جولاءِ سن 1911ع ۾ جاري ڪيل هڪ سرڪيولر ۾ چيو ويو
ته ٻهراڙيءَ جي اسڪولن لاءِ ٻهراڙين مان ماستر
ڀرتي ڪيا وڃن، ۽ هڪ ماستر کي 50 شاگردن کان وڌيڪ
پڙهائڻ لاءِ مجبور نه ڪيو وڃي. بهتر ٿيندو ته
شاگردن جو تعداد 30 ۽ 40 جي وچ ۾ هجي ۽ معياري
انتظام اهو آهي ته هر ڪلاس لاءِ هڪ جدا ماستر مقرر
ڪيو وڃي. ان کان پوءِ هر سال تعليم تي حڪومت وڌيڪ
خرچ ڪندي رهي ”سال 1913ع ۽ 1917ع جي وچ ۾ شاهي
خزاني مان هن مد ۾ 392 لک ريڪرنگ (چالو) ۽ 127 لک
نان ريڪرنگ خرچ لاءِ ڏنا ويا.“
انهيءَ سڄي خرچ جو مول مقصد شهنشاههِ برطانيه جي
ڪلڪته يونيورسٽي ۾ ڏنل سپاسنامه جي جواب ۾ چيل هي
لفظ هئا، ته:
”منهنجي خواهش آهي ته ملڪ ۾ اسڪولن ۽ ڪاليجن جو
ڄار وڇايو وڃي، جنهن مان وفادار، مردانه ۽ ڪمائتا
شهري پيدا ڪيا وڃن...“
1911ع ۾ مسٽر گوڪلي جو مفت زوري تعليم جو بل ناپاس
ٿيو ۽ گورنمينٽ آف انڊيا جي 1913ع واري ٺهراءَ
مالي ۽ انتظامي سببن ڪري ان جي اجازت نه ڏني، تاهم
اسڪولن جي تعداد وڌائڻ، مڊيڪل ورنيڪيولر اسڪولن
کولڻ، پرائمري ۽ سيڪنڊري ماسترن جي تربيت ۽ زنانه
تعليم تي زور ڏنو ويو. پهرين مهاڀاري لڙائي جيڪا
1914ع ۾ شروع ٿي، ان سبب آفيسر لڙائيءَ جي ڪمن ۾
مشغول رهيا ۽ ماڻهن ٻار اسڪولن ۾ موڪلڻ بند ڪيا،
تنهنڪري وڌيڪ اسڪولن کولڻ جو عمل روڪيو ويو.
1917ع ۾ برٽش انڊيا حڪومت محسوس ڪيو ته جيڪو ڌاريو
نظامِ تعليم رعيت تي مڙهيو ويو هو ۽ جنهن هيٺ
ماڻهن ڪجهه نوڪرين ملڻ جي لالچ ۾، ۽ ڪجهه سرڪاري
آفيسرن جي زور ڀرڻ تي ٻار اسڪولن ۾ داخل ڪرايا
هئا، سو سواءِ زبردستي ۽ سزا جي خوف جي هلي نه
سگهندو، تنهنڪري حڪومت چند سال اڳ گوڪلي جي رد ٿيل
ٺهراءَ تي دوباره سوچڻ لاءِ مجبور ٿي. 1918ع کان
جيڪا ٻيهر شروعات ڪئي ويئي سا لڳاتار 1947ع تائين
جاري رهي. انهيءَ وچ ۾ زوري تعليم آئي. پرائمري
اسڪول لوڪل بورڊ ۽ ميونسپالٽين جي حوالي ٿيا ۽ اهو
تجربو ناڪام ٿيڻ سبب صوبائي حڪومتن جي حوالي ڪيا
ويا ۽ بظاهر ابتدائي تعليم کي موثر ۽ مستحڪم بنايو
ويو. ست درجا سنڌي ۽ ٽي درجا انگريزي اڪثر
ٻهراڙيءَ جي اسڪولن ۾ پڙهايا ويندا هئا. صرف سنڌي
تعليم حاصل ڪندڙ شاگرد ورنيڪيولر فائينل، جنهن کي
بعد ۾ پرائمري اسڪول ليونگ سرٽيفڪيٽ امتحان جو
نالو ڏنو ويو، پاس ڪري پرائمري ماستري، تپيداري يا
اهڙيون ٻيون هلڪيون ڦلڪيون نوڪريون حاصل ڪري
سگهندا هئا، ۽ انگريزي پڙهندڙ شاگرد ڪنهن هاءِ
اسڪول ۾ ستين درجي انگريزي پڙهڻ بعد مئٽرڪ جو
امتحان ڏيندا هئا؛ جيڪو پهريائين بمبئي
يونيورسٽيءَ طرفان ورتو ويندو هو. بعد ۾ سنڌ
يونيورسٽي حيدرآباد ۾ قائم ڪئي ويئي. حڪومت سنڌ جي
زوري تعليم جي ائڪٽ 1947ع موجب چار درجا سنڌي
اليمينٽري يا ابتدائي تعليم ليکيا ويا، ۽ اهي زوري
تعليم هيٺ آيا، ۽ ستن درجن سنڌيءَ کي پرائمري
تعليم سڏيو ويو.
