سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي انتظامي تاريخ

باب:

صفحو: 9

اھڙو وڏو ڏڻ ملھائڻو تھ ضرور ھو، ڇاڪاڻ تھ اھڙي ڳالھھ لازم بھ ھئي. انھيءَ ڪري جو بلوچ سردارن جي فرمانبرداري جي آزمائش وٺڻي ھئي تھ اھي راڻيءَ جي تصوير آڏو جھڪي کيس سلام ڪن ٿا يا نھ. ٻيو تھ آس پاس وارن قبيلن ۽ قومن کي چتاءُ ڏيڻو ھو تھ سنڌ تي ھاڻي برطانيھ سرڪار جي حڪومت آھي، جنھن کي ھتان جا ماڻھو دل ۽ جان سان قبول ڪري چڪا آھن. جڏھن لارڊ ايلنبرو اھڙي رسم ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ سر چارلس نيپئر اھڙي ڏينھن ملھائڻ جي بندوبست ڪرڻ جو ارادو ڪيو تھ کين توقع ھئي تھ ھڪ يا وڌ ۾ وڌ ٻھ ٽي ھزار بلوچ سردار تصوير جو سلام ڪرڻ مس ايندا، جن سان گڏ نوڪر چاڪر ھوندا. پر ان مقرر ڏينھن تي ھشام بلوچن جا اچي لٿا، جن جو تعداد ويھن ٽيھن ھزارن کان بھ مٿي ھو. اھا ڄڻ درٻار منعقد ڪانھ ٿي ھئي، پر ڄڻ ھڪ وڏي فوج اچي لٿي ھئي، جيڪا ھڪ وڏي جنگ ڪرڻ لاءِ تيار ھئي. بلوچ سردارن جي ايڏي وڏي انگ جي انتظام ڪرڻ کي منھن ڏيڻو پئجي ويو ھو. وايو منڊل ڏاڍو ڳنڀير ھو. حڪمت عملي اھڙي ڪرڻي ھئي جو تصوير کي سلام ڪرڻ واري رسم خير عايت سان گذري وڃي. پر سر چارلس ڏاڍو مطمئن ھو. کيس يقين ھو تھ سندس ھڪ دڙڪو ھنن اڻ ڪوٺيل ۽ اڻ وڻندڙ ماڻھن کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ لاءِ ڪافي آھي. ان جي خلاف ممبئي ۽ انگلينڊ ۾ ڪن ماڻھن جي اھا واويلا ھئي تھ سنڌ جي بغاوت کي منھن ڏيڻ لاءِ وڏيءَ انگريزي فوج جي ضرورت آھي.

اھا حقيقت آھي تھ جڏھن ماڻھن جا ايڏا وڏا انبوھھ گڏ ٿيندا آھن تھ دنگو فساد ٿي پوندو آھي. اھڙو خوف بھ موجود ھو. اھڙو ڪو بلوچ قبيلو رھيل ئي ڪونھ ھو، جنھن مياڻيءَ ۾ مري ويندڙن جو اوسيس نھ ڪيو ھجي. ھڪڙي جھونڙي جو تھ ھنن جنگين ۾ سارو قبيلو ئي ڪسي ويو ھو ۽ فقط ھو اڪيلو وڃي بچيو ھو. پر پوءِ بھ ھو سر چارلس نيپئر کي ڏسڻ آيو ھو، جنھن کيس سوکڙيون پاکڙيون بھ ڏنيون، جيڪي ھن جھونڙي خوشيءَ سان ورتيون ھيون. سر چارلس ساڻس ھمدردي ڪندو ھو. جھونڙو ڏکن سورن جو ستايل ھو. پر ڪڏھن بھ ڪاوڙ جو اظھار ڪونھ ڪيو ھئائين. پر ان ھوندي بھ اھو انبوھھ غيرتمند بلوچ سردارن جو انبوھھ ھو، جن جا پلاند ڪڏھن پراڻا ڪونھ ٿيندا آھن. ٽالپر بلوچ نسل جي زوال ڪري اھي ڄڻ سودائجي پيا ھئا. ھنن جو قتل تھ ڄڻ ڪو ڏوھھ ئي ڪونھ ھو. ھنن جو مقدر تي ويساھ ھو، تنھن ڪري حياتيءَ جو ڪو خيال ئي ڪونھ ڪندا ھئا. انھن مان ڪي پر جوش مھمان ھئا. تنھن ڪري خوف ھو تھ متان ڪو موت جو واقعو نھ رونما ٿي پوي، جنھن جي نتيجي ۾ وڏي فساد ٿيڻ جو خدشو ھو ۽ اھڙو وڏو امڪان بھ موجود ھو. پر اھڙيءَ ڳالھھ جو ڪو اڳواٽ منصوبو جوڙيو ڪونھ ويو ھو. اھڙن خطرن وقت سر چارلس جي دل ڏاڍي مطمئن ھوندي ھئي. ائين جيئن جنگ دوران ھوندو آھي. ھو جڏھن ڪنھن بھ بغاوت جو ٻڌندو ھو تھ سندس خاص رڳ سسي سوڙھي ڪانھ ٿي ويندي ھئي. ماضيءَ جي واقعي مان بھ پتو پوي ٿو تھ ڪنھن خوف وقت سندس رڳ سسندي ڪانھ ھئي.

