مٿين ڪتابن کان سواءِ هن موضوع تي بيشمار اهڙا
ڪتاب موجود هئا، جيڪي مصنف جي مطالعي مان گذري
هئا، پر هن انهن جا نالا ڪونه لکيا آهن، پر پنهنجي
آگاهيءَ جو اظهار ڪيو اٿس. ڪن مشهور عالمن، صوفين
جا نالا هيٺ ڏجن ٿا، جن جي تصنيفن کان داتا گنج
بخش آگاهه هو. ڪتاب جي متن ۾ پاڻ انهن مؤلفن جو
ذڪر ڪيو اٿس، جيڪي هي آهن.
(1) ابو عثمان سعيد بن اسماعيل الجيري. (2) ابوبڪر
محمد بن عمرالوراق (3) عمرو بن عثمان المڪي. (4)
ابو سعيد خرار. (5) ابو علي الحسن بن علي
الجرجاني. (6) حسين بن منصور حلاج. (7) ابوالعباس
القسم بن مهدي السياري (8) ابو جعفر محمد بن
المصباح الصيد لاني. (9) ابي عبدالله محمد بن
حفيف.
انهن رهنمائن کان علاوه مصنف وقت جي جيد عالمن،
صوفين ۽ بزرگن جي خدمت ۾ حاضري ڀري انهن جي صحبتن
مان فيضياب ٿي پنهنجي رشحاتِ قلم مان جيڪي موتي
پويا آهن، اهي نوراً على نور آهن.
بهرحال، هي ڪتاب، جيڪو سن 459 هه جو مينارِ نور
آهي، تنهن جي متعلق اولياءَ ڪرام ۽ صوفياء عظام جو
متفق فيصلو هي آهي ته تصوف متعلق هي بهترين تصنيف
آهي، تنهنڪري سنڌ جي مشهور اداري، سنڌي ادبي بورڊ
هن ڪتاب کي عقيدتمندن جي دل جي تسڪين ۽ روح جي
راحت واسطي سنڌي ٻولي ۾ منتقل ڪرايو آهي. ترجمي جي
ٻولي عام فهم هئڻ کان سواءِ علمي آهي، جنهن مان
مترجم جي محنت ۽ صلاحيت جي پوري پروڙ پوي ٿي.
- مرزا ڪاظم رضا بيگ
ڪليات ناز
از: مير علي نواز خان تخلص ”ناز“، مرتب پروفيسر
ڊاڪٽر عطا محمد حاجي، قيمت پنجاهه رپيا، ناشر،
سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سن 1989ع.
ڪلياتِ ناز، هزهائينس مير علي نواز خان ٽالپر
واليء خيرپور ميرس جي اردو ڪلام جو انتخاب، سنڌي
ڪافين، طبعزاد رباعين ۽ عمر خيام جي رباعين جي
ترجمي جو مجموعو آهي. مير علي نواز خان ناز سنڌي ۽
اردو جي انهن قادرالڪلام شاعرن جي زمري ۾ شمار ڪيو
وڃي ٿو، جن جي دم سان اسان جي ڪلاسيڪي روايتن جي
آبياري ٿي آهي. مير صاحب سنڌ ۾ سنڌي ڪافي ۽ اردو
غزل جو ناميارو شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن سنڌي ڪافي
جي ڪلاسيڪي روايت کي اڳتي وڌائڻ ۾ ٻين شاعرن وانگر
اهم ڪردار ادا ڪيو.
زيرِ نظر ڪتاب جي ترتيب جي سلسلي ۾ پروفيسر ڊاڪٽر
مرحوم عطا محمد حامي وڏي محنت ۽ جاکوڙ ڪئي آهي.
فاضل مرتب مختلف نسخن تان ڪلام کي ڀيٽي ترتيب ڏئي
تحقيق جو حق ادا ڪري، جامع مقدمو لکيو، جنهن مان
سندس علمي ڪاوشن جو پورو پورو پتو پوي ٿو.
