سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي انتظامي تاريخ

باب:

صفحو: 3

تنھن ڪري ھن قسم جو انتظام پوليٽيڪل ايجنسيءَ جي نقطئھ نظر جي خلاف آھي. جنھن افغان جنگ دوران عام ماڻھن تي مشتمل پنھنجي فوج موڪلي ڇڏي ھئي. جنھن جا نتيجا ڏاڍا اگرا نڪتا ھئا. پر ھن معاملي ۾ سر چارلس نيپئر منفرد خيالن جو مالڪ آھي. سندس ويچار آھي تھ عام ماڻھن تي مشتمل لشڪر ۽ سرڪاري فوج بھ سرڪار جي ڀلي مدد ڪري پر انھن جو جوڙجڪ ڌار ڌار ھئڻ گھرجي. سندس چوڻ آھي تھ فوج کي انھن ماڻھن يا ملڪ خلاف جنگ ڪرڻ گھرجي جن لاءِ سرڪار دشمن ھجڻ جو اعلان ڪيو آھي. پر ان کي ڪنھن مجرم کي سزا ڏيڻ جي غرض سان ڪڏھن بھ استعمال ڪرڻ نھ گھرجي. ھن فوج کي پنھنجي تصور ۽ حقيقي روپ ۾ سڃاڻن کپي تھ اھي انگلينڊ جو شان ۽ شوڪت آھن جيڪو پنھنجي اولاد تي فخر ڪندو آھي. تنھن ڪري اھڙي عظيم فوج کي تيستائين ملڪ جي سول انتظاميھ جي حوالي نھ ڪجي، جيستائين اھو نھ سمجھجي تھ اھا سول انتظاميا ڪمزور ٿي وئي آھي ۽ ملڪي نظام کي چڱيءَ ريت سنڀالي ڪانھ ٿي سگھي. ملڪي انتظام جو طريقھ ڪار اھڙو ھوندو آھي، جو فوج کي عام قسم جي مجرمن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪتب آندو ويندو آھي، ڄڻ اھا فوج نھ پر ملڪ جي پوليس آھي. جيڪڏھن فوج کي انھيءَ نموني سان ڪتب آڻبو تھ سندس شان ۽ شوڪت مجروح ٿي ويندو ۽ سندس بلند حوصلا ختم ٿي ويندا. ان کان سواءِ فوج کي ملڪ جي سول انتظاميھ ۾ پڻ ڪتب آندو ويندو آھي. اھڙيءَ ريت فوج کي پنھنجي اصلي روپ ۾ بھ آڻي سگھبو آھي. ايئن ڪرڻ سان نظرداري ڪرڻ واريون سندس سرگرميون گھٽجي وينديون آھن ۽ سندس استقلال واري خوبيءَ ۾ پڻ فرق اچي ويندو آھي. اھڙيون خاصيتون ۽ خوبيون سول اختيارن ۾ موجود ھونديون آھن. اھڙيءَ صورتحال کي نظر ۾ رکي ھن سنڌ ۾ ڪن ڳالھين جو اضافو ڪيو آھي جيڪي نھايت اھم آھن. ھڪ تھ ھن پنھنجي فوجي سپاھين کي سختيءَ سان منع ڪري ڇڏي آھي تھ ھو عام ماڻھن سان دوستي نھ رکن، جنھن جو نتيجو اھو نڪرندو جو ھنن فتح بعد جيڪو عزت ۽ شان حاصل ڪيو آھي ان ۾ گھٽتائي نھ اچي وڃي. دنيا جي ٻين ملڪن ۾ بھ فوج الڳ رھي پنھنجي مان ۽ شان کي برقرار رکندي آھي. جتي ھن پنھنجي زندگيءَ جو وڏو حصو جنگي سرگرمين ۾ گذاريو ھوندو آھي. اھي فوجي ھڪ دوست ۽ دشمن جي حيثيت ۾ ڏاڍا سنجيده ھوندا آھن ۽ سرڪار جي ڪابھ حڪمت عملي اھڙين ڳالھين کي متاثر ڪري ڪانھ سگھندي آھي.

اھڙين ڳالھين کي نظر ۾ رکي سر چارلس پوليس جو کاتو کوليو آھي. جنھن ۾ وڏو تعداد سنڌين جو ڀرتي ڪيو ويو آھي. ميرن جي پوليس ۾ بھ اھڙا ماڻھو ڀرتي ڪيا ويا ھئا، پر ھي ماڻھو شخصي ۽ خانداني طور ٽالپرن جا ڏاڍا ظلم ۽ قھر سٺا ۽ ڏٺا آھن. تنھن ڪري ھي ماڻھو ھنن کان ڏاڍي نفرت ڪندا آھن. انگريز فتح کان پوءِ توڙي جو ھي آزاد ٿي چڪا آھن، پر ان ھوندي بھ سندن اندر مان نفرت نڪري ڪانھ سگھي آھي. پھريائين ھي ماڻھو ڏاڍا ڊڄڻا ھئا. اھا ڪا نئين ڳالھھ بھ ڪانھ ھئي. ڇاڪاڻ تھ اھو ڊگھي عرصي جي ظلمن جو لازمي نتيجو آھي. منظم طريقي سان رھي ڪونھ سگھندا ھئا. جڏھن سرڪاري جاچ پڙتال ٿيندي ھئي تھ نوڪري ڇڏي ھليا ويندا ھئا. ان کان پوءِ پٺاڻن ۽ راجپوتن کي ڀرتي ڪري ھنن سان شامل ڪيو ويو. ان کانسواءِ ھيٺين طبقي جي ٻروچ سردارن کي بھ ھن پوليس ۾ ڀرتي ڪيو ويو، جن مياڻيءَ جي جنگ ۾ بھ حصو ورتو ھو. کين خوبصورت پوليس واريون ورديون ڏنيون ويون ھيون ۽ منجھن فوج جھڙي تنظيم پيدا ڪئي وئي ھئي. مٿن اعليٰ آفيسر بھ فوجي مقرر ڪيو ويا ھئا. اھڙي ھمت افزائي کان پوءِ اھي ساڳيا سنڌي ڏاڍا بھادر ثابت ٿيا. بعد ۾ تھ اڪيلي سر بھ اچرج جھڙا ڪارناما سرانجام ڪري ڏيکاريا ھئائون. ڪڏھن فوج سان گڏجي بھ ڏاڍا خطرناڪ ڪم ڪري ڏيکاريا ھئائون.

