سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 1989ع

 

صفحو :20

چيو وڃي ٿو ته پابند شاعري ۾ صحيح معنى ۾ وسعت خيال جي ترجماني ٿي نٿي سگهي، جو خيال رديف ۽ قافيي جو قيدي بڻجي ٿو وڃي. ان جي برعڪس مُعرا يا آزاد نظم ۾ طائر خيال غير محدود فضائن ۾ پرواز ڪري ٿو سگهي. دليل بظاهر وزندار محسوس ٿئي ٿو، مگر سوال آهي ته هروڀرو اظهار خيال کي شعر جو محتاج ڇو هئڻ گهرجي. اهو سڀڪجهه موزون شاعريءَ جي حرمت کي پائمال ڪرڻ کان سواءِ نثر ۾ به ٿي سگهي ٿو. انگريزي ادب ۾ آسڪر وائلڊ ۽ اردو ۾ ابوالڪلام جي نثري نگارشات جي اڳيان شاعري خود سجده ريز آهي! مگر خير، اهي جدا موضوع آهن. هن وقت منهنجي پيش نظر مسئلو موزون شاعري جي ناقدري جو آهي. نئين ٽهي بالعموم عروض جي پابندين کان گريزان آهي ۽ موجوده موزون گوئن جي اڪثريت اهڙي آهي جن کي علم عروض جي ڄاڻ گهٽ آهي. ان جو هڪڙو سبب ته سهل پسندي ٿي سگهي ٿو ۽ ٻيو هن برق رفتار دور ۾ باقاعده ڪنهن استاد وٽ ”فاعلاتن“ ”فاعلات“ جو درس وٺڻ لاءِ وقت جي ضرورت آهي. ظاهر آهي ته شاعرن جي تمام وڏي اڪثريت وچولي يا مفلوڪ الحال طبقي سان تعلق رکي ٿي ۽ اهو طبقو عموماً فڪر معاش يا غم روزگار جي ڪشمڪش ۾ ئي گرفتار هوندو آهي. هن غريب کي عروض سکڻ جي فرصت ڪٿي نصيب ٿي ٿئي، تاهم شعر چوڻ کان به باز رهي نٿو سگهي. بقول شخصي:

شعر ڪيون کهتي هو بهائي

ڪيا ڪوئي تڪليف هي؟

غالباً انهيءَ صورتحال جي تقاضا کي نظر ۾ رکندي محترم عبدالقيوم صائب صاحب وڏي جاکوڙ ۽ جانفشانيءَ سان 460 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”عروض جا اهڃاڻ“ شايع ڪرايو آهي، جيڪو هڪ ئي وقت مُبتدين ۽ منتهين لاءِ نه رڳو مفيد آهي، پر موزون شاعريءَ لاءِ رهبر جي حيثيت رکي ٿو. بقول مصنف ته:

”هن ڪتاب ۾ علم عروض جي ضرورت، ايجاد، اوزارن ۽ ارڪان جو بيان، دائرن، زحافن ۽ فروع جي اپٽار، تقطيع، مختلف بحرن ۽ انهن جي مستعمل شاخن، عروض تي چيل ڪافين ۽ رباعي سان شناسائي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي.“

۽ ان ۾ تر جيترو به مبالغو نه آهي، ڇاڪاڻ جو صائب صاحب فنِ عروض جي فائدن ۽ ضابطن کي نقشن، چارٽن ۽ دائرن وغيره جي حوالي سان جنهن عام فهم طريقي سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ان لاءِ کيس جيترو به داد ڏجي گهٽ آهي. سندس ٻي لائق تحسين ڪوشش اها آهي ته مختلف بحرن ۽ اوزارن جي حقيقت تي روشني وجهندي شاعرن جا شعر بطور سند جي پيش ڪيا آهن ۽ جتي ڪو شعر نه مليو اتي موصوف ڪن مخصوص بحرن ۾ شاعرن کان شعر به لکرايا آهن. البته انهيءَ ڪوشش ۾ ڪٿي ڪٿي بعض حضرات رڳو فني تقاضائن کي پورو ڪيو آهي ۽ شعر جي حسن و رعنائيءَ ڏانهن ڪو توجهه نه ڏنو آهي. حالانڪ شعر فقط تقطيع جي ”قطع و بُريد“ جو نالو نه آهي، ان ۾ نغمگي ۽ ساحري جا عناصر به شامل هوندا آهن. ظاهر آهي ته اهڙا شعر نازل ٿيندا آهن ۽ نه ڪنهن فرمائش تي ظهور ۾ ايندا آهن. بهرحال موزون ۽ معياري شاعري لاءِ علم عروض جي ڄاڻ بنهه ضروري آهي، ۽ صائب صاحب هي ڪتاب لکي سنڌي ٻوليءَ تي وڏو احسان ڪيو آهي. بقول مسٽر محمد ابراهيم جويو:

