سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي انتظامي تاريخ

باب:

صفحو: 18

سر چارلس نيپئر کي ڀت وانگر انھن اڀين ٽڪرين ۾ موجود لڪن مان گذرڻ وقت ڪنھن بھ جابلو ماڻھو ڪونھ روڪيو جيڪي لولي لڪ کان مٿي ھليون ويون ھيون. ھنن ٽڪرين ۽ موجود اھڙن لڪن جو ذڪر اڳي بھ ڪيو ويو آھي. مذڪوره ٽڪريون ھت پھچي مزارين واري علائقي ٽڪرين سان ملي وينديون آھن. روز ڪوشتا پھچڻ تائين سفر ۾ ڪيترائي ڪلاڪ لڳي ويا ھئا. ان ماڳ تي 17 فيبروري تي پھتا ھئاسين. رستي ۾ ڪنھن بھ ماڻھو مقابلو ڪونھ ڪيو ھو. علي مراد ھيڏانھن اچڻ جي جرئت نھ ڪري سگھيو ھو. ڪئمپ جي تنبن لڳي وڃڻ کان پوءِ سر چارلس وڃي پنھنجي تنبوءَ ۾ ويٺو ۽ ساري ڏينھن جي ڪارگذاري پنھنجي ڊائري ۾ قلمبند ڪرڻ کي لڳي ويو ھو. ان کان سواءِ ھن پنھنجا ذاتي احساس بھ ان ڊائري ۾ لکي ڇڏيا ھئا تھ اڄ مياڻي جي جنگ جي ٻي سالگرھھ آھي ۽ اڄ بھ مان جنگ جي ميدان ۾ آھيان. ڇا منھنجو اھو مقدر آھي ڇا تھ مان سدائين جنگ جي ميدان تي ھجان ۽ ھميشه انساني رتو ڇاڻ ڪندو وتان! پر ھيءَ صحيح مقصدن واسطي ھڪ جنگ آھي. اھڙي طرح مياڻيءَ واري جنگ بھ صحيح مقصدن لاءِ ھئي، جيڪا مان ٽالپرن خلاف وڙھي ھئي. ان جنگ کي اڄوڪي ڏينھن تي پورا ٻھ سال گذري ويا آھن. ان ڏينھن منھنجي چوڌاري لاشن جا ڍير لڳا پيا ھئا. منھنجا بيشمار دوست بھ مري رھيا ھئا، اسپتال واري تنبوءَ مان ريھون ۽ رڙيون اچي رھيون ھيون. ڇاڪاڻ تھ انھن جا عضوا وڍي جسم کان جدا ڪيا ٿي ويا. خدا تعالى مٿن شال رحم ڪري. ھنن ماڻھن جي ھلت چلت مان ۽ شان واري ھوندي ھئي. جيڪي مري ويا انھن تي رحمت ۽ جيڪي بچي ويا تن کي شال صبر ملي. پر جنگ ڏاڍي خطرناڪ ھئي. مان ھتي دوز ڪوشتا ۾ ھن مقصد سان اچي فوجي ڪئمپ قائم ڪئي آھي تھ جيئن ڌاڙيل سردار اچي پيش پون. دوز ڪوشتا جي معنى آھي، ’چورن جو موت‘. ھي عجيب قسم جون ھڪ جھڙايون آھن.

باب ڏھون

سنڌ جي انتظاميھ جي ۽ ڪڇيءَ خلاف جنگ مھم جي تاريخ

سر چارلس جي روز ڪوشتا ۾ فوجي ڪئمپ 19 تاريخ تائين قائم رھي. ڇاڪاڻ تھ کيس چيو ويو ھو تھ ان تاريخ تي بيجار ڊومڪي سر چارلس نيپئر جي آڏو پيش پوندو. پر ھو سردارن سميت ان تاريخ تي ڪونھ آيو. معلوم ائين ٿي رھيو ھو تھ ھنن سردارن علي مراد سان ٺڳي ڪئي ھئي ۽ مير علي مراد جا صلاحڪار بيجار ۽ ٻين سردارن سان ٻڌل ھئا. ان کان سواءِ سر چارلس سان ڪيل ٺاھھ جون ڳالھيون بھ انھيءَ ڪري ڪيون ويون ھيون تھ جيئن انھن کي ٿورو وقت ملي وڃي. ھنن ڌاڙيلن وٽ جاسوس ۽ سفارتڪار ھئا جيڪي ھنڌين ماڳين پکڙيل ھئا. کين انگريز فوج جي چرپر بابت ھر قسم جي معلومات موجود ھئي پر سر چارلس نيپئر لاءِ اھو معلوم ڪرڻ ڏکيو ھو تھ بيجار ۽ سندس اتحادين جي ويڙھاڪن جو تعداد ڪيترو آھي ۽ انھن ويڙھھ بابت ڪھڙا منصوبا آھن. ھڪ ھندو بيجار جو سيڪريٽري ھو جيڪو ساڻس سالن جا سال گڏ رھيو ھو. ھن ان ھندو جي روبرو پنھنجي نوڪر سان ڳالھايو ھو. پر اھو ھندو سندس ٻولي سمجھي ڪونھ سگھيو ھو. پر ممبئي جي اخبارن ۾ اھڙيون تحريرون ڏسڻ ۾ اينديون جن مان ڀاسبو ھو تھ اھي ماڻھو ھنن بلوچ ڌاڙيل سردارن سان گڏ ھئا ۽ انھن جي ھشيءَ تي اھو سڀ ڪجھھ ڪري رھيا ھئا.

تاريخ 19 تي جنگي مھم جي نئين سر ابتدا ٿي چڪي ھئي. اھڙي پيش قدمي کان اڳ انگريزي فوج جي تعداد ۽ طاقت جو وچور ڏيڻ لازمي آھي. ڇاڪاڻ تھ ھن وقت جنگ جي ميدان جو طرف تبديل ٿي چڪو ھو. ان کان سواءِ اڳ ۾ پيش قدميءَ جو رخ اتر طرف ھو ۽ ھاڻي ڦري اوڀر طرف ٿي ويو ھو.