هن نظام جي اوائلي ڪاميابي شمس العلماء مرحوم
دائود پوٽه جي لفظن ۾ انهن تربيت يافته آفيسرن جي
باعث هئي، جيڪي اسڪولن جي انسپيڪشن ۽ ماسترن جي
ٽريننگ تي مقرر ڪيل هئا. اهي آفيسر برجسته هئا، ۽
پرائمري اسڪولن ۾ پڙهائي سُٺي هئي. پرائمري خواهه
سيڪنڊري اسڪولن جا ماستر اعلى اخلاق ۽ نيڪ اصولن
جا مالڪ هئا، ۽ پنهنجي شاگردن ۾ اعلى انساني
خوبيون پيدا ڪري سگهندا هئا. اهو شايد ان ڪري هو
جو هُو پاڻ پراڻي مڪتبِ فڪر سان تعلق رکندڙ هئا،
جنهن ۾ نيڪ خصلتن ۽ ڪردار جي تعمير کي اوليت ڏنل
هئي. انهن اوائلي اسڪولن مان جيڪي شاگرد پڙهي
نڪتا، تن ۾ اهي قانون ساز، مصلح ۽ تعليمي ماهر
شامل آهن، جن زندگيءَ جي هر شعبي ۾ نالو پيدا ڪيو
آهي، پر ساڳئي ڪتاب
Survey of Mass Education In India
مطبوعه سال 1937ع ۾ شمس العلماء دائود پوٽه صاحب
جن پرائمري تعليم کي لوڪل باڊيز جي زير نگراني
هلائڻ واري تجربي ڪرڻ بعد لکڻ فرمايو آهي ته
”جيڪڏهن ائين چئجي ته سچ ٿيندو ته هيءُ بي جاء
ڀروسو لوڪل باڊيز جي تعليمي پاليسيءَ ۾ موجوده
افراتفري لاءِ ذميوار آهي. انهن ۾ اڪثر اهي ميمبر
آهن جن ۾ شهري ذميواري جو شعور گهٽ آهي ۽ تعليمي
اصولن ۽ عمل کان به ناواقف آهن. لوڪل باڊيز جي
سموري تنظيم پارٽي بازيءَ جو شڪار آهي ۽ صحيح
لياقت وارن جي يا ته ٻُڌي نه ٿي وڃي يا ته هو
ميمبر ٿي نه ٿا سگهن.“ پراڻا آفيسر جيڪي وسيع نظر
۽ اعلى اخلاق ۽ ايمانداريءَ سان گڏ اعلى آدرشن جا
مالڪ هئا، سي رٽاير ڪري ويا آهن ۽ پنهنجون جايون
نوجوان اڻ آزموديگار آفيسرن جي حوالي ڪري ويا آهن
جن ۾ سٽ سهڻ ڪانه آهي ۽ هو آسانيءَ سان مقامي
ميمبرن جي هٿن ۾ کيڏي رهيا آهن. جيتوڻيڪ انهن ۾
ڪجهه تربيت يافته آهن تاهم اُهي ڳوٺاڻي تعليم جي
تنظيم بابت مشڪل سان ڪجهه ڄاڻ رکن ٿا. پرائمري
استادن ۾ به ايتري اچي ويئي آهي. پراڻن نارمل
اسڪول جي قسم جا ماڻهو هاڻي ناياب آهن ۽ انهن جي
عيوض ڪورا ماستر آهن، جن هڪ سال کان وڌيڪ ڪنهن
ٽريننگ اسڪول ۾ پرئڪٽس نه ڪئي آهي. ماسترن جي وڏي
اڪثريت غير تربيت يافته آهي، جيڪي تعيلمي نفسيات
کان نا آشنا آهن ۽ ڪو ڪلاس ڪاميابيءَ سان پڙهائي
نه ٿا سگهن.“
صوبه سنڌ ۾ ابتدائي تعليم بابت علامـﮧ دائود پوٽي
جو مٿيون بي لاگ تبصره سال 1937ع جو آهي. سال
1939ع کان 1945ع تائين ٻي مهاڀاري لڙائي سبب
انگريز سرڪار تعليمي ترقيءَ لاءِ مشڪل سان ڪجهه
ڪري سگهي، تاهم پرائمري اسڪول جي انتظام کي صوبائي
حڪومتن جي حوالي ڪرڻ جو ڪم انهيءَ وچ ۾ ضرور ٿيو ۽
انهيءَ مان مفيد نتيجا حاصل ٿيا. (1942ع).
