اھڙين ڳالھين سندس اندرينءَ سوچ کي ڏاڍو متاثر ڪيو
ھو ۽ انھن ماڻھن جي خدمت ڪرڻ جو پڪو پھھ ڪيو ھو
جيڪي کيس بي انصاف سمجھندا ھئا ۽ اھو بھ سمجھندا
ھئا تھ ھن ماڻھوءَ سندن بي عزتي ڪئي آھي. تنھن ڪري
ھو مايوس ٿي ويو ۽ رٽائر ٿيڻ کان پوءِ گوشئھ نشين
ٿي ويو. پر سوچيندو ھو تھ کيس ماڻھن جو اڃا ڪيترو
ئي قرض ڏيڻو آھي. ھن ڪيترن غير مھذب ماڻھن کي فتح
ڪري مھذب بڻايو ھو ۽ پڪو پھھ ڪيو ھئائين ھو
تيستائين رٽائر ڪونھ ٿيندو، جيستائين پنھنجي ڪم کي
مستحڪم نھ ڪندو. ھن مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ کيس اڃا
ھڪ سال وڌيڪ ملازمت ڪرڻي ھئي. ھن جا اھم مقصد ھي
ھئا.
1)
فوج جو ايترو گھٽ تعداد سنڌ ۾ رکڻ جيترو لارڊ
آڪلنڊ روھڙي، سکر ۽ شڪارپور ۾ گئريسن طور رکڻ جي
اجازت ڏني ھئي، جيڪا پنج ھزار مس ھئي. انھيءَ
زماني ۾ حڪمران ٽالپر ھئا ۽ ايتري فوج بلڪل اڻپوري
ھئي. پر ھاڻي سنڌ لاءِ اھا ٿوري فوج بھ گھڻي آھي.
ھندستان سرڪار جي نقطئھ نظر موجب فوج جو ايترو
تعداد ڪافي آھي. پر جيڪڏھن سنڌ جي حڪومت ڪنھن سول
عملدار يا اڻ ڏٺي اڻ ٻڌي فوجي ڪمانڊر جي حوالي ڪئي
وئي تھ اھو ماڻھو فوج جي تعداد ۾ ضرور اضافو
آڻيندو.
2)
ھتي محصول جو ھڪ سولو ۽ سڌريل نظام متعارف ڪيو ويو
ھو. شھرن ۾ داخل ٿيندڙ تجارتي مال تي تمام گھڻو
ناڪو چنگي ورتو ويندو ھو جنھن کي صفا ختم ڪيو ويو
آھي. برآمدي محصول بھ سرحد جي پٽي تي مقرر جڳھن وٽ
ورتو ويندو آھي. ھي معاملو مستقبل جي تجارت جي
فائدي سان تعلق رکي ٿو، پر ھن مان شھرن کي ترت
فائدو ٿيندو. اھڙي تجارتي چرپر ۽ محصول جي وصوليءَ
تي تيز نظر رکڻ جي ضرورت آھي.
3)
ھندستان سرڪار کان مٺڻ ڪوٽ وٺجي ۽ ان کي سنڌ جي
لازم ۽ ملز ماڳ طور ڪتب آڻجي. ان کان سواءِ ڪڇيءَ
واري ماڳ ڊيرا ۾ فوج رھائڻ گھرجي. پوءِ ان کي فوجي
چوڪي بڻائجي يا ان کي فوجي ڪالونيءَ جي حيثيت ڏجي.
سنڌوءَ کان وٺي ڍاڍر تائين ھن پٽيءَ کي سنڌ جي
سرحد مقرر ٿيڻ کپي، جيڪا بولان لڪ جي منھن وٽ وڃي
بيھي. اھڙيءَ سرحدي جوڙجڪ کان پوءِ ڌاڙيل بلوچ
قبيلا ھتي ويھي ڪونھ سگھندا. جيڪڏھن ڌاڙيل ھن جوءِ
تي ويھي ويا تھ انھن مان جند ڇڏائڻ لاءِ وڏي رتو
ڇاڻ ڪرڻي پوندي. ڇاڪاڻ مون کي شخصي طور اھڙو تجربو
آھي.
ھيءُ جنرل سنڌ ۾ بھ انھيءَ ارادي سان رھيو ھو تھ
ٻئي مقصد حاصل ڪيا وڃن. ھي لاھور ويو ۽ موٽي آيو.
ان وقت ھو جسماني طور ڏاڍو ڪمزور ھو. ائين ٿيڻ ڪري
سندس بلند حوصلا ماٺ ٿي ويا ھئا. ھن اھا پيش قدمي
ان وقت ڪئي ھئي جڏھن سنڌ ۾ ڪالرا ڪيس ڪري ڇڏيا ھئا
جنھن جي نتيجي ۾ سندس گھر مان بھ لاش نڪتا ھئا.
اھڙي ڏک سندس ڏيل کي ڏنڀي رکيو ھو ۽ جيئري ئي لاش
بڻجي ويو ھو. ايندڙ سرءُ تائين سندس جيءَ کي وڇوڙي
جي جھوري لڳي رھي. ان کان پوءِ مس وڃي پاڻ سنڀالي
سگھيو ھو.
