هن طرح لائق مصنفه بين القوامي تعلقات کي جنهن
علمي پس منظر ۾ بيان ڪيو آهي، ان ۾ ٻه ٻيون
ڳالهيون به اهم آهن. اهي هي آهن:
(i)
ڏکڻ اوڀر ايشيا جي سڄي صورتحال.
(ii)
مذهب ۽ ڪلچر.
هي ڳالهيون ڪتاب جي معيار کي گهڻو وڌائين ٿيون، جو
هن طرح بنگلاديش جي تخليق تي به روشني وڌي وئي
آهي. پروفيسر مهتاب اڪبر لکي ٿي، ”جدا ٿيڻ جو
بندوبست ڪو راتورات ڪونه ڪيو ويو هو. اهڙي جدائيءَ
کي ته هڪ وڏي عرصي جي تاريخ هئي، جنهن ۾ بي
انصافيون، بي اعتماديون ۽ ناراضگيون به هيون، جن
جو اوڀر پاڪستان جي ماڻهن وٽ پورو تجربو هو. اصل ۾
اولهه جي هڪ سياسي ۽ فوجي دٻاءَ جي هلت اوڀارئين
حصي کي جدا ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو هو، ڏسڻ ۾ ته
ائين ٿو اچي.“ (مهاڳ صفحو
xi)
انهيءَ پس منظر ۾ هند پاڪ ۽ بين الاقوامي تعلقات
جو اڀياس پڪ آهي ته هڪ علمي ڪارنامو آهي، جنهن مان
هن دور جي سياسيات کي به سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي.
ڪتاب جي متن جا ڪل ست ڀاڱا ٿين ٿا، ۽ انهن ۾
پهريون آهي مهاڳ يا تعارف، جنهن کي ڪنهن به طرح
متن کان جدا ڪري نٿو سگهجي، جو اهو موجوده دور ۾
بين الاقوامي تعلقات کي سمجهڻ ۾ مدد ڪري ٿو ۽ ان
مضمون جو دائرو مقرر ڪري ٿو.
ٻيو حصو آهي هند پاڪ تعلقات ۾ اختلافي حالتن ۽
معاملن جو. هن حصي ۾ هيٺيون ٻانهيون بحث هيٺ آيون
آهن:
(i)
ڪشمير جو سوال.
(ii)
رڻ ڪڇ جو سوال.
(iii)
1965ع جي جنگ.
(iv)
1971ع جي جنگ.
(v)
بنگالي قوم پرستي ۽ شيخ مجيب الرحمان.
ٽئين حصي ۾ وڏين طاقتن جا رويا ۽ طريقا بيان ڪيا
ويا آهن، جو بين الاقوامي حالتن کي انهن کان جدا
نٿو ڪري سگهجي. هن باري ۾ خاص طور تي روس، آمريڪا
۽ چين جي روين جو ذڪر ڪيو ويو آهي.
چوٿين حصي ۾ پاڪستان جي اندروني سياست ۽ نئين
سياسي حڪمت عمليءَ کي سمجهائڻ جي لاءِ پاڪستان
پيپلس پارٽيءَ جو جنم ۽ ان جي حڪمت عمليءَ کي بيان
ڪرڻ لاءِ يحى خان، جنگي قيدين ۽ هن دور ۾ شهيد ڀٽي
جي قيادت ۽ حڪمت عمليءَ تي ضروري بحث ڏنو ويو آهي.
پنجين ڀاڱي ۾ هر سوال ۽ اختلاف ۽ ان جي علاج تي
جناب شهيد ڀُٽي جي حڪمت عمليءَ تي کُليءَ دل سان
بحث ڪيو ويو آهي، جو ڀٽو صاحب وزير خارجه ۽
وزيراعظم پاڪستان جي حيثيت ۾ ان دور جي حالتن لاءِ
اڀياس جو اهم ترين موضوع هو.
ڇهين حصي ۾ شملا معاهدو آهي، ۽ ستين حصي ۾ 1970ع
جي سال ۽ انهن کان پوءِ وارن سالن تي بحث آيو آهي.
