سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 1989ع

 

صفحو :17

گج ۾ لڳل مُڪي سان مڙهيل ٽِڪن ۾ ٽانڊي جو عڪس هو. هر ٽڪ ۾ ساڳيو عڪس، جنهن جي پٺيان هميران جي ڌڙڪندڙ دل ۾ منٺار لاءِ محبت جو ٻرندڙ مچ هو، جيڪو ڪڏهن به جهڪو ڪونه ٿيو هو. منٺار جي پيار جون بوندون جيئن انهيءَ مچ تي ڪرنديون هيون، تيئن ان جي شعلن ۾ تاءُ پيدا ٿيندو هو. جڏهن هو وڻ گهوڙو ٻڌڻ ڪونه ڏيندو هو، تڏهن هميران جي سيني جي انهيءَ مچيل مچ کڻي کيس سيڪي سُڪ ڪيو هو.

”هميران!“

”جيءُ“ سڪ جي سڏ جو سدائين سڪ ۾ جواب هوندو هو.

”اهو گج پراڻو ته ڪونه ٿي ويو آهي؟“

ڳوري پَڪي مک تي پکڙيل ٽانڊي جي روشني چيريندي هميران جي چهري تي مرڪ پکڙجي وئي.

”ڇا ڪندو پُراڻو گج مون پوڙهيءَ کي.“ هُن منٺار جي گول چمڪندڙ اکين ۾ نهاريندي چيو.

”پوڙهي ٿي وئي آهين! اَي مون کان پڇيو اٿئي؟“ منٺار کلي پيو. ”تولاءِ ته بس ڪر آءٌ ٻار آهيان- هانه؟“ هُميران ديڳڙي هيٺ لاهي رکندي چيو. ٻرندڙ ٽانڊو هوا سان کيڏڻ لڳو.

”اڙي اڃان ڪلهوڻي ڏينهن ته ملوڪاڻين جي تڙ تان ٻيلهڙا کڻيو پئي لنگهندي هئين ۽ ڄارُن تي چڙهيو پيرون پئي چونڊيندين هُئين ٻيو-“

”مون کي به ياد آهي ياد. تڏهن تون به حوصلي مان نڪتل هُئين. جُواڻي ۾ ڪنهن کي ليکيو هيئه؟“

”ٻيو ته ڪو ڪونه ليکاڻو پر تو ته منهنجو ليکو لاهي ڇڏيو“، ۽ ٻنهي جا هلڪڙا ٽهڪڙا صبح جي هير ٿڌڙي واري تي پکيڙڻ لڳي.

منٺار ائين ڀانيو ته هُميران جي اُها ئي کل جيئري آهي، جيڪا هُن چُوڙن جي آوازن سان گڏ ٻُڌي هئي ۽ ٽهڪ ڀتن تان ترندا ڏهرن ۾ لهي ويندا هئا.

هڪ دفعو پاڻيهارين سان گڏ خالي دلا کڻي تڙ تي پهتي ته ڪنهن مشڪري ڪري گهڙي ۾ ننڍڙو سوراخ ڪري ڇڏيو ۽ هو جيئن ئي دلو مٿي تي رکي قطار ۾ اڳيان اڳيان هلڻ لڳي ته دلو نارا ڪري وهڻ لڳو، ۽ هُميران جو لوڻياٺو بُت لوڻياٺي پاڻي سان ٿڌو ٿڌو ٿيڻ لڳو.

”ائي جنان! مرين ڏس دلو ڇلڪي پيو يا وهي پيو.“

”هئين ڪر.“

”ائي مُٺي، هي ته ڀڳو پيو آهي.“ جنان کلڻ لڳي، قطاربيهي رهي.

زپ- گهڙو وارياسي زمين جي پڪي ٽُڪر تي ڪِريو ۽ ڪڇ وارو گهڙو ڇڏائجي اونڌو ٿي ڪريو. مٿي وارو گهڙو ٽڪرا ٿي پيو ۽ ٻيو اونڌو ٿيو پر بچي ويو. سڄي قطار کل ۾ ٻُڏي وئي- پر هُميران جي کل سڀن کان مٿاهين.

”ڇوري ته ڇوري، هيڪو گهڙا ڀڳئي ٻيو کِلي ڪيئن پئي؟“ ڪاڪهيس سومل چيو.

