مخدوم عبدالله جي هن ”سورة يوسف“ جي ترجمي ۽ تفسير
جو جڏهن باريڪ بينيءَ سان مطالعو ڪجي ٿو ته معلوم
ٿئي ٿو ته هن تفسير جو نالو ”احسن القصص“ آهي،
جيڪو هن ئي سورة جي هڪ آيت ”نَحنُ نَقُص اِلَيڪَ
”احُسَنِ القصَص“ بِمَا اَوَ حَينَا هـٰذا
القُران“ ۾ آيل ”احسن القصص“ جي نسبت جي لحاظ کان
رکيو ويو آهي. جيئن تفسير جي آخر ۾ مخدوم عبدالله
چوي ٿو:
تَاپي نَالُو اَحسَنِ القَصَصِ رَکيـﮧ ِ اَتِس
کَنِي اِسما
قَادِرُ سَا قَبُولُ ڪَري، خَاطِيَ خِذمَتا
اَجر ڏِيَاري تَهجُو مَن کَا مَنجهه عُقبى
پُن وجـﮧ شَوقُ وُجُودَ ۾ تَن اِحسَانس اَنَ لاَءِ
ڏي مَحَبَتَ مؤمَنَن کي ته پَرنسِ پِرتِ مَنجا
۽ ڪَرينِ هِنَ عَاصِيَ عَاجِزَ جي حق مَنجههِ
دُعَا.... الخ (17)
هي سمورو قلمي نسخو 490 صفحن تي مشتمل آهي. هن
نسخي جي سائيز4.5
X 5. 9 آهي، ۽ هر صفحي تي 13 سٽون لکيل آهن. تفسير جي اندر
عنوان ڳاڙهي مس سان لکيو ويو آهي ۽ قرآن پاڪ جي
آيتن کي نروار ڪرڻ لاءِ پڻ ڳاڙهي مس استعمال ڪئي
وئي آهي. زماني گذرندي ڪاٺ جي پيتين ۾ محفوظ هئڻ
جي باوجود اڏوهي به چڱو خاصو ٽڪيو اٿس، پر ان
هوندي به هي نسخو پنهنجي جاءِ تي مڪمل آهي ۽ زبوني
حالت هئڻ جي باوجود به پڙهڻ جي لائق آهي. مخدوم
عبدالله پنهنجي هن سموري تفسير ۾ ٽن جاين تي
پنهنجو نالو ڄاڻايو آهي. ازانسواءِ پنهنجي دور جي
عالمن ۽ مصنفن جي رواج موجب تفسير جي آخر ۾ ان جي
تيار ٿيڻ جي تاريخ ۽ سن به ڄاڻايو آهي. 6 رمضان
سنه 1196 هه/ 1781ع آهي. جيئن مخدوم صاحب لکي ٿو:
تحقيق شروع ڪئوس هي نسخو س اعانت الله جل و علا
ڪَا رَهِيَ مَاهَ رَمضَانَ جي ڏيِنـﮧ اَربَعَا
مَنجهه تفسير سُورَ يُوسُفَ جي طَريَقَ اَيجَازَا
تَاپِي اِنَهمُ مَاهَ ۾ ٿِيَو تَمَامَا
اَگِيَ وَڃيَ وَچَ۾ خَمِيسَ جَي ڏِيهُا
تَن هُئي ڇَيهَم مَاهَ سَندي رَمضَانَا
سنه پِن سُنهَارو هَوءِ بَعد هِجرَتَا
ڪَارَهَ ڇهانَوَيهِم وَرهَ تَـﮧ وَقتا... الخ (18)
هن نسخي جي آخر ۾ ڪاتب جو نالو ۽ ڪتابت جو سن ۽
تاريخ هن طرح ڄاڻايل آهي.
”ڪاتب الفقير حقير پر تقصير اضعف عبادالله
ورثه ڪتابي ولد علو ساڪنه دره تحرير بتاريخ
نوءِ ماه ذوالحج سنه بارهَ سؤ چوٽيهه“ (19)
تفسير جي ترتيب ۽ سٽاءُ:
عبدالله جي هن سورة يوسف جي تفسير ”احسن القصص“ جي
مطالعي ڪندي معلوم ٿئي ٿو ته کيس مادري زبان سنڌي
تي عربي ۽ فارسي سان گڏ وڏو عبور حاصل هو. مخدوم
صاحب پنهنجي هن تفسير جي ترتيب ۽ سٽاء گهڻي ڀاڱي
اها ئي ساڳي قائم رکي آهي، جيڪا ”تفسير هاشمي“ ۾
نظر اچي ٿي، پر ان هوندي به مخدوم صاحب پنهنجي هن
تفسير ۾ ڪافي نواڻ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سڀ
کان پهريائين قرآن پاڪ جي مختلف آيتن جي نازل ٿيڻ
تي مختلف اصحابن سڳورن جي اسلام آڻڻ جي واقعن کي
بيان ڪندي ”سورة يوسف“ جو شان نزول بيان ڪيو اٿس.
ان کان پوءِ قرآن پاڪ ۾ آيل حروف مقطعات تي پنهنجي
مطالعي جي آڌار تي نهايت واضح انداز ۾ بحث ڪيو آهي
۽ سورة يوسف جي شروع ۾ حرف مقطعات ”الرا“ جي معنى
۽ مطلب نهايت سهڻي نموني سمجهايو آهي ان کان پوءِ
سورة يوسف جي هر هڪ آيت جو نهايت واضح نموني ترجمو
۽ تفسير بيان ڪيو اٿس. مخدوم صاحب آيتن جو تفسير
موضوع جي مناسبت سان قرآن پاڪ جي ٻين آيتن جي
روشني ۾ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ان کان علاوه
آيتن جي تفسير ڪندي ڪيترن معتبر ۽ مستند عربي ۽
فارسي تفسيرن، وڏن عالمن، مفسرن ۽ محدثن جا حوالا
سندس طور پڻ ڏنا آهن، جهڙوڪ تفسير بيضاوي، تفسير
ڪشناف، تفسير زاهدي، تفسير مدراڪ، تفسير معالم
التنزيل، صحيح بخاري، صحيح مسلم، حضرت ابن عباس
رضه ۽ حضرت عبدالله بن عمر رضه وغيره. سورة يوسف
جي سموري تفسير بيان ڪرڻ کان پوءِ مخدوم صاحب ان
جي فضيلت کي بيان ڪيو آهي.
