منٺار سولنگي
غزل
منهنجي من جي مندر ۾، يادن جا ديپ جلايا آهن،
بن بادل جي نيڻ اسان جا تڏهن ته ڀرجي آيا آهن.
صحرا صحرا بستي بستي، نگر نگر جي خاڪ اڏائي،
رُلندي رُلندي پنهنجا سارا رستا پاڻ وڃايا آهن.
پَن ڇَڻ جي موسم کان پوءِ خالي جيون وڻ کي ڏسندي،
طوفانن ڀي پنهنجا هاڻي سارا رخ مَٽايا آهن.
پيار ڪيو هو پور مليا، ناسور مليا،
قرب ڪري هن پيار اسان سان ساٿي مور ملايا آهن.
گهڙيءَ گهڙيءَ ۾ گهاءُ ڏنئي پل پل جي پيڙا سان گڏ،
پوءِ به هن ”منٺار“ پرين تنهنجا پنڌ پڇايا آهن.
مارڳَ مرن جي، ورَ تنين کي ويجهڙو،
هَي هَي هو تن کي، ٿني ارمان انهن جو.
مارَڳَ مرڻ آهه، گهوريو جيڻ جيڏيون،
پير نه پويون پاءِ، عاشِق مَرُ اڳي ٿئين.
مارڳُ آهي مرڻ، جيڏيون هن جيڻ کون،
وس ويچاريءَ ايترو، ڪوڪان ڪانڌ ڪرن،
ٻاروچا ٻُرڻ، ٿيو ڪم ڪوهيار جو.
مارَڳ مران شال، دعا ڪريجو جيڏيون،
هوت ههڙي حال، مانَ مٿان مون هٿ ڏئي
- سچل
مقالا
”ڪنهن هڪڙي خاص موضوع يا فن جو مطالعو، طالبعلم کي
فقط انهيءَ هڪڙي پاسي جي ئي خبر ڏئي ٿو. مثلاً،
جيڪڏهن ڪو علم جي ميدان جو پانڌيئڙو جنگي فن ۾
ماهر آهي؛ ته هو رڳو انهيءَ ئي ڪم ۾ ڪامل هوندو:
پر ان سان گڏوگڏ جيڪڏهن هو تاريخ، فلسفي، ادب، ۽
زندگيءَ جي ٻين ضروري علمن کان به واقف ٿي وڃي، ته
جيڪر اهي علم، هُن کي وڌيڪ روشني بخشيندي، انهيءَ
لائق بنائي سگهن ٿا، جو هو پنهنجي خاص مهارت واري
ڪم ۾ به ڪيتريون ئي وڌيڪ اصطلاحون ۽ سڌارا آڻي
سگهي. انسان جي ارتقا به، منزل بمنزل، ان طرح پئي
ٿي آهي، جو مختلف ڪاملن ۽ اڪابرن هڪ سان ٻي، ۽
ٻيءَ سان ٽي شي ڀيٽي، نيون نيون شيون جوڙي، انساني
تهذيب ۽ تمدن کي تهائين وڌيڪ روشن ڪرڻ جي پئي ڪوشش
ڪئي آهي. جيڪڏهن فيلسوف رڳو حڪيم ’ارسطو‘ جي فلسفي
کي ئي چهٽيا رهن ها، ته فلسفو يا حڪمت اڃا شايد
ٻارن واري گول- ڦيريءَ- راند کان اڳي ڪانه اڪري
ها. مختلف علمن جون ايتريون ساريون ترقيون فقط نظر
جي وسعت ۽ اونهي اڀياس جي ڪري ئي ٿيون آهن. ڪنهن
هڪڙي فن ۾ ماڻهوءَ جو ماهر ٿيڻ برابر ڪاميابيءَ
لاءِ ضروري آهي؛ پر سندس اهڙيءَ تعليم کي ٻين علمن
جو مطالعو ۽ ٻي عام معلومات پاڻ وڌيڪ پختو ۽ ڪارگر
ڪريو ڇڏين. تنهنڪري پنهنجي مخصوص علم يا فن جي
دائري کان ٻيءَ عام معلومات جا جيڪي بي شمار املهه
ماڻڪ هر طرف پکڙيا پيا آهن، تن کي نظرانداز ڪري،
پنهنجي ئي علم يا فن ۾ ذهن کي دفن ڪري ڇڏڻ، سچ پچ
ته هر معنى ۾ پنهنجي علمي آپگهات جي برابر آهي!“
-ڪتاب ”آرٽ آف لِونگ“ تان ورتل اقتباس.
