سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 1989ع

 

صفحو :19

ميان نورمحمد ڪلهوڙي جو مدفن

اداره رساله مهراڻ طرفان راقم الحروف کي حڪم ڪيو ويو ته تازي پرچي يعني مهراڻ جي رسالي 1/ 1989ع بابت پنهنجي راءِ کان آگاهه ڪريان.

معلوم هجي ته مذڪوره رسالو سنڌ جي محسن اداري ”سنڌي ادبي بورڊ“ طرفان سه ماهي مجله صورت ۾ شايان شان، آب و تاب سان شايع ٿيندو رهي ٿو. اڪثر هي رسالو- تبرڪات شاهه سائين، بزرگن جا اقوال زرين، لمعات فڪريات، تحقيق و تدوين، سوانح حيات، تصورات، تصوف ۽ تاؤمت، تراجم، تبصره ڪتب، تذڪار وغيره وغيره جي مضامين تي مشتمل هوندو آهي. مطلب ته هي رسالو سنڌ جي تهذيب، تمدن ۽ ثقافت جي مضمونن سان ڀرپور شايع ٿيندڙ آهي، جيڪو رسالي جي اجرا جو اصل مقصد آهي. درحقيقت اهي سمورا مضامين، سنڌي علم ادب ۾ تاريخي ۽ اهم درجو حاصل ڪندڙ، قومي اثاثو آهن، جنهن جي نتيجي ۾ موجوده دور ۾ مذڪوره رسالي جي پرچار بعد ماشاءالله چشم بد دور، سنڌي ٻوليءَ جو دامن وسيع ۽ مالامال ٿيو آهي، جيڪو سچ پچ ته اسان لاءِ مايه ناز ۽ باعثِ فخر آهي. پر ائين به آهي ته جيڪي ڪجهه ان سلسلي ۾ ڪيو ويو آهي سو فقط- - ڪجهه جي- - زمري ۾ اچي ٿو ۽ گهڻو ڪي ڪجهه ڪرڻ سو اڃان باقي آهي.

رسالي جي شروع ۾ چڱي وڏي سائيز ۾، خط گلزار ۾ ”بسم الله الرحمان الرحيم“ جو طغرو ڏنل آهي ۽ ان جي پويان سورة القصص4/6 جي آيتن جو سنڌي ۾ ترجمو پڻ ڏنل آهي، جيڪو حال مطابق حقيقت تي مبني آهي. ان بعد سنڌي ادب جي عظيم محسن ۽ بورڊ جي مربي جناب مخدوم محمد زمان ”طالب المولى“ چيئرمن سنڌي ادبي بورڊ جي نهايت خوبصورت رنگين تصوير پُرتنوير ڏني وئي آهي. ساڳي تصوير کي ڪنهن ٻئي رنگ جو بارڊر ڏجي ها ته وڌيڪ موزون ٿئي ها.

جناب فاضل ايڊيٽر صاحب جي ايڊيٽوريل (حال احوال) ۾ سنڌ جي حضرت سرتاج الشعراء، قادرالڪلام خدائي سخن مخدومي جناب طالب المولى مدظلـﮧ العالي جن بابت جيڪي ڪجهه تحرير ٿيل آهي، سا احسان شناسي جي اولين تقاضا آهي. ازانسواءِ ايڊيٽر صاحب، مخدوم صاحب جن جي فڪر و فن ۽ سيرت و ڪردار تي جامعيت سان ۽ موثر انداز ۾ ايترو ڪي لکي چڪو آهي، جو بظاهر ته ڪو اهڙو گوشو نظر ئي نٿو اچي، جيڪو توجهه جو محتاج هجي. بهرنوع سنڌي ادب ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ سندن وجود ذيجود نهايت غنيمت آهي، مخدوم جن فن شاعري ۽ فلسفي ۽ فڪر ۾ يڪتائي روزگار آهن. سنڌي شاعري ۾ جيتري قدر اصناف سخن مروج آهن، تن سڀني تي سندن طبع آزمائي ڪيل آهي ۽ سندن شاعري ۾ هڪ خاص اها تخصيص آهي، جنهن جو رنگ انبساطي آهي، يعني سندن ڪلام کي پڙهڻ سان دل کي انبساط ۽ خوشي حاصل ٿئي ٿي، علي الخصوص کين غزل جي شاعري تي هڪ خاص اهڙو ته عبور حاصل آهي جو طبع آزمائي ڪندي هاڻي ”شهنشاهه المتغزلين“ جي درجي تي فائز آهي. (المّنت الله).