قصو ھن ريت آھي تھ ھندستان جي ھڪ تلوار باز خوشيءَ جي موقعي تي ھڪ وڏي ميڙاڪي ۾ اعلان ڪيو ھو تھ ھو پنھنجي تلوار جي تيز ڌار سان ماڻھوءَ جي ھٿ جي تريءَ تي اھڙي ليڪ ڪڍي سگھي ٿو، جنھن جو ماڻھو کي زخم بھ ڪونھ ٿيندو. جنرل چارلس اھا ڳالھھ ٻڌي، ھن ڏانھن ساڄو ھٿ وڌايو. تلوار باز سندس وڏو فوجي عھدو ڏسي ڊڄي ويو ۽ ھڪ ميووي کي سڌيءَ ليڪ ۾ ڪٽ ڏنائين. جڏھن مٿس چيل لفظن تي عمل ڪرڻ لاءِ زور ڀريو ويو تھ ھن چيو ھي اھڙو ھٿ نھ آھي، جنھن جي تريءَ کي تلوار سان ليڪ ڪڍجي. تنھن ڪري ھن انڪار ڪري ڇڏيو. ان کانپوءِ جنرل ڏانھنس کاٻو ھٿ وڌايو، جنھن کي ڏسي تلوار باز چيو تھ ھن ھٿ جي تريءَ تي نشان ڪڍڻ صحيح ٿيندو. پر پوءِ بھ تلوار سان ليڪ ڪڍڻ کان پڙ ڪڍي بيھي رھيو. زور ڀرڻ کان پوءِ ھن تلوار کي ائين اولاريو ڄڻ تھ اھا ھٿ تي ھڻندو ھجي. اھڙيءَ ريت ھن تلوار اولاري ٻھ ڀيرا ڌڪ کي روڪي ورتو ۽ چيائين تھ کيس اھڙي ڪاميابيءَ جو يقين ڪونھ آھي. وري بھ کيس اھڙي ڪوشش ڪرڻ لاءِ چيو ويو. ھن تلوار ھئين ۽ ھٿ تي تلوار سان ليڪ ٺھي پئي ۽ اتان کلي ٻن حصن ۾ ورھائجي وئي ۽ تلوار جي تيز ڌار پنھنجو نشان ڪري وئي. پر ان سان زخم ٿيو نھ ئي رت جي ٺنڀ اڙھي ھئي.

ماڻھن جي ان ڏينھن واري وڏي انبوھھ ۾ ھڪ سياسي مفاد بھ لڪل ھو. جنھن شخص (نيپئر) خوف ۽ خطري جي تھ ڳالھھ ڪانھ ھئي، پر ان جو مقصد انتظام رکڻ ۾ ڦڙتائي ۽ چالاڪيءَ جو مظاھرو ڪرڻ ھو. اھڙي ڳالھھ اڳ ڪاٿي بھ بيان ڪئي وئي آھي. پھرين ڳالھھ اھا ڪئي وئي ھئي تھ سردارن کي بچائڻ جي بھاني اتر سنڌ ڏانھن ويو ھو ۽ جنرل سمپسن سان وڃي مليو ھو. ائين ڪري ھن سردارن جي وڏي حصي کي ختم ڪري ڇڏيو ھو. حيدرآباد ۾ بلوچ سردارن سان ملڻ واسطي ڦليلي ۽ سنڌوءَ جي وچ واري علائقي جي چونڊ ڪئي وئي ھئي، جيڪو ڦليليءَ جي ساڄي پاسي ۽ خندن واري فوجي وانڍ (ڪئمپ) جي سامھون ۽ سنڌوءَ جي کاٻي پاسي ھو. بلوچ سردارن سان ملاقات وقت ھٿياربند آگبوٽ ٻنھي وھڪرن ۾ آمد رفت ڪري رھيا ھئا. اھڙي ريت آگبوٽن جا ٻئي سلسلا انگريزي فوج کي تحفظ فراھم ڪري رھيا ھئا.

ھن قسم جو مخصوص بندوبست انھيءَ مقصد سان ڪيو ويو ھو تھ، جيئن ھنگامي حالتن تي ضابطي رکڻ کان انگريز فوج وڏي تعداد کي بچائي وٺجي. ائين ڪرڻ ضروري بھ ھو، ڇاڪاڻ تھ گرمي بھ ھئي. ٻيو ڪارڻ اھو بھ ھو تھ خوف ڪري بلوچ سردارن جي اشتعال ۾ اچي وڃڻ جو بھ اڊڪو ھو. ان کان سواءِ بلوچ سردار بحث بھ اھڙي طريقي سان ڪري رھيا ھئا. جيڪو سندن روايتي طريقو آھي. اھو بھ نظر اچي رھيو ھو تھ ھو شڪن شبھن ۾ ورتل ھئا تھ جنرل سر چارلس سندن قتل عام جو ارادو ڪري چڪو آھي. بلوچن جي متوقع ميڙاڪي جي انتظام رکڻ لاءِ چار ھزار فوج، سورھن توبون ھيون، جن کي قلعي واري فوج جي مدد حاصل ھئي. ان کان سواءِ ملاقات واري جاءِ ٻن درياھن جي وچ تي ۽ خندقن واري فوجي ڪئمپ جي سامھون ويجھو ئي ھئي. ھٿياربند آگبوٽن جي آمد رفت جاري ھئي. درياه جي ڪناري تي بيھي قبيلي جي سردار کي سڏ ڪيو ٿي ويو. سڏ ڪرڻ کان سواءِ ڪوبھ سردار درياه پار ڪري ڪونھ ٿي سگھيو. جڏھن تھ سردار ٻنھي درياھن جي ڪنارن سان سڏ جي اوسيئڙ ۾ بيٺا رھيا. اھو بھ اعلان ڪيو ويو ھو تھ فقط سردار کي ھٿيار کڻي اچڻ جي موڪل ھوندي. جنرل سر چارلس ھوڏي ۽ ھٺيلو ھو ۽ سندس آواز بھ رکو ھو، جيڪو ٻين مٿان ڇائنجي ويندو ھو. سندس سوچ ھئي ھنن جھنگلي قسم جي جھيڙاڪن مٿان خوف مسلط ڪجي جن مان ڪيترا کيس فقط جنگ ڪري سڃاڻيندا ھئا، پر ھن کي اڳ ڏٺو ڪونھ ھئائون. سندس خواھش ھئي تھ سندن مزاج کي بھ پرکي ڏسجي تھ ھو بغاوت ڪرڻ واسطي تيار آھن يا نھ.

