سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي انتظامي تاريخ

باب:

صفحو: 20

جابلو ماڻھو بھ دلير آھن جو ھنن ڏکين ڏونگرن ۾ رھندا آھن. اھا دست بدست جنگ ھئي جنھن ۾ 13 ريجمينٽ جي رضاڪارن، سرترين تي رکي جان جا نذرانا پيش ڪيا ھئا. ھڪ ڌاڙيل کي بئنٽ جي چوڪ سان قتل ڪيو ويو ھو. جنھن ان فوجيءَ جي ھٿ مان بندوق کسي بئنٽ کي پنھنجي سيني مان ڪڍي ھئي. ان کان پوءِ ساڳيءَ بندوق واري بئنٽ فوجي کي ھئي ۽ پوءِ مري ويو ھو. ھڪ ٻيو بھ واقعو آھي تھ جھونجھڙي ويل جو پنجويھن ڌاڙيلن سان مقابلو ٿي ويو ھو. جڏھن تھ مغل سوارن جو تعداد ويھھ ھو. صورتحال اھڙو ٿي ويو جو مخل سوارن کين پيش پوڻجو چيو. پر جابلو ماڻھن اھا ڳالھھ قبول ڪانھ ڪئي ۽ ھڪ ھڪ ٿيندا سڀئي مري ويا.

سر چارلس ھنن جابلو ماڻھن جي ويران علائقن ۾ اندر وڃي انھن سان جھيڙو ڳنڍيو ھو. ھن پنھنجي بھادريءَ عقل ڪري ھڪ انچ بھ پوئتي ڪونھ ھٽيو ھو. اھو سندس شاندار جنگي عمل ھو. پر ڌڙابندي ڪري سندس بھادريءَ ھڪ بھ ڪم عوام جي آڏو ڪونھ اچي سگھيو ھو تھ جيئن جنرل جي ھمت افزائي ٿي سگھي. اھا ھڪ گندي ذھنيت ھئي جيڪا ڪنھن انگريز کي ڪانھ ٿي سونھين. جيڪڏھن مشڪلاتن مٿان غالب ٿي، مختصر فوج سان اڳتي وڌي، بھادري جي جنگي ڪمن کي جاچي پرکي ڏسبو تھ ھن انگريز جنرل ڪمال ڪري ڏيکاريو ھو ۽ اھا ئي ھڪ سچي ۽ ذھين فوجي ڪمانڊر جي نشاني ھوندي آھي. ھن ڏکي مھم کي ڪاميابي سان توڙ تي پھچائڻ ۾ سندس اٽل ارادن ڪرامت جو ڪم ڪري ڏيکاريو ھو. انھيءَ زماني ۾ ممبئي واري ڌر ھن خلاف اجائي واويلا مچائي ڇڏي ھئي. پر ھن جو عزم اڏول رھيو. ھنن ماڻھن جو مقصد ھو تھ ھن جنرل گڏ وڙھندڙ فوج حوصلا ھاري ويھي ۽ سوڀ کان مايوس ٿي وڃي. لارڊ جي اجائي ھٺ ۽ غرور ڪري 78 ريجمينٽ تباھھ ٿي چڪي ھئي. جيڪڏھن سوڀ حاصل نھ ٿئي ھا تھ جنرل چارلس بھ زنده رھي ڪونھ سگھي ھا. بلوچ سردارن کي ڪھڙيون سزائون مليون ان لاءِ تھ ڪجھھ بھ چئي ڪونھ ٿو سگھجي. پر ھن جنگي مھم جي ابتدائي دور ۾ قلات جي خان، ڌاڙيلن ۽ وفادار چانڊين بھ کي برغلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ھئي. علي مراد سان گڏ سندس بلوچ ماڻھن بھ بدنيتي ڏيکاري ھئي. پر ھڪدم پتو پئجي ويو. تنھن ڪري کين غداري ڪرڻ جو موقعو ڪونھ ڏنو ويو جيڪي پنھنجي بلوچ ڀائرن سان ٻٽ ھئا. اھڙين ڏکينس وايو منڊل ھوندي بھ جنرل حملي دشمن مٿان وڃي اوچتو ڪڙڪندو ھو. اھڙن معاملن ۾ جسماني سرگرمي، تيز رفتاري ۽ فوجي ترتيب ۽ ترڪيب جي ضرورت ھوندي ھئي. اوچ، ڦلجي ۽ شاھپور بھ اوچتي حملي ۾ فتح ڪيون ويون ھيون. ڌاڙيلن کي پتي پوڻ کان اڳ سندن رابطا اولاھن جابلو علائقون کان ڪٽجي ويندو ھو. کين اھا سڻس پئجي ڪانھ سگھندي ھئي تھ ڪو حملو شروع ٿي چڪو آھي. ھي اھڙيون ڳالھيون جن ڪري سندس ذھانت کان انڪار ڪري ڪونھ ٿو سگھجي. ھن لولي، جمڪ جا لڪ ۾ پنھنجي ڏاھپ وسيلي قبضي ھيٺ آندا ھئا. ان کان سواءِ ھن سمپسن کي فوجي ڪالم ڏئي مٿن ھلان ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو ھو. جنھن مان ھيڊ ڪوارٽر جي فوج بھ گڏ ھئي. سندس اٽل ارادن جو پتو ھن مان بھ پئجي سگھي ٿو تھ خطرناڪ حالتن دوران بھ ھن پنھنجي ڪئمپ لڪن جي وچ تي رکي ھئي. اھو مشڪل صورتحال انوقت تائين ھليو جو اٺ سوار فوج کاڌي پيتي جي شين کڻي اچڻ لاءِ لڪ ڇپ ۾ آمد دقت شروع ڪري ڏني ھئي. جنھن ڪري ٽين وڏي فوجي پيش قدمي ممڪن ٿي سگھي جنھن وسيلي سيبري ۽ روز ڪشتا تي قبضو ڪيو ويو ھو. ان کان پوءِ اوچتو حملو ڪري ثور جي ولار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ھئي. پر ڪاميابي حاصل ٿي ڪانھ سگھي ھئي. پر اھا انساني وس کان ٻاھر ھئي جيڪو ھڪ فطري اتفاق ھو جنھن انساني تدبر ۽ پيش بيني روڪي ڪانھ سگھي ھا. ھي ھڪ عام جنرل ڪونھ ھو جنھن وايو منڊل کي ڏسي تيار ٿيل منصوبي ھڪدم ڇڏي ٻي ترڪيب ۽ طريقي کي ڪم آڻي ورتو ھو ۽ فوج کي ناڪامي جي مايوس مان ڪڍي ورتو ھو. ان منصوبي جي ھڪدم تبديلي ڪري دشمن کي اھڙين مشڪلاتن ۾ ڦاسائي ورتو جو ھو ڪيڏانھن ڀڄي ڪونھ سگھيو ھو.