ازانسواءِ پاڻ ماشاءَ الله عالمي شهرت جا پڻ حامل آهن. سچ ته ائين آهي ته ماضيءَ ۾ پنهنجي سرپرستي ۾ سنڌي ادبي بورڊ کي صحيح معيار ۽ ان بلند پائي تي سندن ئي شخصي ڪوششن ۽ محنتن رسايو آهي.

ان بعد ساڳئي ايڊيٽوريل ۾ محترمه مهتاب اڪبر راشي کي پڻ مبارڪباد ڏنل آهي، بيشڪ هوءَ مبارڪباد جي حقدار آهي. مذڪوره سُلڇڻي نياڻي، على حاله، جنهن محنت، جانفشاني ۽ خلوص سان ادارهء سنڌ الاجي ۾ پنهنجي فرض ادائي ڪئي آهي سا تعريف جوڳي آهي، تنهنڪري سندس متعلق به جيڪي ڪجهه تحرير ٿيل آهي، سو پڻ حق سچ تي مبني آهي. ماشاءَ الله.

مذڪوره ايڊيٽوريل کانپوءِ سابقه دستور مطابق سنڌ جي شعراء ڪرام جن جا غزليات وغيره ڏنل آهن، جيڪي سمورا هڪ ٻئي کان وڌيڪ فصيح و بليغ معيار تي چيل آهن. جن ۾ ترڪي ڪي اهڙيون مصرعون آهن، جيڪي جواهرات ۾ تورڻ جي قابل آهن ۽ ڪن ڪن غزليات ۾ ته وري شاهه بيت آندل آهن جيڪي سمورا لائق داد تحسين آهن. ان بعد چند تاريخي، تحقيقي مقالات آهن. اهي سمورا سنڌي علم و ادب ۽ تاريخ جا اهم اثاثه آهن. انهن کان بعد ڪهاڻيون ۽ تبصرا وغيره پڻ ڏنل آهن.

رساله مهراڻ جو ڪور پڻ نهايت عمدو ۽ سهڻو آهي، جنهن جي مهڙ تي مناظر قدرت يعني گلن ٻوٽن جي عجيب جاذب رنگين تصوير ڏنل آهي، جيڪا واقعي دلڪشِ نظر آهي.

ساڳئي ڪَورَ جي آخر ۾ سرتاج العلماء مخدوم حضرت حاجي حسن الله صديقي مرحوم مغفور پاٽائي جي مهر جو عڪس ڏنو ويو آهي. ياد رهي ته ان جي وچ واري دائري ۾ ”حسبي الله“ جا الفاظ اڪريل آهن ۽ ان جي هٺيان پڻ سن 1325هه به آهي.

زير نظر رساله مهراڻ جي صفحي 117 تي ”ميان نورمحمد ڪلهوڙي جو مدفن ۽ ان جا ڪتبا“ جي سرخي سان تحقيقي مقالي کي مطالعي ڪرڻ بعد ذهن ۾ آيو ته ميان صاحب جي وفات بابت پهرين نهايت مختصر تاريخي پس منظر ڄاڻائي ۽ پوءِ صحيح پڙهڻين خاطر سندس قطعهء تاريخ وفات ڏجي. پر وري خيال ڪيم ته متان ڪي صاحب سمجهن ته هي تنقيدي جواب آهي، سو هرگز ائين نه آهي؛ ڇو جو جڏهن خودبخود راقم کي اداري طرفان چيو ويو ته مذڪوره رسالي تي پنهنجي راءِ کان آگاهه ڪريان، تڏهن هي ٻه چار الفاظ جيڪي ذهن ۾ آيا آهن، سي لکيا ويا آهن.

ڪلهوڙا حڪمران ابتدا کان آخر تائين سنڌ ۾ تختگاهه جي تعين ڪرڻ ۾ نهايت ڪوشان رهندا آيا. ٺٽي کي تخت گاهه ڪرڻ  جي ڏاڍي ڪوشش ڪيائون، پر ڪامياب نه ٿيا. ميان نورمحمد خان ان سلسلي ۾ هڪ مستقل تخت گاهه قائم ڪرڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي، جنهن بعد موجوده موري شهر کان 7-8 ميل اوڀر طرف ”محمد آباد“ نالي شهر ٻڌائين، جنهن ۾ حياتيءَ جا پويان ٻه سال کن مس گذاريائين ته ڪنهن دشمن ڪوڙي افواهه ذريعي هُلايو ته احمد شاهه ابدالي سنڌ تي حملي ڪرڻ لاءِ اچي رهيو آهي، جنهن سبب ميان صاحب مرحوم پاڻ جيسلمير طرف نڪري هليو ويو. اڃان جيسلمير جي نزديڪ ئي مس ٿيو ته قضا الــٰهي سان واٽ تي وفات ڪيائين، جنهن بعد سندس وصّيت مطابق نعش کي واپس سنڌ ۾ آڻي مذڪوره ”محمد آباد“ ۾ دفن ڪيو ويو؛ جيڪو ميان نورمحمد جي وفات بعد تخت گاهه ٿيڻ بدران فقط بزرگن جو قربستان بنجي ويو ۽ ان کانپوءِ محمد آباد بدران ”ميان جا قبا“ جي نالي سان سڏجڻ لڳو.

