جيڪڏھن مذڪوره ڪلارڪ مون کي اھا معلومات ڏيڻ جي
غلطي نھ ڪري ھا تھ مبئي سرڪار دشمنن جي مدد سان
منھنجي خلاف الائي ڪيترا ڪوڙا ڪيس ڪلڪتي ۾ رجسٽر
ڪرائي چڪي ھجي ھا. منھنجي مري وڃڻ کان پوءِ منھنجي
ڪردار تي ڪارا لينگھا لڳي وڃن ھا تھ مان سنڌ جي
گورنر ھجڻ وقت ھر قسم جي ڪريت ڪئي جنھن جون اڻ مٽ
ثابتيون سرڪار جي رڪارڊ ۾ موجود ھجن ھا. اھڙا
الزام بامبي ڪائونسل جي ٻن ميمبرن ريڊ ۽ ڪرافورڊ
ھٿرادو تيار ڪيا ھئا. ھي ماڻھو آدي بنيادي
اڪائونٽنٽ ھئا. ھنن ماڻھن جي لڳايل الزامن جي جواب
ڏيڻ ۾ مون کي ھڪ ھفتو لڳي ويو ھو ۽ ثابت ڪرڻ ۾
سوڀارو ٿيو ھوس تھ ھنن جا ھنيل الزام ڪوڙا ۽ بي
بنياد آھن. ٻين سان گڏ اھو بھ الزام مڙھيو ويو ھو
تھ مان فوج کي کاڌ خوراڪ مھانگي ڏني آھي ۽ بيجا
نفعو ڪمايو آھي. مان سنڌ ۾ ٽي سال رھيو آھيان. ان
ساري عرصي دوران منھنجي ڪوشش اھا رھي ھئي تھ نھ
رڳو فوج لاءِ پر سنڌ جي ھر ماڻھو لاءِ اناج سھانگو
ھجڻ گھرجي. مان پھريون ماڻھو ھوس جنھن اناج جي ھڪ
ھٽيءَ کي ختم ڪيو ۽ اناج جو سھانگو اگھھ مقرر ڪيو.
جنھن ڪري سنڌ سرڪار جي پيداوار ۾ گھڻي گھٽتائي اچي
وئي ھئي.
اھي ماڻھو ڳجھن دستاويزن کي ڪلڪتي ۾ رجسٽر ڪرائڻ
کان پوءِ ڪو ماٺ ڪري ويھي ڪونھ رھيا ھئا پر پنھنجي
شڪار کي گولي ھڻن کان پوءِ وڏا ٽھڪ ڏئي کلندا رھيا
ھئا. بعد ۾ ھنن ڊاڪٽر بسٽ جي اخبار ۾ بدناموسي سان
لاڳاپيل مقالا بھ ڇا پرايا ھئائون. پر اتي ٻولي
اھڙي ڪتب آندي وئي ھئي. جيڪا فقط اخبارن لاءِ
مناسب ھوندي آھي. پر اھو ڪونھ ٻڌايو ويو ھو تھ
سندن معلومات جو ذريعو ڪھڙو آھي. جڏھن ھنن ماڻھن
مون تي ٺڳ ھئڻ جو الزام ھنيو تھ مون کان ٽھڪ نڪري
ويو ھو. پر جڏھن مون ڪلڪتي جي ڪلارڪ معرفت منٽب
بوڪ مليو تھ مان ڪائونسل کي ڏاڍي کلئي نموني سان ۽
ڀرپور جواب ڏنو ھو. اھڙي ريت مان ھنن جي ڪوڙن
الزامن کي دستاويزن پٺيان دستاويزي ثابتيون ڏئي
غلط ثابت ڪري ڇڏيو ھو. ڇا اھو ئي سڀ ڪجھھ ھو؟ نھ!
اھو فقط ضمير وارن لاءِ سڀ ڪجھھ ھو. پر ھنن لاءِ
سڀ ڪجھھ نھ ھو. لارڊ رپن بھ مون ڏانھن ھڪ خط لکيو
ھو جنھن ۾ چيو ھئائين تھ ”مان ھڪ الزام بابت ٻڌو
آھي، يقين اٿم تھ اھو ڪوڙو ھوندو. ان کان پوءِ ھن
لکيو ھو تھ کيس اھڙا سبب ٻڌايا وڃن تھ تون ھن کان
پوءِ وري ٽرانزٽ ڊيوٽي نھ ھڻندين.“ سندس اھڙين
ڳالھين مان معلوم ٿي رھيو ھو تھ ھو دشمنن جي ھنيل
ڪوڙن الزامن تي ويساھھ وسھي ويو ھو. پر افسوس جي
ڳالھھ اھا آھي تھ ھنن ٽرانزٽ ڊيوٽي جي ڪا ڄاڻ ئي
ڪانھ ھئي. لارڊ رپن کي انصاف تھ ڪرڻو ھو. پر جواب
ڏيڻ جي تڪليف اچي وئي جنھن ۾ سارو ڏينھن لڳي ويو.
ان ڪري ضروري ڪم ملتوي ڪرڻا پئجي ويا ھئا. اھي ڪم
ڊگھي قسم جا ڪيس ھئا جن بابت مون کي فتوى ڏيڻي ھئي
جن ۾ پنجن ماڻھن کي ڦاسي جي سزا ملڻي ھئي. ڪنھن جي
زندگي جو معاملو ھوندو آھي جنھن تي ماٺار واري
وايو منڊل ۾ ڳوڙھو سوچڻو پوندو آھي ۽ گھڻو ڌيان
ڏيڻو پوندو آھي تھ متان ڪٿي ٿوري بھ غلطي ٿي وڃي.
ان وقت آءٌ سمجھندو آھيان خدا جي روبرو ويٺو آھيان
۽ مون کي صحيح طريقي سان انصاف ڪرڻ گھرجي. اھڙيءَ
وقت مان جاچي پرکي لکڻ لاءِ مجبور ھوندو ھوس. ان
ھوندي بھ مون کان ماضيءَ ۾ ڪي غلطيون ٿي ويون
ھونديون جن تي تنقيد بھ ڪري سگھجي ٿي. منھنجا ڀاڳ
ڀلا ھئا جو مان انھن ماڻھن جي اڏيل ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسي
ڪونھ سگھيس. جيڪي منھنجي طوفاني زندگيءَ کي
استعمال ڪري وڏا فائدا حاصل ڪري رھيا ھئا. پر ھاڻي
تھ اھي تباھھ ڪرڻ لاءِ ھٿ ڌوئي منھنجي ڪڍ لڳي پيا
ھئا.
مون لارڊ رپن ڏانھن ان خط جي جواب کلئي اڃا ٻھ ٽي
ڏينھن مس گذريا ھئا جنھن ۾ ان لکيو ھو تھ تو کي
بنا ڪنھن ڪارڻ جي پريشان ڪيو ويو آھي تھ ڪلڪتي کان
سيڪريٽ ڪميٽي وٽان ھڪ خط مليو ھو جنھن ۾ چيو ويو
ھو تھ تو ٽرانزٽ ڊيوٽي ڇو ورتي آھي. ھي ماڻھو لارڊ
رپن جا دوست آھن. ھنن جو چوڻ آھي تھ اسان کي ڪيترن
ئي وسيلن معرفت معلومات ملي آھي تھ تو اھڙي محصول
وصول ڪئي آھي. مون کانئن پڇيو ھو تھ انھن وسيلن جو
نالو ڇو نھ ٿو ٻڌايو وڃي جن معرفت کين اھڙي
معلومات ملي آھي يا انھن مان ھڪ ماڻھو جو نالو
ٻڌايو وڃي تھ مان بھ ان جاسوس جي ڪرتوتن کي وائکو
ڪري سگھان. پر ھو ائين ڪرڻ جي وائي ڪونھ ٿا وارن.
مونکي اھو ويساھھ ويھي ويو آھي تھ منھنجون پاڙن
پٽڻ لاءِ پڪو پھھ ڪري چڪا آھن ۽ اھڙو خط ھر ھفتي
مون وٽ پھچي رھيو آھي.“
ھن قسم جي گندي ڪارروائي کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ
ممبئي جي گورنر سر آرٿر جي ڪائونسل روڪي رھي آھي.
