سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي انتظامي تاريخ

باب:

صفحو: 31

ھتي ماڻھن کي ڊيڄاري کانئن ملڪيتون ڦريون وينديون آھن. اھو ڪاروبار سالن کان وٺي جاري آھي. مان بھ پڪو پھھ ڪيو آھي تھ ھن آزار کي بھ ضرور ختم ڪندس. ليڪن سوچي رھيو آھيان تھ ان لاءِ طريقو ڪھڙو ڪتب آندو وڃي. اسان جو پوليس کاتو پنھنجا منصبي فرض سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ سان سرانجام ڪري رھيو آھي. اھي ڌاڙيلن سان ڏاڍي جرئت ۽ بھادري سان مقابلا ڪري رھيا آھن. ھڪ ٻھ واقعا اھڙا ٿيا آھن جو ھنن ڪي غير قانوني ڳالھيون ڪري ورتيون آھن، پر اھڙا واقعا عام ڪونھ ٿا ٿين. تنھن ڪري چئي سگھجي ٿو تھ اھي ماڻھن کي ائين ڪونھ تپائيندا، جيئن ھنن ملازمت جي ابتدائي دور ۾ ڪيو ھو.

وڏن مجرمن جا معاملا ملٽري ڪميشن ھلائي رھي آھي جنھن جا نتيجا ڏاڍا سٺا نڪتا آھن. پر ننڍن مجرمن جا معاملا مئجسٽريٽ ھلائي رھيا آھن ۽ ھر ماڻھوءَ کي انصاف ملي رھيو آھي. مان ھر معاملي جو مطالعو ڪندو آھيان ۽ گھڻي سوچ ويچار کان پوءِ سزا جي ڪاغذن تي صحيح ڪندو آھيان. منھنجو اھو ڪم ھوريا ھوريا وڌندو پيو وڃي. ھتان جا ماڻھو اسان جي انصاف ڏيڻ واري طريقي کي تمام گھڻو پسند ڪندا آھن. تنھن ڪري ڪيس (معاملا) گھڻو وڌي ويا آھن. مون کي خوف آھي تھ جيڪڏھن انھن معاملن جو تعداد اڃا بھ وڌي ويو تھ وقت نھ ھجڻ ڪري مان معاملن جي ڪارروائيءَ جو مطالعو ڪري ڪونھ سگھندس. مان اوھان جي سامھون ھڪ مختصر جائزو پيش ڪيو آھي تھ اسان سنڌ جو انتظام ڪھڙي طريقي سان ھلائي رھيا آھيون. مان ھن حقيقت کي مشرقي انداز ۾ ھن ريت بيان ڪري سگھان ٿو تھ جتي بھ مان پھچان ٿو تھ ماڻھن جا ميڙ منھنجي تنبوءَ جي چوڌاري گڏ ٿي وڃن ٿا جن جو مقصد سلام ڪرڻ ھوندو آھي. ان کان سواءِ مان جڏھن ڪنھن ڳوٺ وچان لنگھندو آھيان تھ ماڻھو وڏي آواز ۾ مون کي دعائون ڏيندا آھن. ھنن ڳالھين مان چڱيءَ ريت محسوس ڪري سگھجي ٿو تھ ماڻھو مون مان خوش آھن ۽ منھنجيءَ حڪومت کي سٺو سمجھن ٿا. ٻي سٺي ڳالھھ ھيءَ بھ آھي تھ مان جھنگلن وچان ھي سفر سنڌي ”اريگيولر ھارس“ سان گڏ ڪري رھيو آھيان ۽ چوڌاري اڻ سڌريل قبائلي موجود آھن. جيڪڏھن اھي ماڻھو اڳرائي ڪن ھا تھ انھن کي بھ مناسب جواب ملي وڃي ھا ۽ اھو ڪم جبل جا قبائلي سردار سرانجام ڪن ھا. ڇاڪاڻ تھ مون سان گڏ گھوڙيسوارن جو مختصر تعداد آھي. تنھن ڪري جابلو لڪن مان لنگھي، ھنن خلاف ڪابھ ڪارروائي ڪري ڪونھ ٿو سگھان. مان عام ماڻھن جي ڀروسي تي ائين ڪيو آھي نھ تھ مون کي ايترن ٿورن گھوڙيسوارن سان اھڙي ڏکئي سفر ڪرڻ جي دل ڪانھ ٿئي ھا.

