سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي انتظامي تاريخ

باب:

صفحو: 1

 

سنڌ جي انتظامي تاريخ

 

عطا محمد ڀنڀرو

پيش لفظ

سر چارلس نيپئر جي سنڌ جي فتح جي تاريخ ڇپجڻ وقت اھو واعدو ڪيو ويو ھو تھ سندس سنڌ ۾ رکيل انتظامي جوڙجڪ جي بيناد بابت بھ احوال لکيو ويندو. تنھن ڪري ھيءُ ڪتاب لکي، ان واعدي کي پاڙيو ويو آھي. جنھن ۾ ڪڇيءَ خلاف جنگ مھم جو احوال بھ شامل ڪيو ويو آھي. ھن ڪتاب کي بھ ”سنڌ جي فتح جي تاريخ“ جيان انگريز عوام ڏانھن منسوب ڪيو ويو آھي. ڇاڪاڻ تھ ھي ماڻھو، وڪٽوريا دور جي ھن فوجي جنرل جي ڪامياب جنگي مھمن جي دعوائن خلاف اٿيل ھڪ مسلسل آواز کي ختم ڪري سگھن ٿا. ھي نھ رڳو سورھيھ فوجي سپھھ سالار ھو، پر ڪامياب منظم بھ ھو، جنھن پنھنجي ملڪ جي ماڻھن جون دليون ڌتاري ورتيون ھيون. پر عام ماڻھو جي حقيقي مدد حاصل ڪرڻ واسطي، سر چارلس جي خيالن ۽ عملي ڪمن کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آھي. جنھن ۾ ھن ڳالھھ جو اظھار ڪيو ويندو تھ ھن جي ملڪي انتظامي جوڙجڪ جو مجموعي ۽ مخصوص نوعيت جو ڪھڙو نقطئھ نظر ھو يا مخصوص قسم جي صورتحال دوران ھن جا خيال ۽ احساس ڪھڙا ھئا. ان کان سواءِ جتي ضرورت محسوس ڪئي وئي آھي تھ اتي سندس چيل اصلي لفظ بيان ڪيا ويا آھن.

عام طور تي ھڪ مصنف کي پنھنجي پنھنجي خيالن جي اظھار جي آزادي ھوندي آھي. پر جيڪڏھن ان موقعي جو فائدو وٺجي ھا تھ سر چارلس جي ڏاھپ ۽ ڏانءُ فطري مزاج ۽ ھلت چلت جي حقيقي سڀاءُ بابت اصلي ڳالھيون ڍڪجي وڃن ھا. ھن کان سواءِ کيس بي بنياد الزامن ۽ اجاين تھمتن کان بچائي ڪونھ سگھجي ھا. تنھن ڪري ھن ڪتاب جي تصنيف جو اھم ڪارڻ اھو آھي تھ جيئنءَ پڙھندڙ سر چارلس کي چڱيءَ ريت سمجھي سگھن ۽ مٿس لڳل اجاين الزامن کان متاثر نھ ٿين. جيڪڏھن ھي ڪتاب نھ لکيو وڃي ھا تھ، سر چارلس جي نقطئھ نظر کي غلط سمجھيو وڃي ھا. ڇاڪاڻ تھ ھتان جي عام ماڻھوءَ کي اھا خبر ڪانھ آھي تھ، جنھن ملڪ ۾ ھي ماڻھو موجود ھو تنھن جي ماڻھن جون رسمون رواج بلڪل مختلف ھئا ۽ جن ماڻھن سان ھن جنرل جو ڪاروھنوار ھو سي نھايت حاسد ھئا.  مثال طور ھن نئين مفتوح علائقي ۾ عام رواجي حڪمراني قائم ڪرڻ بدران، فوجي راڄ مڙھيو ھو. پر فوجي طرز جي حڪومت ان ڪري قائم وئي جو فتح ڪيل علائقي جا ماڻھو ويڙھاڪ ھئا. تنھن ڪري اھڙن سرڪش ماڻھن کي ضابطي ھيٺ رکڻ ۽  کين مھذب بڻائڻ واسطي ھن کان سواءِ ڪيو ٻيو دڳ ڪونھ ھو. اھڙي ڳنڀير وايو منڊل ۾ ملڪ جي سول انتظاميھ جي قيام خلاف سندس اعتراض کي جيڪڏھن ان دور جي مخصوص صورتحال جي پسمنظر ۾ جاچي پرکي ۽ سندس نقطھ نظر تي سوچي ويچاري نھ  ڏسبو تھ اھو پتو ڪونھ پوندو تھ ان دور جي ھندستان ۽ خاص طور سنڌ ۾ سول انتظاميا قابل عمل ڪانھ ھئي. پر جيڪڏھن ان دور ۾ سول انتظاميا مقرر ڪئي وڃي ھا تھ اھا بلڪل ناڪام ثابت ٿئي ھا. ان ڪري سول انتظاميھ جي ذميواري ڪامورا شاھي خلاف نفرت پيدا ٿي وڃي ھا ۽ صوبي جي غير فوجي سرڪار اجائي بدنام ٿي وڃي ھا. اھڙيون ڳالھيون اڻ سونھيون ھيون جن جي پردي پٺيان سر نيپيئر جا اصلي اڌما ۽ اتساھھ ڍڪجي ويا ھئا ۽ سندس اصلي ڪارڪردگي بھ ماڻھن جي سامھون اچي ڪانھ سگھي ھئي. ھن جو فوجي اختيارن جو استعمال ھن مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ھئي تھ جينءَ سنڌي ماڻھو انگريزن جي قائم ڪيل غير فوجي ادارن کي بنا دير قبول ڪرڻ لائق بڻجي سگھن جن جو بنياد ھن جنرل پاڻ رکيو ھو. ھي ڪم ڏاڍو ڏکيو ھو پر سر چارلس ان کي نھايت ڪاميابيءَ سان سرانجام ڪيو ۽ ڪابھ رنڊڪ کيس روڪي ڪانھ سگھي ھئي، ڇاڪاڻ تھ ماڻھوءَ وٽ ھر قسم جا اختيار ھئا. ڏانءَ ۽ ڏات جو مالڪ ھو. جن کي دفتر جي ڪم جو اوچو ڍير ڍڪي سگھڻ ۾ سوڀارو ڪونھ ٿيو ھو. کيس فوجي ھئڻ ناتي بي انتھا وسيع اختيار ھئا پر ھن انھن کي سرڪاي منصوبھ بنديءَ جو حصو ڪونھ بڻايو ھو. ھتي اھو بيان ڪرڻ بيجا ڪونھ ٿيندو تھ ھن ماڻھو مذڪوره پنھنجي ڳالھين مان ۽ مھت ڏنو ھو. ھن کان پوءِ مسٽر پرگل Pringle آيو ھو، جنھن ٻن سالن جي عرصي تائين وڏي جوش ۽ جذبي سان ڪم ڪرڻ کان پوءِ ھن سر چارلس کي عقيدت جو نذرانو پيش ڪندي، ھي حقيقت تسليم ڪئي ھئي تھ ھن سنڌ اندر سرڪاري ادارن قائم ڪرڻ ۾ پنھنجي ڏات ۽ ڏانءَ جو ڀرپور اظھار ڪيو  ھو.