”شعر و سخن جي ميدان ۾ اسان جا محبوب ۽ معزز سنڌي شاعر حضرات پنهنجي شعري ڪاوش جي پرک، پروڙ ۽ صحت لاءِ سند طور هيلتائين جو علم عروض تي لکيل ڌارين ٻولين جي ڪتابن ڏانهن رجوع ٿيندا هئا، سي هاڻي اهڙي ضرورت محسوس ڪانه ڪندا.“

هتي محترم جويي صاحب سان بصد احترام و خلوص، منهنجو اختلاف فقط ان ڳالهه تي آهي ته شعر و ادب، حڪمت و سائنس، آرٽ ۽ فلسفو وغيره جاگرافيائي ۽ لساني حدود ۽ ثغور کان ماورا هوندا آهن. دور عباسيه ۾ مدينة الحڪمت ۾ جيڪڏهن يوناني، لاطيني ۽ ٻين علمن جا عربي زبان ۾ ترجما ڪري دنيا ۾ ڦهلايا نه وڃن ها ته شايد يورپ ۾ ٻيا کنڊ اڃان ڪجهه وڌيڪ صديون جهالت جي اونداهيءَ ۾ ڌڪا کائيندا رهن ها، ۽ اهو سڀ ڪجهه انهيءَ ساڳي ”ڌاري“ ٻوليءَ ۾ منتقل ڪري دنيا کي روشناس ڪرايو ويو، جنهن ۾ خليل بن احمد بصري علم عروض ايجاد ڪيو، يعني ”عربي زبان“. هيءَ اها ٻولي آهي، جنهن جي پڙلاءِ سان اسان جا ڪن ماءُ جي پيٽ مان نڪرندي ئي روشناس ٿي ويندا آهن ۽ قبر ۾ داخل ٿيڻ تائين ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ان سان واهپو رهندو ئي ايندو آهي. ٻي ڌاري ٻولي شايد فارسي آهي، جيڪا سنڌ تي انگريزن جي تسلط کان اڳ هتان جي سرڪاري درٻاري زبان هئي. مگر ان کان اڳ به اسان لاءِ ڌاري ٻولي نه هئي، جو مغلن، ارغونن، پٺاڻن ۽ افغانن وغيره جي هزار کن سالن جي دور اقتدار ۾ انهيءَ ٻوليءَ کي ئي نمائنده حيثيت حاصل هئي، ۽ امر واقع هي آهي ته انهن ٻولين مان اسان جي سنڌي ٻولي تمام گهڻو لاڀ حاصل ڪيو آهي، ۽ ان کان وڌيڪ اهم ڳالهه هيءَ آهي ته اسان جي ماضيءَ جو سمورو تهذيبي، تمدني، ديني، تاريخي ۽ علمي سرمايو انهن ٻنهي ٻولين جي معرفت محفوظ رهندو پئي آيو آهي ۽ نه ڪنهن ڀاشائي يا دراوڙي ٻوليءَ جي معرفت اسان تائين پهتو آهي. لهذا عربي ۽ فارسي ٻوليون گهٽ ۾ گهٽ اسان سنڌين لاءِ نه اڳ ڌاريون هيون ۽ نه آئنده رهنديون. هونئن اڄ ته انگريزي ٻولي به ذري گهٽ اسان جي مادري ٻوليءَ جي جاءِ والاري رهي آهي، جو جديد دور جي سموري سائنسي ٽيڪنالاجي کي حاصل ڪرڻ جو واحد ذريعو اها ئي ڌاري زبان آهي. بحث طويل ٿي رهيو آهي، ۽ موضوع کان به هٽي رهيو آهي. مختصر هي ته ”علم عروض“ تي زيرِ تبصره ڪتاب کان سواءِ اگر اهڙا هزار ڪتاب ٻيا به تاليف ٿي وڃن، تڏهن به سند لاءِ اصل ماخذ ڏانهن ئي رجوع ڪرڻو پوندو آهي، جو ڪنهن علمي معاملي جي پرک، پروڙ ۽ صحت لاءِ اهلِ تحقيق وٽ معتبر ڪسوٽي فقط اها ئي تسليم ڪئي ويئي آهي.

