارن کي کائڻ لاءِ وڌي رهيا هئا پر هُن فاتحانه
انداز ۾ نٿي وڃائڻ چاهيو. هُن هڪ ڀيرو پربت جي
پيرن ۾ نهاريو، جن سان الائي ڇا ڇا ٿڏجي چڪو هو ۽
چوٽيءَ ڏانهن نهاريو صدين کان وڙهندڙ نسل جو
فاتحانه غزور انهيءَ چوٽيءَ ۾ سمايل هو. هُن کي
ڪهڙي خبر ته ڪارونجهر جي پيٽ ۾ ڪيتريون رت هاڻيون
ڪهاڻيون دفن آهن؟ ۽ ڪارونجهر ٿوهرن جهڙا ڪيترا
ڪردار پنهنجي جهولي ۾ پالي انهن کي ڪونڀٽ ۽ پنهنجي
پٿر جهڙو مضبوط ڪيو آهي. نه ڪارونجهر جي پريم ۽
پيار جي خبر هئس، نه ئي ان جي تيش ۽ تاءُ جي.
ڪارونجهر جي تتل، ٺريل جهولي پنهنجن لاءِ کليل
هوندي هُئي، پر پراين کيِ لاون مان نڪرندڙ پٿرن
جيئن اوڳاڇي ڦٽو ڪيو هو. مِٺال ٽٽل دل سان
ڪارونجهر کي مُرڪي ڏٺو. ڪڪرن جي ڪنن مان جهاتيون
پائيندڙ لهندڙ سج جا ڪرڻا ڪارونجهر جي ڪور سان
ٽڪرائجي پاڻ سان گڏ ڪئين رنگ کڻي موٽيا ٿي. سائي
ڪارونجهر جي ڪور ائين ٿي محسوس ٿي ڄڻ ڪنهن سهاڳڻ
ٿاريلي جي سائي چُني جي ڪناري تي سوني مُڪي جي آر
مڙهيل هجي. سيٺ قيوم ڳچي ۾ دوربين لٽڪائيندو مِٺال
جي پويان مٿي چڙهڻ لڳو. مٺال جي وڏين وکن کي رسڻ
هن لاءِ محال هو، پر چقمقي ڇڪ هُن کي ڇڪيو ٿي وئي،
هُن جي وس ۾ هجي ها ته ڪارونجهر ٿاڏاري پنهنجي
ايئرڪنڊيشنڊ بنگلي اڳيان لڳائي ڇڏي ها، پر بارود
جو اهو ڍير کانئس ڳرو هو ۽ انهيءَ جون صديون محافط
هيون، نسلن جا نسل محافظ هئا.
اڌ تي رسڻ کانپوءِ هُن پنهنجي وڃايل ست کي وري گڏ
ڪيو. چوٽي تي پهچڻ سان کانئس سڀ ٿڪ وسري ويا. سندس
ٿڪاوٽ ته ڇا پر وجود ئي وسري چڪو هو.
هيٺ پنهنجي ٽيم ڏانهن نگاهه ڪئي. کيس زمين تي
اڇليل پاولين جهڙا نشان نظر آيا. شهر ڏٺائين. مُٺ
۾ کڻڻ جيترو. هُن هيٺ جهُڪي پٿر کنيو ۽ سج جي
سامهون جهلي هڪ اک بند ڪري ڏڻ لڳو. سج جي ڪرڻن پٿر
کي سُرخ ڪري ڇڏيو هو. پٿر ۾ سُرخي الائي ڪهڙي هئي
۽ ڪڏهن کان هئي؟ هَن جي پيرن هيٺان ڪارونجهر هو.
سندس فئڪٽري هئي، سرمايو هو، ڊيري فارم هئا،
پنجاهه هزار ماڻهن جي آبادي جي اسڪيم هئي ۽ هو
ڪارونجهر جي چوٽي کي ڇهندڙ هوا جي جهوٽن ۽ ڇولين
تي ترڻ لڳو.
مٺال سندس اکين ۾ مڪروه چمڪ ڏسي منهن ڦيري ڇڏيو.
انهيءَ چهري جي اطمينان پٺيان اکين جي چمڪ پويان
هُن ڪارونجهر جي هر پٿر کي ڳرندي، هر شهر کي، ڳوٺ
کي ۽ پاڻ کي لڙهندي محسوس ڪيو.
”واهه جو مزو آهي-
Very nice-
سچ ته هي ئي جنت آهي.“هن اکين تان دوربين لاهي وري
ڳچيءَ ۾ لڙڪائي ڇڏي.
”سچ مٺال خان، توهان خوش نصيب آهيو.“
مٺال سندس چمڪندڙ اکين جون ڪارونجهر تان لهندڙ
چڙهندڙ نگاهون ڏٺيون.
”هن جاءِ تي پنهنجي ڪاٽيج ٺهي سگهي ٿي...“
سيٺ جو جملو ڪنهن چُهنبياري ڳري پٿر جيئن گڙگندي
مٺال جي ڇاتيءَ تي اچي بيهي رهيو.
”.... ۽ هِن طرف ”ماروئڙا انٽرپرائيزز“ طرفان چيني
جي اعلى قسم جو شاهي ڪارخانو لڳندو. هُن طرف ڪا
نئين بستي قائم ٿيندي ۽ ها، هُن پاسي...“ سيٺ قيوم
پنهنجي گهڻي ڳالهه مڪمل ڪري چڪو هو ته مٺال جو
گرجدار آواز سندس ڪن چيريندي لنگهي ويو- ۽ هو هٻڪي
ويو.