ھوريان ھوريان سندن تعداد ۾ اضافو ڪيو ويو، نيٺ سندن تعداد وڃي اڍائي ھزارن کي پھتو. ھن پوليس کي ٽن حصن ۾ ورھايو ويو ھو جن مان ھڪ کي شھرن ۾ رکيو ويو، ٻين کي ٻھراڙيءَ ۾ مقرر ڪيو ويو ۽ ٽئين حصي کي وري گھوڙي سوار بڻايو ويو آھي. شھري پوليس فقط وڏن شھرن ۾ پنھنجو منصبي فرض ادا ڪندي ھئي. باقي ٻن ٻين حصن کي الڳ قسم جي وردي ڏني وئي ھئي ۽ سندن ھٿيار بھ جدا ھئا. ھن پوليس کي ميداني علائقن جي بچاءَ لاءِ مقرر ڪيو ويو آھي، جيڪي نھ رڳو عام مجرم ماڻھن خلاف ڪارروائي ڪندا ھئا پر سنڌوءَ جي الھندي ڪناري جيڪي ٻروچ قبيلا ڌاڙا ھڻندا ۽ ڦريون ڪندا ھئا، تن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جو کين حڪم ڪيو ويو ھو. جڏھن فوج باغين خلاف سخت ڪارروائي لاءِ پيش قدمي ڪندي ھئي تھ ھن سنڌي پوليس  کي پڻ سڏ ڪيو ويندو ھو. سرڪاري ڊاڪ، خزاني جو پھرو ڏيندي ھئي. مجرمن کي گرفتاري کان ھنن جي پھري ۾ مقرر جڳھن تي پھچايو ويندو ھو. فوجي چوڪين تي بھ ھيءَ پوليس پھرو ڏيندي ھئي. سزائن ڏيڻ جو ڪم بھ ھنن حوالي ھوندو ھو. جنگين جي زماني ۾ ھي پوليس بھترين رھنمائي ڪندي ھئي. جڏھن حالتن مطابق سرڪار کي فوج ۽ پوليس جي گڏيل ڪارروائي جي صورت پوندي ھئي تھ ھيءَ سنڌي پوليس پنھنجو منصبي فرض ڏاڍيءَ ايمانداري سان سرانجام ڪندي ھئي. تنھن ڪري کين فوج جھڙي عزت آبرو سان نوازيو ويندو ھو. ھيءَ پوليس فوج کان سواءِ اڪيلي سر بھ ڏاڍي بھادريءَ سان منصبي فرض ادا ڪندي آھي. تنھن ڪري سرڪار جو مٿس تمام گھڻو اعتماد آھي. جابلو علائقن ۾ بلوچ قبيلن سان جنگيون ڏاڍيون خطرناڪ آھن ۽ انھن ۾ حصو وٺندڙ پوليس کي وڏيءَ عزت ۽ احترام سان ڏٺو ويندو آھي. جيڪا انھن جنگين ۾ ڀاڱي ڀائيوار ھوندي آھي.

سنڌين تي مشمل شھري پوليس شھرن ۾ رھندڙ بدمعاشن ۽ ڏنگن ماڻھن جي گندين ڳالھين جو ڪوبھ اثر ڪونھ ٿيو ھو. سندن ڪردار ڏاڍو صاف ۽ سٺو ھو. اھڙي ٻھراڙي جي پوليس وري ٻھراڙين ۾ مقرر ھئي جنھن پوليس واري اصلي روح ۽ تنظيم کي سمجھي ورتو ھو. ضرورت وقت سرڪار بھ ساڻن وڏي مدد ڪندي ھئي. پر ابتدائي دور ۾ غير منظم ۽ ڏاڍا غير ذميوار ھوندا ھئا. ھنن جو منصبي فرض بھ ڏاڍو ڏکيو ھوندو ھو. ھنن بلوچن سان سر ترين تي رکي مقابلا ڪيا جيڪي سنڌي ڳوٺن کي ڦري لٽي ڀينگ ڪري ڇڏيو ھو. اھي ماڻھو ٿورو وقت اڳ سندن مالڪ ھئا. ھي جيڪڏھن ھٺيلا ۽ ھوڏي نھ ھجن ھا تھ کين بلوچ ماري تباھھ ڪري ڇڏي ھا، جيڪي انگريزن کان شڪست کائڻ ڪري چڙيا ويٺا ھئا. ان جو نتيجو اھو نڪري ھا تھ اھي ڳجھھ ڳوھھ بلوچن سان ملي ھڪ ٿي وڃن ھا. ھن خوف جي نتيجي ڪري سر چارلس خبردار ٿي ويو آھي ۽ اھڙين ڳالھين جي جاچ پڙتال ڪري رھيو ھو. اھو سلسلو ان وقت تائين جيستائين ٻنھي ڌرين ۾ تلوارين اڀيون نھ ٿي ويون ھيون. بلوچن بھادري سان منھن ڏنو پر سنڌي پوليس بھ سر ترين تي رکي واچوڙا ٿي وڙھي ھئي. ميدان تي ٻنھي ڌرين جي لاشن جا ڍير ٿي ويا ھئا. ان کانپوءِ جنرل چارلس کي محسوس ٿيو تھ ٻنھي ڌرين ۾ وڏي رتو ڇاڻ ٿي آھي، تنھن ڪري ھنن ٻنھي ڌرين جو کنڊ کير ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آھي. ان کانپوءِ ھن سنڌي پوليس کي اڳئين کان وڌيڪ منظم ڪيو آھي. جڏھن سرڪار جي مدد لاءِ پوليس کي منظم ۽ فوج کي وڌيڪ طاقتور بڻايو تھ پوءِ ھن سول انتظاميا جو جوڙجڪ ڪرڻ شروع ڪيو، جيڪو ھن ريت ھو.