وليم نيپئر

باب پھريون

سر چارلس جي سنڌ جي انتظاميھ

 

جڏھن مير شير محمد حيدرآباد ڀرسان انگريزن ھٿان شڪست کاڌي ھئي تھ فاتح ان وقت اعلان ڪيو ھو تھ ھن کان پوءِ بندوقون گوليون ۽ توبون گولا ڪونھ اوڳاڇينديون. پر ڪن ڌرين سندس ھن ڳالھھ کي ٻٽاڪ سمجھي چٿرون ڪين ھيون. پر سندس اھا ڳالھھ ۽ اڳڪٿي بلڪل سچي ثابت ٿي ھئي، جنھن جو بنياد ھيٺ ڏنل حقيقتن تي بيٺل آھي.

ھن ملڪ ۾ مختلف انساني نسل آباد آھن جن جا مذھب مختلف ۽ مفاد ھڪ ٻئي جي خلاف آھن. انھن جا اڌما، اتساھھ ۽ مادي مفاد ساڳيا ڪونھ آھن. پر جيڪڏھن بدقسمتيءَ سان بغاوت جي باھھ ڀڙڪي اٿي بھ کڻي تھ ڊگھيءَ مدت تائين اھا مھاڏو ڏئي ڪانھ سگھندي اصلي سنڌي تھ ھاري ناري ۽ ڏتڙ ئي آھن. جيڪي ظلم ۽ ڏاڍ سبب ڏتڙيل آھن. ھنن جي حيثيت بي ھٿيار غلامن جھڙي آھي. جيڪڏھن سنڌين کي غلاميءَ جي ھنن زنجيرن کان آزاد ڪيو وڃي ھا تھ ٽالپرن جي حڪمراني جو خير ڪونھ ھو. ھندو تعداد ۾ تھ گھڻا آھن، پر ڊڄڻا آھن. ھنن جي ڌرم کان سنڌي (مسلمان) ۽ ٻروچ نفرت ڪندا آھن. ھنن ماڻھن جي ڦرلٽ عام آھي. تنھن ڪري ھو نکڙي الڳ ٿي ويا آھن. کين امن ۽ بچاءَ جي ضرورت آھي. ڊگھي جنگ ٻروچن جي مفاد ۾ آھي. ڇاڪاڻ تھ اھي عادي ظالم آھن. سندن خواھش آھي تھ ھو پنھنجي منافع بخش اھم حاڪماڻي حيثيت کي ڪيئن بھ ڪري برقرار رکن. پر ھنن ٻن لڳاتار جنگين ۾ شڪست کاڌي آھي. سندن خزانو انگريز سرڪار جي قبضي ۾ آھي. ھنن جا ڇھھ اھم مير جنگي قيدي آھي. سندن سياسي ۽ فوجي طاقت بھ کنا کيڙ ٿي وئي آھي. تنھن ڪري ھو صفون سنواري مقابلي ڪرڻ جھڙا تھ رھيا ئي ڪونھ آھن. ان کان سواءِ سندن مذھب جدا ۽ مفاد الڳ آھن. تنھن ڪري مڙي مٺ تي بغاوت جو ڦريرو بھ ڦڙڪائي ڪونھ سگھندا. نھ وري انگريزي فوج جي ڊگھي عرصي تائين مزاحمت ڪري سگھندا. ٻي ڳالھھ تھ ٻروچ مختلف قبيلن ۾ ونڊيل ورڇيل آھن ۽ ھر ڪو سردار پنھنجي ڏيڍ سر جو الڳ قبيلو قائم ڪيو ويٺو آھي. سنڌ ۾ پھچي سندن دشمنيون وڌي وڻ ٿي ويون آھن. ڇاڪاڻ تھ اھي مختلف ٽالپر حڪمرانن جا ملازم آھن، جيڪي وري پاڻ کي آزاد ۽ بااختيار حڪمران سمجھندا آھن. پر رھندا ھڪ ئي قلعي ۾ گڏ آھن ھنن جو ٻين ڳالھين ۾ بھ، پر پنھنجي سنڌي رعيت تي ڏاڍ ڏمر ڪرڻ ۾ مقابلو ھوندو آھي. جن کان آباد ۽ ڀليون زمينون کسي شڪار گاھھ بڻائيندا آھن.