”قيوم خان!!“ مٺال جو رت وريل اکيون سيٺ قيوم جو
گول مول ننڍڙو منهن تڪڻ لڳيون.
”هن چوٽيءَ کي ڪير به ڇُهي نٿو سگهي.“
”ڇا مطلب؟“
”تون اهي خواب نه لهه ته چڱو آهي.“
سيٺ قيوم جو بي ڊولو ۽ مڪروه ٽهڪ ڪارونجهر جي
چوٽيءَ تان اٿي پولارن ۾ گم ٿي ويو.
”توهان جي انهيءَ حق ملڪيت جي خوش فهمي ته سالن
تائين هن دولت کي لڪايو آهي. دولت نانگ آهي، جنهن
کي اهو جوڳي جهلي سگهي ٿو، جنهن وٽ ترياق آهي. مون
وٽ ترياق آهي. مون کي فئڪٽري لاءِ پرمٽ ملي چڪو
آهي. سادن سودن ڄٽ ۽ جاهل انسانن کي پيٽ ڀرڻ سان
ڪم، اهو ڪٿي به ڀرجي سگهي ٿو.“
”سيٺ صاحب! اسان اهڙا سادا ناهيون، جهڙو تون آهين.
هڪ پٿر به هتان نه ويندو.“
”سڀڪجهه ويندو... سڀڪجهه ويندو. هي جبل هتي رهندو،
هي پٿر هتي رهندا ۽ نئين بستي هن جبل جي محافظ
ٿيندي.“ وري ٽهڪ اٿيو- گم ٿيو.
”خاموش!“ مٺال جو ڳرو هٿ هڪدم کلي فضا ۾ بلند ٿيو
۽ ٻي گهڙي سيت قيوم جي ڳوري ڳاڙهي چهري جي ڦوڪيل
ڳل تي ٺڪاءُ ٿي ويو. هن جا عزم سان فاتحانه انداز
۾ جهليل پير اکڙي ويا ۽ هو ڪنهن گول ڳري پٿر جيئن
گڙگندو ٻئي پاسي بولاٽيون کائيندو غائب ٿيو. پٿر
جي گونج روپلي جو ڪٿان کان ساءُ کڻي مٺال جي ڪنن
سان ٽڪرائجي غائب ٿي وئي ۽ هو هيٺ لهڻ لڳو- سندس
هر لهندڙ وک ڪارونجهر جهڙي مضبوط هئي.
عبيدالرحمان شاهه
هڪ سرد ميرانجهڙي شام ٻاروچو هن ڀنڀور ۾ اوچتو
اوچتو ملي ويو. مک تي اها ئي نرالي چانڊاڻ ڦهليل
هئس. اها چانڊاڻ سندس روح جي پاتال تائين ڦهليل
هئي، تڏهن ته اسان کي هن جي وجود ۾ ڇانو ملندي
هئي. آءٌ ۽ مصور جڏهن به زندگيءَ جي رڻ ۾ هلي هلي
ساڻا ٿڪجي پوندا هئاسين، ته سندس اکين ۾ ڇانو ۽
پناهه ڳولڻ لڳندا هئاسين. اسان جو ڪوبه سٽ منجهڻ
لڳندو هو ته هڪ ئي لفظ سان سموريون اٻاڻڪايون ۽
محروميون ختم ڪري ڇڏيندو هو.
پر هڪ ڀيري غلط فهميءَ جو تيز طوفان هليو هو.
هوائون الائجي ڪٿان نفرتن جو ٻج کڻي آيون. جو
سڀڪجهه ختم ٿي ويو. انهيءَ طوفان ۾ نه ٻاروچي جا
سڏ ٻڌي سگهياسين، نه وري آءٌ ۽ مصور هڪ ٻئي جا
سڏڪا ۽ لڙڪ اگهي سگهياسين. اڄ جڏهن ٻاروچو هن
ڀنڀور ۾ اوچتو هليو آيو ته سڀ ڪجهه اکين اڳيان ڦرڻ
لڳو. اهو سڀڪجهه جو تيز هوائن جي نذر ٿي ويو هو...
مون مصور سان ڪو انگل ڪيو ۽ مصور چيو هو وقت
ڪونهي. دوستن سان رشتا ۽ واسطا جذباتي ٿين ۽ جڏهن
دل گهريو دوست انگل پورو نه ڪري ته ڪئين طوفان
اٿيو پون ۽ سڀڪجهه وڇوٽن تي رهجيو وڃي. انهيءَ درد
کي مٽائڻ لاءِ من جوڳي ٿي پيو. ڪڏهن ڪٿ ته ڪڏهن
ڪٿ! انهيءَ وڇوڙي ۾ ڪينجهر جي وشال وشال ٻانهن ئي
پناهه ڏني هئي ۽ روح جي بيچيني ڪنارن تي ختم ٿيندي
هئي. منهنجون انيڪ شامون ڪينجهر جي حوالي ٿي ويون
۽ انهن شامن مان هڪ شام جا سرد هئي، هوائون ڇڙواڳ،
مون ڪنارن تان ڏٺو ڪو مهاڻو هوائن ۽ سرديءَ کان بي
پرواهه ٿيو سڙهه اڀا ڪيو ويٺو هو. ان جي همت ۽
جذبو ڏسي مئل احساس جيئرا ٿي پيم ۽ سوچيم ته مون
ته زندگي جي پن ڇڻ ۾ هڪ رنگ وڃايو آهي پر هن
مانجهي زندگيءَ جي پن ڇڻ ۾ ڪينجهر جي هوائن ۾
الائي ڪيترا رنگ ليڙون ليڙون ۽ ميسارجندي ڏٺا
هوندا!