اھڙي درٻار مئي مھيني ۾ منعقد ڪرڻ لاءِ سوچيو ويو ھو. ھڪ ڏينھن سر چارلس پاڻ سان سٺ اريگيولر ھارس جا فوجي سپاھي ساڻ گڏ کڻي نڪتو ۽ جوکين واريءَ ايراضيءَ وچان غير معروف رستن سان سفر ڪندو، حيدرآباد ڏانھن روانو ٿيو. کيس سختيءَ سان مشورو ڏنو ويو ھو تھ ھو ائين نھ ڪري. ھن اھو بھ ٻڌو ھو تھ اھڙن رستن سان سفر ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آھي. ليڪن ھن اھڙيون ڳالھيون ٻڌيون اڻ ٻڌيون ڪري ڇڏيون. پر جڏھن ھو اتان گذريو تھ ڏٺائين تھ اھو علائقو ڏاڍو سرسبز ۽ آباد ھو. جابلو علائقو تھ ھو پر ٽڪرن جون چوٽيون ننڍڙيون ھيون، جن وچان گذرڻ لاءِ سولا لڪ ھئا. ھي اھي ٽڪريون ھيون جن بابت کيس ٻڌايو ويو ھو تھ ڏاڍيون ڏکيون آھن ۽ انھن وچان سفر ڪرڻ ۾ ڏاڍو اھنجو آھي. انھن ٽڪرين منجھان ھڪ ڏانھن سندس ڌيان ڇڪجي ويو. ڇاڪاڻ تھ ان جي پٿرن جو وزن ۽ رنگ مختلف ھو. جنھن مان معلوم ٿي رھيو ھو تھ ان ۾ لوھھ موجود آھي. ھڪ بلوچ سردار کيس ٻڌايو تھ ھتان لوھھ ھٿ ڪري ھٿيارن ٺاھڻ ۾ ڪم آندو ويندو آھي. حيدرآباد ۾ رھڻ دوران ھو مياڻيءَ وارو جنگي ميدان بھ ڏسڻ ويو، جتي بلوچ سردارن مير جان محمد جي قبر مٿان مقبرو جوڙايو ھو. ھو سردار، ڪئپٽن مڪمرڊو McMurdo سان مقابلو ڪندي مارجي ويو ھو. ٻيو مقبرو ھڪ بھادر تلوار باز فوجي سپاھيءَ جي قبر مٿان جوڙايو ويو ھو. جنھن ڪئپٽن مارسٽن Marston سان مقابلو ڪندي جان ڏني ھئي. ھي مقبرو ان جاءِ تي تعمير ڪيو ويو ھو جتي اھو فوجي ڪريو ھو. جان محمد جو مقبرو انھيءَ جاءِ تي ھو جتي يورپي فوجي وڙھي رھيا ھئا. ھن حقيقت مان معلوم ٿئي ٿو تھ ھي بھادر يورپي فوجين جي قطارن کي چيري اڳتي نڪري ويو ھو. سر چارلس ھن وقت قانون ڏيندڙ ڪو فوجي ڪونھ ھو، پر پوءِ ھن بھادر انسان جي مقبري ڏانھن فوجي انداز سان ڏٺو جيڪو عزت ۽ احترام وارو ھو. سندس نظرن ۾ بلوچ نسل جي بھادري ۽ مھانتا موجود ھئي. ھن جي دلي خواھش ھئي جيڪر ھيءُ بھادر نسل سندس حڪومت ۾ سھڪار ڪري تھ ڏاڍو چڱو ٿي پوي.

جڏھن اھو ڪم پورو ٿيو جنھن لاءِ ھو حيدرآباد آيو ھو تھ وري ٻئي رستي سان ڪراچيءَ ڏانھن موٽيو ھو ۽ اھي ڳالھيون نوٽ ڪندو آيو ھو، جيڪي ھن ملڪ جي مستقبل جي ڀلي لاءِ ھيون. ھي جنرل سنڌ جي ترقيءَ وارين ڳالھين ۾ مشغول ھو جو کيس بگٽين، جکراڻين ۽ ڊومبڪين جي بغاوت جو اطلاع مليو، جن مير شير محمد جي اڀارڻ تي اھو ڪم ڪيو ھو. بلوچن لاءِ اھا ھڪ عام ڳالھھ ھوندي ھئي تھ ھو قبائلي ويڙھھ ۾ عورتن جي بي حرمتي ڪونھ ڪندا ھئا، نھ وري ٻارن کي ايذائيندا ھئا. پر ھنن جڏھن ميان جي ڪوٽ نالي ڳوٺ تي حملو ڪيو تھ چاليھھ مرد ۽ عورتون ڪھي وڃي پار پيا. ان کان سواءِ سولائيءَ سان چوڙين ھٿ ڪرڻ جي غرض سان ننڍڙين ڇوڪرين جي ٻانھن ڪپڻ کان بھ ڪونھ مڙيا. سنڌ جي سرحد سان اھڙا ماڻھو آباد ھئا، جيڪي عام انسانن مٿان ايڏا ڇرڪائيندڙ ظلم ڪندا ھئا ۽ سندن ملڪيتون بھ لٽي ڦري ھليا ويندا ھئا. تنھن ڪري ھن پڪو  پھھ ڪيو تھ ھو پاڙي وارن سان اھڙي کئونس ڪرڻ ڇڏي ڏين. سر چارلس ان جا ٻھ طريقا سوچيا ھئا. ھڪ تھ انھن مظلوم ماڻھن جي مدد ڪجي تھ اھي ھنن ظالمن سان پاڻ مقابلو ڪن. ٻيو طريقو ھن خلاف اريگيولر فوج کي ڪتب آڻجي ۽ کين جابلو علائقن مان ھميشھ لاءِ تڙي ڪڍي ڇڏجي. پھرئين طريقي مان کيس اميد ھئي تھ بلوچ قبيلا سنڌ جي سرحد کان گھڻو پري ھليا ويندا. سندس مرضي بھ ائين ڪرڻ جي ھئي، پر ھن سوچيو تھ ٻئي طريقي کي استعمال ڪرڻ ۾ مشڪلاتون آھن، پر ھنن ٻنھي مان ھڪ نھ تھ ٻيو طريقو تھ لازمي ڪتب آڻڻو ھو. اھڙو ظلم تھ سھڻ جھڙو بھ ڪونھ ھو. جيڪڏھن اھڙين ڳالھين کي ڍر ڏبي تھ اڳتي ھلي آزار بڻجي پونديون. سندن اھڙن ظلمن ڪري سنڌ ڪڇيءَ ۽ گنداوا وارو علائقو ۽ پنھنجا اباڻا تڏا ڇڏي، لڏا پٽي ڪيڏانھن ڪک پن ٿي ويا ھئا ۽ سارو علائقو خالي ٿي ويو ھو ۽ حالتون رحم جوڳيون ھيون. ان کان سواءِ شڪارپور ۽ ڦلجيءَ وارو علائقو بھ ڀڙڀانگ ٿي ويو، جتي فقط ٻھ چار سنڌين جا ڳوٺ وڃي رھيا ھئا. ان علائقي ۾ پوکي راھي ڪرڻ لاءِ تھ وانگي بھ ڪونھ رھيو ھو. انھيءَ علائقي ۾ بيجار Bejar ڊومڪي جون قھري ڪارروايون جاري ھيون، جيڪو ٻھ چار رولو ماڻھو ساڻ ڪري وڃي سنڌين جا ڳوٺ ڦريندو لٽيندو ھو. انھيءَ ڪري ان جوءِ ۾ جيڪي بھ چار ڳوٺ ھئا، سي بھ لڏي پٽڻ لاءِ آتا ويٺا ھئا. بجار خان ڊومڪي ھمت ۽ بھادريءَ ڪري ڏاڍو مشھور ھو، جيڪو انگريزن کان نفرت ڪندو ھو. کيس افغان جنگ دوران ڪئپٽن پوسٽن دغا سان پڪڙي ورتو ھو. جيڪو انھيءَ زماني ۾ سب پوليٽيڪل ايجنٽ ھو. ھن ڊومڪي ڌاڙيل جون ڳالھيون بيان نھ ٿيون ڪري سگھجن، ڇاڪاڻ تھ آزاد ٿيڻ کان پوءِ ھو انگريزن جو وفادار ۽ تابعدار ٿي ويو ھو ۽ اھڙو معاھدو بھ ڪيو ھئائين. ھي ماڻھو قلات جو رعيتي ۽ انگريزن جو اتحادي آھي. پر پوءِ بھ سنڌ جو ھڪ حصو ڦري لٽي ڀينگ ڪري ڇڏيو اٿائين. سر چارلس نيپئر قلات جي خان کي چار ڏوڪڙ ڏئي پنھنجو ڪري ڇڏيو آھي. پر پوءِ بھ ھو افغانستان جي سردارن جي چنبي ۾ آھي، جيڪي کيس پنھنجي مرضيءَ موجب ھلائيندا رھندا آھن. ھي اڃا ٻار آھي. سندس مڃوتي بھ گھٽ آھي. تنھن ڪري پنھنجي درٻاري ماڻھن تي ضابطو رکي ڪونھ ٿو سگھي. بجار ڊومڪي بھ سندس چئي آکئي ۾ ڪونھ آھي. ان کان سواءِ ھن کي قلات جي سردارن جي ڳجھي مدد حاصل آھي.