ان کان جلدي پوءِ ھن سول معاملن کي وقت سر اڪلائڻ لاءِ ڪئپٽن برائون کي ڪمشنر مقرر ڪيو جيڪو سندس ماتحت طور ڪم ڪرڻ لڳو ھو. ھي ماڻھو سنڌ ۾ گھڻو رھيو ھو تنھن ڪري ھن ملڪ کان گھڻو واقف ھو. ابتدا ۾ ئي محصول ۽ ڪسٽم جا معاملا ڏانھس موڪليا ويا ھئا. انھيءَ لاءِ تھ جيئن جو جاچ پڙتال ڪري رپورٽ گورنر سر چارلس ڏانھن موڪلي. ٿوري وقت کان پوءِ کيس سنڌ سرڪار جو سيڪريٽري بڻايو ويو آھي، پر سندس منصبي فرض ساڳيو آھي.

سنڌ کي مکيھ ٽن ضلعن جھڙوڪ ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر (شڪارپور) ۾ ورھايو ويو آھي. ان کانسواءِ ڪسٽم جو ھڪ جدا ضلعو ٺاھيو ويو آھي. ڪراچيءَ ضلعي ۾ سيوھڻ تائين سنڌوءَ جي ساڄي پاسي وارو علائقو شامل ڪيو ويو آھي جيڪو سمنڊ جي ڪناري تائين پھچي ٿو. حيدرآباد ضلعو مير علي مراد جي حڪمرانيءَ جي سرحد کان وٺي درياءَ جو کاٻو پاسو وٺي، وڃي سمنڊ تائين دنگ ڪري ٿو. جنھن جي اوڀر پاسي ڪڇ جو علائق آھي. ھن ضلعي جي اوڀر پاسي ٿر وارو رڻ پٽ علائقو آھي. ھن ضلعي جي اوڀر پاسي ٿر وارو رڻ پٽ علائقو بھ موجود آھي. جڏھن تھ سکر ضلعو سنڌوءَ جو ساڄو ڪنارو وٺي سيوھڻ تائين اچي کٽي وڃي ٿو. ھر ضلعي جي صدر مقام تي چيف ڪليڪٽر مقرر ڪيو ويو آھي جنھن جي ماتحت ٽي سب ڪليڪٽر آھن. ھي صدر مقام اھڙين جڳھن تي آھن جتي ويھي ضلعي جي چڱيءَ ريت نظرداري ڪي سگھجي ٿي. ان سان گڏ ضلعي اندر موجود علائقن سان ترت رابطو بھ ممڪن آھي. ساڳيءَ ريت ھر سب ڪليڪٽر جي ھيٺان ماتحت عملو بھ مقرر ڪيو ويو آھي.

اھڙيءَ ريت ھر مھيني پابنديءَ سان ضلعي جو ڪليڪٽر سول معاملن جو ڪمشنر ڏانھن آمدني ۽ خرچ جو وچور موڪليندو رھندو آھي. جيڪو ضروري جاچ پڙتال کانپوءِ، منظوريءَ لاءِ گورنر ڏانھن موڪليندو آھي. ڇاڪاڻ تھ ڪوبھ خرچ گورنر جي منظوري کان سواءِ ڪري ڪونھ سگھبو آھي.

ھر مھيني جي پڇاڙيءَ ۾ اھڙي معلومات گورنر جنرل ڏانھن رواني ڪئي ويندي آھي. جنھن ۾ آمدني ۽ خرچ جو ڪل جوڙ ٿيل ھوندو آھي. ان ۾ بقايا، مزدوريءَ تي ڪيل سراسري ادائگي، پنجن ڄڻن جي کاڌ خوراڪ جو خرچ بھ ٻڌايو ويندو آھي. جيڪڏھن ھڪ مھيني کان ٻئي مھيني تائين خرچ پکي ۾ ڪا ڦير گھير ڪئي ويندي آھي تھ ان جي ڪارڻ جي سمجھاڻي بيان ڪئي ويندي آھي. ھن معلومات سان گڏ اھڙو ميمورينڊم بھ شامل ڪيو ويندو آھي تھ علائقي جي ڪيتري ھم چورس ايراضي آباديءَ ھيٺ آندي وئي آھي ۽ آبپاشي جو نظام قائم ڪيو ويو آھي. ڪيتري ڊگھائيءَ ۾ رستن جي تعمير ٿي آھي، ڪيترين سرڪاري عمارتن جي تعمير شروع ڪئي وئي آھي ۽ ڪيترين جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آھي ۽ سنڌوءَ جي پاڻيءَ ڪيترو چاڙھھ ڪيو آھي.

ضلعي جي ھر صدر مقام کي پوليس جي مدد حاصل آھي جنھن جو ضلعي ڪمانڊر يورپي آھي. ان کان سواءِ حفاظت واسطي ريگيولر فوج جا مضبوط رستا بھ موجود ھوندا آھن جيڪي دشمن خلاف ھو ڪارروائي ڪرڻ لاءِ ھر وقت تيار ھوندا آھن. فوج اھڙيون ڪارروايون پوليس سان گڏجي ڪندي آھي. اريگيولر فوج باغين خلاف ڪم آڻي ڪانھ ٿي سگھجي. انھن کي فقط جنگ دوران ڪتب آڻي سگھجي ٿو.

سنڌ جو صدر مقام پھريائين حيدرآباد کي مقرر ڪيو ويو ھو، جتي پوليس جو ھڪ يورپي ڪئپٽن مقرر ڪيو ويو ھو ۽ ضلعي جي ھر صدر مقام تي ھڪ يورپي ليفٽيننٽ مقرر ڪيو ويو آھي. ضلعن جا سڀئي ليفٽيننٽ حيدرآباد جي پوليس ڪئپٽن جا ماتحت آھن جيڪي پوليس انتظاميا ۾ پگھارن لاءِ ذميوار ھوندا آھن. اھڙيءَ ريت پوليس جو نظام فوجي نظام وانگر سخت آھي.