فردوسي ۽ شاهنامي جو سنڌ تي اثر
سيد حسام الدين راشدي
ترجمو: عبدالرسول قادري
]جناب
سيد حسام الدين راشدي مرحوم جو هي پيپر تازو اسلام
آباد مان نڪرندڙ رسالي ”دانش“، نمبر 11 (سرءُ
1366، هجري شمسي) ۾ ڇپيو آهي. هي مقالو شايد سال
1975ع ۾ ڪنهن ڪانفرنس لاءِ لکيو ويو، ليڪن پير
صاحب جي حياتيءَ ۾ ڪٿي به نه ڇپيو هو. سنڌ جي ادبي
تاريخ ۾ هن مقالي جي اهميت سبب ان کي سنڌي پڙهندڙن
لاءِ ترجمو ڪيو ويو آهي. اصل ڇپيل پيپر جي ڪاپي
دوست غلام محمد لاکي مهيا ڪئي ۽ پڻ ترجمي جي ڪم تي
نظرثاني ڪندي، ان تي ڪي اهم حاشيا به شامل ڪيا.
- مترجم[
سنڌ صدين کان فارسي ٻولي ۽ ادب جو مرڪز پئي رهي
آهي. شعر ۽ سخن، تصنيف ۽ تاليف جو به فارسي زبان ۾
گهڻو رواج هلندو رهيو. عام ماڻهن جي زندگيءَ تي به
فارسيءَ جو گهرو اثر رهيو آهي. اڪثر ڪري علمي
گفتگو، سوال جواب، خط و ڪتابت توڙي بحث مباحثا به
فارسيءَ ۾ ٿيندا هئا. ايران ۽ ٻين ملڪن وانگر سنڌ
۾ به سعدي، رومي، فردوسي ۽ حافظ جو وڏو رتبو ۽ اثر
رهيو آهي، ايتري تائين جو انگريزن جي تسلط کان اڌ
صدي پوءِ به انهن شاعرن جو نالو ۽ ڪلام محفلن ۽
مجلسن جو سينگار هو. جيتوڻيڪ زمانو بدلجي ويو آهي
۽ ماڻهو فارسي به نه ٿا ڄاڻن، پر اڄ به سنڌ ۾ انهن
ادب جي استادن جو نالو وڏي ادب ۽ احترام سان ورتو
وڃي ٿو.
سعدي، مولوي (رومي)، نظامي، جامي ۽ حافظ جو سنڌ ۾
ڪيترو اثر آهي، اهو هڪ اهڙو سوال آهي، جنهن مان هر
هڪ تي جدا جدا گفتگو ڪري سگهجي ٿي. بهرحال اڄ هن
مجلس ۾ سنڌ تي فردوسي ۽ سندس شاهنامي جي اثر متعلق
ڳالهه ٻولهه ڪبي.
سنڌ جا ماڻهو بهادر، جنگجو، غيرت مند ۽ پنهنجي
تاريخ جا دل سان عاشق آهن. انهن جي تاريخ ئي سندن
جنگي داستانن سان ڀرپور آهي ۽ ڏيکاري ٿي ته انهن
دشمنن جي آڏو وطن جي خاڪ جو ڪيئن دفاع ڪيو، پر
سندن شعر پسندي ۽ لوڪ ادب به تاريخي داستانن سان
ڀريل آهي؛ جنهن ۾ به تيرن، تلوارن ۽ هٿيارن
پنهوارن جو ذڪر آهي. انهن داستانن ۽ بهادرن جي
يادگارن مان ظاهر آهي ته سندن ذهني ۽ فڪري پرورش
به ساڳي ريت ٿيل آهي. اها به فخر جي صورت آهي ته
اهڙي علمي ادبي ذوق شوق سان گڏ هن ملڪ جا ماڻهو،
پنهنجي تاريخ ۽ روايتن کي عزيز رکن ٿا ۽ گڏوگڏ
فردوسي ۽ سندس شاهنامي کي پنهنجي لاءِ مشعل راهه
سمجهن ٿا ۽ سندس شاعري ۽ روايتن مان فال به ڪڍن
ٿا.