هن دؤر ۾ جيئن سياسيات جي ماهرن کي معلوم آهي،
شهيد ڀُٽي اقوام متحده جي ڪردار تي لکيو هو ۽ اِهو
ئي دور هو جڏهن ڀُٽي مرحوم بين الاقوامي تعلقات کي
هڪ نئون رنگ ۽ فلسفو ڏنو، جنهن ۾ هُنَ ”باهمي
گفتگو“ کي عام رواجي معنى جي بجاءِ هڪ حڪمت عمليءَ
۽ فلسفي جو مفهوم ڏنو، جنهن سندس شهرت ۾ گهڻو
واڌارو به ڪيو. ظاهر آهي ته هنن ڳالهين جو اثر پاڪ
هند تعلقات تي خاص طور تي پيو هو. معلوم نه آهي ته
هنن سوالن تي پروفيسر مهتاب اڪبر راشديءَ جو خيال
ڪهڙو آهي، پر سوال پنهنجيءَ جاءِ تي ڌيان طلب ۽
اهم آهي.
بلڪل ئي اهڙيءَ ريت پاڪستان جا اندروني مسئلا ۽
انهن جي روشنيءَ ۾ پاڪستان پيپلس پارٽيءَ جي طرفان
ڪيل غلطيون به هند پاڪ تعلقات تي اثرانداز ٿيون
هيون. بهرحال سياسيات جي هڪ پروفيسر جي لاءِ هنن
ڳالهين جي اهميت گهٽ نه ٿي ٿي سگهي. پروفيسر مهتاب
ته پاڻ بين الاقوامي تعلقات ۽ پاڪ- هند تعلقات کي
هڪ تمام ويڪري پس منظر ۾ ڏسي ٿي، جيڪا هُنَ جي نظر
جي وسعت آهي.
تحقيقي مقالي کي هر طرح سان مڪمل ڪرڻ لاءِ بندشن
جو لحاظ رکيو ويو آهي ۽ ڪتابن جي فهرست جيڪا تمام
وڏي آهي، سا به قاعدن پٽاندر ڏني وئي آهي. آخر ۾
”ڏسڻي“
(Index)
به ڏني وئي آهي. ڪتاب شعبي جي اندر تمام اهم مقام
رکڻ جي لائق آهي. ڪتاب ۾ ڪيئي باريڪ ڳالهيون
پروفيسر مهتاب جي تخليقي صلاحيتن کي ظاهر ڪن ٿيون،
جن جو مطالعو به تمام ضروري آهي.
ڪتاب کي هر طرح ٺاهي سينگاري پيش ڪرڻ جو فرض
پاڪستان اسٽڊي سينٽر نهايت ئي محنت سان نڀايو آهي.
پبلشر جناب ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل، وڏيءَ شهرت جو
مالڪ آهي. هو ”گراس روٽس“ جو ايڊيٽر ۽ ”اسٽڊيز اِن
سنڌ“ جو ايڊيٽر به آهي. پاڪستان اسٽڊي سينٽر به
سنڌ يونيورسٽيءَ جو هڪ اهم ادارو آهي. سنڌ الاجيءَ
کان پوءِ هي پهريون ادارو آهي، جيڪو اشاعت جي ڪم ۾
دلچسپي رکي ٿو.
- ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو
THE POETRY OF SHAH ABDAL-LATIF.
”دي پوئٽري آف شاهه عبداللطيف“ (انگريزي) مصنفه:
محترمـﮧ ڊاڪٽر دُرشهوار سيد، ڊيمي سائيز، 1988ع،
سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
”بيبي مريم“ ۽ ”مرتضى“- ٻن سيدن جي نالي سان
منسوب، پيار ۽ شڪر گذاريءَ جي گهَرَي جذبي سان، هي
ڪتاب سنائي سيدن جي خاتون عالم ۽ محقق ڊاڪٽر
درشهوار سيد جو لکيل آهي. انگريزيءَ ۾ تحرير ڪيل
هيءَ تحقيق سنڌي ادبي بورڊ 1988ع ۾ شايع ڪري پڌري
ڪئي آهي.