خوشيءَ جي ڳالھھ اھا بھ ھئي جو ھن جي قائم ڪيل سنڌ
جي انتظاميھ، ھاڻي سولائيءَ سان ڪم ڪرڻ شروع ڪري
ڏنو ھو. انھيءَ زماني ۾ سکر ۾ ڪالرا قھر ڪري ڇڏيا
ھئا. ھن ماڳ کان سواءِ ٻي ساري سنڌ ھن آپدا کان
آجي ھئي. ڏوھھ بھ گھڻو گھٽجي ويا ھئا. اڳي عورتن
جا قتل گھڻا ٿيندا ھئا. پر ھاڻي اھي بھ گھٽجي ويا
آھن. قتل جا ٻيا واقعا بھ ايڪڙ ٻيڪڙ نظر اچي رھيا
آھن. ان مان معلوم ٿي رھيو ھو تھ ماڻھن جون سماجي
عادتون تبديل ٿي ويون آھن. سرڪاري ڪم بھ گھڻا ٿي
رھيا آھن. ڪراچي جي سامونڊي ڪناري وٽ ھڪ دمدمو
تيار ڪيو ويو آھي. جيڪو گھڻي پنڌ تائين سمنڊ اندر
ھيلو وڃي ٿو. تجارتي سامان جي آمد رفت سان لاڳاپيل
آگبوٽ ھن جو پاسو ڏئي ھاڪاريندا آھن ۽ سکر ڏانھن
ويندا آھن. ھيءُ سنڌوءَ وسيلي تجارتي ترقيءَ ناتي
ھڪ اھم قدم آھي. ڪراچيءَ ڀرسان سامونڊي کاريون
آھن. جتي بھتر جنس جو لوڻ تمام گھڻو آھي. لارڊ ھاب
ھائوس ڏانھن لکيل يادداشت نامي ۾ بھ ان جو ذڪر ڪيو
ويو ھو. اھڙيون کاڻيون ھلنديون وڃي سنڌوءَ جي ڇوڙ
وٽ ختم ٿين ٿيون. انھن کي صاف ڪرائي کوٽائي واھھ
جي شڪل ڏئي سگھجي ٿي. ھن واھھ ۾ پاڻي مستقل بيٺو
ھوندو نھ ھن کي سانوڻ جي مينھوڳي متاثر ڪري
سگھندي، نھ وري طوفان ئي ھن کي مشڪل بنائي سگھندو.
ان ڪري آگبوٽ ھر موسم دوران پيا سولائيءَ سان
ايندا ۽ ويندا.
ھي واھھ سنڌوءَ سان ھڪ سڌو رابطو آھي ۽ ڪراچي ھن
آبي رستي جو ھڪ مستقل بندر ھوندو. جنرل سر چارلس
سنڌوءَ جي ڇوڙ تائين ٻھ آگبوٽ مقرر ڪيا آھن جيڪي
تجارتي مال کڻي ان ماڳ تائين پھچندا آھن. اھڙيءَ
طرح وچ ايشيا جي تجارت لاءِ ھڪ نئون رستو کلي
پوندو ۽ اڄ يا سڀاڻي ان مان سنڌ کي تمام گھڻو
فائدو ٿيندو ۽ جلد ئي سکي ستابي ٿي ويندي. اھا
فطري ڳالھھ آھي ھر ڪم جي ابتدا ۾ گھڻيون مشڪلاتون
سامھون اينديون آھن جن کي ھن ريت بيان ڪري سگھجي
ٿو:
”ڪراچي جا واپاري ڊڄڻا آھن يا ٿي سگھي ٿو تھ اھي
چالاڪ ھجن، جيڪي مون کي ڊيڄاري رھيا آھن تھ مان
تجارتي سامان جي نقل حرڪت جو ڀاڙو ٿورو وصول
ڪريان، پر اھي ھن معاملي ۾ سوڀارا ڪونھ ٿيندا. مان
حساب ڪتاب ڪري ڀاڙو ڪرايو اڳيئي تمام گھٽ ڪري ڇڏيو
آھي. جيڪڏھن ھو ائين نھ ٿا ڪن تھ پنھنجا آگبوٽ
خريد ڪن. سوئرن کي اناج زبردستي تھ نھ ٿو کارائي
سگھجي. جيڪڏھن ھي واپاري پنھنجو تجارتي سامان ڀاڙي
جي مقرر اگھھ سان آگبوٽن وسيلي مٿي کڻي وڃڻ نھ
چاھين تھ انھن لاءِ اٺ تھ موجود آھن،جيڪي شڪارپور
تائين سفر ۾ پنج ھفتا لڳائيندا. جڏھن تھ آگبوٽ اتي
پھچڻ ۾ فقط سورھن ڏينھن وٺي ٿو. اٺن واري تجارتي
قافلي سان ھٿيار بند پھريدار بھ ساڻ کڻبا آھن. پر
پوءِ بھ يقين ڪونھ ھوندو آھي تھ ساٿ سلامت رھي
سگھندو الائي نھ. جڏھن تھ آگبوٽ جو سفر بنا ڪنھن
خوف خطري جي ھوندو آھي ۽ فقط ھڪڙو ماڻھو حفاظت
لاءِ ڪافي ھوندو آھي. پر قافلي جي ھر ھڪ اٺ لاءِ
ٻھ ماڻھو ضروري ھوندا آھن. ھڪ مھار کان ڇڪيندو آھي
۽ ٻيو پھريون ڏيندو ھلندو آھي. اھڙيءَ طرح ھر ھڪ
قافلي سان ويھن کان ٽيھھ پھريدار ضرور کڻبا آھن.