مير علي نواز خان ناز هڪ ڪهنه مشق ۽ صاحبِ طرز
شاعر هو. مير صاحب هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي،
مثلاً حمد، نعت، منقبت، سلام، رباعيات کان سواءِ
سنڌي ڪافي ۽ اردو غزل جو ناميارو شاعر ٿي گذريو
آهي. مير صاحب جي ڪلام ۾ پختگي ۽ استادانه رنگ
نمايان آهي. زبان ۽ اسلوب تي حاڪمانه قدرت حاصل
اٿس، جيئن ته غزل ۽ ڪافي سندس محبوب صنفِ سخن آهي،
انهيءَ ڪري سندس شاعريءَ جو سرمايو گهڻو ڪري انهن
ٻن صنفن تي مشتمل آهي.
مير علي نوازخان ناز اسان جي شعري روايت ۾ وڏي
مقام جو حامل آهي. آءٌ چند سرسري جملن ۾ سندس مقام
کي متعين ڪرڻ جي ڪوشش ڪونه ڪري سگهندس، پر ائين
ضرور چوندس ته پنهنجي دور ۾ ڪنهن شاعر کي اهڙي همه
گير مقبوليت حاصل نه ٿي سگهي آهي، جهڙي مير صاحب
جي حصي ۾ آئي آهي ۽ اهلِ ذوق جي دل ۾ جيڪو مقام
کيس مليل آهي، سو سراسر سندس حق هو. ڊاڪٽر عطا
محمد حامي مرحوم جيڪڏهن هينئر زنده هجي ها ته پاڻ
پنهنجي محنت ڇاپي جي صورت ۾ ڏسي ڏاڍو سَرهو ٿئي
ها.
”ڪليات ناز“ ڪيترن ئي نسخن تان ميڙ چونڊ جي ڪاوش
جو نتيجو آهي. ائين چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته
ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ به مير صاحب مرحوم کي ڪافي عبور
حاصل هو. مير کان پوءِ سنڌي ادب ۾ قبله مخدوم طالب
المولى اهو شاعر آهي، جنهن ڪلاسيڪي شاعريءَ جو
ايترو ته گهرو مطالعو ڪيو آهي، جو شايد ئي ڪنهن
ٻئي شاعر جو ان موضوع تي هجي. ان جو ثبوت سندس
سنڌي ’ڪافي‘ تي تحقيقي ڪتاب ۽ سندس ڪافين جو تازو
مجموعو ”بي پير اکيون“ آهن.
”ڪليات ناز“ جي هڪ خوبي اها به آهي ته هن ۾ مرتب،
مير صاحب جي انهن مصاحبن، دوستن ۽ همعصرن جو ذڪر
ڪيو آهي، جيڪي اڄ تائين گوشئه گمنامي ۾ پيل هئا؛
پر آئون هتي هڪ ڳالهه پڻ واضح ڪندس، جيڪا فاضک
مرتب کان سهوَ ٿي آهي، يعني مقدمي ۾ صحفي 14 تي
حامي صاحب لکي ٿو ته ”هيٺيان شاعر مير صاحب جي
ڪچهري ۾ ڪڏهن ڪڏهن ايندا هئا. هو ڪافي وقت تائين
سرڪاري مهمان ٿي رهندا هئا ۽ مير صاحب سان خيالن
جي ڏي وٺ ڪندا هئا.
”(1) مرزا قربان علي بيگ، ٽنڊي آغا حيدرآباد وارو
۽ ٻيا.“
ليڪن ائين نه آهي. ميرزا قربان علي بيگ، بقول
محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ”ميرزا قربان علي
بيگ مير علي نواز خان ناز جي ڪلام جي اصلاح به
ڪندو هو.“ (سنڌ ۾ اردو شاعري ص 252). مير صاحب،
ميرزا صاحب مرحوم کي هڪ بزرگ جي نظر سان ڏسندو هو
۽ کانئس اصلاح وٺڻ ۾ ڪو عار نه سمجهندو هو. ميرزا
قربان علي بيگ مرحوم مير صاحب جي حسبِ ذيل سجع
چئي، جا پوءِ مير صاحب مهر ڪري ڪتب آڻيندو هو.
”يا رب بحقِ احمد و زهرا علي نواز“
”ناز“ پنهنجي وقت پسندي جي باوجود جيڪي ڪجهه لکيو
آهي، ان کي گهڻو ڪري قريب الفهم لکيو اٿس. انهيءَ
ڪري هو پنهنجي شعري منشور جي ڪري مٿانهين مقام تي
آهي. سندس ڪافين ۾ عارفانه ۽ عاشقانه رنگ نمايان
آهي. هڪ ڪافي ملاحظه ڪريو:
شبِ فراق جو صدمو سهي نٿو سگهجي،
بغير وصل صنم جي رهي نٿو سگهجي.