ڊاڪٽر درُشهوار سيد، سيد غلام مرتضى شاهه سنائيءَ
جي صاحبزادي آهي. ان طرح هن ڪتاب ۾ جڳن جو هڪ ورثو
به موجود آهي، جو تمام گهٽ ماڻهن ڏٺو آهي. جناب
غلام مرتضى شاهه سنائي (معروف جناب جي-ايم- سيد)
هڪ بهترين ڪتب خاني جو صاحب، عالم ۽ علم جو قدردان
سنڌي اڳواڻ آهي. ڊاڪٽر درشهوار سيد ان مشهور
خاندان جي علمي عظمت سان مالامال آهي. ڊاڪٽر صاحبه
پاڻ انهن چند سنڌي خاتون عالمن مان هڪ آهي، جن
علمي جدوجهد ڪئي. سيده هن باري ۾ علمي مهارت ۽
تحقيق جي سوال تي اڄ سنڌ ۾ روشن مثال جيان آهي.
محترمـﮧ ڊاڪٽر درشهوار سيد هي مقالو شاهه
عبداللطيف جي شاعري کي برطانيه جي مشهور يونيورسٽي
ايڊنبرگ (ايڊنبرا) ۾ ڊاڪٽريٽ لاءِ پيش ڪري ڊاڪٽريٽ
حاصل ڪئي آهي. هن برطانيه جي ادارن مان رڳو ٻن
ادارن سيدنا ڀٽائي رح جي ڪلام ۽ سنڌ جي عظيم فڪر ۽
دانش تي انگريزيءَ ۾ ڊاڪٽريٽ ڏني آهي، جن مان
پهريون اعزاز ڊاڪٽر سورلي کي مليو هو ۽ ٻيو اعزاز
هاڻي ڊاڪٽر درشهوار صاحبه کي مليو آهي.
مسٽر حبيب الله صديقي سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ
مُهڙ ۾ لکي ٿو ”ڊاڪٽر درشهوار سيد پهرين سنڌي
خاتون آهي، جنهن اهو اعزاز حاصل ڪيو آهي. ڊاڪٽر
صاحب جن جنهن ڪاميابيءَ تائين رسائي حاصل ڪئي آهي،
ان کي اڄ تائين ڪو هٿ نه لائي سگهيو هو.“
خاتون محقق پنهنجي مقالي جي مهاڳ ۾ تحرير ڪيو آهي
ته هي ڪتاب يونيورسٽيءَ کي ڊاڪٽريٽ جي لاءِ 1984ع
۾ پيش ڪيو ويو هو. ان وقت تائين ڪيترائي موضوع
لطيف جي شاعريءَ جا اهڙا هئا جن تي تحقيق ڪانه ٿي
هئي. (بقول ڊاڪٽر صاحبه) انهن مان هڪ سنڌي عورت جو
اهو ڪردار هو، جنهن کي سيدنا لطيف پنهنجي شاعريءَ
۾ وڏي مهارت سان پيش ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحبه لکي ٿي
”اسان تعارفي ڀاڱي کان پوءِ (هڪدم) انهيءَ ئي
ڪردار تي اڀياس شروع ڪيو، جيڪو شاهه لطيف جي
شاعريءَ ۾ وڏي تاڪيد سان بيان ڪيو ويو آهي. شاهه
جي شاعريءَ ۾ عورت جي ڪردار جا ٽي عروجي نڪتا،
مثال طور:
(1) حوصله (2) صبر ۽ (3) جدوجهد، تن کي شاعر پاڻ
به ساراهيو آهي ۽ اهو ئي مواد شاهه جي شاعريءَ جو
اسلوب ۽ متن بڻيو آهي.
محقق ڊاڪٽر درشهوار صاحبه ڪتاب جي مهاڳ ۾ پنهنجي
بزرگ والد جو شڪريو ادا ڪندي لکيو آهي ته ”جنهن ڪم
جي ابتدا ڪرڻ ۾ به دشواري ٿي لڳي، تنهن کي
ڪاميابيءَ سان پڄاڻيءَ تائين پهچائڻ جو ڪم مون
لاءِ تمام آسان ۽ دلچسپ ٿي پيو ته ان لاءِ آءٌ
پنهنجي والد محترم جي بي انتها مشڪور آهيان.“
انهيءَ ڳالهه تي ٻه خيال ڪڏهن به نه رهيا آهن ته
ڊاڪٽر صاحبه جي والد محترم جي تصنيف ”پيغام لطيف“
سنڌي زبان ۾ پهريون ۽ وڌيڪ سڌريل ڪتاب هو، جنهن ۾
شاهه جي شاعريءَ جي اڀياس جو اسلوب هو ۽ جنهن ۾
سنڌ جي وطنيت ۽ زبان سان گڏ علم شاعريءَ جو ان وقت
جو جديد ترين اسلوب به ڏنو ويو هو.