ٻين ميرن کان ميرپور خاص جو مير شير محمد وڌيڪ بھادر ماڻھو آھي. انگريزن کيس حيدرآباد ڀرسان شڪست ڏني آھي. ھن مقابلو اڪيلي سر ڪيو ھو. آپت مان ساڻس ڪير بھ ٻانھن ٻيلي ڪونھ ٿيو آھي. ھيءُ مير مياڻي جي ميدان تي ھلي ڀائن سان ڀاءُ ڪونھ ٿيو ھو. خاص ڪري ان جنگ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ان ڪري ٿي ڪونھ سگھيو ھو، جو انگريز سپاھھ سالار جلدي ڪري حملو ڪري ورتو ھو. ٻي ڳالھھ تھ کيس ڪجھھ غلط فھميون بھ ھيون. ھيءُ مير صوبدار خان سان ڪونھ ٺھندو ھو. ڪنھن ڳالھھ تي ٻين ميرن وانگي ھي بھ سمجھندو ھو تھ بھادر بلوچ جڏھن تلوارون تاڻي، ھڪ وار پڙ تي پھتا تھ انگريزن لاءِ ڀڄڻ کان سواءِ ٻي واھھ ڪانھ ھوندي. تنھن ڪري ھو سست رفتارريءَ سان پيش قدمي ڪري رھيو ھو. کيس اھا بھ غلط فھمي ھئي تھ سوڀ اوس بھ ميرن جي ٿيندي. جنھن کان پوءِ ھو سندس حڪمرانيءَ جي حدن کي پاڻ ڏانھن سوريندا، تنھن ڪري ھن پنھنجو ٻارھن ھزار لشڪر ھنگامي حالتن کي منھن ڏيڻ لاءِ لڪائي ويھاري ڇڏيو ھو. کيس رستي ۾ اھا سڌ پئي تھ جنگ ۾ ٽالپرن کي شڪست ملي آھي ۽ سندن تخت تاراج ٿي ويو آھي. اھڙي خبر ٻڌڻ سان ھو پويان پير ڪري وڃي ميرپورخاص پھتو. ھن انگريز ڌر کي صلح جي آڇ ڪئي، پر سندس من ميرو ھو. کيس لشڪر گڏ ڪرڻ جي مھلت گھربي ھئي. ان دوران ھن پنھنجي جاگيردارن کي سڏائي ورتو. ھن کان سواءِ مياڻي جي جنگ مان بچي ويل ماڻھو بھ وڃي وٽس گڏ ٿيا. انھيءَ جنگ کان ٿورو اڳ انھن قبائلي سردارن ۾ وقتي صلح ٿي ويو ھو جن وچ ۾ ھڪ نھ ٻيءَ ڳالھھ تان سدائين جھيڙا پيا ھلندا ھئا. ان ڪري ھاڻي فقط سردار احمد خان لغاريءَ جي اڳواڻيءَ ۾ لغارين ۽ نظاماڻين جو لشڪر وڃي مير شير محمد سان مليو ھو. ھي اھو سردار ھو جنھن انگريز ريزيڊنسيءَ تي پڻ حملو ڪيو ھو. باقي ٻيا ٻروچ سردار ھن کان ڌار ٿي بيٺا ھئا. پر ڪي بي دلو شريڪ ٿيا ھئا، جن سان لشڪر بھ مختصر ھو. ڇاڪاڻ تھ اھي سردار ۽ جاگيردار کيس گھٽ ڀائيندا ھئا. ھن پنھنجا ڇھھ ھزار بھادر ماڻھو ڦليليءَ جي ڪناري سان ويھاري، ڄڻ انھن کي مرڻ لاءِ قطاري ڇڏيو ھو.