مان ٻڌو آھي ”دھلي گزيٽ“ ھن ڳالھھ جو اشارو ڏنو آھي تھ سنڌ جي حڪومت اڳين ٽالپر حڪمرانن جي حوالي ٿي رھي آھي. سرڪار کي گھرجي تھ اھڙين ڪوڙين خبرن تي پابندي مڙھي نھ تھ انھيءَ جي نتيجي ۾ ڏاڍو ھاڃو رسي سگھي ٿو. اھڙيون خبرون ٻڌي ھتان جا ھندو واپاري تھ ھراسجي ويا آھن. جيڪڏھن اھڙيون خبرون ھلنديون رھيون تھ ھي ماڻھو پنھنجو پئسو ھتي ڪونھ سيڙائيندا. ڪن واپارين مون کي اھو بھ ٻڌايو آھي تھ اسان وٽ دولت آھي. جيڪڏھن اسان اھا دولت عام ماڻھن کي ڏيکارينداسون ۽ اوھان سنڌ جي حڪمراني ٽالپرن کي واپس ڏئي ھليا ويندا تھ اسان جو جڻ ٻچو رلي ويندو. ان ڪري اسان واپاري ڏيتي بھ تڏھن ڪنداسون جڏھن ڏسنداسون، ھتي انگريزن جي حڪومت قائم آھي. اھي ٽالپر اسان جو الھھ تلھھ ٻھاري ويندا ۽ نت نوان عذاب ڏئي اسان وڌيڪ ڏيڻ لاءِ مجبور ڪندا.“

ممبئي وارا ڪچ کي سنڌ کان کسي رھيا آھن. منھنجي خيال ۾ ھي ماڻھو غلط آھن. ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس اھڙي خبر سر ھينري ھارڊنج ڏانھن بھ موڪلي ھئي جنھن وري اھا مون ڏانھن بھ موڪلي آھي. منھنجي ڄاڻ مطابق ڪڇ سنڌ کان کسيو ويندو. ڪڇ کي سنڌ سان ملائڻ ڪري منھنجي مٿي جو سور وڌي ويو ھو. ھن وقت منھنجي ڪچ ۾ ڪنھن بھ قسم جي دلچسپ ڪانھ آھي. پر ڪرنل رابرٽس ۽ ڪچ جو راءُ ھڪ ٻئي جا پڳ مٽ يار رھيا آھن. اھو ڪم بھ ھن ماڻھوءَ ڪيو آھي. جنھن کي مان بھ سٺو سمجھان ٿو. جڏھن کان ڪڇ کي سنڌ سان ملايو ويو آھي. تڏھن کان ممبئي سرڪار کي ڄڻ پيٽ ۾ سور جا ولھوٽا پيا آھن. ھي سنڌ کان ٻاھر جون ڳالھيون آھن، جن ۾ منھنجي ڪابھ دلچسپي ڪانھ آھي. مان اڌ گيدي ڪم کان بڇان ڪندو آھيان. منھنجو فقط سنڌ سان واسطو آھي. مان اوھان کي يقين ٿو ڏياريان مون کي ھنن معاملن ۾ ڪنھن بھ قسم جي دلچسپي ڪانھ آھي. منھنجي دلچسپي رڳو سنڌ ۾ آھي جنھن لاءِ مان ڏينھن رات جاکوڙي رھيو آھيان. اھڙي دلچسپي ڏينھون ڏينھن وڌي رھي آھي. مون کي اھا بھ پڪ آھي تھ مون کي ممبئي جي ڪمانڊر ان چيف جو عھدو ڪونھ آڇيو ويندو. مان ڄاڻان ٿو تھ ھنن ماڻھن انتظام جا سارا اختيار جيمس آئوٽرام جي حوالي ڪري ڇڏيا آھن. اخبارن مان تھ ائين محسوس ٿي رھيو آھي. ان سماجي نوعيت جي جنگ جو مون کي ڪو پتو ڪونھ آھي. پر مان سمجھان ٿو تھ اھي ماڻھو اھڙيون ڳالھيون تجربي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪري رھيا آھن. جڏھن ھنن جي پيرن ھيٺان زمين کسڪڻ لڳندي تڏھن وڃي ھنن جون اکيون کلنديون. اوھان جڏھن مھاراجا جئپور کي اکيون ڏيکاريون ھيون تھ ھي ماڻھو ھٿن مان نڪري ويا ھئا. توھان تھ نانگ کي زخمي ڪيو آھي پر ماريو تھ ڪونھ ھو. گواليار کي اھڙي ڌڪ لڳڻ ڪري مرھٽن جي ملڪ جي ڏکڻ واري علائقي ۾ بغاوت جون تلوارون اڀيون ٿي ويون ھيون. جنھن ڪري اتر علائقي جا ماڻھو بھ ڀانڀورجي ويا ھئا. ھاڻي سارو ملڪ بغاوت جي باھھ جا ڀنڀٽ ٿي ويو آھي. ھي مرھٽا رڳو قابل نفرت دشمن ڪونھ آھن،پر سمجھڻ کپي تھ ھنن ۾ شيواجي جو روح بھ موجود آھي.