اھڙي ريت ٻين جڳھن تي اڪثريتي ووٽ وسيلي ان
ڪارروائي کي نھ روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي. ھتي
ريڊ، ڪرافورڊ ۽ سيڪريٽري ولھيو بي جو ھڪ نانيءَ
ويڙھو ٺھيل آھي. سيڪريٽري ولھوبي تھ سڀني کان گوءِ
کڻي ويو آھي ۽ جتي بھ سر چارلس جي خلاف ڪا ڳالھھ
ٻڌي ٿو تھ ان کي ڳالھوڙو بڻائڻ تھ سندس کاٻي ھٿ جو
کيڏ آھي. ھو ائين ڪري ڄڻ انگريز ماڻھن جي مان ۽
مريادا کي مٽيءَ ۾ ملائي رھيو آھي جن جي مفادن
خاطر سر چارلس پنھنجي ساري زندگي داءِ تي لڳائي
ڇڏي آھي. اھو بھ معلوم ٿيندو تھ جڏھن سيڪريٽ ڪميٽي
واري سازشي ٽولي سر چارلس خلاف الزام کي گھڙي ٺاھي
رھي ھئي تھ ان زماني ۾ سنڌ اندر جتي بھ اناج جي
ضرورت پوندي ھئي ھڪدم گھرائي وٺبو ھو. پر انگلينڊ
۾ ائين ڪونھ ھو. ان کانسواءِ سنڌ ۾ اناج تي برآمدي
۽ درآمدي محصول بھ نافذ ڪونھ ھو. پر انگلينڊ ۾
اھڙيون ڳالھيون ڪونھ ھيون. سر چارلس جو نقطئھ نظر
مختلف ضلعن جي ڪليڪٽرن ڏانھن لکيل سندس خطن مان بھ
معلوم ڪري سگھجي ٿو. جيڪي ھيٺ ڏجن ٿا:
”اناج کي سھانگي رکڻ جو ھڪ صحيح طريقو ھي آھي تھ
پوکي راھي جي پٺڀرائي ڪئي وڃي ۽ اناج جي درآمد کي
ھٿي ڏني وڃي. مان اڳئين سال درآمدي محصول ختم ڪري
ڇڏيو آھي. ان کان سواءِ مان ھارين نارين کي ھر
سھوليت ڏيڻ لاءِ تيار آھيان. اناج جي کوٽ کي منھن
ڏيڻ جي اھي ٽي ڪارائتا طريقا آھن. ھن کان سواءِ
ٻيون بھ ڪي ضروري ڳالھيون آھن. پر مٿي بيان ڪيل
طريقا بنيادي آھن جن وسيلي اناج جو ملڻ سولو
سھانگو بڻائي سگھجي ٿو. اناج جي ھڪ ھٽي قائم ٿيڻ
ڪري اثر ضرور ٿيو آھي پر جيڪڏھن ڪڙي نظرداري ڪبي
تھ اناج جي ذخيره اندوزي جھڙي ڪريت کي ٻنجو ڏئي
سگھجي ٿو ۽ جيڪڏھن ڪو ماڻھو اناج ميڙي گڏ ڪري
مھانگي ٿيڻ لاءِ رکي ڇڏيندو تھ جاچ پڙتال وسيلي
اھڙي ماڻھوءَ کي سولائي سان تباھھ ڪري سگھجي ٿو.
اھڙيءَ ريت جن ماڻھن مھانگي ٿيڻ لاءِ جيترو گھڻو
اناج گڏ ڪري رکيو ھوندو. نقصان بھ کين اوترو ئي
گھڻو پھچندو. پھريائين تھ منھنجو خيال ھو گڏ ڪري
رکڻ وارن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گھرجي. بعد ۾ خيال آيو
تھ ذخيره اندوزي جو وڌ ۾ وڌ مقدار مقرر ڪرڻ گھرجي
پر پوءِ سوچيم تھ دخل اندازي نھ ڪرڻ گھرجي ۽
معاملو جيئن ھلي پيو ھلڻ ڏجي. پر سرڪار اھا جاکوڙ
ضرور ڪري تھ بازار ۾ ان سھانگو وڪامي. مون کي خوف
ٿي رھيو ھو تھ اھڙي دخل اندازي ڪرڻ سان متان ڪو
ممڻ مچي پوي. پر اھا بھ ڄاڻ ھيم تھ جيڪڏھن اناج
مھانگو ٿيندو ۽ ماڻھو لنگھڻ ڪاٽيندا تھ سڌي يا اڻ
سڌيءَ ريت ڊوءِ ڊوءِ تھ حڪومت خلاف ٿيندي. ٽالپر
دور ۾ ماڻھن کي غلام رکڻ جو رواج ھو. تنھن ڪري
ڀانيم تھ ھن معاملي ۾ سرڪار کي ترت دخل اندازي ڪرڻ
گھرجي. ڇاڪاڻ تھ اھو ڄڻ انساني گوشت جو ڪاروبار
آھي ۽ انساني گوشت تي اھو فرض آھي اھڙي ڪريت کي
مڙسيءَ سان منھن ڏئي. سٺيءَ سرڪار جي سڃاڻ جو اھم
اھڃاڻ اھو آھي تھ ان جي ملڪي حدن اندر اناج
سھانگو، پگھارون مناسب ۽ پورھئي لاءِ مناسب موقعا
ھجن. اھڙيون ڳڻائتيون ڳالھيون تڏھن ٿي سگھن ٿيون
جڏھن اتي ڍل محصول نالي ماتر ھوندي جيڪڏھن ائين نھ
ٿيندو تھ انتظامي مشينري سولائي سان ھلي ڪانھ
سگھندي.
”ھن ڌرتي تي انگريز سرڪار جي والار آھي. تنھن ڪري
حڪومت کي زمين جي پيداوار جو مختصر حصو کڻن گھرجي.
پر گھڻو نھ. جيڪڏھن اسان خراب زمين تان ڍل نھ
اوڳاڙينداسون ۽ ڍل فقط ڀليءَ ٻني تان اوڳاڙينداسون
تھ اناج ضرور مھانگو ٿي ويندو ۽ ويچارا غريب لنگھڻ
ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويندا. ان جو نتيجو اھو بھ نڪري
سگھي ٿو تھ زميندار ڍلي ٻني ۾ بھ پوکي راھي ڪرڻ
شروع ڪري ڏيندا. جيڪڏھن ايئن ٿيو تھ ڀلي زمين ھيٺ
لھي اچي. ڍلي ٻنيءَ جي برابر بيھندي جنھن جو نتيجو
اھو نڪرندو تھ اناج جو اگھھ وڃي آسمان سان ڳالھيون
ڪندو. فائدو ھڪڙن جو ٿيندو ٻچا ٻير تي غريبن جا
چڙھندا. ٽالپر حڪمرانن جو طريقو اھو ھو جنھن جو
نتيجو اسان جي اکين آڏو آھي. سنڌ جون اڌ ڀليون
زمينون ڌيان نھ ڏيڻ ڪري غير آباد پيون آھن ۽ ماڻھو
ڳري ڍل ڀرڻ جي شوق ۾ ھروڀرو ڀلي زمين آباد ڇو ڪندو
جنھن جو مقصد ڍلي زمين جي قدر وڌائڻ جو ھوندو آھي.
جڏھن مان زمين جي ڍل جا اگھھ گھٽايا آھن تھ مان
سڀني جو ڀلو ڪيو آھي. اھڙي ريت ڍل جو تناسب
پيداوار سان آھي. ڪڏھن ڍليءَ زمين جا مالڪ ڳري ڍل
ڀريندا ھئا. ھاڻي تھ مٿن ھلڪي ڍل مڙھي وئي آھي.
جيڪڏھن سنڌ سرڪار ٻاھران اناج گھرائيندي تھ ھتان
جي ان جي پيداوار بھ محفوظ رھجي سگھندي. جيڪڏھن
سنڌ اناج ٻين ملڪن ڏانھن برآمد ڪندي تھ لازمي اگھھ
چڙھي ويندا. ان ڪري ڍليءَ زمين جي آبادگارن کي بھ
فائدو پھچي سگھندو. پر اھا گھٽ ۾ گھٽ آباد ڪرڻ
جوڳي تھ ضرور ھئڻ گھرجي. ھيءَ حقيقت بھ وسارڻ نھ
گھرجي تھ ھتي پاڻي موجود آھي. پر پوکي راھي جي
مقصد سان ان کي حاصل ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آھي. جيڪڏھن
پاڻي سولائي سان حاصل ڪرڻ ممڪن ٿي ويو تھ زمين جي
وسيع ايراضي پوکي ھيٺ اچي سگھي ٿي.
1845ع
دوران اناج جا اگھھ چوٽ چڙھي ويا ھئا. انھيءَ
زماني ۾ ڏاڍيون مشڪلاتون درپيش ھيون جن وچان سر
چارلس سنڌ کي خوشحاليءَ ڏانھن وٺي وڃڻ جا جتن ڪري
رھيو ھو.
1)
سنڌ جي فتح واري جنگ مختلف علائقن ۾ آگسٽ
1843ع
تائين ھلندي رھي. جيڪا گھڻو اينگھجي وئي ھئي. ان
جو نتيجو اھو نڪتو ھو جو ان سال جي پوکي راھي واري
رت گذري وئي ھئي. ان کان سواءِ اناج جي ڦرلٽ بھ
جام ھئي. جڏھن ھاري اناج صاف ڪري راه جو صورت ۾
ديرن تي موجود ھوندو ھو تھ بلوچ ڌاڙيل اچي اوچتو
ڪڙڪندا ھئا ۽ سڀ ان ٻھاري پڙ ئي پالھا ڪري ويندا
ھئا. غريبن ھارين لاءِ اھا ويڌن ٽالپر دور کان وٺي
ھلندي آئي آھي. پر انگريزن جي لشڪر جي فوجي
سرگرمين دوران بلوچ ڌاڙيلن تي تائي تپائي ڏنو ھو.