مير شير محمد، سر چارلس جي بلڪل ويجھو جنگ لاءِ جھنڊو جھولائي رھيو ھو ۽ تڪبر ۽ ھٺ کان سندس ڳاٽ اوچ ھو. اھو زنده لشڪر ۾ نھ، پر ڄڻ ڍير ٿيل لاشن وچان گھمي ڦري رھيو ھو. جيڪڏھن ھو مھاڏي ڏيڻ بدران ماٺ ڪري ويھي ھا تھ کيس پنھنجي حڪمراني وارو علائقو ملي وڃي ھا ۽ پنھنجي زندگي شاھاڻي ٺاٺ سان گذاري ھا. جيڪڏھن انگريز سپھھ سالار ھي فوجي پيش قدمي قومپرستي واري احساس کان متاثر ٿي ڪري ھا تھ بھادر شھزادي تي حملي ڪرڻ کي ڏکوئيندڙ منصبي فرض تصور ڪري ھا. پر ھن کي سنڌ کي غلامن کان آزاد ڪرڻو ھو. ان کانسواءِ ڪابل ۾ مسلمانن جي فتح ڪري ھندستان جي عيسائي معاشرو ڏڪي ويو ھو. تنھن ڪري پنھنجي ملڪي مفادن ۽ فوج جي بلند حوصلن کي برقرا رکڻ لاءِ وٽس ھن کان سواءِ ڪو ٻيو رستو ڪونھ ھو. نھ تھ اھو ڪارنامو نمائشي بھادري نسوري ڏاڍ کان سواءِ ٻيو ڪجھھ بھ ڪونھ ھو. تنھن ڪري ھن مير کي ائين قتل ڪرڻو ھو جيئن پھرئين مير جو سر قلم ڪيو ويو ھو. انھيءَ مقصد سان تھ جيئنءَ مياڻي جي فتح جي انگريزن جي دھشت کي برقرار رکي سگھجي ۽ سمجھيو وڃي تھ انگريزي فوج ناقابل شڪست آھي. اھڙين ڳالھين کي آڏو رکي مير شير محمد تي اھڙو حملو ڪيو ويو جو منجھس ڊگھي عرصي تائين جنگ جي اڳواڻي ڪرڻ جي سگھھ ئي ڪانھ رھي ھئي. اھا بھ حقيقت ھئي تھ ڪيترائي جاگيردار ۽ قبائلي سردار ٻن جنگين دوران ھن جو ساٿ ڇڏي ويا ھئا ۽ انگريز سپھھ سالار ڏانھن وفاداري ۾ تابعداري لاءِ سلام موڪلي رھيا ھئا. ان جي جواب ۾ کين انعامن اڪرامن جا دلاسا ڏئي رھيو ھو. انھيءَ مقصد سان تھ جيئن ھي بلوچ سردار شڪست کاڌل حڪمرانن سان وفادار رھڻ کان پاسو ڪري وڃن. ٽالپر سردار پنھنجي اباڻي حڪمراني کي ھٿ ڪرڻ ۽ پنھنجي عزت ۽ ناموس کي بچائڻ لاءِ ھٿ پير ھڻي رھيا ھئا. ھر ٽالپر سردار دل ۾ اھو مقصد رکي ميدان تي جنگ ۾ مصروف ھو. پر ھنن قبائلين سردارن ۽ ميرن سان ڪوبھ درٻاري ماڻھو  ساٿ ڪونھ ھو. ھر حڪمران پنھنجي ٽالپري خاندان جي بچاءَ ۽ ڦرلٽ لاءِ جنگ ڪري رھيو ھو. کين ٻين ٻروچ خاندانن جي مفادن جي ڪابھ ڳڻتي ڪانھ ھئي، جيڪي ھٿيار کڻي اچي ھڪ ھنڌ گڏ ٿيا ھئا. ھنن جا ميرن سان تعلقات وغيره ڪونھ ھئا. نھ وري انھن کي قومپرستيءَ جي جذبي ائين ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو ھو. انگريزن بھ تازو سنڌ کي فتح ڪيو ھو. جن وٽ ڌرتيءَ تي قبضي کان سواءِ حڪمراني ھئي. تنھن ڪري ھنن سان بھ سندن لاڳاپا پيدا ٿي ڪونھ سگھيا ھئا. ھنن ٻروچن انگريزن کان مذھبي نفرت ڪري سندن خلاف تلوار کنئي ھئي. افغانستان ۾ انگريزن کي شڪست ملڻ ڪري ھنن جو من وڌي ويو ھو. ھو جڏھن پاڻ ۾ گڏجي ويھندا ھئا تھ چوندا ھئا تھ اسان انگريزن کان تعداد ۾ گھڻا آھيون ۽ بھادر آھيون ۽ جيترا ماڻھو افغان سپھھ سالار اڪبر جي اڳواڻي ھيٺ وڙھيا ھئا، انھن کان بھ تعداد ۾ وڌيڪ آھيون. ھن کان سواءِ اھو بھ چوڻ لڳا ھئا تھ ڪابل ۾ اڪبر، سکر ۽ ڪراچيءَ ۾ موجود فرنگين کان وڌيڪ قتل ڪري ڇڏيا آھن، ٻيڻ تي وڌيڪ تنھن ڪري اسان بھ ھنن کي قتل ڪري سگھون ٿا.“

