ھڪ اٺ تي ٻھ فوجي سوار ٿيندا آھن، جن مان ھڪ کي
ڪئرابائين
carabine
۽ تلوار ھوندي آھي. جڏھن تھ ٻيو توڙيدار بندوق ۽
بئنيت
bayonet
سان مسلح ھوندو آھي. اھڙيون ٽوڙيدار بندوقون ڪراچي
۾ رکيل پراڻي قسم جي ھٿيارن کي ڪپي ڪوري بڻايون
وينديون آھن. ھڪ ماڻھوءَ جي ھٿ ۾ اٺ جي مھار ھوندي
آھي ۽ پاکڙي جي پوئين کاني ۾ ويھي اٺ بھ ھلائيندو
آھي تھ دشمن تي بھ حملو ڪندو آھي. جڏھن ٻيو اٺ
سوار انفنٽري
Infantry
جي فوجي سپاھيءَ جيان ڪارڪردگي جو مظاھرو ڪندو
آھي. ڇاڪاڻ تھ ڌاڙيل گھاڙن ۾ ويھي مقابلو ڪندا آھن
۽ جيڪڏھن ميداني علائقن ۾ ھوندا آھن تھ ڌرتيءَ ۾
چر کوٽي پوءِ مھاڏو ڏيندا آھن. تنھن ڪري انھن
تائين نيزو ۽ تلوار پڄي ڪانھ سگھندي آھي. جيڪڏھن
دشمن جو تعداد گھڻو ھوندو آھي تھ اٺن کي ھشائي
اھڙي ريت ويھاريو ويندو آھي، جيئن سندن منھن
اندرئين پاسي ھجن ۽ اٺ حفاظتي ديوار بڻجي ويندا
آھن. اھا تجويز پڻ پيش ڪئي وئي ھئي تھ فوجي سپاھين
کي ڏڦن سان پڻ مسلح ڪيو وڃي. پر اھڙي تجويز
فزجيرالڊ جي چوڻ تي رد ڪئي وئي ھئي. جڏھن تھ اھڙي
تجويز اڃا بھ موجود آھي. ليڪن نظر ائين اچي ٿو تھ
جيڪڏھن ڌاڙيل گھڻا ۽ تلوارن سان مسلح آھن تھ کين
انھن ڏڦن سان مات ڏئي سگھجي ٿي. اٺن ۾ اھا سھوليت
آھي تھ اھي سوارن سان گڏ کاڌ خوراڪ ۽ ھنڌ بسترا بھ
کڻي ھلندا آھن. اھڙو سامان پاکڙي جو حصو بڻجي
پوندو آھي ۽ ضرورت مھل اھي فوجي ڄڻ انفنٽري فوج
بڻجي پوندي آھي. ھنن وٽ نھ تنبو ھوندو آھي نھ
ڪميساري يا ڪو سامان سڙو ھوندو آھي، تنھن ڪري سندن
چرپر ڏاڍي آسان ھوندي آھي ۽ چوويھن ڪلاڪن دوران سٺ
ميلن جي منزل ھڻي سگھندا آھن. ليڪن اھو سفر ڏٻرا ۽
ڍرا اٺ ڪري سگھندا آھن. جيڪڏھن وھٽ ڀلا ۽ تازا
تڪڙا ھوندا آھن تھ چوويھن ڪلاڪن اندر اسي يا نوي
ميل منزل ڪري وڃي پار پوندا آھن. تنھن ڪري ڪو ٻيو
جانور ايترو تڪڙو سفر ڪري کانئن اڳتي نڪري ڪونھ
سگھندو آھي. جڏھن اٺ سوار فوجي دستا تيار ڪيا ويا
تھ ڪچي واري جابلو علائقي ۾ رھندڙ انگريزي فوج جي
مدد لاءِ ضروري موڪليا ويندا.
سنڌ جي صورتحال اھا آھي ۽ ان جا پاڙي وارن قبيلن ۽
قومن سان ناتا رابطا اھي آھن، جيڪي مٿي بيان ڪيا
ويا آھن. ھن کان پوءِ جن واقعن جو احوالو اوريو
ويندو سو سولائيءَ سان سمجھي سگھبو.
باب چوٿون
آگبوٽ وسيلي ڪراچي ڏانھن ھاڪارڻ دوران سر چارلس جي
صحت سڌري وئي ھئي. پر ڊاڪٽرن کيس آبھوا جي
تبديليءَ جو مشورو ڏنو ھو. پر جنرل اھڙي ڳالھھ مڃڻ
کان انڪار ڪري رھيو ھو. ڇاڪاڻ تھ ھن انتظاميا جي
ھڪ وڏي مشنريءَ جو بنياد رکيو ھو، جنھن کي سندس
نگرانيءَ جي ضرورت ھئي. سندس خيال ھو تھ سندس
حياتي، ايڏيءَ وڏيءَ عوامي خدمت برابر ٿي ڪانھ ٿي
سگھي. سندس چوڻ ھو تھ ”ھن ملڪ جي انتظام ھلائڻ
لاءِ ڪيترائي ڏاھا ماڻھو موجود آھن. جن جي ھٿ ھي
ملڪ ڏئي سگھجي ٿو. پر انھن کي اھڙي برتري حاصل
ڪانھ آھي تھ اھي ھن ملڪ جي حالتن کان چڱيءَ ريت
باخبر ھجن.
ھنن ماڻھن وٽ فاتح ھجڻ وارو تاثر موجود ڪونھ
ھوندو. ھتان جا گھوڙا سرڪش آھن، پر کين منھنجي
ڳوري ھٿ جي بھ ڄاڻ آھي. ٻيو سوار واڳون مس جھليندو
تھ ھو ٻڇانگ ڏين ٿا.
ابتدائي دور ۾ تھ سنڌ جي ھيءَ انگريز سرڪار ڏاڍي
سھڻي نموني سان اڳتي وڌي رھي ھئي. پور ستت ئي ھن
جي اڳتي وڌڻ واري رفتار ۾ سستي اچي وئي. انھيءَ
زماني ۾ ھڪ عجيب غريب مھامري شروع ٿي وئي ھئي،
جنھن ساريءَ ڌرتيءَ کي ڌونڌاڙي رکيو ھو، جنھن ڪري
ھر ماڻھو ۽ ھر ادارو سندس لپيٽ ۾ اچي ويو ھو. ان
سال جي آڪٽوبر ۽ نومبر مھينن ۾، ڪمانڊر ان چيف کان
وٺي بئنڊ باجي واري ملازم تائين پورا سترھن ھزار
ماڻھو، ھن موذي مرض جي دور چڙھي ويا ھئا. فوج ۾ ڪو
ھٺ سڄِي وارو ماڻھو ڪونھ ھو، جو ان لڙھي جھڙيءَ
بيماريءَ بابت رپورٽ تيار ڪري سگھي. ڪي ريجيمينٽون
اھڙيون بھ ھيون جن جي دوا درمل ۽ سار سنڀال لاءِ
ڪو ڊاڪٽر ئي موجود ڪونھ ھو. انھيءَ بيماريءَ ھڪ ئي
وقت سڀني فوجين کي متاثر ڪونھ ڪيو ھو. پھريان تھ
ائين سمجھيو پئي ويو تھ اھا بيماري فوجين کي گھڻي
ڪم ۽ ٿڪ توڙي بيزاريءَ ڪري ٿي آھي. پر بعد ۾ پتو
پيو تھ اھا مصيبت ٿڪ جي ڪري ڪانھ آھي. ڇاڪاڻ تھ
ملڪي ماڻھو تھ فوجين کان وڌيڪ متاثر ٿي رھيا ھئا.
ان بيماري ڪري پوکي راھي بھ ڏاڍي متاثر ٿي رھي
ھئي، ڇاڪاڻ تھ بيمار ماڻھو زراعت جي چڱيءَ ريت
پرگھور ڪري ڪونھ ٿي سگھيا. انھيءَ ڪري ٻاھران آيل
ڪمي ڪاسمي، ڪاريگر ۽ رازا ڊڄ کان ملڪ ڇڏي ڀڄي ويا
ھئا. ھي وبائي بيماري اتر، ڏکڻ، اولھھ ۽ اوڀر ۾
پکڙجي وئي ھئي ۽ ڪنھن ڏاھي کي پتو ڪونھ ٿي پيو تھ
اھا ڪھڙي بيماري آھي. ليڪن اھا موتمار ڪانھ ھئي.
پر فوجي سپاھي ۽ عملدار سڀ وڃي بسترن ڀيڙا ٿيا
ھئا. انھيءَ دوران ڪچيءَ جي بلوچ قبيلن ضرور اچي
شڪارپور ۽ سکر کي ڦري اجاڙي ڀينگ ڪري ڇڏيو ھوندو.
امڪان آھي تھ ھنن اتر سنڌ کي ڪونھ بخشيو ھوندو.