جڏھن ھتان جي ماڻھن ھڪ اوڀريءَ فوج کي سنڌ ۾
سھڙندي ڏٺو ھو تھ سندن وايون بتايل ٿي ويون ھيون.
تنھن ڪري ھو ھيسجي ويا ھئا تھ الائي ڇا ٿيندو.
تنھن ڪري ھنن ٻڏتر واري منڌل وايو منڊل ۾ جيڪو بھ
کين ھٿ لڳو ميڙي چونڊي وڃي پنھنجي گوڏي ھيٺ
رکيائون ۽ پوکي راھي واري ڪرت کي ٿو کٽا ڪري
ڇڏيائون.
2)
اوچتيءَ فتح ڪري سنڌ جو اڻ ڄاتو انتظام ۽ وائڙو
ٿيل ماڻھو انگريز سرڪار جي اختيارين ھيٺ اچي ويو
ھو. جيستائين ھتان جي ڍل جي اگھن ۽ اوڳاڙي جي
طريقن جي انگريزن کي خبر پوي تيستائين ساڻن ڪيترن
ئي قسمن جون ٺڳيون ڪيون ويون ھيون. ھڙ دنبڙ جو
وايو منڊل قانون ۽ انصاف جا تھ وڻ ئي وڍجي ويا
ھئا. ھتي بلوچ قبيلا پوکي راھي واري ڪرت تھ ڄاڻندا
ئي ڪونھ ھئا. تنھن ڪري سندن پيٽ گذر ڦرلٽ ۽ ڌاڙن
تي ھوندو ھو. ٽالپر حڪمرانن بھ کين ڇڙواڳ ڇڏي ڏنو
ھو.
3)
ان سال جنگ ڪري واھن جي کاٽي ۽ صفائي ٿي ڪانھ سگھي
ھئي. ٽالپرن جو ڌيان جنگ ۾ کتل ھو. جڏھن پاڻيءَ جا
وھڪڙا بند ٿي ويندا آھن تھ نھ ماڻھو صحتمند رھي
سگھندا آھن نھ وري پوکي راھي ڀلي ٿيندي آھي.
4)
آگسٽ
1843ع
کان جنوري
1844ع
تائين ھڪ خطرناڪ مھا مويءَ منھن ڪڍيو جنھن جي
نتيجي ۾ ھزارين مري ويا. ٻيا وري ھن اگري آپدا جي
چڪڻ سان چڙ چڙي اٿيا تھ سھين پر ايترا تھ جھيڙا ۽
ھيڻا ٿي ويا جو ھنن لاءِ ھر جو مٺيو جھلڻ بھ مشڪل
ٿي ويو ھو.
1844ع
۾ ڪنھن وانگيءَ بھ پوکي راھي جي ڪرت ڏانھن اک کڻي
وتائي بھ ڪونھ ڏٺو ھو. ماڻھن جي ڏيل ۾ ڪو ڏپ ئي
ڪونھ رھيو ھو جو ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪري سگھن. ھن
مھامريءَ ڪري فوج جو ڪو ماڻھو تھ ڪونھ ڀريو ھو پر
بيماري کي جھاڳي نمرا تھ ٿيا ھئا ليڪن کين ھٿيارن
سنڀالڻ جيترو ست بھ سرير ۾ ڪونھ رھيو ھو. ماڻھو ھن
مھامري مان جند ڇڏائي اڃا آجا مس ٿيا ھئا تھ مٿان
اچي ماڪڙ جا ڪٽڪ نيان جيڪي پنھنجي پٺيان ڪاري وارا
ڪک اڏامندڙ رک ۽ ڪاري ڏڪار جا رانڀاٽيندڙ راڪاس
ڇڏي ويا ۽ سڪار ۽ سنائي واري سنڌ جي ڌرتي ھڪ وار
اجاڙجي ڀينگ ٿي وئي.
5)
اھو ڪو ڳورو سال ھو سنڌو ۾ ڪمھلي لاٿ اچي وئي جنھن
۾ وري چاڙھھ اچي ڪونھ سگھيو. ھن کان اڳ ماڪڙ ساري
اوڀڙ کائي ملڪ اوجھڙ ڪري وئي ھئي. ھاڻي وري پاڻي
جي ڏگاھي ڪري ماڻھو مري رھيا ھئا.
ان سال ماڪڙ ۽ سنڌوءَ جي اوچتي لاٿ ڪري سنڌ اندر
ڏڪار ڪاھي پيو ھو ۽ سر چارلس نيپئر پنھنجي سياڻپ ۽
سچيتائي سان
1845ع
جي پڇاڙيءَ ڌارن کيس ھن ڪارونڀار مان اڪري پار
پھچايو ھو. پر اناج جا اگھھ تھ چوٽ چڙھي ويا ھئا
جنھن جي شڪايت بمبئي جي ڪائونسل بھ ڪئي ھئي. پر
ھنن کي اھا سمک بھ ھئي تھ سنڌ سان ڪھڙي ڪاري واري
ٿي گذري آھي. پر ھنن ڳجھھ ڳوھھ ۾ سنڌ جي گورنر کي
کڻي انگھن تي کنيو ھو تھ اناج جي مھانگائي جو ڪارڻ
اھو آھي. ساڳئي وقت چنڊالن جي ھن چوڪڙي برآمدي
محصول ھڻي ممبئي کان اناج روانو ڪيو ھو ۽ پاڻ ئي
ان ڀڏي ڪم ۾ رڌل رھيا جنھن جو الزام وري سر چارلس
تي ٿڦيندا ھئا. البت
1845ع
جي پڇاڙيءَ تائين سنڌ ۾ سڪون ۽ سڻائي اچي وئي ھئي.
اھڙو سکيو ستابو صورتحال انھن ماڻھن جيواڳون جھڙين
بکين اکين جي سامھون ھو. سنڌ جي اھڙي خوشحالي ڏسي
اوسي پاسي جي ملڪن جا ماڻھو بھ لڏي پلاڻي اچي ھتي
آباد ٿيا ھئا. جن مان سمنڊ وسيلي ڪي سنڌو وسيلي
سنڌ ھليا آيا ھئا. جنھن ڪري شڪارپور ۽ ڪراچيءَ جي
آدمشماري وڌي وئي ھئي. جيڪي ھاڻي ڳوٺن مان شھر
بڻجي ويا آھن. ان کان سواءِ ھتي دولتمند واپاري بھ
اچي آباد ٿيا آھن ۽ ھن ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ سان پنھنجا
تجارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ چاھين ٿا. تجارتي تيز
رفتار چرپر فقط انھن ملڪن ۾ ممڪن ٿي سگھندي آھي
جتي امن ۽ شانتي ھوندي آھي. ان سان گڏ نياءُ نيت
پت ۽ انصاف سولو ۽ پھچ جوڳو ھوندو آھي.
ساڳيءَ ريت سنڌ جي پيداوار ۾ بھ گھڻو واڌارو اچي
ويو ھو ۽ اڳئين ڊسمبر ۾ خزاني ۾ ڏھھ لک پياريا ويا
ھئا. اھڙيءَ طرح ٻن لکن اسٽرلنگ پائونڊن جي اضافي
پيداوار حاصل ٿي ھئي. ان لاءِ ضلعي جي ڪليڪٽرن جو
چوڻ آھي تھ جيڪڏھن ڍل محصول جي اوڳاڙي جو طريقو
اھو ساڳيو قائم رھيو تھ ايندڙ ڏھن سالن اندر ڏھھ
لک اسٽرلنگ پائونڊ پيداوار ملي سگھندي ۽ عام
ماڻھوءَ تي ڪنھن جو بار بھ ڪونھ پوندو. ان کان
سواءِ انتظامي خرچ جي مد ۾ پڻ ڪابھ گھٽتائي ڪانھ
ڪئي ويندي. سٺي حڪومت جي اھا بھ ھڪ نشاني آھي. سنڌ
جي اتر پاسي واقع ڪڇ ۽ گنداوا ۽ اولھھ پاسي
گيدروشا جا ماڻھو چئي رھيا آھن تھ کين بھ انگريز
سرڪار جو رعيتي بڻايو وڃي. بھاولپور جي نواب جي
ساڳي خواھش آھي. ھن وقت تائين جيڪي بھ پوليٽيڪل
ايجنٽ سندس درٻار ۾ رھيا آھن. تن جي روين کان
ناراض رھيو آھيان. تنھن پنھنجي خواھش جو اظھار ڪيو
آھي تھ ھو سر چارلس جي ماتحت رھڻ چاھي ٿو. سندس
اھو بھ چوڻ آھي تھ ھن جي حڪومت سنڌ جي فتح ڪري ڄڻ
وائڙي ٿي وئي آھي. اھو ڄڻ ٻرندڙ جو ھڪ ڳرو پٿر اچي
ڍنڍ ۾ ڪريو آھي ۽ ان ڍنڍ جو پاڻي وڏي اڀار کان
پوءِ ھيٺ لھي ويو آھي ۽ امن امان قائم ٿي ويو آھي.