ڪي قافلا منزل مقصود تائين پھچڻ لاءِ ٽي مھينا وٺي
ويندا آھن. اھڙين مشڪلاتن ھوندي بھ واپاري آگبوٽ
لاءِ مون وٽ ڪونھ ايندا آھن. اھڙو موشو سندن
چالاڪي ھوندي آھي. پر ڪاڪرس جي حساب ڪتاب سان ھنن
ماڻھن سان پڄي سگھجي ٿو.
شڪارپور جا واپاري ڪجھھ وڌيڪ دورانديش آھن ۽
سمجھندا آھن تھ آگبوٽ گھٽ ۾ گھٽ ٻيو نھ تھ پنھنجي
ٻارڻ جو حساب تھ وٺندا. ان کان سواءِ ٻي اھم ڳالھھ
اھا ھوندي آھي تھ اھي سدائين تيار ھوندا آھن. رڳو
سامان لڏڻ جي دير ھوندي آھي. جيڪڏھن آگبوٽن سان
لاڳاپيل عملدار ڪيڏانھن وڃڻ نھ چاھيندا آھن تھ مان
انھن تي زور ڪونھ رکندو آھيان. اھو ضروري ھوندو
آھي تھ اھي عملدار اتان جي ماڻھن کي بھ سڃاڻيندا
ھجن. پر تجارتي آگبوٽن لاءِ ائين ڪونھ ھوندو آھي.
جيڪڏھن سامان قيمتي ھوندو آھي تھ تجارتي آگبوٽ
ڀاڙو ڪجھھ وڌيڪ وٺندا آھن. منھنجو تجربو ٻڌائي ٿو
تھ آگبوٽن جي تجارتي آمد رفت سرڪار پنھنجي ھٿ ھيٺ
نھ رکي، پر واپارين جي حوالي ڪري ڇڏي. انھيءَ ڪري
واپاري تجارتي آمدرفت لاءِ اٺن جي قافلن مان ھٿ
ڪڍي ويندا. جيڪڏھن چاھيندا بھ تھ ائين ڪري ڪونھ
سگھندا. اھڙيءَ ريت تجارتي آمدرفت ۾ تيز رفتاري
اچي ويندي. ڀاڙي ڪرائي جو تعين طلب کي ڏسي ڪيو
ويندو. جيڪڏھن فائدو گھڻو ٿيندو تھ ڪي، خانگي
ماڻھو بھ آگبوٽ خريد ڪري تجارتي مقصدن لاءِ ڪتب
آڻيندا، پر ان لاءِ ھڪ ننڍڙي ٻارڙي کي پالي نپائي
وڏو ڪبو.
ھن قسم جي بھترين صورتحال کي وڏي پيداوار جي ھٿي
ملي وئي آھي.
1846ع
واري زراعت کي جنگين، بيمارين، ماڪڙ ۽ درياھي
چاڙھھ ۾ ڪو نقصان ڪونھ پھچايو ھو. تنھن ڪري اناج
جا اگھھ ھيٺ لھي اڌ بھا تي پھتا ھئا. ٽالپر خاندان
جي اقتدار ۾ اچڻ واري دور کان وٺي اڄ تائين سنڌ
ڪڏھن بھ ڪڻڪ برآمد ڪانھ ڪئي ھئي. پر سدائين درآمد
ڪندي ھئي. سنڌ
1846ع
۽
1847ع
۾ پھريون ڀيرو ممبئي وسيلي ڪڻڪ انگلينڊ ڏانھن
برآمد ڪئي ھئي. ۽ تمام گھڻو ناڻو ڪمايو ھو. ڇاڪاڻ تھ اھا ڪئناڊا جي ڪڻڪ کان وڌيڪ سخت،
خشڪ ۽ ڳؤري ھئي ۽ کلئي مارڪيٽ ان جو اگھھ في ٽن جي
حساب ويھھ شلنگ وڌيڪ ھو. سر چارلس نيپئر يارھن
ھزار ٽن ڪڻڪ ڍل ۾ ورتي ھئي. جيڪا ھن آئرلينڊ کي
ڏني ھئي، جيڪو ان وقت ڏڪار جي ور چڙھيل ۽ انگلينڊ
واري ڪڻڪ جي اگھھ کان ٽيون حصو گھٽ نرخ تي ڏني
ھئي. لارڊ ايلنبرو اتان جي وزيرن کي ڪڻڪ جي سولي
پھچ جو ٻڌايو ھو. اھڙيءَ ريت سنڌ جي ڪڻڪ آئرلينڊ
جي ماڻھن جون تڪليفون گھٽائي ورتيون ھيون ۽ سنڌ جي
پيداوار ۾ اضافو ڪيو ھو. اھڙا قدم آئرلينڊ ۽ سنڌ
لاءِ فائدي وارا ھئا. پر پوءِ اھڙين فائدي وارين
ڳالھين کي رد ڪيو ويو ھو.