ڇا هو مهاڻو
Hemingwayجي
Santiago
کان گهٽ آهي؟ نه ڪڏهن به نه: هو ته ڀٽائي رحه جي
ڪهاڻين جو ڪو ارڏو ڪردار آهي. سر سامونڊيءَ جو ڪو
وڻجارو آهي... پر آءٌ ڇو هڪ ئي محروميءَ تي ويڳاڻو
ٿي پيو آهيان. اڄ نه ته صبحاڻ رستن تي گل هوندا
ڪونه ڪو ڌنڌلو منظر پئينٽ ٿي ويندو ۽ مصور جي
ڪئنواس تي منهنجي خواهشن جو چتر هوندو. اها خالي
خوش فهمي هئي. اهو ڏينهن نه آيو ان وقت لاءِ ڊوڙڻ
رڃ پويان ڊوڙڻ برابر هو ۽ مون احساسن جي لهرن تي
ڀٽائي رحه جي بيت کي ٻرندي محسوس ڪيو ”ڳوليان
ڳويان مَ لهان...“
پر اڄ جڏهن هن سرد ۽ ميرانجهڙي شام ٻاروچو من
ڀنڀور ۾ آيو ته سڀ رساما وسري ويا. ٻاروچي اچڻ سان
سوالن جي وڏ ڦڙ وسائي ڏني.
”تر جيترو به ناهين بدليو.“ ۽ وڌيڪ پڇيائين، ”اڃان
به سمنڊ کي ڏسي ڇلندو آهين؟“
”چنڊ جيان سمنڊ کي ڏسي ڇلڻ ۽ ڦٿڪڻ منهنجي لاشعور ۾
آهي.“
”اڳ وانگر پاڻي کان اڳ ۾ ڪپڙا لاٿا هوندئي.“
”نه، ان ڀيري پاڻي ۾ ڪپڙا هئم.“
”چنڊ مليئي.“
”چنڊ ڪنهن کي مليو آهي؟ چنڊ ملي ها، ته سڪ سڪ نه
رهي ها.“
”تو هڪ ڀيري چنڊ جي سهائي ۾ سدا رهڻ جي خواهش ڪئي
هئي نه!“ ”ها ها تون چنڊ جي سهائي ۾ ديوانو بنجي
ڪوتائن جا بتيلا هاڪاريندي هئين.“ ٻاروچو ڄڻ
ماضيءَ جي اٿاهه درياهه جي لهرن ۾ وچڙي پيو هو.
”مصور جي ڪا خبر.“ ڀڻڪاٽن ۾ پڇيائين.
”ورهيه گذريا آهن جو نه آءٌ نه هو منهنجي در تي
آيو آهي.“
”خبر اٿئي مصور پنهنجي هوڏ تي پشيمان آهي.“
مان خاموش جهڙي ڀت، پر ڀت جيان مون کي به ڪن ۽ ڪنن
۾ اهي سڀ ڳالهيون ٻرڻ لڳيون جي مصور، آءٌ ۽ ٻاروچو
ڪندا هئاسين، جن جو هوندو هو ته سرو نه منڍ ۽ نه
پڇاڙي. ڇڻيل گلن جيان اسانجيون ڳالهيون ئي جي وقت
جي هوائن ۾ پيون ڦرنديون هيون.
مصور کي چيم هئم؛ اهڙو چتر ٺاهي ڏئي جنهن ۾ چنڊ
هجي ۽ پس منظر ۾ زندگيءَ جي مڙني رنگن جا
Shades.
روز مصور کي ايلاز ۽ منٿون ڪندو هوس ۽ هو ڪنهن
ڏاهي ماڻهوءَ وانگر هٿن ۾ مصلحتن جا ڪشڪول ڏيئي
ڇڏيندو هو ۽ آءٌ اهي ڪشڪول کڻي رڻ جهاڳڻ لڳندو
هئس.
”وقت جي وڇوٽين پاڻ کي بي ڪنار ڪري ڇڏيو آهي.“
ٻاروچي چيو.
”جو لهرن ۾ سو ڪنارن تي ڪٿ.“ وراڻيم.
”مصور راهه ويندي ڪڏهن ڪڏهن ملندو آهي ۽ ڏاڍو
پشيمان آهي، چئين ته کيس چوان ته هو پنهنجي ڪئنواس
تي تنهنجن رستن جا سڀ چنڊ تارا پئينٽ ڪري.“
لاپرواهي مان وراڻيم: ”مون کي ڪنهن چنڊ تاري جي
هاڻ ضرورت نه رهي آهي. آءٌ اونداهين ۽ آڏن لڪن جو
هيراڪ ٿي پيو آهيان ۽ ٻاٽ اونداهين ۾ شعور ۽ سڪ جي
احساسن سان سڀ چنڊ تارا پئينٽ ڪري سگهان ٿو.“
ٻاروچو چپ چاپ ۽ خاموش اکين سان گهورڻ لڳم، ڄڻ
اکين ۾ ماضي جي ڪنهن پيڙا کي ڀري شام جا رنگ
ڳوليندو هجي. شايد اها شام جنهن وڇوڙن جو صليب سدا
لاءِ ڏيئي ڇڏيو هو. خاموشي کي ٽوڙيندي چيائين:
”هوڏ ڇڏ، مصور جي ڪئنواس تي سنگت وڃائڻ جو درد
آهي.“ آهه کي اندر ۾ ڌٻيندي کيس وراڻيم.
”منظرن کي جلا بخشڻ جي ڏات مون حاصل ڪري ورتي آهي.