مخدوم عبدالله ڪلهوڙن جي دور جو عالم ٿي گذريو
آهي. ان دور ۾ مخدوم ابوالحسن جي مروج ڪيل ”عربي
سنڌي“ خط نسخ سموري سنڌ ۾ لکڻ ۾ ايندو هو. مخدوم
صاحب پنهنجي سموري تفسير جي ٻولي جو رنگ ۽ ڍنگ پڻ
اهو ساڳيو ئي اختيار ڪيو آهي. نظم جي سٽاء ۽ ترتيب
اها ساڳئي الف اشباع واري رکي ٿس، جنهن کي ”ڪبت“
شاعري چئجي ٿو.
مخدوم عبدالله جي سندس فقهي ڪتاب ”ڪنز العبرت“ ۾
پڻ اهو ساڳيو ئي نمونو نظر اچي ٿو. مخدوم صاحب
”ڪنز العبرت“ 1175هه/1761ع ۾ لکيو ۽ ”سورة يوسف“،
هي تفسير 1196هه/1781ع ۾ لکيو آهي. انهيءَ لحاظ
کان مخدوم صاحب پنهنجو هي تفسير مٿئين فقهي ڪتاب
کان 21 ورهيه پوءِ لکيو آهي. انهيءَ عرصي گذرندي
به مخدوم صاحب پنهنجو اهو ساڳيو ئي قديم نمونو
قائم رکيو آهي. مخدوم صاحب هن تفسير ۾ جيڪا سنڌي
ٻولي ڪتب آندي آهي، سا نهايت سادي، سوادي ۽ عام
فهم آهي. پاڻ جيئن ته سنڌ جي لاڙ واري علائقي سان
تعلق رکندڙ هو. انهيءَ ڪري لاڙي لهجو استعمال ڪيو
اٿس، ڪيترن جاين تي پنهنجي دور جي جيد عالم مخدوم
محمد هاشم وانگر ” آ
“ آواز ۾ ڪوبه فرق قائم نه رکيو آهي. عربي عبارتن، قولن،
اصطلاحن ۽ حديثن جي ٽڪرن کي نهايت قابليت سان نظم
جي سانچي ۾ پلٽيو آهي. اگرچه انهيءَ سان سنڌي نظم
جي ماترائن ۾ واڌارو اچي وڃي ٿو، پر ان هوندي به
سندس ٻولي جي ميٺاج، نغمگي ۽ سادگي ۾ ڪوبه فرق نه
آيو آهي. مخدوم عبدالله جو هي تفسير سنڌي ڪلاسيڪي
ديني ادب جو هڪ وڏو شاهڪار آهي. مخدوم محمد هاشم
ٺٽوي رح جي تفسير هاشمي کان پوءِ هي تفسير جهوني
سنڌي ۾ هڪ بلند پايي جو تفسير آهي.
حوالا ۽ واڌارا
(1) رحيم داد مولائي شيدائي: ”جنت السنڌ“، سنڌي
ادبي بورڊ، حيدرآباد 1985ع، ڇاپو ٻيو ص 448.
(2) ڊاڪٽر مبارڪ علي”تاريخ سنڌ“، مغل دور (اردو)،
نگارشات ميان چيمبرز ٽيمپل روڊ لاهور 1987 ص
50-51.
(3) غلام رسول مهر: ”تاريخ سنڌ“ ڪلهوڙا دور سنڌي
ترجمو سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد 1964ع ص 577.
(4) ڀيرومل مهرچند آڏواڻي: ”سنڌي ٻولي جي تاريخ“،
سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد 1982ع ص 245-246.
(5) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو: ”سنڌيون“، انسٽيٽيوٽ
آف سنڌ الاجي، ڄام شورو. 1970ع ص 8.
(6) ڊاڪٽر غلام علي الانا: ”سنڌي صورتخطي“، سنڌي
زبان پبليڪيشن حيدرآباد 1965ع ص 8.
(7) مخدوم محمد هاشم ٺٽوي: ”تفسير هاشمي“ ڪريمي پريس بمبئي 1330هه ص 3.
(8) ڀيرومل مهرچند آڏواڻي: ”سنڌي ٻولي جي تاريخ“
سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1965ع ص 229.
(9) عبدالڪريم لغاري: ”سنڌي الف- ب جي ارتقا“،
انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، ڄام شورو، 1976ع ص 44.
(10) ڊاڪٽر اينيمري شمل: ”سنڌي ادب جي ارتقا“،
مترجم ڊاڪٽر غلام حيدر ٻرڙو، شهيد عبدالرزاق
اڪيڊمي مورو 1981ع ص 61.
(11) مخدوم عبدالله نريي واري جي سوانح حيات جي
باري ۾ ڪافي اختلاف آهن. سنڌ ۾ ڪلهوڙن واري صاحبي
۾ ”عبدالله“ نالي ٻه وڏا بلند مرتبي وارا عالم ٿي
گذريا آهن. جن مان هڪ عبدالله واعظ هو ۽ ٻيو
عبدالله نريي وارو. مخدوم عبدالله واعظ جي نالي
مخدوم عبدالله نريي واري جي ڪيترن تصنيفن کي منسوب
ڪيو ويو آهي. حالانڪ مخدوم عبدالله واعظ مصنف نه
هو، صرف نصيحت ڀريا واعظ ڪندو رهندو هو. انهيءَ
نسب ڪري ميان عبدالله ”واعظ“ جي نالي سان مشهور ٿي
ويو.