منٺار به الائي تنهن مهل ڪٿان اچي مُنهن ڪڍيو. کل بند ٿي وئي. سُرپُر شروع ٿي وئي ۽ پوءِ سُر پُر ڪندڙ چَپ به چُپ ٿي ويا. منٺار کي سڀئي اکيون پل کن لاءِ تڪي سڀئي هيٺ ٿيون- هُميران ۾ الائي ڇو ٽاهه پيو. گهڙو اتي ئي پسيل بدن سانٿگهر ڏانهن ڀڄڻ لڳي. منٺار جي ڪنن تي ڀڳل ڪپڙن جي سَرسَر پل اڌ لاءِ پئي. کل وري شروع ٿي وئي. منٺار سڀ کلندڙ چهرا ڏٺا. ڪجهه ماٺ ٿيا، ڪجهه مُرڪ جهڪي ڪري مُرڪڻ ۾ لڳائي رهيا ۽ هُميران سانوڻي رت جي ڊيل جيئن ڊوڙندي رهي- منٺار به مُرڪي پيو ۽ هلندو رهيو.

منٺار انهن ڏينهن ۾ جڏهن دونالي ڀري راڻي اٺ تي چڙهي مُهار کي ڇڪ ڏيندو هو ته ڏهرن جا ڏهر لڪن جا لڪ يڪساهي رات پيٽ ۾ اورانگهجي ويندا هئا ۽ ساڳيو پنڌ ڪري اچي اسُر کان اڳ گهر ٺڪاءُ ڪندو هو ۽ هوُ اٺ تي ويهڻ کان پوءِ ڪوهه ڳڻڻ جو عادي ڪونه پر اُٺ هڪلڻ جو هيراڪ هو. سڄي جُوءِ ۾ اها ڳالهه هوندي هئي ته جهڙو اُٺ منٺار هڪليو تهڙو ڪنهن نه هڪليو. پنڌ به اُهي جو کولي نه رسي ۽ مڙس به ٽوهه جهڙو هِتان کان نڪري هُن پار کان ٿي جڏهن گهر ورندو هو ته پڻس جو منهن به ڪونه کُلندو هو، جو اِهو ڀڇي ته ڪيڏانهن ويو هئين؟ شروع شروع ۾ هڪ دفعو ٻه دفعا پڇا ڪيائين ته رهڙ ڏئي اهڙو کارو جواب ڏنائين، جو هو سڀ ڪجهه سمجهي ويو ۽ پوءِ هن کي ڪجهه به پڇڻ جي ضرورت محسوس ڪانه ٿيندي هئي.

ائين هوُ، راڻو ۽ ڀريل دونالي رات جي پيٽ کي چيريندا هلندا رهيا. راڻي کي نه هِن حد ۾ نه هُن حد ۾ ڪا گولي رسي، نه منٺار کي ڪو جهلي سگهيو، پر هميران جي گهاٽن ڀرؤن، بادامي اکين، گوري رنگ ۽ گول ڀريل منهن، ڳاڙهن سنهڙن چپن جا تير وڃي هنئين ۾ ٺڪاءُ ٿيا. نظر جا ناوڪ لڳا ته هن بندوق مان ۽ راڻي جي مُهار مان هٿ ڪڍيا. هو هميران وٽ جهلجي پيو. اڄ به منٺار ۽ هميران حياتيءَ جا گهڻائي لڪ چڙهي آيا هئا، پر پوءِ به الائي ڇو رات جي ڪارانس منٺار جي ان هٿ ۾ حرڪت آڻي ڇڏيندي هئي. جنهن سان هو راڻي جي مهار کي ڇڪ ڏيندو هو ته جيئن هاٿي جي پيرن هيٺان لوسڻ لتاڙجي، تيئن راڻي جي پيرن هيٺان ڀٽون ۽ ڏهر لتاڙجڻ لڳندا هئا. اونداهيون اڃا به منٺار جي سيني ۾ اُڇلون ڏياريندي هئي.

حياتيءَ جي هن بي کٽڪي پنڌ ۾ سندن وجود ڪنهن ٻئي وجود ۾ محسوس ٿي ٿيو ۽ اُهو وجود پُٽ مِٺال جو هو. اکين اڳيان هڪڙو پن هو، جنهن ۾ منٺار جي جواڻي ۽ هميران جي سونهن سمايل هئي. هڏين ڪاٺين پڪو، ديڳ چڪ ۾ وجهي اڇلي ته ڦري اچي ڪري. مِٺال کي ته ڪنهن اٺ جي مُهار ملي نه ڪا بندوق. ڳوٺ ۾ مائي وڏيءَ جي مدرسي ۾ منٺار مٺال کي مولبي ماڻڪ جي حوالي ڪيو.