سمپسن ديراھھ ۾ موجود ھو جنھن اٺن جو وڳ جھلي ورتو ھو. ھي فوجي حصو انگريزن جي فوج جو کاٻو پاسو ھو. ان جي اولھھ پاسي لشڪر جي دمباليrear  ۾ تومب واري فوج ڇوڪي ھئي جتي گھوڙيسوار رھندا ھئا. ھتي پيئڻ جوڳو پاڻي تمام گھڻو ھو. ھتي جي گشتي فوج جو مرين سان رابطو رھندو ھو. اھڙو رابطو سرتوف لڪ ۽ سنگسيلا گھاري معرف قائم رھندو ھو.

تومبTomb  جي ڏکڻ واري پاسي تي فٽزجيرالڊ اٺ سوار فوج گشت ڪندي ھئي جيڪا جمڪ لڪ وٽ بيٺل ھئي. اھي ٻئي فوجي چوڪيون مسلسل جئڪب سان رابطي ۾ ھيون جيڪو ڦلجي ۾ موجود ھو. اھڙيءَ تونگ، الياسي ۽ تياگا وارن گھارن تي فوجي گشت جاري رھندو ھو ۽ سنگسيلاتي پڻ نظر رکي ويندي ھئي. ان کانسواءِ شاھپور ۾ سگھاري گئريسن فوج رھندي ھئي ۽ فوجي سامان جو وڏو ڊيپو بھ اتي قائم ڪيو ويو ھو.

فوجي ھيڊ ڪوارٽر بھ مٿي بيان ڪيل پھرئين رابطي جي رستي ۾ قائم ڪيو ويو ھو. علي مراد جي فوجي لشڪر جو ساڄو پاسو ھو جيڪو ھيرڻ ۾ موجود ھو. ھي ماڳ مزاري علائقي جي سرحدي پٽي ويجھو واقع آھي. ھنن ٻنھي اھم ماڳن جي وچ تي گھوڙيسوار فوج ۽ پوليس گشت ڪندي ھئي ۽ ٻنھي ماڳن وچ رابطو رکندي ھئي.

انگريزي فوج کي سوچي سمجھي ويران علائقي جي اھڙن اھم ھنڌن تي رکيو ويو ھو جو جابلو ماڻھو ان علائقي جي اتر – اوڀر واري اڌ تائين محدود ٿي رھجي ويا ھئا. انھن جو وڌ ۾ وڌ مضبوط بچاءُ روھن ۽ ڪوھن واري ويران جوءِ ھئي جيڪي دٻاءَ پوڻ تي لاچار ٿي ملتان جي حدن ڏانھن وڃي سگھيا پئي. پر اھو بھ تڏھن جڏھن ملتان جو ديوان انگريزن جو وفادار نھ ھجي، ان لاءِ انگريز ڪمانڊر ڏاڍي ڪوشش ڪئي ھئي تھ جيئن اھي ملتان ڏانھن نھ وڃن، ڇاڪاڻ تھ ائين ٿيڻ ڪري ھنن ٻنھي ڌرين جو اتحاد بڻجي وڃي ھا. اھڙي ريت جوابي حملي جو وڌيڪ امڪان ھو.

اولھھ پاسي جئڪب ڦلجي، اولاجيOolagee  ۽ لھڙي تي قبضو ڪيون ويٺو ھو. مٿس حملو ڪرڻ سولو ڪونھ ھو. ھن جي گھوڙيسوار فوج ۽ توبن بولان لڪ جي جابلو ماڻھن ڊيڄاري پتو پاڻي ڪري ڇڏيو ھو جيڪي ڳجھھ ڳوھھ ۾ انگريزن خلاف واھو ڦڪيون ويٺا ھئا. کين جيڪڏھن ٿورو بھ وجھھ ملندو تھ جنگ جا آڙاھھ ٻاري ڇڏيندا ۽ اھڙو سلسلو وڃي سيوھڻ تائين پڄندو.

سمپسن ريراھھ جي ڦلجي ۾ ديرو دمايون ويٺو ھو جنھن کي بلوچن جي حملي جو ڪو خوف خطرو ڪونھ ھو. ھن ماڳ کي ھڪ مرڪزي حشت حاصل ھئي. ھن ماڳ وٽان مکيھ فوج کي جيڏانھن ڪيڏانھن حملن ڪرڻ جي سھوليت حاصل ھئي. اھڙي ريت ھن ھڪ اھم ماٿري تي قبضو ڪري ورتو ھو. جنھن جو تومب جي گھوڙيسواري فوجي چوڪي جمڪ واري اٺ سوار فوج ۽ جئڪب سان بھ رابطو ھو جيڪو ڦلجي ۾ موجود ھو.

علي مراد ھيرڻ ۾ ويھي مزارين جي نگراني ڪري رھيو ھو، جيڪو ھيڊڪوارٽر کان سڏ پنڌ پري ھو جنھن کي ضرورت وقت سڏ ڪرڻ بھ سولو ھو. ھي علائقو کليل ھو، جتي گھوڙيسوارن جون جنگي سرگرميون سوليون ھيون. تنھن ڪري علي مراد کي غداري جو موقعو ملڻ مشڪل ھو. اھڙي ريت سر چارلس جي ھٿ ھيٺ رھندڙ مکيھ فوج کي ھر پاسي ڏانھن حملي ڪرڻ لاءِ جاءِ کليل ھئي.