ميان نورمحمد خان جي مقبري تي اڄ کان 242 سال اڳ واروپٿر- بحساب جمل- ماده تاريخ وفات ڪنده ٿيل، اظهر من الشمس جيان عيان ۽ نمايان لڳل آهي، سو ثابتي ڏيڻ لاءِ ٻڌائي رهيو آهي ته هن مقبري ۾ هتي ميان نورمحمد خان ڪلهوڙي جو لاش دفن ٿيل آهي.

درحقيقت اسان کي درايت جي بدران قياس آرائي ڏي هرگز متوجه ٿيڻ نه گهرجي، يعني مختصر لفظن ۾ ته سمٿ ۽ ڀائي ڀيرومل جن جو چوڻ ته ميان جو لاش دولتپور ۾ آهي يا ان تي وڌيڪ شڪ شبها ڪرڻ- ڪيڏا نه هنن ٻنهي صاحبن جي بي بضاعتي جا ظاهر ظهور ثبوت آهن. تنهنڪري آءٌ پاڻ هڪ طالب علم جي حيثيت ۾ مولانا غلام رسول مهر، پير حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، لطف الله بدوي ۽ رائچند راٺوڙ سان نهايت متفق آهيان، جو اهي صاحبان، درايت جا قائل آهن، جنهن کي صحيح تحقيق ۽ جستجو چئبو آهي.

هاڻي اسان ميان صاحب مرحوم مغفور جي قطعئه تاريخ وفات ڏينداسين جيڪا آخوند* غلام محمد ابن آخوند محمد بقا جي بياض تان نقل ڪيل آهي. قطعه تاريخ ۾ اهو پڻ ڄاڻايل آهي ته:

(1) ميان نورمحمد ڪلهوڙي 1167هه ۾ وفات ڪئي.

(2) سندس مقبرو، محمد بقا باقر ڪاردار خدمتگار، جي معرفت 1177 هه جڙي راس ٿيو.

قطعه تاريخ وفات ميان نورمحمد خان ڪلهوڙه

وليء عهدي و جانشين و وارثِ ملک

 

”غلام شاه“ و سخاوت به دانِ عاليشان

امير و پير ”ميان صاحبِ کرم خصلت

 

عدو شڪار و نظر کرده شهِ مردان

چون ”سرفراز“ شده از عطائي مصطفوي

 

نمود روضه ز تعمير روضئه رضوان

چه روزه منزل و آرامگاه اهل بهشت

 

که پُر ز نور و تجلا است ظاهر و پنهان

ز پر توش دلِ اهلِ نظاهره روشن شد

 

چون ديد از در و ديوار و بام نور افشان

هميشه زنده بود هرکه نام نيک گذاشت

 

که روشن است چراغش ز رحمتِ يزدان

چون در هزار وصد و شصت وهفت در هجري

 

وفات يافته ”واليء سندهه“ گشٽ روان

مرو بروضئه و آهسته تر خرام صبا

 

شگوفه ريز مبادا شود گلِ ريحان

ز فرقتش دلِ ارباب دين که خون کرديد

 

چکيد از مزده چون اشک شيد جگر بريان

چون شد تمام ز تعمير روضئه اقدس

 

از کارداريء ”باقر“ محب خاص شهان

ز سال فوت چو تاريخ خواستم دلِ گفت

 

”حبيب و نورمحمد“ وليِ خلد مکان“

 

 

1167هه

بي خواب رفته ”خدايار خان عباسي“

 

درين مقام درين روضهء بهشت نشان

بناز مصرعِ تاريخ تازه شد ”صابر“

 

”هو از خلد و زيره بطوف مرقد آن“

 

 

1177هه

خوش آنکسي که چو مردانِ دين ز ملک جهان

سفر کندر سويء دارِ بقا به شوقِ جنان

بهرحال، مهراڻ جي سمورن رسالن جو مواد نهايت اهم قومي سرمايو ۽ اثاثو آهي، جنهن کي سانڍي رکڻ قوم جو اولين فرض آهي.