خود صائب صاحب هن ڪتاب جي ترتيب و تاليف ۾ جن ويهارو کن ڪتابن سان استفادو ڪيو آهي، تن مان تيرهن کان مٿي ”ڌارين“ ٻولين ۾ آهن. باقي ستن جو ماخذ به گهڻو ڪري ڌاريون ٻوليون آهن. خبر ناهي ته جويو صاحب جن ان نقطي سان اتفاق ڪندا يا نه، ته هر اها ٻولي ۽ علم، جنهن مان لاڀ حاصل ڪيو آهي، ڌاريو نه بلڪ محسن ليکيو ويندو آهي. خيال رهي ته عربي ۽ فارسيءَ کي يڪسر ترڪ ڪرڻ جي جنون ۾ ڪٿي اسين پنهنجي نام و نسب ۽ شناخت و تعارف کان به محروم ٿي نه وڃون. مودبانه استدعا آهي ته خود جويو صاحب جن پنهنجي نام نامي ۽ اسم گرامي جي مرڪب تي ئي ٿورو غور ڪرڻ فرمائين.

بهرحال، محترم جويي صاحب جو ذڪر برسبيل تذڪره اچي ويو، اگرچه بحث صائب صاحب جي ڪتاب جي سلسلي ۾ ٿي رهيو آهي، جيڪو هن نهايت سولي ۽ سليس ٻوليءَ ۾ لکي نو آموز شاعرن لاءِ آساني پيدا ڪري ڇڏي آهي. موصوف ڪتاب کي انهيءَ فن جي موجد ۽ امام خليل بن احمد بصري ۽ اسان جي دور ۾ عروض جي فن جي بي تاج بادشاهه ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل جي اسماء سان حق شاگردي ۽ مُحسن شناسي جو اعلى مثال قائم ڪيو آهي. (ڇاڪاڻ جو صائب عروض جي الف ب ڊاڪٽر خليل مرحوم جي اڳيان زانوءِ تلمذ تهه ڪري حاصل ڪيو آهي.)

آخري ڳالهه ته شاعري ۽ عروض اگرچه لازم و ملزوم شيون آهن، مگر ان جي باوجود ٻنهي ۾ هڪ بنيادي فرق آهي، يعني شاعري وهبي شيءِ ۽ عروض ڪسبي.

شعر هڪ وجد جي ڪيفيت ۾ چيو ويندو آهي ۽ شاعر جي وهم گمان ۾ به نه هوندو آهي ته هو ڪهڙي بحر ۾ شعر چئي رهيو آهي. گرامر ۽ عروض جي پيچيدگين کان هن جو ذهن بلڪل خالي هوندو آهي، مگر ان جي باوجود جڏهن اهڙن شعرن کي عروض جي ڪسوٽيءَ تي پرکبو ته ائين محسوس ٿيندو، ڄڻ شعر سانچي مان تيار ٿي نڪتا آهن.

مولانا روم جو هي شعر ضرب المثل جي حيثيت رکي ٿو:

من نه دانم فاعلاتن فاعلات

شعر مي گويم به از آب حيات

خبر ناهي، مولانا انڪساري کان ڪم وٺي اهو شعر چيو آهي يا هو عروض کان واقعي نا آشنا هو! مگر معجزو هي آهي ته مولانا جو ڪوبه شعر بحر وزن کان خارج ناهي.

’الشعراء التلميذ الرحمن‘- شايد شاعرن جي اهڙي گروهه لاءِ چيو ويو آهي.