ھن صورتحال دوران فوج جي کاڌ خوراڪ ختم ٿي وئي ھئي. سرڪاري ڀانڊن ۾ ڪابھ شيءِ بچت ڪانھ ھئي ۽ ايندي ھئي سا چڙھندي ھئي. سندن گذارو انھيءَ چوپائي مال تي ھو جيڪو ھو ڌنارن کان ڦري آڻيندا ھئا. اھڙي ريت ھي جنگي مھم ڏڪار جو شڪار ۽ ٿڪ ۾ ھٿجي مري پئي ھئي. پر جابلو ماڻھن جي حالت تھ ھن کان بھ ٻھ ٽڪا وڌيڪ خراب ھئي. ھنن جا اناج جا ڀانڊا ڦلجي، شاھپور ۽ اوچ ۾ موجود ھئا، جيڪي کانئن ڦرجي ويا ھئا. تنھن ڪري ھنن جو گذر سفر بھ گوشت تي ٻين اھڙين شين تي ھو جن مان کين ڪيئي بيماريون وچڙي ويون ھيون ۽ ان بيماري وگھي ڪيترا مري بھ ويا ھئا. اھي ماڻھو کاڌي پيتي جو ڪجھھ شيون مزارين جي روجھاڻ مان بھ وٺندا ھئا. جيڪا سنڌوءَ جي ڪٺار سان واقع ھئي. پر اھي شيون کين ڏاڍيون مھانگيون ملنديون ھيون. ھتي اھو سمجھائڻ ضروري آھي تھ مزارين جا ٻھ پاڙا آھن جن مان ھڪ پاڙو درياھھ سان رھندو آھي ۽ سکن جو رعيتي آھي ۽ ٻيو جبلن ۾ رھندو آھي. ڌاڙيلن کي ھنن ٻنھي قبيلن مان مدد جي اميد ھئي. سر چارلس نيپئر ملتان جي ديوان ڏانھن خط لکيا ھئا. جيڪي بي اثر ثابت ڪونھ ٿيا ھئا. ديوان جواب ۾ لکيو ھو تھ سنڌوءَ جي ڪٺار وارن مزارين کي روڪيو ويو آھي. بلوچستان آيل ماڻھن کي پنھنجي علائقي ۾ داخل ٿيڻ نھ ڏين. ان کان سواءِ کين چيو ويو آھي تھ انگريزي فوج کي کاڌي پيتي جون شيون ڏين. ليڪن جابلو مزاري سکن جا دشمن ھئا. ملتان جي ديوان جي مرضي ھئي تھ ھت ھنن مزارين کي ماري تباھھ ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ تھ اھي بھ بيجا وانگر ڌاڙيل آھن ۽ ڌاڙن جي اڌ رقم بيجار کي پھچائيندا آھن.

سر چارلس جي مرضي ھئي تھ ھتي جابلو مزارين سان دوستاڻا تعلقات پيدا ڪجن. ڇاڪاڻ تھ سندن علائقو ڄاتل سڃاتل آھي. جيڪڏھن ھن کي ان علائقي ۾ داخل ٿيڻ جي خوشيءَ سان موڪل ملي وئي تھ ھو پنھنجي فوجي سرگرمين کي گھڻيءَ حد تائين وڌائي سگھي ٿو. ان وقت ڀاڳ کيس ڀڙايو. بگٽين ھن فوجي سرگرميءَ کان ٿورو اڳ ڪن مزارين کي ڦريو ھو. بگٽين جي اھڙي ڏاڍ ۽ سر چارلس جي دوستاڻي رويي ڪري ھو نرم ٿي پيا ھئا. تنھن ڪري ھنن ڪجھھ سردار ۽ ٽي ٽي سو ماڻھو موڪليا ھئا. جيڪي رضاڪار طور سر چارلس جي فوج ۾ شريڪ ٿيڻ آيا ھئا. پر ھو پھريائين علي مراد وٽ پھتا ھئا جن کين چيو تھ ھو سر چارلس کان بھ وڏو آھي. تنھن ڪري اھي ماڻھو سندس ڪئمپ ۾ رھي پيا. ھن علي مراد جي اھڙي گستاخيءَ ڏانھن ڪونھ ڏٺو ھو. ڇاڪاڻ تھ ھو وڏين اختيارين جو مالڪ ھو ۽ سمجھيو ھئائين تھ جابلو ماڻھن جي نظر ۾ علي مراد ڀلي وڏو ماڻھو ھجي. پر جڏھن کين علي مراد جي اصلي حيثيت جي خبر پوندي تھ پوءِ ھو سر چارلس نيپئر جي آڏو جھڪندا.

18 تاريخ تي ڪئپٽن سالٽر ديراھھ کان آيو ۽ اطلاع ڏنائين تھ جابلو ماڻھن گجرو Goojroo اچي منزل ڪئي آھي. ھي ماڳ دوز ڪوشتا جي سامھون ايڪيھھ يا چوويھھ ميل پري آھي. سندن تعداد اٺ ھزار کن ٿيندو. جيڪي نوجوان ۽ سگھارا متارا آھن ۽ اھا منزل مزارين واري ٽڪرين سان لڳو لڳ آھي. ھنن اتان ٽپڻ کان منع ڪئي وئي آھي. اھو پتو ڪونھ آھي سندن نيت انگريزن جي فوج سان وڙھڻ جي آھي يا اھي پيش پوڻ چاھين ٿا. ھن قسم جي اطلاع ملڻ کان پوءِ ايندڙ نئين صورتحال بابت غور فڪر ڪرڻو ھو تھ جيڪڏھن ھنن بلوچ ماڻھن تي دٻاءُ پوندو تھ ھو سکن جي ملڪي حدن ۾ داخل ٿيندا ڇا؟ ڇا انھن جو پيڇو ڪرڻ مناسب ھوندو؟ پر مناسب اھو نظريو تھ انھن بلوچن جو پيڇو ڪرڻ ضروري تھ ڏسجي تھ ھو ڪھڙي ارادي سان اچي ھتي گڏ ٿيا آھن. اھو بھ سوچيو ويو تھ جيڪڏھن اھي بلوچ سکن جي حدن ۾ داخل ٿين تھ اھڙي کين ڳجھيءَ ريت اجازت ڏني وئي ھوندي. جيڪڏھن کين اھڙي اجازت مليل نھ ھوندي تھ پوءِ ھو ملتان جي اڻ ڌرئي ھئڻ واري حيثيت کي مجروح ڪري رھيا آھن. ان کان سواءِ ملتان جي سرحد جابلو علائقي ھئڻ ڪري غير واضح آھي. ليڪن ڀاڄوڪڙ دشمن جو پيڇو ڪرڻ بھ بھادرن لاءِ عيب ھوندو آھي. علي مراد تي ويساھھ ڪري ۽ ھن جي ڪوڙن بدوڙن تي اعتبار ڪري ڇھھ ڏينھن اڳئين زيان ٿي ويا آھن. نازڪ حالتن وقت جو ايترو گھڻو زيان وڏو نقصان ھوندو آھي. جنگ جي مقصد کي وڌيڪ خوفناڪ بنائڻ صحيح ڪونھ آھي. انھيءَ ڪري قومي حقن کي وڏو ھاڃو رسندو جن لاءِ دشمن کي ڪنھن بھ قسم جي عزت ڪانھ آھي. سک حڪمران تھ يقين ڏياريو آھي نھ ھن بلوچ قبيلن سندس علاقائي حدن ۾ داخل ٿيڻ جي موڪل ڏني آھي نھ وري ڏيندو. تنھن ڪري انھن جو پيڇو ڪرڻ لازمي ٿيندو. ائين ڪرڻ سان سمجھي وٺبو تھ سندن واعدو ڪوڙو يا وري جيڪڏھن ھو واعدي وفائي ۾ سچو آھي تھ پوءِ ھي بلوچ ديوان جي حدن ۾ داخل ڪونھ ٿيندا.