ڇاڪاڻ تھ انھيءَ زماني ۾ اھڙو فوجي سپاھي ڪو رھيو
ئي ڪونھ ھو، جنھن کي ان بيماريءَ ليٽائي ھنڌ ۾
ھٿيڪو نھ ڪيو ھجي ۽ لاچار ڪوبھ سپاھي بلوچ ڌاڙيلن
کي اٿي منھن ڏئي نھ سگھيو ھجي. ليڪن جنرل چارلس
نيپئر جو ھنن مٿان اھڙو تھ ڀئھ ويٺل ھو. تنھن ڪري
ھو پنھنجون ڇڙواڳ ڪاروايون ڪري ڪونھ سگھيا ھئا. پر
ھن کي بھ بيماري وچڙي وئي ۽ ڏاڍو نٻل ٿي ويو ھو.
پر حوصلن ۾ پوڻو ڪونھ پيو ھو. ھن ملڪي سرحدن کي ڄڻ
اجيت بڻائي ڇڏيو ھو. ھن جي ٻوليءَ جا مول پاڙي جي
قبيلن ۽ قومن کي ھيسائي ۽ ڪمبائي رھيا ھئا، جيڪي
فتح کان بھ وڌيڪ موثر ھئا. آفيسن جي لکپڙھھ مان تھ
ائين ڀائنجي رھيو ھو تھ ھن بيمار ھوندي بھ ڪم کان
ڪونھ ڪيٻايو ھو. ھن جي خانگي خطن مان بھ معلوم ٿي
رھيو ھو تھ ھو جسماني طور ڪيترو نھ جاکوڙي ھو ۽ ڪم
ڪرڻ لاءِ ڄڻ تھ سڪندو ھو. ھن کي پنھنجي منصبي فرض
جو گھڻو احساس ھوندو ۽ پير پساري وھڻ جو خيال کيس
اوڏو بھ ڪونھ ايندو ھو.
ھن بيماريءَ دوران ممبئي واري ڌر، بلوچ ڌاڙيلن کي
بيمار فوجين مٿان حملي ڪرڻ لاءِ اتساھيو ھو تھ مٿن
اوچتي ھلان ڪري کين ماري ناس ڪري ڇڏن. ”بامبي
ٽائيمس“ اخبار بھ اھڙو اشارو ڏنو ھو تھ، انھن
بيمار فوجين کي ماري ختم ڪرڻ جو ھاڻي سونھري وجھھ
آھي. پر سندس اھڙيون ڪڌيون ڪوششون اجايون ويون ۽
چوڌاري امن امان ۽ صلح سانت لڳي پئي ھئي. سنڌوءَ
جي ڇوڙ واري علائقي ۾ تھ وڏي تبديلي اچي چڪي ھئي.
جڏھن ڪليڪٽر جو پھريدار جٿو بيماري ٿي پيو تھ
ڪليڪٽر تي پھرو پاڻ بلوچن ڏنو ھو، جيڪي ويچارا
ھاري ناري ھئا. انگريز عملدار چوڏس انتظامي دورن
ڪرڻ ۾ مشغول ھئا. ڪڏھن وري ڌاڙيلن جي ڪڍ ھئا. ڪڏھن
عام ماڻھو ھنن سان گڏ ھئا تھ ڪڏھن فوج جي ڪمپني
ھنن مان ھئي. ھنن کي جيڏانھن وڻندو ھو، امن مانا
سان پيا ايندا ويندا ھئا. انھيءَ زماني ممبئي جي
آس پاس کليل ۽ ميداني علائقن مان سفر ڪرڻ ڏکيو ھو،
پر سنڌ جي ٻيلن ۽ ويران علائقن مان سفر ڪرڻ آسان
ھو. ان ھوندي بھ ممبئي واري بي شرم ڌر ھي واويلا
ڪري رھي آھي تھ سنڌي ماڻھو اھڙي سونھري وجھھ جي
تاڙ ۾ آھن تھ جيئنءَ ھو انگريزن کان ڪيل ظلمن جو
پلاند ڪري سگھن. سنڌ وارن تھ اھو ڏٺو ھو تھ انگريز
سپھھ سالار پنھنجي نسلي برتري ڪانھ ڏيکاري ھئي،
ڪنھن جي توھين ڪانھ ڪئي ھئي، نھ ڪنھن کان
زبردستيءَ ڪو اجايو محصول وصول ڪيو ھو. سندس رسمن
۽ رواجن جي عزت ڪئي وئي ھئي، ڍل محصول گھٽايو ويو
ھو، پوکي راھيءَ جي ھمت افزائي ڪئي وئي ھئي، تجارت
کي ھٿي ڏني وئي ھئي. آفيس ۾ بھ جيتري عزت جنرل
چارلس جي ھئي، ايتري سندس ماتحت عملي جي ھئي. ان
کان سواءِ فوج تي جيڪو بھ خرچ ٿي رھيو ھو،تنھن کي
پڻ مناسب تصور ڪيو ٿي ويو. ڇاڪاڻ تھ اھو پورھيتن ۽
ڪمين ڪاسبين کان محصول جي شڪل ۾ ڪونھ اوڳاڙيو ويو
ھو. تنھن ڪري انھن ويچارن کي ٻيڻ تي ڪم ڪونھ ڪرڻو
پوندو ھو. اھڙو مثال ججن جي بينچ جي ھڪ ميمبر وليم
ڪوبيٽ
Willeam Cobbett
جو آھي. جنھن ھڪ انگريز جج جي مڙھيل وڏي محصول
بابت غلط سياسي فيصلي کي ٽيڪ ڏيندي، جسٽس بيلي
Bailey
کي جواب ۾ لکيو ھو تھ، ”محصول پورھيت ماڻھوءَ لاءِ
ڏاڍو فائديمند آھي، ڇاڪاڻ تھ اھي پئسا موٽي وري بھ
کيس ئي معاوضي جي شل ۾ ملن ٿا.“ اھڙيءَ ريت اھو
ڏاڍ ڪونھ آھي. تنھن ڪري ڪوبھ ظالم ڪونھ آھي جنھن
جي خلاف بغاوت ڪجي.
ڊسمبر تائين بيماريءَ ۾ ٺاپر اچي وئي ھئي، پر ان
کان پوءِ چيٽ ۾ ماڪڙ آئي، جنھن فصل کائي چٽ ڪري
ڇڏيو. ماڻھن بيماريءَ ڪري ٿوريءَ ايراضيءَ تي پوکي
راھي ڪئي ھئي، جيڪا بھ ماڪڙ کائي ناس ڪري وئي. بعد
۾ وري سنڌوءَ ۾ ايڏو تھ چاڙھھ آيو جو رھندي سھندي
ڪسر بھ پوري ٿي وئي. ان ئي زماني ۾ ڪي سياسي ۽
فوجي واقعا رونما ٿيا، تنھن ڪري وڌيڪ چؤڪسي ۽ وڏي
تياري ڪرڻي پئجي وئي ھئي.
اصلي کري ۽ سچي ڳالھھ ھيءَ آھي تھ سر چارلس سنڌوءَ
جي اڀرندي ڪٺار وارو ۽ ڪراچيءَ جو اوسي وارو
علائقو فتح ڪيو ھو. جو کين جي ڄام جو علائقو ڪراچي
کان وٺي سيوھڻ تائين ھو. ان کان پوءِ سيوھڻ کان
اتريون علائقو انھن ماڻھن جي ضابطي ھيٺ ھو جنھن جا
لاڳاپيدار ۽ مائٽ قلات جي جابلو علائقن ۾ ڪڇي وارن
روھن ۽ ڪوھن ۾ موجود ھئا، جيڪي اڃا انگريزن جي
ضابطي ھيٺ ڪونھ آيا ھئا. ممبئي سرڪار ھنن کي
انگريز حڪومت جي مطيع ٿيڻ لاءِ ڪوششون ڪري رھي
ھئي، پر ھو انڪار ڪري رھيا ھئا ۽ بغاوتون ڪري رھيا
ھئا. کين انگريزن خلاف سرڪشي ڪرڻ لاءِ مير شير
محمد ۽ احمد خان لغاري اڪسائي ۽ اتساھي رھيو ھو.
ٻاھريون حالتون اھڙيون ھيون جو ھي ماڻھو اڃا بھ
وڌيڪ سرڪشي ڏيکاري رھيا ھئا ۽ شرارتون ڪري رھيا
ھئا. ڊسمبر ۾ کين ڳجھيءَ ريت معلوم ٿي چڪو ھو تھ
ڪا وڏي طاقت انگريزن کي ھندستان مان ڀڄائي رھي
آھي، تنھن ڪري نظر ائين اچي رھيو ھو تھ سنڌ ۾
گواليار جھڙيون حالتون پيدا ٿي رھيون آھن ۽
انگريزن خلاف کليءَ جنگ جون تياريون ٿي رھيون آھن.