دهلي ۾ ڪنهن زماني ۾ هڪڙو پهاڪو مشهور هو ته ”اجي فلان شاعر تهوڙا هي هي وه تو عروضي هي.“

ان ڳالهه ۾ ڪي قدر وزن به آهي، جو صحيح معنى ۾ عروضي، شعر چوڻ مهل اوزان، ارڪان، بحرن، دائرن، زحافن ۽ فروع جي باريڪين کي پيش نظر رکي الجبرا وانگر شعر چوندو هو، جنهن ۾ رڳو ”آورد ئي آورد“ هوندي آهي. لهــٰذا شعر ٻاڙو، ٻسو ۽ بي نمڪ لڳندو هو. مگر اهو صاحب، جنهن جي تصور ۾ شاعري قدرت کان عطيه جي طور تي آئي آهي، ان جي ڪيفيت بلڪل دگرگون هوندي آهي. ان تي شعر وڏ ڦڙي مينهن وانگر نازل ٿيندا آهن، يعني بقول غالب.

آتي هين غيب سي يه مضامين نوبه نو

غالب صرير خامه نوائي سروش هي.

علامه اقبال جنهن زماني ۾ لاهور ۾ ڪنهن ڪاليج ۾ پروفيسر هو ته ڪنهن تقريب ۾ يورپ مان هڪڙو اسڪالر، غالباً پادري قسم جو شخص به مدعو هو. علامـﮧ اقبال جي شهرت کان بخوبي واقف هو، ان ڪري پادري صاحب علامه کي پاسيرو هڪ طرف وٺي ويو ۽ کانئس سوال پڇيو ته توهان ته مشرقي ۽ مغربي علوم جا ماهر ۽ يورپ مان ڊاڪٽريٽ به وٺي آيا آهيو. ڇا اوهان به ائين ٿا سمجهو ته قرآن، محمد (ﷺ) طرفان لکرايو نه ويو آهي، بلڪ الله پاڪ طرفان بذريعه وحي نازل ٿيو آهي. علامه مرحوم پهرين ته هن نام نهاد اسڪالر جي ڪم فهمي يا بدطينتي تي حقارت آميز تبسم فرمايو ۽ پوءِ کيس ٻڌايو ته:

”مون جهڙي ادنى انسان ۽ گنهگار تي منهنجو ڪلام هوبهو نازل ٿئي ٿو ۽ هو ذات اقدس ته خاتم الانبياء هئي، جنهن تي سمورو قرآن نه رڳو بذريعي وحي نازل ٿيو پر قيامت تائين ان قرآن جهڙي ڪا هڪ آيت به تصنيف ڪرڻ ڪنهن بندي جي وس جي ڳالهه نه آهي.“ ۽ پادري بڇڙو ٻوٿ ڪري ٻئي پاسي هليو ويو.

پڇاڙي ۾ مون کي اعتراف ڪرڻ ڏيو ته محترم عبدالقيوم صائب صاحب جي ڪتاب عروض جا اهڃاڻ تي ڪماحقـﮧء تبصره ڪري نه سگهيو آهيان، مگر ان ڪوتاهي سبب ڪتاب جي اهميت ۾ فرق نه پوندو، جو ڏيڍ ڊزن کن حضرات جا تبصرا ڪتاب ۾ اڳ ئي موجود آهن.

ڪتاب جي قيت/ 70 روپيه آهي،

ڇاپو: آفسيٽ     پنو: اڇو ۽ اوچو،

زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد شايع ڪيو آهي ۽ اتان ئي گهرائي سگهجي ٿو.

- محمد اسحاق ”اثر“

شڪارپور صدين کان

هر خطي جي تاريخ هڪ قيمتي اثاثو هوندي آهي ۽ ان جي حفاظت جو فرض به ان خطي جي رهواسين تي هوندو آهي. سنڌ جي سرزمين، جنهن جو چپو چپو تهذيب، ثقافت ۽ تاريخ جو علمبردار آهي، اهڙا ڪي ئي شهر، وسنديون، واهڻ ۽ ڳوٺ سنڌ جي سيني تي موجود آهن، جيڪي پنهنجي الڳ تاريخي حيثيت رکن ٿا. شڪارپور شهر، جنهن جي ڀيٽ فرانس جي شهر پئرس سان ڪئي ويندي هئي، سنڌ جو هڪ اهڙو شهر آهي، جيڪو علمي، ادبي، سياسي، سماجي، ثقافتي، تهذيبي ۽ اقتصادي لحاظ کان هر دور ۾ هميشـﮧ اتم رهيو آهي.