هاڻي ڪجهه وقت اڳ ڪيترن ئي اهل سخن کي شاهنامي جو
ڪونه ڪو حصو ياد هوندو هو. ان جي رزم آرائيءَ جون
ڳالهيون ڪندا ۽ داد شجاعت ڏيندا هئا. انهن مان
هڪڙا جنگي داستان سنڌي ٻوليءَ ۾ پڙهندا هئا ته ٻيا
وري شاهنامي جا فارسي شعر ياد پڙهندا هئا. اهڙيءَ
ريت پنهنجي بهادري ۽ دفاعي طاقت کي ياد ۽ زنده
رکندا هئا. سخندان ته سڄو شاهنامو ياد ڪندا هئا.
ادبي تاريخ ۾ انهن کي ”شاهنامي جا حافظ“ جي لقب
سان به ياد ڪيو ويو آهي. ٺٽي شهر ۾ فارسي گو شاعر
لالـــﮧ آسارام کي سڄو شاهنامو ياد هو (1).
شاهنامي جو بحر خوش رنگ ۽ وڻندڙ آهي، ان ڪري هي
وزن سنڌ ۾ تمام گهڻو پسند هو. ٺٽي جي هڪ ٻئي عالم
ابوالبقا وري سعديءَ جي فارسي ڪتاب گلستان کي
متقارب مثمن مقصور بحر ۾ آندو هو (2).
سن 999 هجري ۾ عبدالرحيم خانخانان سنڌ ۾ آيو ته
جيئن ان کي ترخانن جي قبضي مان آجو ڪري، اڪبر جي
بادشاهيءَ ۾ شامل ڪري. علامه ابوالفضل جا ڪجهه خط
پهتا، جن ۾ تاڪيد ٿيل هو ته ان وقت شاهنامي جو
اڀياس ضروري هو (3). انهن مان هڪ خط ۾ ابوالفضل
لکي ٿو:
”توهان جي مجلسن ۾ ظفرنامـــﮧ، شاهنامـــﮧ ۽ چنگيز
نامـــﮧ جو ذڪر هجي. جنگ وقت اخلاق ناصري، مڪتوب
شيخ شرف منيري، خاقاني ۽ حديقه پڙهڻ جي ضرورت
ڪانهي، ڇو ته انهن ڪتابن ۾ دنيا جي ترڪ ڪرڻ جي
گفتگو ڪيل آهي ۽ اسان جو واسطو وري دنيا جي بزم
ڪثرت...“ (4).
ظاهر آهي ته لڙائيءَ جي ڏينهن ۾ ۽ جنگ جي وقت
شاهنامي کي پڙهڻ لازمي سمجهيائون ٿي. ان جو سبب
اهو ئي آهي ته شاهنامي جي پڙهڻ سان احساس ۽ جوش ۽
ارادي ۾ پختگي پيدا ٿئي ٿي. شاهنامو بهادرن کي به
جرئت ڏياري ۽ همٿ وڌائي ٿو.
حقيقت ۾ سنڌ جي علمي، ادبي ۽ شخصي محفلن جي رونق
وڌائڻ ۽ مجلسن مچائڻ ۾ شاهنامي جو مکيه ڪردار آهي.
اهي محفلون ۽ مجلسون سومهڻيءَ نماز کان پوءِ اڌ
رات تائين متل هونديون هيون. ڪڏهن سعدي ۽ ڪڏهن
حافظ، پر زياده ۽ گهڻو ڪري ڪچهرين جو موضوع
شاهنامو ئي رهندو هو. البته صبح جي وقت روميءَ جي
مثنويءَ کي قرآن مجيد جي تلاوت کان پوءِ وڏيءَ
عقيدت ۽ محبت سان پڙهندا هئا.