مخدوم عبدالله نريي واري جي باري ۾ اها غلط فهمي
سنڌ جي علمي دنيا ۾ ايستائين قائم هئي، جيستائين
مولانا محمد مدني سندس ڪتاب ”ڪنزالعبرت“ کي ٻيو
دفعو نه ڇپايو هو. مولانا محمد مدني اهو ڪتاب
1380هه/ 1961ع ۾ شايع ڪرايو، جنهن جي مهاڳ ۾ علامه
غلام مصطفى قاسمي صاحب، مخدوم عبدالله نريي واري
جي باري ۾ باقاعده تحقيق سان ان جي سوانح حيات تي
روشني وڌي آهي. علامه غلام مصطفى قاسمي صاحب لکي
ٿو ته ”مخدوم عبدالله نريي واري جي والد جو نالو
محمد هو. هو ڪڇ پرڳڻي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ نري جو ويٺل
هو. مخدوم صاحب 1150هه/ 1737ع ۾ ڄائو هو. ديني ۽
دنيوي علمن جي تعليم ٺٽي جي مدرسن مان حاصل
ڪيائين. پاڻ نهايت متقي، پرهيزگار ۽ شريعت ۽ طريقت
جو صاحب هو سندس تصنيفات انهيءَ ڳالهه جون شاهد
آهن ته پاڻ سموري حياتي درس، تدريس ۽ فتوى نويسي ۾
پوري ڪيائين. مخدوم صاحب ڪيترائي ڪتاب تصنيف ۽
تاليف ڪيا آهن، سي سڀ سنڌيءَ ۾ آهن. مخدوم صاحب ڪن
اڻوڻندڙ سببن جي ڪري پنهنجي ڳوٺ نري مان لڏي ڪڇ جي
هڪ ٻئي ڳوٺ سري تعلقي ابڙاسو ۾ وڃي رهيو ۽ اتي ئي
پنهنجي حياتيءَ جا آخري ڏينهن پورا ڪيائين. مخدوم
صاحب 1236هه/ 1820ع ۾ وفات ڪئي.
(12) سر رچرڊ برٽن: ”سنڌ ۽ سنڌو ماٿر ۾ وسندڙ
قومون“ (سنڌي ترجمو) سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد
1971ع، ص81.
(13) محمد صديق ميمڻ: ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ جلد
اول، آر-ايڇ- احمد اينڊ برادرس، حيدرآباد 1974ع، ص
89.
(14) سيد حسام الدين راشدي: ”سنڌي ادب“ مترجم غلام
محمد لاکو، گرامي پبليڪيشن، دولت پور 1981ع، ص
108.
(15) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو: ”سنڌيون“، انسٽيٽيوٽ
آف سنڌ الاجي، ڄام شورو 1975ع، ص 74.
(16) هي اصل قلمي نسخو سنڌي زبان ۾ قرآن پاڪ جي
ترجمن ۽ تفسيرن جي ڳولا ڦولا ڪندي منهنجي استاد
محترم ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي جي ذريعي
ڪنڊيارو شهر جي صديقي قريشي خاندان جي ڪتبخاني مان
هٿ آيو، جيڪو هن وقت منهنجي تصرف هيٺ آهي.
(17) مخدوم عبدالله نريي وارو: ”تفسير احسن القصص“
قلمي، ص 489.
(18) ايضاً، ص ايضاً.
(19) ايضاً، ص ايضاً.
سيد حسام الدين راشدي مرحوم جو منتشر ادبي ذخيرو
غلام محمد لاکو
سيد حسام الدين راشدي مرحوم ويهين صديءَ ۾ سنڌ
اندر هڪ مشهور محقق، برک عالم ۽ وڏو تاريخدان ٿي
گذريو آهي. پاڻ پنهنجي قلمي زندگيءَ جي شروعات،
سکر مان نڪرندڙ ”سنڌ زميندار“ اخبار جي ايڊيٽر جي
حيثيت ۾ ڪيائون. ويهارو ورهيه کن مختلف اخبارن جي
ادارت ڪندي، سنڌ جي صحافتي تاريخ ۾ نالو روشن
ڪيائون. ان دوران ادبي دنيا ۾ هڪ افسانه نگار جي
حيثيت ۾ قدم رکي، راشدي صاحب ڪجهه افسانا پڻ تحرير
ڪيا. سال 1939ع ۾ سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي طرفان
”اسلامي ڪتب خانا“
شايع
ڪري، هي بزرگ هتان جي علمي دنيا ۾ پڻ نمودار ٿيو.
اسان جي هن نامور محقق ۽ عالم، پاڪستان ٺهڻ بعد
صحيح معنى ۾ سنڌ جي تاريخ، تهذيب ۽ ساهتي ورثي
بابت ڪم ڪيو. سندن تحقيقي ڪم بين الاقوامي معيار
جو آهي. ان ڏس ۾ سندن ڪيل خدمتن جو دائرو ملڪي سطح
تي سنڌي ادبي بورڊ، سنڌالاجي، مجلس ترقي ادب
لاهور، انجمن ترقي اردو پاڪستان، اردو لغت بورڊ
ڪراچي، اقبال اڪيڊمي، پاڪستان ريسرچ سوسائٽي
لاهور، مرڪزي اردو بورڊ لاهور ۽ مرڪز تحقيقات
فارسي ايران و پاڪستان تائين پکڙيل آهي. سندن
چاليهه ڪتاب فارسي، سنڌي ۽ اردو ٻولين ۾ ملن ٿا.
ان کان علاوه سنڌيءَ ۾ سندن ٽيتاليهه مضمون ۽
مقالا به ڪتابي شڪل ۾ ڇپيل آهن، جي محترم نفيس
احمد شيخ، پير صاحب جي خواهش تي، ورهين جا ورهيه
محنت ڪري هِتان هُتان چونڊي چپوٽي گڏ ڪيا هئا.