مياڻيءَ حيدرآباد جي جنگين انگريزن دھشت پکيڙي ڇڏي ھئي. ھتي جي ماڻھن جو عام تاثر اھو ھو تھ جيڪڏھن انگريزن سان جنگ ڪئي وئي تھ سر چارلس نيپئر ضرور سوڀارو ٿيندو. اھڙي صورتحال ۾ ھتان جا ماڻھو ٽالپرن جي ڀيٽ ۾ سندس حڪمرانيءَ کي پسند ڪندا. تنھن ڪري جنرل جو رويو آزاد مھم جو ھو. جن ماڻھن ھن سان وفاداريءَ ۽ تابعداري جو رستو رکيو ھو تن کي معلوم ٿي ويو ھو تھ ھنن انگريزن خلاف جنگ ۾ جنھن بھادريءَ سان مھاڏو ڏنو ھو سا ڄڻ تھ ھنن لاءِ سفارش بڻجي وئي ھئي. کين اھو بھ معلوم ٿي رھيو ھو تھ سر چارلس جي سخا ۽ درياه دلي اصلي ھئي، نمائشي ڪانھ ھئي. ان کان سواءِ ھنن قيدي ميرن جي مجبور حيثيت کي پڻ سوچيو ويچاريو ھو، جن وٽ کين ڏيڻ لاءِ ڪجھھ بھ ڪونھ ھو. ھنن ميرن انگريزن سان جنگ ڪئي ھئي ۽ سندن دشمن ھئا. پر انگريزن جو ساڻن رويو عزت ۽ احترام وارو ھو. ان کان سواءِ اھي وڏا جاگيردار ۽ قبائلي سردار جيڪي اتاولا آھن يا اھي جن انگريز سرڪار جي تابعداري قبول ڪئي آھي، ھي مير شير محمد سان ٺھيل ڪونھ آھن. اھڙي ريت جي ساڳيا ماڻھو ٻين ميرن سان بھ وفادار ڪونھ آھن. ڇاڪاڻ تھ اھي ھاڻي انگريزن جا قيدي آھن. تنھن ڪري سفارش ڪجي ٿي انھن ماڻھن کي جيڪڏھن سندن جاگيرون موٽي ملنديون ۽ سرڪار کين اڳين عزت ۽ احترام بحال ڪندي تھ اھي ماڻھو انگريز سرڪار جا وفادار ۽ تابعدار بڻجي ويندا.

انگريز سپھھ سالار اھڙين ڳالھين تي سوچڻ شروع ڪيو آھي. ڇاڪاڻ تھ مير شير محمد جنگ کان پوءِ پنھنجي آمدني جو ذريعو وڃائي ويٺو آھي. ان کان سواءِ سندس وفادار ۽ بھادر ماڻھو جنگ ۾ مارجي چڪا آھن. اھو ئي ڪارڻ آھي جو ھو ھاڻي انگريزن کي مھاڏو ڏئي ڪونھ سگھندو. ان کان سواءِ سندس اثر رسوخ ھن جي حڪمرانيءَ وارين حدن کان ٻاھر ڪونھ آھي. ھيءُ وڏيءَ دل وارو ماڻھو آھي، جيڪو شڪست ڪري مايوس ٿي ٿر ڏانھن ھليو ويو آھي. جڏھن تھ ھن جا ويڙھاڪ ۽ بھادر ماڻھو ڇوڙ واري علائقي ۾ موجود آھن. سندس ھي علائقو ڏاڍو شاھوڪار آھي. ھن علائقي ۾ سندس جاگيردارن جو تعداد بھ گھڻو آھي. ان کان سواءِ ھن جوءِ ۾ درياه جا ڦاٽ بھ گھڻا آھن. بچاءَ لاءِ قلعا بھ گھڻا آھن. جيڪڏھن انگريزي فوج مٿس حملو ڪيو تھ ايڏو ڪارگر ثابت ڪونھ ٿيندو. درياھھ جي چاڙھھ واري رت ۾ مٿس فوج ڪشي ڪرڻ تھ ممڪن ئي ڪانھ آھي. اھا موسم ڄڻ تھ مٿان بيٺي آھي. ھن قسم جي مضبوط ماڳ ھوندي سندس ٻاھر نڪرڻ ائين آھي ڄڻ ھو سڀ اميدون ۽ آسرا وڃائي ويٺو آھي. پر ھن سان تڪڙ ۾ ڳالھھ ٻولھھ ڪرڻ نھايت ضروري بھ آھي. ڇاڪاڻ تھ احمد آباد واري جنگ ڪري، سنڌ جي فتح تي وڏو  اثر پيو آھي. ٻيو نھ تھ گھٽ ۾ گھٽ ھٿيارن جي مامري ۾ تھ گھڻو اثر محسوس ٿي رھيو آھي. مٿي بيان ڪيل اڳڪٿي جھڙي تھڙي ماڻھوءَ جي نھ پر ڪنھن ڏاھي ماڻھوءَ جي آھي. جيڪڏھن مير شير محمد کي سندس علائقي جي حڪومت موٽي ملندي تھ ھو بھ ماٺ ڪري ويھي رھندو. اھڙين ڳالھين تي ر چارلس نيپئر دل جي سچائيءَ سان سوچڻ لڳو آھي تھ ان مير سان ٺاھھ ڪيو وڃي. ان کانپوءِ فاتح ۽ مفتوح بلوچن وارو فرق ختم ٿي ويندو. ساڳيءَ ريت سنڌي، ھندو ۽ ٽالپرن بھ غلاميءَ کان آجا ٿي ويندا.