ھتي ھاڻي اھو بھ ڏسڻو آھي تھ ھن فوجي جوڙجڪ ۾ صحت ۽ اندروني بھتري ڪھڙي ھئي ھنن جي اڳين فوجي سرگرمين دوران بلوچ سردار ڀڄي جابلو علائقي جي ھڪ ڪنڊ ۾ وڃي گڏ ٿيا ھئا. پر اوچتي حملي جي ڪوڙڪيءَ کان وارجي وئي تان بچي ويا ھئا ۽ لڪ جي پٺيان اھڙيءَ جاءِ تي وڃي لڪا ھئا جتي پھچڻ مشڪل ھو. مٿن نظر رکڻ تھ مشڪل ٿي پيو ھو. ان جو ڪارڻ اھو ھو تھ کاڌي پيتي جون شيون ختم ٿي ويون ھيون ۽ فوجي سامان ۽ کاڌ خوراڪ جون شيون پري ھيون. بلوچ سردارن کي ڀڄي نڪرڻ جو سونھري وجھھ ھو. ڇاڪاڻ تھ سندن ويڙھاڪن جي دمبالي Rear ۾ ھڪ لڪ موجود ھو. ائين ڪري ھو اھو ساڳيو علائقو فتح ڪري پئي سگھيا جيڪو ھنن کان انگريزي فوج فتح ڪري ورتو ھو. ان کان سواءِ ھو نئين جنگ جي ابتدا ڪري انگريزي فوج جي اڳين سوڀن مٿان پاڻي ڦيري ڇڏن ھا. ھن ڏکن سورن جا سڀ سوٺا سھي بلوچن کي ناڪام ڪري ڄڻ ڏچن جي ڏونگر کي ڏاري وڌو ھو. اھڙي مشڪلات جي ڦندي ۾ ٻروچ وڃي ٻِھ ڄنگھا ڦاٿا ھئا. ھو دشمن خلاف اڳرائي ڪرڻ مان ٿوري وقت ھٿ ڪڍي ويو ھو. پر اھو پوئتي ھٽڻ ڄڻ ڪرامت ٿي ويو ھو. چوندا آھن تھ ”وڏي ڇال ھڻڻ لاءِ ٿورو پوئتي ڀرڪڻو پوندو آھي.“ اھڙي ريت بلوچ اتحاد کي مجبور ڪيو ويو ھو تھ اھڙي صورتحال ۾ جنگ ڪن جيڪو سندن نقصان ۾ ھو يا اھڙي بھت رين جڳھھ کي خالي ڪري ھليا وڃن جنھن تي انگريز فوج جو حملو ڪرڻ ممڪن ڪونھ ھو. ان کان سواءِ انگريزي فوج جي اڳرائي خونخوار سٽون اھڙيءَ جڳھھ سونھن جتي سندن مقدر ۾ تباھي کان سواءِ ٻي ڪابھ ڳالھھ لکيل ڪانھ آھي. اھڙيون ڳالھيون فقط فوجن جا عظيم جنرل ڪري سگھن ٿا.