راقم سندن ادبي اثاثي جو جائزو اڳ ئي پيش ڪري چڪو
آهي (مهراڻ، 1/1983ع). سنڌ جي هن هاڪاري عالم ست
سال اڳ وفات ڪئي. ان بعد نه ته راشدي صاحب جي ڇڏيل
ادبي ورثي بابت ڪو ڪم ٿيو آهي ۽ نه وري سندن ادبي
سوانح بابت ڪا تحقيق ٿي آهي. هن مضمون جو ليکڪ
گذريل ستن سالن کان، سيد صاحب جي اهڙي ڇپيل يا اڻ
ڇپيل مواد جي ڳولا، اڀياس ۽ اشاعت ۾ دلچسپي وٺندو
رهيو آهي، جو جدا جدا سالن ۾ يا وري سندن ذاتي
ذخيري ۾ منتشر صورت ۾ موجود آهي. اهڙي مواد کي هڪ
هنڌ گڏ ڪري ترتيب ڏئي ڇاپڻ، سنڌ جي سياسي توڙي
ساهتي تاريخ لاءِ وڏي اهميت رکي ٿو. جيئن ته سنڌ
جي هن محقق جي اشاعتي سلسلي جو دائرو سنڌ کان ڪري
اسلام آباد تائين ۽ اعظم ڳڙهه کان وٺي اصفهان
تائين پکڙيل آهي، ان ڪري سندن ٽڙيل پکڙيل تحريرن
بابت پوري ڄاڻ حاصل ڪرڻ ناممڪن نه، تڏهن به هڪ
ڏکيو مسئلو ضرور آهي. بهرحال راقم کي هيل تائين جا
ڄاڻ ملي آهي، ان کي هت سموهي پيش ڪجي ٿو.
سکر ۾ رهڻ دوران صحافت سان گڏ سيد حسام الدين
مرحوم افسانوي ادب ۾ پڻ دلچسپي ورتي. ان دور ۾ پاڻ
”سيد فدائي الراشدي“ ۽ ”فدائي البهمنوي“ جي قلمي
نالن سان لکندا هئا. رشيد ڀٽي مرحوم سندن تخليق کي
”بهترين سنڌي ساهت“ سڏيو آهي. شروع ۾ حضرت يوسف ۽
بيبي زليخا جي قصي تي مبني هڪ ناولٽ تيار ڪيائون،
جو رشيد ڀٽي مرحوم جي والد حافظ عبدالحميد ڀٽي
الوري 1944ع ۾ شايع ڪيو ۽ 1953ع تائين ان جا پنج
ايڊيشن نڪتا. هن ناولٽ جو نالو ”الزليخا“ چيو وڃي
ٿو. هن کان سواءِ سندن لکيل پنجن افسانن جو پاڻ کي
پتو پئجي سگهيو آهي. اهي افسانا سکر مان نڪرندڙ
رسالي ”المنار“ ۾ ڇپيا هئا. پاڪستان کان اڳ شمسيه
ڪتخاني انهن مان ٻه افسانا ”امانت“ ۽ ”بدنصيب
شهزادو“ جدا جدا ڪتابڙن جي صورت ۾ ظاهر ڪيا هئا.
هي افسانه اخلاقي ۽ اصلاحي هئا. ان بعد ”انارڪلي“،
”پاڪدامن عورت“ ۽ ”گلن واري ڇوڪري“ سال 1952ع ۾
ساڳئي ڪتبخاني پاران شايع ٿيا (”سيد حسام الدين ۽
افسانوي ادب“ از رشيد ڀٽي، هلال پاڪستان ميگزين،
سيپٽمبر 1985ع). هي سمورو مواد فِڪشن عنوان تحت
مرتب ڪري محفوظ ڪرڻ گهرجي.
راشدي صاحب سنڌي زبان جي ڪتابن کان علاوه مقالن جو
به وڏو ڳاڻيٽو ڇڏيو آهي. انهن جو هڪ مجموعو
”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ نالي سان اڳ ۾ ئي ڇپيل آهي.
مختلف رسالا ۽ ڪتاب اٿلائيندي هي مواد ڏسڻ ۾ آيو،
جو سندن مقالن واري مذڪور ڪتاب ۾ محفوظ ٿي نه
سگهيو آهي.
”سنڌ جي تاريخ جا ماخذ“، اصل اردو زبان ۾ لکيل هي
مضمون رسالي نئين زندگيءَ ۾ سال 1952ع ۾ ترجمو ٿي
ڇپيو آهي، جنهن ۾ سنڌ بابت عربي ذخيرن جي نشاندهي
ڪئي وئي آهي. ان بعد هڪ مفصل مضمون فارسي ذخيرن
بابت به ساڳئي رسالي ۾ شايع ٿيو هو، جو پڻ راشدي
صاحب مرحوم جو تحرير ڪيل هو.
”مرزا شاهه حسن ارغون“- هي مضمون نئين زندگي جي
جون 1956ع واري پرچي ۾ ڇپيو آهي.
”شاهه جو پيغام“ حافظ احسن چنه جي ڪتاب ۾ پيش لفظ
طور سندن هي مختصر تحرير شامل آهي. ڪتاب 1958ع ۾
ڇپيو هو. تازو 1985ع ۾ ان جو ڇهون ڇاپو نڪتو آهي.
”لطيف- قومي محبت جو پيامبر“- مولانا دين محمد
وفائي جي ڪتاب ”شاهه جي رسالي جو مطالعو“ ۾ هي
تحرير پيش لفظ طور آيل آهي. هي ڪتاب 1982ع ۾ ڇپيو
هو. رسالي ڪونج (بمبئي) ۾ ساڳي لکت مان اقتباس
”شاهه جي حڪمت“ جي عنوان سان ڏنو ويو (جنوري
1964ع). ان کان علاوه شاهه بابت پنهنجن ڪتابن ۾
اي- جي- اتم (”شاهه، سچل، سامي“) ۽ خان محمد پنهور
(ترتيب: ”لطيفي لات“) به ان کي شامل ڪيو آهي.
”مير علي شير قانع ٺٽوي“- هي مختصر مضمون رسالي
الرحيم ۾ سال 1967ع ۾ ڇپيل آهي.
”سنڌي ٻوليءَ کي للڪار“- محترم عبدالغفور ميمڻ
(ع.غ) سنڌي ”ملير ڊائجسٽ“ ۾ هن عنوان سان هڪ
سلسلو هلايو هو. راشدي صاحب ان ڏس ۾ جو جواب
موڪلڪيو هو، سو رسالي جي جولاءِ 1972ع واري پرچي ۾
ڇپيو.
”جي. ايم سيد بابت گفتگو“- هي مضمون هڪ تقرير تي
مبني آهي، جو ابتدا ۾ عبدالواحد آريسر پنهنجي
”پيغام“ رسالي ۾ ڇپيو. بعد ۾ آزاد قاضي به ان کي
سيد بابت پنهنجي ڪتاب ”لامون تنهن وڻ سنديون“ ۾
شامل ڪيو.