نئين صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ سوچون ۽ ويچار اھي ھئا. بيجار خان پنھنجي واعدي پاڙڻ ۾ دير ڪئي ھئي. تنھن 19 تاريخ تي فوج کي اڳتي وڌڻ جو حڪم ڪيو ويو. پر اھڙي پيش قدميءَ کي راز ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ھئي.انھيءَ مقصد سان تھ جيئن اوچتو وڃي مٿس ڪڙڪو ڪجي. اٺ سوار فوج کي خانگي طور گھرايو ويو ھو. اھڙيءَ ريت علي مراد ڏانھن بھ نياپو موڪليو ويو تھ ھو بھ اڳتي وڌي. ڇاڪاڻ تھ ھڪ وڏي جنگي محاذ کي منھن ڏيڻو آھي.

گجرو يا شور واري جوءِ ڏانھن ويندڙ رستو لوٽي وارن لڪن مان گذرندو آھي. ھي جابلو علائقو ڊگھو ھيٺ مٿي ۽ ڏکيو آھي. رات جي وڳڙي ۾ اھڙي ڏکئي لڪ مان لنگھڻ خطرناڪ ھو. پر انگريزي فوج جو جوڙجڪ اھڙو شاندار ڪيو ويو ھو جو دشمن جي اوچتو وڃي مٿان ڪڙڪڻ ڪو ڏکيو ڪم ڪونھ ھو. رستي جي اھڙي اوڻائي ڪري فوج جو ڪوبھ وڏو ڪمانڊر فوج جي بھترين جوڙجڪ کي ائين وڃائي ڪونھ ڇڏيندو آھي ۽ فتح ڀاڳ جي سوکڙي ناھي ٿيندي. فوج رات جو ۽ ڏاڍي خاموشيءَ سان اڳتي وڌي رھي ھئي. ڇاڪاڻ تھ ماٺ رھڻ جا حڪم نھايت سختيءَ سان جاري ڪيا ويا ھئا، پر رسد گاھھ جي ڪن ماڻھن غلط ڪري باھھ ٻاري ھئي جيڪا بجار خان جي جاسوسن ڏسي ورتي ھئي. تنھن ڪري ھي سردار پنھنجي منزل واري جاءِ تان ڪن ٻوساٽي وٺي ڀڳو ھو. سر چارلس نيپئر ٻاويھھ ڪلاڪ سانده گھوڙيسواري ڪئي ھئي ۽ فوج 20 تاريخ شام جو اچي شور نالي جوءِ ۾ منزل ڪئي ھئي. پر جنرل اوچتو سفر ڪري دشمن جون وايون ولھرٿو ڪري ڇڏيون ھيون. جيڪو اناج ۽ ڏيڍ سؤ اٺن جي بار جيترو ٻيو سامان ڇڏي ڀڄي ھليو ويو ھو ۽ اھو ڪناري وٽ انگريزن جي فوج کي ھٿ لڳي ويو. بلوچن جون ڇڏيل اھو سامان انعام طور فوجي سپاھين ۾ ورھايو ويو ھو. اھو اناج روجھاڻ مزاري جا واڻيا وڏين آسن ۽ اميدن سان ھتي کڻي آيا ھئا. پر انھن اناج سان گڏ پنھنجون حياتيون بھ وڃائي ڇڏيون. ھنن واپارين ۽ ساڻن گڏ آيل ماڻھن ڏاڍو مقابلو ڪيو ھو. پر مارجي ويا ھئا ۽ ڪجھھ قيد ۾ ٿيا ھئا. پڇڻ تي قيدين ٻڌايو تھ اھي بلوچ عام ماڻھو ھئا پر جنگجو ڪونھ ھئا. ھنن وڌيڪ اھو بھ چيو تھ جيڪڏھن انگريز ھنن جي چوڌاري ڪڙو چاڙھڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي تھ انھن کي سولائي سان ناس ڪري سگھندي.