هن ڪتاب جي متن جا ڪل پنج ڀاڱا ڪيا ويا آهن. ان
کان سواءِ هڪ وڏو ضميمو ۽ ڪم آيل ڪتابن جي هڪ وڏي
لسٽ به شامل ڪئي وئي آهي، جيڪا تحقيق جي قاعدن
پٽاندڙ ضروري هئي. هنن کان سواءِ ڪتاب ۾ ”ڏسڻي“
(Index)
۽ آخر ۾ ”ڀُل سڌار“
(Errata)
به ڏني وئي آهي. هن طرح ڪتاب کي چڱيءَ طرح ترتيب
ڏيڻ ۾ وڏي محنت ڪئي وئي آهي ۽ تحقيق جون سموريون
تقاضائون پوريون ڪيون ويون آهن. متن جي پهرئين
ڀاڱي ۾ جن موضوعن تي تحقيق ڪئي وئي آهي، تنهن ۾:
(i)
شاهه سائينءَ جو تاريخي ۽ ادبي پس منظر.
(ii)
لطيف سائينءَ جي زندگي ۽ خاص طور تي سندن پڇاڙيءَ
جي ڏينهن ۽ سندن انتقال تي تحقيق ڪئي وئي آهي.
انهيءَ کان سواءِ لطيف سائين جي ڪلام جي مجموعي
”رسالي“ کي به تاريخي پس منظر ۾ تحقيق هيٺ رکيو
ويو آهي. هڪ تمام اهم ڳالهه، جا هن حصي ۾ نظر اچي
ٿي، سا اها آهي ته هت ڊاڪٽر صاحبه جن پنهنجي ذات
مبارڪ کان اڳ سائين جن جي ڪلام تي ٿيل ڪم جو تفصيل
به ڏنو آهي ۽ اهو ڏيکاريو اٿس ته سندن ڪتاب جي
لاءِ وڏو ميدان رهيل هو ۽ وڏو ڪم اڃا رهيو پيو هو.
متن جي ٻئي ڀاڱي ۾ خاص طور تي انهن ڪردارن تي
تحقيق ڪئي وئي آهي، جن کي گهڻو ڪري اڳ ۾ صرف بيان
ڪيو ويو هو. هي ڪردار انهن عورتن جا آهن، جن کي
علامتي طور تي سنڌ جي ”روح القدس“ سان جڪڙيو ويو
آهي. ائين ٿو لڳي ڄڻ سنڌ به هڪ ”حوا“ هڪ عورت هئي
۽ ان جي اولاد ۾ هڪ روح صدين جو سفر ڪندو اچي حضرت
لطيف جي دور ۾ داخل ٿيو هو ۽ پوءِ لطيف جي
”سورمين“ (شاهه جون سورميون) ان کي هڪ دفعو وري هڪ
نئين دنيا کي جنم ڏيڻ لاءِ حاصل ڪري ورتو هو.
عورت جي سماجياتي رتبي تي به هڪ نظر باريڪ وڌي وئي
آهي ۽ هن ئي ڀاڱي ۾ عورت جي سماجياتي ڪردار جي
عظمت يعني ”مارئيءَ تي بحث ڪيو ويو آهي.
متن جي ٽئين ڀاڱي ۾ شاهه سائين جي انهيءَ شاعريءَ
تي تحقيق ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ هند جي قديم دور
جوفڪر اچي ٿو وڃي، جيڪو جوڳين جي معرفت دنيا جي
ٻين حصن تائين به پهچي ويو هو. هن طرح حضرت
ڀٽائيءَ جي مشرقي فڪر کي گهڻو روشن ڪيو ويو آهي.