ڪڻڪ جي سٺي فصل لھڻ ڪري سرڪار جي پيداوار گھٽجي
وئي ھئي. ڇاڪاڻ تھ ڍل جنسن جي شڪل ۾ ڏنو ويو ھو.
پر پوءِ بھ ايتري گھڻي ھئي جو انتظاميھ جي خرچ ڀرڻ
کانپوءِ فوج جي خرچ جو پورائو ٿي ويو ھو. سر چارلس
لاءِ انساني ڀلائي واسطي پيداوار ثانوي حيثيت
رکندي ھئي. سندس خواھش ھئي تھ سنڌ ۾ ڪابھ شيءِ
درآمد نھ ٿئي ۽ سنڌ خود ڪفيل رھي. سندس اھو بھ
نقطئھ نظر ھو تھ انتظاميھ ۽ بچاءَ جي خرچ کان
محصول واري پيداوار گھڻي وڌيڪ نھ ھجي. جيڪڏھن اھا
وڌي وئي تھ سرڪار کي مجرم سمجھڻ گھرجي. پر اھڙن
خرچن کي گھٽائڻ پنھنجو مقدس فرض سمجھڻ کپي. ائين
بھ نھ جو انتظاميھ جي حالت رحم جوڳي بڻجي وڃي.
سندس مقصد ھو تھ اھڙن ضروري ادارن کي صفا مفلوج
بنائي نھ ڇڏجي. جڏھن سنڌ وڏي سڪر واري ٿي وئي،
ماڻھو بھ سکيا ستابا ٿي ويا تھ ممبئي واري الزامن
ھڻڻ واري ڌر جا تاڪ لڳي ويا جيڪي چوڻ لڳا ھئا تھ
اھي سڀ ڳالھيون ڪوڙيون آھن جن تي اعتبار ڪري ڪونھ
ٿو سگھجي. اھو چوڻ بھ غلط آھي سنڌين جي گھرن جي
اڱڻ ان جون پليون موجود آھن. پر حقيقت اھا آھي تھ
اھي ويچارا مانيءَ جي ڳڀي جا بھ محتاج آھن ۽ ڏڪار
کين لاچار ڪري ڇڏيو آھي. اھو سر چارلس جي جھالت
ڪري ائين ٿيو آھي. اھڙيون اخبارن وسيلي انگلينڊ
پھتيون ھيون، جيڪي وري اتان جي اخبارن ۾ سچ سمجھي
کنيون ھيون.
سر چارلس اھڙين اجاين ڳالھين ڏانھن ڪنھن بھ قسم جو
ڌيان ڪونھ ڏنو ھو ۽ پنھنجي انتظامي ڪمن ۾ لڳو
رھيو. آبپاشي نظام جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ واھن جي
کوٽائي جو ڪم تيز رفتاريءَ سان ھلي رھيو ھو. ھي ڪم
ڪئپٽن پيٽ جي نگراني ۾ ٿي رھيو ھو. جيڪو سندس
حوالي ڪيو ويو ھو. ھي ڏاھو ۽ ڏات ڌڻي عملدار ھو.
ان ڪري جنرل چارلس کي پڪ ٿي وئي ھئي تھ اھو ڪم
صحيح طريقي سان مڪمل ٿي ويندو ۽ جيڪڏھن ھندستان
سرڪار خرچ پکي ۾ واھر ڪئي تھ سنڌ لاءِ خوشحاليءَ
جو رستو کلي پوندو. ان ڳالھھ کي نظر ۾ رکي ھن
ڪيترائي منصوبا جوڙيا ھئا ۽ ان مقصد کي آڏو رکي
تحقيق ڪرڻ جي ارادي سان ڪيترا آگبوٽ اٽڪ بھ موڪليا
ھئا. کيس اميد ھئي تھ ھن وڏي درياه وسيلي تجارتي
آمد رفت شروع ڪري سگھجي. اھڙيءَ ريت ھن درياه جي
ڀرتي ڪندڙ شاخن وسيلي بھ تجارت جي ابتدا ڪري سگھجي
ٿي. پر ڪامورا شاھي جي اجائي دير ڪرڻ ڪري سندس
سڀئي منصوبا مٽيءَ ۾ ملي ويا ھئا ۽ سڀئي آسون
اميدون ھوا اڏائي وئي ھئي. ھن جيڪي بھ منصوبا تيار
ڪري مٿي موڪليا ھئا تن جو کيس ھاڪاري ناڪاري جواب
بھ ڪونھ ڏنو ويو ھو. نھ رڳو اھو پر ھن جيڪي پنجاب
خلاف جنگ لاءِ جيڪا بھترين فوج منظم ڪئي تنھن کي
ختم ڪري ڇڏڻو پيو ھو. ھن جو اھو سٺو موقعو ھو
جنھن، جو ھن فائدو بھ ورتو ھو. ان ڪري ھن جنوري
1847ع
۾ ھڪ حڪم جاري ڪيو ھو جنھن ۾ سنڌ جي اھميت تي
روشني وڌي ھئي. منظم ڪيل فوج کي ختم ڪيو ويو ھو.