مان6  - ايف. آءِ، N I سر جِي آرٿر جي حوالي ڪري ڇڏي آھي. ان کانسواءِ 13 - لائيٽ افنٽري بھ سندس ماتحت رکي وئي جنھن ۾ تجربيڪار فوجي آھن. جيڪي نوجوان فوجين کان ٻيڻ تي ڀلا آھن. مان کيس ھن کان وڌيڪ ٻي فوج ڏئي ڪونھ ٿو سگھان. اھڙي بدنظميءَ جو سنڌ تي آخر ڪھڙو اثر پوندو. مان 78 ريجمينٽ اڳئي وڃائي چڪو آھيان. ھيءَ ريجمينٽ ھتي پھچڻ مھل ڏاڍي صحتمند ۽ سگھاري ھئي. سنڌ جي ٻين علائقن ۾ بھ ڪاري بيماري وغيره ڪانھ ھئي. ھت بيماريءَ نومبر جي پھرئين ھفتي ۾ منھن ڪڍيو ھو. ھاڻي تھ سڀ فوجي اسپتالن ۾ ڀرتي آھن. ۽ ٻھ سئو مري ويا آھن. جن ۾ عورتون ۽ ٻار بھ شامل آھن. مان کين جلد کان جلد حيدرآباد موڪلي رھيو آھيان. جيڪڏھن جابلو علائقي جي ڌاڙيلن خلاف ڪا جنگي مھم شروع ڪئي وئي تھ ان کي منھن ڏيڻ لاءِ مون وٽ فوج تھ موجود ئي ڪانھ آھي. ھيءَ جڳھھ تھ بيمارين جو ڀانڊارو آھي. ھڪ ماڻھو بھ صحتمند نظر ڪونھ ٿو اچي. پروڪي سال جيان ھاڻي سڀ فوجي سٿا لڳيا پيا آھن.

ضميمو پنجون

لارڊ ايلنبرو ۽ سر ھينري ھارڊنج ڏانھن لکيل خطن جو اختصار جن ۾ فوجين جي بغاوت ۽ بيماري جو ذڪر ڪيل آھي.

بغاوت:

مون کي افسوس آھي جو بغاوت ۾ اڃا بھ ٺاپر ڪانھ آئي آھي. مان اڄ پھريون ڀيرو ھنٽر سان مليو آھيان جيڪو فوجين کي چڱيءَ ريت سڃاڻي ٿو. ھن وقت ٿوري گھڻي ماٺار ضرور آھي، پر سندس خيال موجب اھا ڪڏھن اوچتو ڀڙڪو کائي سگھي ٿي.

مان ھيءَ حقيقت جلديءَ ۾ اوھان کي ٻڌائڻ چاھيان ٿو. جنرل سمپسن ۽ ھنٽر جو خيال آھي تھ بنگال جي فوجين تي ڪنھن بھ قسم جو ويساھھ ڪري ڪونھ ٿو سگھجي. ڇاڪاڻ بنگالي فوجي پنھني عملدارن کان عجيب غريب سوال پڇي رھيا آھن تھ جيڪڏھن ھو جنگ ۾ مارجي ويا تھ سندن ڪٽنبن کي ڪھڙي طريقي سان پينشنون ملنديون؟ اھڙي قسم جا سوال 4 ريجمنٽ پڇي رھي آھي. 64 بنگالي ريجمينٽ جو بھ ساڳيو خيال آھي. ٻين فوجين جو چوڻ آھي تھ جيڪڏھن باغي فوجين کي پينشن ملندي تھ انھن فوجين جو ڇا ٿيندو، جن ھن معاملي تي بغاوت ڪانھ ڪئي آھي. اھڙين حالتن مان سولائي سان سمجھي سگھجي ٿو تھ فوجين جي اندر ۾ گگر آھي. 4 ريجمينٽ جي فوجين اھو بھ چئي ڏنو آھي تھ جيڪڏھن 64 ريجيمينٽ ھندستان ويندي تھ اھي سندن ڪڍ ھليا ويندا.

مان ھاڻي خوش آھيان. مان ۽ منھنجو ائڊ جوائٽنٽ جنرل ٻئي جنرل ھنٽر سان ھن ڳالھھ ۾ متفق آھيون تھ ھاڻي حالتون صحيح ٿي ويون آھن. پر جنرل سمپسن جو خيال ٻيو آھي. فوجي عملدارن جي عام راءِ بھ جنرل سمپسن سان سھمت آھي. ھي اھڙيون ڳالھيون آھن جن تي کلئي عام بحث ڪري بھ ڪونھ ٿو سگھجي ۽ ماڻھوءَ کي بنا پڇا ڳاڇا ڪرڻ جي ھر شيءِ معلوم ٿي سگھي ٿي.

بيماري:

مان اڄ 78 ريجيمينٽ جي پھرينءَ ڊويزن فوج کي حيدرآباد موڪلي ڇڏيو آھي. ھر فوجي صحت ۾ ايترو پوڻو پئجي ويو آھي جو جيڪڏھن کيس ھٿيار پھرائبا تھ اٿي ڪونھ سگھندو. انھن بيمارن ۾ 64 نيٽيو افنٽري جا ھڪ سو ويھھ ۽ 4 نيٽو افنٽري جا اسي ماڻھو آھن. اھڙيءَ ريت پھريدار دستن جي ماڻھن بھ پنجن ھفتن کان وڃي کٽون ورتيون آھن. پر ڏيھي فوجي 78 ريجيمينٽ جي فوجين کان گھٽ موت جو شڪار ٿيا آھن. ان کان سواءِ بئٽري جي يورپي ماڻھن کي لاڙڪاڻي موڪليو ويو آھي. باقي توبخانو ۽ ان سان لاڳاپيل گھوڙا پوئتي ڇڏيا ويا آھن. اھڙو ڪوبھ ماڻھو ڪونھ بچيو ھو جو انھن کي سنڀالي سگھي. ھي فوج ھاڻي پنگلي ٿي رھجي وئي آھي، جنھن ۾ فقط ٻھ سو ماڻھو آھن، پر اھي بھ تپ ۾ ورتا پيا آھن. مان جابلو علائقي مان سفر ڪرڻ وقت سنڌ ھارس کنيا ھئا. ھن وقت مون وٽ فقط سنڌ ھارس ۽ اٺ سوار فوج موجود آھي جنھن کي مان ضرورت وقت ڪتب آڻي سگھان ٿو. ھن کان سواءِ ٻيا ٽي سو رضاڪار آھن، جن جو واسطو 13 ريجمينٽ سان آھي جن کي بھ مان لاڙڪاڻي ۾ ڇڏي آيو آھيان. ڇاڪاڻ تھ ھنن کي پاڻ سان وٺي بيماريءَ جي منھن ۾ ڪونھ ٿي ڏيڻ چاھيم. 78 ريجيمينٽ جا  پنج ڇھھ ماڻھو تھ اڄ مري ويا آھن. مون کي بھ ڀؤ ٿي بيٺو آھي متان اڃان بھ وڌيڪ موت جو شڪار ٿين. جيڪڏھن تپاولي جو وايو منڊل ھي ھوندو ۽ سرحد تي ڪو ڀنڻ ٿي پيو تھ الائي ڇا ٿيندو. تنھن ڪري ھن منڌل وايو منڊل ۾ مون کي ائين ڪرڻ جي اجازت ڏيو جيئن آءٌ چاھيان ٿو، يعني مون کي رضاڪار مقرر ڪرڻ جي موڪل ملڻ گھرجي.