انهن منظرن کي پنهنجي اڌمن سان پاڻ پئينٽ ڪندو
آهيان. منهنجي سوچ جا برش زندگي جي ڪئنواس تي اهڙا
رنگ اهڙا چتر ٺاهي ڇڏيندا آهن. جو شايد ڪو چترڪار
اهڙا چتر ٺاهي سگهيو هجي. شايد اهڙا رنگ صديون اڳ
ڀٽائي ڪراڙ تي پئينٽ ڪيا هئا، تڏهن ته ڀٽائي جي
ڏات جا رنگ ڏسندي منهنجا هلڪا رنگ به رنگ ڀريا ٿي
پوندا آهن. ٻاروچو چپ چاپ گهوريندو رهيو. سندس
خاموش اکيون ڄڻ چونديون هجن ته تنهنجي گهور اگهور
آهي. هو بنا موڪلائڻ جي هليو ويو ۽ آءٌ ڊگهي رات ۾
اڪيلو رهجي ويس.
ارنيسٽ هيمنگوي
مترجم: سليم سهتو
مان اڃا هنڌ ۾ ئي پاسا ورائي رهيو هوس ته هو دريون
بند ڪرڻ لاءِ اچي ويو هو. هن جي طبيعت چاڪ نه پئي
لڳي. هن جو سڄو جسم ڏڪي رهيو هو. مُنهن ڦڪو هو ۽
ڪمري ۾ ائين هلي رهيو هو، جيئن حرڪت ڪرڻ سان سندس
جسم جا عضوا ڏکندا هجن.
”ڇا ڳالهه آهي شائز؟“
”مٿي ۾ سُور آهي.“
”تون وڃي پنهنجي هنڌ تي ليٽي پؤ.“
”نه، ايڏي تڪليف به ڪانهي.“
”نه تون ليٽي پؤ، مان ڪپڙا بدلائي اجهو ٿو اچان ۽
توکي اچي تپاسيان ٿو.“
پر جڏهن مان هيٺ آيس ته هو انهيءَ طرح ڪپڙا پهريو
باهه جي ڀرسان ويٺو هو، ڏاڍو بيمار ۽ ڏکايل پئي
نظر آيو. اڃان سندس عمر نَوَ سال ئي هئي. جڏهن مون
سندس نرڙ تي هٿ رکيو ته هُو بخار جي ڪري تپيل هو.
”تون مٿي وڃي هنڌ ۾ ليٽي پؤ.“ مون چيو، ”تون بيمار
آهين.“
”مان بلڪل ٺيڪ آهيان.“ هن ورندي ڏني.
ڊاڪٽر اچي هن کي ٿرماميٽر لڳايو.
”ڪيترو ٽيمپريچر آهي؟“
”هڪ سئو ٻه.“
ڊاڪٽر هيٺ ٽي گوريون ڇڏي ويو هو، جن جا رنگ مختلف
هئا ۽ انهن جي متعلق هدايتون به ڏئي ويو هو. هڪ
بخار گهٽ ڪرڻ لاءِ، ٻي آرام لاءِ ۽ ٽئين تيزابيت
ختم ڪرڻ لاءِ. هن ٻڌايو هو ته انفلوئنزا جا جراثيم
تيزابي حالت ۾ ئي وڌن ويجهن ٿا. ائين پئي لڳو ته
هو بيماري متعلق سڀڪجهه ڄاڻي ٿو ۽ چئي ويو هو ته
هڪ سئو چار ڊگرين کان بخار نه وڌيو ته پريشانيءَ
جي ڪابه ڳالهه نه آهي.
وبائي انفلوئنزا جو اهو هلڪو حملو هو ۽ جيڪڏهن
نمونيا ٿيڻ کان احتياط رکي وئي ته خطري جي ڪابه
ڳالهه ناهي.
ڪمري ۾ واپس وڃي مون ڇوڪري جو بخار ريڪارڊ واري
فائل ۾ لکيو ۽ مختلف قسمن جون دوائون ڏيڻ جا وقت
به لکي ڇڏيا.
”مان توکي ڪجهه پڙهي ٻڌايان؟“
”ٻڌاءِ، جيڪڏهن توکي زحمت نه ٿئي.“ ڇوڪري جواب
ڏنو. سندس مُنهن ست ڇڏي رهيو هو ۽ اکين جي چوڌاري
کڏا پئجي ويا هئا. هُو چپ چاپ هنڌ ۾ ليٽيو پيو هو
۽ پنهنجي ماحول کان بلڪل لاپرواهه پئي معلوم ٿيو.
مون هاورڊ هائيل جو ڪتاب ”بحري ڊاڪو“ وڏي آواز سان
پڙهڻ شروع ڪيو. پر مون ڏٺو ته هُن ان تي ڪوبه ڌيان
نه پئي ڏنو.
”هاڻي طبيعت
ڪيئن آهي، شائز؟“ مون پڇيو:
”اڃا تائين اَهڙي ئي آهي.“
مون ڪتاب پنهنجي طور پڙهڻ شروع ڪيو ۽ ٻئي دوا جي
وقت جو انتظار ڪرڻ لڳس، هُن کي هن وقت سمهي پوڻي
گهربو هو، پر جڏهن مون هُن ڏانهن ڏٺو ته هو
پيرانديءَ ڏانهن عجيب و غريب نظرن سان ڏسي رهيو
هو.
”تون سمهڻ جي ڪوشش ڇو نٿو ڪرين؟ مان توکي دوا جي
وقت جاڳائي ڇڏيندس.“
”منهنجو خيال آهي ته مان جاڳندو ئي رهندس.“ ٿوري
وقت کان پوءِ هُن چيو، ”بابا توهان جو مون وٽ ويهڻ
ضروري ته ناهي. جيڪڏهن توهان بي آرام ٿيندا هجو ته
بيشڪ هليا وڃو.“ مون سمجهيو ته شايد بخار وڌي وڃڻ
ڪري سندس دماغ ڀٽڪي ويو آهي. انهيءَ لاءِ يارهين
وڳي وارو دوا جو وزن پياري ٻاهر نڪري آيس.