”سنڌ جي فوج کي ختم ڪرڻ جو حڪم ڪيو پيو وڃي. ان
ناتي فوج جي تعداد گھٽايو ويندو. پر سنڌ جي سرحد
واري علائقي جي قلعن اندر کئوسين فوج رکي اھا
مختصر فوج سنڌ جي امن امان لاءِ موجود ھوندي، جيڪا
اڳين ٻن سالن کان وٺي ھتي موجود آھي. پر لاھو رجي
سرڪار ۽ ان جي فوج جي سرگرمين کي ڏسي ھندستان
سرڪار پنھنجي طرفان ضرور فوج رکندي.
پنجاب کان خوف خطري جو احساس وڌي رھيو ھو. ڇاڪاڻ
تھ ستلج واري علائقي ۾ انگريزن ڪجھھ سوڀون ماڻي
ورتيون ھيون. تنھن ڪري سنڌوءَ وسيلي مٿي ويندڙ فوج
جو تعداد گھٽايو ويو ھو.
سنڌ ۾ رھندڙ مختصر فوج، ھن مانائتي صوبي جي امن
امان لاءِ آھي. ھتان جا ماڻھو امن امان سان ھلي
رھيا آھن ۽ قانون جو احترام ڪري رھيا آھن. اھڙيون
ڳالھيون ھتي رھندڙ فوج لاءِ وڏي واھر آھن. اھو ڏسي
مون کي ڏاڍي خوشي ٿي رھي آھي، ڇاڪاڻ تھ فوج جو
انھن ڏانھن رويو بھ سٺو ۽ ھمدردانھ آھي. انگلينڊ
بھ ھن پرامن صوبي ڪري خوش آھي جنھن کي انگريزن
بھادر فوج فتح ڪيو ھو. انھن انگريز عملدارن جي
ڏانءَ ۽ ڏات کي مڃتا ملڻ گھرجي. جيئن سنڌ سرڪار جي
ھر کاتي کي ھلائڻ جي ابتدا ڪئي ھئي ۽ انھن عملدارن
جي عقل ۽ دانش کي دل ڏيڻ گھرجي جن عدل ۽ انصاف کي
قائم رکڻ لاءِ رات ڏينھن رت ولوڙيو. انھن ماڻھن جا
بھ احسان آھن، جن ھن صوبي جي انتظاميھ کي ڪامياب
ڪرڻ لاءِ جاکوڙيو ھو. سنڌ جي ماڻھن ٻھ ڀيرا پنھنجي
شرافت جو مظاھرو ڪيو ھو. ھڪ ان وقت جڏھن سنڌ جي
ساري فوج، ڪڇيءَ واري جابلو علائقي جي ڌاڙيلن کي
ختم ڪرڻ اوڏانھن ھلي وئي ھئي. ٻيو ڀيرو تڏھن جڏھن
ھي فوج پنجاب تي حملي ڪرڻ لاءِ بھاولپور ۾ موجود
ھئي.
انگريز فوج سنڌ کي فتح ڪري ھتان جي غلام قوم کي
آزاد ڪرايو ھو ۽ ڌاڙيلن جي آزار کي ختم ڪري، امن
امان قائم ڪئي ھئي. ان کان سواءِ ھن فوج ڪمپنيءَ
جي خزاني ۾ سنڌ جي پيداوار جو بھ اضافو ڪيو ھو.
تنھن ڪري ھي محترم ۽ باوقار فوج جتي اڳئين مالي
سال دوران عام نوعيت ۽ خاص نوعيت جي خرچ جا ڪل انگ
اکر پندرھن لک ھڪ ھزار ست چوونجاھھ رپيا ھئا جنھن
۾ ٻھ ھزار چار سو پوليس وارن جون پگھارون بھ شامل
سمجھيون وڃن، جن مان ڪي گھوڙيسوار ۽ پيادل ھئا.
جڏھن تھ ان سال جي پيدوار ايڪيتاليھھ لک
ٻائيتيالھھ ھزار نو سو ٻارھن رپيا ھئا. باقي بچت
واري پنجويھھ لک رقم فوج لاءِ کنيل قرض ۾ واپس ڪئي
وئي. ھي خرچ سنڌ جي فتح تي ڪونھ آيو ھو. پر ان کان
اڳ واري سنڌ جي والار ۽ پنجاب تي ڪيل حملي دوران
فوج تي آيو ھو.
سنڌ جي فتح کان ھن فوج تي ڪو گھٽ خرچ ڪونھ ٿيو ھو.
پر اھو ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ذمي ھو. فتح کان
پوءِ ٻائيتاليھھ لک ستٽيھھ ھزار چار سؤ پنجٽيھھ
روپيا گھٽجي ويو آھي. ڇاڪاڻ تھ اھا رقم دٻي
حيدرآباد واري جنگ کان پوءِ کان وٺي، اڄ تائين
وصول ڪري، سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آھي. سول
گورنمينٽ ۽ پوليس تي آيل خرچ ھن کان علاوه آھي.
فتح کان اڳ وارو سارو خرچ تھ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي
ذميواري آھي. پر ان کان پوءِ اسان ڪمپنيءَ کان ھڪ
پئسو بھ ڪونھ ورتو آھي. انگريزنن جي فوج
1842ع
۾ ڪراچي ۽ سکر تي قبضو ڪري ورتو ھو. پر جيڪڏھن
ٽالپر سنڌ جا حڪمران ھجن ھا ۽ ان فوج کي سنڌ مان
ڪڍي ڇڏين ھا جيڪا ھڪ ٻئي کان چار سو ميل پري ھئي.