”بس مولبي صاب! اسان ته يا ڄمار گناهگار آهيون، پر ٻچو پڙهي پنج درجا ۽ قرآن پڙهي پورو ڪري ته لک کٽيوسين. جنهن پاهرو تي هٿ رکندين، هيءَ ڳاني به اچي پنهنجي هٿن سان ٻڌج.“ منٺار مڻين واري ڳاني مولوي اڳيان رکندي چيو ۽ ان ڏينهن کان منٺار ڏهه سير وِرَو به مدرسي کي هر مهيني ڏيندو رهندو هو.“

مولوي اڳيان مٺال جي ارڏائي به سگهو ئي ظاهر ٿي پيئي. کيس سدائين اها شڪايت هوندي هئي ته مٺال اوئنرو (ارڏو، ضدي) آهي. ڪڏهن ڪڏهن اها شڪايت منٺار جي ڪنن تائين به پهچندي هئي.

”مولبي صاب! جيئن وڻيئي تيئن ڪر. ائين سمجهه ته مٺال منهنجو ڪونهي، تنهنجو آهي.“ مٺال جي ارڏائيءَ کان مولوي صاحب لهرائيندو به گهڻو هو. هڪڙي ڀيري ملان جي گهر جي ڇيڻن چونڊڻ کان ناڪار ڪري بيهي رهيو. دڙهو (پڪو ضد ڪري بيهي رهڻ) هڻي ملان کي اهڙي ڏندي ڏنائين، جو ٺپ ئي ٺري پيس. پوءِ ته تلهڙن جي مار اهڙي پيس جو پناهه ڏي رب. مار ته مڙس اُن مهل سهي ويو، پر ڪجهه دير رکي مُلان کي پٺن ۾ سروٽو ٺڪاءُ ڪرائي پٽا ڏئي ڀڄي ويو. مهينو يڪو ناناڻن ۾ ويٺو رهيو ۽ مدرسي جو منهن ئي ڪونه ڏٺائين. نيٺ پڻس هاڪا ڏاڪا ڪري، ٻاٻيس ڏئي پرچائي وٺي آيو. اُهو ڏينهن دنگ وري هُن کي مُلي ڪڏهن گهر جو ڪم ڪرڻ لاءِ ڪونه چيو. اُن کان پوءِ مُلان ڪاوڙ ۾ ڪرٽيون کائي، مُٺيون ڀڪوڙي اڇن پنبڻن کي هيٺ مري ڪري چُپ ڪري ويهي رهندو هو.

هڪ ڀيري مولوي جو پارو جڏهن ماڳهين چڙهي ويو ته ڪچي گار مُنهن مان نڪري وئي. گار نڪري ته وئي پر مُلان جي ڏڪڻي بند ئي نه ٿئي. ويتر جو مٺال جي نراڙ ۾ گهنڊ ۽ اکين ۾ رت وري آيو ته يڪدم کڻي مِٺال کي پيار ڀريو ڀاڪر وجهي ٻولائڻ لڳو:

”ٻچا، ڇو ٿو ڪنهن کي تپائين؟ ائين نه ڪر پُٽ، تون منهنجي سانوڻ جهڙو آهين بابا.“ مٺال ڍرو ٿي پيو ۽ مُلان بچي ويو.

ٻيا کُٿابي مِٺال کان مُلان جيئن ڪَوَ کائيندا رهندا هئا. نيڪو جڏهن ساڻس پاڻي تان وڙهيو ته دَسي اهڙو چڪ هنيو جو ذري گهٽ ٻوٽ ٿي نڪتو. پوءِ ائين مُلان جي قسمت چڱي يا مِٺال جي، جو مِٺال مدرسي وارو سڄو ”علم“ پڙهي پُورو ڪيو. مُلان اچي ”سائي ڳئون“ ۾ ڳاني ٻَڌي. اوڍاڻي ۾ کٿو ۽ پهراڻ مليو. منٺار کي مُبارڪون مِليون. مُلان کي تِهان وڌيڪ. ”ابا گهڻو علم پڙهيو آهي- ڀلا سرڪار توکي تپيدار ڪندي؟“ ماڻس گهڻو ڪري اِهوسوال پڇندي هئي.

”جيڪي وڻنئي اها نوڪري ڪج، پر پوليس واري کانتي ۾ ڪڏهن نه ڍرج.“ اهو وري منٺار جو حُڪم هوندو هو، پر مٺال نه تپيدار ٿيو نه پوليس ۾ ويو، هو وڃي ڪراچي نڪتو، جتي ڪجهه سالن کان نوڪري ۾ هو. جڏهن نوڪري مليس ته ماڻهن چيو ”الله ائين ٿو اُڀ ڦاڙي ڏي، منٺار جا ڀاڳ جو گهر ويٺي ڇوڪري کي وڏي پگهار واري نوڪري ملي آهي.“

”ماروئڙا انٽرپرائيز“ جي مالڪ سيٺ قيوم خان کي ڀٽن تي جيپون ڊوڙائيندي ڪيترائي سال لنگهيا هئا. سندس ڪاروبار مُلڪ  کان ٻاهر به هو، جتي ڪمپنيءَ جون برانچون به هيون.