ھي وايو منڊل ڏاڍو ڳنڀير ھو، جنھن ڪري ڏاڍي بيچيني پيدا ٿي وئي ھئي. بلوچ ڌاڙيلن ڪري سنڌ جو ھي سرحدي علائقو ھوريان ھوريان خالي ٿي رھيو ھو. جيڪڏھن سر چارلس ھن ڏاڍ ۽ ڏچي کي منھن نھ ٿي ڏنو تھ ڀر وارن علائقن جي ماڻھن جي دلين مان سندس عزت ۽ وقار گھٽجي وڃڻ جو امڪان ھو. ھي فوجي ڪارروائيءَ جھڙيون ڳالھيون ھيون، جن کان لنوائڻ بربادي کي سڏڻ برابر ھو، اھڙين حالتن کي نظر ۾ رکي ”اريگيولر ھارس“ جي فوجي دستن کي سنڌ جي سرحد سان مقرر ڪيو ويو، جنھن ڪري ڌاڙن ڦرين جي واقعن ۾ گھٽتائي اچي وئي ھئي. کين جيڪو بھ ڌاڙيل ھٿ اچي ويندو سو سزا کان بچي ڪونھ سگھندو ھو. ھي ڌاڙيلن جي ننڍين ٽولين خلاف انفرادي ڪارروايون ھيون، جن جا نتيجا ڏاڍا سٺا نڪتا ھئا. پر گرميون ويجھو اچي رھيون ھيون. ان ڇتيءَ موسم ۾ فوج جو اتي رھڻ ڪنھن جوکي کان گھٽ ڪونھ ھو ۽ سندن زندگين کي نقصان رسڻ جو امڪان ھو. اڳئين سال بھ ڏاڍيون گرميون  ٿيون ھيون. ان دور ۾ مير شير محمد کي منھن ڏيڻ لاءِ پڻ ڪوششون ڪيون ويون ھيون. انھيءَ لاءِ تھ جيئن سنڌ جي اوچتي فتح کي وڌيڪ موثر بڻائي سگھجي. اھو مقصد ھن جنگي ڪارواين کي جواز ڏيڻ لاءِ مناسب بھ ھو. پر ڌاڙيلن کي ملندڙ اھڙيون سزائون نظر ايندڙ خطرن کان وزن ۾ گھٽ ھيون. تنھن ٿڌي موسم جي اچڻ تائين فوجي ڪاررواين  کي مھمل ڪيو ويو ھو.

سوچيو ويو ھو تھ ھنن نيم وحشي ماڻھن کي مھذب ۽ بااخلاق بڻائڻ لاءِ تشدد کان ڪم نھ وٺجي، پر کين اھڙيون ڳالھيون نرميءَ ۽ اخلاق سان سمجھايون وڃن. اھڙيون ڳالھيون سوچي ويچاري ھن چيو ويو تھ جيڪڏھن ھاڻي ڌاڙا ڦريون ڇڏي ڏيندا تھ کين اڳيان ڪيل جرم معاف ڪيا ويندا. پر جيڪڏھن ھو نھ مڙيا تھ سندن علائقن کي صفا تباھھ ڪيو ويندو. اھڙيون ڳالھيون اڃا ھليون پئي جو ظلم جو ھڪ واقعو رونما ٿيو، جنھن مان سمجھھ ۾ اچي رھيو ھو تھ فوجي ڪارروائي کان سواءِ ڪو ٻيو رستو ڪونھ رھيو آھي. سر چارلس جو خيال ھو تھ بجار ڊومڪيءَ تي اوچتو حملو ڪري، کيس گرفتار ڪيو وڃي، جو انھن ڏينھن ۾ ڦلجي شھر ۾ موجود ھو. اٺ سوار فوج جو ڪمانڊر فزجيرالڊ بھ ڪنھن زماني ۾ ھن شھر ۾ رھندو ھو. سمجھيو پئي ويو تھ کيس اتان جي ھر جڳھھ جي خبر ھوندي ۽ اھو کيس ننڊ پئي گرفتار ڪري وٺندو. اھڙيون ڳالھيون جنرل جي خيال مطابق مناسب ھيون، پر کيس اھو ڪونھ ٻڌايو ويو تھ ھو ڦلجي شھر جي چوڌاري اوچو ڪوٽ ڏنل آھي. جيڪڏھن کيس اھڙي خبر ھجي ھا تھ ھو ھر گز ائين ڪرڻ جو حڪم ڪونھ ڏئي ھا. جنرل کي پتو ھو تھ بجار ڊومڪي ڏاڍو سچيت آھي، جنھن کي فوجي ڪارروائي وسيلي گرفتار ڪري ڪونھ ٿو سگھجي. جيڪڏھن سندس گرفتاريءَ ۾ ناڪامي ٿي تھ اھا سياسي ساک لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندي ۽ اھڙيءَ ڪارروائيءَ ڪندڙ فوج لاءِ خطرناڪ ٿي سگھي ٿي. تنھن ڪري ھن مذڪوره ڪارروائي کي نھايت ڳجھو رکيو ۽ حڪم ڪيو تھ سندس ھيٺ بيان ڪيل ڳالھين تي عمل ڪيو وڃي:

اٺ سوار رستا سٺ ميل في ڏينھن جي رفتار سان ڦلجي پھچي وڃڻ گھرجن. اريگيولر ھارس ھنن جي مدد واسطي سندن پٺيان سفر ڪن. ھنن جي سھائتا لاءِ انفنٽري کي بھ اڳتي وڌڻ گھرجي. جيڪا بندوقن سان مسلح ھجي. ھن ڪاررواين جي ڪمانڊ ڪنھن نوجوان آفيسر جي سپرد نھ ڪئي وڃي، نھ وري سکر ۽ شڪارپور جي عارضي ڪمانڊرن حوالي ڪئي وڃي ۽ تيستائين ڪابھ پيش رفت نھ ٿيڻ گھرجي، جيستائين جنرل سمپسن اتي پھچي وڃي، جنھن کي اتر سنڌ جو چيف ڪمانڊر مقرر ڪيو ويو آھي ۽ جنھن کي ھن خاص ڪارروائي جي ھدايتون بھ ڏنيون ويون آھن. ھن جي اھڙن اڳواٽ قدمن کڻڻ ڪري، کيس ڪاميابيءَ جي پڪ ھئي. پر اھڙيون ڪارروايون، وقت، حالتن ۽ شخصيتن تي مدار رکنديون آھن. پر جلد بازيءَ کان ڪم ورتو ويو. جنرل سمپسن جي اچڻ تائين انتظار ڪونھ ڪيو ويو، ھڪ ٻئي سان سھائتا ڪرڻ واري ڳالھھ ڏانھن بھ توجھھ ڪونھ ڏنو ويو ۽ اھڙيءَ ڪارروائيءَ کي ڳجھو بھ ڪونھ رکيو ويو.

ڪئپٽن ٽئٽ Tait ھيٺيان پنج سؤ گھوڙي سوار ۽ قد ڪاٺ جي ڪري سڃاپرو ھو ۽ قلعي جي ديوار تي چڙھي بيٺل بندوقبازن بھ کيس سڃاڻي ورتو ھو. پر ھو بنا زخم کائڻ جي سلامتيءَ سان موٽي آيو ھو. ھو جوابي حملي ڪري ناڪام ٿي موٽي آيو ھو تھ ھي ردعمل طور ھڪ خطرناڪ قسم جو حملو ڪري ھا. پر ڪئپٽن ٽئٽ فوج کي پوئتي ھٽڻ جو حڪم ڏنو. سلامتيءَ سان پوئتي موٽي پھچڻ جو ڪو امڪان بھ ڪونھ ھو. پر وچ برپٽ ۾ ھڪ ڦٽل ڳوٺ ڀرسان پاڻي ملي ويو ھو. جنھن جو نالو چوٽار Chuttar ھو. اتفاق جي ڳالھھ اھا ٿي ھئي جو دشمن کان ھي کوھھ پورڻ وسري ويو ھو. جنھن جو مقصد انگريز جي پيش قدمي کي روڪڻ ھو. فوج چوٽار کان ھلي خانڳڙھھ پھتي ھئي. ھيءُ ويجھي ۾ ويجھو ماڳ ھو، جيڪو سنڌ جي حدن اندر ھو. گرمي بھ سخت ھئي. فوج بھ لڳاتار سفر ڪندي پنجھتر ميل پنڌ ھڻي، ھن ماڳ تي پھتي ھئي. ايڏي ڪشٽ ڪشالي کانپوءِ بھ فوج ھيڻي ڪانھ ٻولي ھئي. سفر دوران فزجيرالڊ ھيٺان ٻھ سو اٺ سوار ھئا جيڪي رڻ پٽ ڏانھن تيزيءَ سان پيش ڪندا رھيا. پر رستو وڃائي ويٺا ۽ صبح جو اٺين وڳي اچي ھڪ قلعي وٽ بيٺا، جيڪي ڏاڍا ٿڪل ۽ بيحال ھئا. قلعي اندر بيجار ڊومڪي جا سوين بندوقباز ويٺا ھئا. ھن ماڻھوءَ کي اھڙي فوجي ڪارروائي جي اڳواٽ ئي معلومات ملي وئي ھئي. فزجيرالڊ نھايت تيز رفتاريءَ سان اڳتي وڌيو ۽ پنھنجي ماڻھن سان گڏجي اچي قلعي جي ڦاٽڪ وٽ رسيو. ھنن پائوڊر وسيلي ان ڦاٽڪ کي اڏائڻ جي ائين ڪوشش ڪئي، جيئن افغان جنگ دوران لارڊ ڪين Kean غزنيءَ جي قلعي جي دروازي کي اڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي. پر بگٽين ھڪ بھادر فوجي عملدار ۽ ٻين نون فوجين کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏھن تھ ايڪيھھ ماڻھو گھائل ٿي پيا ھئا. پتو نھ آھي تھ فزجيرالڊ ڪيئن بچي ويو. قلعي تي حملي ڪرڻ وارن ماڻھن ۾ طاقت، بھادريءَ وارو جذبو ھو. فقط ھڪ فوجي سپاھي ٿڪي ساڻو ٿي پيو ۽ ھلڻ کان لاچار ھو، جنھن کي پٺيان ايندڙ ھڪ جکراڻيءَ قتل ڪري ڇڏيو. ان قتل جي انتقام جو موقعو بھ جلد ئي ملي ويو ھو. اھو ساڳيو جکراڻي جاسوسي ڪرڻ جي مقصد سان ھڪ ڳوٺ ۾ اچي رھيو ھو. جنھن کي ڳوٺاڻن سوگھو ڪري انگريز انتظاميھ جي حوالي ڪري ڇڏيو. اھو جکراڻي ڪو مشھور ڌاڙيل ھو، جنھن کي جلد ئي ڦاھيءَ تي لڙڪايو ويو. پوئتي ھٽڻ واري معاملي ۾ فوج ڏاڍي بھادريءَ ۽ سھپ جو مظاھرو ڪيو ھو. ٻن نوجوان فوجي عملدارن کي طيش اچي ويو ھو. حملي ۾ ھنن وڏي بھادري ۽ سھپ ڏيکاري ھئي ۽ پوئتي ھٽڻ ۾ بھ ھنن دليري ۽ برداشت جو مظاھرو ڪيو ھو. اھڙي قسم جي ڳنڀير صورتحال ڏسي، سر چارلس کان تھ پنھنجي تڪليف وسري وئي ھئي. پھريائين تھ ھن ارادو ڪيو ھو تھ جھڙي تھڙي حال سان سکر ھليو وڃي. پر کيس ھن ڳالھھ روڪي ورتو، ڇاڪاڻ تھ ھن جنگين وقت پنھنجي دلي قوت ۽ جسماني طاقت جو وڏو مظاھرو ڪيو ھو ۽ سندس بھادريءَ جي ڳالھھ بيھي وئي ھئي. ان وقت سندس حيثيت ڪمانڊر ۽ فاتح جي ھئي، تنھن ڪري ھن سوچيو تھ ھو ان جاءِ تي پھچي ڇا ڪري سگھندو جتي سندس طاقت ڀرپور حملي ڪرڻ جھڙي ڪانھ رھي آھي. اھو جيڪڏھن بيماريءَ ۽ ڪمزوريءَ دوران اتي پھچندو تھ سندس فاتح ۽ ڪمانڊر واري عزت ۽ وقار اھو ساڳيو ڪونھ رھندو. ھن دٻي واري جنگ ۾ سوڀ حاصل ڪرڻ کان پوءِ سمجھيو ھو تھ عمرڪوٽ جو قلعو اھڙو آھي، جنھن کي مير شير محمد مزاحمت لاءِ ڪتب آڻي سگھي ٿو. پر سمجھيو ھئائين تھ وٽس ايترو وقت ڪونھ آھي جو ھو پاڻ عمرڪوٽ تي وڃي گھيرو ڪري. ساڳيءَ ريت ھن وقت بھ ھو شخصي طور وڃڻ لاءِ تيار ڪونھ ھو ۽ سوچيو ھئائين تھ جڏھن موسم صحيح ھوندي تھ انھيءَ جنگي مھم جي پاڻ اڳواڻي ڪندو.