جڏھن تھ ڪراچي ڀرسان حيدرآباد ۾ اتان جي ۽ سکر
ڀرسان خيرپور جي ميرن جي فوج موجود ھئي. اھي فوجون
وچ سنڌ ۾ ملي ڪراچي تي حملو ڪن ھا، تھ سکر واري
فوج ڪراچي واري فوج جي واھر ڪري ڪانھ سگھي ھا ۽
جيڪڏھن سکر واري فوج تي حملو ڪيو وڃي ھا تھ ڪراچي
واري فوج مدد ڪري ڪانھ سگھي ھا. جيڪڏھن مدد لاءِ
ٻئي پاسي کان فوج موڪلي وڃا ھا، تھ ان کي پھچڻ ۾
ڀريا پنج مھينا لڳي وڃن ھا. اسان پنھنجن قبضن کي
برقرار رکي سگھون يا نھ رکي سگھون ھا اھا ڳالھھ
ٻنھي حڪمرانن جي عقل تي آڌاريل ھئي. ڇاڪاڻ تھ اھي
سکر ۽ ڪراچي جي وچ واري مرڪزي علائقي جا حڪمران
ھئا ۽ ھڪ لک فوج سندن ڪمانڊ ھيٺ ھئي.
مختلف ھنڌن تي ورھائجي ويل فوجون وڍجي ڳتر ٿي وڃن
ھا. ڇاڪاڻ تھ ھنن لاءِ پوئتي موٽڻ جا سڀ ڳٿا بند
ھئا.
لارڊ ايلنبرو
1843ع
۾ جنگي سرگرمين جو حڪم ڏئي، ڪابل کان شڪست کائي
موٽندڙ فوج کي قتل عام کان بچائي ورتو ھو، جيڪا ان
وقت سنڌ ۾ موجود ھئي. ان کان سواءِ ھن ھندستان جي
انگريز شھنشاھت جي اتر – اولھھ واري سرحد کي وڌيڪ
محفوظ ڪري ورتو ھو. جيڪڏھن ڏسجي تھ فوجي نقطئھ
نگاھھ کان سنڌ ھڪ اھم جڳھھ آھي. جيتري قدر تجارت
جو تعلق آھي تھ ان لاءِ سنڌو موجود آھي. جنھن
وسيلي تجارتي آمد رفت ڏاڍي سولي آھي. پنجاب لاءِ
بھ ھيءَ ڌرتي ڪنجيءَ جي حيثيت رک ٿي.
جيتري قدر فتح جو تعلق آھي تھ ان ۾ بھ سکر ۽ ڪراچي
۾ رھيل قابض فوجن حصو ورتو ھو. جنھن ۾ ھڪ فوجيءَ
جو بھ اضافو ڪونھ ڪيو ويو آھي. سنڌ کي فقط ان ئي
فوج فتح ڪيو ھو، جيڪا اڳي اتي قابض ھئي ۽ سکر ۾
رھيل ھئي.
ھيءَ اھڙي حقيقت آھي جنھن کي ورجائڻ جي ضرورت ڪانھ
آھي. پر ساري حقيقت اھا ڪانھ آھي جنھن کان اڳ واري
سرحد پٽي ڀڄ کان ’ٻاھڙمير‘ تائين پکڙيل ھئي. پر
ھاڻي اھا اڳتي وڌي سنڌ جي اولاھين سرحدي پٽيءَ وٽ
وڃي بيٺي آھي. سنڌ ۾ گئريسن فوج رکڻ جي ڪابھ ضرورت
ڪانھ آھي. نھ وري اضافي لشڪر جي کوٽ محسوس ٿيندي،
جنھن جي ٽوٽ وڃي ممبئي جي فوج تي پوي. ھاڻي ھتي
فقط فتح واري فوج جي رھڻ جي ضرورت آھي. ھڪ بھ
فوجيءَ کي ھتان ٻاھر ڪونھ ڪڍيو ويندو. سنڌوءَ تي
ھلندڙ تجارت بھ بند ڪانھ ٿيندي، پوءِ ڀلي پنجاب جي
تجارت بھ کولي وڃي.
ھن وقت سنڌ جي امن امان لاءِ فوج کان سواءِ پوليس
بھ رکي وئي آھي. خرچ پکي لٿي جيڪي چار ڏوڪڙ بچن ٿا
ھندستان سرڪار جي خزاني ۾ جمع ڪرايا وڃن ٿا. فوج
تي ايندڙ خرچ ممبئي سرڪار جي ذميواري آھي، جنھن
لاءِ سنڌ خرچ ڪانھ ڀريندي. پر پوءِ بھ اھو خرچ سنڌ
برداشت ڪري رھي آھي. جڏھن تھ ھندستان سرڪار جي ٻين
صوبن لاءِ ائين ڪونھ آھي.