سال 1947ع جي 14 آگسٽ تي برصغير هند و پاڪستان جي
نقشي تي آزاد اسلامي رياست ”پاڪستان“ نمودار ٿي،
جنهن ۾ سڀ کان اول ’تعليم‘ تي توجهه ڏيندي نومبر
1947ع ۾ ڪراچيءَ ۾ پهرين تعليمي ڪانفرنس منعقد ڪئي
وئي، جنهن ۾ مرتب ڪيل سفارشن کي پاڪستان جي پهرئين
پنج ساله رٿا ۾ شامل ڪيو ويو. سال 1969ع ۾ مرحوم
صدر ايوب خان جي حڪومت قومي تعليم ڪميشن قائم ڪئي،
جنهن انگريزن جي برپا ڪيل نظامِ تعليم ۽ مروج
تعليم جي هر شعبي ۾ ڪيتريون اهم تبديليون تجويز
ڪيون، جن تي پاڪستان جي ٻيءَ ۽ ٽين پنج ساله رٿائن
ذريعي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ۽ اربها روپيه
تعليم کي صحيح معنى ۾ اسلامي ۽ قومي بنائڻ تي صرف
ڪيا ويا. ابتدائي تعليم کي عام ڪرڻ خاطر سنڌ اندر
سوين پرائمري اسڪول کوليا ويا، جن اسڪولن جو تعداد
ته بيشڪ گهڻو وڌائي ڇڏيو، پر نصابي تبديلين، نَون
اڻ تجربيڪار ماسترن جي بي تحاشا ڀرتي ۽ غلط
رٿابنديءَ سبب ابتدائي تعليم جو معيار بالخصوص
بيحد متاثر ٿيو ۽ روزبروز ڪرڻ لڳو. همعصر تعليمي
ڪارڪنن جو تجربو ٻڌائي ٿو ته جنهن انداز ۾ ابتدائي
اسڪول وڌندا رهيا آهن، انهيءَ مقدار ۾ پڙهائي جو
درجو يا معيار گهٽبو رهيو آهي.
دراصل پاڪستان جي صوبه سنڌ جي تعليمي مسئلن کي
سمجهڻ لاءِ هڪ بنيادي صورتحال موجود آهي، جنهن تي
پاڪستان جي تعليمي ماهرن اڄ تائين تمام گهٽ توجهه
ڏنو آهي.
اها بنيادي صورتحال هن ريت آهي ته آزادي ملڻ وقت
هن خطي مان لکين هندو هندوستان لڏي ويا ۽ اُتان
وڌيڪ تعداد ۾ مسلمان مهاجر لڏي اچي هتي آباد ٿيا.
لڏي ويل هندن ۾ ماسترن جو تعداد ايترو ته گهڻو هو
جو هتان جا اسڪول ماسترن کان سواءِ بند ٿي ويا ۽
حڪومت کي بند ٿيل اسڪولن کي دوباره هلائڻ لاءِ
ماستريءَ جي تقرري لاءِ تعليمي لياقت ۽ ٻين شرطن
کي ترڪ ڪرڻو پيو. ڪيترين حالتن ۾ معمولي چار پنج
درجا پڙهيل بيروزگار ماڻهن کي ابتدائي اسڪولن ۾
ماستر ڪري مقرر ڪيو ويو. انهيءَ دور جا ٻه واقعا
ڪافي مشهور آهن، جن مطابق هڪ ٻهراڙيءَ جي اسڪول ۾
جڏهن صاحب شاگردن جو امتحان ڪندي پهرين درجي جي هڪ
شاگرد کي سندس نالو قاسم هجي ڪرڻ لاءِ چيو ته هن
چيو: ڪاف، واءُ، پيش چُون، لام زير بِ: قاسم!
ماستر کان معلوم ڪرڻ تي جواب مليو ته ”سائين اهو
به مون اچي سيکاريو آهي، اڳي ته ڪجهه به ڪين ايندو
هون!“ ٻئي هڪ اسڪول ۾ صاحب ضلعي ۾ ٿيندڙ فصلن بابت
پڇيو. جواب ۾ شاگرد چيو ڪڻڪ، چانور، چڻا، مٽر،
سرنهن توريو، ڪمند، ڪپهه وغيره. صاحب پڇيو بابا
’وغيره‘ معنى؟ ڪنهن کي ڪونه آيو. ماستر صاحب کي
چيو ويو ته اوهان شاگردن کي وغيره جي معنى سمجهايو
ته ماستر صاحب هڪدم چيو بابا! اهو به هڪ اناج جو
قسم آهي!!