ٽالپور حڪمرانن جون محفلون ته گهڻو ڪري شاهنامي
سان ئي آباد هونديون هيون. مير فتح علي خان
ٽالپور، جنهن سنڌ جي حڪومت ڪلهوڙن سان جنگ ڪري
ورتي هئي، پنهنجي جنگي ڪارنامي کي شاهنامي جي
حڪمرانن ۽ ڪارنامن جي برابر ٿي سمجهيو ۽ پنهنجي
ملڪ ۾ شاهنامي جي پڙهڻ کي رواج ۾ آندو (5). جيسين
”فتح نامه“ لکجي تيار نه ٿيو هو، سندس مجلس ۾
شاهنامو ئي پڙهيو ويندو هو. مير مفتح علي خان
ٽالپور جي فتح ۽ ڪاميابين کي، جڏهن مير عظيم الدين
ٺٽوي شاهنامي جي بحر ۾ ”فتح نامه“ نالي ڪتاب ۾
لکيو، تڏهن به شاهنامي جو پڙهجڻ پنهنجيءَ جاءِ تي
اهم هو. ان بعد به شاهنامو ۽ فتح نامو ئي موضوع
سخن بنيا رهيا. ڊاڪٽر برنس لکي ٿو:
”پاڻ شاعر کي مقرر ڪيائين... ته سندس ڪارنامن کي فردوسيءَ وانگر شعر ۾ آڻي ۽
’فتح نامه‘ کي ان جهڙو شاهڪار جاودان سڏيو... هاڻي
دربار ۾ فتح نامو پڙهجي ٿو ۽ ڪي درٻاري ان مان
وڻندڙ شعرن کي بر زبان ياد به ڪن ٿا (6).“
جنهن وقت ٽالپورن جو حڪمران گهراڻو سٺ سالن جي
حڪومت کان پوءِ 1843ع ۾ انگريزن هٿان زوال پذير
ٿيو، تڏهن شاهنامي پڙهڻ جو ويتر رواج وڌي ويو، ڇو
ته نا اميدي ۽ پريشانيءَ جي حالت ۾ شاهنامي جا قصا
تنهائي دوران دلجاءِ ۽ قرار ڏيندڙ هئا. ايران جي
دليرن جي ڪارنامن، ميرن کي دلداري ٿي ڏني، ته هڪ
ڏينهن هٿ مان ويل حڪومت وري موٽي ملندي. قيد ۾ بند
ٿيل مير صاحبان، جي اڃا حال حيات هئا، سي شاهنامو
ئي پڙهندا هئا. هيءُ سلسلو ڳچ وقت هليو.
ڪجهه روايتون:
سنڌ جي تاريخ ۾ فردوسي ۽ شاهنامي جي باري ۾ ڪجهه
روايتون ملن ٿيون. انهن جو احوال هيٺ ڏجي ٿو.
مير نصير خان ٽالپور تخلص جعفري (وفات 1261هه)
(7)، فردوسيءَ جي هن بيت:
هر آنکس کـــﮧ شهنامـــﮧ خواني کند
اگر زن بُودَ، پهلواني کند
(جيڪڏهن عورت شاهنامو پڙهي ته به بهادري ڪرڻ
لڳندي) جي جواب ۾ چيو آهي:
هر آنکس کـــﮧ خود پهلواني کند
چـــﮧ حاجت کـــﮧ شهنامـــﮧ خواني کند (8).
(بهادر انسان کي شاهنامي پڙهڻ جي ضرورت ڪانهي.)
مير صاحب جي طرز فڪر ۽ روانيءَ کي هنن مان ئي ڏسڻ
گهرجي، جو پاڻ شاهنامي جيڏو ضخيم ڪتاب ”مختار
نامه“ جي نالي سان تصنيف ڪيائين (1241 هه) (9).
سيد ثابت علي شاهه (وفات 1225 هه) ٽالپوري دربار
جو مرثيه گو شاعر هو. خليل ٺٽويءَ جي قول موجب،
پاڻ فردوسيءَ جي هن شعر:
سپر بود بر پشت شـــﮧ ڪامياب
چو ابر سيـــﮧ، حايل آفتاب
(ڪامياب بادشاهه جي پٺ تي ڍال ائين آهي، جيئن ڪارو
ڪڪر سج جي سامهون اوٽ هجي.)