سنڌ جي فتح ڪري ممبئي سرڪار جي پيداوار تمام گھڻي
وڌي وئي آھي. اڳي آفيم جي سمگلنگ سنڌ وسيلي ٿيندي
ھئي جيڪا ھاڻي ختم ٿي وئي آھي. پر ھاڻي ممبئي
سرڪار کي ھن نشيدار شين جو واپاري ڪندي، ڪنھن بي
حساب فائدو ٿيندو آھي. ان کان سواءِ ڪراچي ۽ سکر
جي وچ ۾ ڏاڍي تيز رفتاري سان تجارت ھلي رھي آھي.
جيڪڏھن انگريزن ستلج وارو علائقي جيتي ورتو تھ اھو
واپار پنجاب تائين پکڙجي ويندو ۽ سنڌوءَ جي ڀرتي
ڪندڙ شاخن وسيلي جيڏانھن ڪيڏانھن ھلي سگھي ٿو. ان
ڪري انگريز واپارين کي وڏو فائدو ٿيندو. لارڊ
ايلنبرو جي مرضي ھئي تھ سکر جو نالو وڪٽوريا آن
انڊس رکيو وڃي،جيڪو وچ ايشيا ڏانھن ويندڙ واپاري
شين جو ڀانڊار بڻجي ويو آھي.
”سنڌ فوج“ جي ريجمينٽن ۾ اھا فوج ملازم ھئي، جنھن
سنڌ کي فتح ڪيو ۽ ان کان پوءِ اتي قبضو ڪيون ويٺي
آھي. ان واقعي کي ھاڻي چار سال گذري ويا آھن پر
ھتي نھ تھ انگريز سرڪار خلاف ڪا سازش ۽ بغاوت ٿي
آھي، نھ وري ڪنھن قسم جي دشمني نظر اچي ٿي جيڪا
انگريز حڪومت يا خانگي طور ڪنھن انگريز خلاف ھجي.
نھ وري ڪنھن فوجي عملدار يا فوجي سپاھي ھتان جي
ماڻھن کي آزاريو آھي، جو اھڙي شڪايت پيدا ٿي ھجي.
فاتح ۽ مفتوح ماڻھن جي وچ ۾ ڪنھن بھ قسم اڻبڻت
ڪانھ آھي. جيتري قدر مفتوح لفظ جو تعلق آھي تھ
اٽڪل سٺ سال اڳ ھڪ ظالم خاندان غداري ڪري، ھتان جي
حڪمران کي قتل ڪري پنھنجي حڪومت ۽ خوف ۽ دھشت جو
راڄ قائم ڪيو ھو. اسان تھ ھنن ماڻھن کي ذلت ۽
غلاميءَ مان آزاد ڪيو آھي. تنھن ڪري ھنن ماڻھن کي
مفتوح چئي ڪونھ ٿو سگھجي.
ھي فوج ۽ انگريزن جو شان ۽ وقار آھي،جو انھن مياڻي
۽ حيدرآباد واريون جنگيون کٽي ورتيون ھيون. جنگ
جرئت تي کٽبي آھي. پر اھا تھ وڌيڪ جرئت ۽ بھادري
ھوندي آھي، جڏھن فاتح فوج ۽ مفتوح ماڻھن جي وچ ۾
دوستاڻا ناتا پيدا ٿي وڃن ۽ ماڻھو پرامن ٿي وڃن.
اھا فوج اوھان جي محنت ۽ خوف جو نتيجو آھي. اھي
ريجمينٽون موٽي پنھنجي پريزيڊنسين پھتيون ھيون.
اھي فوجون انھن ماڻھن لاءِ اعزاز جو ڪارڻ بڻجي
ويون جن نھايت سچائيءَ سان پنھنجا منصبي فرض
سرانجام ڪيا ھئا، جن جي بھادري ۽ جرئت جي پنھنجي
حڪومتن ۽ انگلينڊ جي تاجدار تعريف ڪئي ھئي ۽ منظم
فوج لاءِ اھو وڏي ۾ وڏو اعزاز ھو.
مون کي ھن وقت سنڌ جي گورنر جو معزز عھدو آھي. ان
کان سواءِ ممبئي جي فوج جي ھڪ حصي جو ڪمانڊر
آھيان، جيڪا ھندستان سرڪار جي نئين سرحدي پٽي سان
پنھنجو منصبي فرض ادا ڪري رھي آھي. ھاڻي تھ اھو
شخص اوھان جي ماتحت فوجي جنرل آھي، جيڪو پوريءَ
ريت باخبر آھي تھ توھان ڇا ڪيو آھي ۽ ڪيترا ڏک ۽
ڏچا ڏٺا آھن. اھا بھ خبر آھي تھ اوھان ان فوج کي
ڇو ختم ڪري رھيا آھيو، جنھن ھندستان سرڪار جي
اعزاز ۾ واڌارو ڪيو آھي مان ان فوج جي خوبين ۽
خامين جو معترف آھيان ۽ ھنن جيڪا مون سان مدد ڪئي
ھئي تنھن لاءِ مان سندن ٿورائتو آھيان. ھيءَ فوج
جنھن جرئت جو مظاھرو ڪري بھاولپور ڏانھن وڌي ھئي،
سا بي مثال ھئي. ھن فوج جھڙي اھم ۽ بھادر فوج ساري
ھندستان ۾ ڪانھ لڀندي، جنھن تي پنھنجي ڪمانڊر جو
اکٽ اعتماد ھجي.