سر چارلس اھڙين ڳالھين تي سوچي ويچاري مير شير محمد جي حڪومت جو تعين ڪري ورتو ھو. پر ھن غلط نقطئھ نظر کي مڃڻ کان انڪار ڪيو ھو تھ، ھو ھندستان جي حڪمرانن جي غير سنجيده ڳالھين کي قبول ڪونھ ڪندو. سندس خيال ھو تھ ھتي وڏن ۽ اھم اصولن کي آڏو رکي نھ پر عجيب غريب ۽ مخصوي قسم جي اصولن تحت ھلائي سگھجي ٿو. جن جو تعلق عام رواجي ماڻھوءَ جي مزاج ۽ فطرت سان ھوندو. ھن ايسٽ انڊيا ڪمپني جيءَ طريقھ ڪار کي ننديندي ۽ لارڊ بئڪن Bacon جي شعر مطابق کيس ”انتھائي رذيل ۽ انسان ذات ۾ مھان“ سڏيو ھو. بعد ۾ ھن پنھنجي حڪمت عمليءَ جي ھن ريت ڇنڊ ڇاڻ ڪئي ھئي. ڪن گورنرس جنرل، فوجي ڪمانڊرن ۽ فوج جي ڏاھپ بي مثال آھي. لارڊ ويلزلي Wellesleiy اھڙيءَ ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس کي مقرر ڪيو آھي، جيڪي مشرق جا انھتائي ظالم ماڻھو ۽ رذيل ۽ ذليل آھن. انھيءَ لاءِ نھ تھ اھي ڊائريڪٽرس ٻين شريف ماڻھن جي ڀيٽ ۾ گھٽ عزت وارا آھن. پر سندن حيثيت غير حقيقي آھي. وايو منڊل مان لڳي ٿو تھ اھي وڻجارا آھن جيڪي پنھنجي ملڪ کان گھٽ پري ھڪ وسيع علائقي تي حڪمراني ڪري رھيا آھن ۽ پنھنجا شخصي مقصد حاصل ڪري رھيا آھن. ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس مان ھڪ بھ اھڙو ماڻھو ڪونھ آھي جيڪو قومپرست ھجي، فوج جي شان شوڪت جو لحاظ رکي ۽ وٽس حرص ۽ لالچ نھ ھجي. ھن سان گڏ اھو بھ ڏٺو ويو آھي تھ جڏھن بھ ڪو ڏاھو گورنر جنرل موڪليو ويندو آھي تھ ائين سدائين ڪونھ ٿيندو آھي جي وري ارادي سان ڏاھي ماڻھوءَ کي گورنر جنرل بڻائي روانو ڪيو ويندو آھي تھ ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس ھن کي نااھل تصور ڪندي آھي ۽ سمجھندي آھي تھ اھو ماڻھو اھڙن وسيع اختيارن ھئڻ لائق نھ آھي. اھا ھڪ فطري ڳالھھ بھ آھي. ھنن ماڻھن جا اعتراض بھ ھڪ جھڙا ڪونھ ھوندا آھن. ھنن ماڻھن جو تھ مقصد ھڪ سو ويھھ ملين ماڻھن جي بھتري ھئڻ کپي ھا ،جن ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس کي انھيءَ مذھبي فرض لاءِ مقرر ڪيو آھي. ھي ڊائريڪٽرس انھن ماڻھن جي پگھر ۽ پورھئي وسيلي دولت ڪمائي رھيا آھن. جن جي عزت ۽ احترام لاءِ سندن دلين ۾ ڪا جڳھھ ڪانھ آھي. جڏھن شھنشاھت جو تحفظ جنگ جي تقاضا ڪري ٿو تھ ھو اعتراض واري بيھي ٿا وڃن. ھي ماڻھو ڪنجوس آھن. ھنن وٽ ٿورو وقتا اختيار ھوندا آھن.  تنھن ڪري کين ڀئھ ھوندو آھي تھ متان کين چئن ڏوڪڙن جو نقصان پھچي. سندن اھڙن اڻوند احساسن ڪري اڻيھئي دانشمند گورنرس جنرل سان جھيڙو ھلندو رھندو آھي. اھي واپاري ماڻھو فتح ۽ پنھنجي تحفظ لاءِ جنگ ۾ موجود فرق کي سمجھي ڪونھ سگھندا آھن ۽ ٻنھي قسم جي جنگين کان ٺپ انڪار ڪري ڇڏيندا آھن. انھيءَ لاءِ تھ متان کين کين چئن پئسن جو نقصان رسي. تنھن ڪري ھن حقيقت کي تسليم ڪرڻ گھرجي تھ ھندستان اندر ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس ھيمشھ گورنرس جنرل کي ڌٻڻ ۾ ڦاسائڻ جا جتن ڪيا آھن. تجارتي روح جيستائين صالح جذبن کي ختم نھ ڪرڻ تيستائين سندس اندر کي آٿت ئي نصيب ڪونھ ٿيندو آھي. ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس پنھنجييءَ فوج کي ھميشھ ڪا ڦريل آھن. مان ڏٺو آھي. فوج جي بھادري قرباني ڪاري جذبي اندر تجارت موجود ڪانھ ھوندي آھي. ابتدائي دور ۾ گھڻن واپارين وسندي درياھ جي ڪناري  مان ۽ محدود ھوندي ھئي جيڪا ھاڻي بدلجي وسيع شھنشاھت جي صورت اختيار ڪري وئي آھي. اھو سڀ بھادر فوجين جي قربانين ڪري ٿيو آھي. پر ان ھوندي بھ جڏھن ڪنھن علائقي جي فتح ٿيندي آھي تھ اھا ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس انھن فوجين جي قائم ڪيل حڪومت تي اعتراض ڪندي آھي، جن جي بھادريءَ ۽ تلوار سان اھو علائقو فتح ٿيندو آھي. ڏٺو ائين ويو آھي تھ نئين علائقي جي فتح سان اتي غير فوجي انتظاميا قائم ڪئي وئي آھي. جيڪا اتان جي نيم وحشي ماڻھن جي فوج تي ضابطي رکڻ جي ڪوشش ڪندي آھي. پر ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس جو اھم مقصد رڳو تجارتي منافعو ھوندو آھي. جنھن جي حاصل ڪرڻ لاءِ فوجي پيش قدميءَ جي سرپرستي ڪندي آھي. معلوم ائين ٿي رھيو آھي تھ غير فوجي ڪامورا شاھيءَ جون پگھارون ۽ الائونس فوجي عملدارن کان گھڻا وڌيڪ ھوندا آھن. ان ڪري سيڙپ ڪرڻ وارن مالڪن جا نفعي وارا حصا گھٽجي بھ ويندا آھن. ڇاڪاڻ تھ ائين ٿيڻ سان ڊائريڪٽرس جي سرپرستي ڪرڻ وارا خرچ وڌي ويندا آھن. اھڙيءَ ريت جنگين خلاف وڏا اعتراض اٿاري ڏيتي ليتيءَ جي صحيح معاملن کي ڍڪڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آھي.