ان کانسواءِ ھيءَ حقيقت بھ ضرور ياد رکڻ گھرجي تھ
ھندستان جي سڀني مسلمانن تي ويساه ڪرڻ غلط ٿيندو.
نيپال بھ دوست بدران دشمن وڌيڪ آھي. سک راڄ فوجي
انارڪي جي ور چڙھيل آھي. تنھن ڪري اھا فوج ستلح
اڪري ڪجھھ ڪرڻ واري آھي. ھن درياھھ جي کاٻي پاسي
واريون سک رياستون بھ ھنن سان ملي وڃڻ لاءِ
تياريون ڪري رھيون آھن. ان کان سواءِ جاسوسن جا
اطلاع آھن تھ افغان، بولان لڪ کان ھيٺ لھڻ جون
تياريون ڪري رھيا آھن ۽ سندن اِرادو شڪارپور تي
حملي ڪرڻ جو آھي.
اھڙيون ڳالھيون ھنن ماڻھن کي اتساھھ ڏئي رھيون
آھن. قلات جي جبل ۾ رھندڙ ۽ ڪڇيءَ جا ماڻھو ماٺ
ڪري ويھڻ وارا ڪونھ آھن. ڊومڪي ڌاڙيلن، لاڙڪاڻي
ڀرسان ڌاڙي جي ھڪ ظالماڻي ڪاروائي ڪئي آھي. اھي
ماڻھو قلات جي قبائلي سردارن ۽ قنڌار جي نوابن جي
ھميشھ شرافت جا ليڪا لتاڙي وڃي پار پيا آھن. انھن
ماڻھن جي خواھش آھي تھ قلات جي نوجوان حڪمران کي
تخت تان لاھين. ڇاڪاڻ تھ اھو انگريزن جو دوست آھي.
تنھن ڪري خوف اھو ٿي پيو آھي تھ متان اھي جابلو
ماڻھو گڏجي حملو ڪري، سنڌوءَ جون اولاھيون پاسو
تباھھ نھ ڪري ڇڏين. ھنن کي شايد انگريز سپھھ سالار
جا چيل لفظ ياد آھن تھ پنجاب ۽ گواليار اسان جي
ڀاڪر اندر آھي. جبلن جي قبائلي بلوچ ڌاڙيلن کان
سواءِ ٻيو ڪجھھ ڪونھ آھن. جيڪي توبن جي گڙ گڙ ضرور
ٻڌندا ھوندا. انھن علائقن ۾ رھندڙ سنڌ جا بلوچ جنڊ
جي ٻن پڙن وچ ۾ آھن. جڏھن انگريز فوج بيماري ٿي
پئي ھئي تھ خيرپور جو مير علي مراد بھ غدار ٿي ويو
ھو.
اھڙن ڳجھن حالن احوالن ڏيڻ وارن مان ھڪ تھ ايراني
آغا خان آھي، جنھن کي اميرالجوال جي لقب سان سڏيو
ويندو آھي. جيڪو قديم دور جي شھيدن جو وارث آھي.
ھي ماڻھو ھاڻي اھڙو خطرناڪ ڪونھ رھيو آھي. ڪڏھن تھ
ھن کان وچ فوج ۾ بادشاھھ بھ ڏڪندا ھئا. چيو ويندو
آھي تھ ھن کي ھڪ وڏي ڳجھي طاقت آھي. ھن جا مريد
سنڌ کان وٺي ميڊيٽرانن تائين ۽ ساري ايشيا ۾ پکڙيل
آھن. کيس خراج پھچايو ويندو آھي. کيس سندس مريد
سچي ۽ کري معلومات بھ ڏيندا رھندا آھن. ھي آغا خان
فتح کان ٿورو اڳ مختصر گھوڙيسوارن جي جٿي سان سنڌ
پھتو ھو، جو اتي کيس خبر پھچي وئي ھئي تھ ٽالپر،
انگريز ريزيڊنسي تي حملي ڪرڻ وارا آھن. جنھن تي ھن
کين ڇنڊ پٽي ھئي. اھڙي خبر ھن ميجر آئوٽرام کي بھ
ڏني ھئي. پر ان انگريز عملدار جو بندوبست نھايت
ڪمزور ھو. جنگ واري زماني ۾ آغا تھ کليو کلايو
انگريزن جو ساٿ ڏنو ھو ۽ سندس گھوڙيسوار بھ ميرن
جي نھ پر انگريزن جي پاسي ھئا. انھيءَ خدمت عيوض
ھندستان سرڪار کيس پينشن بھ ڏيندي رھندي آھي. ان
کانپوءِ سندس چرپر کي شڪ جي نگاھھ سان ڏٺو ويندو
ھو. جڏھن انگريز سرڪار بغداد ۾ ڪن ماڻھن کي ڦاھيءَ
جون سزائون ڏنيون تھ ھن بيجا مداخلت ڪرڻ شروع ڪري
ڏني ھئي، تنھن ڪري ھن کي سنڌ کان ٻاھر وڃڻ جي منع
ھئي. ڳالھيون کڻي ڪيئن بھ ھجن پر ھيءُ انگريز
سرڪار جو ويساه جوڳو دوست ھو. سر چارلس جو پڻ
گھاٽو يار آھي، جنھن کيس ھڪ ڳجھو پيغام پھچايو آھي
تھ قنڌار جا افغان ۽ قلات جا بلوچ سردار، مير شير
محمد سان گڏ آھن. ان کان سواءِ سنڌوءَ جي الھندي
پاسي وارن بلوچ سردارن بھ مير شير محمد کي ڳجھھ
ڳوھھ ۾ يقين ڏياريو آھي تھ انگريزن خلاف اسلام جو
نعرو ھڻي جنگ شروع ڪندا ۽ کيس پنھنجو تخت ۽ تاج
وٺي ڏيندا. انھيءَ زماني ۾ مير علي مراد بھ افغانن
ڏانھن خط لکيو ھو تھ انگريزن اٺ ھزار فوجي بيمار
آھن. ٻيا وري بيماريءَ ڪري ڏٻرا ۽ نٻل آھن. جيڪڏھن
رڳو ٻھ ھزار افغان فوجي بولان لڪ اڪري ھيڏانھن
ايندا تھ فرنگين کي تباه ڪري ڇڏيندا. منشي علي
اڪبر جو چوڻ آھي تھ اھو ھندستان جي بااختيار ماڻھن
جو ھڪ طاقتور اتحاد آھي، جيڪو اڃا جوڙجڪ وارن
مرحلن ۾ آھي. منجھن ڳجھا رابطا ھلي رھيا آھن. ھي
اھڙو ماڻھو آھي جنھن جي دانشمنديءَ وفاداريءَ ۾
ڪنھن بھ قسم جو سڪ شبھو ڪري ڪونھ ٿو سگھجي. ليڪن
سندس خيال آھي تھ سنڌ جي ويجھو وسندڙ قومون، جنرل
سر چارلس کان ڪنبي رھيون آھن. ”بھادر جنگجو آھي“.
اھي ماڻھو ھن جنرل کي انھيءَ لقب سان سڏيندا بھ
آھن، پر ھي ماڻھو موقعي ملڻ تي ھڪ ٻئي کان ڌار بھ
ٿي سگھن ٿا.
ھي منشي مير علي مراد بابت ٻڙڪ بھ ڪونھ ٿو ٻولي.
پر ھن ٽالپر جي نيت ۾ شڪ ڪرڻ جا ڪيترائي سبب آھن،
ان کان سواءِ آغا خان جي موڪليل رپورٽ ۾ چيل آھي
تھ ھن ماڻھوءَ تي ويساھھ ڪرڻ صحيح ڪونھ ٿيندو. ھن
پنھنجي وزير شيخ علي حسين کي بھ ڪڍي ڇڏيو آھي،
جيڪو انگريزن جو سچو دوست ۽ تابعدار آھي. ھن مير،
جنرل سر چارلس ڏانھن لکيو آھي تھ سندس اھو وزير
صحيح ماڻھو ڪونھ آھي. جيڪڏھن ھن مير کي ٻئي پاسي
واھر جو اوسيڙو نھ ھجي ھا تھ کيس ائين ڪرڻ جي جرئت
ڪڏھن بھ ڪانھ ٿئي ھا. امڪان آھي تھ کيس گواليار،
پنجاب ۽ افغانستان جي ڳجھيءَ طرح مدد حاصل آھي.
ڇاڪاڻ تھ کيس خبر آھي تھ اڪيلي سر بلوچ انگريزن
سان پڄي نھ سگھندا.