جيتري قدر 78 ريجيمينٽ جو سوال آھي تھ سڄي ڇانوڻي تپاولي ۾ ورتي پئي آھي. ڏيھي بھ يورپي فوجين جيان تپيا پيا آھن. منھنجو خيال آھي تھ شراب پيئڻ سان مليريا جو يا ٻيو بخار دماغ تي گھڻو اثر ڪندو آھي. 13 ريجيمينٽ جي ڊاڪٽر رابرٽسن جو بھ ساڳوي خيال آھي. ھي ماھر ڊاڪٽر آھي سندس چوڻ آھي تھ ڪھڙو ڊاڪٽر بھ ائين ڪونھ چوندو تھ بخار دوران شراب پيئڻ جيري ۽ دماغ تي اثر ڪونھ ٿو ڪري. ھڪ راڳ جي سٽ آھي. ”جن ئي منھنجو جئريو ساڙي ڇڏيو.“ اچو تھ ھاڻ فوجي سپاھيءَ کي پنھنجي گفتگو جو موضوع بڻايون. مان اھو ڪونھ ٿو چوان تھ 78 ريجيمينٽ چڱيءَ ريت منظم آھي ۽ شراب پيئڻ کان پري آھي، پر اسڪاٽلينڊ جو فوجي، شراب جو پورو راشن وٺندو آھي. ان کان سواءِ منھنجو ھر ماڻھو شراب جو عادي آھي. سرڪار ھن کي ٻن ڊرام جي موڪل ڏني آھي. پر ھو ڏھاڙي ٽي بوتلون پيئندو آھي. ھڪ نيراني، ھڪ نيرن کانپوءِ. اھڙو ڪو ماڻھو آھي جيڪو مون وانگي ساري زندگي فوجين سان رھيو ھجي ۽ چئي سگھي تھ فوج ۾ اھڙو ڪو ماڻھو آھي جيڪو شراب اصلي ڪونھ پيئدنو آھي يا ٽن بدران ھڪ بوتل پيئندو ھجي. مان عملدارن واتئون اھا ڳالھھ ٻڌي کلي ويھندو آھيان تھ منھنجا ماڻھو شراب ڪونھ پيئندا آھن. ان جو مطلب اھو ھوندو آھي تھ اھي ضرور پيئندا آھن. حقيقت بھ ائين آھي. پر شراب کان پري ڀڄندڙ اھي ماڻھو ڪچي شراب جي بوتل ٽيون حصو ڏوگھي ويندا آھن. مان ھن ڳالھھ ۾ ڪنھن بھ قسم جو وڌاءُ ڪونھ ٿو ڪريان. مان سرڪار طرفان ڏنل ڪچي شراب جي بوتل جو ٽيون حصو پي تھ ويندس، پر پوءِ منھنجو دماغ ۽ جگر سڙڻ شروع ڪندو. ھي عقل جو ھڪ عام قسم جو سوال آھي. مان ھڪ ڊاڪٽر کان اھو سوال ضرور پڇندس تھ بخار ۾ جيڪڏھن ڪو بيمار ايترو ڪچو شراب پيندو تھ منجھنس چڙھڻ يا چاڪ ٿيڻ جو آسرو آھي بھ يا نھ؟ سر جان مور جو چوڻ آھي تھ ھڪ انگلينڊ جو نوجوان ڏھاڙي شراب جي بوتل جو ٽيون حصو پي سگھي ٿو. پر اھو شراب انھن ماڻھن لاءِ آھي جيڪي شعوري طور شراب کان ڪونھ ڀڄندا آھن، پر اعلى عملدار جي حڪم سان ڪونھ پيئندا آھن. ھتي اسان جو فوجي جوان کي ڪچي شراب جي بوتل جو ٽيون حصو ڏيندا آھيون. مٿي بيان ڪيل ڊاڪٽر کان سواءِ ٻيو ڊاڪٽر بئلي آھي جنھن تي منھنجو پورو ڀروسو آھي. سندس چوڻ آھي تھ جيڪڏھن اوھان صحتمند رھڻ ٿا چاھيو تھ شراب ۽ بيئر پيئڻ کان پري ڀڄو. ڪي ماڻھو وري چوندا آھن تھ مان شراب جو ايڏو موالي ٿي ويو آھيان جو ان کي ھڪدم ڇڏي ڪونھ ٿو سگھان. ائين چوڻ تھ صفا بيوقوفي آھي ۽ اھڙيون ڳالھيون بھ اھي ماڻھو ڪندا آھن جيڪي شراب ڇڏڻ ڪونھ چاھيندا آھن. سو اختياريون ڄاڻن اختيارين جو ڪم ڄاڻي. ماڻھوءَ کي پنھنجو عقل سليم خبردار ڪندو آھي تھ سرڪار طرفان ڏنل شراب جو راشن انھن نوجوان فوجين کي تباھھ ڪرڻ لاءِ ڪافي ھوندو آھي. جيڪي گرم آبھوا جي ملڪن ۾ رھن ٿا. مان ڊاڪٽر کي وري بھ گذارش ڪري رھيو آھان تھ اھي نوجوان فوجين کي نصيحت ڪن. فوجي نوجوان ايترو طاقتور ضرور ھوندو آھي جو بخار دوران ڪچو شراب پي بھ زنده رھندو آھي. انھيءَ ڪري ھو ڪمزور ٿي ٻئي ڄنگھون قبر ۾ لڙڪائي ويٺو آھي. پنھنجي وڍيءَ جو نھ دارون نھ دوا. قدرت مٿس کلندي رھندي آھي. اسپتال مان فارغ تھ ٿي ويندو آھي. پر کيس اسھالن ۽ سوريءَ کان فراغت ڪانھ ملندي آھي. اسپتالون تھ بيمارن سان ڀريون پيون آھن. ڊاڪٽرن کي تھ مٿي کنھڻ جي فرست ڪانھ آھي. تھ پوءِ اھڙن بيمارن لاءِ موت کان سواءِ ٻيو چارو ڪونھ ھوندو آھي. بخارن مان چڙھي مس چاڪ ٿيندا آھن تھ شراب پيئڻ شروع ڪندا آھن تھ وريو وڃي کٽ وٺندا آھن. نوجوان اڻ پڙھيل ۽ وھيءَ سان ھوندو آھي تھ شراب کان پرھيز ڪونھ ڪندو آھي. پر ٿوري وقت کان پوءِ کانئس خوشي موڪلائي ويندي آھي. ان کان سواءِ موڳو ۽ سست ٿي پوندو آھي. پر چست ٿيڻ لاءِ ڪجھھ وڌيڪ چڪڙي چاڙھيندو آھي. ويتر نٻل ۽ نيستو ٿي ويندو آھي. دل ۾ سوچيندو آھي تھ شراب خراب شيءِ آھي جنھن جي ويجھو وڃڻ لنڊيءَ تي لت آھي، پر ڇڏي ڪونھ سگھندو آھي. سندس پيٽ ۾ گڙ ٻڙ ٿي پوندي آھي ۽ پوري اسھال ۾ سوري شروع ٿي ويندي اٿس. ھي مرض ٿيندو ئي شراب پيئڻ ڪري آھي پر ان کي دوا سمجھي شفا لاءِ وڌيڪ پيئڻ شروع ڪندو آھي، ليڪن ھو ان وقت تائين ختم ٿي چڪو ھوندو آھي. پر ھاڻي اھڙا نوجوان آھن جيڪي ھن بڇڙائيءَ کان بچيل آھن. فقط ايترو پيئندا آھن جيترو کين سرڪار طرفان ملندو آھي يا جيڪو ھو پنھنجي لاءِ مناسب سمجھندا آھن. سندن سنگتي ساٿي بھ کين ايتري پيئڻ جي صلاح ڏيندا آھن. اھڙا فوجي مرندا گھڻي شراب پيئڻ ڪري آھن پر ڏوھھ ڏيندا آھن آبھوا تي. اھا ڳالھھ بھ ڪوڙي ڪانھ آھي تھ آبھوا گرم ڪانھ آھي، پر ڊاڪٽر ۽ دوائن جي موجودگيءَ ۽ ڇانوڻيءَ جي نظام ڪري ڇپ ڇيتيون ٿي پوندي آھي. ۽ تيئن ھاڻي شراب جي بوتل جو چوٿون حصو پي ڄڻ فوجي سپاھي اسپتال وڃڻ جون تياريون ڪندو آھي. ڇاڪاڻ تھ ايتري گھڻي شراب ڏوگھڻ کان پوءِ تپجي ٻرجي پوندا آھن. جڏھن اسپتال ڀيٽي ڇانوڻيءَ پھچندا آھن تھ ساڳيا سڱ سڃاڻ ڏاتو پنھنجي ڏاند جا. مان ھڪ فوجي اھڙو ڏٺو آھي جيڪو سرڪار طرفان مليل مڌ (شراب) پيئندو آھي. ٿي سگھي ٿو ٻيا بھ ھن کي ڏسي ائين ڪندا ھجن. مون کي ٻڌايو ويو آھي تھ اھي فوجي بھ گرمي ڪري مري ويا آھن. جيڪي مڌ کان وئن ويندا ھئا. مون کي انھيءَ ڳالھھ تي ويساھھ آھي. ھڪ ڇا سوين مري ويا ھوندا. پاڻ کي پاڪ پوتي سمجھڻ وارا ماڻھو امر تھ ڪونھ ھوندا آھن. ان ھوندي بھ آءٌ چوان ٿو تھ ھتي جي موت کي شراب ۽ آبھوا ۾ ورھائي سگھجي ٿو. ھاڻي تھ چوڌاري حملا ئي حملا ڏسڻ ۾ اچن ٿا تھ اھڙي ڳنڀير وايومنڊل ۾ فوجين کي اھڙي ڇڙواڳي نھ ٿي ڏئي سگھجي. ھتي تھ ڊاڪٽر ۽ اسپتالن جو عملو بھ ٻين عام ماڻھن جيان پيو مري ٿو