پر ھو سوچي چڪو ھو تھ انگريزي فوج جي ھن ناڪاميءَ ڪري ڪھڙا نتيجا نڪري سگھن ٿا ۽ ان لاءِ اڳواٽ ڇا ڪرڻ گھرجي. پر چانڊيا ۽ مزاري قبيلن جي سردارن اھڙو موقعو پاڻ پيدا ڪري ورتو، جنھن وسيلي باغي بلوچ قبيلن کي مات ڪرڻ جو موقعو ملي ويو ھو. چانڊين جو تھ سنڌي بلوچ قبيلو ھو. جڏھن تھ مزاري سردار جو تعلق قلات سان ھو. جڏھن ھنن ٻنھي ڄڻن ڦلجي واري ناڪاميءَ جو ٻڌو تھ ھنن پاڻ مرادو بجار ڊومڪيءَ خلاف جنگ ڪرڻ لاءِ تلوارون کنيون ھيون. ان کان سواءِ ھنن شير محمد خلاف وڙھڻ جو اعلان ڪيو، جيڪو سندن اڳيون حڪمران ھو. چانڊين جو سردار ولي ھو، جنھن وفاداري جو مظاھرو ڪندي پنھنجون خدمتون انگريز سرڪري جي حوالي ڪري ڇڏيون ھيون. سندس اھڙيون خدمتون اکيون ٻوٽي قبول ڪيون ويون ھيون. ڇاڪاڻ تھ گرمي جي موسم دوران ڌاڙيلن جو اھڙي طريقي سان ڌيان ڇڪائڻ ضروري بھ ھو. ٿڌي موسم دوران ٻنھي ڌرين جو اتحاد وڌيڪ فائدي وارو ثابت ٿي سگھي ٿو. جھونڙو چانڊيو سردار پنھنجي ڏنل وچن کي پاڻي ڏيڻ ۾ سست ۽ ڍرو ڪونھ ھو. ھن 15 مئي کان اڳ چاليھھ جکراڻين کي قتل ڪري، سندن پنج سو کان وڌيڪ ڍور ڪاھي اسان ڏانھن موڪلي ڏنا.

مير شير محمد جي چوڻ تي فقط بجار ڌاڙن جون ڪارروايون ڪري رھيو ھو. ھن صورتحال مان معلوم ائين ٿي رھيو ھو تھ ٽالپر حڪمرانن جا اڳوڻا قبائلي سردار سندن پاسو ڇڏي ويا ھئا. ڪوبھ ماڻھو ھنن لاءِ ھٿيار کڻڻ لاءِ تيار ڪونھ ھو. نھ وري ڪٿان ڪنھن بغاوت بابت ٻڌجي رھيو ھو. ان کان سواءِ ٻھ وڏا ۽ اھم قبيلا رضاڪارانھ ھڪ ڌاڙيل جي سرگرمين کي ختم ڪرڻ لاءِ تلوارون کڻي نڪري پيا ھئا. دراصل بجار ھو تھ ڌاڙيل ۽ وارداتون بھ ڌاڙيل وانگي ڪندو ھو، پر ساري ايشيا ۾ مشھور ٿي ويو ھو ۽ سمجھيو ويندو ھو تھ ھي سردار آھي، جيڪو فرنگين جي پاڙ پٽي سگھي ٿو. تنھن ڪري ھن جو جتي ڪٿي وڏو احترام ڪيو ويندو ھو. پر ھتي اھڙو ماڻھو ڪونھ ھو جيڪو ٽالپرن لاءِ تلوار تاڻي سگھي ۽ ڪو سندن واپس اچڻ جو خواھشمند ڪونھ ھو. پر ان ھوندي بمبئي واري ڌر ھن حالتن دوران اعلان ڪيو ھو تھ ”اھڙي فرمانبرداري ۽ تابعداري ائين آھي جيئن گھٽي بگھڙجي تابعداري قبول ڪئي ھئي. پر وقت اچڻ تي اھي ساڳيا بلوچ قبيلا بغاوت جو جھنڊو جھولائيندا.“