حالتون ڏاڍيون ڏکوئيندڙ آھن، جنھن مٿان ضابطي رکڻ
لاءِ بلند حوصلي جي ضرورت آھي. ڇاڪاڻ تھ عام طور
تي ائين سمجھيو پيو وڃي تھ سر چارلس نيپئر جنگين
مان مس واندو ٿيو آھي ۽ اھڙي حڪومت جو بنياد رکي
رھيو آھي، جنھن مان ڪيترائي فائدا ملندا ۽ ڪيترائي
نسل خوش ٿيندا. پر اڻ ٻڌي ۽ اڻ ڏٺي بيماريءَ ڪري
سندس فوج بيڪار ٿي رھجي وئي آھي. انھيءَ ڪري قوم
جو سماجي وجود جمود جو شڪار ٿي ويو آھي. ليڪن ھنن
سڀني ڳالھين کان وڌيڪ کيس ٻاھرين ملڪن جي حملي جو
خطرو آھي، جيڪو مير علي مراد جي غداريءَ ڪري پيدا
ٿي پيو آھي. پر کيس خاص ڪري اولھھ پاسي وارن باغين
مان بھ ڀئو آھي، ليڪن ان وقت جڏھن ھن جي صحت ڪري
پئي آھي ۽ ھو ڏاڍو ڪمزور ۽ مايوس ٿي ويو آھي. ڪجھھ
فوجي عملدار تھ چريا ٿي پيا آھن. ڪيترن جون حرڪتون
ٻاراڻيون ٿي پيون آھن. چئن فوجين تھ آپگھات ڪري
ڇڏيو آھي. ھن وقت سر چارلس تي مٿان سڀ مصيبتون ھڪ
وقت گڏ ٿي اچي ڪڙيون آھن. ھن جي خدمت عيوض سندس حق
ھو تھ کيس ھر طرح جي واھر ڪئي وڃي ھا. ان بدران
ساڻس ڳجھي قسم جون دشمنيون ڪيون پيون وڃن ۽ کيس
گھٽ وڌ ڳالھايو پيو وڃي. اھڙين ڏکيائين ۽ مصيبتن
ھوندي بھ ھو لڏيو ۽ ٻڏو ڪونھ آھي. سندس حوصلا بلند
۽ اِرادا اٽل آھن ۽ ھو بنا ڪنھن واويلا مچائڻ جي
مصيبتن کي مڙسيءَ سان منھن ڏئي رھيو آھي. جنھن سان
ھن ملڪ جا ماڻھو گڏ آھن.
ھن جون پھريون ڪوششون اِھي آھن تھ جيئنءَ جاسوسيءَ
معلومات صحيح ھجي ۽ طريقي سان جنگي مھم جو آغاز
ڪري سگھي. انھيءَ ڏس ۾ ھن ڀروسي جوڳا ۽ آزاد نوعيت
جا طريقا ڪم آندا ھئا. ھو اتفاقي جاسوسي معلومات
تي گھٽ ڀروسو ڪندو ھو. ايران سان واسطو رکندڙ آغا
خان جي ڏنل معلومات بھ اتفاقي ھوندي ھئي. شيخ علي
حسين ڏاڍو ذھين ۽ وڏي اثر رسوخ وارو انسان آھي،
جيڪو صحيح جاسوسي معلومات جو ھڪ اھم وسيلو ھو.
سندس ڏنل اطلاع اعتبار جوڳو ۽ سچو ھوندو ھو. کيس
پورو يقين ھو سندس بھتر مستقبل سنڌ ۾ انگريزن جي
برتريءَ سان لاڳاپيل ھو. علي مراد ھن ماڻھوءَ کي
پسند ڪونھ ڪندو ھو. سنڌ جا ٻيا ٽالپر وري ھن مير
کي غدار سڏيندا ھئا. ھي ماڻھو پگھارن جي معاملي ۾
پٺاڻن سان بھ سٺو ڪونھ ھلندو ھو. ڇاڪاڻ تھ اقربا
پروري مٿس غالب ھوندي ھئي. ڏٺو وڃي تھ اھو ماڻھو
جنھن جبل تي ويٺو آھي، تنھن کي کوٽي ناس ڪري رھيو
آھي. اھي اھڙيون ڳالھيون آھن جو ھو انگريزن جو
وفادار ۽ تابعدار بڻجي ويو آھي. دولتمند ھندن کي
جاگيرون ڏنيون ويون آھن، جيڪي پڻ انگريز سرڪار
لاءِ جاسوسي ڪندا آھن. ھنن جي جاسوسي ڪرڻ جو طريقو
پنھنجو ۽ وڌيڪ اعتماد جوڳو آھي. ان کان سواءِ فوجي
سپاھي بھ سٺي جاسوسي ڪري رھيا آھن ۽ ھن ڪم ۾ ڏاڍا
ڦڙت ۽ چالاڪ آھن. تنھن ڪري جيڪڏھن ڪا نئين ڳالھھ
ٿي پئي تھ ان جي کيس اڳواٽ ئي خبر ھوندي. سر چارلس
پنھنجي جرئت ۽ فوج جي بھادريءَ ڪري سنڌ ۾ ھڪ
ڏھڪاءُ پيدا ڪري ڇڏيو آھي ۽ عام بلوچ ۽ خاص ڪري
مير علي مراد جي سڀاءَ جو بھ چڱيءَ پر ڄاڻو آھي.
ان ناتي ھن پھريون ڪم اھو ڪيو آھي تھ ھن شڪارپور
جي ڪمانڊنگ آفيسر کي فوجي چوڪين تعمير ڪرڻ جو حڪم
ڏنو آھي. جنھن جي نگراني بھ کيس ئي ڪرڻي پوندي.
اھڙي بندوبست ڪرڻ سان افغانستان جي امڪاني حملي کي
۽ ڪڇيءَ جي بلوچ ڌاڙيلن کي چڱيءَ ريت منھن ڏئي
سگھجي ٿو. ھن کيس چيو ھو تھ قلعن جي مدد سان تون
فقط ھڪ سؤ فوجين جي مدد سان ھزارن دشمنن کي منھن
ڏئي سگھندين. پر انھيءَ لاءِ توکي خبرداري ۽
نظرداري ڪرڻي پوندي. تون انگريز فوجي سپاھين جي
مدد سان قلعي اندر رھي، بلوچن ۽ افغانن کي منھن
ڏيڻ سان گڏ بيمار فوجين جي نگھباني بھ ڪري سگھين
ٿو. جيڪڏھن ڪو دشمن توتي حملو ڪرڻ ۽ گھيرو ڪرڻ
چاھي ٿو تھ تون اڳتي وڌي سندس سر ڌڙ کان ڌار ڪري
ڇڏ. پر جيڪڏھن دشمن سگھارو آھي تھ ان کي شھر ڏانھن
وڌڻ ڏي ۽ شھر ۾ اچڻ کان پوءِ مٿس حملو ڪر، پر
جيڪڏھن دشمن کي گھڻي فوج نھ آھي تھ رات جو ان جو
پيڇو ڪري ۽ باک ڦٽيءَ جو مٿس حملو ڪري ڏي. سمجھڻ
اھو کپي تھ مٿس ڪھڙيءَ بھ حالت ۾ حملو ڪرڻو آھي،
پر فرق رڳو اھو ڪرڻ کپي تھ جيڪڏھن دشمن سگھارو آھي
تھ ان کي قلعي جي ويجھو اچڻ ڏنو وڃي، جيڪڏھن ڪمزور
آھي تھ اڳتي وڌي مٿس حملو ڪجي ۽ جيڪڏھن دشمن جو
تعداد تمام گھڻو آھي تھ پوءِ سکر جي ڪمانڊنگ آفيسر
کي مدد لاءِ چيو وڃي، جنھن ڏانھن اھڙا احڪام
موڪليا ويا آھن. کيس اھو بھ چيو ويو آھي تھ بکر جو
بھر صورت تحفظ ڪرڻو آھي. پر ڪجھھ تعداد بکر جي
بچاءَ لاءِ رکيو وڃي باقي ٻي فوج ترت شڪارپور
رواني ڪئي وڃي. جڏھن تون دشمن تي توبن جي گولا
باريءَ جو آواز ٻڌين تھ قلعي واريءَ ساري گئريسن
فوج کي حڪم ڪيو وڃي تھ اھا قلعي کان ٻاھر نڪري ھڪ
ئي وقت دشمن تي حملو ڪري ڏئي. مون کي ڪنھن بھ حملي
جو خدشو ڪونھ آھي. پر مان ھي ڳالھيون اڳواٽ بچاءَ
جي مقصد سان ڪري رھيو آھيان.