اڄ شام جو هميشـﮧ جيان سندس فور ويل گاڏي لڪ لنگهڻ لڳي هئي، پٺيان ايندڙ ٻن ٽن گاڏين ۾ کائڻ پيئڻ جو سامان رکيل هو. اگهاڙين ڀٽن تان گاڏيون رينگندي جڏهن ڳوٺ جي ويجهو ٿيون ته ڳوٺ جا ماڻهو به اچي وسند جي دڪان وٽ گڏ ٿيا. کين قيوم خان جي گاڏين جي پَڪ هئي. گڏ ٿيل ماڻهن کي ڏسي سيٺ قيوم خان جي دل خوشيءَ ۾ زور سان ڌڙڪڻ لڳي. هر ڌڪ ۾ ڪو ٽهڪ دٻيل هو. گاڏي مان لهڻ شرط هو چٽڪياڙي رلي واري کٽ تي ٺلهو سلام ڪري وڃي ويهي رهيو.

”سڀ خوش آهيو؟“ هُن پنهنجي سوني فريم واري ڪاري چشمي کي لاهيندي پُڇيو، جواب ۾ بي ترتيب آواز اچڻ لڳا.

پيٽ وڌيل، سنهڙين ٻانهن، ڏرا ڏنل اکين وارا ڪارا ڪوجا، هيڻا ٻار سيٺ جي ڳوري ڳاڙهي گول مول چهري کي يڪ ٽڪ تڪي رهيا هئا ۽ ڪجهه ٻار بيٺل گاڏين کي هٿ لائي ڊرائيورن ۽ مائٽن جا دڙڪا جهلي رهيا هئا.

ڪجهه دير رکي بيٺل ماڻهن ۾ بسڪوٽن جا دٻا ۽ رنگارنگي، ڊگها، ننڍا، سوڙها ويڪرا ڪپڙا ورهايا ويا ۽ فوٽو ڪڍيا ويا. فوٽو ڪڍڻ مهل مُرڪن جون ميخون چپن تي هڻڻيون پيون، اهو ڪم اُڪلائي سيٺ قيوم خان اٿي بيهي ڳالهائڻ لڳو. هُن جون نظرون هَر هَر پربت جيڏي ڪارونجهر تي ٽڪيو ٿي ويون.

”ٿر جا دستو!

اسان کي اوهان جي تڪليفن جو شديد احساس آهي. انهيءَ لاءِ اسان گهڻو ڪجهه ڪيو آهي ۽ ڪنداسين، انشاءَ الله“- هن جي آواز سان ڪنهن اڃايل مور جي ڪوڪ گڏجي وئي ۽ هو پَل کن رُڪي وري ڳالهائڻ لڳو ”مُسلسل بارش نه پوڻ ڪري هتان جا حالات خراب ٿي چڪا آهن، ”ماروئڙا انٽر پرائيزز“ کان سواءِ هن طرف ڪنهن به توجه ناهي ڏنو. هي ڪمپني توهان جي پنهنجي آهي،“ هُن جا جڏا لفظ نڙي ۾ اٽڪڻ لڳا.

....”اسان هتان جي همدردي لائق ماڻهن جي مدد ڪرڻ لاءِ هڪ تنظيم جو بنياد وڌو آهي جيڪا هن ڏڪار وارين حالتن ۾ توهان لاءِ وڌيڪ ڪم ڪندي. انشاءَ الله انهيءَ تنظيم جي جدوجهد سان اسان گهڻو ڪجهه حاصل ڪنداسين. توهان جو جڏهن به اسان جي شهر ۾ اچڻ ٿي سگهي ته هي بندو اوهان جي خدمت ۾ حاضر هوندو.“

نيري آڪاس هيٺان مور پنهنجا پر پکيڙي ڳچي کي حرڪت ۾ آڻي ٻيهر ڪوڪ ڪئي جيڪا سيٺ قيوم خان جي هنئيي سان ٽڪرائجي موٽي پولار ۾ گم ٿي وئي ۽ سيٺ ماٺ ڪري ويهي رهيو.