علي مراد ۽ ڪمانڊر ان چيف ھنٽر لوٽي، جمڪ ۽ ديراھھ تي حملي ڪرڻ جي ارادي سان پوئتي ھٽيا ھئا. پر ائين ڪرڻ سان ھنن فتح ڪيل علائقن کي ھٿ مان ڪونھ ڇڏيو ھو. ڇاڪاڻ تھ بيٽسن اڃا بھ گجرو جي ڏکڻ پاسي وارو لڪ ڪونھ ڇڏيو ھو. سندس فوج جو گذر سفر ان اناج تي ھو جيڪو ھن دشمن کان ڦريو ھو. ان فوجي حصي کان سواءِ ٻي فوج کاڌي پيتي جي ڊيپن وٽ موجود ھئي. تنھن ڪري کاڌو پيتو موجود ھو. ان دور ھيڊ ڪوارٽر جو ھنٽر واري فوج سان رابطو فقط ٻن واسطي ٽٽل ھو. ڇاڪاڻ تھ اھو تنھن وقت ان جڳھھ تي جتان رستو موڙ کائي گجرو لڪ ڏانھن لڙندو ھو ۽ ھن دشمن اتحاد تي اتر وار ڇيڙي ۾ حملو ڪيو ھو. جڏھن تھ بيٽسن ۽ علي مراد ڏکيڻون چيڙو جھليون بيٺا ھئا. جيڪڏھن بلوچ سردار ٿورو وقت اتي ترسن ھا تھ اھا جنگ فيصلھ ڪن ثابت ٿئي ھا ۽ اھو جنگي ميدان انگريزي فوج جي فائدي ۾ ھو ۽ بلوچ اتحاد لاءِ مقدر ۾ شڪست لکيل ھئي. ڇاڪاڻ تھ سندن پٺئين ۽ کاٻي پاسي سک ملڪ جون حدون ھيون ۽ سامھون انگريزن جي فوج ھئي جيڪڏھن اھي ھيٺ لھي لڪ ڏانھن اچن ھا تھ ٻن باھمن ۾ ڦاسي وڃن ھا. پر ھنن تروڪي ۾ پھچي پنھنجي جان بچائي ھئي. ان تي بھ ھنن جنرل چارلس ڏاھپ سان کين ڪڙو چاڙھي ڇڏيو ھو. ھن جي پيش قدمي بھ نھايت تيز رفتار ھئي. ھن سان گڏ ويڙھو فوج جو تعداد صفا گھٽ ھو. وٽس فقط ھندستاني فوج ھئي ۽ سارو وايو منڊل ڳنڀير لڳو پيو ھو ھن خشڪ ۽ ويران جابلو جوءِ ۾ ويھھ ھزار ماڻھو موجود ھئا جن سان گڏ بيشمار چوپايو مال ھو ۽ سڀني لاءِ چوڻي پاڻيءَ جي ضرورت ھئي.

باب يارھون

 