اھو اڳواٽ چتاءُ مير شير محمد ڪري آھي، جيڪو قنڌار
جي افغانن وٽ رھي ٿو. ان کان سواءِ ھو مسلسل ڌاڙيل
قبيلن سان رابطي ۾ آھي. جيڪي بولان لڪ کان ھيٺان
رھندا آھن. ڪڇيءَ جا بلوچ بھ ھن سان گڏجي ويا تھ
جنگ جو امڪان پيدا ٿي سگھي ٿو. اھڙو امڪان بھ آھي
تھ بلوچستان جا ويھھ ھزار جنگجو ماڻھو ھن مقصد سان
اڳتي وڌي سگھن ٿا. پر جيڪڏھن ھنن سان افغان ۽ مير
علي مراد جا ماڻھو بھ ملي وڃن ٿا تھ حالتون نھايت
ڳنڀير ٿي وينديون.
مير علي مراد جي مزاج ۽ سندس منصوبن کي اڳتي ھلي
پرکيو ويندو. سر چارلس نيپئر وٽ بھادر جو قدر آھي.
پر علي مراد ھڪ تھ نشي جو عادي آھي، ٻيو تھ عيش
عشرت عورت بازيءَ جو شوقين آھي. پر اھڙي بغاوت کان
اڳ سندس بھادري کيس ڪوٽڏيجي ۾ پنھنجي پاڻ بچائڻ
کان تھ پري ڪانھ رکندي. ڇاڪاڻ تھ ڪوٽڏيجي وارو ھي
قلعو ٽڪري جي ھڪ چوٽيءَ تي اڏيل آھي. بلوچ سمجھندا
آھن تھ ھن قلعي کي فتح ڪري ڪونھ ٿو سگھجي. ھي قلعو
کڻي ڪيڏو بھ مضبوط ھجي، پر بمبارڊمينٽ جي آڏو تھ
ڪجھھ بھ ڪونھ آھي. ان ڪري جنرل سر چارلس نيپئر،
مارٽرن جو وڏو تعداد اڳواٽ ئي اوڏانھن موڪلي ڇڏيو
آھي. جيڪو ھن ممبئي کان جلديءَ ۾ گھرائي ورتو آھي.
جيڪو سنڌوءَ وسيلي کڄي اچي سکر پھتو آھي. جيڪو
ڪوٽڏيجي کان ٽن منزلن جيترو پري آھي. ھن اھڙا قدم
اھو ڏيکارڻ لاءِ کنيا آھن تھ جيئن محسوس ڪري سگھجي
تھ ھو ٽالپرن جي روين کان نفرت ڪري رھيو آھي. ھن
قسم جي بندوبست ٿي وڃڻ کان پوءِ، ھن بيمار فوجين
کي موڪل تي روانو ڪري، تازي فوج گھرائي ورتي آھي.
ھو پاڻ بھ سکر ھليو آيو. پر کيس محسوس ٿيو تھ ھن
کي ٻيھر بھ بخار اچي ويو آھي، جيڪو ڏاڍو خراب ھو.
جنھن سندس طاقت کي ڀڃي ڀروڙي ڇڏيو ھو. جڏھن تھ کيس
ھن وقت طاقت جي بي انتھا ضرورت ھئي. حقيقت اھا آھي
تھ ھي انھن ڏينھن ۾ ڏاڍو ڪمزور ھو. ان ڪري کيس
پنھنجن ڊاڪٽرن ۽ دوستن سنڌ ڇڏڻ جو مشورو ڏنو ھو،
پر سر چارلس کين ھن ريت جواب ڏنو ھو:
سنڌ ڇڏي وڃڻ سان منھنجي حياتي تھ بچي ويندي، پر
ھزارن ماڻھن جي زندگي تھ بچي ڪانھ سگھندي. تنھن
ڪري سنڌ ڇڏي ٻاھر ڪونھ ويندس. جيڪڏھن آئون ائين
ڪندس ۽ سنڌ ڇڏي ھليو ويندس تھ ھتي وري وحشي پڻو
ڪاھي پوندو. جيڪو ماڻھو اتفاقي فائدا حاصل ڪرڻ
چاھيندو سو خوشگوار نتيجا ڏئي ڪونھ سگھندو. مان
لارڊ ايلنبرو کي ھن سياسي سمنڊ ۾ اڪيلو ڇڏي وڃڻ
لاءِ تيار ڪونھ آھيان. مان پنھنجن ساٿين کي سڃاڻان
ٿو. گھوڙن جوٽڻ کان اڳ ڪو عقلمند ماڻھو ٽانگي تي
سوار ڪونھ ٿيندو. سردار ۽ قبيلا منھنجي
فرمانبرداري انھيءَ لاءِ ڪري رھيا آھن، ڇاڪاڻ تھ
منھنجو فتحن وارو ڪردار ڪنھن نئين ماڻھوءَ کي
ويجھو اچڻ ڪونھ ڏيندو. مان جيڪڏھن ھنن کي سزا بھ
ڏيندس تھ ٿڌائيءَ ۽ صبر سان ڏيندس. جڏھن تھ ڪو ٻيو
ماڻھو ھنن کي سزائون اکيون ٻوٽي ڏيندو. ٻي ڳالھھ
تھ ھنن کيس جنگ ۾ آزمائي بھ ڪونھ ڏٺو ھوندو.
مياڻيءَ جي ھڪ بلوچ ڪمانڊر ان چيف مون سان ھيٺينءَ
ريت گفتگو ڪئي ھئي جيڪو ان جنگ ۾ منھنجي مد مقابل
ھو:
جنرل! مون سان واعدو ڪر. تون جيڪڏھن سکن تي حملو
ڪيو تھ مان توھان جي پٺيان ھوندس ۽ مون سان ڏھھ
ھزار ھٿياربند ھوندا. توھان جي ڪمانڊريءَ ۾ ساري
سنڌ اوھان سان گڏ ھوندي. تون منھنجو بادشاھھ آھين.
مان اوھان جا رڪيب جھليندس ۽ اوھان کي ڪڏھن بھ ڇڏي
ڪونھ ويندس.
ھڪ انگريز جنرل کي اھڙو تجربو نھ ڪرڻ گھرجي، پر
جيڪڏھن مان ھڪ حڪمران ھجان ھا تھ سڀني بلوچن کي گڏ
ڪري سکن تي حملو ڪريان ھا ۽ اھڙيون فتحون ماڻيان
ھا جو ڪو عام قسم جو سرڪاري نوڪري ڪري ڪونھ سگھي
ھا. فتح کي ھڪ عزت، احترام ۽ شان آھي، تنھن ڪري
ھنن ماڻھن کي ھر نموني سان استعمال ڪري سگھجي ٿو.
پر ھڪ نئين ماڻھوءَ لاءِ معاملو مختلف ھوندو آھي.
اولھھ پاسي کان مير شير محمد ۽ افغان آھن. جڏھن تھ
اتر پاسي کان سک آھي. فوج بيمار آھي. جيڪڏھن اھي
ماڻھو ھن وقت سنڌ تي چڙھي آيا تھ ھيءَ فوج تباه ٿي
ويندي. انھيءَ صورتحال ۾ ڪو موڳو ماڻھو بھ کيس
الٽي صلاح ڏئي گمراھھ ڪري سگھي ٿو. ان کانپوءِ
مونجھاري کان سواءِ ڪو ٻيو نتيجو ڪونھ نڪرندو.
اھڙي ڳنڀير وايو منڊل ۾ مان سنڌ، لارڊ ايلنبرو ۽
انگلينڊ جي ڪابھ خدمت ڪري ڪونھ سگھندس. ڇا مان ان
حالت ۾ ھڪ گورنر جي حيثيت ۾ حڪومت جون واڳون ڇڏي
ڏيندس، نامممڪن. مان ھتي رھندس، انھن ڏچن کي منھن
ڏيندس ڀل کڻي زمين اٿلي پوي. ھتي ھزارن جي تعداد ۾
ائين تباھي جي ڪناري پھچي چڪا آھن. جھڙيءَ ريت مان
بيماريءَ ۾ سوڪ آھيان. مان ھنن ويچارن سان گڏ
آھيان. پتو نھ آھي تھ مان ھنن سان گڏجي چڪڻ مان
چڙھي پار پوان يا ھنن سان گڏ ٻڏي وڃان.“
مير علي مراد جي مخالفت بعد ڪوٽڏجيءَ تي حملي جو
پلان
انھن حالتن کي ڏسي سر چارلس انتظار ڪري رھيو آھي
تھ ڇا ٿو ٿئي. جيڪڏھن مير علي مراد ڪنھن شرارت جي
ابتدا ڪئي تھ ھو بھ ڪوٽڏيجي حملي ڪرڻ جو پڪو پھھ
ڪري چڪو آھي. ان صورت حال ۾ ٿيندو ائين جو ھو مير
علي مراد کي ختم ڪري سڀني بلوچن جي سازشن کي بھ
ختم ڪري ڇڏيندو ۽ بلڪل ائين ڪيو ويندو جيئن آغا
خان جو مشورو آھي. جنھن تي مون ھن کي چيو ھو تھ
ايڏو بھادر ڪونھ آھي جو اڪيلي سر جنگ ڪري سگھي.