سر چارلس جيڪي بھ انتظامي طور خدمتون سرانجام ڪيون
آھن يا ھن جنگين ۾ جيڪي بھ سوڀون ماڻيون آھن تن کي
قدر جي نگاھھ سان تھ ڏٺو ئي ڪونھ ويو آھي. ڪورٽ آف
ڊائريڪٽرس بھ سدائين مٿس سينگ سڃيون اتامري بيٺي
آھي. لارڊ رپن جي دل بھ ھنن لاءِ ڪوسي جو ٿي آھي
تھ ٺرڻ جو تھ نالو ئي ڪانھ ٿي وٺي. ان کان سواءِ
مھاراڻي جي وزير کي بھ اھا ڪاڻ ڪانھ آھي تھ ھن
عظيم انسان انگلينڊ جي ناموس ۽ وقار لاءِ ڪيترو
پاڻ پتوڙيو آھي. ھن وزير سايو ڪري انھن بھادرن
فوجين جي ميڊل موڪلڻ ۾ دير ڪئي آھي جن مياڻي ۽ دٻي
جي جنگي ميدانن تي پنھنجون حياتيون قربان ڪري
ڇڏيون ھيون. ائين ڪري ھن ڄڻ سر چارلس جي توھين ڪئي
آھي. ان کان سواءِ جابلو علائقن واري مھم سان
لاڳاپيل خطن کي پاڻ وٽ روڪي ڪڌو ڪم ڪيو آھي. جن ۾
سر چارلس جي ڪاميابي جو احوال لکيل ھو. پر ان
بدران ھن آئوٽرام طرفان ھنيل الزامن جي ساراھھ ڪئي
ھئي. ھن بامبي ڪائونسل جي ڪوڙن الزامن تي اعتبار
ڪيو ھو جن کي الزام ھڻن وارن جي نالن کڻڻ جي جرئت
ڪانھ ھئي جن حساب ڪتاب جا ڪوڙا انگ اکر ٻڌايا ھئا
جيڪي سرڪار تي بار ھئا پر ٻڌائڻ کان لنوائي رھيا
ھئا. اھڙي جاچ پڙتال لاءِ کيس دعوت تھ ڏني وئي
ليڪن اھا ٿي ڪانھ سگھي ھئي ۽ ان کان سواءِ بھ مٿس
الزام ٿاڦيا ويا ھئا. ھن ماڻھو ان معاملي کي منھن
ڏيڻ ۽ سمجھائڻ لاءِ ڀرپور تياري ڪئي ھئي تھ سنڌ جي
فتح ڪنھن بھ ڪم جي ڪانھ ھئي ليڪن معلوم ٿيندو تھ
سنڌ جي فتح نھايت اھم ۽ وڏي فائدي واري آھي. جنھن
وسيع تجارتي ڪاروبار لاءِ بند پيل دروازا کولي
ڇڏيا آھن. ھاڻي ھتان جو تجارتي وچ ايشيا تائين بھ
پھچي سگھي ٿو. جيڪڏھ ھن ملڪ کي سر چارلس نيپئر جي
اصولن مطابق ھلايو ويو تھ ھيءُ ھڪ سکيو ستابو صوبو
بڻجي سگھي ٿو ۽ ھندستان جي اولھھ – ڏکڻ ھڪ مضبوط
سرحد بھ ثابت ٿي سگھي ٿو. پر جيڪڏھن ھن کي ڪمپنيءَ
جي اصولن مطابق ھلايو ويو تھ ھي بورڊ آف ڊائريڪٽرس
جي شرمساري جو ڪارڻ بڻجي سگھجي ٿو. جنھن لارڊ
ويلزلي چيو آھي تھ ”اھي مشرق جا بدنام ۽ ظالم
انسان آھن.“
باب ٻارھون
سنڌ جو انتظام ڏاڍا سھڻي طريقي سان ھلي رھيو ھو
جنھن جو مٿي ذڪر ٿي چڪو آھي. ھن ملڪ جي سرحد کان
پار ھندستان جا مامرا منجھائيندڙ ۽ خطرناڪ ھئا.
ممبئي پريزيڊنسي جي حدن اندر بغاوت جي باھھ ڀڙڪي
اٿي ھئي. جيڪا گھڻي وقت تائين ھلي ۽ مٿس پئسو ڏوڪڙ
بھ جام خرچ ٿيو ھو. اھڙي ريت ھندستان اتر – اولھھ
طرف سکن سان جنگ بھ لڳڻ واري ھئي. پر ھندستان اندر
ماڻھن جو نقطئھ نظر انگريز سک جنگ جي خلاف ھو.
اھڙي امڪاني جنگ لاءِ ماڻھن جي سوچ ۾ ھٺ ۽ وڏائي
موجود ھئي. اھڙن ماڻھن جو خيال ھو تھ جيڪڏھن اھا
انگريز سک جنگ لڳي بھ تھ فتح ھر حال ۾ انگريزن جي
ٿيندي. ھنن ٻنھي خيالن بابت سر چارلس جو نقطئھ نظر
مختلف ھو. سندس چوڻ ھو تھ ھن جنگ جي مختلف مرحلن
تي ڳوڙھي غور ۽ فڪر جي ضرورت آھي. ھن پري کان ويھي
ان جنگ جي خطرن ۽ مختلف سياسي ۽ فوجي ڳالھين تي
سوچيو ۽ اڳڪٿيون ڪيون ھيون ۽ اھي انھن ماڻھن جي
نقطئھ نظر مطابق خطرن ۽ ڪيل اڳڪٿين کان وڌيڪ صحيح
ثابت ھيون ھيون، جيڪي بلڪل نزديڪ ھئا. ھن گورنر
جنرل جي حڪمن مطابق تياري ڪري ڇڏي ھئي. سيپٽمبر ۾
ھن اتر ستلج ڏانھن ٻيڙيون موڪليون، جنھن جو مقصد
پليون تعمير ڪرڻ ھو. ھن اڳواٽ ئي پنھنجي فوج کي
ڏاڍو منظم ڪري ڇڏيو ھو. ھن مقصد لاءِ جئين ڪڏھن بھ
جھيڙي جو حڪم ٿئي، پوءِ اھو ڪيڏو بھ خطرناڪ ھجي،
پر ھڪ وار پنھنجي اٽل ارادي ۽ بلند حوصلي سان اڳتي
وڌبو. مگر ھڪ اڻ ٽر مونجھارو ضرور موجود ھو. وٽس
ايترو پئسو ڪونھ ھو جو ايتري وڏيءَ فوج کي چرپر ۾
آڻي سگھي. ھن انھيءَ مقصد لاءِ فوجي کاڌي پيتي ۽
سامان لاءِ مقرر ڪيل اٺ سوار ريجمينٽ کي اڳتي
روانو ڪيو. جيڪا وڌيڪ طاقتور ۽ تيز رفتار فوج ھئي.