انھيءَ وقت سنڌ جون حالتون ڏاڍيون پرامن ھونديون ھيون. پر ڪڏھن ڪڏھن بلوچ خاندان ۾ عورتن جي قتل جون خبرون ٻڌبيون ھيون ۽ ڪڏھن وري ڌاڙن جي وارداتن جا اطلاع ملندا ھئا. سر چارلس بھ پڪو پھھ ڪيو ھو تھ عورتن جي قتل ۽ ڌاڙن جي وارداتن کي ختم ڪري ساھھ پٽيندو. ان مقصد لاءِ ھن پنھنجي خيال جو اظھار ڪندي چيو ھو تھ، ”مان اھو ڪڏھن بھ ڪونھ چاھيندس تھ عورت ائين بي گناھھ قتل ٿئي. مان چاھيان ٿو واپاري امن امان سان تجارت ڪري. مان عورتن جي ٻارھن قاتلن کي ڦاھي تي لڙڪايو آھي. جيڪڏھن ضرورت پئي تھ ٻارھن سون کي ڦاھي تي لڙڪائيندس. جيتري قدر ڌاڙيلن جو تعلق آھي تھ جيستائين ھي ڌاڙا ھڻڻ بند نھ ڪندا ۽ سٺي چال چلت جي ضمانت نھ ڏيندا تھ مان فوج وٺي سندن علائقا اجاڙي ڀينگ ڪري ڇڏيندس. جيڪڏھن اھي اسان جي حدن ۾ تلوارون ۽ بندوقن سان ايندا تھ ان جي عيوض اسان بھ سندن آجيان تلوارن ۽ بندوقن سان ڪنداسون. اھي ماڻھو اسان جي حدن ۾ اچي عورتن ۽ ٻارڙن کي قتل ڪري ھليا ٿا وڃن، پر اسان سندن عورتن ۽ ننڍن ٻارڙن کي قتل ڪونھ ڪنداسون.“ ھن ان موضوع تي بھ ڳالھايو ھو، جنھن کان ھو بيچين رھندو ھو:

”سک ۽ ملتاني ڌاڙن ھڻڻ جي مقصد سان وڃي جابلو علائقي ۾ لڪا آھن. اھڙين علامتن مان محسوس ائين ٿي رھيو آھي تھ سک حڪمران جي فوج، ستلج جي ساڄي ڪٺار سان بيھي وئي آھي. پر ائين ڪرڻ سان پنجابي فوج ڇا ڪري سگھندا. ان ملڪ جي فوج پاڻ لاقانونيت ۾ ڪاھي پئي آھي تھ ان کي حدن اندر رکڻ لاءِ جنگ ناگزير آھي. ھندستان جي انگريز سرڪار اھو ڪونھ چاھيندي تھ ستر ھزار ھٿياربند ڌاڙيلن کي ڦاسيءَ تي چاڙھيو وڃي، جيڪي سندس سرحد تي آھن. پنجاب جي فوج جي خواھش آھي تھ بنا ڪنھن اعلان ڪرڻ جي درياھھ اڪري اتر- اولھھ وارن علائقن کي ڦري لٽي تباھھ ڪري ڇڏي. ھندستان سرڪار وٽ ايترو پئسو بھ ڪونھ آھي جو پنھنجي سرحد جي بچاءَ لاءِ ستلج تي فوج بيھاري ۽ سنڌ ۾ رھيل فوج جو خرچ بھ ڀري. سنڌ ۽ ملتان جون سرحدون ھڪ ٻئي سان دنگئي آھن. مان اھو ڪڏھن بھ برداشت ڪري ڪونھ سگھندس تھ ملتان جو حڪمران سانوڻ مل سنڌ جي سرحد سان کئونس ڪري. ھو تھ دوستيءَ جي دعوى ڪري رھيو آھي. پتو نھ آھي تھ ھو دوستيءَ جو ڀرم رکندو يا نھ. پر مان تھ دعاگو آھيان تھ ھو مون کي ڪنھن بھ قسم جو اشتعال نھ ڏياري، پر جيڪڏھن ائين ٿيو تھ جنگ جو ٻارڻ ٻري پوندو. مان جنگ ڪرڻ ڪونھ ٿو چاھيان. ڇاڪاڻ تھ جنگ تھ ھر شڪل ۾ خطرناڪ ھوندي اھي. جيڪا مون کي ھٿيارن کڻڻ لاءِ آماده ڪندي. پر مون کي يقين آھي تھ جيڪڏھن پنجاب فتح ٿي ويو تھ اھا انسان ذات لاءِ فائدي جي ڳالھھ ھوندي. سنڌ جي فتح مان بھ انسان ذات کي ڪيترو نھ فائدو مليو آھي، مونکي خوشي انھيءَ ڳالھھ ڪري بھ ٿي رھي آھي تھ منھنجا فوجي سپاھي سخت گرميءَ ۽ بخار ھوندي بھ وڏيءَ بھادريءَ جو مظاھرو ڪري رھيا آھن ۽ گرم آبھوا کي ڪجھھ بھ سمجھندي، عام ماڻھوءَ کي انصاف مھيا ڪري رھيا آھن. مون کي يقين آھي تھ اھي ماڻھو عقلمند آھن ۽ اسان جي فوجن جا شڪرگذار آھن. ڇاڪاڻ تھ اسان جتي بھ پھچون ٿا تھ ماڻھو اسان جي دل سان عزت ڪن ٿا ۽ پنھنجي نيڪ خواھشن جو اظھار ڪن ٿا.