هن ڪافي کي جيڪڏهن غزل چئجي ته بجا آهي، ڇو جو هن
۾ رديف، قافيو ۽ بحر ساڳيو غزل وارو آهي.
”گنجينهء خرد“ ۽ ”ميڪده ناز“ مير صاحب جي رباعين
جو مجموعو آهي. گنجينه خرد ۾ مير صاحب جون رباعيون
آهن ۽ ميڪده ناز ۾ عمر خيام جي رباعين جو ترجمو
آهي. عمر خيام پهريون مشرقي صوفي شاعر آهي، جنهن
جي رباعين جو ترجمو دنيا جي سڀني ترقي يافته ۽
مهذب زبانن ۾ ڪيو ويو آهي. مير علي نواز ناز جون
رباعيون به انهيءَ سلسلي جي ڪَڙي آهن، جن ۾ مير
صاحب اهڙين رباعين جو انتخاب ڪيو آهي، جن جي روشني
۾ خيام جا ٻيا فڪري گوشه سامهون اچن ٿا. مثلاً خدا
پرستي، توڪل پسندي، صبر و رضا، راستي و راست بازي،
مئي و ميخانه وغيره. هڪ رباعي جو ترجمو پيشِ خدمت
آهي، جنهن کي سنڌي شعر ۾ اهڙي طرح منتقل ڪيو اٿس،
جو ترجمي جي متعدد هنڌن تي اصل جو گمان ٿئي ٿو.
بهتر آهي جهان ۾ گهٽ دوست ڳول،
دنيا ۾ اک دور جي ملت هنس ٻول،
تون جنهن کي سمجهين ٿو پنهنجو جڳري دوست،
اهو آهي تنهنجو دشمن ذرو اک ته کول.
آخر ۾ ائين چوڻ به لازمي آهي ته 185 تي ميڪده ناز
جي رباعين جو ترجمو شروع ٿئي ٿو ۽ اهي تعداد ۾ 50
آهن، ليڪن هر رباعي جي مٿان سرخي هن لفظ سان آهي
يعني ”ربائي“، جيڪا صورتختي ۾ غلط آهي. اصل صحيح
لفظ ”رباعي“ آهي، ليڪن ان جي بدران ”ربائي“ ڏنل
آهي!
اميد ته هي ڪتاب شعر و ادب سان دلچسپي رکندڙن لاءِ
خوبصورت تحفو ٿابت ٿيندو جيڪو ضرور پسند ڪيو
ويندو.
- ميرزا ڪاظم رضا بيگ
ديوان تارڪ
از: فقير هدايت علي نجفي ”تارڪ“، مرتب ڊاڪٽر نواز
علي شوق، قيمت پنجاهه رپيا، ناشر سنڌي ادبي بورڊ
ڄام شورو حيدرآباد سن 1989ع.
ديوان تارڪ ”يعني مجموعه غزليات“ سنڌي ادبي بورڊ
جي وساطت سان تازو ڇپجي نروار ٿيو آهي. ان جو
مقدمو فاضل مرتب محترم ڊاڪٽر نواز علي شوق صاحب
لکيو آهي. مطالعي دوران شعرن تي نظر وجهندي هيٺيان
خاص نقطا سامهون اچن ٿا:
(1) مثلاً ص 31 تي چوٿين بند جي پهرين مصرع ۾ لفظ
”ممبر“ تحرير ٿيل آهي، ليڪن اهو لفظ صحيح هيئن آهي
”منبر“. جيڪڏهن شاعر خود ائين لکيو آهي ته فاضل
مرتب ان هنڌ ممبر بدران ”منبر“ تحرير ڪري ها ته
سٺو ٿئي ها.