آخر ۾ اداري کي التماس ڪندس ته سمورن رسالن مان تاريخي ۽ علمي ادبي مضامين کي ڌار ڌار نالن سان ڪتابي صورتن ۾ شايع ڪري سنڌ ادب تي پنهنجي احسان ڪرڻ ۾ اضافو ڪري.

- مرزا عباس علي بيرگ

مرزا صاق علي بيگ ڪهڙي ڪاميٽيءَ تي هو؟

ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جو ڪتاب ”اوائلي شايع ٿيل سنڌي لوڪ ڪهاڻيون“ نظر مان گذريو، جنهن ۾ ان ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪايو ويو آهي ته هي جو چيو وڃي ٿو ته مرزا قليچ بيگ جو مربي ڀاءُ مرزا صادق علي بيگ، ان ڪاميٽيءَ جو ميمبر هو، جيڪا سنڌ جي اسسٽنٽ ڪمشنر ايلس پنهنجي صدارت هيٺ، عربي، فارسي اکرن جي آڌار تي، سنڌيءَ لاءِ الف- ب جو هڪ نئون سرشتو تيار ڪرڻ لاءِ مقرر ڪئي هئي، سا ڳالهه شڪي آهي، ڇاڪاڻ جو اها ڪاميٽي 1853ع ۾ ٺهي هئي، جنهن وقت مرزا صادق علي بيگ جي عمر صرف اٺ سال هئي.

مختلف ڪتابن جي ورق گردانيءَ ۽ مرزا صادق علي بيگ جي خاندان مان اها ڳالهه پڪيءَ طرح معلوم ٿي ته هو سن 1945ع ۾ ڄائو؛ پر ان جي تصديق ڪوبه ڪري ڪونه سگهيو ته هو ڪو مذڪوره ڪاميٽيءَ جو ميمبر به هو. مرزا قليچ بيگ جي- ”سائو پن يا ڪارو پنو“- ۾ به انهيءَ ڳالهه جي ڪٿي به تصديق ٿيل ڏسڻ ۾ ڪانه آئي، پوءِ ڀيرومل آڏواڻي ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“- ۾ اهو الائي ڪيئن لکيو ته ”خان بهادر مرزا صادق علي بيگ (مرزا قليچ بيگ جو مربي ڀاءُ)“، مذڪوره ڪاميٽيءَ جو ميمبر هو؛ حالانڪ پاڻ انهيءَ دؤر جو ماڻهو هو ۽ مرزا قليچ بيگ سان ڪافي رستو هوس. بهرحال ان سلسلي ۾ مرزا قليچ بيگ جي پوٽي مرزا حبيب وٽ، مرزا صادق علي بيگ جي قلمي ڪتاب- ”اخلاق محسنين“- جي فوٽو ڪاپي ڏسڻ جو وجهه مليو، جنهن مان ان ڳالهه تي روشني پئي ته هو ڪهڙي ڪاميٽيءَ تي هو. هن ان ڪتاب جي لکڻ جو سبب ڄاڻائيندي ٻڌايو آهي ته، ”آءٌ تيرهن سال تعليم کاتي جو ترجمان هوس، ۽ انهيءَ وقت ۾ ٻين سرڪاري ڪمن سان گڏ سائينس پرائمري، جهڙوڪ علم طبق الارض، علم ڪيميا، علم جعفريه وغيره کاتي کي گهربل ڪتاب انگريزيءَ تان ترجمو ڪري تيار ڪندو هوس ۽ ورنيڪيولر لٽريچر ڪميٽي سنڌ جو سيڪريٽري ٿي، جيڪي ڪتاب ڪميٽي وٽ پيش ٿيندا هئا، تن تي رايو ڏيندو ۽ اصلاح ڪندو هوس.“ انهيءَ عبارت مان معلوم ٿو ٿئي ته مرزا صادق علي بيگ، ايلس واري سنڌيءَ لاءِ الف- ب جو هڪ نئون سرشتو تيار ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيل ڪاميٽيءَ جو ميمبر ڪين هو، پر هن ورنيڪيولر لٽريچر ڪاميٽي سنڌ جو سيڪريٽري ٿي ڪم ڪيو هو.