21 تاريخ تي علي مراد بھ پھتو جنھن سان بھادر، طاقتور ۽ جھنگلي قسم جي فوج گڏ ھئي. ان ڏينھن ھڪ قبائلي سردار علي شير کوسو آيو ۽ اچي سلام ڪيائين. ھي نوجوان ھو ۽ ڌاڙيل زندگيءَ کان بيزار ھو. پر سندس زمين جي چوڌاري ٻين سردارن جون زمينون ھيون. تنھنڪري کيس اچڻ جي وٿي ڪانھ ملندي ھئي ۽ نڪري اچڻ جو کيس ان ڏينھن موقعو مليو ھو. اھو ڏسي سر چارلس کيس سرڪاري ملازمت ڏني. سندس چوڻ تھ ڌاڙيلن سان وڙھڻ سندس اڌ مقصد آھي پر انھن کي سڌارڻ ۽ شريف بڻائڻ ھن جو مڪمل مقصد آھي. پر دنيا جو عام نقطئھ نظر سندس خيال جي خلاف ھو. ھن اھو اندازو ڪري ورتو ھوتھ ائين ڪري سگھجي ٿو ۽ پنھنجي ان خيال کي آزمائي پڪو پھھ ڪيو ھئائين. کيس اھا اميد ان ڪري ھئي ڇاڪاڻ تھ، ھن کي انسان ذات جي مزاج سڃاڻڻ جو وسيع تجربو ھو. ھن امن ڏٺو ھو ۽ جنگيون ڏٺيون ھيون. ھنن گھڻن قومن جھڙوڪ، برطانيھ، آئرلينڊ، آمريڪا، اٽلي، فرانس، جرمني، يونانين، ترڪن ۾ ھندستانين سان جنگيون ڪيون ھيون جن ۾ ھندو ۽ بلوچ بھ شامل سمجھيا وڃن. سندس خيال آھي تھ ھر فوجي شخصيت جو مٿي بيان ڪيل ملڪن جي فوجين ۽ ھارين نارين سان واسطو پيو ھوندو تھ انھن اھو مشاھدو ضرور ڪيو ھوندو تھ ھر ماڻھوءَ جي فطرت ھڪ جھڙي ٿيندي آھي. ھر ملڪ جو ھاري ناري پنھنجي آزاد مرضيءَ جو مالڪ آھي. کيس جيڪو وڻندو آھي ڪندو آھي ۽ ان فوج کان ڪو لڪ لڪاءُ ڪونھ ڪندو آھي. جيڪا ساڻس دشمني ڪانھ ڪندي آھي. سڀني ملڪن ۾ فوجي قانون ھڪ جھڙو ھوندو آھي. پر عام قسم جي ڪن ڳالھين ۾ فرق ضرور ھوندو آھي. انھن ڪن خاص ڳالھين جو تعلق مذھب ۽ رسمن ۽ رواجن جو ھوندو آھي. اھڙيون ڳالھيون مشاھدي ڪندڙ عملدار کي ضرور محسوس ٿينديون آھن. فوجي زندگي ڪنھن جي خوبين ۽ خاصيتن جو مشاھدو ڪري ٿو جنھن جو سندس دل تي اثر بھ ٿيندوآھي. ھر فوجي پوءِ سپاھي ھجي يا عملدار پنھنجي ماتحت ۽ پاڻ کان وڏي عملدار جي ھلت چلت ۽ خاصيتن خوبين ۽ اخلاق جو مشاھدو ڪندو آھي. مشرق جو ھر وڏو فوجي عملدار حڪمران جو درباري ھوندي آھي ۽ ماڻھو خوبين خاصيتن کي جاچڻ پرکڻ ۾ ڏاڍو حساس ٿيندو آھي پر مشرق جو ھر درٻاري پنھنجي اصلي خوبي ۽ اخلاق کي ٻين قومن جي ڀيٽ لڪائڻ جو ماھر آھي. اھڙي ريت خوبي ٻي خوبيءَ کي جنم ڏيندي آھي.

سر چارلس جو چوڻ آھي تھ ماڻھو عام طور تي ائين سمجھندا آھن تھ کين ھندستان ۾ حڪومت ڪرڻ جي ڄاڻ ۽ مھارت حاصل آھي ۽ ھندستاني ماڻھن جي مزاج اندر ھڪ نمايان خوبي موجود ڏسبي آھي. جيڪا وڌيڪ پراسرار آھي. پر ھر انسان جو منفرد مزاج ٻين جھڙو ھوندو آھي ۽ اھڙو ساڳيو مزاج ۽ خاصيت ان ماڻھوءَ جي ھوندي آھي. جنھن جو جسم فوجي ورديءَ سان ڍڪيل ھوندو آھي. ليڪن انھن ۾ بھ ترميم ڪئي وئي آھي. جنھن جو اظھار ھتي ڪرڻ ضروري آھي. پر روايتي ڪارڻن ڪري انھن کي سولائيءَ سان ڳولي بھ سگھجي ٿو. ڇاڪاڻ تھ انھن جي عام خوبي ھڪ جھڙي ٿيندي آھي. مثال طور فوجي سپاھي سنجيده ۽ اھڙو صاف ۽ سٺو ھوندو آھي ڄڻ وضو ساريون پيو گھمي. پر يورپي سپاھي ائين ڪونھ ھوندو. اھڙي ڳالھھ مذھب ۾ بھ ٿيندي آھي. اھڙي ريت پوئين ڳالھھ پيءُ جي پھرين ڳالھھ پٽ جي حيثيت رکندي آھي. ليڪن نئون فوجي سپاھي جنگ لاءِ جنوني ٿيندو آھي، يورپي سپاھي جو مزاج بلڪل ساڳيو ٿيندو آھي. ساڳي ھند سپاھيءَ جي خواھش ھوندي آھي ھو فوجي وردي ۾ خوبصورت، ڦڙت ۽ چالاڪ لڳي ۽ ان جو مزاج ۽ شان بھ فوجي ھجي کيس فوجي ھجڻ ڪري فخر جو احساس ٿيندو آھي. جيڪڏھن سندس مزاج ۾ نظم ۽ ضبط واري خوبي نھ ھوندي آھي تھ خوف ۾ پيو ڏڪندو آھي. يورپي فوجيءَ جو ساڳيو مزاج ھوندو آھي. فوجي ڊرلDril  ۾ ٻئي ھڪ جھڙا خطرناڪ ڏسبا آھن. ھندستاني ماڻھو صدين کان وٺي غلام رھيو آھي. تنھن ڪري ڪوڙ گھڻو ڳالھائيندو آھي. يورپ جو غلام ماڻھو بھ ساڳيءَ مزاج جو ٿيندو آھي. يورپ وانگي ھندستان جو ماڻھو جين مھذب ۽ آزاد ٿيندو. ٻيو وڃي تين منجھس سچ ڳالھائڻ جون عادتون داخل ٿينديون پيون وڃن. اھڙيون ڳالھيون موجوده دور ۾ نظر ايندڙ خوبين ۽ خاصيتن مان ورتيون ويون آھن. جھونو فوجي رنگروٽ فوجي کان وڌيڪ سچار ٿيندو آھي. انگريز سرڪار جو ھيٺئين عھدي جو عملدار علي مراد سرڪار جي وڏي رتبي جي عملدار کان وڌيڪ سچار ھوندو آھي. اھڙي ريت، خوف، فخر، ھمت، دليري، احترام جي تقاضا، نريش ۽ عزت نفس جھڙيون خاصيتون ٻنھي نسلن اندر ھڪ جھڙيون ٿينديون آھن. سر چارلس نيپئر کي معلوم ٿيو ھو تھ مشرق ۽ مغرب جي نسلن اندر موجود حرس، لالچ، وسعت، دلي، سخا ۽ قابل اڳواڻ ھجڻ جو احساس بلڪل ھڪ جھڙو آھي. تنھن ڪري ھن بلوچ نسل کي ماري مڃائڻ بدران انھن کي شريف بڻائڻ جو پڪو پھھ ڪيو ھو. جيڪي ھاڻي سندس خلاف ھٿيار کنيون مقابلي لاءِ تيار بيٺا آھن. کيس اھو احساس ھو تھ ڌاڙيلن ۽ قاتلن جون زندگيون سدائين خطري ۾ ھونديون آھن. اھڙيون ڳالھيون ماڻھو خوشيءَ سان ڪونھ چونڊيندو آھي.