سنڌ جي اھا فتح سر چارلس جي جرئت ۽ بھادريءَ جو
نتيجو ھئي. جنھن ڪري سندس دشمن جو ھيانءُ سڙي ويو
ھو. ڇاڪاڻ تھ اھو اھڙيءَ سچائيءَ جو اظھار ھو،
جيڪو ھنن ماڻھن لڪائڻ پئي گھريو. ھنن ماڻھن جي
ذھني تڪليف ان وقت رھندو بھ وڌي ھئي جڏھن ھن جون
لارڊ ايلنبرو ۽ ڊيوڪ آف ويلنگٽن تعريفون ڪيون.
انگلينڊ جي تاجدار بھ کيس ”ليفٽيننٽ جنرل آف
انڊيا“ جي عھدي تي ترقي ڏني. ھن وقت تائين اھڙو
عھدو فقط ڪمانڊر ان چيف لاءِ مخصوص رھيو آھي. جڏھن
تھ لارڊ ايلنبرو کيس ھن قسم جي اعزاز سان نوازيو
آھي:
”ھتي مون کي سر چارلس نيپئر جي جرئت ۽ بھادريءَ جي
تعريف ڪرڻ غير ضروري محسوس ٿي رھي آھي. مان جڏھن
گورنر جنرل ھوس تھ مان سندس دليريءَ ۽ جرئت کي ڏسي
اھڙا ڪم ڪيا ھئا، جن مان محسوس ٿيندو تھ مان سندس
قدر ۽ احترام ڪري رھيو ھوس. مان سمجھان ٿو تھ
منھنجي ھندستان مان ھلئي وڃڻ کان پوءِ جيڪي ھن
ماڻھوءَ منصبي فرض ادا ڪيا آھن، سي انھن کان بھ
عظيم آھن جيڪي ھن منھنجي ايامڪاريءَ دوران سرانجام
ڪيا ھئا. پر کيس سندس مان ۽ شان مطابق ڪوبھ اعزاز
ڪونھ ڏنو ويو آھي. ھن ڪڇيءَ جي جابلو علائقي جي
ڌاڙيلن خلاف جيڪا جنگي مھم شروع ڪئي ھئي، جيڪا
مياڻيءَ حيدرآباد وارين جنگين کان بھ اھم ھئي. ھي
ٻئي جنگي واقعا تاريخ جو حصو بڻجي چڪا آھن. ھنن
فتحن مان بھ معلوم ٿي رھيو آھي تھ ھو نھايت عقلمند
انسان ۽ ڏاھو فوجي ڪمانڊر آھي جيڪڏھن ڪابھ سرڪاري
انتظاميھ ماڻھن کي خوش ڪري ۽ انھن جو اعتماد بحال
ڪري ٿي تھ پوءِ ھن چوڻ ۾ ڪنھن بھ قسم جو وڌاءُ نھ
آھي تھ سر چارلس ھڪ وڏو ۽ ڪامياب منتظم ھو. ستلج
خلاف مھم دوران کيس اڳواٽ اطلاع ڪونھ ڏنو ويو ھو
تھ فوج تيار ھئڻ گھرجي. پر ھن حڪم ملڻ کان فقط ٻن
ٽن ھفتن اندر پندرھن ھزار فوج، ملتان خلاف منظم
ڪري ورتي جنھن سان ھڪ سو توبون بھ گڏ ھيون. ھن جي
پٺيان پرامن سنڌ ھئي. دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ اھو
ڪافي ھو تھ جنگ ۽ ان لاءِ سندس اختيار ڪيل حڪمت
عملي بي مثال ھئي. ان لاءِ کيس ھن نھ رڳو ساراھھ
جوڳو بندوبست ڪيو ھو يا عدل ۽ انصاف سبب سندس
حڪومت کي عوامي مڃتا ملي ھئي. پر کيس فوجي نقطئھ
نظر کان پوءِ بھ وڏي اھميت حاصل ھئي. ڇاڪاڻ تھ ھن
سنڌ ۾ فتحون ڪري جنگي صورتحال کي تبديل ڪري ڇڏيو
ھو. پر ھن ملڪ ۾ اھڙين اھم ڳالھين کي پڇ سان
سمجھيو ويندو آھي. اھي ٿورا ٿڪا ماڻھو بھ اھڙن
واقعن کي اھم ڪونھ ٿا سمجھن، جيڪي پاڻ انھن جنگين
۾ موجود ھئا. مان چوان ٿو، تھ ھن ماڻھوءَ جي اھم
خوبين ۽ خاصيتن کي ڏاڍي دير سان محسوس ڪيو ويندو ۽
سر چارلس جي مري وڃڻ کان پوءِ ھتان جي ماڻھن کي
معلوم ٿيندو تھ ھيءُ عظيم انسان نھ رڳو ڪامياب
فوجي ڪمانڊر ھو، پر سول حڪومت ھلائڻ ۾ بھ ڏات ڌڻي
ھو. اھڙين ٻنھي ڳالھين جو ھڪ جاءِ سنگم وڏيءَ
دانشمنديءَ جي علامت ھوندو آھي.“ |