جنگي ميدان ۾ ھي وڏي ۽ پيچيده مشين جي حيثيت رکندي
ھئي. ان کان سواءِ ھو لڳاتار سوچيندو رھيو ھو تھ
ان جنگ، فوجي تربيت ۽ طريقو ڪھڙو ھجڻ گھرجي ۽
ضرورت وقت فوجي سرگرمين جي ابتدا ڪھڙي طريقي سان
ھجڻ کپي. اھڙيءَ ريت ھن اڳواٽ سوچي ورتو ھو. اتي
سندس ڪردار ثانوي ھوندو، جڏھن اھم ڪردار مکيھ فوج
کي ادا ڪرڻو آھي. ھن پنھنجو اھڙو جنگي نقطئھ نظر
گونر جنرل ڏانھن لکي موڪليو ھو. جڏھن سندس خيال ۽
گورنر جنرل جي نقطئھ نظر کي ڀيٽائي ڏٺو ويو تھ
ٻنھي ۾ ساڳيائپ موجود ھئي. اھو بھ ڏٺو ويو تھ ڊيوڪ
آف وينگٽن جا خيال بھ ساڳيا ھئا. سر چارلس پاڻ کي
دلي طور ڏاڍو مضبود سمجھڻ لڳو ھو. تنھن ڪري ھو جنگ
کان اڳ ٿيندڙ واقعن جي اوسيئڙي ۾ ويھي رھيو. ٿوري
وقت کان پوءِ ھن جي جنگي ڏات کي جاچڻ پرکڻ جو
موقعو ملي ويو. گورنر جنرل سکن سان امن امان کي
قائم رکڻ لاءِ جتن ۽ جاکوڙ جا ھڙ ھيلا ھلائي ڏٺا
پر ڪوبھ کڙ تيل ڪونھ نڪتو ھو. پر جيڪڏھن ھو سوڀارو
ٿئي ۽ عوامي راءِ کي ھموار ڪيو وڃي ھا تھ سک جنگ
جو ٽري وڃڻ ممڪن ھو. پر انگريزي فوج جھيڙي لاءِ
تيار ئي ڪانھ ٿي ھئي جو سکن اٻھرائي ڪري جنگ جي
ابتدا ڪري ڇڏي. سندن اھو حملو اوچتو ۽ تيز رفتار
ھو. ”مريدڪي“ واري محاذ کي اڃا پندرھن ڏينھن بھ مس
گذريا ھئا. سر ھينري ھارڊنج، سر چارلس کي چيو ھو
تھ مان توکي جنگ کان پندرھن ڏينھن اڳ جنگ ڪرڻ جو
نوٽيس ڏيندس. تنھن کي ھن جنگ جي ڪا امنا گمنا ئي
ڪانھ ھئي. جنھن ڳالھھ ھندستان سرڪار کي لوڏي رکيو
ھو. ممبئي واري ڌر ھن کان اڳ سنڌ جي اھميت تي پردو
ڏئي عوام کان لڪائي ڇڏيو جيڪو ھڪدم ڦاٽي پرزا پرزا
ٿي ويو. سنڌ جي فتح کي ان وقت اھم سمجھيو ويو ھو
جڏھن ”مريد ڪي“ واري جنگ جو اعلان ٿيو ھو، جنھن
سان حڪم بھ جاري ڪيو ويو ھو تھ فوج نھايت تيز
رفتاريءَ سان اڳتي وڌي، روھڙي پھچي وڃي. پيش قدمي
ڪندڙ ھيءَ فوج پندرھن ھزارن تي مشتمل ھئي، جنھن
سان ميدان تي وڙھڻ واري ۽ قلعي جي چوڌاري ڪڙي
چاڙھڻ واري فوج بھ ھئي. سنڌ جي ايتري گھڻي پيداوار
ڪونھ ھئي تنھن ڪري اھڙو بندوبست ڪرڻ ممڪن ڪونھ ھو.
ان مقصد لاءِ امدادي فوج ممبئي مان اچڻي ھئي. ٿوري
وقت کان پوءِ ممبئي پريزيڊنسي جي اندرين علائقن
کان ھر قسم جي ھٿيارن سان مسلح ڏھھ ھزار رواني ٿي.
جنھن سان توبون، گاڏيون، ڪئمپ ھڻڻ جو سامان،
گھوڙا، رسد گاھھ گڏ ھو ۽ سامونڊي ڪناري ڏانھن وڌي
مانڊو، سورت، ممبئي ۽ ونگورلا جي بندرن تان آگبوٽن
۽ ملڪ جي ھر قسم جي سامونڊي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي ھيءَ
فوج تيز رفتاري سان ھاڪاريندي پنھنجي فوجي سامان
سميت اچي سنڌ پھتي ھئي. سر جارج آرٿر ۽ نيوي جي
ڪمانڊر رابرٽ اوليور جي رويي مان ائين ڀائنجي رھيو
ھو تھ ھو ممبئي واري ڌر، ريدس، ڪرافوردس ۽ ولھوبي
جا مخالف ھئا.
جيڪڏھن ھندستان سرڪار جي اختيار ڪيل حڪمت عملي سر
چارلس کي سندس خيالن تي عمل ڪرڻ جي اجازت ڏئي ھا
تھ سنڌ جي فوج ھن کان ٽي مھينا اڳ، جنگي سرگرمين
لاءِ تيار ھجي ھا. ان کان سواءِ حيدرآباد کان اڳتي
نڪري حڪم ملڻ تي وڃي روھڙيءَ ۾ منزل ڪري ھا ۽ بعد
۾ ملتان جي سرحد اندر داخل ٿي وڃي ھا. اھو ڪم
اھڙيءَ تھ رازداريءَ سان ڪيو وڃي ھا جو سکن جي
فرشتن کي بھ خبر ڪانھ پوي ھا. پر کيس جنگ لاءِ
فوجي پيش قدمي ڪرڻ، ڪنھن فوجي ضرورت واري شيءِ اٺن
جي خريداري کان منع ڪئي وئي ھئي. پر جڏھن کيس جنگ
جو حڪم مليو تھ وٽس فقط ارڙھن سون تي مشتمل اٺن جو
قافلو ھو، جيڪو فوجي سامان کڻڻ لاءِ مخصوص ھو جنھن
سان گڏ فقط ٽي ھزار فوجي گڏ ھئا. ان وقت سر چارلس
کي پنجاھھ ھزارن اٺن جي ضرورت ھئي. تنھن ڪري ھن
پنھنجا ڪيترائي ماڻھو اٺن جي خريداري لاءِ ڊوڙايا،
پر جوکين جي ڄام ھن مھم کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي تھ
جيئن اٺ خريد نھ ٿي سگھن. جڏھن اھا خبر سر چارلس
کي پئي تھ ھن تيز رفتاري سان وڌي کيس پنھنجي وچ
قبيلي مان گرفتار ڪيو. ڇاڪاڻ تھ کيس ھن جنگي مھم
لاءِ بندوبست ڪرڻو ھو. ھن جاکوڙ ڪري ٻارھن ھزار اٺ
ھٿ ڪري ورتا ھئا. بعد ۾ ھن مسلح فوج ۽ توبن کي
سنڌوءَ وسيلي مٿي روانو ڪيو. اھڙيءَ ريت ھيءَ فوج
گورنر جنرل جي حڪم پھچڻ کان پوءِ ٻن ڏينھن اندر ھڪ
سو ميل سفر ڪري چڪي ھئي.
ان کان پوءِ ممبئي کان ايندڙ فوج اچي ساڻس ملي ھئي
جنھن سان گڏ اختيار جا حڪم ۽ بي حساب وسيلا ساڻ
ھئا. فوج جو ھر شعبو ماکيءَ جي مک جيان رات ڏينھن
ڪم ۾ جتل رھندو ھو. سفر رات جو جاري رھندو ھو.
جنھن دوران ڏاڍي خاموشي اختيار ڪئي ويندي ھئي.
قلعن کي ڊاھڻ جي مقصد
لاءِ توبن سان گڏ اھڙي فني ڪم بابت لاڳاپيل ٻي
فوج بھ ھئي جنھن جو تعلق قلعي تي گھيري ڪرڻ سان
ھو. ھيءُ فوجي حصو ٻٽيھن توبن تي مشمل ھو ۽ ھر ھڪ
توب لاءِ ھڪ ھزار گولا مخصوص ھئا. ان توبخاني سان
لاڳاپيل انجنيئر ڪئپٽن پيٽ(Peat)
جي اڳواڻيءَ ۾ ڪم ڪري رھيا ھئا. جيڪو ڏاڍو ھوشيار
فوجي عملدار ھو. ھن نھايت منتظم طريقي سان توبن جو
ھڪ پارڪ بنائي ورتو ھو، جنھن ۾ ھو توب کي مناسب
وٿيءَ تي رکيو ويو ھو. جنھن سان گڏ ضروري سامان ۽
عملو بھ رکيو ويو ھو. جنھن لاءِ چيو وڃي ٿو تھ اھو
ھڪ بي مثال نمونو ھو جيڪو مڪمل ھو ۽ جنگ سان
لاڳاپيل ھو. ھر چيز جو بندوبست ٿيل ھو. ھي سامان
وڏيءَ ھڻ ھڻان کان پوءِ مس ھٿ ڪيو ويو ھو. سر
چارلس کي چيو ويو ھو تھ توبخاني جي ھر کوٽ جو
پورائو ڪري. خرچ سنڌ جي وسيلن مان ٿي رھيو ھو.
رسدگاھھ وٽ ٻن ميھنن جو کاڌو پيتو موجود ھو.
ميڊيڪل واري شعبي کي بھ ھر شيءِ ڏني وئي ھئي.
ممبئي واري امدادي فوج سامونڊي ڪناري سان اڳتي
وڌڻي ھئي. ان فوج ۽ ساري سامان کي مختلف بندرن تان
کنيو ويو ھو. اھڙيءَ ريت ھن پيش قدميءَ ۾ ٽيھھ
ھزار ماڻھو شامل ھئا، جن جو سامونڊي سفر پنجن سون
کان اٺ سول ميل ھو. ان کان پوءِ خشڪي جو چار سو
ميل سفر ھو. ھي ساري فوج حڪم ملڻ کان ٻائيتاليھھ
ڏينھن پوءِ اچي روھڙيءَ ۾ گڏ ٿي ھئي.