پوليس ۽ اريگيولر گھوڙي سوار دستن جا ماڻھو انھن سرڪاري ملازمن سان گڏجي منصبي فرض جي ادائگي کان نفرت ڪندا آھن جن جو تعلقي ھيٺيئن درجي سان ھوندو آھي. تنھن ڪري انھن کي ضلعي جي صدر مقامن جي وچ تي رکيو ويو آھي. ھن پوليس ۽ اريگيولر گھوڙيسوارن جا دستا حفاظت لاءِ ضلعي جي صدر مقام جي اوسي پاسي بھ رکيا ويا آھن. ھن پوليس کي سندن فرض جي ادائگي لاءِ ننڍن جٿن جي صورت ۾ موڪليو ويندو آھي. جڏھن تھ ريگولر ھڪ وڏي تعداد جي شڪل ۾ رھندي آھي.

ڏسڻ ۾ ائين ايندو تھ پليس، اريگيولر گھوڙي سوار رستا ۽ فوج انتظاميھ جي الڳ الڳ شعبن سان  واسطو رکن ٿا. پر عام نوعيت جي مقصد سان انھن سڀني کي گڏائي بھ ڪتب آڻي سگھبو آھي. اھي گڏيل مقصد کي حاصل ڪرڻ خاطري قرباني جي عظيم جذبن سان سرشار ھوندا آھن. جيتري قدر شھري پوليس ۽ غريب ماڻھن جي وچ ۾ رھندي آھي. جڏھن تھ ٻھراڙيءَ جي پوليس شھري پوليس ۽ اريگيولر گھوڙي سوار دستن جي وچ ۾ رھندي آھي. ھنن کي پنھنجو احترام ۽ عزت عام ماڻھن سان رلي ملي وڃڻ کان روڪيندو آھي. اھڙي پوليس انتظاميھ جا مٿيان ٽيئي حصا ريگيولر فوج حڪمن تحت ھلندا آھن. جيڪڏھن ريگيولر فوج کي پوليس جي منصبي فرض جي ادائگي لاءِ جٿن جي شڪل ۾ ڪيڏانھن موڪليو ويندو آھي تھ فوجي نظام ۾ ڪنھن بھ قسم جو رخنو ڪونھ پوندو آھي. جيڪڏھن مجرمن سان لھھ وچڙ ۾ ايندا بھ آھن تھ بھ اھي پنھنجي فوجي شان کي ھٿان وڃڻ ڪونھ ڇڏيندا آھن. ريگيولر فوج جو گڏجي ھڪ جاءِ تي رھڻ ٿيندو آھي. پر جڏھن غير مھذب ماڻھن دھشت پکڙيندا آھن تھ انھن خلاف ڪارروائي لاءِ کين جٿن جي صورت ۾ اڳتي موڪليو ويندو آھي. اھي وڳوڙي ڏڦوڙي ماڻھو کين جنگ دوران بھادري سان ادا ڪيل منصبي فرض ڪري گھڻو سڃاڻيندا آھن. پوليس عام ماڻھن سان رابطي ۾ ھوندي آھي. جيڪا پنھنجي منصبي فرض جي ادائگي ۾ ويھن ئي ننھن جا زور لائيندي آھي. پر جيڪڏھن امن امان رکڻ ۾ پاڻي سندس سر کان مٿي چڙھي ويندو آھي تھ اريگيولر فوج جا گھوڙيسوار واھر لاءِ پڙ تي پھچي ويندا آھن، پر جڏھن اھي بھ دشمن سان ٻھ پاڻي ڪرڻ ۾ اوڻا پوڻا ڏسبا آھن، تھ ريگيولر فوج اچي سندن ساٿي ٿيندي آھي. جنھن جنگ ۾ دشمن خلاف واھڙ وھائي پنھنجي بھادريءَ جي ڳالھھ بيھاري.

طاقت جي ھن اضافي سان گڏ سر چارلس ھڪ ٻيءَ اھم ڳالھھ بھ شامل ڪئي آھي، ان ڳالھھ جي ضرورت بھ ھئي ائين ڪرڻ لاءِ ميدان بھ خالي ھو ۽ ڳالھھ بھ بلڪل نئين ھئي يعني ھن سماجي سڌارن جي منصوبن جي ابتدا ئي ڪئي ھئي. معياريءَ سنڌ جي زمين کي مختلف علائقن ۽ طبقن ۾ ورھايو ويو ھو. زمين جي مخصوص تڪ لاءِ ڪاردارات سڏيو ويو جنھن جي انتظام ھلائڻ لاءِ ھڪ عملدار مقرر ڪيو ويو، جنھن کي ڪاردار سڏيو ويندو آھي. جيڪو وري ھڪ ٻئي عملدار جي ھيٺان ڪم ڪندو آھي جنھن کي قاضي چيو ويندو آھي. ھنن کي ننڍن معاملن کي اڪلائڻ جو اختيار ڏنو ويو آھي. ھي عملدار ڪنھن ڏوھي تي چار ڏوڪڙ ڏنڊ رکي سگھندا آھن. جيڪڏھن مناسب سمجھندا آھن تھ ڪن مجرمن کي ٻھ چار ڏينھن ڪاٺ ۾ رکي سگھندا آھن پر عملي طور اھي ڪنھن کي آزاد ڪري ڇڏيندا آھن، ڪن کي ڦاسيءَ جي سزا بھ ڏيندا آھن ۽ سزا ڏيڻ لاءِ کانئن مشورو ورتو ويندو ھو. پر عام طور تي اھي حڪمران ڪاردار جي لکيل شاھدين کي ڏسي فيصلو ڪندا ھئا. ھن ڪم کان سواءِ ڪاردار ميرن جي محصول ۽ ڪسٽم جي وصوليءَ تي بھ نظر رکندا ھئا ھر ڇھھ ماھي تي حيدرآباد پھچي حساب ڪتاب جي جاچ پڙتال ڪرائيندا ھئا. ڪن علائقن ۾ اھي عملدار پنھنجي مرضيءَ سان ڍل، محصول ۽ ڪسٽم جي اوڳاڙيءَ ڪندا ھئا. ھي ڏاڍا ظالم ماڻھو ھئا ۽ رعيت تي ڏاڍو ظلم ڪندا ھئا. مٿن ڏنڊ رکندا ۽ سخت ماريندا ڪٽيندا ھئا، اھڙيءَ ريت پنھنجا کيسا ڀريندا ھئا. اھڙيءَ ريت ھر ھڪ ڪاردار ساليانو پندرھن ھزار پائونڊ ڏنڊ طور وصول ڪيو ويندو ھو.