مان ھن مسئلي تي گھڻو سوچيو ويچاريو آھي ڇاڪاڻ تھ اھو اھم آھي. 13 ڪئينس ريجيمينٽ جي ڊاڪٽر رابرٽسن ھڪ ڏينھن مون کي ٻڌايو جڏھن شراب جي اڻاٺ ٿي ويندي آھي تھ اسپتالن جا بسترا بيمارن لاءِ خالي ھوندا آھن. اھو ئي ڪاڻ آھي جو جلال آباد ۾ ھڪ بھ مريض اسپتال ۾ ڀرتي ڪونھ ھو، پر جڏھن شراب پھتو تھ اگھن جون لانڍون لڳي ويون. ھتي بھ جيڪڏھن فوجين کي شراب پيئڻ جي ڇوٽ ڏني وئي تھ منھنجي اسپتال ۾ بھ اگھن جي ڪلھي گيھھ لڳي پئي ھوندي. ھڪڙن کي ٻاھھ ۽ سوريءَ جي سختي ھوندي تھ ٻيا پيا تپ ۾ ھڙڪندا. تنھن ڪري اھڙين ڳالھين ۽ ڊاڪٽرن جي نقطئھ نظر توڙي عقل سليم کي آڏو رکي، مان فوجين کي ايترو شاب ڏئي رھيو آھي جيترو سرڪار تجويز ڪيو آھي. انھيءَ ۾ ڪا آٻوڇي بھ ڪانھ آھي. سرڪار جو نقطئھ نظر بھ اھو ساڳيو ھوندو. ڏيھي ماڻھو جيڪي شراب کان ڇرڪندا آھن، سي اسپتال مان جلدي نؤبنا ٿي نڪرندا آھن. باقي يورپي تھ چڙي چڙي مس وڃي چڱا ڀلا ٿيندا آھن.