هڪ طرف مقامي شاگردن جي تعليم جو اهو حال هو ته
ٻئي طرف مهاجر ڀائرن جي اولاد جي تعليم جو انتظام
ڪرڻو هو، جن وٽ نه هيون تعليمي سندون ۽ نه هئا
سندن تعليم واسطي اڳ قائم ڪيل اسڪول. قسم نامن تي
خانگي امتحان وٺي تعليمي لياقت جا سرٽيفڪيٽ جاري
ڪيا ويا ۽ قسم نامن تي عمريون ۽ تعليمي سندون
تسليم ڪندي تقرريون ڪيون ويون. تاهم گهربل تعداد ۾
نوان ابتدائي اسڪول قائم ڪرڻ حڪومت لاءِ ممڪن نه
هو. نتيجي ۾ ڪيترا بي ترتيب خانگي اسڪول خاص ڪري
شهري آبادين ۾ کلي ويا،جتي صحيح تعليم جنهن ڏانهن
حضرت قائداعظم رح پهرين تعليمي ڪانفرنس جو ڌيان
ڇڪايو هو، سا ته بجاءِ خود پر معمولي ڪارآمد تعليم
ملڻ به ممڪن نه هئي. هي ڪاروباري قسم جا اسڪول
سرڪاري امداد ۽ بي واجبي فين وصول ڪرڻ جا ذريعه
بنجي ويا ۽ تعليم جو معيار ٻڙيءَ کان به هيٺ ڪرڻ
لڳو.
انهيءَ حقيقي صورتحال کي مدنظر رکندي، تعليمي
رٿابندي ڪرڻ وقت تعليمي ادارن جي تعداد وڌائڻ جي
عيوض تعليم جي معيار کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اپاءَ ڪرڻ
کپندا هئا، پر ائين نه ڪيو ويو ۽ اڃان تائين به
ائين نه ٿو ڪيو وڃي. اسان کي تعليم عام ڪرڻ جي ڌُن
سوار آهي.
ائين به نه آهي ته ڪو تعليمي رٿابنديءَ جي بار بار
جاري ڪيل دستاويزن ۾ معيارِ تعليم جو ذڪر ڪيل نه
آهي. مثال طور قومي تعليمي ڪميشن 1959ع طرفان سندن
جاري ڪيل رپورٽ ۾ صاف طور تي چيو ويو آهي:
“In order to find out our place in highly Competitive world,
we must learn to put the first emphasis on
quality of education.”
پر عملاً جيڪي نيون تبديليون سال 1962ع ۾ نظامِ
تعليم اندر آنديون ويون، تن خاص طرح تي صوبه سنڌ
جي ابتدائي تعليمي انتظامن کي هيٺ مٿي ڪري ڇڏيو ۽
نه پراڻي ڳالهه رهي ۽ نه نئين پوريءَ ريت رائج ڪري
سگهياسين. ٿيو ائين جو صوبه سنڌ جو نظامِ تعليم ان
وقت جي مغربي پاڪستان جي ٻين صوبن کان مختلف هو ۽
ائين چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ته معيارِ تعليم جي
لحاظ کان وڌيڪ معياري هو. 1942ع ۾ صوبه سنڌ اندر
جيڪو ٻڇانگهو تعليمي نظام رائج ڪيو ويو هو، جيڪو
هڪ مڪمل ستن سالن جو ابتدائي ۽ ثانوي تعليمي ڪورس
فراهم ڪري رهيوهو جنهن ۾ ڇهن سالن جو ٻار پهرئين
ڪلاس ۾ ورتو ويندو هو، سو سال 1962ع ۾ ختم ڪيو
ويو، ۽ ان جي عيوض هڪ ڇانگهو تعليمي ڪورس ڪيو ويو.