شور ۽ گجرو ڏانھن پيش قدمي کي منفرد حيثيت حاصل ھئي. ڇاڪاڻ تھ فوج يا ھڪ وڏي جنگ لاءِ اڳتي وڌي رھي ھئي يا انھيءَ پيش قدميءَ جو نتيجو بلوچ سردارن جو پيش پوڻ ھو. ھن جن کي مھم ۾ شريڪ ٿيڻ سمپسن کي بھ گھرايو ويو جيڪو پنھنجي فوج سميت 20 تاريخ شام جو اچي فوجي ڪئمپ ۾ پھتو ھو ۽ گئريسن فوج کي ديراھھ جي قلعي ۾ ڇڏيون آيو ھو. اھڙي ريت ساري فوج اچي ھن جڳھھ وٽ ڪٺي ٿي ھئي. پھريائين بلوچ سردارن جي پيڇي ڪرڻ واري سوال تي سوچيو ويچاريو ويو ھو. پر فوج وڏو سفر ڪري ھت پھتي ھئي. تنھن ڪري دشمن جو پيڇو ڪرڻ مناسب ڪونھ سمجھيو ويو ھو. فوج جو مکيھ عالم ٻاويھھ ڪلاڪ ساندھھ سفر ڪيو جنھن سان گڏ ھٿيارن جو بار ھو. جنرل سمپسن جي عالم اڻويھن ڪلاڪن جو سفر ڪيو ھو جن مان ست ڪلاڪ تھ ھڪ گھاٽ وٽ کين لھڻ ۾ لڳي ويا ھئا. تنھن ڪري اھميت آرام ڪرڻ کي ڏني ڏئي ھئي. ٻئي ڏينھن تي فوج ھڪ وڏو حصو گجرو لڪ جي معائني لاءِ ھليو ويو جيڪو سامھون ھو. اتي پھچڻ کان پوءِ کين دشمن ڏسڻ ۾ آيو جيڪو گھڻو پري ڪونھ ھو. ٿوري مقابلي دوراندشمن جا ڪجھھ ماڻھو ماري ويا. ٻڌو ھئوسون تھ ھي جابلو علائقو ڏاڍو اڻانگو آھي. ڏسڻ کان پوءِ ويساھھ ٿي ويو ھو تھ اھو سچ پچ ڏاڍو اوکو ھو. گجرو لڪ جي ٻنھي پاسن کان اوچيون ۽ اڀڪپريون ٽڪريون ھيون جن کي اسان ٽپي اڳتي وڌياسيون. پر ان جو پريون پاسو بھ ويران ۽ ڀڙڀانگ ھو جنھن وچان گذرڻ بھ ڏکيو ھو. ان لڪ مان ميل کن اڳتي وياسون پر اھو بھ ڏاڍو اوکو ھو. ان علائقي مان فقط گھوڙيسوارن جي گذرڻ جو امڪان ھو. رھبرن ٻڌايو اھڙو سفر چوويھھ ميل ڊگھو آھي ۽ اھو ھڪ جھڙو ئي ڏکيو آھي. جيڪو پنجاھھ فوٽ ويڪرو ۽ وڏن ڏنگن ڦڏن پٿرن سان ڇانيو پيو ھو. پاسن کان اڀڪپريون ٽڪريون جن جي اوچائي ٻھ ٽي سو فوٽ ھئي. لڪ مان لنگھڻ کان رستي ۾ پاڻي جي ڦڙي ملڻ جو ڪو اوسيئڙو ڪونھ ھو مکيھ لشڪر جي پاسن واري فوج بھ لڪ وسيلي ھيٺ لٿي. پر ان سان بھ ڏک ۽ ڏچا ساڳيا ھئا. ٽڪرين جي چوٽين تان ھنن اتحادي بلوچ سردارن جا دونھان دکندي ڏٺا ھئا جيڪي ٻارھن ميل پري ھئا ھي ماڻھو انھيءَ تاڙ ۾ ويٺا ھئا، تھ جينءَ انگريزن جي فوج اھو ڏکيو لڪ لتاڙي اڳتي وڌندي تيئن ھو ٻاھر ويندڙ سڀ گتا بند ڪري ڇڏيندي. ھنن کي ٻين متبادل رستن جي ڄاڻ ھئي جن کي ھنن بند ڪري ڇڏيو ھو. انھيءَ کان پوءِ ھنن لاءِ انگريزن جي لشڪر جي ھڪ ھڪ سپاھي کي قتل ڪرڻ نھايت آسان ٿي پوندو.