اھڙيءَ ريت تاريخ
6
فيبروري تي روھڙي ۾ پنجاھھ ھزار ماڻھو اچي گڏ ٿيا
ھئا. جنھن ۾ رسدگاھھ جا ماڻھو بھ شامل ھئا. ساڳي
ريت فوج جو ھر شعبو منظم ۽ مڪمل ھو. توبخاني ۾ اسي
توبون ھيون جن سان گولا بارود بھ بيشمار ھو.
سنڌوءَ ۾ آگبوٽن جو ھڪ وڏو آرماڙ بيٺو ھو جن تي ٽن
جي کاڌي پيتي جو سامان لڏيل ھو ان کان سواءِ انھن
آگبوٽن تي درياھھ مٿان ٻيڙين جي پل ٺاھڻ جو ھر
سامان موجود ھو. جنھن وسيلي ھڪ سؤ گز ماپ جيتري پل
تيار ڪرڻ ممڪن ھو. فوجي عملدارن جو ھڪ وڏو تعداد
ھو، جيڪو بلند حوصلن سان ڪم ڪري رھيو ھو ۽ جن کي
فتح جو پورو يقين ھو. ھر فوجيءَ تي جنگ جو ھڪ جنون
سوار ھو. ھن پيش قدميءَ دوران اھي ڄڻ ھواءِ سان بھ
وڙھي رھيا ھئا. کين سختيءَ سان روڪيو ويو ھو تھ
اھو نعرو نھ ھڻن جيڪو دشمن تي حملي ڪرڻ وقت ھنيو
ويندو آھي. پر پوءِ بھ ھر طرف فوجي نظم ضبط قائم
ھو.
سنڌ جي آمدني جا وسيلا نھايت ئي محدود ھئا. پر ھو
فوجي ڪم جي تيز رفتاريءَ ۾ پنھنجو مثال ھئي. پيش
قدميءَ جو حڪم اوچتو مليو ھو، پر ھر شيءِ جو
پورائو وقت سر ڪيو ويو ھو. اھو ايتري جلدي ۾ ڪونھ
ٿي سگھي ھا، جيڪڏھن سر چارلس فوجي سامان جي کڻڻ
لاءِ اٺن جي قافلي جو سرڪاري طور اڳيئي جوڙجڪ نھ
ڪري ھا. پر ھن سان گڏ اھو چوڻ بھ غلط ڪونھ ٿيندو
تھ جيڪڏھن سر چارلس، بلوچ سردارن خلاف ڪامياب جنگي
مھم جي ابتدا نھ ڪري ھا تھ فوج جو مٿي پيش قدمي
ڪرڻ ممڪن ڪونھ ھو. ھي اھا فوجي مھم ھئي جنھن خلاف
لارڊ رپن بھ سرڪاري طور ڪم ڪري رھيو ھو ۽ جنھن کي
ھن غير اھم سمجھي دير ڪرائي ڇڏي ھئي. جيڪڏھن ان
فوجي مھم جي اھميت ڏانھن ڌيان نھ ڏنو وڃي ھا تھ
سکن خلاف پيش قدمي ڪندڙ فوج جو ھڪ پاسو ۽ دمبالو
ريئر محفوظ رھي ڪونھ سگھي ھا ۽ بيشمار دشمن اڳتي
وڌڻ کان روڪي بيھي رھن ھا. جڏھن تھ سامھون سک فوج
اڳئي موجود ھئي. سمجھڻ ائين کپي تھ اھا سنڌ جي
بچاءَ واري جنگ ھئي جيڪا ھتي اسان کي ھاڻي ڪم ڏئي
رھي ھئي ۽ ھن ڳنڀير وايو منڊل ۾ سنڌ جي تحفظ لاءِ
پنج ھزار فوج پوئتي ڇڏي وئي ھئي.
ھن ساري فوجي مھم ۾ ڪراچي اھم ڪردار ادا ڪري رھي
ھئي ۽ ھن مھم جي ڪنجي بھ ھي شھر ھو. اھڙي ريت ھن
شھر جي بچاءَ لاءِ ٽي ھزار فوج ڇھھ فيلڊ پيسز ۽
پندرھن وڏيون توبون رکيون ويون ھيون.
اھڙيءَ ريت حيدرآباد جي قلعي ۽ خندقن واري فوجي
ڪئمپ وٽ ڇھھ ٽوئلو پائونڊرس ھڪ ريجمينٽ فوج ۽ اٺ
سو پولس وارا رکيا ويا ھئا. جن لاءِ ٽن مھينن جو
کاڌو پيتو رکيو ويو ھو.
گولا بارود ۽ ٻيو فوجي سامان ڪوٽڙي وٽ سنڌوءَ ۾
بيٺل آگبوٽن تي رکيو ويو ھو. ھتي ھڪ جدا قلعو ھو.
جتي ٻھ توبون، نيوي جا ھڪ سو فوجي ھئا ،جن سان
ھٿياربند مزدور ۽ ڪجھھ پوليس وارا بھ شامل ھئا. ھي
ھڪ مختصر فوج ھئي جيڪا ھڪ وسيع علائقي جي نظرداري
لاءِ رکي وئي ھئي. تنھن ڪري ڪڇ مان فوج آڻي سنڌوءَ
جي ڇوڙ واري علائقي جي سرحد وٽ ونگا بازار ۾
ترسائي وئي آھي. اھڙيءَ ريت ڪجھھ فوج ڏيسا کان
گھرائي عمرڪوٽ ۾ رکي وئي آھي. پر ميرپورخاص ۽ ٽنڊو
الھيار لاءِ پوليس موجود آھي، ساڳيءَ ريت سيوھڻ ۽
لاڙڪاڻي کي ڏيھي پوليس جي حوالي ڪيو ويو آھي. ان
کان سواءِ پنج ھزار ريگيولر فوج کي ٻن حصن ۾ تقسيم
ڪيو ويو آھي.
اھڙيءَ ريت شاھپور، خانڳڙھھ، سکر، شڪارپور ۽ بکر
تي نظرداري ڪرڻ لاءِ ريگيولر گھوڙيسوارن جون
ريجمينٽون رکيون ويون ھيون. ان سان گڏ ڪجھھ پيادل
فوج ۽ ڇھھ فيلڊ پيسز کي خبردار ٿي بيھڻ جو حڪم ڪيو
ويو ھو پر سکر ۾ ڳورين توبن جو ڪجھھ تعداد مقرر
ڪيو ويو ھو. ھنن سڀني ماڳن جي مدد لاءِ اتر واري
پوليس بھ موڪلي وئي ھئي. جيڪا ھاڻي فوج جيان ھڪ
ويڙھو طاقت بڻجي وئي ھئي. اتر واري ھن پوليس جا
حوصلا ايڏا بلند ھئا جو الف خان پنھنجي ڇھن ماڻھن
سان گڏجي، ان سک ٽولي جي ڪڍ ڪاھي پيو ھو، جيڪي
ڌاڙي ھڻڻ جي نيت سان سنڌ جي حد اندر ھليا آيا ھئا.
کيس جنرل چارلس جي حڪم جي خبر ڪانھ ھئي. جنھن ۾
سکن جي ملڪي حدن ۾ پٽي وڃڻ کان منع ڪيل ھئي. پر ھي
ماڻھو پنھنجي ڇھن ساٿين سان انھن ڌاڙيلن جي ڪڍ لڳي
پيو ۽ سکن جي ملڪي حدن کان ويھھ ميل اندر ھليو ويو
ھو.
ھن جنگ دوران سنڌ کي ايتريءَ ٿوريءَ فوج جي سھاري
ڇڏي ڏيڻ، انھن ماڻھن طرفان سر چارلس تي ھنيل
الزامن جو کليو جواب ھو تھ سنڌ اندر مڪمل امن امان
قائم ٿي چڪو آھي. ڪڇيءَ واري جابلو علائقي خلاف
جنگي مھم دوران بلوچ خان جو ڪردار اڻ ڌريو رھيو
ھو. جيڪو لھڙيءَ جو ھڪ بلوچ سردار ھو. ھن ماڻھوءَ
ھاڻي آڇ ڪئي آھي تھ ھو پنھنجي ھڪ سؤ گھوڙيسوارن
سان انگريز فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ چاھي ٿو. خان محمد بھ
ساڳي قسم جي آڇ ڪئي آھي تھ ھو پنھنجي خرچ تي
انگريز فوج ۾ شامل ٿيڻ چاھي ٿو. ھن وڌيڪ اھو بھ
چيو ھو تھ نالي ماتر پگھار تي پنھنجا پنج ھزار
ھاري ڏيڻ لاءِ تيار آھي. ھي خان محمد (ٽالپر) سنڌ
جو ھڪ طاقتور سردار آھي. جيڪو شير محمد (ٽالپر) جو
ڀائٽيو آھي. ھي ماڻھو شير محمد جي شڪست تائين ساڻس
ٻانھن ٻيلي رھيو ھو. اھا شڪست کيس جئڪب ڏني ھئي.