اُهو ڏاڍو روشن ڏينهن هو، پر ڏاڍو سرد. زمين برف
جي هلڪي تهه سان ڍڪيل هئي. سڀ وڻ ٽنڊ منڊ، ليئون،
گاهه ۽ اُگهاڙي زمين تي برف جي سنهي تهه چڪنائي
وانگر چڙهيل هئي. مان پنهنجي اَئرستاني ڪتي سان
ٿوري دير لاءِ سير ڪرڻ هليو ويس، پر ان شيشي جهڙي
سنئين سڌي راهه جي سطح تي هلڻ ڏاڍو ڏکيو هو.
منهنجو ڪتو به ترڪيو ۽ مان پاڻ ٻه دفعا ڪريس، هڪ
دفعو ته منهنجي بندوق لڙڪندي لڙڪندي پري وڃي ڪِري.
هڪ هنڌ مٽيءَ جي هڪ ڇَپَ تي ننڍن ٻوٽن جي هيٺان
گهڻائي ڳيرا ڊڄي اُڏاميا. مون ٻه ماري ڪيرايا،
باقي اُڏامي نظرن کان اوجهل ٿي ويا. ڪجهه ولر وڻن
تي ويهي رهيا پر انهن مان گهڻا ننڍن ٻوٽن ۾ لِڪي
ويا. انهن کي اڏارڻ لاءِ ضروري هو ته، برف سان
ليپيل مٽيءَ جي ڇپن تي ٽپي ٽپي انهن کي ڊيڄاريو
وڃي. لچڪيدار ٻوٽن تي بيهي انهن کي اڏارڻ ۽ پوءِ
مارڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم هو. مون ٻه ٻيا ماريا، پنج بچي
نڪري ويا. مان گهر ڏانهن وريس ته ان ڳالهه تي خوش
هيس ته گهر جي ويجهو ايڏو وڏو ولر موجود هو ۽
سڀاڻي انهن کي ٻيهر شڪار ڪندس.
گهر اچي مون کي خبر پئي ته ڇوڪري ڪنهن کي به ڪمري
۾ گهڙڻ نه ڏنو هو.
”ڪوبه ماڻهو اندر نه اچي.“ هو چوندي پئي رهيو.
”جيڪو به اندر ايندو ان کي منهنجي بيماري لڳي
ويندي.“
جڏهن مان هن وٽ ويس ته هو بلڪل انهيءَ طرح ليٽيو
پيو هو، جهڙيءَ حالت ۾ مان هن کي ڇڏي ويو هوس. هُن
جو منهن اڃا به ڦڪو هو پر بخار جي ڪري سندس ڳٽن جو
مٿيون حصو ڳاڙهو هو. اڃا به پلنگ جي پيرانديءَ طرف
هن جون نظرون کتل هيون. مون ٿرماميٽر لڳايو ”ڪيترو
بخار آهي؟“ ”سَو جي ويجهو آهي.“ مون ٻڌايو. حقيقت
۾ هڪ سو ٻه کان چار پوائنٽ وڌيڪ هو. ”پهريون ته هڪ
سئو ٻه هو.“ هن چيو.
”ڪنهن چيو هو؟“
”ڊاڪٽر.“
”بخار بلڪل معمولي آهي،“ مون چيو.
”پريشاني جي ڪا ڳالهه ناهي.“
”مون کي فڪر ته ناهي، پر مان ان جي متعلق سوچڻ کان
سواءِ رهي نٿو سگهان.“
”سوچڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي.“ مون چيو.
”ان کي صبر سان برداشت ڪر.“
”مان برداشت ته ڪري رهيو آهيان.“ هن سامهون ڏانهن
ڏسندي چيو. ائين پئي معلوم ٿيو، ڄڻ هو ڪنهن ڳالهه
جي لاءِ پنهنجو پاڻ تي ضبط ڪري رهيو هجي.
”هيءَ ٽِڪي پاڻيءَ سان ڳهي ڇڏ.“
”ان سان ڪجهه فائدو ٿيندو؟“
”ها، ڇو نه.“
مان ويهي رهيس ۽ ”بحري ڊاڪو“ وارو ڪتاب ٻيهر پڙهڻ
شروع ڪيم. پر مون ڏٺو، ته هو ٻڌي نه رهيو هو، ان
لاءِ مون پڙهڻ بند ڪري ڇڏيو.
”توهان جو ڪهڙو اندازو آهي، منهنجو روح ڪهڙي وقت
پرواز ڪندو؟“ هن پڇيو.
”ڇا؟“ مون حيرانيءَ مان پڇيو.
”منهنجي مرڻ ۾ هاڻي ڪيترو وقت بچيو آهي؟“
”تون مرين ڪونه پيو، توکي ڇا ٿي ويو آهي؟“
”مري ته رهيو آهيان. مون پاڻ ٻڌو هو ته مون کي هڪ
سئو ٻه ڊگريون بخار آهي.“
”بيوقف نه ٿيءُ. هڪ سئو ٻه ڊگريون بخار سان ڪير به
نٿو مري.“
”مون کي سڀ خبر آهي. فرانس ۾ مون کي اسڪول جي
ڇوڪرن ٻڌايو هو ته چوئيتاليهه ڊگرين جي حرارت ۾
انسان زندهه نٿو رهي سگهي ۽ مون کي ته هڪ سئو ٻه
ڊگريون بخار آهي.“
هيءُ ڇوڪرو صبح نائين وڳي کان هن وقت تائين موت جي
انتظار ۾ هو.