(2) ص 241 تي چوٿين بند جي مصرع نالي ۾ لفظ
”فرزوق“ لکيل آهي، تنهنڪري فاضل مرتب صفحي جي آخر
۾ فوٽ نوٽ ۾ ڄاڻائي ها ته اهو لفظ ”فرزوق“ نه پر
”فرزدق“ آهي. ساڳئي صفحي تي ٻارهين بند ۾ گل،
قاسم، گدا، عاجز وغيره شاعرن جا تخلص شعرن ۾ ڏنل
آهن. اهڙي طرح صفحي 242 تي به سانگي، قليچ، واصف،
مدد، قادري، نياز، فقير، مخلص، شهمير، اداسي،
مسافر، خادم، حنفي، غريب، سائل جا پڻ تخلص شعر ۾
ڪتب آندل آهن. تنهنڪري مناسب هو ته حاشيءَ تي انهن
شاعرن جا پورا نالا ۽ مسڪن وغيره ڄاڻائجن ها.
(3) ص 33 جي ٻئي بند ۾ لفظ ”ثم وجـﮧ“ ڄاڻايل آهي ۽
صفي 34 تي نائين بند ۾ ”وهو محڪم“ درج آهي. مناسب
هو ته اهڙن ڏکين لفظن جي ديوان جي آخر ۾ فرهنگ ڏجي
ها.
حيرت جي ڳالهه آهي جو اهڙو ناميارو شاعر، جنهن
سنڌي ادب کي اهڙا خوبصورت شعر ڏئي ان جي قدر و
منزلت ۾ اضافو ڪيو آهي، تنهن کي عام طرح سندس صحيح
مقام نه ٿو ڏنو وڃي، جنهن جو هو حقدار آهي. هونءَ
به تارڪ جي پنهنجي زماني ۾ وڏي توقير ۽ شهرت هئي،
جو سندس همعصر ۽ معاصر سندس عظمت جا متعارف هئا.
محترم ڊاڪٽر نواز علي شوق صاحب تحسين جو مستحق
آهي، جنهن ڪتابي صورت ۾ ديوان گڏ ڪيو آهي.
علامه تارڪ سانگي، گدا، بلبل وغيره جي دور جو شاعر
ٿي گذريو آهي. سندس تعلق سنڌ جي تونيه خاندان سان
هو. سندس وڏو پير بازيد هو. پاڻ پنهنجي والد ميان
الله داد عرف تراب علي جي چوڻ موجب مخدوم پير صفي
الله سجاده نشين درگاهه شاهه نصير صوفي نوشهرو
واري جو مريد ٿيو. جيئن ته پنهنجي غزل ۾ فرمايو
اٿس.
سڀني مذهبن کان ڪنارو ڪيم
مون صوفي صفا اهل عرفان ٿيس.
علامه تارڪ جي سوانح حيات تي تمام گهٽ لکيو ويو
آهي،ان جو بنيادي سبب اهو آهي ته هو شهرت، جاه
طلبي ۽ منظر عام تي اچڻ لاءِ طبعاً تيار نه هو.
خلقِ خدا مان بيزار ته نه هو، پر ماڻهن جي ميڙ ۾
اچڻ کان ڪيٻائيندو هو. خلوت نشيني سندس عادت نه
هئي. ڪنهن درٻار سان وابستگي يا ڪن اميرن ۽ وزيرن
جي صحبت پسند نه ڪندو هو. جيئن ته پنهنجي هڪ غزل ۾
فرمائي ٿو:
شان شاهي، ڪج ڪلاهي، سؤ سپاهي سڀ گذر
شان شوڪت، ناز نعمت، تابِ حشمت، چار ڏينهن.
غزل شروع کان وٺي عام ۽ خاص ۾ مقبول ۽ دل پسند صنف
سخن رهيو آهي. سنڌي غزل پنهنجي رنگيني ۽ رعنائي،
شوڪت ۽ زيبائي ۽ ڪيف ۽ سرور جي ڪري سڀن صنفن ۾
مٿانهون مقام رکي ٿو. غزل پنهنجي ڪيترين ئي صفتن
جي ڪري هر قسم جي مضمونن سان مالامال آهي. هن ۾
سانگي جو ڪيف و سرور، گل جي رواني ۽ بياني، گدا جو
اسلوب بيان، تارڪ جو تصوف، قربان مرزا جي مضمون
آفريني، فدوي جو فلسفئه حيات، مرتضائي جي معامله
بندي، حامد جي رنگيني، فاضل جو تغزل، حڪيم فتح
محمد سيوهاڻي جي قومي امنگ، قادري جي فصاحت و
بلاغت ۽ قليچ جو پيغام خودي موجود آهي. جن شاعرن
هن صنف کي نئين ٺاهه جوڙ، نئين امنگ ۽ نئين لهجي
سان ممتاز ڪيو، انهن ۾ علامه ”تارڪ“ جو نالو اچي
ٿو.