ڳوٺ جي اڻ کٽندڙ ۽ وڏن مسئلن مان مِٺال جي نوڪري جو مسئلو به ”وڏو“ هو، جيڪو سيٺ جي انهيءَ مهل فراخدلانه فرمان سان حل ٿي ويو. انهيءَ ڏينهن کان مٺال وڃي نوڪريءَ تي چڙهيو ۽ هميران جي اکين جا ٻنجرا ڀڄي پيا. پر آهستي آهستي هر ڪا شيءِ پنهنجي پنهنجي جاءِ والاري وئي.

ڀرئي مهيني کانپوءِ چنڊ تي جڏهن مِٺال ڳوٺ آيو ته سڄو ڳوٺ ورائي ويس، ۽ مٺال تي ڪئين تبصرا ٿيڻ لڳا. سوال ورائڻ لڳا:

”اڀرو ڪوه ٿي ويو آهين؟“

”شهري بابو ٿي ويو آهي؟“

”بتلجي ويو آهي.“

هر ڪنهن لاءِ مٺال الڳ هو پر هُميران ۽ منٺار لاءِ اُهو ئي مِٺال هو، جيڪو هُن هر پل، هر مهل ڏٺو هو. هُميران جي ممتا جي خوشبوءِ هر انگ ۾ پکڙجي وئي، بي کٽڪي ممتا، محفوط ممتا، اکين ۾ عجيب چمڪ ۽ مُک تي بي پناهه اطمينان آڻي ڇڏيو. مِٺال وري آيو هو. هو به پهرين چڪر تي. کانئس نوڪري بابت به ڪئين سُوال ٿيا، پر جواب اهو ئي مليو ته ”صاحب جي حاضري ۾ آهيان.“ ڏينهن لهندا ۽ اڀرندا رهيا، ڪا سائي ڪک ساڻ ڪڪري ڪارونجهر تي نه وري ۽ سيٺ قيوم خان جا ڦيرا هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين تکا ٿي ويا.

”مسٽر مِٺال توهان خوش نصيب آهيو جو اهڙي خطي ۾ رهو ٿا، جتي ڪو ڏوهه ڪونه ٿو ٿئي.“ سيٺ قيوم خان پنهنجي ڦرڻي ڪُرسي کي ٽيڪ ڏئي پائيپ مان ڪش ڪڍندي چيو.

”سائين! جنهن سيم ۾ ڏوهه لِڪن ته انهيءَ کان وڌيڪ ڪو ڏوهه وڏو آهي.“ مِٺال ڇيڙي تي رکيل ڪُرسي تان اٿندي جواب ڏنو.

”ويهه- ويهه، اهو تڪلف مون کي پسند ناهي، پاڻ ڀاءُ آهيون.“ سيٺ قيوم کيس ويهڻ جو اشارو ڪندي چيو.

”جيڪڏهن ڪو مسئلو هجي ته بلاجهجهڪ جي ٻُڌاءِ، ٺيڪ، هاڻي تون وڃي ٻاهر ويهه.“ سيٺ قيوم جي سامهون ويٺل پارٽنر عمران خان ڪنڌ ڦيرائيندي چيو ۽ مِٺال ٻاهر نڪري ويو.

”ته سيٺ عمران خان، اِهو وڌ ۾ وڌ عقلمند ماڻهو آهي، اُن ڳوٺ جو، جيڪو هن جبل جي ويجهو آهي. هاڻي اندازو لڳائي ته اتي ٻين جو حال ڇا هوندو. بس منهن لڳي، ته پَٽ خالي ڪرائي سگهجي ٿو.“ سيٺ قيوم اک ڀڃندي عمران کي چيو.

”ڪمال آهي، هيڏي ڪم عقلي کانپوءِ به اتي ڏوهه ڪرڻ وارا ناهن. جيڪڏهن اسان هاڻي فئڪٽري لاءِ سيڙپ ڪريون ته صحيح آهي. هي نقشو به اچي چُڪو آهي ته هالينڊ مان پٿر جي رپورٽ به پهچي چُڪي آهي. لئباريٽري Best Quality جي تصديق ڪئي آهي. هي رپورٽ هي نقشو.“

سيٺ قيوم ٽيبل تي نقشو پکيڙيندي چيو.

”هاڻي اسان ڊيزرٽ ايريا کان پري فئڪٽري لڳائڻ بجاءِ اُتي ڇو نه لڳايون جتي هي جبل آهي. هي ڊيزرٽ ايريا آهي. هتان کان جبل جي شروعات آهي جيڪا هن نقطي تائين آهي.“ سيٺ قيوم پائيپ جو دونهون ميز تي پکڙيل نقشي تي اڇليندي عمران خان کي نيرو ٽٻڪو ڏسندي چيو.