ھنن ماڻھن جو عوام ۾ ڏاڍو اثر رسوخ ھوندو ھو. پر اھي ھوندا بلوچ سردارن جا غلام ھئا جن کان ڏاڍو ڊڄندا ھئا. ڇاڪاڻ تھ سندن ڳوٺ ھنن سردارن ۽ جاگيردارن جي زمينن ۾ ھوندا ھئا. ھي سردار ۽ جاگيردار ڪاردارن کي تھ ڪري ڪجھھ بھ نھ سگھندا ھئا، پر انھن جي ماتحت عملي کي ڏاڍو ستائيندا ۽ پريشان ڪندا ھئا. ليڪن ٻين غلامن جيان ھي ڪاردار بھ ڏاڍا چالاڪ ٺڳ ۽ پئسي ڏوڪڙ جا پياسا ھوندا ھئا. ان ھوندي بھ سر چارلس پنھنجي ھنن اصولن جو سختيءَ سان حامي ھوندو تھ ڪنھن جي سماجي تعلقاتن کي ڊانوانڊول نھ ڪجي. تنھن ڪري ھن ڪاردارن کي برقرار رکيو آھي. ڇاڪاڻ تھ اھي انتظامي رابطي جو ڪم ڏيندا ھئا ۽ عام ماڻھو بھ ھنن جي ڪاروھنوار کان چڱيءَ ريت واقف ھئا. سر چارلس ھنن ڪاردارن جي پگھارن ۾ انھيءَ مقصد سان اضافو ڪيو تھ جينءَ ھو غير واجبي محصول مڙھي عوام کي نھ آزارن. ھن ٻيو ڪم اھو ڪيو تھ کين ضلعي انتظاميھ جو حصو بڻائي ڇڏيو ھو. اھڙيءَ ريت کين چتاءُ ڏنو ويو ھو تھ اھي انگريز سرڪار جو حصو ۽ انھيءَ ڏانھن ذميوار آھن ۽ سندن ملازمت جو تسلسل انگريز سرڪار سان وفاداري ۽ منصبي فرض جي ايماندارانھ ادائگيءَ سان واڳيل آھي.

ڳوٺاڻن جي جائز شڪايتن تي ڪاردارن کي ملازمت مان ڪڍيو ويندو آھي ۽ ڪيل ڏوھھ مطابق کين سزا بھ ڏني ويندي آھي. تنھن ڪري ھنن ڪاردارن جو مفاد عام ماڻھوءَ جي ڀلائي سان واڳيل آھي. انھيءَ کان سواءِ ضلعي جا اعليٰ عملدار بھ ھنن جي ھلت چلت تي نظر رکندا ايندا آھن. معلوم اھو بھ ٿي رھيو آھي تھ اھي ڪاردار دل ۽ روح سان پنھنجي منصبي فرض کي سرانجام ڪري رھيا آھن. جنھن جي بدلي انھن کي وڏيون پگھارون ملي رھيون آھن. ھاڻي ھنن ماڻھن کي غلام سمجھي کين پليد ڪونھ تصور ڪيو ويندو آھي، نھ وري کانئن ڪراھت ڪئي ويندي آھي. ھاڻي ھتي ڪو ٽالپر موجود ڪونھ آھي، جيڪو ھنن کي ڪاردار جي عھدي تي فائز ڪري ۽ ان سان گڏ کانئن نفرت ڪري.

اھڙي ريت Circumspection ڪا نئين ڳالھھ ڪانھ ھئي. گھڻا ڪاردار اھو سمجھندا ھئا تھ گورنر جا ٺاھيل قاعدا قانون مشرق جي قائدن قانونن وانگي آھن جن کي اورانگھي سگھجي ٿو. تنھن ڪري ھو ڏاڍا ظلم ڪندا ھئا. قاعدن جي اھڙيءَ ڀڃڪڙيءَ ڪري انھن کي سزا ڏيڻ ۾ دير ڪانھ ڪئي ويندي آھي، پر اھڙين غير ذميوارين کي نظر ۾ رکي ڪليڪٽر جي ماتحت عملدارن پنھنجا مددگار مقرر ڪري ڇڏيا آھن. اھڙيءَ ريت انھن عملدارن کي سرڪار عدالتي اختيار بھ سونپيا آھن، جيڪي پري آھن ۽ وسيع علائقي جي انتظام رکڻ جا ذميوار آھن. انھيءَ مقصد سان تھ جيئن ڪاردارن جي ڪارڪردگي تي نظر رکي سگھجي. ساڳي ريت عام ماڻھو جي ھمت افزائي ٿي رھي آھي. جنھن ڪري جاگيرداري نظام کي سخت ڌڪ لڳو آھي. سر چارلس جي بھ خواھش اھا ھئي تھ جاگيرداري وارو مڪروه نظام انگريز سرڪاري جي ظاھري مخالفت کان سواءِ پاڻمرادو ختم ٿي وڃي. ھاڻي اھڙو وايو منڊل ٿي ويو آھي، جو ڪاردار پنھنجي ملازمت کي برقرار رکڻ لاءِ ڪنھن بلوچ سردار جي سفارش ۽ مدد ڏانھن ڪونھ ٿو نھاري. ان کانسواءِ اھي ڏينھن گھڻو پري ڪونھ آھن، جڏھن ڳوٺاڻا پنھنجي ڳوٺن کي بلوچ سردارن جي ظلم ۽ ڏاڍ  کان بچائي سگھندا. سرڪار جڏھن ڏسندي آھي تھ اھڙا معاملا صحيح بنيادن تي بيٺل آھن سرڪار ضرور مدد ڪندي ۽  امن امان اھڙن مسئلن کي حل ڪندي.