”سچل سارو سچ“- سال 1980ع ۾ سچل ادبي ڪانفرنس
درازا ۾ ٿي، جتي راشدي صاحب صدارتي خطبو ڏنو، جو
هن عنوان سان پوءِ رسالن ۾ ڇپيو.
”سچل کان پوءِ“- هي پڻ درازا ۾ سال 1981ع ۾ ٿيل
ادبي گڏجاڻي جي صدارتي تقرير آهي. رسالي ”پارس“ ۾
به ڇپيل آهي. (هي ٻئي تقريرون تنوير عباسي پنهنجي
سالانه ادبي سلسلي ”سرمست“ جي نمبر 2/82ع ۾ شامل
ڪيون آهن.)
”تند ڪٽارو ڪنڌ“- هي فڪر انگيز ۽ ڇرڪائيندڙ ليک
محترم عنايت بلوچ جي شعري ڪتاب ”تند ڪٽارو ڪنڌ“ ۾
پيش لفظ طور ڇپيل آهي. ڪتاب 1981ع ۾ شايع ٿيو.
”ڪي پڙاڏا ڪي سڏ“- هن نالي سان مشهور دانشور جي-
الانا مرحوم جو سنڌي شعري ڪتاب 1981ع ۾ ڇپيو، ان ۾
راشدي صاحب جو اثر انگيز پيش لفظ شامل آهي.
”بلگرامي سادات ۽ سنڌ“- ارڙهين صديءَ اندر بلگرام
جي ساداتن جو سنڌ سان وڏو تعلق رهيو آهي. هي مضمون
ان عنوان تي ڄاڻ ڏئي ٿو، راشدي صاحب جي ذخيري ۾ اڻ
ڇپيل ڪاپي موجود آهي.
”منصوره جي تاريخ“- تاريخي شهر منصوره بابت مصنف
جا ڪجهه مضمون ڇپيل (اول مهراڻ رسالي ۾، ۽ بعد ۾
ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون ۾) ۽ متعدد اڻ ڇپيل رهجي ويا.
”بيدل جو مطالعو“- سنڌ جي ڪلاسيڪل سلسلي جي هن
آخري شاعر بابت، حسام الدين مرحوم جا ٽي مضمون
ڇپيل آهن، جڏهن چار يا پنج اڻ ڇپيل صورت ۾ نوٽ بڪ
۾ محفوظ آهن.
سيد حسام الدين راشدي مرحوم جو گهڻو ڪتابي ذخيرو،
فارسي زبان ۾ شايع ٿيل آهي. ان ذخيري کان علاوه
سندن مضمون ۽ مقالا به نظر مان نڪتا، جي جدا جدا
ٽڙيل پکڙيل حال ۾ ملن ٿا.
”روابط ايران و سنڌ“- هي پيپر پهرين ايران شناسيءَ
جي بين الاقوامي ڪانگريس تهران ۾ 1966ع ۾ پڙهيو
ويو. اصل اڻ ڇپيل فارسي پيپر راشدي صاحب جي ذخيري
۾ موجود آهي. رسالي نقوش ان جو اردو ترجمو اردو
زبان ۾ شايع ڪيو، جنهن تان راقم ان جو سنڌي ترجمو
تيار ڪيو ۽ رسالي مهراڻ ۾ ڇپيو (4-1984ع).
”ميرزا محمد صادق ’مينا‘ اصفهاني“- هي طويل فارسي
پيپر رسالي ”پارس“ (فارسي) ۾ آڪٽوبر 1967ع ۾ شايع
ٿيو. هن جو اردو ڇاپو نقوش ۾ شايع ٿيو هو.
”روابط دربار سنڌ با دربار ايران در قرن دهم
هجري.“ هي مقالو شاهه طهماسپ صفوي ۽ سلطان محمود
بکريءَ جي لاڳاپن بابت آهي ۽ ايران ۾ ڪنهن ڪانفرنس
۾ پڙهيو ويو هو. رسالي دانش اصل پيپر ڇاپيو آهي.
هن مضمون جو ليکڪ ان جو سنڌي ترجمو ڇاپي چڪو آهي
(مهراڻ،1-2/1988ع).
”اصفهان ۽ سنڌ“- فارسي زبان ۾ هن عنوان تي 1974ع ۾
هڪ مضمون تيار ٿيو، جو غالباً ڪتاب ”پيوند هاي
ايران و پاڪستان“ ۾ ڇپيل آهي. ان جو سنڌي متن
”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ ۾ موجود آهي.
”نفوذ فردوسي و شاهنامـﮧ در سند“- راشدي صاحب هي
طويل مقالو مشهد ۾ ٿيل (14-18 جولاءِ 1975ع)
فردوسي ڪانفرنس ۾ پڙهيو هو. تازو رسالي ”دانش“ اصل
پيپر ڇاپيو آهي. راقم جي ڪوشش سان دوست عبدالرسول
قادري ان جو سنڌي ترجمو ڪيو آهي، جو ســﮧ ماهي
”مهراڻ“ ۾ اشاعت جو منتظر آهي.
سنڌ جي هن مايه ناز عالم ۽ تاريخدان، اردو زبان ۾
ڪل چار ڪتاب تيار ڪيا، جي سڀ ڇپيل آهن. ان کان
علاوه پاڻ هن زبان ۾ لاتعداد مضمون ۽ مقالا توڙي
مختلف ڪتابن تي مقدما ۽ تقريظون لکيا اٿن. انهن جي
ترتيب ۽ اشاعت سنڌ توڙي اردو ٻوليءَ لاءِ ازحد
ضروري آهن. هيل تائين ان ڏس ۾ مليل معلومات کي هت
ڄاڻائجي ٿو.
”پنبه کجا کجا نهم“- اردو اديب شاهد احمد دهلويءَ
بابت مضمون آهي. هن مضمون اندر مهاجر طبقي پاران
سنڌ اندر حاصل ڪيل ناجائز دولت ۽ خود لائق اردو
اديبن جي بي قدريءَ بابت، نهايت ئي تند ۽ تيز لهجي
۾ گفتگو ڪيل آهي. منهنجي خيال ۾ هيءَ اردو زبان ۾
هڪ يادگار تحرير آهي. (ٻيهر ڇپيل ”قومي زبان“
ڊسمبر 1982ع.)