متن جي چوٿين ڀاڱي ۾ پارسيءَ جي عظيم شاعر جناب
فريدالدين عطار جي شاعريءَ کي حضرت ڀٽائيءَ جي
شاعريءَ جي آمهون سامهون رکي ٻنهين جو تجزيو ڪيو
ويو آهي. جن عنوانن تي خاص بحث آيو آهي، هيٺ ڏيون
ٿا:
(i)
تلاش حق،
(ii)
عشق،
(iii)
معارف يا معرفت
(iv)
دنيا کان دل کي پري رکڻ يعني ”ترڪ“ جو مقام،
(v)
توحيد سان رشتو،
(vi)
مقام حيرت،
(vii)
مقام استغراق، (فنا).
اهڙيءَ ريت متن جي آخري حصي ۾ ساڳيءَ طرح مولانا
جلال الدين روميءَ جي شاعريءَ کي ڀٽائيءَ جي پس
منظر يا فڪري هڪجهڙائيءَ لاءِ تحقيق هيٺ رکيو ويو
آهي. هن طرح هن حصي ۾ توحيد، تصوف ۽ قرآن ڪريم جي
’آيات‘ سان گڏ شعور، عقل ۽ اهڃاڻ کي به واضح ڪيو
ويو آهي، جو اهي عظيم شاعريءَ جي تخليق ۾ مدد ڪن
ٿا.
هن طرح شاهه جي شاعريءَ تي هيءَ تحقيق مشرق کان
سواءِ اسلام، تصوف، توحيد ۽ انهن کان سواءِ سنڌ ۾
اسلامي ۽ صوفياڻي فڪر جي تقسيم سان مالامال ٿي وئي
آهي.
ضميمي ۾ لوڪ ڪهاڻيون ۽ نيم تاريخي ڪهاڻيون آيون
آهن، جن ۾ اهم ترين ڪردار سنڌي عورت جو آهي.
تفصيلات 289 کان 306 تائين آيا آهن. سنڌي عورت جي
سماجيات تي اڳ ۾ ڪوبه اڀياس نه ڪيو ويو هو.
ڪتاب هر طرح قابلِ ديد ۽ ڏاڍو سهڻو آهي. ڇپائيءَ ۽
گيٽ اپ ۾ بين الاقوامي معيار رکيو ويو آهي. اسان
جو خيال آهي ته علمي طور تي ڊاڪٽر سورلي جي ڪتاب
جيان هي ڪتاب به تمام گهڻو مستند ۽ تحقيقي خيال
کان پختو ۽ قابلِ اعتماد ڪتاب آهي. هن ڪتاب کان
اڳي انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب جناب جي. الانا جو،
جناب پروفيسر محمد اڪرم انصاري مرحوم جو ۽ جناب
موتي لال جوتواڻيءَ جو ڪتاب، ڊاڪٽر سورلي جي ڪتاب
کي سامهون رکي لکيا ويا هئا، پر هي ڪتاب شاهه جي
شاعريءَ تي لکيل هڪ تمام وڏي ذخيري جي تنقيدي
اڀياس کان پوءِ تحرير ڪري هن کي هڪ منفرد حيثيت
ڏني وئي آهي. ڪتاب ڪنهن به يونيورسٽيءَ ۾ لطيفيات
جي مضمون جي تدريس ۾ مدد ڪري ٿو سگهي، ۽ شاهه
سائين جي ڪلام ۽ زندگيءَ توڙي سندن دور تي ملڪي
ضرورتون به گهڻي ڀاڱي پوريون ڪري ٿو.
ڪتاب ”شاهه لطيف جي شاعري“ مصنفه ڊاڪٽر درشهوار
سيد جي طرفان سنڌ ڏيهه، ان جي ماڻهن ۽ ان جي عالمن
لاءِ سال 1988ع جو هڪ بهترين تحفو آهي. ڪتاب جي
محترمه مصنفه ”سنڌ گورنرس لطيف ايوارڊ“ اڳي ئي
حاصل ڪري چڪي آهي.