ڊاڪٽر ڪرڪ ڏانھن لکيل خط جو اختصار

مان پنھنجي ھن نقطئھ نظر تي اٽل آھيان تھ مليريا جي بيماريءَ ۾ جيڪي موت واقع ٿين ٿا، تن جو اصل ڪارڻ حد کان وڌيڪ شراب نوشي آھي. ٻئي ھنڌ کڻي ائين نھ بھ ھجي تھ ميڊيٽرانن وارن ملڪن ۾ تھ ائين ضرور آھي. پر منھنجو اشارو شراب جي ڳھر ڏانھن ڪونھ آھي. ليڪن منھنجو مطلب ڏھاڙي واري وزن کان وڌيڪ چڪڙيءَ چاڙھڻ آھي. ڏٺو ائين ويو آھي تھ عام نوجوان فوجي ملازمت ۾ اچڻ کان اڳ شراب کي سنجيدگيءَ سان ھٿ لائيندو. پر فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ کان پوءِ گڙنگ موالي بڻجي وڃي ٿو. اھو فوجي اکيون بھ ائين ڇھنبيندو آھي ڄڻ شراب جو پھريون ڊرام پيئندو ھجي. ھو چوندا بھ ائين تھ شراب جو پھريون ڊرام پيئڻ ائين آھي ڄڻ چيري جا ٻھ چڪ. ان کان پوءِ پھريون ڊرام پي شراب ھاري ڇڏيندا آھن. ٻين کي پيئندو ڏسي وري دل وسڪي پوندي اٿن ۽ ٻيو خريد ڪندا آھن. اھو شراب راشن کان وڌيڪ آھي جيڪو ڏينھن ۾ ٻھ ڀيرا ملندو آھي. تنھن ڪري آءٌ ايڏو موڳو ۽ اوڳو ڪونھ آھيان، جو ھو تپجن گھڻي شراب پيئڻ ڪري ۽ مان چوان تھ کين مليريا جي ٻري گھوگھاٽيو آھي. منھنجو اھو بھ خيال آھي تھ ڪڏھن ڪڏھن ۽ ڪن خاص حالتن ۾ شراب مليريا جي بخار جي دوا دوا بھ ٿي پوندي آھي. پر اھو انھيءَ ماڻھوءَ لاءِ ٿيندو آھي جيڪو شراب کان ائين ڀڄندو آھي جيئن گنجو ڀڄي پاڪيءَ کان. جيڪي اڳياڙي پوياڙيءَ پيالا پر ڪري پيئندا آھن سي ڄڻ تھ پنھنجي دماغ ۽ جيري کي تپجڻ لاءِ تيار ڪندا آھن، پر جڏھن مٿس ٻرو چڙھندوآھي تھ کيس ھڻي ڍير ڪري ڇڏيندو آھي۽ وري ڏوگھيندا بھ ائين آھن ڄڻ پاڻيءَ جو آواندو ڪنھن خالي ڍنڍ ۾ کلي ويو. ھندستاني فوج وري پرھھ جي پياڪ ھوندي آھي. نيراني چڪو چاڙھي، ڳھر ۾ ڳگاٽجي  پوندا آھن ۽ پنھنجو اڳيون ست ۽ ساھھ وڃائي ساڻا ٿي پوندا آھن.

ضميمو ڇھون

سر چارلس نيپئر جو War for Indian Army جي نين آرٽيڪلس جي 6 فقري تي تبصرو، جنھن ۾ ھن فوجين لاءِ جسماني سزا متعارف ڪرائي ھئي.

29 ڊسمبر 1844ع

جيتري قدر فقري نمبر 6 جو تعلق آھي، جنھن جو واسطو مجرم عملدارن کي سزا ڏيڻ سان آھي تنھن لاءِ منھنجو فقط ايترو چوڻ آھي تھ اھڙن اصولن کي ھروڀرو ڪورٽ مارشل سان سلھاڙيو نھ وڃي، پر سٺو اھو ٿيندو تھ ان کان پاسو ڪجي. ھن کان اڳ بھ مان اھڙو تبصرو ڪري چڪو آھيان. ان لاءِ منھنجو غور فڪر ھن ريت آھي:

1)   ڇاڪاڻ تھ جتي اڳ ۾ فوجي جرم جي حد بندي متعارف ٿيل ڪانھ آھي ۽ اھو ملڪ بعد ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي حڪمراني ھيٺ اچي وڃي ٿو.

2)  ۽ اھو ملڪ سنڌ وانگي جھنگلي ماڻھن جي وڳوڙن جي ور چڙھيل آھي.

3)  تھ اتان جي باغي قسم جي سردارن مٿان ضابطي رکڻ ۽ امن امان بحال ڪرڻ لاءِ اھڙي فيصلھ ڪن ۽ سخت قسم جي قانونن جي ضرورت پوندي آھي.