”گفتي“- مظهر يوسف جي ترتيب ڏنل هڪ ڪتاب ”سهُني
ڌرتي“ ۾ پيش لفظ طور شامل آهي. هي ڪتاب 1976ع ۾
ڪراچيءَ مان ڇپيو هو.
”تاريخ سنده ڪي ماخذ“- ماهنامه رياض جي جولاءِ
1954ع واري پرچي ۾ هي تحقيقي مضمون شايع ٿيو. ان
جو سنڌي ترجمو اياز قادري صاحب ڪيو. اول مهراڻ ۾ ۽
پوءِ ڪتاب ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ ۾ شامل آهي.
”چار خط“- هي چار خط حفيظ هوشيار پوريءَ، مرحوم
راشدي صاحب ڏي لکيا هئا، جي سهيڙي ’نقوش‘ ۾ حاشين
سان ڇاپيا ويا.
”تصانيف ابو علي ابن سينا“- مضمون رسالي ”فاران“ ۾
شايع ٿيو. (سيپٽمبر 1952ع).
”اردو زبان ڪا مولد سنده“- ماهنامه قومي زبان ۾
شايع ٿيو (اپريل 1954ع). اڳتي هلي خود مصنف هن
خيال کي رد ڪري ڇڏيو هو.
”سنده ڪي اردو شعرا“- رسالي قومي زبان آڪٽوبر
1951ع ۾ شايع ٿيو. هي ٻئي مضمون سنڌي ۾ پڻ ترجمو
ٿيا ۽ ڪتاب ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ ۾ ”اردو ٻوليءَ
جو مولد- سنڌ“ عنوان سان محفوظ ٿيا.
”مولانا محمد شفيع“- هي بزرگ پنجاب جو هاڪارو عالم
۽ محقق ٿي گذريو آهي، جنهن متعلق هي يادگار ليک
سـﮧ ماهي ”اردوءَ“ جي جنوري 1968ع واري پرچي ۾
ڇپيو آهي.
”فتاواي عالمگيري ڪي دو سندهي مؤلفين“- هي مضمون
اعظم ڳڙهه هندستان مان نڪرندڙ مخزن ’معارف‘ جي سال
1941ع واري ڪنهن پرچي ۾ شايع ٿيو.
”مولانا محب علي سندهي“- هي مقالو انجمن ترقي اردو
جي ڪنهن پرچي ۾ ٽيهه سال کن اڳ ڇپيو. ان جو سنڌي
ترجمو به ملي ٿو.
”مرزا غازي بيگ ترخان“- هي پيپر انجمن جي ”تاريخ و
سياسيات“ ميگزين ۾ ڇپيل آهي (مئي 1966ع).
”کيفي د تاتريه“- هي صاحب مولوي عبدالحق جو ساٿي ۽
اردو اديب ٿي گذريو آهي. راشدي صاحب مٿس هڪ
ڇرڪائيندڙ مضمون لکيو، جو رسالو سـﮧ ماهي ”اردو“ ۾
شايع ٿيو (آڪٽوبر 1966ع).
”سنده ڪي تاريخي اور سياسي مڪتوبات“- هي پيپر
پاڪستان هسٽري ڪانفرنس 1973ع، منعقده اسلام آباد ۾
پڙهيو ويو. اردو متن، قائداعظم يونيورسٽي طرفان
ڪتابي شڪل ۾ ڪانفرنس جي روداد ۾ ڇپيل آهي، جتان
راقم ان جو سنڌي ترجمو شايع ڪيو. (مهراڻ،
1/1987ع).
”قاهره ڪي ڪتب خاني مين“- هي معلوماتي مضمون رسالي
فاران ۾ ڇپيو هو (مئي 1953ع). ساڳي تحرير ڪجهه
ترميم ٿيل عنوان سان بهاولپور جي رسالي ”الزبير“ ۾
ڇپي آهي.
”غيرت خان مؤلف ماثر جهانگيري“- هي تحقيقي مقالو
1961ع ۾ ٿيل پاڪستان هسٽري ڪانفرنس ۾ پيش ڪيو ويو.
پروسيڊنگس ۾ به ڇپيل آهي ته ان جو سنڌي ڇاپو به
ملي ٿو. (ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون).
”مير ابوالقاسم نمکين اور ان ڪا خاندان“- هي مضمون رسالي ”تاريخ و سياسيات“
جي اپريل 1951ع واري شماري ۾ شايع ٿيل آهي.
”تاريخ سنده ڪي عربي ماخذ“- اردو زبان ۾ ڇپيو، جتان ان جو سنڌي ترجمو ٿيو،
جو مخزن نئين زندگيءَ ۾ سال 1952ع ۾ ظاهر ٿيو.
هنن مضمونن ۽ مقالن کان علاوه متعدد اردو ڪتابن تي
مقدما ۽ تقريظون به لکيائون، جن جو وڏو تعداد آهي.
ليڪن انهن تائين پنهنجي رسائي ممڪن ڪونهي. بهرحال
ٻن ڪتابن ”سلجوق نامه“ ۽ ”سيرالعارفين“ تي راشدي
صاحب جا لکيل مقدما تاريخي لحاظ کان بيحد اهميت
رکن ٿا. هي ٻئي ڪتاب لاهور مان ڇپيا آهن. هڪ مقالو
خواجه نظام الدين هرويءَ بابت رسالي ”جام جم“ ۾
ڇپيو. چئي نه ٿو سگهجي ته اهو اردو ۾ آهي يا فارسي
زبان ۾!
سنڌ جو شان- پير حسام الدين شاهه راشدي
غلام قنبر ابڙو
”اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين،
آديسي اُٿي ويا مڙهيون مون مارين،
جي جِيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.“
(شاهه)
انساني زندگي خوشين ۽ غمن، لاهين ۽ چاڙهين ۽ ڏکن ۽
سکن جو آماجگاهه آهي. منهنجي حصي ۾ ٻه ڏينهن اهڙا
گذريا آهن، جن جي درد ۽ اذيت جي شدت منهنجي وجود
کي ڌوڏي ڇڏيو ۽ ان درد جو ڇهاءُ تنهاين ۾ زياده
محسوس ڪندو رهيو آهيان. 23 سيپٽمبر 1982ع منهنجي
زندگيءَ جو انتهائي اداس، رنجيده ۽ غمگين ڏينهن
هو، جو اُن ڏينهن منهنجي والد محترم رحلت فرمائي.