”هي پٿر جو جبل ناهي سون جو جبل آهي سون جو. ٿر سوني جهرڪي آهي، جنهن جا سالن کان پَر کسجي چُڪا آهن، مسٽر عمران خان!“ ٻنهي جي چهري تي مُرڪ آئي جنهن مان ٽهڪ ٽڙڪاٽ ڪري نڪتا. عبدالقيوم ڳالهائيندو رهيو.

”منهنجي سروي موجب هي جاءِ وڌيڪ سُوٽ Suit ڪري ٿي ۽ فئڪٽري هتي لڳڻ گهرجي.“ ٻنهي جون چار چمڪندڙ اکيون ٽيبل تي پکڙيل نقشي ۾ ڌن جا وهندڙ دريا تلاش ڪرڻ لڳيون. عبدالقيوم سيٺ جي پائيپ جو ڇيڙو هڪ ٽڪنڊي تي اچي بيهي رهيو ”ڏهه ڪروڙ جي سيڙپ اسان کي هڪ سال ۾ ٽي ڪروڙ جو منافعو ڏيندي.

”گڏوگڏ جيڪڏهن اتي جديد ڊيري فارم قائم ڪجي ته ڇا خيال آهي؟“ سيٺ عمران جون اکيون چنجهيون ٿي ويون ۽ چهري تي سواليه نشان اڀري آيا.

”اڄ انڪشاف ٿيو آهي ته هڪ صنعتڪار ٻئي لاءِ وليءَ جي حيثيت رکي ٿو، ڇوته هو پارٽنر جي دل جو راز ڄاڻي ٿو- يا سيٺ عمران خان، عبدالقيوم جي منهن جي ڳالهه کسڻ جو فن سکي چڪو آهي. گڏيل ٽهڪ اٿيو جو ڪمري ۾ ڦري گهري گم ٿي ويو.

”ڪٿي هن علائقي جي ماڻهن لاءِ مقامي ۽ غير مقامي مسئلو ته کڙو نٿو ٿي سگهي. عمران خان پنهنجي اڇن گاڏڙ ڏاڙهي تي هٿ گهمائيندي چيو ۽ سندس نرڙ جا گهنج به پڌرا ٿي پيا.

”جيڪڏهن سرمائيدار مقامي ۽ غير مقامي مزدور جي مسئلي ۾ منجهي پوي ته انهن کي عقل کان خالي شخص چئبو. اهو طئي ٿيل آهي ته غير مقامي ۽ مقامي سرمائيڪار لاءِ بي معنى لفظ آهن. سرمائيڪار اڳيان اهو مسئلو حل ٿيل آهي، يعني هو غير مقامي ماڻهن کي پنهنجي سرمايي جو بهترين محافظ سمجهي ئي سيڙپ ڪري ٿو. ڪمپني جي فئڪٽري کي اهڙن ماڻهن جي قطعي ضرورت ناهي جنهن جو هڪ نمونو تون ڏسي چڪو آهين. مون سالن کان ڊوڙندڙ اهو جائزو ورتو آهي. سرمائيڪارانه پروجيڪٽ کي تباهه ڪرڻو آهي ته مقامي ماڻهن کي رعايتون ڏيو. اسان کي سرمايو تباهه ناهي ڪرڻو. آءٌ اتان جي ماڻهن جي نفسيات کي چڱيءَ طرح سمجهي سگهان ٿو. اسان کي هتي غير مقامي ماڻهن لاءِ بستي قائم ڪرڻي پئي ته ڪنداسين، پنجاهه هزار غير مقامي انسانن جو سمنڊ تنهنجي منهنجي لاءِ ضمانت آهي.“

”۽ ڏهن مقامي ماڻهن جو وجود تنهنجي منهنجي گڏيل سرمايي لاءِ زهر آهي.“ سيٺ عمران خان ڳالهه ڪٽيندي چيو.

”جيڪو پئسو پنجاهه هزار ماڻهو آباد ڪرائي سگهو ٿو، اهو پئسو سوين مقامي وجود هٽائڻ جي طاقت به رکي ٿو.“ سيٺ قيوم جواب ڏنو.

”ٺيڪ آهي- آءٌ او-ڪي ڪريان ٿو. پر منهنجي گهٽ توجه لاءِ معذرت چاهيندس ۽ تجويز ڏيندس ته فلاحي تنظيم جي مرڪزن کي Active وڌيڪ ڪريو.