شڪارپور اهو شهر آهي، جنهن جي ڪنڊ ڪڙڇ، زرخيز ۽ حسن و تجسس سان مالامال آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو شڪارپور جي سونهن، سوڀيا، واپار ۽ قديم عمارتن جي نقش نگاري ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ مشهور آهي ۽ شڪارپور جي انهن مڙني خوبين جي ساراهه غير ملڪي سياحن ۽ عالمن به ڪئي آهي.

شڪارپور هڪ اهڙو شهر آهي، جنهن جي نالي وٺڻ سان هر ماڻهوءَ جي ذهن ۾ ماضيءَ جي شاندار تصوير اڀري ٿي اچي. يقيناً هر ڪوئي ماڻهو، اهڙي سهڻي شهر جي تاريخ ۽ ثقافت جي ڄاڻ رکڻ لاءِ ضرور اتساهيندو هوندو.

ڏاڍي افسوس جي ڳالهه آهي، جو اسان جو نئون نسل پنهنجي تاريخ کان وانجهيل آهي. ان جو وڏو سبب رجحان ۽ اشاعت جي ڪمي آهي. پر اسان جا اديب، شاعر، اهلِ قلم، اهلِ علم جنهن خطي ۾ هو رهن ٿا، ان خطي جو مٿن جيڪو قرض ٿئي ٿو، اهو هو قلم ذريعي لاهيندا آهن. شڪارپور جا اهل قلم ۽ ادب دوست ان ڏس ۾ نمايان حيثيت جا مالڪ آهن. هنن پنهنجي خطي جي تاريخ کي قلم جي نوڪ سان ڪاغذ تي پَرٽي، ان کي هميشـﮧ لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيو ۽ انهن لکڻين کي ڪتابي شڪل ۾ آڻي ”شڪارپور صدين کان“ جو نالو ڏئي، پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچايو آهي ۽ ان سان شڪارپور شهر کي هميشـﮧ لاءِ امرتا پڻ بخشي آهي.

هيءُ ڪتاب، ”شڪارپور ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ“ پاران ڇپيو آهي ۽ ان ڏس ۾ سوسائٽيءَ جا ميمبر کيرون لهڻن، جن هي عظيم ڪارنامو سرانجام ڏنو.

”شڪارپور صدين کان“ ڪتاب تحقيق ڪندڙن لاءِ هڪ اهم ماخذ ثابت ٿيندو. هن ڪتاب ۾ ڪل 23 مقالا ۽ مضمون شامل ڪيا ويا آهن، جيڪي شڪارپور ۾ ڪوٺايل ”شڪارپور سيمينار 85ع“ ۾ پڙهايا ويا هئا. انهن مقالن کي ترتيب ڊاڪٽر عبدالخالق ”راز“ سومري ۽ نقش ناياب منگي صاحب ڏني آهي.