جي جواب ۾ ان طرز جو شعر چيو ۽ گوءِ کڻي ويو:
سپر بود برپشت زوج بتول
چو مهر نبوت بـــﮧ دوش رسول (10)
(حضرت علي رضه
]زوجه
بتول[
جي پٺ تي ڍال ائين هجي، جيئن رسول ڪريم صلعم جي
ڪلهي تي نبوت جي مهر).
خبر ناهي ته همعصر ايراني اديبن هن بيت کي ڪهڙيءَ
نظر سان ڏٺو، پر سنڌ ۾ هيءَ خبر پهتي جا خليل جي
زباني ٻڌو: ”جڏهن هي ماڻهو ايران پهتو ته انهن کي
حيرت وٺي وئي چيائون ته سنڌ جو ڄائو ڪيئن فردوسيءَ
جي رتبي کي پهتو؟“ (11).
سچ يا ڪوڙ، پر هن عبارت مان ظاهر ٿئي ٿو ته
فردوسيءَ سان برابري جيتوڻيڪ هڪ بيت ۾ آهي، پر
ڪمال جي ڳڻي سگهجي ٿي. ان ريت ٻين شاعرن به هن
ميدان ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي. خليل ٺٽوي ”يد بيضا“
مان صائب، شفائي ۽ مير محمد مراد هنديءَ جي تتبع
جا مثال ڏنا آهن ۽ آخر ۾ پاڻ به فردوسيءَ جي
پيرويءَ ۾ هي بيت چيو آهي:
بفر مود تار خش را زين کند
دم انـــدر دم نــاي زرــن کند (فردوسي).
ــ
بگفتا کـــﮧ براسب زين را نهند
نـــﮧ زين، بلکـــﮧ کشتي بـــﮧ دريا لهند (خليل)
(12).
ٽالپورن کان اڳ ۾ به اهو رواج هو ۽ سنڌ جي ادبي
تاريخ ۾ فردوسيءَ جي پيروي لاڳيتو هلندڙ هئي، جنهن
وقت ميان نورمحمد ڪلهوڙن جو حاڪم گذاري ويو ۽ سندس
پٽ محمد مراد ياب خان تخت تي ويٺو، تڏهن منشي چتر
ڀوڄ (وفات 1171هه) مادهء تاريخ فردوسي
جي هن مصرع مان ڪڍيو:
تقلب نيست در مصرع فرودسي
کـــﮧ مرگ خربود سگ را عروسي (13).
ابراهيم خليل مؤلف تڪلمة مقالات الشعرا، پنهنجي
مقدمي ۾ فردوسيءَ بابت هڪ لطيفو بيان ڪري ٿو:
”شاهنامي جي مقدمي ۾ نقل ٿيل آهي، ته ڪنهن بزرگ
فردوسي طوسيءَ کي خواب ۾ ڏٺو ته هو بهشت جي باغن ۾
گهمي رهيو آهي. ان بزرگ کانئس پڇيو ته هي شرف ڪيئن
مليو اٿئي؟ فردوسي چيو ته الله تعالى جي حمد ۾ بيت
چيو هوم، جو رب پاڪ جي بارگاهه ۾ قبول پيو ۽ هي
فائدو پيو ۽ اهو هن ريت آهي:
جهان را بلندي و پستي تو اي
ندانم چـــﮧ اي هر چـــﮧ هستي تواي
(جهان جي بلندي ۽ هيٺاهين تون ئي آهين. نه ڄاتم ڇا
آهين، سڀڪجهه تون ئي آهين).
ستايش کنم ايزد پاک را
کــــﮧ گويا و بينا کند خاک را
ـــ
بــﮧ موري دهد مالش نّره شير
کند پشــﮧ بر پيل جنگي دلير
شايد جدا جدا خواب آهن، جو هڪ ۾ هو بيت پڙهيائين ۽
ٻئي ۾ هي ٻه بيت چيائين (14).