ھنن نئين ۽ خراب صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ فوجي جوڙجڪ ۾ تبديلي ڪرڻي پئجي وئي ھئي ۽ ھنن حالتن ۾ نھايت خبردار رھڻو ھو. ڳولھا ڦولھا ڪندي مس دشمن ڏسڻ ۾ آيو ھو. پر اھڙي ڏکي جاءِ منزل ڪيون ويٺو ھو، جنھن تي حملو ڪرڻ ممڪن ئي ڪونھ ھو. جنھن کي تبديل ڪجي تھ صحيح ٿيندو. ھن جي پٺئين پاسي سکن جو علائقو ھو. جيڪڏھن سک حڪمران کي اڻ ڌريو رھڻو ھو تھ ھن دشمن کي اوڏانھن وڃڻ لاءِ ڪو رستو ئي ڪونھ ھو. ان کان سواءِ انھيءَ جڳھھ تي ڊگھي عرصي لاءِ بھ رھي ڪونھ سگھيو. ڇاڪاڻ تھ اتي کاڌي پيتي ملڻ جو ڪو امڪان ئي ڪونھ ھو. ليڪن اھو مسئلو بھ حل ڪرڻو ھو تھ کيس ھن کان پوءِ ڪيڏانھن نڪري وڃڻو آھي ۽ ڏاڍي گھرائيءَ سان سوچڻو پوندو. ڇاڪاڻ تھ دشمن جي اڳتي وڌڻ جي اڳئين مرحلي سان جنگ جي فتح جو تعلقات ھو. امڪان ھن ڳالھھ جو نظر اچي رھيو ھو تھ بيجار اوچتو ئي ديراھھ ڏانھن وڃڻ جي ڪوشش ڪندو جنھن کان اڳتي ھلي تروڪيءَ ڏانھن ھليو ويندو. انگريزن جي فوج ۾ تروڪي جو نالو ڏاڍو مشھور ھو. پر ڪنھن جاسوس يا رھبر کي اھا ڄاڻ ڪانھ ھئي تھ اھا تروڪي ڪٿي آھي.

ھن قسم جي شڪ ڪري سر چارلس نيپئر کي فوجي جوڙجڪ ۾ تبديلي آڻڻي پئجي وئي ھئي، جنھن سان معلوم ٿي رھيو ھو تھ ھو جنگ جي فن ۾ ماھر ھو. اھڙي ريت بنديل کنڊ جي ليجين کي چيو ويو ھو تھ شور جي ماڳ وٽ رھي جنھن جو ڪمانڊنگ آفيسر ميجر بيٽسن ھو. جيڪو ھڪ لھاد فوجي سپاھي ھو. علي مراد کي چيو ويو ھو تھ ھو موٽي وڃي لوٽي لڪ وٽ پنھنجي منزل وڃي ڪري. ھنٽر کي چيو ويو ھو تھ وڃي جمڪ لڪ وٽ ويھي. جنرل چارلس ۽ جنرل سمپسن پنھنجي فوج وٺي وڃي ديراھھ پھتا ھئا. ھن قسم جي فوجي جوڙجڪ ڪري فوجي سامان جو ڊپو ويجھو ٿي ويو ۽ پوئتي ھٽي ان تائين پھچڻ جي ضرورت ڪانھ ھئي. جيڪڏھن فوج مزاري روجھاڻ جي واڻين جي ڪڻڪ ھٿ نھ اچي ھا تھ اھو فوجي جوڙجڪ ممڪن ڪونھ ھو. ھن فوجي مھم ۾ کاڌي پيتي جي ڏاڍي کوٽ ھئي. پر ھاڻي فوج کاڌو خوراڪ دشمن کان ڦريندي ۽ کوھھ کوٽي پاڻي جو بندوبت ڪندي. اھڙي منصوبو فوج جي ڪمانڊر جي ذھانت جي ثابتي ھئي تھ ھو پننجي فوجي سرگرمين کي حالتون ڏسي تبديل ڪري رھيو ھو. ڇاڪاڻ تھ ھي علائقو ۽ اتفاقي حالتون ئي اھڙيون ھيون.

ھن وقت دشمن لاءِ ٻھ رستا ھئا. ھڪ اھو ھو تھ ھو انگريزي فوج جي کاٻي پاسي کان ڦري اھو لڪ اڪري جنھن جو رستو لوٽي لڪ ڏانھن ويندو آھي. اتان ديراھھ ڏانھن وڃي جمڪ لڪ مان نڪري موٽي وڃي، تونگ تي قبضو ڪري. ھن لاءِ ٻيو رستو ھي ھو تھ جمڪ لڪ کان پاسو ڪري، ديراھھ لڪ مان لنگھي مارواڙ وٽان گذري، تومب واري کاھي يا گھارو وٺي وڃي جئڪب جي فوجي چوڪين وٽان لنگھي، ڪجڪ ۽ بولان واري علائقي ڏانھن ھليو وڃي. اھي ٻئي رستا ڏاڍا ڏکيا ھئا. پر ھنن کي ٻيو چارو بھ ڪونھ ھو. ڇاڪاڻ تھ ھنن لاءِ وايو منڊل ڏاڍو ڳنڀير ھو. کين ھنن ٻنھي ڏکين رستن کان سواءِ ڪا ٻي ڀيڻي ڪانھ ھئي.

جيڪڏھن دشمن ھنن ٻنھي مان ڪوبھ رستو اختيار ڪرڻ لاءِ تيار نھ آھي تھ پوءِ ھن کي چئن جنگي محاذن کي منھن ڏيڻو ھو. ھڪ تھ کين انھيءَ سوڙھي ميدان ۾ انگريزي فوج کي منھن ڏيڻو ھو، جيڪو سندن منزل کان پٺئين پاسي واقع ھو، جنھن لاءِ ھن فوج کي ديراھھ کان ڦري، سکن جي علائقي وٽان ھنن تي حملي ڪرڻ لاءِ، جابلو علائقي تان ھيٺ لھي اچڻو ھو. معلوم ائين ٿي رھيو ھو، تھ ھنن جي کاڌي پيتي کٽي وڃڻ کان پوءِ پيش پوڻ کان سواءِ ڪو ٻيو رستو ڪونھ ھو. ڇاڪاڻ تھ وٽن ڪا اضافي کاڌ خوراڪ موجود ڪانھ ھئي. نھ ھجڻ جي صورت ۾ تروڪي سندن بچاءَ جي جاءِ ھئي. ھنن کي انگريزن کي مھاڏو ڏيڻ ڏکيو پلئھ پوي ھا، پر جيڪڏھن گجرو جي اوسي ڪي ڳجھا لڪ ھوندا تھ انھن وسيلي نڪري ڪيڏانھن بھ وڃي سگھن ٿا. ڇاڪاڻ تھ انگريزي فوج جي رھبرن ۽ جاسون کي اھڙن ڳجھن لڪن جي ڪابھ خبر ڪانھ ھئي. ان ڪري اھو بھ امڪان ٿي سگھي ٿو تھ انھن ڳجھن لڪن مان لنگھي ميجر بيٽسن تي حملو ڪري سگھن ٿا، جيڪو پنھنجي فوج سان شور وٽ ويٺو ھو. ھن وقت انگريزن لاءِ جنگ ھڪ مسئلو بڻجي چڪي ھئي. ڇاڪاڻ تھ اھي مسئلا ڏاڍو پيچيده ٿي ويا ھئا. جھڙوڪ:

1)        انگريزي فوج جي رابطي جو اھم ماڳ شاھپور ھو جيڪو ھتان کان ھڪ سو ميل پري ھو جنھن جي وچ تي ڏاڍا ڏکيا لڪ موجود ھئا.

2)       ھن کان سواءِ کاڌ خوراڪ ۽ پاڻي جو مسئلو ھو، ڇاڪاڻ تھ کوھن ۽ تلاون ۾ زھر اڇلائڻ جي جابلو ماڻھن جي عادت ھئي.

3)       فوجي قافلن جي چرپر لاءِ فوجي پھريدارن جي موجودگي ضروري ھئي، ڇاڪاڻ تھ ننڍين کاھين ۽ گھارن ۾ ماھر گھوڙيسوار ڌاڙيل موجود ھوندا ھئا، ۽ انھن جي اوچتن حملن جو وڏو امڪان ھوندو ھو. جيڪي فوج جي دمبالي تي حملو ڪري مال غنيمت ھٿ ڪرڻ جي اوسيئڙي ۾ ويٺا ھوندا ھئا.

4)       کاڌي پيتي جي تھ اڳئي کوٽ ھئي، سرڪاري اٺ بھ ھلي ھلي ٿڪجي پيا ھئا. ان ڪري فوجين کي اڌ ورءُ ملندو ھو. شور ۾ بھ باقي ٻن ڏينھن جي کاڌ خوراڪ وڃي بچي ھئي. جنگ جي ميدان تي موجود جنگي سامان جي ڀانڊي ۾ بھ ٻن ڏينھن جو بارود رکيل ھو. ھنٽر کي جمڪ ڏانھن بھ انھيءَ مقصد سان موڪليو ويو ھو، تھ جيئن اھو شاھپور واري رابطي مختصر ڪري سگھجي ۽ فوجي قافلن کي سيبري ۽ روز ڪشتا ڏانھن وڃڻ بدران، جمڪ وارو لڪ پار ڪن.

ٿڪل اٺن لاءِ گاھھ چاري جو بندوبت ديراھھ واري علائقي مان ڪرڻو ھو. ان لاءِ اڳرائي ڪرڻ واريون فوجي سرگرميون شروع ڪرڻيون ھيون. پر ان لاءِ جوابي حملن جون سٽون بھ ضرور سوچڻيون ھيون. تنھن ڪري فوجي جوڙجڪ ۾ ٿوري تبديلي ڪئي وئي ھئي.

جيڪڏھن دشمن کي پنھنجي جاسوسن يا سفارتڪارن وسيلي ھي معلومات ملي وئي، تھ انگريز فوج ڪھڙن ڏچن جي ور چڙھي وئي آھي، تھ پنھنجي فوج جو ھڪ عالم ديراھھ ڏانھن موڪلي بيٽسن واري فوج کي ناس ڪرڻ کان پوءِ ان علي مراد تي حملي ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو ويندو، جيڪو لوٽي واري لڪ وٽ منزل ڪيون ويٺو آھي. ان وقت ھنٽر جو ڪالم پيش قدميءَ ۾ مصروف ھوندو. تنھن ڪري امڪان آھي تھ اھو سندن واھر ڪري سگھي ٿو.

جيڪڏھن لوٽيءَ وٽ فوج جي اجتماع ڪري، تھ پوءِ دشمن شور کان ديراھھ ويندو جتي فوج جو ھيڊڪوارٽر قائم آھي. اھڙين ڳالھين کي نظر ۾ رکي، بيٽسن ۽ علي مراد کي چيو ويو آھي تھ ٻئي پنھنجن فوجن کي لشڪر جي دمبالي وٽ گڏ ڪري منزل ڪن، ۽ ٻنھي طرفن کان باھيون ٻاريون وڃن. اھڙيءَ ريت ھنٽر کي بھ چيو ويو آھي تھ پنھنجي پيش قدمي جو رستو تبديل ڪري ۽ دشتِ گھرام وارو رستو ڏئي ائين ڪرڻ سان دشمن جي چوڌاري، ھن قسم جي جوڙجڪ ڪرڻ کان پوءِ سر چارلس نيپئر گجرو کان روانو ٿيو ۽ 22 تاريخ تي ديراھھ پھتو. کيس بيٽسن تي حملي جو خطرو ھو. کيس اھو بھ اوسيئڙو ھو تھ ھنٽر تاريخ 25 تي جمڪ وٽ پھچڻ گھرجي. انھيءَ ڪري نھ تھ ھو شاھپور واري رابطي جي ھڪ مختصر رستي کي قائم ڪري وٺي پر فوجي قافلن کي انھيءَ رستي سان اڳتي وڌڻ جو مشورو ڏئي. ان کان سواءِ ھو تومب ۾ رھيل گھوڙيسوارن جي پڻ مدد ڪري. اھو ڪم نھايت اھم ھو. ڇاڪاڻ تھ جيڪڏھن دشمن مرو واري ميداني علائقي کان ڦري ديراھھ تي حملو ڪندو تھ ان کي چڱيءَ ريت مھاڏو ڏئي سگھبو. پر جيڪڏھن دشمن سنگسيلا وارو گھارو ڏئي تومب تي حملو ڪندو تھ بھ وسلين ڪونھ ويھندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org