ھي ٽالپر سردار انھن ماڻھن سان سھائتا ۽ ساٿ ڏيڻ
لاءِ تيار آھي، جن ھن جي ويجھن مائٽن کي جنگين ۾
شڪستون ڏنيون ھيون. ھن ماڻھو جو رويو بھ مختلف ٿي
ويو آھي، جنھن پنھنجي ماڻھن کي فوج نھ پر ھارري
سڏبو آھي. سر چارلس کيس جواب بھ کليو ڏنو ھو تھ ھن
ماڻھوءَ اھڙي آڇ ڪري دنيا کي ٻڌايو آھي تھ ھو
انگريز سرڪار سان راضي ٿي ويو آھي. جنھن مان سمجھڻ
کپي تھ سنڌي ماڻھو انگريزن جا وفادار دوست بڻجي
ويا آھن. بلوچ ۽ بھاولپوري ھن جھونڙي جنرل جا دشمن
بھ ھئا. بھاولپور جو نواب سمجھي رھيو ھو تھ جيڪڏھن
انگريز فوج سندس علائقي مان گذري مٿي وئي تھ کيس
شڪ آھي تھ کانئس سندس ملڪ کسيو ويندو. تنھن ڪري
امڪان آھي تھ ھو ڳجھھ ڳوھھ ۾ انگريزن جو دشمن ٿي
ويندو. خان محمد ٽالپر کي بھ ھڪ کليل جواب ملي ويو
ھو. تنھن ڪري اھو معاملو اتي ئي ختم ٿي ويو. سر
چارلس جي اختيار ڪيل حڪمت عملي ڳجھي ھئي جنھن مان
ڀائنجي رھيو ھو تھ ھو ھر حالت ۾ امن امان قائم ڪرڻ
جي ڪوشش ڪري رھيو آھي ۽ ھن بلوچ نسل جي جنگجو خصلت
کي اڀار ڏيڻ ڪونھ ٿي چاھيو. خان محمد، شير محمد جو
ڀائٽيو ھو، جنھن جو تعلق حڪمران گھراڻي سان ھو.
پاڻ بھ طاقتور ۽ بلند حوصلن جو مالڪ ھو، جنھن ڪنھن
خوف جي احساس ڪري وفاداريءَ جي خواھش ڏيکاري ھئي.
اھو امڪاني خوف انھيءَ ڪري پيدا ٿيو ھو ڇاڪاڻ تھ
بيشمار انگريز فوج گڏ ٿي وئي ھئي. اھڙي خوف جو
پيدا ٿيڻ، ھڪ فطري ڳالھھ ھئي. تنھن ڪري سر چارلس
کي پڪ ٿي وئي ھئي تھ سنڌ ۾ ڪنھن بغاوت جو امڪان
ڪونھ آھي. جنھن ڪري ھو اندر جي آٿت سان مٿي ويندڙ
فوج ۽ فوجي سرگرمين بابت سوچي ويچاري رھيو ھو. پر
قلات ۽ افغانستان سندس پاڙيسري مخالف ملڪ ھئا. جن
سان سندس رويو بھ ھڪ مدبر جھڙو ھو.
جنگ جي ماحول کي محسوس ڪندي قلات جي سردارن پئسن
جي مطالبو ڪيو ھو تھ جيئن جو افغانن کي اڳتي وڌڻ
کان روڪي سگھن. ھنن وڌيڪ اھو بھ ٻڌايو ھو تھ جڏھن
جنرل چارلس پنجاب جي حدن ۾ داخل ٿيندو تھ
افغانستان جون فوجون قلات جي حدن اندر داخل ٿي
وينديون. ان کان سواءِ کين سنڌ ڏانھن وڌڻ کان بھ
روڪي ڪونھ سگھبو. ھنن سمجھائيندي چيو ھو تھ ان
پئسي سان نھ رڳو افغانن کي اڳتي وڌڻ کان روڪي
سگھبو. پر پنجاب تي حملي دوران انگريزن جو ساٿ بھ
ڏئي سگھبو. ڏٺو وڃي تھ قلات جي ھن مطالبي ۾ بھ خوف
جو ھڪ تاثر لڪل ھو ڇاڪاڻ تھ کيس پنجاب جي فتح کان
پوءِ واري ڀو بيھڻ ڪونھ ٿي ڏنو. ان ڪري سر چارلس
کين کليو جواب ڏنو ھو تھ ”مان ھڪ رپيو بھ ڪونھ
ڏيندس. پنجاب تي حملي دوران ڪنھن جي مدد جو طلبگار
ڪونھ آھيان. جيڪڏھن افغان فوج اڳتي وڌڻ جي جرئت
ڪئي تھ انگلينڊ جي فوج، ڪابل تي حملو ڪندي ۽ اھا
ھميشه لاءِ اتي ويھي رھندي. جيڪڏھن افغانستان قلات
تي ڪاھي آيو تھ شاھپور ۽ حيدرآباد واري فوج وھلو
ئي پھچي سندس واھر ڪندي.“ سندس اھڙي جواب ڪري قلات
۽ افغانستان جي سردارن کي ڄڻ مرچ لڳي ويا ھئا.
افغانن قلات تي حملي ڪرڻ بدران ھيءَ آڇ موڪلي ھئي
تھ اھو ملڪ پنجاب تي حملي ڪرڻ دوران ساڻس گڏ ھلي
سگھي ٿو. سر چارلس سندس اھڙي آڇ جا ٿورا مڃيا ھئا،
پر ڪنھن بھ قسم جي مدد قبول ڪانھ ڪئي ھئائين.
ڇاڪاڻ تھ کيس خوف ھو تھ پٺاڻ فوج مال غنيمت لاءِ
صفا چري ٿي پوندي. جيڪڏھن فتح ٿي تھ ڏچو بڻجي
ويندا ۽ جيڪڏھن شڪست ملي تھ مدد لاءِ آيل ھيءَ فوج
ڦري دشمن ٿي پوندي ۽ اسان کي ڦري لٽي فنا ڪري
ڇڏيندي. تنھن ڪري افغان تھ دوست چڱو نھ دشمن چڱو
يعني سندن دوستي بھ دشمنيءَ کان گھٽ ڪانھ آھي.
انھيءَ زماني ۾ سر چارلس جي خواھش ھئي، تھ
افغانستان ۽ بلوچستان جو اڌ پنجاب سان شامل ڪيو
وڃي.
ساڳئي زماني ۾ علي مراد جي بھ ڪوشش ھئي تھ ھو اھو
علائقو حاصل ڪري، جيڪو راجا رنجيت سنگھھ کانئس فتح
ڪري ورتو ھو. سندس اھو مطالبو ھن شرط سان قبول ڪيو
ويو ھو تھ ھو پنھنجي فوج وٺي سنڌوءَ جي ساڄي پاسي
مٿي ھلندو ۽ جيڪڏھن مٺڻ ڪوٽ انگريزن فتح ڪري ورتو
تھ ان قلعي اندر پنھجي فوج رھائيندو. اھڙي قسم جا
ڪجھھ شرط ھيٺ بيان ڪجن ٿا:
1)
علي مراد انھن بندوق بردار ٽولين کي ختم ڪري
ڇڏيندو جيڪي سنڌوءَ جي سماجي ڪناري سان آزاد بڻيل
آھن ۽ جن رابطي کي ڪٽي ڇڏيو آھي.
2)
انگريزي فوج کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪيو ويو جنھن جو ھڪ
حصو سنڌوءَ جي ھڪ ڪڙ سان ۽ ٻيو حصو ٻيءَ ڪڙ سان
ھوندو. ھن فوج جي عظمت جا افواھھ ايشيائي طريقي
جيان چوڏس پکيڙيا ويندا، جيڪي قسطنطنيھ تائين وڃي
پھچندا.
3)
مٺڻ ڪوٽ اتحادي فوج مان ھڪ نھ ھڪ جي حوالي ڪيو
ويندو، جنھن جي جنگ جي ميدان ۾ موجود ھجڻ جي ضرورت
ڪانھ ھوندي. اھڙيءَ ريت روھڙيءَ ۽ مٺڻ ڪوٽ جي وچ ۾
جنگي سرگرميون گھٽ ۾ گھٽ رکيون وينديون.
4)
جيڪڏھن سمجھيو ويو تھ مير علي مراد غدار آھي (جنھن
جو امڪان گھٽ آھي) تھ بھ ھو ايڏو وڏو نقصان پھچائي
ڪونھ سگھندو،ڇاڪاڻ تھ سنڌوءَ جي کاٻيءَ ڪڙ سان
انگريزن جي فوج پيش قدمي ڪرڻ ۾ مصروف ھوندي. جڏھن
تھ وھڪري ۾ آگبوٽ ھاڪاريندا، جن تي انگريزي فوج
سوار ھوندي. جڏھن تھ مٺڻ ڪوٽ تي حقيقي قبضو ڪئپٽن
مئليٽ ۽ مسٽر ڪرلنگ جو ھوندو. ھنن انگريز عملدارن
جو علي مراد جي پگھاردار پٺاڻ فوج تي وڏو اثر آھي،
جيڪي ھنن کي وڏين پگھارن ڏيڻ جي آسري تي علي مراد
جي نوڪري مان کسڪائي ڪڍي ايندا.