ھي ڳوٺاڻا تمام ڊگھي عرصي کان وٺي ٽالپر دور جي غلاميءَ ۾ رھندا آيا آھن، جيڪي انگريزن جي فتح کان پوءِ بھ ھنن جي ظلمن کان ڪنبي ۽ ڇرڪي رھيا آھن. کين فتح جي ابتدائي دور ۾ اھا جرئت ئي ڪانھ ٿيندي ھئي تھ اھڙي ڏاڍ خلاف ٻڙڪ بھ ٻولي سگھن. مناسب ائين سمجھيو ويو ھو تھ جيستائين ماڻھن ۾ خودي جو جذبو پيدا ٿئي تنھن کان اڳ قبائلي نظام کي لوڻ پاڻي ڪري ڇڏجي ۽ ھڪ باقاعده حڪومت جي موجودگيءَ جي اثر کي ماڻھن ۾ مقبول ڪرائجي. پر جيڪڏھن ان خلاف قبائلي سردار ھوندو تھ ڏاڍ ڏمر جي ھيسايل ۽ ھپاڻل ڳوٺاڻن جي ڏکن سورن جو ازادو ڪري سگھندو. حڪومت جي نئين نموني بابت کين ساڃھھ ڏيندو ۽ سندن حقن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ کين فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ لاءِ آماده ڪندو. ائين ٿيڻ سان ھنن ڳوٺاڻن جا جائز مطالبا پورا ٿي سگھندا. ٽالپر دور ۾ ھر شيءِ ڏنڊي جي زور تي ڪرائي ويندي ھئي ۽ ميرن جا ماڻھو سرڪاري حق کان وڌيڪ ڍل محصول وصول ڪندا ۽ کين ڪير بھ چوڻ وارو ڪونھ ھوندو ھو. قبائلي نظام جي برقرار رھڻ سان ويچارو ڳوٺاڻو گھڻن دشمنن کان بچي پوندو. سنڌ ۾ اھڙين ڳالھين جو وڏو آزار آھي.

ڊيوڪ آف ويلنگٽن بھ اھڙين ڳالھين ڏانھن ڌيان ڇڪايو آھي. سندس نقطئھ نظر آھي تھ ھندستان جي انگريز شھنشاھت لاءِ سڀ کان وڏو خطرو نئين علائقي جي فتح آھي. ڇاڪاڻ تھ فتح کان پوءِ اڳيان ماڻھو نوڪرين مان ڪڍيا ويندا آھن. ان کان سواءِ پيٽ گذر جا ڪي ٻيا طريقا بھ ماڻھن کان کسيا ويندا آھن. اڳي جيڪي ماڻھو ڍل محصول جي اوڳاڙيءَ تي مقرر ھوندا ھئا يا فوجي ھوندا ھئا يا فوج جا سپھھ سالار ھوندا ھئا، تن سڀني کان روزگار کسيو ويندو آھي. اڳي تھ ڌاڙا ھڻي ڦرلٽ ڪري ساري ملڪ کي ئي ڀينگ ڪيو ويو ھو ۽ ڪير بھ انھن کان پڇڻ وارو ڪون ھو، انھن جي نڙيءَ تي بھ ننھن اچي ويندو آھي.“

سنڌ ۾ انھيءَ قسم جو خوف ۽ خطرو تمام گھڻو موجود آھي. ھتي فقط ميرن جي ڪامورا شاھي ماڻھن کي ڪانھ ڦريندي ھئي. پر بلوچن جي ساري نسل،سنڌ کي ڦري لٽي ڀيلي ڀينگ ڪري ڇڏيو ھو. پر ڪاردارن جي مقرري کان پوءِ بلوچن جون لٽ بند ٿي وئي آھي. ان کان پوليس جو کاتو بھ قائم ڪيو ويو آھي. جنھن جي خوف کان وڳوڙي ماڻھن انگريز سرڪار جي مخالت ڪانھ ٿا ڪن. ھن کان سواءِ ٻي اھم ڳالھھ ھيءَ ڪئي وئي آھي تھ وڏن گھراڻن جي بلوچ سردارن کي سندن جاگيرون موٽائي ڏنيون ويون آھن. تنھن ڪري اھي بھ انگريز سرڪار جا وفادار ۽ تابعدار ٿي ويا آھن. کين چيو ويو آھي تھ جيتري وقت تائين ھو انگريز سرڪار جا فرمانبردار رھندا تيستائين اھي جاگيرون کانئن  کسيون ڪونھ وينديون.

ضلعن جي قيام، ڪليڪٽرن ۽ ڪاردارن جي مقرريءَ کان پوءِ ڍل محصول جي اوڳاڙيءَ جا انگ اکر گھڻو وڌي ويا آھن. ابتدائي مھينن ۾ آمدني ٽن ھزارن پائونڊن کان مٿي ڪانھ ھئي، جيڪا جولاءِ کان مٿي چڙھي وڃي ڏھن ھزارن پائونڊن تي پھتي آھي. غلط طريقي واري وصوليءَ جو بھ پتو پئجي چڪو آھي. اھا ڳالھھ بھ معلوم ٿي چڪي آھي تھ ماڻھو جائز ڍل ڏيڻ کان ڪھڙي طريقي سان بچي ويندا ھئا. اھڙن ڪاردارن کي سزائون ڏنيون ويون آھن جيڪي ماڻھن لاءِ آزار بڻيل ھئا ۽ ڍل ۽ محصول جا ڪوڙا انگ اکر ڏيندا ھئا. اھو بھ ڏسڻ ۾ آيو آھي تھ ڍل ۽ محصول جي رقم، جنگ ۽ مصيبت دوران گھڻو وڌي وئي ھئي. جڏھن تھ اھا ٽالپر دور ۾ تمام ٿوري ھئي، تنھن ڪري سمجھيو ويو تھ ڍل ۽ محصول جي پيداوار تمام گھڻي آھي. اھو بھ يقين آھي تھ ان کي وڌندڙ آدمشماري ڪري اڃا بھ وڌائي سگھجي ٿو. قنڌار جا ماڻھو بھ وڏي تعداد ۾ شڪارپور ڏانھن اچي رھيا آھن. اھي ھن ماڻھوءَ جي ڇپر ڇانوءَ سمجھي ھيڏانھن اچي رھيا آھن. جنگ جي وڳوڙي وايو منڊل ۾ بھ ھنن کي ھتي امن ۽ آتشي نظر آئي آھي. ٻين پرامن علائقن کان ھنن کي جنگ واريءَ سنڌ ۾ وڌيڪ تحفظ ڏسڻ ۾ آيو آھي. سنڌي ٿوري گھڻي کاڌ خوراڪ تي راضي رھڻ وارا ماڻھو آھن. جيڪو کين سولائيءَ سان ملي ويندو آھي ۽ وڌيڪ ھٿ پير ڪونھ ھڻندا آھن. اڳي ٽالپر دور ۾ بنا معاوضي جي زوريءَ ڪم ڪرايو ويندو ھو. ان کان پوءِ اھو ٿيو جيڪو مستقبل ۾ نظر اچي رھيو ھو. کين نين ضرورتن جو احساس ٿي رھيو ھو ۽ ڌارين ماڻھن جو مثال سندن سامھون ھو. ھنن ڳالھين سان گڏ اھڙو محصول لاڳو ھو جيڪو اڳئين جي ڀيٽ ۾ گھڻو مناسب ھو. ان کان سواءِ سرڪار پورھئي جي ھمت افزائي ڪري رھي ھئي ۽ کين اتساھي رھي ھئي تھ سندن پيرن ھيٺان واري ڀلي زمين، ٿوريءَ محنت سان تمام گھڻي پيداوار ڏئي سگھي ٿي.