محمد صديق مسافر ”قرب قليچ“ ۾ لکيو آهي ته ”مرزا صادق علي بيگ مرحوم سنڌ جي لٽريچر ڪميٽيءَ جو شروعات کان ڪارائتو صلاحڪار هو.“ (ص 9). ان مان به ظاهر ٿو ٿئي ته هو الف- ب واري ڪاميٽيءَ جو ميمبر ڪين هو. اها غلط فهمي ڀيرومل آڏواڻيءَ جي ڪتاب ۾ آيل وضاحت مان پيدا ٿي آهي.

مرزا صادق علي بيگ 72/1873ع ۾ بي. اي بمبئي يونيورسٽيءَ مان پاس ڪئي ۽ ان بعد سرڪاري نوڪريءَ ۾ گهڙيو.

انهن حقيقتن جي روشنيءَ ۾ اها ڳالهه ته صاف ٿي وڃي ٿي ته مرزا صادق علي بيگ ڪهڙي ڪاميٽيءَ تي هو ۽ ڊاڪٽر جيٽلي صاحب جو اٿاريل شڪ صحيح ثابت ٿيو. باقي وڃي اها ڳالهه ٿي رهي ته الف- ب واري ڪاميٽيءَ جي ميمبرن مان، ڪو مرزا صادق علي بيگ به هو ته اهو ڪهڙن مرزائن مان هو، تنهن تي سڌ لهڻ ۽ پڪ ڪرڻ لاءِ وري به انهيءَ باري ۾ ٿيل سرڪاري لکپڙهه ڏي رجوع ڪرڻ کان سواءِ چارو ئي ڪونهي، جنهن لاءِ مسٽر ڀيرومل لکي ٿو ته ”اها اصلوڪي سموري لکپڙهه حيدرآباد سنڌ جي ٽريننگ ڪاليج جي دفتر تي اڄ تائين رکيل آهي، جا مسٽر ائٽڪن سنڌ گزيٽيئر لکڻ مهل گهرائي هئي.“ مون کي ان سلسلي ۾ ايتري خبر آهي ته هن وقت ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جي دفتر ۾ اهڙي ڪابه لکپڙهه هٿيڪي رکيل ڪانهي، ڇاڪاڻ جو هتي جي آفيس ۽ لئبرريءَ، پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ گهڻي ئي لاڙها چاڙها ڏٺا آهن!

- عبدالقيوم صائب

تبصرا

(رفتار ادب)

]نوٽ: تبصري لاءِ هر ڪتاب جون ٻه ڪاپيون موڪلڻ لازم آهن. [

 

عروض ها اُهڃاڻ

1936ع ۾ برصغير ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين جو وجود عمل ۾ آيو. نثر و نظم ۾ نون نون رجحانن جو دؤر شروع ٿيو، جنهن جي اُپٽار لاءِ دفتر درڪار ٿيندا. البته سرسري طرح سان اهو عرض ڪندو هلان ته شاعري ۾ نظمِ مُعرا ۽ آزاد نظم جي ابتدا ڪئي ويئي. نظم ۾ مُعرا ۾ قافيي جي ضرورت کان انحراف ڪيو ويو ۽ آزاد نظم ۾ بحر ۽ وزن جي پابندين کي ترڪ ڪيو ويو. مغربي ادب ۾ اهي ٻئي شيون ڪافي عرصي کان رائج هيون، ۽ اسان ان وقت جي غلام هندستان جي ذهنيت مطابق انهيءَ نقاليءَ کي به اختيار ڪيو، مگر برصغير جي آزاديءَ تائين اهو عمل جُزوي رهيو، ڇاڪاڻ جو هندستان جا وڏا وڏا نامي گرامي ترقي پسند شاعر، جي پنهنجي عهد جا نمائندا رهيا، موزون شاعري ۾ ئي اظهار خيال ڪندا رهيا. ورهاڱي کانپوءِ جي شاعريءَ جي جائزي وٺڻ کانپوءِ معلوم ٿيندو ته پاڪستان ۾ تقريباً 95 في صد شعراء ڪرام موزون گو آهن ۽ 5 فيصد آزاد رَو.


*  آخود غلام محمد پهرين چؤياري جي چوٿين، مير مراد علي خان ٽالپر وٽ خوش نويس ۽ منشي هو. سندس والد آخوند محمد بقا، حسن علي افندي جو مورثِ اعلى هو. بياض ۾ هڪ هنڌ هيءَ عبارت تحرير ٿيل آهي:

محرره خا کپائي آلِ احمد ”غلام محمد“ ولد آخوند محمد بقا

زيد بقا هو، تحرير تاريخه 24 شهر ربيع الثاني 1248هه

در خجسته بنياد حيدرآباد صورت اختتام پذير فت

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com