سر چارلس جو جنگي سرگرمين تي مشتمل ھي منصوبو
مستقبل بينيءَ ۽ تدبر سان جوڙيو ويو ھو. ھي
انگريزن خلاف سک مزاحمت واسطي پھريون ۽ نھايت اھم
ماڳ ھو. جنھن جي قلعي جي مرمت لاءِ سک ڏاڍا مصروف
ھئا. ان کان سواءِ ڀرپاسي جي اھم ماڳن جي بھ مرمت
ڪري رھيا ھئا. ھي اھڙو اھم ماڳ ھو، جتي سنڌوءَ سان
ٻين درياھن جو پاڻي اچي سنگم ڪندو ھو. تنھن ڪري سک
حڪمران سنڌ جي طرف کان ايندڙ فوج کي مھاڏي ڏيڻ
لاءِ ھتي پنھنجي فوج جو وڏو تعداد رھايو ھو. ھن
ماڳ کان پوءِ شجاع آباد ۽ ملتان جا قلعا ھئا. تنھن
ڪري فوج کي ٻن ڪالمن ۾ ورھائي تيز رفتاريءَ سان
مٺڻ ڪوٽ ڏانھن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ھئي. منصوبو
اھو ھو تھ ٻيڙين وسيلي پل ٺاھي اتان اڪرندي ئي اسي
توبن جي گولاباري سان سندس مزاحمتي قوت کي ڊانون
ڊول ڪري ڇڏيو. جنرل چارلس سمجھي رھيو ھو تھ اھو ڄڻ
مڇر کي وڏاڻ (وڏي ھٿوڙي) سان مارڻ برابر آھي، پر
کيس خبر ھئي تھ قلعي جي پٿر جي ديوارن پٺيان
خطرناڪ سک ويڙھاڪ موجود ھئا. سندس منصوبو ھو تھ
مٺڻ ڪوٽ تي اوچتو ۽ زبردست حملي شجاع آباد ۽ ملتان
تي ڌاڪ ۽ دھشت ڄمائي سگھبي. اھڙيءَ طرح انگريزي
فوج سنڌوءَ جي ٻنھي ڪنارن سان اڳتي وڌي رھي ھئي.
جنھن جي وچ تان آگبوٽن جو آرماڙ ھو، ڇاڪاڻ تھ
ڪشمور ٽپڻ کان پوءِ سنڌوءَ جو ساڄو ڪنارو مزارين
جي قبضي ۾ ھو، جيڪي انگريز دشمن ھئا. ان ڪري
انگريزن جي ڪجھھ فوج انھيءَ ڪناري سان بھ پيش قدمي
ڪري رھي ھئي. اھڙيءَ ريت اڳتي وڌڻ واري فوج ٻئي
حصا اچي مٺڻ ڪوٽ وٽ پاڻ ۾ ملڻا ھئا. فوج کي ٻن حصن
۾ ورھائي درياھھ جي ٻنھي پاسن کان اڳتي وڌڻ ڪري
تيز رفتاري اچي وئي ھئي. پر ھن مان ٻيو فائدو بھ
ٿيو ھو. ڇاڪاڻ تھ ائين ڪرڻ سان ساڄي ڪناري سان
رھندڙ مزارين تي بھ ڌاڪ ويھارڻي ھئي.
علي مراد پنھنجي فوج سان اڳتي وڌي رھيو ھو. سر
چارلس جي خواھش ھئي تھ سندس فوج کي مٺڻ ڪوٽ ۾ نھ
رھايو وڃي، جنھن جي سامھون اولھھ پاسي ڊيرا
اسماعيل کان جو سکيو ستابو شھر موجود ھو. کيس خوف
ھو تھ علي مراد ان خوبصورت شھر کي ڦري لٽي منزلون
ڪري وڃي اتي پھچندو. تنھن ڪري کيس بيھڻ جو حڪم ڪيو
ويو ھو. ڇاڪاڻ تھ ان شھر کي ڦرلٽ کان بچائڻ لاءِ
علي مراد جي فوج جو رخ تبديل ڪرڻو ھو، پر انھيءَ
تبديليءَ سان ساري فوج ستلج جي ساڄي ڪناري گھڻو
ڪري پري نڪري وڃڻ جو امڪان ھو. پر ساڳئي وقت فوج
کي کاٻو ڪنارو ڏياري اوچ وٽ پھچڻو ھو. ڇاڪاڻ تھ ھن
ماڳ کي انگريز لشڪر جي فوجي سامان لاءِ ڊيپو
بڻائڻو ھو. انھيءَ مقصد کي دل ۾ رکي ھتي ھڪ قلعو
بھ تعمير ڪرڻو ھو ۽ اتان درياھھ کي پار ڪرڻو ھو.
جيڪڏھن علي مراد جي فوج جو رخ سولائي تبديل ٿيڻ
ممڪن ٿيو تھ اھو مقصد بھ سولائيءَ سان پورو ٿيڻو
ھو. پر سر چارلس جنگ جي اھم اصولن جي سختيءَ سان
پابندي ڪندو ھو ۽ دشمن کي ڪڏھن بھ ڪمزور ڪونھ
سمجھندو ھو. تنھن ڪري ھو پنھنجي ساري فوجي طاقت
ڪتب آڻڻ جو حامي ھو. ان اصول کي آڏو رکي ھن گھيري
ڪرڻ وارين توبن کي آڻي ڪناري سان بيھاريو ھو. جنھن
سان فيلڊ آرٽيلري بھ گڏ ھئي. ان کان سواءِ ھن ٻيون
توبون بھ آگبوٽن تان لھرائي ننڍين ٻيڙين ۾ رکرايون
ھيون تھ جيئن گولاباريءَ ۾ ھڪ نظام قائم ڪري
سگھجي. ٻيڙين واري پل تيار ٿيڻ کانپوءِ ان جا ٻنھي
پاسن وارا منھن ماپ ۾ ٻيڻا ڪرايا ويا ھئا، جن جي
ڀرسان ھٿياربند آگبوٽ بيھاريا ويا ھئا. ھن پل جي
حفاظت لاءِ بھاولپور جي فوج کي بيھاريو ويو ھو. ان
کان پوءِ ھن پنھنجيءَ فوج کي شجاع آباد ۽ ملتان
ڏانھن وڌڻ جو حڪم ڪيو.
ھن سان گڏ چوونجاھھ اھڙيون ميداني توبون ھيون جن
جي چونڊ ھن سکن جي شڪست لاءِ ڪئي ھئي. ھنن توبن کي
ڇڪڻ وارا گھوڙا ڏاڍا سگھا متارا ھئا. ھن ان فوج جي
تيز رفتاري سان سکن کي وائڙو ڪرڻ پئي چاھيو، جنھن
وسيلي ھنن جي ڳري توبخاني کي ڏچي ۾ وجھي ناڪام
بڻائڻو ھو. ان کانپوءِ تيز رفتار فوجي سرگرمي
وسيلي دشمن جي پيادل ۽ گھوڙيسوار فوج جي صفن کي
ھيٺ مٿي ڪرڻو ھو. ان سان گڏ پنھنجي فوجي ترتيب کي
بھ قائم رکڻ ھو. ان ڪري سندس ارادو گھڻو اڳتي وڌي
وڃڻ جو ھو پر فوجي ترڪيب کي بھ قائم رکڻو ھو. ھي
جنگي چال جو ماھر ھو. ھن ڪوشش ڪئي ھئي تھ ديري
اسماعيل خان ۽ ديري غازي خان تائين سنڌوءَ جي ٻنھي
ڪنارن سان موجود ماڻھن کي سک حڪومت جو دشمن بڻايو
وڃي. پر جيڪڏھن کيس ھن جنگ جي تياريءَ جي موڪل ٿڌي
رت ۾ ملي وڃي ھا تھ دنيا ڏسي وٺي ھا تھ ھو دنيا کي
اھو ڏيکاري سگھي ھا تھ جنگ ڪھڙي طريقي سان وڙھبي
آھي ۽ سوبران جي جنگي محاذ کان گھڻو اڳ پنھنجي
پنجاھھ ھزار فوج سان وڃي لاھور مٿان ڪڙڪي ھا. ائين
ڪرڻ سان ملتان جي گھيري کي ڇڏي ڏنو وڃي ھا، جيڪو
پنجاب جو ٻيو جنگي محاذ ھو ۽ ٻين محاذن تي جنگ ڪرڻ
کان بھ بچي وڃجي ھا. پر تقدير ۾ ائين ئي لکيل ھو. |