ابتدائي دور ۾ سنڌ جي نئين سرڪار تي ھن سمجائڻ لاءِ زور رکيو ويو ھو تھ سردار Chief جي خوبي ۽ خاصيت ڪھڙي آھي. اھو ظاھر نظر اچي رھيو ھو تھ ھن ڳالھھ جو مقصد ڇا آھي ۽ اھا ڳالھھ تھ سرڪار لاءِ ھڪ وڏي سھوليت جو وسيلو بھ آھي پر سرداريءَ واري نظام قائم ڪرڻ سان مستقبل جا منصوبا ڪامياب ٿي ڪونھ سگھندا. ائين ڪرڻ سان ھڪ اھڙو مثال قائم ٿي ويندو جيڪو ڏاڍو منجھيل ھوندو. ھتي اھو بھ ڏٺو ويو آھي تھ ھندو واپاري پئسي ڏوڪڙ لاءِ ڳت ڏئي بيھي رھندو آھي. پئسو ڏڪڙ ھنن جو دين ايمان آھي. ان شيءِ کان سواءِ ھنن کي دنيا اندر ڪا ٻي شيءِ ڏسڻ ۾ ئي ڪانھ ايندي آھي. انگريز سرڪار جي اچڻ کانپوءِ ٻروچ سردارن کان پراڻا پاند چڪائي رھيو آھي ڇاڪاڻ تھ ھنن ماڻھو ٽالپر دور ۾ کين ڏاڍ ۽ ڏمر جا اھي ڏنڀ ڏنا ھئا، جيڪي اڃا کانئن وسريا ئي ڪونھ آھن. اھڙيءَ ريت بلوچ سردارن وياج تي ھنن کان جيڪا روڪ رقم ورتي ھئي تنھن تي ھي ھندو واپاري بنھھ، چاليھھ بلڪ پنجاھھ فيصد يا پنجاھھ في سيڪڙو گڏيل وياج وٺي رھيا آھن. ھنن اھڙيءَ روايت قائم ڪرڻ لاءِ شروعات ئي ٽالپرن کان ڪئي آھي. سر چارلس کي ھندن جي اھڙين چالاڪين جو احساس ٿي ويو ھو تھ جيڪڏھن اھو معاملو ميرن تائين پھتو تھ اھي ھندن جي ڪيل دعويٰ کي تسليم ڪري ويھندا، پوءِ اھا دعويٰ کڻي ڪيتري بھ ڪوڙي ۽ ٺڳيءَ جي بنيادن تي بيٺل ھجي. اھڙي ريت اھا رقم انگريز سرڪار کي ئي ڀرڻي پوندي ۽ ھندن واپارين کي بھ اھڙي توقع آھي. ان کان سواءِ بمبئي واري ڌر بھ ھندن کي اھڙا آسرا ڏنا آھن تھ کين اھڙا ڏنل قرض ڏياريا ويندا جيڪي ھنن ميرن کي ڏنا ھئا. پوءِ اھي ڪوڙا ھوندا يا سچا. تنھن ڪري سر چارلس کي اڳواٽ ئي پرون پئجي ويا آھن تھ جيڪڏھن انھن ڪوڙن دعوائن جو ھڪ وار جي در مکيو تھ ڪوڙن دعويدارن جي ڪلھي گيھھ لڳي ويندي. جڏھن شاھوڪار برھمڻن قرضن جي اوڳاڙيءَ لاءِ کيس درخواستون ڏنيون تھ انھن ۾ گذارش ھن ريت ڪيل ھئي تھ ”سرڪار اوھان ميرن جو ملڪ فتح ۽ سندن خزانو ضبط ڪيو آھي. تنھنڪري اوھان سندن ورتل قرضن جي ادائگي لاءِ ذميوار آھيو ۽ اسان اوھان جي انصاف واري جزبي کي جاڳائڻ چاھيون ٿا. اسان جي اھا رقم وڏي وٿ آھي.“ ٽالپر کانئن رقمون وٺندا ھئا، پر کانئن وياج تي پئسا ڪونھ وٺندا ھئا. اھڙي رقم کانئن زبردستي وٺندا ھئا. اھا ضبطيءَ جي ھڪ صورت ھئي. انھيءَ طريقي مطابق شاھوڪار برھمڻن جي نڪ ۽ ڪن تي واڪ ڏياريا ويندا ھئا.