ڪتاب جي شروعات ۾، سيڪريٽري ”شڪارپور ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي“ محترم خليل مورياڻي صاحب، ”پنهنجي پاران“ عنوان تحت سوسائٽيءَ جي پس منظر ۾ آئنده پروگرامن بابت اظهار ڪيو آهي. ان کان پوءِ، ”ٻه اکر“، آغا سليم صاحب لکيا آهن. مهاڳ ڊاڪٽر عبدالخالق ”راز“ سومري صاحب تحرير ڪيو آهي. ”مرحبائي تقرير“ جيڪا لعل محمد ”لعل“ ”شڪارپور سيمينار 1985ع“ جي موقعي تي ڪئي هئي، اها به ڏنل آهي. ان کان علاوه،”صدارتي تقرير“ ڊاڪٽر حميده کهڙو ۽ مهمان خاص محترم نورالدين سرڪي جي به سيمينار ۾ ڪيل تقرير ڏنل آهي. ان کان علاوه جن اديب ۽ عالمن جا مقالا ۽ مضمون ڏنا ويا آهن، انهن ۾: ڊاڪٽر عبدالخالق ”راز“ سومري جو ”شڪارپور جو تاريخي پس منظر“؛ نقش ناياب منگيءَ جو ”شڪارپور جي صوبائي ۽ ضلعي حيثيت“؛ مير حاجي محمد بخش ٽالپر جو ”شڪارپور تي ٽالپرن جي حڪومت“؛ پروفيسر نذير احمد صديقيءَ جو ”شڪارپور جي اقتصادي تاريخ“؛ انيس انصاريءَ جو ”شڪارپور جا واپاري ۽ سندن واپاري ڪوٺيون“؛ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جا ”سنڌي زبان جي شڪارپوري لهجي جو لساني جائزو“ ۽ ”شڪارپور جا نثر نويس“، عبدالله ورياهه جو ”شڪارپور ضربخاني جي حيثيت ۾“؛ علي احمد بروهيءَ جو ”شڪارپور جيئن مون ڏٺي ۽ ٻڌي“؛ نصرت حسين ابڙي جو ”شڪارپور سنڌ جي سونهن“؛ تاج صحرائيءَ جو ”ٿرڙي جو دڙو- شڪارپور ضلعو جو هڪ قديم آثار“؛ رشيد ڀٽيءَ جو ”شڪارپور پرڏيهي عالمن ۽ سيلانين جي نظر ۾“؛ انور فگار هڪڙي جو ”شڪارپور جون ناٽڪ منڊليون“؛ احمد بخش بدويءَ جو ”شڪارپور جا گويا ۽ موسيقار“؛ نعمت الله ڀُٽي جو ”سامي چين راءِ“؛ هدايت پريم جو ”منشي ميرزا عطا محمد شڪارپوري بحيثيت هڪ تاريخ نويس“؛ ڪريم بخش خالد جو ”شهيد الله بخش سومرو“؛ پروفيسر غلام احمد بدويءَ جو ”بدوي خاندان جون ادبي خدمتون“؛ گرڏنو گرلداس جو ”شڪارپور جا هندو شاعر“؛ نثار علي هڪڙي جو ”عرض محمد شيخ“؛ برڪت علي آزاد جو ”شهرن جي راڻي شڪارپور- ماضيءَ جي روشني ۾“؛ نثار چنا جو ”شڪارپور جو ٻاراڻو ادب“؛ ۽ پروفيسر امين الله علوي جو، ”شڪارپور جا ڪتب خانا“؛ قابل ذڪر آهن. اهي مضمون ۽ مقالا معلوماتي ۽ مفيد پڻ آهن.

سچ پچ ته هي ڪتاب، ”شڪارپور صدين کان“ سنڌي ادب ۾ اهم جاءِ والاريندو، خص ڪري تحقيقي ميدان ۾، هن ڪتاب جي اهميت ۽ گهرج وڌيڪ ڄاتي ويندي. ضرورت انهيءَ ڳالهه جي به آهي ته اهڙا تاريخي ڪتاب سنڌ جي ٻين شهرن بابت به شايع ڪرايا وڃن، جيئن اسان جو ايندڙ نسل، سنڌ جي تاريخ جي ڀليءَ ڀت ڄاڻ رکي سگهي.

ڪتاب ”شڪارپور صدين کان“ آفيسٽ پيپر تي ڇپيل، سهڻي ٽائيٽل سان آراسته، -/45 رپين ۾ بڪ اسٽالن تان ملي سگهندو.

-امام راشدي

ڪشف المحجوب

از: حضرت علي هجويري داتا گنج بخش، مترجم: ڊاڪٽر پروفيسر عطا محمد حامي، قيمت: هڪ سؤ ويهه رپيا، ناشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، سن 1988ع.

ڪشف المحجوب حضرت علي بن عثمان بن علي جلابي هجويري عليـﮧ الرحمة جي اها لافاني ۽ بي مثال تصنيف آهي، جنهن کي اولياء ڪرام کان سواءِ شريعت ۽ طريقت جي عالمن به پنهنجي لاءِ مشعلِ هدايت سمجهيو آهي. هي ڪتاب فارسي ٻولي ۾ تصوف تي جامع ڪتاب سمجهيو وڃي ٿو. هن ڪتاب جا ڪيترن ئي زبانن ۾ ترجما ٿيا آهن ۽ هاڻي اسان جي پياري سنڌي ٻولي ۾ هن ڪتاب جو ترجمو پروفيسر ڊاڪٽر عطا محمد حامي ڪيو آهي. ڪتاب جي منڍ ۾ مترجم، مصنف جي سوانح حيات تي مختصر روشني وڌي آهي، جيڪا تعريف جوڳي آهي.