”اها ته مون سڄي پلاننگ ڪري ڇڏي آهي.“

مٺال ۾ ساڳي ارڏائپ اڃا موجود هئي. چڱو خاصو وقت شهر ۾ رهي ٿيو هو. ٻاڙي ٻاڙي سان سندس سڃاڻ هئي. ڪمپني جي ٽيمن سان گڏ مٺال شهر کان ٻاهر به ويندو رهندو هو، پر ڪنهن سان پوندي ڪانه هئي. سندس مزاج ۾ رکائي ۽ شڪ عجيب عجيب لڳندا هئا. سيٺ کان سواءِ ڪنهن کي به ڏڙهي (رهڙ ڏيڻ) ڏيندي ڪونه گسندو هو. جنهن به ٽيم سان مٺال ٻاهر ويندو هو ۽ ورندو هو ته ڪنهن نه ڪنهن ميمبر کي ضرور کانئس ڪا شڪايت هوندي ئي هوندي هئي ۽ مٺال کي ”مٿي ڦريل“ ”مغرور“ قرار ضرور ڏنو ويندو هو. هڪ ڀيرو ته ٽيم جي فوٽو گرافر سان ڏند چڪ ڪري اهڙي ته مٿي واري مُڪ وهائي ڪڍيائين جو سيپڪڙو ٽي-بي جو مريض فوٽو گرافر گهوماٽجي اچي ڪريو. ڦڏو وڏو ٿي ويو. ٽيم جي ميمبرن هن کي گڏ کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان ڏينهن کان پوءِ مٺال جو ٽيم سان وڃڻ بند ٿيو ۽ آفيس ۾ ئي رهڻ جو حڪم جاري ٿيو.

مٺال کي ڏسي سيٺ قيوم کي ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيل ڪو اهڙو جنگي ڪردار ياد اچي ويندو هو، جنهن جو وار ڪوبه سپاهي گسائي نه سگهندو هو ۽ جنگي ميدان جي مارا ماري واري پڙ ۾ ڪڏي پوڻ جو جنون هوندو هو. مٺال جي ماٺ ۾ ڦرندڙ اکيون، بي مرڪ چپ ۽ رکائي سيٺ کي شڪي ڪرڻ لاءِ ڪافي هئا. پر وري به هن جي اڻ ڄاڻائي کيس تسلي ڏيندي هئي. هو پنهنجي فيڪٽري جا بنياد سڃ جي اڃ ۽ بک ۾ ويتر مضبوط ٿيندي ڏسندو هو ۽ لڳاتار سوچيندو رهندو هو.

ٿر وسي ٿر ٿي پيو. سڄي ملڪ تي ڪڪرن ڪارون ڪري ڇڏيون. ٻاڙي به سڪي ڪونه رهي هئي. لڏا مُرڪندا ڏٻرن چهرن سان واپس وريا پئي. ڪن کي پڄڻ جو، ڪن کي اچڻ جو انتظار. اوسيئڙا جيئن پوءِ تيئن ختم پئي ٿيا. تپندڙ واري هر  ڪنهن لاءِ سڄڻ جي نيڻن ۽ ڪنوار جيئن ڍڪجي وئي هئي. چڙن ۽ چنگن جا آواز نئين روح ۽ رنگ سان اٿڻ لڳا. اسر ويل ڪنجهي جي لوٽين ۾ کير جي ڪرندڙ گوهن جو ترنم ۽ سنگيت موٽي آيو. ماٽين جي جهيرڻن ۽ مَڌين جي آواز جي لَئي به وري آئي. ويل مال ٽاڏيون ڏيندي ٽپندي ڪڏندي پهچي ويو. برسات يڪي سالن جي ڪسر ڪڍي هئي. مٺال جو ڪاڳر به پهتو ته سگهو اچڻ ٿيندو.

هُميران جي سدائين جيئن هينئر به اَسر جو اک کلي. چانهه ڪاڙهي ڪوپ ڪٽلي منٺار جي حوالي ڪري وڃي نيئهيري ۾ ابتي ٽنگيل چروڙي بسم الله ڪري کنئي ۽ ڳوٺن ڏانهن وري. ڪنجهي جي لوٽي جي خالي تري ۾ ڪرندڙ گوهن جو آواز پهرين تيز تيز پوءِ ڍرو ٿيڻ لڳو. ڍڳيءَ جي چڙي اڃان به آواز کي دٻي ٿي ڇڏيو. منٺار چانهه سُرڪ ڀري وڃي مال اٿاريو. سج لياڪا پائيندي پنهنجا سونا ۽ چاندي جهڙا ڪرڻا زمين تي وڇايل سائي چادر تي اڇلي ڇڏيا. ايستائين ٿر آرس ڀڃي اٿي چڪو هو.