ھاڻي درٻار منعقد ڪرڻ جو وقت ويجھو اچي ويو ھو ۽ سر چارلس حيدرآباد وڃڻ جون تياريون ڪري رھيو ھو ۽ اھڙي ڌرتتيءَ ۾ سفر ڪري رھيو ھو، جو سج جا ڪرڻا آڳ جا الا بڻجي ويا ھئا. قلعي واري ايراضي محدود ھئي، جنھن ۾ ايترن گھڻن ماڻھن جو ماپڻ مشڪل ھو، پر اھو ڀئھ بھ ھو تھ جيڪڏھن قلعي واري ايراضي جنگجو ماڻھن سان ڀرجي وڃي تھ متان ڪجھھ ٿي پوي. ليڪن ھاڻي بلوچن وٽ اھڙي ڪابھ ڳالھھ ڪانھ رھي ھئي، پر اھڙو اڳواٽ اڊڪو ھئڻ ضروري بھ آھي. سردارن ۽ انھن سان گڏ آيل سندن اٽالي کي اصول مطابق واري سان سڏ ڪري گھرايو ٿي ويو. اھڙو احوال مٿي بھ اچي چڪو آھي. ھنن سردارن مان ھڪ ھزار اھي قبائلي سردار بھ ھئا، جيڪي خوف ۽ بي اعتباري کان اطاعت قبول نھ ڪري رھيا ھئا. پر ھنن ھاڻي اچي سلام ڪيو ھو، تنھن ڪري کين معاف ڪيو ويو ھو. اھو ڏاڍو دلچسپ ۽ عاليشان منظر ھو. ٻنھي درياھن (ڦليليءَ ۽ سنڌوءَ) جي ڪنارن سان ويھھ ھزار سردار اچي ڳاھٽ ٿيا ھئا. ڪي گھوڙن تي سوار ٿي تھ ڪي پيادل اچي ھتي پھتا ھئا. آسمان بھ شفاف ھو. ھي مختلف رنگن جو انساني اجتماع ھو. ھر قبيلي کي ھٿ ۾ پنھنجو الڳ جھنڊو ھو. اھڙي ريت ھر قبيلو قطار ڪيون ڪناري سان بيٺو ھو. نعرن جو شور ھو. سلاميءَ لاءِ توبون گجي رھيون ھيون. ھي بلوچ سردار انگريز سرڪار جا وفادار ۽ تابعدار ھئا ۽ سڀئي سختيءَ سان انتظار ڪري رھيا ھئا تھ جيئن ھو بنا ڪنھن دير جي وڃي سرچارلس جي سامھون پنھنجي سچيءَ وفاداريءَ جو عھد ڪن، جيڪو کانئن فقط ٻھ ٽي ميل پري موجود ھو. جنھن فقط چوڏھن مھينا اڳ پنھنجي ويجھن مائٽن ۽ عزيزن کي قتل ڪري، سارو جنگي ميدان لاشن سان ڀري ڇڏيو ھو. ھي کين پاڻ وٽ ضرور گھرائيندو ھو، سردارن وچ ۾ پيو گھمندو ڦرندو ھو. سون جي تعداد ۾ اھي ھن جي چوڌاري گھيرو ڪيو بيٺا ھوندا ھئا. پر انھن مان ڪنھن کي انتقام وٺڻ جو خيال ڪونھ آيو. نھ وري ڪنھن تلوار کڻي نفرت جو اظھار ڪيو ھو. ٻئي جنگيون بھ زور سان لڳيون. ٻنھي ڌرين ھڪ ٻئي جا تلوارن جا ڌڪ بھ سٺا. پر ان ھوندي بھ ھي بلوچ سردار سر چارلس جا شڪر گذار ھئا، جنھن ڪوشش ڪئي ھئي تھ کانئن تلوارن جا زخم وسري وڃن. ان جي بدلي ھن کين قانون ڏنو ھو. سڌارن جون ڳالھيون مشرقي خوشامد سان ڀريل ھيون. ھن مان سچي وفاداري ۽ تابعداري جھلڪي رھي ھئي. ھن کان پوءِ سردارن جيڪي عملي سرگرميون ڏيکاريون تن مان محسوس ٿي رھيو ھو تھ ھيءَ انگريز سرڪار سان سندن سچيءَ دل واري وفاداري آھي. سندن اھڙا احساس بھ ھئا جن کي غلطي تصور ڪري ڪونھ ٿو سگھجي. ھڪ جھونڙي سردار زوريءَ اڳتي وڃي جنرل سر چارلس سان ملڻ پئي چاھيو. پر پھريدارن کيس پوئتي ڌڪي ڇڏيو. پر ھو اڳتي وڌڻ جي ڪوشش بھ ڪري رھيو ھو ۽ رڙيون بھ ڪري رھيو ھو ۽ وڏي آواز سان چئي رھيو ھو تھ مان ھن کي ڏسڻ لاءِ ٻھ سو ميل پنڌ ڪري آيو آھيان. مان ساڻس ضرور ملندس. مون کي وڃڻ ڏيو.

وفاداريءَ جي ھيءَ رسم ٽن ڏينھن تائين ھلندي رھي. لک جي گرم گھاڙ ھلي رھي ھئي، جنن ڪري چوڏھن يورپي فوجي سپاھي مري ويا. سر چارلس 86 ريجمينٽ مان ھو تنھن ڪري ھيءَ ريجمينٽ ڊگھي وقت واري ھن رسم کان بيزار ٿي پئي. اھا ھڪ وڏي مصيبت ھئي. ممبئي واريءَ ڌر بھ ھنن موتن تي واويلا ڪرڻ ۾ گھٽ ڪانھ ڪئي. سندن الزام ھو تھ فوجن کي سر چارلس کي بچائڻ خاطر بيھاريو ويو ھو ۽ فوجين جو ايترو تعداد جنرل جي ”گارڊ آف آنر“ لاءِ ڪونھ بيھاريو يو ھو. اھي ”گارڊ آف سيفٽي“ ھئا. ڇاڪاڻ تھ اھي جنرل جي ڀرسان ڪونھ بيٺا ھئا. اھڙن ماڻھن کي پڪ ھئي تھ قتل جي انھيءَ خنجر جي نوڪ جنرل جي نوڪريءَ ۽ زندگيءَ کي ضروري متاثر ڪندي. پر ڪجھھ بھ ڪونھ ٿيو، تنھن ڪري ھو مايوس ٿي ويا. ڇاڪاڻ تھ گورنر جنرل طرفان کيس اھڙو حڪم مليل ھو تھ وفاداريءَ جي اھا رسم انھيءَ گرم موسم دوران منعقد ڪئي وڃي. انھيءَ مقصد سان تھ جيئن مير شير محمد کي ماٺ ڪري ويھڻ لاءِ مجبور ڪري سگھجي. اڳئين سال بھ ساڳي قسم جي گرم موسم دوران حملي ڪرڻ جو کيس حڪم ڏنو ويو ھو. ان جو ڪارڻ اھو ھو تھ ھن عملي سرگرميءَ وسيلي، دير سان نڪرندڙ نتيجا جلديءَ ۾ ظاھر ٿي پيا ھئا. پر اھڙا تجربا پنھنجي نوعيت ۾ ڏاڍا سخت ھئا. ممبئي واريءَ ڌر جيڪا قتل خلاف ھاءِ گھوڙا ڪئي ھئي، سا فقط ڪاوڙ جي اظھار جو ھڪ نمونو ھو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org