”اڙي ال ڀولڙا شائز“ مون چيو. ”انهن ڊگرين ۾ ميلن
۽ ڪلوميٽرن جو فرق آهي.، تون ڪونه ٿو مرين. اُهو
ٿرماميٽر ٻئي قسم جو هوندو آهي. اُن ٿرماميٽر ۾
ستٽيهه ڊگريون طبعي حرارت هوندي آهي ۽ هن ٿرماميٽر
۾ اٺانوي.“
”ڇا توهان کي چڱيءَ طرح ڄاڻ آهي؟“
”بلڪل.“ مون چيو. ”ان ۾ ميلن ۽ ڪلوميٽرن جيترو فرق
آهي. توکي خبر آهي ته جيڪڏهن اسان ستر ميل ڪار تي
هلون ته ان جا ڪيترا ڪلوميٽر ٺهندا؟“
”هون، مون هاڻي سمجهيو.“
مون ڏٺو ته اچانڪ هُن جي نظر پيرانديءَ جي طرف
ڄميل هئي، ڍري پئجي وئي. ٻئي ڏينهن کان هو غير اهم
ڳالهين متعلق ڏاڍي لاپرواهي ڪندو رهيو.
اڻڄاتل احساس
امام راشدي
هوءَ ويچاري ڄائي مس ته سندس ماءُ هن جهان مان
موڪلايو. سندس پيءُ هن جي معصوميت کي چُمي اکين تي
رکيو. هن زال جي ڇڏيل ان حسين ۽ معصوم نشانيءَ کي
ساهه ۾ سانڍيو، پر سندس دل ۾ زال جي جدائيءَ اهڙو
ته گهرو گهاءُ ڪيو جو ان کي ڀرڻ هن جي وس کان ٻاهر
هو ۽ هو اندر ئي اندر جُهرندو ويو. زال جي صدمي
کيس ايترو نهوڙي وڌو جو وڃي بستري داخل ٿيو.
ويچارو اهڙو ڪِريو جو وري اٿڻ جي سگهه ڪونه ٿيس.
گهڻائي حيلا هلايا ويا، پر سڀ بيسود ويا. جڏهن هن
محسوس ڪيو ته زندگيءَ جي پيچري تي وري پير ڌرڻ هن
لاءِ ناممڪن آهي، تڏهن هن پنهنجي زال جي ڇڏيل
معصوم نشاني، گُلان جي ٻانهن، ڀاءُ جي هٿ ڏيندي
کيس پارت ڪئي هئي ته، ”ادا، هيءَ منهنجي ۽ منهنجي
زال جي نشاني اٿئي، ان جي پارت هجئي، هن کي هر حال
۾ سکيو رکجانءِ. مان ته ڏينهن- ٻن جو مهمان آهيان.
هاڻي ته جيئڻ جي به آس نه رهي آهي. منهنجو سڀڪجهه
ته بختاور پاڻ سان کڻي وڃي قبر ۾ آرامي ٿي. ادا،
هن معصومڙيءَ جي وري به پارت هُجئي...!“ ائين چئي
پنهنجي ويران چپن سان گُلان جي پيشانيءَ تي چُمي
ڏني هئي ۽ سندس زرد ڳلن تي ٻه ڳوڙها لڪيرون ٺاهي
روانا ٿيا هئا. سندس ڀاءُ خاموشيءَ سان سڀڪجهه
ٻُڌي رهيو هو. هن صرف ايترو چيو هو ته ”ادا، رک
الله تي. الله وڏو آهي. تون اهڙيون ڳالهيون نه ڪر.
الله سائين ڪندو ته تون چاڪ چڱو ڀلو ٿيندين ۽ هيءَ
مکڙي تنهنجي هٿن ۾ گلاب ٿيندي.“
پر ائين نه ٿيو. سندس ڀاءُ دلبر، گلان کي پنهنجي
مرحوم ڀاءُ جي نشاني سمجهي سندس مٿي تي شفقت جو هٿ
رکيو. مگر سندس گهر واريءَ کي اها ڳالهه پسند ڪونه
آئي. هوءَ گلان کي نڀاڳي ۽ ندوريءَ جي لقبن سان
نوازڻ لڳي. هر وقت کيس ڇينڀڻ ۽ ڇڙٻڻ لڳي.
دلبر پنهنجي زال جي روش ڏسي کيس چيو، ”پپوءَ ماءُ،
ڇو ڀلا تو ويچاريءَ گلان سان پائي کنئي آهي. آخر
ته منهنجي مرحوم ڀاءُ جي نشاني آهي.“ دلبر جي زال
مڙس جا لفظ ٻڌي ٻرندڙ جبل وانگر ڦاٽي پيئي هئي، ۽
ڪروڌ سان مُنهن پٽيندي چيو هئائين، ”مان هن ڏائڻ
کي ڪڏهن به پنهنجي ٻچن سان گڏ رهڻ نه ڏينديس. اڙي
ڄمڻ سان ماءُ جو سرُ کنيو، اڃان پنڌ ڪرڻ به نه
سِکي ته پيءُ کي کاڌائين. اهڙي ندوريءَ مان ڇا
ورندو. اجهو ٿي اسان جو سِر کڻي.“ دلبر پنهنجي زال
جو لُڙ ٻڌي کڻي ماٺ ڪئي هئي. کيس سمجهه ۾ نه پئي
آيو ته ڇا ڪري. هن صبر کان ڪم ورتو ته من نه من
حالتون سڌرن. روزبروز سندس گهر ۾ فساد وڌندو رهيو.