پهرئين کان ڪلاس ڏهين تائين پنج ابتدائي ۽ پنج
ثانوي ڪلاسن تي مشتمل اسڪولي نظام يڪ ساهي رائج
ڪيو ويو. سنڌي فائينل جو امتحان، جنهن ذريعي ڪافي
تعداد ۾ سرڪاري نوڪريون ۽ خاص ڪري ابتدائي اسڪولن
لاءِ ڪارآمد ماستر فراهم ٿيندا هئا، سو پڻ ختم ڪيو
ويو. ان جي جاءِ تي مڊل اسٽينڊرڊ اگزامينيشن اٺين
ڪلاس بعد انگريزي ۽ ثانوي تعليم جي مضمون سميت وٺڻ
شروع ڪيو ويو. اهو امتحان نوَنَ قائم ڪيل مڊل
اسڪولن ۽ هاءِ اسڪولن جي شاگردن لاءِ اسڪالرشپ جو
چٽا ڀيٽيءَ جو امتحان ۽ ساڳئي وقت پرائمري اسڪول
ليونگ سرٽيفڪيٽ جو نعم البدل قرار ڏنو ويو. اڳ
مروج نظام جي مقابلي ۾ نئين قائم ڪيل نظام جي غير
سودمند ۽ ناڪام هجڻ جي باري ۾ صوبه سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ
سڀ تعليمي ڪارڪن متفق آهن. نئين نظام جي مئٽرڪ پاس
ڪيل شاگرد کان اڳئين نظام جو سنڌي فائنيل پاس
شاگرد وڌيڪ هوشيار، سجاڳ ۽ ڪمائتو آهي.
ازان سواءِ ابتدائي تعليم جي سپروائيزريءَ لاءِ
جهونن، آزموده گار ۽ قابلِ اعتماد پرائمري ماسترن
مان ڀرتي ڪرڻ جي عيوض نوجوان بي اي. بي. ٽي. ۽ گهٽ
تجربيڪار انگريزي ماسترن کي اوليت ۽ ترجيح ڏني
ويئي. اهڙيءَ طرح آهستي آهستي سيڪنڊ ايئر ۽ ٿرڊ
ايئر آزمودگاهه بيٽ آفيسر
Dying Cadre ٿي ختم ٿي ويا. ٻئي طرف گهڻن اسڪولن کلڻ سبب وڏي تعداد ۾ اڻ
ٽرينڊ مئٽرڪ پاس پرائمري ماسترن کي هڪ سال جي مقرر
ڪيل ٽريننگ ڏيڻ لاءِ هر ضلعي ۾ ٽيچرس ٽريننگ اسڪول
قائم ڪيا ويا، جن ضرب المثل ٽريننگ ڪاليج فارمين
حيدرآباد جي مقابلي ۾ ناقص، گهٽ معياري ۽ غير
پائيدار تربيت ذريعي براءِ نام ٽرينڊ پرائمري
ماسترن جو تعداد وڌائڻ شروع ڪيو. اڳتي هلي انهن
ٽرينڊ پرائمري ماسترن جي
Inservice
ٽريننگ جي ضرورت محسوس ٿي ۽ واري واري سان پرائمري
استادن کي ٻيهر ان- سروس ٽريننگ سينٽرن ۾ رفريشرس
ڪورس ڪرايا ويا ۽ اڃان تائين ڪرايا وڃن ٿا. نئين
نظام هيٺ اسين بار بار تربيت يافته ماسترن کي
تربيت ڏيون ٿا، پوءِ به نه تعليم جو معيار وڌائي
سگهون ٿا، ۽ نه وري کيس وڌيڪ ڪِرڻ کان بچائي سگهون
ٿا.
حڪومت جا اربها رپيا ۽ ملڪي خواه غير ملڪي امدادون
هن ڏس ۾ خرچ ٿيڻ جي باوجود ڪرندڙ معيار تعليم جي
روڪٿام ٿي نه سگهي آهي. پراڻي نظام يعني سن 1942ع
کان 1962ع تائين صوبه سنڌ ۾ هلندڙ تعليمي نظام جا
محض هڪ دفعو تربيت يافته استاد رٽائرمينٽ جي ڏينهن
تائين موثر، مفيد ۽ پائيدار تعليم ڏئي سگهندا هئا
۽ ماستريءَ جي پيشي ۾ هوشياري ۽ مشهوريءَ جا نت
نوان رڪارڊ قائم ڪيا ويندا هئا. اسڪالرشپن ۽ فائنل
جي امتحانن جا نتيجا ۽ ان نتيجن ۾ مليل آفرين نامه
وڏي فخر ۽ عزت جي ڳالهه سمجهيا ويندا هئا. والدين
کي استادن تي پورو ڀروسو هوندو هو ۽ شاگرد استاد
جي عزت ڪندي فخر ۽ خوشي محسوس ڪندا هئا، ۽ اهو
چوندي نازي محسوس ڪندا هئا ته آءٌ فلاڻي استاد جو
شاگرد آهيان. موجوده نظام رائج ٿيڻ بعد ٿوريءَ دير
۾ اسان کي استادن ۽ والدين جي جماعتن جي ٺاهڻ جي
تڪڙي ضرورت محسوس ٿي ۽ حڪومت جي بار بار تاڪيدن ۽
مختلف تعليمي پاليسين ۾ ڏنل سفارشات جي باوجود اڄ
تائين والدين ۽ استادن جون جماعتون قائم ٿي نه
سگهيون آهن، والدين ۽ استادن ۾ ڪو باهمي رشتو
اعتماد ۽ رابطو نظر نٿو اچي. سنڌ پرائمري
ايڊيوڪيشن ائڪٽ 1947ع هيٺ پنجن کان يارهن سالن جي
ٻارن لاءِ ان وقت جي سٺ تعلقن مان پنجيتاليهه
تعلقن ۾ مفت زوري تعليم جو بندوبست ٿيل هو، جيڪو
مغربي پاڪستان پرائمري ايڊيوڪيشن آرڊيننس 1962ع
ذريعي تبديل ڪيو ويو، ۽ اهو گهٽ ٿيندي ٿيندي هن
وقت تقريباً ختم ٿي چڪو آهي. سنڌ ۾ هن وقت ڪٿي به
زوري تعليم ڏسڻ ۾ نٿي اچي. اڳي ابتدائي اسڪولن ۾
مفت درسي ڪتاب ۽ لکڻ پڙهڻ جو ٻيو گهربل سامان
حڪومت طرفان ڏنو ويندو هو. پرائمريءَ جا ٻار غريب
والدين جي تعليم لاءِ بوجهه بنيل نه هئا.