جيڪڏھن مان کيس ڪوٽڏيجي جھڙي قلعي اندر وڃي سوگھو
ڪيو تھ ھن سان گڏ بلوچ قبيلن جا ھيانءَ ڇڄي پوندا
۽ ڪڻو ڪڻ ٿي ويندا. پر مان سمجھان تھ اھي بلوچ
قبيلا ڪوٽڏيجي گھيري ڪرڻ وقت ئي علي مراد کي ڇڏي
ھليا ويندا. پر جيڪڏھن ھر پنجين منٽ کان پوءِ توبن
جا سورھن گولا ڇٽندا رھندا تھ سندن ٻڌيءَ ۽ ايڪي
جي ڌائي مڃ ڌار ٿي ويندي ۽ ھنن جون سڀ سازشون لوڻ
پاڻي ٿي وينديون.
جڏھن گولا بارود سکر پھتو تھ علي مراد جي بھادري
کي آزمائڻ لاءِ کيس چيو ويو تھ، ھو شيخ علي حسين
کي وزير مقرر ڪري جنھن کي ھن ڪجھھ وقت اڳ الڳ ڪري
ڇڏيو ھو پر مير اھڙي ڳالھھ قبول ڪانھ ڪئي. ان کان
پوءِ بمبئي ڌر جي سر جارج آرٿرGearge
Arthor
۽ ڪمانڊر ان چيف جاسپر نڪولسJaspar
Nicholas
ھدايتون موڪلڻ شروع ڪيون، تھ جيڪڏھن مير علي مراد
تي حملو ڪيو ويو تھ سڀئي ٽالپر مڇرجي پوندا. پر سر
چارلس ھڪ مدبر ۽ ڏاھو ماڻھو ھو، جڏھن تھ ممبئي ڌر
وارا ماڻھو کيس موڳو تصور ڪري رھيا ھئا ۽ علي مراد
جي نمائندگي ڪري رھيا ھئا، جيڪو انگريزن جو غدار
ھو. تنھن ڪري ھن ٽالپر حڪمران کي مجبور ڪيو تھ ھو
انگريز سرڪار جي وفاداري ۽ تابعداريءَ جو کليءَ دل
سان اظھار ڪري. ان کانپوءِ ھن مير، شيخ علي حسين
کي وزير مقرر ڪيو ۽ چيو ھئائين تھ اِھڙي ڏاھي
صلاحڪار کي ڪڍي ڇڏڻ جو ھن ڪڏھن بھ سوچيو ئي ڪونھ
ھو. وڌيڪ اھو بھ چيو ھئائين تھ، گورنر جي
ناراضگيءَ تھ سندس چيلھھ ئي چٻي ڪري رکي آھي. ھاڻي
تھ ھو خوش آھي. تنھن ڪري خوشي کان سندس دل ائين
ناچ ڪري رھي آھي. جيئن سج جا ڪرڻا پاڻي تي ناچ
ڪندا آھن ۽ ٻين جون دليون مشرق جي گلن وانگي ٽڙي
پيون آھن. تنھن تي جنرل چارلس رکائيءَ سان جواب
ڏنو ھو تھ، ”جڏھن ڪوٽڏجي جي قلعي مٿان ھر پنجن
منٽن کان پوءِ سورھن مارٽر ڪرن ھا تھ تنھنجي
ڪرنگھي جي ھڏي اھڙي ڀڄي ھا جو وري سڄي ٿي ڪانھ
سگھي ھا.“ ان وقت ھن اھو بھ چيس تھ، علي مراد ھڪ
سست، نشئي ۽ نڪمو ماڻھو آھي، جيڪو پنھنھجي حرم کان
ٻاھر ئي ڪونھ ٿو نڪري، ھو ڊڄ کان پاڻ جھلي ڪونھ
سگھيو. جيڪڏھن بھادر ھجي ھا تھ ھو بھ ٻين انھن
ٽالپرن وانگي انگريزن جو جاني دشمن بڻجي وڃي ھا،
جن کان حڪمرانيون کسيون ويون آھن. ان کان پوءِ ھو
سوچي رھيو ھو تھ کيس قتل تھ ڪونھ ڪيو ويندو، پر
کانئس حڪمراني ضرور کسي ويندي. تنھن ڪري انگريزن
سان غداري ڪرڻ بدران نشو ڪرڻ سٺو آھي، جيڪو کيس
بغاوت بدران بيڪار بڻائي ڇڏيندو ۽ اھو سٺو آھي.
سنڌ تي ٻاھران حملو ۽ بچاءَ جو بندوبست
اندروني قسم جي غداريءَ کي تھ ائين ڪري ختم ڪيو
ويو. پر ٻاھرئين قسم جي غدارين ڏانھن ايڏو ڌيان
ڪونھ ڏنو ويو. جنوري جي پڇاڙي تائين، جن حالتن کي
مڙس ٿي منھن ڏيڻ لاءِ پڪو اِرادو ڪيو ويو، سي آسان
ٿي ويون ھيون. بيمار فوجي ھاڻي تندرست ٿي چڪا ھئا.
ان کان سواءِ فوج جي آرٽيلري واري حصي ۾ توبن ڇڪڻ
لاءِ تازا توانا گھوڙا موجود ھئا. پوليس کي بھتر
ھٿيار ۽ ڪپڙا ڏنا ويا ھئا. تنھنڪري اھا ڪھڙي بھ
وڏي دشمن سان مقابلي ڪرڻ لائق بڻجي وئي ھئي. ڪرنل
رابرٽس بھ ڪڇ ۾ ”اريگيولر ھارس“ کي منظم ڪري ورتو
ھو. اڳي ھتي ممبئي طرفان پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر ھئا،
جن امن امان لاءِ ڪوششون ڪيون ھيون، پر اھي سڀ
بيڪار ثابت ٿيون ھيون. ڪڇ جي دنگ سان ٿر جا راڻا ۽
راوت پاڻؤن ڄاڻئون ڌاڙ ڇڏڻ جا واعدا ڪري چڪا ھئا ۽
سنڌ ۾ اچي امن امان سان رھڻ جي ارادي جو اظھار ڪري
چڪا ھئا. ھنن سڀني ماڻھن ڌاڙن ھڻڻ واريون گنديون
عادتون ڇڏي ڏنيون ھيون، جنھن ڪري سر چارلس جي عزت
آبرو ۾ گھڻو اضافو ٿي ويو ھو. اھڙيون ڳالھيون
نھايت اھم ھيون، ڇاڪاڻ تھ ھنن ڏنگن ماڻھن سنڌ جي
اوڀارين سرحد سان امن امان قائم ڪرڻ جو يقين
ڏياريو ھو. انھيءَ ڪري سکر مان فوج رواني ڪري،
شڪارپور کي مضبوط ڪرڻ جو ھڪ سونھري وجھھ ملي ويو
ھو. اھڙي ريت ٽي توبون، اريگيولر ھارس جي مڪمل
ريجيمينٽ ۽ ھڪ انفنٽري موڪلي وئي ھئي. اھو بندوسبت
انھيءَ مقصد سان ڪيو ويو ھو تھ جيئن افغانستان ۽
جابلو ماڻھن جي گڏيل حملي کي چڱيءَ ريت منھن ڏئي
سگھجي. ان ڪري سکر جي فوجي ڇانوڻي خالي ٿي وئي
ھئي. جنھن کي ڀرڻ لاءِ ڪراچي کان ريگيولر گھوڙي
سوار رستا ۽ فيلڊ انفينٽري رواني ڪئي وئي، جيڪا
سنڌوءَ جون اوڀاريون ڪنارو ڏئي مٿي وڌي ھئي. ھن
وقت تائين فٽزجيرالڊ بھ اٺ سوار فوجي منظم ڪري چڪو
ھو. ھيءَ فوج ھڪ ڏينھن اندر سٺ ميل جي رفتار سان
پيش قدمي ڪري سگھندي ھئي. ھن فوجي عملدار اٺ سوار
فوج جي اڳواڻي ڪري سنڌ جي خطرناڪ اولاھين سرحد وڃي
سنڀالي ھئي ۽ لاڙڪاڻي ۾ وڃي قيام ڪيو ھئائين. انھن
فوجي ڇانوڻين جي وچ تي ھٿياربند آگبوٽ ھلي رھيا
ھئا، جيڪي مذڪوره ڇانوڻين جي وچ ۾ رابطي جو ڪم ڏئي
رھيا ھئا. اھڙي طريقي سان شڪارپور ۽ سکر جي ٻن اھم
فوجي ٿاڪن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويو ھو. اھا پنھنجي
منصبي فرض کي سرانجام ڪرڻ لاءِ ڏاڍي مستعد ھئي ۽
ٽولين ۾ ورھائجي، علائقي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ گھمي ڦري
رھي ھئي ۽ اصلي قوت کان بھ وڌيڪ طاقتور ۽ مضبوط
نظر اچي رھي ھئي. ان کان سواءِ ھميشھ جيان افواھھ
پکيڙي، انھن جي تعداد کي گھڻو وڌائي ٻڌايو ويو ھو.