گُلان، جيڪا هاڻي ٿوري سمجهه ڀري ٿي هئي، سا به
محسوس ڪرڻ لڳي ته سندس وجود هن گهر تي بار آهي. هن
ڪڏهن به پيار جو نالو نه ٻُڌو هو. هُوءَ ڪنهن
ساٿيءَ جي تلاش ۾ هئي. سايو، ها اهو سايو، جيڪو
مامتا جو هوندو آهي. پيءُ جي پيار جي پالوٽ هوندي
آهي. هوءَ انهيءَ سوچ ۾ غرق رهندي هئي. سوچيندي
هئي: ”ڇا مان انسان ناهيان؟ مون کان هيءَ نفرت ڇو
ٿا ڪن؟ آخر منهنجو ڪهڙو گناهه آهي؟“
هوءَ پنهنجي چاچيءَ کي، پنهنجي ٻارڙن سان پيار
ڪندي ڏسندي هئي، تڏهن سندس ننڍڙي معصوم دل ۾ اها
تمنا جاڳي پوندي هئي ته جيڪر مون کي به مٺڙي ماءُ
هجي ۽ پيار پاٻوهه سان مٺيون ڏئي هنج ۾ ويهاري. دل
چوندي هيس ته جيڪر مان به چاچيءَ جي ڀر ۾ وڃي
ويهان ۽ هوءَ کيس پيار ڪري. پر پنهنجي چاچيءَ جي
طبيعت کان واقف هجڻ ڪري هوءَ ائين ڪري نه سگهندي
هئي ۽ معصوم ڳوڙها لارون ٺاهي سندس ڳَلڙن تان
وهندا هئا، ۽ هوءَ پراڻي پوتيءَ سان اگهي جذب ڪري
ڇڏيندي هئي.
دلبر ويچارو زال جي اڳيان ڪجهه به ڪُڇي نه سگهندو
هو، تنهنڪري هو ڪجهه ڪري نه سگهندو هو ۽ ويچاري
گُلان سماجي جانڊهه ۾ پيسبي رهي.
گُلان جن جي گهر سان گڏ سندس پُڦيءَ جو گهر هو.
هوءَ روز پڦيءَ وٽ ويندي هئي، اتي وڃي کيس ٿورو
گهڻو سۡڪون ملندو هو. سندس پُڦي پنهنجي ڀاءُ جي
نشاني سمجهي کيس پيار ڏيندي هئي، ۽ کيس اڳٺ اُڻڻ ۽
ٽوپ ٺاهڻ سيکاريندي هئي. مگر سندس چاچيءَ کي اها
ڳالهه پسند ڪونه هئي ۽ اڪثر انهيءَ ڳالهه تي گهر ۾
جهيڙو شروع ٿي ويندو هو.
وقت پنهنجي رفتار سان گذرندو رهيو. حالتن جو زهر
پيئندي گُلان اچي جوانيءَ ۾ پير پاتو. هڪ ڏينهن
دلبر جي زال مڙس کي چيو، ”گُلان جوان ٿي آهي، ڪٿي
اٽڪائينس ته ڪري...“
دلبر پنهنجي زال جي لفظن ۾ ڀريل نفرت جي زهر جي
ڪوڙاڻ محسوس ته ڪئي پر زال جي اڳيان ڪجهه ڪڇي نه
سگهيو. ڳالهه جو رُخ مٽائيندي چيائين ”پپوءَ ماءُ،
اسان جو پپو اڃان پڙهي ٿو ڪجهه....“
”خبردار جو منهنجي پپوءَ جو نالو کنيو ٿي. هن ڏائڻ
کي پپوءَ سان پرڻائينديس؟“
”متان اڳتي ڪجهه چيو ٿي.“ دلبر جي زال نفرت جي
باهه ۾ پڄرندي چيو هو. زال جي ڇڙٻ ٻڌي دلبر خاموش
ٿي ويو هو.
آخر سوچ ويچار کانپوءِ گُلان جو پاند جمعي مواليءَ
سان ٻڌڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جمعو موالي، دلبر جن جو
پري جو مائٽ هو، سندس ڪوبه مِٽ مائٽ ڪونه هو نه
وري ڪو کيس سڱ ڏيڻ لاءِ تيار هو، بس دلبر جي زال
جي مرضيءَ سان گُلان کي ڪني مڇي سمجهي جمعي جي ڪڍ
لاتو ويو. جمعو ڇا هو، بس هڪ هيروئني، جنهن نشي ۾
پنهنجو ارڪو ترڪو تباهه ڪري ڇڏيو هو. هُو جوان
هوندي به پنجاهه سال پوڙهو ٿي لڳو. نشي سبب ٽي
بيءَ جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا هو. بس گُلان جهڙي
نڌڻڪي، سندس ورَ چڙهي هئي. گُلان جي پُڦي گهڻو
ڦٿڪي، احتجاج ڪيائين، پر ڪنهن به ڪانه ٻُڌس ۽ هڪ
ڏينهن گُلان ويچاري جمعي مواليءَ جي ٿي وئي.
شاديءَ رات گُلان کي پنهنجو دم گهُٽجندي محسوس
ٿيو. هن چاهيو پئي ته پاڻ کي گهوگهي گهٽي پورو
ڪري، پر هوءَ ائين ڪري ڪونه سگهي.