ازانسواءِ پرائمري اسڪولن ۾ حڪومت طرفان
اسڪالرشپون ڏنيون وينديون هيون، جنهنڪري غريب ۽
هوشيار شاگردن کي ابتدائي تعليم جي خرچ سببان وچ ۾
ڇڏي وڃڻ لاءِ مجبور ٿيڻو نه پوندو هو ۽ منجهن
تعليم لاءِ چاهه پيدا ٿيندو هو. هن وقت ابتدائي
نظام ۾ اهڙي ڪابه ڳالهه شامل نه آهي. مطلب ته سنه
1962ع کان وٺي اڄ تائين مسلسل انتظامات جي
تبديلين، نصابي ڦيرين گهيرين، نون درسي ڪتابن ۽
نوَن استادن ۽ اسڪولن سنڌ اندر ابتدائي تعليم جي
معيار کي اوترو ئي تيزيءَ سان ختم ڪري ڇڏيو آهي،
جهڙي تيزيءَ سان نئون نظام تعليمي سال 1962ع بعد
سنڌ ۾ رائج ڪيو ويو. انهيءَ عرصي دوران حڪومت
طرفان هر سال تعليم تي وڌيڪ خرچ ٿيندو رهيو آهي.
49-1948ع ۾ پرائمري تعليم تي جملي نَو هزار اٺ سؤ
اٺانوي ملين روپين جي خرچ کي وڌائي 54-1953ع ۾
پندرهن هزار پنج سؤ ويهه ملين روپيه ڪيو ويو. سال
55-1954ع کان سنڌ اندر پهرين پنج ساله رٿا هيٺ اهم
انتظامي جوڙجڪ متعلق تبديليون آنديون ويون. اهڙيءَ
ريت 1962ع کان 1972ع تائين ڏهه سالن ۾ هلايل نظام
تعليم ۾ پنجون دفعو تبديلي آندي ويئي ۽ نئين
تعليمي پاليسيءَ هيٺ ابتدائي تعليم تي وڌيڪ توسيعي
خرچ ڪيو ويو. فارمل ۽ نان فارمل تعليم جي نظرين
وچان هڪ نئون نظريو نان فارمل پرائمري ايڊيوڪيشن
تجويز ڪيو ويو، جيڪو پڻ عمل پذير نه ٿي سگهيو.