اهو عظيم پيءُ، جنهن جي زيرِ سايه علم و ادب سان
روشناس ٿيس، پر پهرين اپريل 1982ع منهنجي لاءِ
نهايت المناڪ، دلخراش ۽ دردناڪ ڏينهن هو، جو سنڌ
جو ڄاتل سڃاتل، پنهنجن ۽ پراون جو هڏڏوکي ۽ آئيءَ
ويل ڪم ايندڙ، سنڌ جي مهان شخصيت سائين حسام الدين
شاهه راشدي، جو گذريل تقريباً اڌ صديءَ تائين سنڌ
جي علم و ادب ۽ تاريخ جو چمڪندڙ ستارو هو، سو غروب
ٿي ويو. هن پنهنجي سموري زندگي هڪ عظيم ۽ ارفع
مقصد لاءِ ارپي ڇڏي ۽ انهيءَ جي حصول لاءِ ڏينهن
رات هڪ ڪري، تتيءَ ٿڌيءَ جي پرواهه نه ڪندي، سنڌ
جي تاريخ جي سينڌ ۾ سِندور ڀري، نوَن اديبن ۽
ليکڪن لاءِ عبرت جو مثال ڇڏيندي پنهنجي، جان جانِ
آخرين جي حوالي ڪيائين.
سائين حسام الدين راشدي 20 سيپٽمبر 1911ع ۾ ڳوٺ
بهمڻ لڳ نصرت ريلوي اسٽيشن ضلع لاڙڪاڻي ۾ جنم
ورتو. ابتدائي تعليم مولوي محمد سومار ڊکڻ، الياس
پنهور ۽ سيد علي شاهه لڪياريءَ وٽ وٺندي چار درجا
سنڌي ۽ فارسي تعليم سڪندر نامه تائين حاصل ڪيائين.
هن ڪڏهن انگريزي اسڪول ۽ ڪاليج جو منهن نه ڏٺو، پر
انگريزي تعليم خانگي طرح نصرت ريلوي اسٽيشن ماستر
وٽ پڙهيائين. ننڍپڻ کان وٺي کين اخبارن ۽ ڪتابن
پڙهڻ جو شوق هو. باوجود گهٽ باقاعده تعليم هئڻ جي،
محنت سان مطالعي جي مشق ڪندو رهيو ۽ انهيءَ مسلسل
جستجو ۽ تلاش هن کي هڪ ڏينهن نه فقط قومي سطح تي
بلڪ بين الاقوامي سطح تي چوٽيءَ جي عالمن ۽ محققن
جي صف ۾ آڻي بيهاريو.هن کي جيڪڏهن ’سيلف ميڊ‘
اديب، محقق ۽ تاريخدان چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو.
سائين حسام الدين صاحب 1926ع ۾ شڪارپور لڳ ”جاڳڻ“
اخبار ۾ نامه نگار جي حيثيت سان صحافتي افق تي
اڀريا. ”المنار“ سکر ۽ مولانا عبدالڪريم چشتيءَ جي
ماهوار اخبار ”پيغام“، جا شڪارپور مان نڪرندي هئي،
ان ۾ سندن صحافتي ۽ ادبي چرچو ۽ چوٻول چوڏس ٻڌڻ ۾
آيو. ان کانپوءِ ”سنڌ زميندار“ سکر ۾ 1930ع کان
1934ع تائين ايڊيٽر ۽ بعد ۾ ”ستاره سنڌ“ جا 1937ع
تائين ايڊٽر رهيا. جڳ مشهور اخبار ”الوحيد“ ۾
1941ع ۾ بنا نالي ڪيترا مضامين لکيائون ۽ تنهن
کانپوءِ مشهور سنڌي روزنامـﮧ ”قرباني“ ڪراچي ۾ به
وقت ڏيڻ جي قرباني ڪيائون. 1950ع ۾ آغا غلام نبي
خان پٺاڻ، وزير تعليم سنڌ جي حيثيت ۾ سنڌي ادب
لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ نئين سر سنڌي ادبي بورڊ
جي نالي سان قائم ڪيو، ان ۾ 1953ع کان ميمبر رهيا.
ورهاڱي کان پوءِ، انجمن ترقي اردو جو دفتر بابائي
اردو مولوي عبدالحق دهلويءَ کان ڪراچي کڻي آيو،
جنهن ۾ پير صاحب کي شريڪ ڪيائين.
پير صاحب 42 کن تحقيقي ڪتاب قلمبند ڪيا، جي فارسي،
اردو ۽ سنڌيءَ ۾ آهن. فارسي ادب جي ترقي ۽ توسيع
لاءِ ڪيل سندس خدمتن جي اعتراف ۾ ايران سرڪار کين
”نشان سپاس درجه اول“ عطا ڪيو. اهو اعزاز ورلي
ڪنهن عالم کي نصيب ٿيندو آهي.
سنڌ جي تاريخ کي، ماضيءَ ۾ جن درٻاري مورخن پنهنجي
ويڪائو ضمير ۽ وڪاڻل قلم ذريعي، سنڌي ماڻهن تائين
پهچائي انهن کي انڌيري ۽ احساسِ ڪمتريءَ ۾ مبتلا
ڪيو، تن جا پير صاحب وکا پڌرا ڪري، صحيح ۽ سچي
تاريخ مُرتب ڪرڻ جي پوري ذميداري پنهنجي سر تي
کڻي، چئلينج کي قبول ڪندي ايترو ته مواد مهيا ڪري،
ڇنڊي ڦوڪي، ٺاهي ٺُڪي ۽ سموهي ڏنائين، جنهن سان
جيڪڏهن نئين سر تاريخ لکڻ جو ڪم هٿ ۾ کينو وڃي ته
اُها سنڌ جي صحيح، مستند ۽ حقيقي سماجي تاريخ ٺهي
پوندي.