جمعي کيس هڪ پل به سُک جو ساهه کڻڻ نه ڏنو. ڏينهن
جا چار پهر خير سان گذري ويندا هئا، پر رات هن
لاءِ عذاب هوندي هئي. هر وقت کيس جمعي جي اچڻ جو
اوسيئڙو ڪرڻو پوندو هو. جي ڪڏهن اتفاق سان کيس ننڊ
نهوڙي ويندي هئي ته پوءِ حشر مچي ويندو هيس. هن کي
ماري ماري اڌ مئو ڪري ڇڏيندو هو. هُن جو پوءِ اهو
روز جو معمول، نشي جيان لازمي ٿي ويو. جيسين هن کي
مار نه ڏيندو هو تيسين کيس ننڊ نه ايندي هئي. هُن
جي ان مار، هن جي سونهن وڃائي ڇڏي. هوءَ هاڻي
پنهنجي زندگيءَ مان بيزار ٿي چُڪي هئي.
هڪ ڏينهن رات ڍَليءَ تائين، گُلان جمعي جو اوسيئڙو
ڪندي رهي، پر کيس ننڊ کڻي وئي. اهڙي ننڊ جو جمعي
جي سڏڻ تي به کيس جاڳ نه ٿي. سندس اک تڏهن کلي
جڏهن جمعي کيس مُنهن جو زور سان چنبو هنيو ۽ رڙ
ڪري اُٿي پئي. هن جي رڙ ڪرڻ تي جمعو مڇرجي پيو هو
۽ ان ڪُمهلي کيس ايترو ته ماريائين جو هُن جي
درديلين رڙين تي به ڪنهن ڪين ڪنايو. ۽ هوءَ روئي
روئي هيٺ پٽ تي ڪِري پئي، سندس نڪ مان رت وهڻ لڳو.
هُوءَ رُني، ايتري روئڻ کانپوءِ به کيس ڪنهن سهارو
نه ڏنو، ڇو ته اهو روز جو معمول هو. پر هوءَ اڄ
چاهي پئي ته وڏيون رڙيون ڪري، دنيا کي ٻُڌائي، ته
مَن ڪو سندس درد ۾ اچي ساٿي ٿئي. پر ڪنهن به سندس
دانهن ڪانه ٻُڌي، بس گُلان ڌرتي ماءُ جي سيني تي
سر رکيو سڏڪندي رهي. روئي روئي کيس نيم بيهوشيءَ
جي حالت ۾ ننڊ کڻي وئي. جڏهن سندس اک کُلي تڏهن سج
ڪانو کن مٿي چڙهي آيو هو. هوءَ اُٿي پنهنجي مُنهن
تي سُڪي ويل رت ڌوئڻ لڳي. جمعو هن دنيا کان بي خبر
وڏا وڏا کونگهرا هڻي رهيو هو.
گلان معمول مطابق گهر جي ڪم ڪار کي لڳي ويئي، پر
سندس ذهن ۾ ڪا ڳالهه سوچيندي رهي. سندس سوچن جو
ڪمپيوٽر هلندو رهيو. هوءَ ٿانون ۽ ٻوهاريءَ کان
واندي ٿي، پنهنجي پُڦيءَ جي گهر وئي. هن چاهيو ته
اڄ پُڦيءَ جي جهوليءَ ۾ لِڪي ڏاڍو روئي. پر هوءَ
اندر جو سور پي وئي ۽ پُڦيءَ جي ڀر ۾ وڃي ويٺي،
جيڪا رَلي سبڻ ۾ مصورف هئي. پڦيءَ سندس نيڻن ۾
نهاري ڪجهه ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي، پر کيس گلان جي نيڻن
۾ خوشيءَ جي ڪابه ريکا نظر نه آئي ۽ هن ٿڌو ساهه
ڀري اکيون گلان جي چهري تان هٽائي ڇڏيائين. صرف
ايترو چيائين، ”ڌيءَ خوش ته آهين نه؟“ گلان ”ها
پڦي“ چئي مختصر جواب ڏنو.
ٿوريءَ دير کان پوءِ گلان پڦيءَ کان لِڪي اندر
ڪوٺيءَ ۾ وئي ۽ اتي ڪنڊ ۾ رکيل مکين مار دوا جي لپ
ڀري رئي جي پلاند ۾ ٻڌي پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ آئي. جمعو
اڃان ستو پيو هو. گلان هڪ وَٽي ۾ پاڻي وجهي پلاند
مان مکين مارڻ جي دوا ڇوڙي پاڻيءَ ۾ گڏي ۽ وٽو وات
تي چاڙهيو. اچانڪ سندس ذهن جهٽڪو محسوس ڪيو، ڄڻ ته
اندر مان ڪنهن ساڻس ڳالهايو ”گلان هي تون ڇا ٿي
ڪرين... سوچ ته سهي، ائين ڪرڻ سان نه صرف پنهنجو
انت ايندو، پر تنهنجي وجود ۾ سرجندڙ معصوم وجود به
ختم ٿي ويندو.“
گلان جا هٿ رڪجي ويا. سندس چپ ڦڙڪڻ لڳا ۽ سندس
اکيون سانوڻ مينهن جيان وسڻ لڳس. هڪ جهٽڪي سان
پيالو گلان جي هٿن مان ڇڏائجي وڃي ڀت سان لڳو.
گلان مستقبل جي ماٿريءَ ڏي اڏامي ويئي. هن پاڻ کي
ڏٺو ته هڪ چنڊ جهڙو ٻالڪو سندس جهوليءَ ۾ کيڏي
رهيو آهي. هلڪي مسڪراهٽ سندس چپن تي تري آئي ۽
هوءَ ماضيءَ ۽ حال جون سڀ تلخيون وساري مستقبل جي
اڻڄاتل احساسن ۾ گم ٿي ويئي. |