ھن قسم جي پيش قدمي پيچيده ھئي ۽ فوج جي تعداد کي
بھ گھڻو وڌائي ٻڌايو ويو ھو. اھڙا افواھھ ماڻھن کي
ڪنن ۾ سرٻاٽ ڪري پکيڙيا ويا ھئا. اھڙيون سڀ
ڳالھيون ماڻھن کي گمراھھ ڪرڻ جي نيت سان ڪيون ويون
ھيون. انھيءَ مقصد سان تھ جيئن سارو ماحول شڪن ۽
شبھن ۾ وڪوڙجي وڃي. اھڙي صورتحال الھندي پاسي وارن
بلوچن جي فائدي ۾ ڪانھ ھئي، جيڪي وڏي واويلا شروع
ڪندا. انھيءَ زماني
13
ريجمينٽ بھ ممبئي کان اچي ڪراچيءَ پھتي ھئي ۽ جلال
آباد جي مشھور محافظ سر رابرٽ سيئل کي عارضي طور
سکر جو ڪمانڊر مقرر ڪيو ويو ھو. ھن سان گڏ
13
يورپين ريجمينٽ بھ گڏ ھئي، جيڪا انگلينڊ کان موٽي
آئي ھئي. اھڙيءَ ريت ھڪ بھترين فوج گئريسن طور
رکيو ويو ھو. نھ تھ ھن کان اڳ اندرئين ۽ ٻاھرئين
حملي کي منھن ڏيڻ لاءِ بيمار فوج ھئي. ھاڻي اھڙو
خوف خطرو ختم ٿي ويو ھو. پر انھيءَ زماني ۾ سر
چارلس نيپئر ڪھڙي نقطئھ مطابق ڪم ڪري رھيو ھو تنھن
کي سرڪاري ”ميمايرس“ جي مدد سان چڱيءَ ريت پيش ڪي
سگھجي ٿو. ان مطابق کيس ھڪ تجويز پيش ڪئي وئي ھئي.
ڊسمبر
1843ع
۾ يورپي ريجمينٽ کي واپس موڪليو وڃي ۽ ھن اھا
تجويز مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ھو. ھي اھو زمانو ھو
جڏھن بيماي چوٽ چڙھيل ھئي.
سنڌ جو وايو منڊل ۽ سر چارلس نيپيئر جو بيان
سندس بيان آھي تھ ”ھن وقت سنڌ ۾ امن امان آھي. پتو
نھ آھي تھ بلوچستان ۽ پنجاب ۾ ڪھڙيون حالتون آھن.
جيڪڏھن اتي جو وايو منڊل وڳوڙي آھي تھ سنڌ ۾ بھ
ماٺ ڪانھ رھندي ڇاڪاڻ تھ ھاڻي تازو سنڌ ۾ مسلمانن
کي شڪست ملي آھي، تنھن ھنن تي سنڌ کان ٻاھر وارين
قومن جي اٿل پٿل جو ضرور اثر ٿيندو، جيڪي خود بھ
مسلمان آھن. سنڌ جا ماڻھو بھ ٻين وانگر آھن. جن
مٿان حڪومت ڪرڻ ڪا راز جي ڳالھھ ڪانھ ھوندي آھي.
ھي ماڻھو ماٺ ڪري تڏھن ويھندا آھن، جڏھن ڏسندا آھن
تھ صبر ڪرڻ سندن مفادن ۾ آھي. جڏھن سمجھندا آھن تھ
بغاوت ڪرڻ ھنن جي فائدي ۾ آھي تھ سرڪشي ڪرڻ لاءِ
اٿي کڙا ٿيندا آھن. بلوچ قبيلا پنھنجي پيٽ گذر
لاءِ پوکي راھي ڪونھ ڪندا آھن، پر ڦرلٽ ۽ ڌاڙا ھڻي
گذارو ڪندا آھن. جڏھن ڏسندا آھن تھ ڪوبھ خوف خطرو
نھ آھي تھ اڳتي نڪري اچي ھندن ۽ سنڌي مسلمانن کي
لٽيندا آھن. جيڪڏھن پنجاب جو وايو منڊل وڳوڙي آھي
تھ اسان جون فوجون سنڌو درياه الھھ طرف اڪري وڃي
اتر طرف گڏ ٿين. اھڙيءَ ريت جيڪڏھن بلوچستان حملو
ڪيو تھ ان کي بھ چڱيءَ ريت منھن ڏئي سگھبو. اھڙي
صورتحال دوران ڪراچي کان حيدرآباد ويندي ٿر تائين
وارو علائقو ڪڇ ۾ رھندڙ فوج جي ماتحت رکيو ويندو.
اھو ئي ڪارڻ آھي جو مان اتي پوليٽيڪل ايجنڊت بدران
ڪرنل رابرٽس جھڙي ڏاھي ماڻھو کي ڪڇ ۾ رکيو آھي.
سنڌ ۾ فوج جي تعداد کي گھٽائڻ وڌائڻ ۽ مضبوط ڪرڻ
جو سارو دارومدار پنجاب جي حالتن تي آھي. سنڌ ۾
اندروني طور تي امن امان قائم آھي. جيستائين پنجاب
جي حالتن ۾ ٺاپر نھ ٿي اچي ۽ اسان جي قائم ڪيل
حڪومت مضبوط نھ ٿي ٿئي، تيستائين يورپي فوج سنڌ ۾
رھندي. ھي سوال عام سياسي حالتن سان واسطو رکي ٿو.
جيڪڏھن پنجاب جون حالتون وڳوڙي آھن تھ بلوچستان جا
قبائلي بھ ماٺ ڪري رھڻ وارا ڪونھ آھن. تنھن ڪري
سنڌ تي سختي ڪرڻ نھايت لازمي ٿي ويو آھي.“
سکن خلاف حملي جي رٿابندي
سندس اھڙو نقطئھ نظر ڊسمبر تائين ھو. پر جڏھن
جنوري جي پڇاڙيءَ ۾ سر ھيوگف گواليار خلاف جنگ
وڙھي، تھ ھن جي حڪمت عمليءَ ۾ وڌيڪ سختي اچي وئي
ھئي، جيڪا اڳي ڪجھھ نرم ھئي. ان وقت ھن اولھھ طرف
وارن بلوچي قبيلن جي من مستين ڏانھن ڪوبھ ڌان ڪونھ
ڏنو. ھن ساري فوج آڻي ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ گڏ
ڪئي. شڪارپور ۾ رکيل فوج بھ ڪجھھ اڳتي وڌي پنھنجو
منصبي فرض ادا ڪري رھي ھئي. ھنن فوجي تيارين مان
ائين لڳي رھيو ھو تھ ڄڻ پنجاب جي سکن خلاف حملي
جون تياريون آھن ۽ ان وقت جي حالتن مطابق سندس
نقطئھ نظر ۾ بھ ھڪ تبديلي اچي وئي ھئي. سندس خيال
ھو تھ ”جيڪڏھن سکن ستلج پار ڪرڻ جي ڪوشش ئي تھ مان
پنھنجي فوج جو ھڪ ھڪ نوجوان گڏ ڪري پيش قدمي ڪندس.
ڪراچي حيدرآباد ۽ سکر جي مون کي ڪنھن بھ قسم جي
پرواھھ ڪونھ آھي. اھڙيءَ طرح مان فوجي اڳواڻي ڪري
وڃي اچ وٽ پھچندس. اتان کان بھاولپور ۽ ملتان تي
قبضو فقط ھڪ ڪلاڪ جو ڪم آھي. جيڪڏھن مون کي محسوس
ٿيو تھ بھاولپور جو حڪمران انگريزن سان سچو آھي تھ
پوءِ مان اڳتي وڌي ملتان تي قبضو ڪندس. پر مونکي
جيستائين بھاولپور جي تحفظ جو يقين نھ ٿيندو
تيستائين، مان ستلج پار ڪونھ اڪرندس يعني جيستائين
ھو شخصي طور منھنجي فوجي ڪئمپ ۾ موجود نھ ھوندو.