ڪتاب جي زينت ۽ ڇپائيءَ جي اعلى معيار جي لاءِ
مبارڪن جو مستحق صرف سنڌي ادبي بورڊ ئي آهي. تمام
گهڻا اعلى صلاحيتن جا مالڪ هن اداري ۾ وڌيڪ خدمت
جون اميدون رکن ٿا. اسان جي دعا آهي ته هي ادارو
دنيا جي نامور ادارن جيان جڳ مشهور ٿيڻ جهڙيون
خدمتون ڪري.
- ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو
اَڪن نيرا ڦُليا
اسان جو شاعر شيخ اياز ۽ سندس تازو ڇپيل خوبصورت
شعري مجموعو ”اڪن نيرا ڦُليا“ محض هڪ سِٽنگ، هڪ
ٽيبل ٽاڪ يا هڪ پئرا گراف جو موضوع ڪونهي. اياز
صاحب چيو آهي: ”مان هزارين سال هان“... ۽ هزارين
سالن تائين رهڻ جي ثبوت لاءِ هُن هزارين بي بها
سٽون ۽ جذبن جي وِٽئمن سان ٽمٽار لفظ لکيا آهن. اڄ
هو هن تازي ڇپيل شعري مجموعي سميت، ڇويهن مقبول
ڪتاب جو ليکڪ آهي. هُن جو هڪ هڪ ڪتاب، تاريخ جي
موڙ تي سنگِ ميل آهي. هُن جو هر ڪتاب سج وانگر
آهي، ۽ انهيءَ کي پڙهڻ ۽ انهن ڏانهن نهارڻ، ڄڻ
ڪنهن تيز بلب ڏانهن نهارڻ وانگر آهي؛ جنهن کان
پوءِ آس پاس ڪابه شئي چٽي نظر نه ايندي آهي. هن جو
نثر توڻي نظم زندگي، محبت، احتجاج ۽ آدرش جي انهن
رُخن ڏانهن پڙهندڙن جو ڌيان ڇڪائي ٿو، جن ڏِسائن
ڏانهن ڪنهن ٻئي ليکڪ جي اک روشن ئي ناهي.
سنڌ وارن وٽان، ايڏي مڃتا ملڻ جي موٽ ۾، ڪنهن هنڌ،
اياز صاحب لکيو آهي: ”مون کي اهو ڏسي خوشي ٿي آهي
ته منهنجي محنت سجائي ٿي آهي. منهنجون تحريرون سنڌ
جي نئين پراڻي نسل ۾ باهه وانگر ڦهلجي ويون آهن.“
۽ اها حقيقت آهي ته اڄ سنڌ واسين لاءِ، هن جي ڪنهن
به ڪتاب جي اشاعت ڪنهن ”انتهائي خوشيءَ ڀري خبر“
کان گهٽ ناهي. اڄ هن جي ڏات آڳ وانگر ايتري روشن
آهي، جنهن جا اُلاوَ سڄي سنڌ کي روشن پيا ڪن ۽ پري
پري تائين، پنهنجي اوچائيءَ سان سنڌي شاعريءَ جا
رهنمائي به پيا ڪن.
مجموعي ”اَڪن نيرا ڦَليا“ جو ڳچ حصو بيتن تي مشتمل
آهي. بيتن جي پورشن کي پنجن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو
آهي. سڀ بيت زندگي ۽ موت جي فلاسافيءَ ۽ ٿرَ جي
سونهن ۽ ان جي ثقافت جي پس منظر ۾ آهن. بيتن جي
سٽاءُ ۽ سونهن کي ڪهڙن لفظن ۾ واکاڻجي؟ بقول اياز
صاحب جي، جويي صاحب (اهي بيت) ڌيان سان ٻڌي چيو هو
ته ”مان چاهان ٿو ته ’اڪن نيرا ڦليا‘ کي مدنظر
رکي، سنڌي ٻوليءَ جي وسعت ۽ جادوگريءَ تي هڪ ڪتاب
لکان...“
موٽ ۾ خود اياز صاحب ڪتاب جي منڍ ۾ لکيو آهي ته،
”هن ڪتاب جي بيتن جي ٻوليءَ جي جادوگريءَ تي جهڙو
جويو صاحب لکي سگهندو اهڙو ٻيو ڪوئي لکي نه
سگهندو“ (ڪاش جويو صاحب، اياز صاحب جي خواهش
مطابق، هن ڪتاب جو به مهاڳ ۽ اُن جي بيتن جي
ٻوليءَ بابت ڪجهه لکي ها.)