اھو ئي طريقو ھوندو آھي، جنھن وسيلي تجارت جو منفي دائرو مڪمل ٿيندو آھي. ان جو حل بھ عقل کان ٻاھر نظر ايندو آھي. جڏھن تھ ڊائريڪٽرس جو مشرق جي حڪمراني لاءِ جاري ٿيل ھدايتون وچٿريون ھونديون آھن، جيڪي فوجين جي شان شوڪت جي خلاف ھونديون آھن. جڏھن انگريز شھنشاھت جي وسعت فوج ۽ تلوار وسيلي ٿيندي رھندي آھي. ائين ڪرڻ سان عوامي بھتريءَ واري عمل کي ڪنھن قسم جو نقصان ڪونھ ٿيندو آھي. حقيقت اھا آھي تھ ھن تجارتي ماڻھن وٽ ٿوري وقت لاءِ اختيار ھوندا آھن جيڪي جنگ کان اعتراض انھيءَ ڪري ڪندا آھن تھ متان سندن مفادن کي ٿورو بھ نقصان پھچي، پر جڏھن فوجي سپاھي ڪو نئون علائقو فتح ڪندا آھن تھ اھي عارضي بي تاج بادشاھھ، پنھنجي شخصي منافعي جي ڪاٿي ڪرڻ لاءِ گڏ ٿي ويندا آھن. اھي ھڪدم جنگي مھم جي نندا ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا آھن. ڇاڪاڻ تھ لفظن ۾ انسانذات جو خير خواھھ ٿيڻ تھ ڏاڍو سولو ڪم ھوندو آھي. ھن قسم جي موضوع تي ڏاڍي سولائيءَ سان بحث ڪري سگھندا آھن. ڇاڪاڻ تھ انھن جو مقصد نئين مفتوح علائقي تي فوجي حڪومت بدران غير فوجي سول انتظاميا رکڻ ھوندو آھي. اھو ئي طريقو ھوندو آھي جنھن وسيلي پنھنجي خانداني مفادن جو تحفظ ڪري سگھندا آھن.