جيڪڏھن ائين نھ ٿيو تھ ھي ماڻھو ڏکڻ طرف کان ايندڙ
فوجي سامان جي آمد رفت روڪي ڇڏيندو ۽ اسان جي
پوئتي ھٽڻ وارو رستو بھ بند ڪري ڇڏيندو. ھن حملي
جو ڏيکاءُ لارڊ ايلنبرو جي اتر ستلج جي حملي جي
فائدي ۾ آھي. اھڙيون جنگي سرگرميون بنا ڪنھن
سرڪاري حڪم جي ڪيون وينديون. اھو فقط تڏھن ڪري
سگھجي ٿو، جڏھن محسوس ٿيندو تھ گواليار واريون
جنگيون فيصلھ ڪن ثابت ڪونھ ٿيون آھن ۽ سک ستلج پار
ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رھيا آھن ۽ منھنجو فيروز پور ۽
آگري سان رابطو ختم ٿي ويندو.
اھو بھ چيو پيو وڃي تھ سک ستر ھزار فوج ميدان ۾
لاھي سگھن ٿا، جنھن مان چاليھھ ھزار باقاعده جنگي
سکيا ورتل ماڻھو آھن ۽ چڱيءَ ريت مسلح آھن. ان کان
سواءِ سندن توبخانو بھ نھايت مضبوط آھي. جيڪڏھن
مان سنڌ ۾ امن امان رکڻ ۽ بھاولپور کي پنھنجي پاسي
آڻڻ ۾ سوڀارو ٿي ويس تھ پوءِ منھنجي سترھن ھزار
بيمار فوج گرم موسم اندر بھ سنڌ جو انتظامي
بندوبست رکڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي. مون کي اھو بھ خوف
آھي تھ منھنجو خط لارڊ ايلنبرو کي پھتو آھي الائي
نھ. پر جيڪڏھن مان ضروري سمجھيو تھ مان ھن جي حڪم
پھچڻ کان سواءِ بھ پيش قدمي ڪندس. جيڪڏھن منھنجي
پيش قدمي سندس خط جي پھچڻ کان سواءِ عمل ۾ ايندي
تھ ڪو ڏوھھ ڪونھ آھي ۽ جيڪڏھن مان بھاولپور کي پاڻ
شامل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيس تھ اھا منھنجي وڏي خدمت
ھوندي. پر جيڪڏھن ملتان مان سک فوج کي ڪڍي سگھيس
تھ اھا بھ وڏي ڳالھھ ليکي ويندي. انومان آھي تھ
ھاڻي سکن کي حملي ڪرڻ جي ڪڏھن بھ جرئت ڪانھ ٿيندي.
ڇاڪاڻ تھ گواليار جي شڪست جي صورت ۾ انگريزن جي
ويھھ ھزار فوج ستلج ڏانھن وڌندي. پر ستلج وٽ تھ
انگريزن جي فوج اڳ بھ موجود آھي. ڏٺو وڃي تھ
گواليار ستلج کان گھڻو پري آھي جيڪڏھن اھا اڳتي
وڌي تھ ستلج جي کاٻي ڪناري واري علائقي کي ڀينگ
ڪندي ايندي. مان سمجھان ٿو اتي موجود فوج ھن درياه
جو تحفظ ضرور ڪندي.
گواليار جي جنگ ۾ فتح بعد سنڌ جي صورتحال
1843ع
جي پڇاڙيءَ ۾ انگريزن خلاف ھڪ مضبوط اتحاد بڻجي
چڪو ھو، پر سر چارلس نيپئر جي سخت قسم جي حڪمت
عملي ۽ سندس فوجي طاقت ڪري گھٽ ۾ گھٽ سنڌ ۾ تھ
سڪون ۽ امن امان ھو. پر گواليار ڀرسان مھراجپور
واري جنگ ۾ ڪاميابيءَ کان پوءِ اھڙي مخالفت ختم ٿي
وئي ھئي. ان کان پوءِ انگريز وارو ھندستان پنھنجي
مستحڪم حيثيت ماڻي ورتي ھئي. اندروني بغاوت جو ڀئھ
تھ ضرور ھو، پر ٻاھرئين حملي جو پنجاب جي سکن کان
سواءِ ڪو ٻيو خوف ڪونھ ھو. سکن خلاف پيش قدمي لارڊ
ايلنبرو جي فوجي حڪمت عمليءَ جو نتيجو ھئي، جيڪا
وقتائتي ھئي، جنھن وسيع قسم جي سازش کي ٻنجو ڏئي
ڇڏيو ھو. ھو پاڻ شخصي طور جنگ ۾ حصو وٺي رھيو ھو.
ھن جي شاندار فتح انگريز طاقت کي ذلتن ۽ تباھي جي
پاتال مان کڻي عزت ۽ آبرو واري مقام تائين پھچايو
ھو. گواليار واري انگريزن جي فتح سنڌ ۾ انگريزن جي
برتريءَ لاءِ ضروري ڪانھ ھئي. افغان، قلات جا
قبائلي سردار مير شير محمد ۽ غدار مير علي مراد
ٽالپر وارن جو اتحاد گواليار جي شڪست کي ڪابھ ٽيڪ
۽ مدد ڪري ڪونھ ٿي ڪري سگھبا، پر وقتي طور فتنو
فساد ضرور کڙو ڪري سگھن ھا. ڇاڪاڻ تھ انھيءَ زماني
۾ انگريزن جي فوج بيماريءَ وگھي وڃي بستري داخل ٿي
ھئي. ماڻھن جا اھي ٽيئي نسل اھڙين حالتن ۽ سھوليتن
کان چڱيءَ ريت باخبر ھئا. جيڪي انگريزن جي اچڻ ڪري
کين ملي ويون ھيون. ليڪن اھي ھٿيار اھڙي تبديليءَ
کي اڳتي وڌڻ کان روڪين ھا. ٽالپر حڪمرانن جا سردار
بھ ان حڪمرانن سان گڏجي مزاحمت ڪن ھا جنھن مھاڏي
ڏيڻ جي مقصد سان ھٿيار کنيا ھئا. پر ھنن ڏٺو تھ
جنرل سر چارلس انگريزن لاءِ وڙھي رھيو ھو. جنھن
بابت ھنن کي ڪنھن بھ قسم جي غلط فھمي ڪانھ ھئي.
بلوچ ڳوٺاڻا فوج مان ڀڄي نڪتل ماڻھن جي گرفتاري
لاءِ پوليس جي مدد ڪري رھيا ھئا. جيڪي گرفتاري کان
بچڻ خاطر لڪي رھيا ھئا. ھتي قتل جون وارداتون بھ
ٿينديون ھيون. ليڪن يورپين کي قتل ڪونھ ڪيو ويندو
ھو، پر اھڙو جرم عورتن خلاف ڪيو ويندو ھو. اھڙن
مجرمن کي انگريز سرڪار جي حوالي ڪيو ويندو ھو.
اھڙا ڪم نھايت خبرداريءَ سان ٿي رھيا ھئا.
فتح بعد ناڪاميءَ جي صورت ۾
جيڪڏھن لارڊ ايلنبرو ھندستان وارو طريقھ ڪار ڪتب
آڻي ھا ۽ پنھنجي ماتحت عملدارن جي ڏنل ھدايتن ۽
انھن جي اختيارن کي سرڪاري اصولن مطابق روڪي ۽
محدود ڪري ھا ۽ اھي ماڻھن جي خواھشن ۽ حالتن مطابق
نھ ھجن ھا تھ سنڌ جي فتح بھ افغانستان جي فتح
وانگي ناڪام ثابت ٿئي ھا. جيڪا ڳالھھ تباھيءَ ۽
برباديءَ کان سواءِ ٻيو ڪجھھ بھ ڪانھ ھئي، پر ائين
ٿيڻ سان ممبئي واري ڌر جون غداريءَ جھڙيون ڪوششون
۽ اميدون پوريون ٿي وڃن ھا. ڇاڪاڻ تھ سنڌ جا
معاملا وڌيڪ منجھيل ۽ پيچيده آھن. فوجي ۽ سول
معاملا ڪن ماڻھن جي انتظامي بندوبست تي مدار رکن
ٿا، جيڪي ڏاڍا نازڪ ۽ وقتائتا آھن. ھن قسم جون
ڳالھيون فقط اھو ماڻھو ڪري سگھي ٿو، جنھن کي سنڌ
جي فتح اھڙن معاملن کي اڪلائڻ لاءِ ھڪ ڪنجي ڏئي
ڇڏي آھي ۽ اھو ئي ماڻھو صحيح طريقي سان ڪردارن کي
چڱيءَ ريت سمجھائي سگھي ٿو. نھ تھ ٻيءَ حالت ۾
سيڪنڊ برٽش آرمي جو قتل عام ٿئي ھا. ان کان پوءِ
سکن ۽ افغانن جا حملا شروع ٿي وڃن ھا. ان کان
سواءِ ھندستان جا سڀئي مسلمان بغاوت جو ڦريرو
ڦڙڪائن ھا ۽ اڳيان حڪمران پنھنجي ملڪن جون واڳون
سنڀالي وٺن ھا. تنھن ڪري سمجھڻ کپي تھ سنڌ جي فتح
ھڪ وڏي ڪاميابي آھي. |