ڪشف المحجوب اوڻيتاليهن بابن تي مشتمل آهي، جن مان ڪن جا موضوع هي آهن: علم جو ثبوت، درويشي جو ثبوت، تصوف متعلق، صوفين جي گودڙي، درويشي ۽ صفا ۾ اختلاف، ملامت، اصحاب سڳورا، اهلبيت عليهم السلام، صفه وارا اصحاب سڳورا، تابعين سڳورا، تبع تابعين، بک، صحبت جا آداب، سفر جا آداب، طعام جا آداب، پرڻجڻ ۽ ڇڙي جا آداب، ڳالهائڻ ۽ چپ رهڻ جا آداب، قرآن پاڪ جو ٻڌڻ، شعر ٻڌڻ، راڳ متعلق اختلاف، وجد، وجود ۽ تواجد، ناچ، ڪپڙا ڦاڙڻ ۽ راڳ جا آبدا، وغيره وغيره. اهڙيءَ طرح هن ڪتاب ۾ عبادت ۽ زندگي جي اخلاقن جي سڀني عملي صلاحيتن جي تعليم پڻ ڏني وئي آهي.

ڪتاب جي شروعات ۾ حمد ۽ صلوات کان پوءِ داتا گنج بخش پنهنجو نالو بار بار لکيو آهي ۽ ان جو سبب بيان ڪندي پاڻ فرمائي ٿو ته ”مون ڪتاب جي منڍ ۾ پنهنجو نالو لکيو آهي، ان مان ٻه مطلب حاصل ٿين ٿا. هڪ نصيب عام ۽ ٻيو نصيب خاص. عام نصيب جو مطلب اهو آهي ته جيڪڏهن ڪجهه گهٽ علم وارا ماڻهو انهيءَ نموني جو ڪتاب ڏسن ٿا ۽ کين ڪٿي به ڪتاب لکندڙ جو نالو نظر نٿو اچي، تڏهن انهيءَ ڪتاب کي پنهنجو لکيل ڪتاب ٿا ڄاڻائين ۽ ڪتاب جو مقصد ئي فوت ڪري ٿا ڇڏين. پنهنجي نالي ڇاپرائڻ سان ڪتاب لکندڙ جو مقصد اهو هوندو آهي ته سندس نالي کي بقا حاصل ٿئي ۽ ڪتاب مان فائدو حاصل ڪندڙ کيس نيڪ دعائن سان ياد ڪن. مون سان هڪ اهڙو واقعو ٿي گذريو آهي. هڪ دفعي ڪنهن ماڻهوءَ منهنجو ڪتاب واپس نه ڪيو. الٽو ڪتاب جي منڍ مان منهنجو نالو ڪاٽي، منهنجي سمورين ڪوششن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو. خدا مٿس رحم ڪري. مون منهاج الدين جي نالي سان تصوف تي هڪ ٻيو ڪتاب لکيو هو. هڪ هيٺانهين ذهنيت واري ماڻهو منهنجو نالو ڊاهي پنهنجو نالو لکي ڇڏيو ۽ ماڻهن ۾ مشهور ڪيو ته اهو ڪتاب سندس لکيل آهي. بهرحال خاص ماڻهو سندس انهيءَ حرڪت تي کلندا رهيا ۽ نوبت اتي وڃي پهتي جو الله پاڪ کيس برڪت کان دور ڪيو ۽ سندس نالو پنهنجي درگاهه جي طالبن کان ڊهرائي ڇڏيو.“ (ص-6)

ان کان سواءِ داتا گنج بخش جا ٻيا به ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن جن مان ڪشف المحجوب، ڪشف الاسرار، منهاج الدين، البيان لاهل العيان وغيره. هي ڪتاب تڏهن لکيا ويا، جڏهن تصوف متعلق مشهور ڪتاب مثلاً شيخ شهاب الدين سهروردي جو ”عوارف المعارف“ ۽ ابنِ عربي جو ”فصوص الحڪم“ اڃا ڪونه لکيا ويا هئا. داتا گنج بخش شاعر هو ۽ ”علي“ تخلص هون. ديوان هينئر ناپيد آهي، پر متعدد ڪتابن ۾ سندن اشعار ملن ٿا، جن مان هڪ هي آهي:

اشتياقت روز و شب دارم دلا

 