اھڙيون سڀ ڳالھيون ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي مفادن جي خلاف آھن. ڇاڪاڻ تھ اھي غير فوجي سرڪاري ڪامورا عياشيءَ سان لاڳاپاپيل مخصوص قسم جي طبقي سان واسطو رکن ٿا، جن کي اھم اصولن جي تھ ڪا خبر ئي ڪانھ آھي ۽ تجارتي اصولن کي سمجھڻ کان بھ پري آھن. تنھن ڪري يقين سان چئي سگھجي ٿو تھ اھي نون پيداواري ذريعن کي زيان ڪري رھيا آھن.  تجربيڪار وڏا عملدار پنھنجن اھم عھدن تي فائز آھن جن کي وڏو فائدو پھچي رھيو آھي. اھي پنھنجي مذھبي فرضن جي چڱيءَ ريت ڄاڻ رکن ٿا. جيڪي نون ذميوارين کان لنوائي رھيا آھن. شايد اھي ماڳن ڏانھن وڃڻ پسند ڪونھ ڪندا آھن. ڇاڪاڻ تھ اتان جا ماڻھو ھنن لاءِ اوپرا آھن جن جي ٻولي ھنن جي سمجھھ کان ٻاھر آھي. ھنن جون ريتون رسمون بھ ھنن لاءِ نيون ۽ نراليون آھن. تنھن ڪري اقربا پروري ھلي رھي آھي ان جو نتيجو اھو نڪتو آھي، جو نااھل ۽ نوجوان ماڻھو ڊائريڪٽر  منموجي خرچ تي پري وارن علائقن ڏانھن موڪليا پيا وڃن. اھي ماڻھو ٻين جي پئسي تي تجربو حاصل ڪري رھيا آھن ۽ دولت بھ گڏ ڪري رھيا آھن. اھو ئي ڪارڻ آھي جو نون مفتوح علائقن ۾ ڇڙواڳي ڪاھي پئي آھي ۽ جاڏي ڪاڏي بدنظميءَ جو راڄ آھي. ھنن ماڻھن کي اھا خبر بھ ڪانھ آھي تھ مھذب ملڪ جو انتظام ڪيئنءَ ھلائجي تھ پوءِ اھڙا ماڻھو ان نئين مفتوح ملڪ کي ڪيئن ھلائي سگھندا، جيڪو بدنظميءَ جو شڪار ھوندو آھي. انھيءَ قسم جي ملڪ ۾ انتظام جي ھر شاخ کي نئين سر تخليق ڪرڻو پوندو آھي ۽ جھڙي تھڙي انتظام رکڻ جي ضرورت محسوس ڪئي ويندي آھي. جھڙا ماڻھو ھوندا آھن انتظام بھ تھڙو رکيو ويندو آھي يعني جھڙا روح تھڙا ختما. ھتي بنا ڪنھن سوچ سمجھھ ۽ ڄاڻ جي ٽياڪڙي ڪئي ويندي آھي. پر پئسن ڏوڪڙن جي معاملي ۾ ٿوري بھ غلطي قتل ڪرڻ جھڙو ڏوھھ ھوندو آھي. ھتي ڪنجوسي ڪرڻ ناداني ۽ وت کان وڌيڪ خرچ ڪرڻ چريائي ھوندو آھي. ھندستان جون حالتون اجھو ائين آھن ۽ آنريل مسٽر شور Shore بھ اھڙين حالتن جي تصديق ڪئي آھي. ھي ڏاڍو داناءُ ماڻھو ۽ پنھنجي مضمون ۾ وڏي مھارت رکي ٿو، جيڪو سچو ۽ دل جو کليل انسان آھي. ھن جو لکيل ڪتاب 1937ع ۾ ڇاپيو ويو آھي. سندس شخصيت متضاد ڪانھ رھي آھي. ھن ماڻھوءَ جي نظرين ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس کي گھڻو متاثر ڪري ڇڏيو آھي. جنھن جو زور شرافت ۽ انصاف ڪرڻ تي آھي. ھن جو نقطھ نظر آھي تھ ھنن جا قائم ڪيل عوامي ادارا اھڙا ھئڻ گھرجن، جو ماڻھو انھن جي اخلاقيات جي تعريف ڪن. ان کانسواءِ ھن نقطئھ نظر جو بھ حامي آھي تھ ڊائريڪٽرس جي منافعي واري حصي ۾ گھٽتائي نھ اچڻ گھرجي. سر چارلس نيپئر بھ مسٽر شور جي اصولن جو حامي آھي. ڇاڪاڻ تھ سندس نظريا ھن جي مشاھدن سان ھڪجھڙائي رکي رھيا ھئا. اھو بھ چيو ويندو آھي تھ ھو اصولي طور غير فوجي سرڪاري ملازمن جو دشمن ھو، جن مان گھڻن پنھنجي عملن جا ڪيتا بھ لوڙيا ھئا.  پر سر چارلس فقط طريقئھ ڪار کي ننديو آھي جنھن مطابق سٺن ماڻھن کي غلط انتظام قائم ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو ويندو آھي. ان طريقئھ ڪار جو رکيل بنياد ئي غلط اصولن تي ھوندو آھي. شخصي طور تي سندس خيال آھي تھ سول سروس جا عملدار بھ ٻين سرڪاري ادارن جي عملدارن جيان نھ ھجن، جن ۾ سٺا ۽ خراب، ھوشيار ۽ موڳا عملدار ھوندا آھن. ھيءُ ھميشھ سٺن ماڻھن سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي خوش ٿيندو آھي. جن جا خيال عزت ۽ احترام جوڳا ھوندا آھن. ان کان سواءِ ھن اخبارن جي چوڻ تي پنھنجي انساني تجربي کي نھ موڙيو ۽ نھ ٽوڙيو آھي. ھيءُ جنرل انھن تنگ دل ماڻھن سان بھ اختلاف راءِ رکندو آھي جن جو خيال آھي تھ مشرق ۾ گھڻي رھڻ کان پوءِ بھ ھندستان سرڪار جي وسعتن کي سمجھي ڪونھ سگھبو آھي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org