زير نظر ڪتاب ۾ علامه تارڪ جا غزل موجود آهن. سندس
غزل سنڌي شاعريءَ جا بهترين غزل آهن، جن ۾ محبوب
جو سراپا، گل و بلبل، شمع و پروانه، مي و ميخانه،
رندانه، تصوف، عشقيه وغيره جو ذڪر ملي ٿو. هڪ هنڌ
ساقي جي سونهن جي تعريف ڪندي لکي ٿو.
رخ پر نور ساقي تي پوي ٿو عڪس تڏ ٿو ٿئي
قدح آتش، سُبو آتش، شرابِ ارغوان آتش
علامه تارڪ فارسي شاعرن جي ڪيترن ئي غزلن جا ترجما
ڪيا آهن. حافظ شيرازي جي مشهور غزل:
ساقيا بر خيز و درده جام را
خاڪ بسر سرکن غمِ ايام را
جو سنڌي ترجمو هيئن ڪيو اٿن:
ساقيا اٿ ڏي ڀري مئي جام کي
توڙ ۾ وجهه تون غمِ ايام کي
تصوف جا مسئلا سنڌي غزل ۾ شروع کان ئي ڪتب آندا
ويا آهن. علامه تارڪ کي گهڻو ڪري عشق سان وابستگي
رهي، پر سندس روحاني استاد جي صحبت سندن شاعري ۾
تصوف جو رنگ ڀري ڇڏيو. پاڻ فرمائي ٿو:
پسو جن پاڻ ۾ آه نورِ وحدت
رهن سي روز شب مامورِ وحدت
ديوان تارڪ، فقير هدايت علي نجفي جي غزلن جو
پهريون مجموعو آهي. دعاگو آهيان ته جلد سندن ٻيو
مجموعو به منظر عام تي اچي. آخر ۾ سنڌي ادبي بورڊ
جي منتظمين کي اها گذارش ڪندس ته هو سيد امام بخش
ندوي ۽ سيد غلام مرتضى شاهه مرتضائي جن جي سنڌي
غزلن جا مجموعا شايع ڪرائين ته سنڌي شاعريءَ جي
تاريخ ۾ اهم اضافو ٿيندو. علاوه ازين سنڌ جي ٻين
شاعرن جا به شهپارا جيڪڏهن سنڌي ادبي بورڊ جي توسط
سان منظر عام تي اچن ته هوند علم جا پياسا انهن
مان سيراب ٿين.
- ميرزا ڪاظم رضا بيگ
پاڪستان آرڪيالاجي
گذريل ڪجهه سالن تي نگاهه وجهڻ سان اندازو ٿو ٿئي
ته سنڌ جي پڙهيل نوجوانن ۾ جن جملن جي ڄاڻ حاصل
ڪرڻ لاءِ دلچسپي وڌي آهي، تن مان ”آثار قديمه“ به
هڪ آهي. هاڻي ته هن علم جي باري ۾ ڪچهرين ۾ بحث به
عام ڳالهه ٿي وئي آهي، شايد ان ڪري جو نوجوانن کي
پنهنجي ثقافت سان لڳاءُ وڌيو آهي. اها سٺي ڳالهه
آهي. سچ ته هي علم آهي به اهم ۽ سائنس جي مدد سان
تحقيق ڪرڻ جي ڪري نتيجا به معقول ڪڍي ٿو. ان ڪري
هن جي بين الاقوامي سطح تي به اهميت وڌندي پئي
وڃي. ماضي قريب ۾ تاريخ، ثقافت، ادب، فن ۽ هنر
وغيره جي ميدان ۾ هن علم جي مدد سان انسان جي شين
جي اصليت ڄاڻڻ بابت مجموعي معلومات ۾ ڪافي اضافو
ٿيو آهي.