جيتوڻيڪ سنڌ جي شاعرن ڪجهه مثنويون شاهنامي جي بحر
کان سواءِ ٺاهيون آهن، پر هر جاءِ تي انهن
فردوسيءَ جو نالو ادب ۽ احترام سان ورتو آهي. مثال
طور مير عظيم الدين ٺٽوي پنهنجي مثنوي ”هير
رانجهو“ جداگانه بحر ۾ ٺاهي آهي. چوي ٿو:
گر از فروس آيد روح طوسي
بــﮧ بزم دل درين جشن عروسي
خط تهنيتش در محفل شاه
نويسانم بــﮧ مهر مهر تا ماه (15).
سنڌ جي ليکڪن پنهنجي ڪتابن ۾ فروسيءَ جي شعرن کي
تضمين ۽ مثال طور به آندو آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي
ٿو ته سنڌ جي شاعرن ۽ مصنفن جي فڪر تي فردوسي ڪهڙو
نه اثر چٽيو آهي. تنهن کان پوءِ هي سڀ مثال ان جو
دليل آهن ته مصنفن ۽ شاعرن جابجاءِ پنهنجي تائيد
لاءِ شاهنامي مان شاهد طور مثال ڏنا آهن. ”مظهر
شاهجهاني“ سنڌ جي سياسي تاريخ ”سياست نامه“ وانگر
آهي، ان جي پهرئين جلد ۾ ملڪداري ۽ سلطنت جا آداب
ڏنل آهن. مصنف ڪيترين جاين تي فردوسيءَ جي شعرن
مان به استفادو ڪيو آهي.
فردوسيءَ جي طرز جي پيروي
سنڌ جي شاعرن فردوسيءَ جي نموني ۽ تتبع تي گهڻيون
مثنويون چيون آهن، جي گهڻو ڪري ڪلهوڙن جي دور کان
انگريزن جي اوائلي زماني تائين جون آهن. هن ئي دور
۾ هت فارسيءَ جو گهڻو رواج هو. جيتوڻيڪ گهڻيون
مثنويون زماني جي ڏاڍاين کان محفوظ نه رهيون آهن،
البته جن تائين اسان جي رسائي ٿي سگهي آهي، انهن
جو تذڪرو هيٺ ڪجي ٿو.
(1) نامــﮧ نغز (1155 هه) از علي خائف:
هن مثنوي ۾ 6473 بيت آهن. محمد خدا يار خان عباسي
ڪلهوڙن جي زماني ۾ لکي وئي ۽ ان ۾ نادر شاهه جي
سنڌ ۾ اچڻ جا اکين ڏٺا واقعا تفصيل سان ڏنل آهن.
هي مثنوي تاريخي واقعن سان سينگاريل آهي. هن مثنوي
۾ گهڻا واقعا اهڙا آهن، جي تاريخ جي متعدد ڪتابن ۾
به موجود ڪونهن. هن مثنويءَ ۾ نادر شاهه جي باري ۾
جيڪي شعر آهن، اهي مون ”منشورالوصيت“ ۾ ضميمي طور
شامل ۽ شايع ڪري ڇڏيا آهن. مثنويءَ جي ابتدا هن
ريت آهي:
خدايا تو اي آفريننده جان
تو داننده آشکار و نهان
ز تو شادماني ز تو غم بود
ز تو برفزوني ز تو کم بود
پڄاڻي هن ريت آهي:
زمين را ز اسپان ز غم در ستوه
زسم ستوران دزم دشت و کوه
عنان سپــﮧ گر بــﮧ ايران کنم
بلشکر، زمين، کوه ويران کنم
۽ فردوسيءَ بابت هن ريت چيل آهي:
چو ديدم بمردانگي استوار
دلاوردم از کار او در نگار
کــﮧ بندم بــﮧ نامش يکي نامــﮧ يي
گرانمايــﮧ گوهر چو، ’شهنامــﮧ‘ يي‘
چــﮧ گفتــﮧ است داناي ديرينــﮧ طوس
بيار است ’شــﮧ نامــﮧ‘ چون نو عروس
بدور سپــﮧ دار محمود شاهه
کــﮧ او بود با تاج و تخت و کلاه
شــﮧ غزنوي شاهه نيکو نهاد
زهي نام محمود فرخ نزاد