مِٺال فروٽ جا ٻه ٽي کوکا ٽويوٽا ۾ وجهي، ٻه وڏا ڪولر کڻي پجارو ۾ وڌا. ”ماروئڙا انٽرپرائيزز“ جو ٽن گاڏين تي مشتمل گروپ وُٺي کانپوءِ پهريون ڀيرو اُسهيو هو، ۽ سيٺ قيوم به گروپ ۾ وڃي رهيو هو.

مِٺال جون پُر معنى نگاهون گروپ جي هر ماڻهوءَ جي اڳ پٺ، ننهن چوٽي تڪي رهيون هُيون.

”وسيل ٿر جي خوشي مون کي هئڻ گهرجي پر هيڏي خوشي هنن کي ڇو آهي؟ هُن سوچيو، مِٺال جي روح جون پاڙون جُڳن بُکي ڏکي ٿر جي ٿوهرن، لامن، ليارن سان ڪونڀٽ جيئن کتل هيون ته مينهن جي نيهن جون ميخون به من ۾ هيون. تتل ٿر ۽ ٺريل ٿر هُن جي وجود جو ايڪو هئا. پر هُن بي پاڙي ول کي پنهنجي روح جي ساون وڻن تي چڙهندي ڏسي ۽ محسوس ڪري ورتو هو. هُن جون سوچون ڪاري دونهدار روڊن، آڪاس کان اوچين عمارتن تان اڏامندي وڃي ڪارونجهر جي چوٽي تي پهتيون. هر سوچ ۾ کُٽڪو سمايل هو. هُن جو هر خيال هر پٽ، هر ڪنهن لَڪ، ۽ ڪارونجهر جي پناهه واري پاٻوهه کي مضبوطي سان ڀاڪرين پيل هو. کيس ڪارونجهر سندس پيرن هيٺان کسڪندي محسوس پئي ٿيو ته ڪنهن مهل ڀٽون ويڙهندي محسوس ٿي ٿيون. هُن ڪنڌ لوڏي خيالن کي ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪڍي نه سگهيو. گاڏيون ڏامر جا ڪارا ويڪرا رستا ڇڏي سوڙهن ڪارن رستن تان ڊوڙڻ لڳيون. اُهي به کٽا ته ڀٽن تان هلڻ لڳيون. جيپون ڏينهن شينهن جو سينو چيريندي ڌرتي جي ڇاتي لتاڙيندي اڳتي وڌي رهيون هيون، مِٺال سيٺ قيوم جي ايئرڪنڊيشنڊ گاڏي ۾ ويٺل هو. ڪارن ڪڪرن جي چادر ڌرتي جي سائي چادر کي وڌيڪ گهرو گهاٽو ڪري ڇڏيو هو. سيٺ گاڏي جا شيشا هيٺ ڪري ايئرڪنڊيشنڊ بند ڪري ڇڏيو. رفتار کي ٿر جي ساوڪ ڪامڻ ڪري ڇڏيا هئا ۽ گاڏي آهستي هلڻ لڳي هئي. سيٺ هوا جي جهوٽن تي چپ چوري ڪنهن پراڻي غزل کي هلڪي آواز ۾ جهونگاري رهيو هو. هن يورپ ۾ چاندي جيئن وسندڙ برف کي به ڏٺو هو، سئٽزرلينڊ جو صبح ۽ ساوڪ سان گڏ لنڊن جون الائي ڪيتريون شامون ۽ ٽيمس درياءُ تان لهندڙ سج ڏٺا هئا، پر جڏهن گاڏي ڀٽ جي چوٽيءَ تي پهتي ته سڀن خوبصورتين جون يادون هن سونهن ۽ حُسن کي پيرين پوندي ٿي تصور ۾ آيون.

”مسٽر مٺِال، توهان جو ٿر ايڏو خوبصورت ڇو آهي؟“

”سُور به گهڻا آهن نه“ سيٺ جو ايڪسيلٽر تي پير ڍرو ٿي ويو. هُن ڪنڌ ورائي مِٺال کي ڏسي مُرڪي وري رفتار وڌائي ڇڏي. گاڏي جا بي خبر ڦيٿا ڦرندي اچي ڳوٺ ۾ بيهي رهيا، پر هي ڇا؟ ماڻهن جو ميڙ ئي ناهي؟ سيٺ قيوم جي دماغ جي گهنٽي وڄڻ لڳي. ڪا پهر هتي موجود نه هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com