ھندن جون اھڙيون دعوائون بلڪل ڪوڙيون ھيون. اھڙين درخواستن کي رد ڪرڻ جو کين اختيار نھ ھو، پر ھن اھو انھيءَ ڪري استعمال ڪونھ ڪيو تھ عام ماڻھو ھندن جي اھڙي جعلسازيءَ کان خبردار رھي ۽ ڏسي وائسي انھن سان معاملو طئي ڪري. تنھن ڪري ھن کين جواب ۾ چيو ھو تھ جنھن زماني ۾ اوھان ميرن کي ھي رقم ڏني ھئي تھ اھي اوھان جا دوست ھئا. پر ان وقت بھ منھنجا دشمن ھئا، پر مان اھو ڪڏھن ڪونھ ٻڌو آھي تھ ڪنھن سر تان آسرو لاھي انھيءَ لاءِ جنگ ڪانھ ڪئي آھي تھ ھو فتح ڪرڻ کان پوءِ پنھنجي دشمن جي خدمت ڪري. تنھن ڪري مان پنھنجي فتح ڪيل ھر شيءِ سرڪار جي نالي ڪري ڇڏي آھي. توھان کي اھا خبر ھوندي تھ پھرينءَ جنگ کان اڳ ميرن جا نافذ ڪيل محصول ۽ قرض معاف ڪيا ويا آھن. جيڪڏھن ان جنگ کان اڳ واري ميرن کي ڏنل رقم مان ادا ڪندس تھ ڪير بھ مون کي انصاف پسند ڪونھ سڏيندو ڇاڪاڻ تھ اوھان انھن ميرن کي مذڪوره رقم ڏئي، ڄڻ منھنجن دشمنن جي مدد ڪئي آھي. سندس اھو جواب ٻڌي برھمڻن رڙ ڪري چيو ھو: ”پوءِ تھ صاحب، اسان تباھھ ٿي وينداسون، ويلا (لنگھڻ تي) ويھي وينداسي، بلڪ صفا مري وينداسون.“

ھنن جو اھو جواب ٻڌي سر چارلس کين وراڻيو ھو تھ: ”اھا تھ مون لاءِ وڏي سھوليت ھوندي. مان اوھان جي لاشن کي پورڻ لاءِ وڏو قبرستان ڳوليندس. تنھن ڪري اوھان کي ڪابھ ڳڻتي ڪرڻ نھ گھرجي، ڇاڪاڻ مان پاڻ پنھنجي نظرداريءَ ھيٺ ڏاڍي شان ۽ مان سان اوھان جا لاش دفن ڪرائيندس.“

برھمڻ سندس اھا ڳالھھ ٻڌي کلي ڏنو ۽ اھو قصو اتي ئي ختم ٿي ويو.

ھندن شاھوڪارن جي اھڙين دعوائن کي منھن ڏيڻ لاءِ ساري سنڌ جي پيداوار بھ منھن ڏئي ڪانھ سگھي ھا، پر خانگي طور جيڪي ننڍڙيون رقمون ڏنيون ويون، تن جي جاچ پڙتال ڪري ادائگي ڪئي وئي ھئي. اھو قانون جو پورائو نھ، پر کليءَ دل جو مظاھرو ڪيو ويو ھو. ائين ڪري ھن ڄڻ ڇپ ڇيتيون ڪري ڇڏي ھئي ۽ ائين ڪرڻ ضروري بھ ھو. ان سان گو فاتح ھجڻ جي ناتي سندس حق بھ ھو. سندس ھن عمل ڪري وياج خور نھ منجھائنس خوش ٿيا نھ وري ڪنھن ڪاوڙ جو اظھار ڪيو ھئائين. ڇاڪاڻ تھ ھنن کي سندن مطالبن جي ڀيٽ ۾ رقمون ڪونھ مليون ھيون.

عدالتي نظام کي ڪليڪٽرن جي حوالي ڪيو ويو ھو. انصاف جي اھو طريقو محصول سان گڏايو ويو ھو. اھڙي ريت ضلعي جي ھر ڪليڪٽر کي اعليٰ عدالتي اختيار بھ ڏنا ويا ھئا. ساڳيءَ ريت سب ڪليڪٽرن ۽ آئوٽ پوسٽ جي ڪمانڊنگ آفيسرن کي ماتحت مئجسٽريٽ مقرر ڪيو ويو ھو. انھن مئجسٽريٽن کي ھيٺ ڏنل قانوني اصولن مطابق اختيار ڏنا ويا ھئا:

ھو فوجي مئجسٽريٽ ھن ڳالھھ جو پابند آھي تھ ھو ابتدائي جاچ پڙتال ڪندو ۽ قاضيءَ کان صلاح مشوا وٺندو، جنھن جو عھدو جج – اٽارني جھڙو ھوندو. ان جو منصبي فرض ”محمدن لا“ ۾ ملڪي روايتن جي تشريح ڪرڻ ھوندو. جيڪڏھن مئجسٽريٽ آڏو آيل معاملو ٻن ماڻھن جي وچ ۾ آھي تھ اسلامي قانون سولو، شفاف ۽ انصاف ڀريو آھي. ھيءُ اھڙو قانون آھي جيڪو مئجسٽريٽن جي تمام گھڻي مدد ڪري سگھي ٿو. ھي قانون خاص ڪري انھن مئجسٽريٽن جي رھنمائي ڪندو، جيڪي پنھنجي ضمير ۽ اصول کي آڏو رکي ڪنھن قانون سان فيصلو ڪندا آھن. انصاف جي آزاديءَ جو اصول ان ڪري نمايان طور رکيو ويو آھي ڇاڪاڻ تھ ترت ازالي جي صورت آھي. ڏوھن جا واقعا تمام گھڻا ٿي رھيا آھن. تنھن ڪري امن واسطي اھڙن جرمن جي سزا ڏيڻ لازمي ٿي پئي آھي. اھو سرڪاري انتظاميھ جي اڳتي وڌڻ جو پھريون قدم ھوندو. چونڊ بھ اھڙن ڪليڪٽرن جي ڪئي وئي آھي. جن ۾ اخلاق جون خوبيون ۽ مئجسٽريٽ ھئڻ جي اھليت ھوندي. حقيقت اھا آھي تھ اھي سڀ ننڍيون وڏيون مقرريون انھن ماڻھن جون ڪيون ويون آھن. جيڪي جنگ ۾ شريڪ ھئا. ھنن مقررين لاءِ انگليند مان بھ سفارشون آيون ھيون. ان کان سواءِ ھتان جي اعليٰ عملدارن بھ چيو ھو، پر سڀني کي انڪار ڪيو ويو آھي. ھنن نوڪرين تي پھريون حق انھن ماڻھن جو آھي جيڪي جنگ ۾ شريڪ ھئا ۽ سنڌ جي فتح ۾ حصو ورتو آھي. پر اھو شرط ضرور ھوندو تھ اھي ان ملازمت جي اھل ھوندا. ملازمت جي اھڙن دعويدارن جي دعوائن کي ڏسڻ وقت سندن خانداني پسمنظر کي ضرور ڏٺو ويندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org