4)  اھڙن قدمن کي ڪورٽ مارشل جي پٺڀرائي حاصل نھ ھوندي آھي. پر جيڪڏھن ملٽري جج ايڊووڪيٽ جھڙا ماڻھو ھنن قانوني اصولن کي جرم ۽ سزا جي صحيح تعارف سان ڪورٽ مارشل سان ڳنڍين ٿا تھ پوءِ اھا ٻي ڳالھھ آھي. پر ملٽري جج ائڊووڪيٽس پاڻي کي قانون جا ماھر سمجھندا آھن پر ھوندا ڏڏ ۽ جاھل مطلق آھن ۽ اھڙي قانون جي اصلي جوھر کي ئي ختم ڪري ڇڏيندا آھن. اھي ماڻھو اصلي قانوني اصولن مان صحيح مدد حاصل ڪونھ ڪندا آھن ۽ فوجي ڪورٽ جي اصلي روح تائين بھ پھچي ڪونھ سگھندا آھن. تنھن ڪري اھي اھڙيون شيون ڏيندا آھن، جيڪي نھ فوجي ھونديون آھن، نھ وري قانوني لڳنديون آھن. ان جو نتيجو اھو نڪتو آھي تھ ڪورٽ مارشل روز اجائي لفاظيءَ ڏانھن اڳڀري ٿيندي پئي وڃي ۽ فوجين کي ھروڀرو ڦاسائڻ جي گھاڙ ۽ تاڙ ۾ لڳا رھندا آھن تنھن ڪري ڪو نھ ڪو منجھيل مسئلو ھٿ سان وجھي ڳالھھ ئي ڳڙ ڪري ڇڏيندا آھن. اھڙي ڏچي کان رڳو ملٽري جج ايڊووڪيٽس واقف ھوندا آھن. جڏھن وڪيل جج ۽ جيوري جي سامھون معاملي جي ڇنڊ ڇاڻ ڪندا آھن تھ ملٽري جج ايڊووڪيٽس پنھنجي ٺاھيل فوجي قانون کي تباھھ ڪري ڇڏيندا آھن. ڇاڪاڻ تھ جج ۽ جيوري ٻنھي طرفن جي وڪيلن کي ٻڌندا آھن. ان کان سواءِ جج کي اھڙو ڊگھو ۽ گھرو تجربو ھوندو آھي ۽ پنھنجي ڄاڻ جي آڌار ملٽري جج ايڊووڪيٽس جي اجائي لفاظيءَ ۽ مونجھاري کي مکڻ مان وار جيان ڪڍي پري اڇلي ڦٽي ڪندو آھي ۽ ٻنھي ڌرين کي اصل حقيقت کان واقف ڪندو آھي. اھڙي ريت ان جج جون ڳالھيون ٻنھي ڌرين کي متاثر ڪنديون آھن. جيڪي موٽي وڃي پنھنجن سوچيل ڳالھين تي وري وري بھ سوچيندا آھن. پر ڪورٽ مارشل جو تھ معاملو نت نئون ھوندو آھي. ھتي ملٽري جي ايڊووڪيٽ اھو ماڻھو ھوندو آھي، جنھن پنھنجي ساري زندگي فوجي ملازمت ۾ گذاري ھوندي آھي. ان ڪري ھن ۾ آڪڙ ھٺ ۽ وڏائي ورو ڪري ويندي آھي ۽ سمجھندو آھي تھ فوجي قانون جو ابو امان مان آھيان ۽ پاڻ کي کڳي مان يقين شاھھ تصور ڪندو آھي. ھن سان ٻھ ميمبر ٻيا بھ مقرر ڪيا ويندا آھن. انھن ۾ بھ ٽنڊ ۽ ٽيڳر ايڏي ھوندي آھي جو پير تھ پٽيءَ تي کپندو ئي ڪونھ اٿن. ھي ھڪ نانيءَ ويڙھو ٺاھي ڪي اصول جوڙيندا آھن ۽ متفق ٿي فيصلو ڪيو ويندو آھي تھ اھو قانون آھي. ھڪ اکر، ھڪ لفظ ۽ ھڪ جملي کي پيا اجايا وٽ ۽ ور ڏيندا آھن ۽ سڄيءَ اھڙيءَ اجائي لفاظيءَ نتيجو اھو نڪرندو آھي تھ خطرناڪ فوجي ڏوھاري جند ڇڏائي آجا پاجا ٿي ويندا آھن. نھ تھ اھڙو ڪو مخالف قانوني صلاحڪار آھي نھ ئي وري تجربيڪار ۽ ڏاھو جج ھوندو آھي، جيڪو قانون جي اھڙي اجائي لفاظيءَ کي گھر جي ٻوھر جيان ٻاھر ڦٽي ڪري ڇڏي ۽ ان جي قانون مطابق تشريح ڪري سگھي. ان اجائيءَ لفاظيءَ جي وضاحت جاھل مطلق جي آڏو ٻيا جاھل مطلق ڪري رھيا ھوندا آھن. جھڙي سٺِ تھڙيون ٽي ويھون. اھو قانون اھڙو ھوندو آھي جنھن کي قانون تھ سڏي ئي ڪونھ ٿو سگھجي.

اھڙيءَ ريت مارشل لا ڪورٽون ائين ھونديون آھن، جيئن ’اڇي پڳ ۾ پس اندر مڙئي اڳڙيون‘. نيٺ جج انڌا جيوري ضابطي رکڻ لاءِ سچو کرو تھ ڪو جج ڪونھ آھي. جيڪو کين غلط سمجھي مشورا ڏئي. طاقتور بھ ايڏا آھن جو کانئن بچڻ جو ڪو گس بھ ڪونھ آھي. اھي ٻئي ڳالھيون آھن جو ڪورٽ مارشل جو اصل روح ختم ٿي ويو آھي يعني اھا ساڃھھ ۽ سرت تھ رھي ئي ڪانھ آھي تھ اھي ڪورٽ مارشل وارا ادارا اعزاز ۽ احترام جا مالڪ آھن. جتي ڪجھھ ضمير ھڪ جڳھھ تي گڏ ٿي، اندر جي اجرائيءَ سان سچ تائين پھچي ويندا آھن. جيڪڏھن اھي ماڻھو سچائيءَ سان عقل سليم جي تقاضائن جو پورائو ڪن تھ ڪنھن بھ ميمبر جي اندر کي آٿت آھي تھ قيدي ڏوھي آھي يا بي ڏوھي. جيڪڏھن ھو ڏوھي آھي تھ ان کي سزا ڏين، جيڪڏھن بي ڏوھي آھي تھ ان کي آجو ڪري ڇڏين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org