پاڪستان جو شمار آثار قديمه جي لحاظ کان شاهوڪار
ملڪن ۾ ٿئي ٿو، ان ڪري اسان جي پڙهندڙ لکندڙ ماڻهو
کي هن علم بابت ڪجهه نه ڪجهه ڄاڻ هئڻ به ضروري
آهي. ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي موجوده مڙني وسيلن مان ڪتاب
هڪ عام پر سگهارو ۽ پائيدار وسيلو آهي. اتفاق سان
اسان جي ملڪ ۾ آثار قديمه بابت شايع ٿيندڙ ادب عام
نه آهي، نه وري اڃا هن مضمون جي ايتري پڙهائي عام
ٿي آهي. هن سلسلي ۾ لکڻ وارن مان اڪثريت انهن
اديبن جي آهي، جيڪي بنيادي ڳالهين کان گهٽ خبروار
آهن، پوءِ به هنن جي محنت ۽ شوق جو داد ڏيڻو
پوندو.
آثار قديمه بابت سڄي ملڪ مان چند رسالا يا مخزن
نڪرن ٿا، جي گهڻو ڪري سڀئي انگريزي ۾ آهن ۽ سنڌ
مان ته رڳو هڪ ئي ساليانو جرنل نڪري ٿو، جو آهي
”پاڪستان آرڪيالاجي.“ هي انگريزيءَ جو رسالو
ڪراچيءَ مان محڪمه آثار قديمه شايع ڪرائيندو آهي.
هي رسالو سال 1964ع کان نڪرڻ شروع ٿيو هو. وچ ۾
ڪجهه ورهين لاءِ بند ٿي ويو هو، پر گذريل ٻن سالن
کان وري نڪرڻ لڳو آهي. هن جو آخري شمارو نمبر 23
شايع ٿي چڪو آهي تقريباً 350 صفحن ۽ ڪيترين ئي
تصويرن ۽ پليٽن وارو هي جامع رسالو، جنهن جي
پاڪستان ۾ قيمت-/200 رپيا رکي وئي آهي، تنهن جو
ايڊيٽر جناب ڊاڪٽر احمد نبي خان صاحب ڊائريڪٽر
جنرل آثار قديمه پاڪستان آهي.
مواد 19 مختلف عالمانه ۽ جامع تحقيقي مقالن تي
مبني آهي، جيڪو کوٽاين، کوجنائن، درستحالي، پراڻين
لکتن جي پڙهائي ۽ متفرقه ڄاڻ جهڙن عنوانن ۾ ورهايل
آهي. مختلف موضوعن جي شموليت جي ڪري هي رسالو هر
محقق لاءِ نهايت ڪارآمد ٿي سگهي ٿو.
موجوده دؤر ۾ جڏهن ته آثار قديمه ۾ سنڌ وارن اهلِ
ذوق ماڻهن جي دلچسپي وڌڻ لڳي آهي، تڏهن محڪمي کي
هن جرنل کي هر سال باقاعدگيءَ سان ڇپائي علم دوست
ماڻهن جي ضرورت پوري ڪندو رهڻ گهرجي.
- استاد بخاري
INDO PAKISTAN RELATIONS
”انڊو پاڪستان رليشنس“ (انگريزي)، مصنفه: پروفيسر
مهتاب اڪبر راشدي، سال 1988ع، سائيز ڊيمي، ناشر:
پاڪستان اسٽڊي سينٽر، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو.
سنڌ يونيورسٽي جي شعبه تعلقات عامه (انٽرنيشنل
رليشنس) جي سينيئر استاد محترمه مهتاب اڪبر
راشديءَ جو لکيل انگريزيءَ ۾ ڪتاب ”انڊو پاڪستان
رليشنس“ سنڌ يونيورسٽيءَ جي شعبي پاڪستان اسٽڊي
سينٽر وڏي اهتمام سان شايع ڪيو آهي.