عشق تو دارم نهان و برملا

جان بخواهم داد اندار ڪوئي تو

 

گر مزا آزار آيد بابلا

سوز تو دارم ميانِ جان و دل

 

ميدهم از عشق تو هر سوا صدا

دلبرا از تو همي خواهم لقا

 

کن تو ”آري“ و مگن هرگز تو ”لا“

اي ”علي“ تو فرخي در شهر واڪو

دهِ ز عشق خويشتن هر سو صلا

ڪشف المحجوب جي فضيلت، حقيقت ۾ رڳو ان جي قدامت تي قائم نه آهي، پر ڪتاب جي رنگارنگي معنوي وصفن تي به مبني آهي. هي ڪتاب جهڙي طرح تصوف جي تاريخ جو خزانو آهي، اهڙيءَ طرح روحاني ڄاڻ جي کاڻ آهي، جنهن ۾ هٿ وجهڻ سان اڻ ملهه موتي حاصل ٿين ٿا. هن ۾ شڪ ناهي ته ڪتاب ۾ جابجا اهڙا اشارا، ڪنايا، رمزون بلڪ مباحثه ۽ مسئلا شامل آهن، جن مان اعلى درجي جا ئي علم ۽ عرفان جا ڄاڻو فائدو وٺي سگهندا ۽ طريقت ۽ شريعت جي ڄاڻن وٽ هن ڪتاب جو مقام تمام وڏو آهي. دارا شڪوه جو بيان آهي ته ”ڪشف المحجوب مشهور و معروف است و هيچڪس رابران سخن نيست و مرشدي است ڪامل و در کتبِ تصوف به خوبي اَن در زبانِ فارسي تصنيف نه شده“ (ازسفينته الاوليا، ص-164)

ڪتاب جي متن ۾ ڪيترن ئي موقعن تي سوالن جا جواب ڏيندي داتا گنج بخش چوي ٿو ته هي ڪتاب انهيءَ ڪري لکيو ويو آهي جو هن جي موجودگي ۾ ٻين ڪتابن جي ضرورت نه رهي آهي، چنانچه ڪشف المحجوب انهن تفصيلن جو حامل آهي. ڪتاب جي نالي جو سبب ڄاڻائيندي مصنف لکيو آهي ته دنيا ۾ حقيقت لڪل نه ٿي رهي سگهي، پر هي ڪتاب انهيءَ حقيقت کي ظاهر ڪري ٿو.

مصنف مضمون شروع ڪرڻ کان پهرين قرآن مجيد جون آيتون، حديثون ۽ آخر ۾ بزرگن صوفين جا قول پيش ڪري ٿو. دلچسپي لاءِ جابجا عربي شعر به ڏنل آهن. ڪتاب جي مطالعي مان اها پروڙ پوي ٿي ته مصنف هر موضوع جو وسيع نظر سان مطالعو ڪيو آهي ۽ ٻين جي اقوالن جو نقل ڪونه ڪيو آهي، پر منطقيانه دليلن سان ٻين جي عقيدن ۽ راين تي تنقيد ڪئي آهي، ۽ دليل به پيش ڪيا آهن. ڪي اهڙا فلسفيانه مسئلا منجهيل ٿيندا آهن، جن کي سمجهڻ لاءِ ذهين فڪر جي ضرورت هوندي آهي، پر مصنف اعلى دماغ جو مالڪ هو جو هن آسانيءَ سان انهن رمزن، اشارن ۽ ڪناين کي بيان ڪيو آهي.

مصنف هن ڪتاب کي مرتب ڪرڻ وقت جن ڪتابن تان استفادو حاصل ڪيو آهي، تن مان ڪن جا نالا متن ۾ ڏنل آهن. پروفيسر زوڪوفڪي تن جي فهرست هن طرح مرتب ڪئي آهي:

(1) بيان آداب المريدين، محمد بن علي الترمذي. (2) تاريخِ اهلِ صفه، عبدالرحمان محمد بن حسين السلمى (3) تصحيح الاراده، جنيد بغدادي (4) الرعايه بحقوق الله، احمد بن خفرويه، (5) تاريخ المشائخ، محمد بن علي الترمذي. (6) ڪتابِ قشيري، قشيري. (7) ڪتاب اللمع، ابي سراج. (8) مراة الحڪما، شاه بن شجاع ڪرماني.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com