سائين حسام الدين راشديءَ جن هڪ عالم، محقق ۽ مؤرخ
جي حيثيت ۾ هڪ خاص مقام جا مالڪ هئا. سندن تحقيقي،
تاريخي ۽ ادبي مقالن، تصنيفن ۽ تاليفن کي سنڌي ادب
۾ وڏو درجو حاصل آهي. تقريباً ٽي سو تحقيقي مضمون،
جيڪي اڪثر سنڌ جي تاريخ، ثقافت، مشاهيرن، عالمن،
شاعرن ۽ صوفي بزرگن جي حالاتِ زندگي ۽ تذڪره سان
تعلق رکن ٿا، سندس محنت جو دليل آهن. سائين صحيح
معنى ۾ سنڌ جا ترجمان هئا. سندس مؤرخانه انداز کان
متاثر ٿي برصغير جي هڪ وڏي محقق ۽ مؤرخ سيد سليمان
ندويءَ کين ”مؤرخِ سنڌ“ ڪري سڏيو. اهو لقب
خيرپورميرس ۾ 1951ع ۾ هڪ ادبي اجتماع ۾ صدارتي
تقرير ڪندي چيائون، جنهن ۾ پير سائين جن پنهنجو
مقالو ”سنڌ ۾ اردو“ عالمانه انداز سان پڙهيو ۽
ادبي نشست جا مکيه مهمان جناب عبدالستار پيرزادو
وزير تعلم جن هئا.
پير صاحب جن جي ڪتابن ۾ ”مڪلي نامه“، ”مير معصوم
بکري“، ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“، ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“
ايڏا ته دلچسپ ڪتاب آهن، جو هڪ دفعو پڙهڻ شروع ڪيو
ته ختم ڪرڻ بغير نه ڇڏبو، بلڪ وري وري پڙهڻ تي دل
ٿيندي ۽ هر ڀيري نوان نڪتا پيا نظر ايندا. پوئين
ڪتاب ۾ شڪارپور شهر، جنهن کي ڪنهن زماني ۾ سنڌ جو
”پئرس“
سڏيندا هئا، اُن جي تباهيءَ بابت فرمائين ٿا ته:
”شڪارپور ڪجهه سم سيڪ چَٽُ ڪئي، باقي ڀائرن جي
ساڻس ڀلائي ٿي.“ ان کان علاوه پير صاحب جن تذڪره
نگاريءَ تي ڪتاب جهڙوڪ تذڪره امير خاني، تذڪره مير
محمد معصوم بکري، سوانح نگاريءَ ۾ مير علي شيخ
قانع ٺٽوي جو مڪلي نامو، جيڪو دراصل 79 صفحن تي
لکيل هو، تنهن ۾ پير صاحب جن اضافا آڻي، حاشيا
لکي، تحقيقي واڌارو ڪري ان کي وڌائي 779 صفحن واري
ضخيم ڪتاب مڪلي نامي جي صورت ۾ آندو.
تاريخ جي حوالي سان سائين حسام الدين جن مثنويات
هشت بهشت جي صفحي 89 تي لکن ٿا ته:
”سمن جي شمع جو آخري شعاءُ، ان کان پوءِ ان جو
اجهامڻ، باهمي جهڳڙن سبب، سنڌ جي آزاديءَ جو سلب
ٿيڻ، سنڌ جي سرزمين تي ڏيهئون ڏور، قنڌارئون پري
جي هڪ تڙيل قبيلي جو تسلط ڪرڻ، ارغون، بابر هٿان
تهس نهس ٿي، قنڌار مان لڏي پٽي اچي سبيءَ منجهه
لٿا. نظام الدين جي واصل بالله ٿيڻ کان پوءِ ڪيئن
تخت نشينيءَ جي سلسلي ۾ خانه جنگيءَ جو آغاز ٿيو ۽
ارغون ڪيئن سنڌين جي گهرو نفاق مان فائدو وٺي،
پهرين ٽانڊي ڪاڻ اچي، پوءِ بورچي بڻجي ويهي رهيا.
دريا خان دولهه سمي ابڙي ڪهڙيءَ ريت سنڌ جي انهيءَ
غلاميءَ واري داستان جي سرخيءَ کي پنهنجي خون سان
رتولي، ظالمن جي دامن دائميءَ طرح داغي ڇڏي.“
سائين راشدي صاحب ان حوالي سان گويا اڄ جي حالتن
جو به ذڪر ڪري ٿو ۽ هتان جي رهندڙن جي باهمي رنجشن
۽ نفاقن کي دور ڪرڻ لاءِ تاريخ جو حوالو ڏئي ٿو.
اکيون کولڻ لاءِ اهو ڪافي آهي.
جيڪب آباد ۾ غالباً 1974ع ۾ هڪ وڏو ادبي ميڙ مڙيو
هو، جنهن ۾ علم و ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جا ڪيترائي
پروانا شريڪ ٿيا هئا. اُن ساٿ ۾ سائين غلام مصطفى
شاهه صاحب جن جو به ساٿ هو، اتي سائين پير حسام
الدين شاهه راشديءَ سان منهنجي پهرين ملاقات ٿي
هئي. سائينءَ جن جي مڻيادار شخصيت جي ڪهڙي تعريف
ڪجي. جن به سائينءَ جن کي اسٽيج تان ٻڌو ۽ ڏٺو
هوندو ته اهي ئي ٻڌائي سگهندا ته پير صاحب جن کي
سنڌ ۽ سنڌين سان ڪيڏو نه عشق هو. سندن تقرير سليس
۽ صاف، سولي ۽ سلوڻي، دلنشين ۽ دل آفرين هئي. سندن
چهرو نوراني، پيشانيءَ تي تجربي، عقل ۽ ڏاهپ جون
ريکائون روشن هيون.
سائين حسام الدين راشديءَ جي باري ۾ منهنجي پياري
استاد ڊاڪٽر نواز علي شوق صاحب مون کي گهڻو ٻڌايو.
چيائون ته سائينءَ جن جي ڪهڙين خوبين کي ڳائي،
ڪهڙين کي ڳائجي. هڪ خوبي هجي ته ٻڌائجي، بقول ڀٽ
ڌڻي:
|