پزو هندگي را بيار است کار
بــﮧ..... هو شمندان ديار
بگيتي نهان دوست بودش يکي
ورا بود از موبدان سال خرد
يکي چند اجزابي پيشش ببرد
چوديد ان خرد مند روشن نهاد
گذشتــﮧ زمان را زسر کرد ياد
بگوهر شرفنامــﮧ را کند کرد
عجم را بدين پارسي زنده کرد
ازو گشت روشن دلي هوشمند
کــﮧ برخواند ديرينــﮧ اجزايي چند
سخن را بسنجند از هر دري
زهر موبدان و زهر کشوري
بسي راز هاي نهان کرد باز
پراکنده گفتار را داد ساز
چــﮧ گفت آن گرانمايــﮧ شيرين سخن
بــﮧ شهنامــﮧ فردوسي راي زن
نخستين خد يوي کــﮧ کشور کشود
سر تاجداران کيو مرث بود
ـــ
سخن گوي فرودسي هوشمند
بلندي گرفتــﮧ ز راي بلند
پسنديده هر گوهر و لعل و دُرّ
ببرد آن شرفنامــﮧ را کرد پر
گرانمايه گوهر بتاراج برد
پس افتاده بر ديگران بر سپرد
بگفت آن کــﮧ بودش سخن دلپذير
بخوانندگان گشت ور بينظير
ــــ
پس آن گــﮧ شد اين نامــﮧء ارجمند
کزو گشت خوانند گان فيض مند
مرا آرزو در دل آمد يکي
کــﮧ سازم يکي نامــﮧء بي شکي
چو ’شهنامــﮧ‘ ديدم سکندر دگر
پسند آمدم در دل پرهنر
کــﮧ بندم يکي نامــﮧ يي از نگار
بنام خدا يار خان نامدار
بدين داستان شغل را ساختم
يکي ’نامــﮧء نغز‘ پرداختم
بعهد خدا يار خان شير نر
سپــﮧ دار عباسي نامور
هزار وصد و سال و پنجاهه و پنج
کشيدم سـﮧ سال اندرين نامـﮧ رنج (16).
هي ڪتاب جيتوڻيڪ شاهنامي جي تتبع تي لکيل آهي،
تاهم ان جي فارسي ڪمزور ۽ شعر ڪچو آهي.
(2) حملــﮧء حسيني (1163هه) از محسن ٺٽوي (وفات
1163 هه):
حقيقت ۾ هي مثنوي حملــﮧء حيدريءَ جو تڪلمه يا
ضميمو آهي ۽ ڪربلا جي سانحي کي نظم ۾ آندو ويو
آهي. هن مثنويءَ جو ٻيو نالو ’اعلام ماتم‘ آهي. هن
مثنويءَ جو بحر شاهنامي جو بحر متقارب آهي.
ابتدا:
سپاس خرد صانع پاڪ را
همان جان دهي پيڪر خاڪ را
(پيدا ڪندڙ پروردگار جو شڪر آهي، جنهن مٽيءَ جي
بوتي کي جان بخشي).
پڄاڻي:
ڪــﮧ تا ڪرد مختار ثقفي خروج
ڪنون حال اورا ببخشم عروج
(مختار ثقفي خروج ڪيو. هاڻي ان جي حال کي عروج
بخشيم).
مختار جي داستان جو آغاز اڃا مس ٿيو هو، ته پاڻ
شاعر هن جهان مان موڪلائي ويو ۽ هن اڌوري مثنويءَ
کي مير علي شير قانع ٺٽويءَ ”مختار نامه“ جي نالي
سان پورو ڪيو. حملــﮧء حسينيءَ ۾ 9 هزار بيت آهن
(17).
(3) نادر نامــﮧ يا شاهنامــﮧ قادري (1172هه): هي مثنوي فردوسيءَ جي شاهنامي جي طرز تي چيل آهي ۽ ان جو شاعر
معلوم ڪونهي. ساڳئي نالي سان هڪ وڌيڪ ’شاهنامه
نادري‘ محمد علي طوسيءَ جو به لکيل آهي، جيڪو
انجمن آثار ملي ايران طرفان شايع ٿيل آهي. شاعر
جو مختصر احوال ’مقالات الشعرا‘ ۾ آيل آهي. (18) |