اُهي پنج انتظامي ڦيريون گهيريون، جيڪي هر هڪ سال
1942ع، 1947ع، 1955ع، 1962ع ۽ 1972ع ۾ آنديون
ويون، تن سنڌ اندر تعليمي انتظام کي باربار تبديل
ڪرڻ دوران تعليم جي معنى، مقصد ۽ قسم ۾ پڻ تبديلي
آندي آهي. جڏهن سن 1942ع ۾ سنڌ اندر مروج ابتدائي
تعليم جو نظام انڊين ائڪٽ 1935ع هيٺ تعليم جي ذمه
داري صوبائي حڪومتن جي حوالي ٿيڻ بعد قائم ڪيل
انتظامات کي تبديل ڪري اسڪول لوڪل باڊيز کان وٺي
صوبائي حڪومت جي تحويل ۾ ڏنا ويا. 1947ع ۾ سنڌ
پرائمري ايڊيوڪيشن ائڪٽ هيٺ مفت سنڌي تعليم جا
انتظامات ڪيا ويا ۽ 1962ع تائين جمله 45 تعلقن ۾
سنڌي ابتدائي تعليم جا مؤثر انتظامات هلايا ويا،
جن کي 1962ع ۾ ويسٽ پاڪستان پرائمري ايڊيوڪيشن
آرڊيننس هيٺ تبديل ڪيو ويو. ضلعي ۾ ڊسٽرڪٽ پرائمري
ايڊوڪيشن ڪاميٽيون ڊپٽي ڪمشنرن جي زير صدارت قائم
ڪري مقامي ماڻهن جي نمائندگي ۽ سهوليت خاطر قائم
ڪيون ويون پر انهن مان ڪوبه فائدو نه ٿيو. پرائمري
تعليم وري به صوبائي تعليم کاتي جي آفيسرن ذريعي
هلائي ويئي. 1972ع کان 1977ع واري پنج ساله دؤر ۾
تعليمي پاليسي 1972ع کان 1980ع ۾ ڄاڻايل مقاصد ۽
هدف حاصل ٿيندي نظر نه آيا ته نئين حڪومت نئين سر
اسلامي نظرين جي حامل مسجد اسڪولن ۽ قومي خواه
صوبائي ۽ بين الاقوامي رٿائن ذريعي ابتدائي تعليم
جا انتظامات مقامي ليول تي هلائڻ ۽ تعليم کي مزيد
عام ڪرڻ جا انتظامات ڪري رهي آهي. چند گذارشات پيش
ڪيل تاريخي جائزي مان معلوم ٿيندو ته معياري تعليم
۽ عام تعليم جي نظرين جو تصادم ۽ معياري تعليم جي
مقابلي ۾ تعليم کي عام ڪرڻ جو اصول اختيار ڪرڻ سبب
موجوده مسئلا پيدا ٿيا. تعليمي انتظامات کي يڪجا
ڪرڻ ۽ هڪ دفعو هلايل مهم ۽ قائم ڪيل نظام کي مڪمل
ڪرڻ بجاءِ مختلف طريقن سان مختلف تعليمي انتظاميا
۽ مختلف تعليمي معيارن وارا ابتدائي تعليمي ادارا
قائم ڪرڻ سبب تعليم ته ڪافي عام ٿي چڪي آهي پر عام
ٿيندي ٿيندي اها خام يا اجائي بڻجي ويئي آهي،
ابتدائي تعليم جو مرحلو پوري نظام تعليم جي ديوار
جو واحد بنياد آهي. جيڪڏهن خام بنيادن تي ثانوي ۽
اعلى ثانوي تعليمي ادارا تعمير ڪيا ۽ هلايا وڃن ٿا
ته اهي ابتدائي تعليم جي معيار جي مناسبت سان ئي
هوندا بلڪ آهن، فارسيءَ واري خوب چيو آهي ته:
”خِشتِ اول چون نهد معمار کج،
تاثر يامي رَوَدِ ديوار کج.“
مسئلو اهو نه آهي ته وڌيڪ اسڪول ڪيئن کولجن ۽
تعليم کي مزيد عام ڪيئن بڻائجي پر مسئلو اهو آهي
ته ٻالڪ اوستا ۾ جڏهن نفسياتي طرح انساني ذهن هر
اثر قبول ڪري ۽ پنهنجي شخصيت ۾ شامل ڪري سگهي ٿو،
ان وقت ۾ ناقص تعليمي انتظامات سبب قوم جي هڪ فرد
بلڪ خود قوم جي مستقبل کي ناقابل تلافي نقصان کان
ڪيئن بچائجي. هر پندرهن سالن بعد ابتدائي ۽ ثانوي
تعليمي ادارا ويهن سالن جو هڪ بالغ تعليم يافته
نوجوان معاشري کي هڪ ميمبر طور پيش ڪن ٿا. اهڙا
ڪروڙها نوجوان پاڪستان قائم ٿيڻ کان اڄ تائين اسان
جي تعليمي ادارن مان تعليم پرائي نڪتا آهن. انهن
نوجوانن جي غير معياري تعليم ۽ غير صحتمند ذهني،
اخلاقي ۽ روحاني حالت سبب اسان جي سماج ۾ ۽ معاشري
جي هر اداري ۾ معيار جي جاءِ تي اجائي گهڻائي اچي
وئي آهي. اسان جو عمل گهربل معيار جي مقابلي ۾
وڌندڙ گهڻائي کي هٿي ڏيندو آيو آهي ۽ اصلي
بيماريءَ پنهنجي ئي علاج سان بدتر صورت اختيار ڪري
رهي آهي. گويا ”مرض بڙهتا هي گيا جون جون دوا ڪي.“
نصابي تبديلين ذريعي تعليم جي معيار کي نمايان ڪرڻ
لاءِ عملي طرح اسڪولن ۾ ٻار جي تعليمي ۽ اخلاقي
انتظامات کي بهتر بنائڻ جي عيوض محض سطحي طور تي
نوان نوان انتظامات، اسڪيمون ۽ رٿائون تيار ڪيون
پئي ويون آهن ۽ انهن تي به پوريءَ تندهي ۽ آخري
تڪميل تائين ڪم نه ڪيو ويو آهي. ابتدائي اسڪولن ۾
بنيادي ٻه مسئلا نهايت سنگين صورت اختيار ڪري چڪا
آهن. هڪ ٻهراڙيءَ جي پرائمري اسڪولن مان ماسترن جي
مسلسل غير حاضري ۽ علمي ناقابليت ۽ تعليم جي پيشي
کان ناواقفيت ۽ غير موزونيت ۽ ٻيو مسئلو معيار
تعليم جيڪو ثانوي تعليم لاءِ بيحد ڪمزور بنياد
فراهم ڪري ٿو. ان ڪري مئٽرڪ تائين به اهو شاگرد
پاڻ ۾ بنيادي علمي لياقت پيدا نٿو ڪري سگهي.