’ابي ۽ امڙ‘ ڏانهن منسوب ڪيل هي بين الاقوامي
تعلقات جو ڪتاب هڪ درسي ڪتاب به ٿي سگهي ٿو. ناشر،
پروفيسر ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل فرمايو آهي: ”اميد
آهي ته هي ڪتاب بين الاقوامي تعلقات جي موضوع تي
هڪ قيمتي اضافو ثابت ٿيندو ۽ هند و پاڪ کي مضبوط
بنائڻ جو هڪ رستو به ٺاهي ڏيندو.“
ڪتاب جو تعارف پروفيسر منظورالدين احمد لکيو آهي،
جيڪو ساڳئي مضمون ۾ هڪ ماهر جي حيثيت رکي ٿو ۽
ڪراچي يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر آهي. پاڪ و هند
تعلقات تي هي تحقيق سال 1972ع ۽ سال 1977ع واري
دور جي تعلقات تي ٻڌل آهي. پروفيسر منظورالدين
احمد چوي ٿو ته هي ڪتاب ”تعلقات جي ارتقا، اسباب ۽
دائري“ جي پس منظر ۾ لکيو ويو آهي.
پروفيسر منظور الدين احمد اڳتي لکي ٿو، ”هي مطالعو
جامع آهي ۽ هن مطالعي ۾ ضروري ۽ گهربل دستاويزن کي
موزون نموني سان شامل ڪيو ويو آهي. هن مطالعي مان
اميد به آهي ته اهو استادن توڙي شاگردن لاءِ ڏکئي
دور جي بين الاقوامي تعلقات جي ميدان تي مفيد ثابت
ٿيندو.“
محترمـﮧ مهتاب اڪبر راشدي، ڪتاب کي هڪ اهڙي پس
منظر ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن ۾ ڪاميابيءَ
لاءِ هڪ کان وڌيڪ مضمونن جي مهارت جي ضرورت هئي.
پاڪ هند تعلقات جي نوعيت هن طرح ڪجهه منفرد به
آهي. تاريخ، اقتصاديات، طبعي حالتن، سماجيات ۽
”سپر پاور“ جي نالي سان ۽ شهرت سان مداخلتي طاقتون
هڪ اهڙو ميدان بڻائين ٿيون، جنهن ۾ پاڪ هند تعلقات
کي هڪ جدا حيثيت ملي ٿي. سياست کان سواءِ باقي
ميدانن ۾ جن ۾ علم، فن، حڪمت، آرٽ ۽ نسلي هڪ
جهڙائي جا موضوع شامل آهن، پاڪ هند تعلقات کي نه
رڳو مشڪل پر تمام وڏو ۽ ويڪرو به بنائين ٿا.
محترمـﮧ مهتاب انهيءَ صورتحال کان واقف آهي ۽ هن
ڪوشش اها به ڪئي آهي ته بين الاقوامي تعلقات کي
تحرير هيٺ آڻڻ لاءِ جيو پوليٽيڪل، جيو فزيڪل،
پوليٽيڪو اڪانامڪ جي علمي ۽ بين الاقوامي تعلقات
جي بنيادن کي خيال ۾ رکجي. محترمـﮧ لکي ٿي ته: ”هن
وڏي ننڍي کنڊ جا ماڻهو هڪ ئي خطي ۾ ايترا ته گهڻ-
نوعياتي آهن جيتري سندن زمين جي مٿاڇري جي حالت
آهي. هر حصي، هر خطي کي پنهنجي هڪ جدا ”خوشبو“
آهي. نه رڳو اتر ڏکڻ کان نرالو آهي، پر اوڀر به
اولهه کان مختلف آهي. نه رڳو ايترو پر اهي علائقا،
جيڪي هڪ ٻئي سان لاڳيتا آهن، اهي به هڪ ٻئي کان
نرالا آهن. هنن مان هر علائقي کي پنهنجي هڪ ٻولي
آهي، پنهنجو هڪ رسم و رواج جو سرشتو آهي ۽ جدا جدا
حالتون آهن. هن طرح هنن مان هر هڪ جو لباس به جدا
جدا آهي ته سندن علائقاي تاريخ به جدا. هنن مان هر
هڪ کي پنهنجيءَ حالت ۾ هڪ ’مثالي ماڻهو‘ به آهي ۽
هنن مان هر هڪ جي وقار جي اظهار جا نمونا به جدا
آهن، پر تنهن هوندي به هنن علاقن مان هر هڪ سڄي
ننڍي کنڊ جي تاريخ جو هڪ حصو آهي ۽ انهيءَ حالت ۾
هي سڀ هڪ جهڙين ئي تاريخي حالتن مان لنگهيا آهن.“
(صفحو 3) |