مان رڳو انهن بيتن مان، نموني طور ٻه بيت اوهان کي
پڙهايان ٿو.
مون چيو مينديءَ کيت کي، اُٿي ڦٽي پئو
مون کي ڪيئي سؤ، رتا گهرجن هٿڙا.
پرينءَ جو پهراڻ، جهڙي باک بسنت جي،
آهي اڄ مون ساڻ، ڄڻ ڪو گل گلاب جو.
مجموعي جي ٻئي ڀاڱي ۾ صفحي 93 کان 150 تائين نظم،
گيت ۽ خوبصورت ۽ سگهه ڀريون وايون آهن ۽ انهن صفحن
۾ به اياز صاحب جي ڏات جو سج ڪپار تي جهرڪندو ٿو
نظر اچي.
اياز صاحب جا ٿر جي وشال پس منظر ۾ لکيل بيت ۽ نت
نون اسلوبن ۾ لکيل نظم، گيت ۽ وايون، پڙهي جتي من
خوشي ۾ سرشار ٿيو وڃي، اُتي مرحوم رشيد ڀٽيءَ جي
ياد ۾ لکيل سندس اوسارا پڙهي، من دلگير ٿيو وڃي.
ڇا تون وئين، سو وئين، وري ورندين ڪونه؟
ڇاهي ڌرتي تو نه، ساريندي سڏڪا ڀري.
ڪتاب جي نالي ”اڪن نيرا ڦليا“ جي مناسبت سان،
ٽائيٽل تي، اَڪ کي ڦلڙين جي ٽرانسپيرنسي ڏنل آهي،
۽ اياز صاحب پنهنجو هي املهه ڪتاب سنڌ جي عظيم
ڏاهي ۽ محسن، محمد ابراهيم جويي صاحب جي نالي
ارپيو آهي. ههڙي املهه ڪتاب جو ملهه صرف 30 رپيا
آهي، ۽ ان کي نيو فيلڊرس پبليڪيشن حيدرآباد شايع
ڪيو آهي.
- نصير مرزا
رني ڪوٽ جو خزانو
ڇپيندڙ نيو فيلڊس پبليڪيشنس، سائيز ڊيمي، صفحا
156، قيمت سادي ڪاپي-/30 رپيا، اوچي ڪاپي-/ 50
رپيا.
امر جليل جي ڪهاڻين جو ڳٽڪو ”رني ڪوٽ جو خزانو“
نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد طرفان ڇپايل هڪ سئو
ڏهون ڪتاب آهي. نيوفيلڊس طرفان ڇپيل هر ڪتاب جي
پنهنجي اهميت آهي، پر امر جليل جي هن ڳٽڪي جي
اهميت ان ڪري وڌيڪ آهي ته هن اداري طرفان امر جليل
جو هي پهريون ڪتاب آهي ۽ هن ۾ چند نين لکيل ڪهاڻين
کان علاوه اهي پراڻيون ڪهاڻيون به شامل ڪيون ويون
آهن، جيڪي پراڻن پڙهندڙن جي ذهن ۾ ٿي سگهي ٿو ته
تازيون هجن، باقي نون پڙهندڙن لاءِ تمام ضروري هو
ته انهن کان وانجهيل نه رهن. مثال طور ”ڪپيل ٻانهن
جو وارث“ يا هڪ ”خطرناڪ سنڌ پرست جي ڳولا“ يا
”ساڻو ماڻهو ساهه.“ ڪتاب جو گيٽ اپ نهايت خوبصورت
آهي، البت ڪهاڻين جي آخر ۾ جيڪڏهن پهريون دفعو
ڇپجڻ جو سال ۽ انهيءَ رسالي جو نالو ڏنو وڃي ها،
ته وڌيڪ لطف اچي ها ۽ تاريخ جا سلسلا پاڻ ۾ مليل
رهن ها ۽ پڙهندڙ ان دور جي حالتن جي پس منظر ۾
لکيل ڪهاڻين مان وڌيڪ لطف ۽ معلومات حاصل ڪن ها. |