جيڪڏهن مادر وطن ۾ تعليم جي نظام کي قومي ۽
انفرادي مفادن ۾ بهتر بنائڻو آهي ته اول ابتدائي
تعليم کي بهتر بنائڻ گهرجي.
صوبه سنڌ جي مقامي حالتن ۽ انساني آبادي جي ورڇ،
ڌنڌن ڌاڙن ۽ سماجي حالتن پٽاندڙ هيل تائين قائم
ڪيل ابتدائي اسڪولن کي تعليمي معيار بلند ڪرڻ جي
لحاظ کان هلايو وڃي. توسيع جي جڳهه تي بهتر تنظيم
۽ بهتر معيار کي قومي رٿابنديءَ ۾ شامل ڪيو وڃي.
وڌيڪ حقيقت پسنديءَ کان ڪم وٺڻ جي ضرورت آهي. محض
وڌيڪ اسڪول کولڻ سان عام تعليم جو مقصد حاصل ٿي نه
سگهندو، بلڪ معيار وڌيڪ گهٽبو ۽ تعليم جا اصل
مقاصد حاصل ٿي نه سگهندا. سڀني ٻارن کي ابتدائي
تعليم ڏيارڻ جو انتظام، رستن ۽ اسڪولي بسن يا
سواري جي ٻين انتظامن فراهم ڪرڻ جي ذريعي به حاصل
ڪري سگهجي ٿو. صوبه سنڌ ۾ تقريباً پنجويهه هزار
ڳوٺ آهن ۽ اٽڪل ٽيهه شهر آهن. شهرن ۾ آبادي وڌيڪ
ڳتيل آهي ۽ ٻهراڙيءَ ۾ ايتري ڇڊي آهي، جو ڪيترن ئي
ٻهراڙيءَ جي هڪ ماستر وارن ابتدائي اسڪولن ۾ فقط
چار پنج شاگرد آهن. اهو هڪ ئي ماستر پنج ڪلاس
پڙهائي ٿو. هر هڪ ڪلاس تي اٺ مضمون پڙهائڻ لاءِ
رکيل آهن. شهرن جي ڳتيل آبادين ۾ ٻار سواريءَ جي
انتظام فراهم ڪرڻ سان هڪ يا ٻن معياري اسڪولن ۾
ابتدائي تعليم حاصل ڪري سگهن ٿا. ٻهراڙيءَ جي
پنجويهه هزار ڳوٺن کي پاڻ ۾ ملائڻ ۽ آمد و رفت جي
موزون انتظام ڪرڻ سان نه فقط مرڪزي ابتدائي تعليم
جا ادارا سواريءَ جي انتظامن فراهم ڪرڻ سان هلائي
سگهجن ٿا، بلڪ قومي معيشت ۽ سماجي ڀلائي ۾ پڻ
اضافو ايندو ۽ ان تي خرچ ايندڙ رقمون ابتدائي
تعليم تي ٿيندڙ غير پيداواري خرچ تعليمي زيان ۽
شاگردن جي تعليم مڪمل ٿيڻ کان اڳ اسڪول ڇڏي وڃڻ
سبب ٿيندڙاجايي خرچ مان بچائي حاصل ڪري سگهجن
ٿيون. اهڙيءَ ريت معياري تعليمي ادارا قوم جي
ايندڙ نسلن جا تعليمي بنياد مضبوط ڪرڻ ۾ ڪارآمد
ثابت ٿيندا ۽ ابتدائي خواه ثانوي خواه اعلى ثانوي
تعليم جو نظام صحيح مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ خودبخود
هڪ صحيح ۽ حقيقت پسندانه صورت اختيار ڪندو. |