سر چارلس ڌاڙيلن خلاف فوجي مھم دوران سنڌ جي انتظاميھ کي ڪونھ وساريو ھو. ھن پنھنجي ڊائري ۾ لکيو ھو تھ تروڪيءَ ۾ سردارن سان ٺاھھ جي ھلندڙ ڳالھين ٻولھين انھيءَ انتظاميھ کان ٿوري وقت لاءِ پري ڪري ڇڏيو ھو. اتان جي معاملن کي نبيرڻ لاءِ مون وٽ گھڻا ڪيس آھن، جيڪي ھڪ ٿھي جي شڪل ۾ منھنجيءَ ميز تي رکيا آھن، جنھن جي اوچائي ٻھ فوٽ ٿيندي. مان يقين سان چئي سگھان ٿو تھ ٽيھھ کن ڪيس آھن، جن سان لاڳاپيل فل اسڪيپ ڪاغذن جو تعداد پنجاھھ کان نوي تائين ھوندو. انھن مان ڪجھھ ڪيس اھڙا آھن جن جو تعلق موت ۽ زندگي سان آھي. پر ھي اھڙو ذھني پورھيو آھي جو ماڻھو جي اندر جو آٿت ڊانوانڊول ٿي وڃي ٿو. سر چارلس ھن کان اڳ پنھنجو وقت ڌاڙيلن خلاف جنگي مھم کي ڏنو ھو. پر ھاڻي پنھنجو سارو ڌيان ھندستان جي اخبارن ۾ ڇپيل انھن مقالن کي سڌارڻ کسي ڏئي رھيو جيڪي جنگ متعلق ڇاپيا ويا ھئا. جڏھن ھو ڌاڙيل سردارن کي سزائن ڏيڻ لاءِ ساڻن ٺاھھ جا شرط طئھ ڪري تڏھن لس ٻيلي جي ڄام سان ميوات جي وڻن خريدڻ بابت خط ڪتابت ڪري رھيو جيڪي کيس ڪراچي ڀرسان باغ ۾ پوکڻا ھئا. کيس سائنس سان لاڳاپيل ڳالھين جو بھ اونو ھو. ان مقصد لاءِ ھن ڪئپٽن وڪري جي سواري جو بندوبست ڪري ڇڏيو ھو. جيڪو ايسٽ انڊيا ڪمپني جو ملازم ھو جنھن کي جيالاجي بابت کوجنا ڪرڻ ۽ معدنيات جي نموننن گڏ ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو ھو. ھن پنھنجي رپورٽ ٺاھي ھڪ مماير جي شڪل ۾ ”لنڊن سوسائٽيءَ“ ڏانھن موڪلي ڇڏي ھئي. ھن سوسائٽي ھن ماڻھوءَ جي کوجنا کي بھترين جاکوڙ قرار ڏنو ھو. جيڪڏھن فوج اڃا بھ وڌيڪ عرصو جبلن ۾ رھي ھا تھ ھو انھيءَ تحقيقي جي دائري کي اڃا بھ وڌائي ھا. ھن بجار بگٽي کي گرفتار ڪرڻ سان ڊيرا کي تباھھ ڪري ڇڏيو. ان کان سواءِ اولاجي ۽ ڦلجي جا شھر ڪھيرين کي واپس ڏنا ويا ۽ لھڙي بلوچ خان جي حوالي ڪيو ويو ان کان جلد ئي پوءِ فوج سنڌ ڏانھن ورڻ شروع ڪيو ڇاڪاڻ تھ کيس سرڪار جو پئسو بچائڻو ھو. اھڙي ريت جنرل پنھنجي رھبر فوجي دستن سان شاھپور ڏانھن روانو ٿيو. انھيءَ مقصد سان تھ جيئن قلات جي خان سان ملي سگھي. ساڻس ھي ٺاھھ ڪرڻو ھو تھ اوسي پاسي جي انھن ڌاڙيلن تي نظر رکڻ لاءِ فوج جو ڪجھھ تعداد شاھپور ۾ رکڻ جي موڪل ڏني وڃي، جيڪي تروڪيءَ مان نڪري ڀڄي ويا ھئا يا تروڪيءَ جھڙي محفوظ جاءِ اندر داخل ٿي ڪونھ ٿيا ھئا. سر چارلس ڏاڍو خوش ھو ڇاڪاڻ تھ ڌاڙيلن خلاف جھيڙو ٿوري وقت اندر پڄاڻي کي پھتو ھو ۽ رڻ پٽ واري علائقي جي گرمي يورپي فوجين لاءِ تھ ھن کان اڳ ئي نھ سھڻ جھڙي ٿي وئي ھئي.

قلات جو خان شاھپور ۾ ھن جي اوسيئڙي ۾ ويٺو ھو جيڪو ٻين حڪمرانن جيان ڏاڍو ڊنل ۽ ھيسيل ھو. ڇاڪاڻ تھ ھن انگريز ڪمانڊر اھڙن سرڪش ڌاڙيلن کي شڪست ڏني ھئي جن کي ناقابل شڪست سمجھيو ويندوھو. ھي اھو ساڳيو ماڻھو ھو جيڪو ڪجھھ وقت اڳ ھن ڪمانڊر سان ملڻ کان لھرائي رھيو ھو ۽ ھاڻي وري ھن سان ملڻ لاءِ آتو ھو. ڌاڙيلن خلاف ھن مھم مان قلات جي خان کي بھ گھڻو فائدو ٿيو ھو. ھن جا باغي رعيتي ناس ٿي چڪا ھئا جن قبيلن جي صورت ۾ ڦرلٽ ڪري ڌرتي ٽامون ڪري ڇڏي ھئي. ھن جي درباري سردارن تي ڀئھ ڇائنجي ويو ھو جيڪي اڳي وٺ جا ئي ڪونھ ھئا. ھنن ڌاڙيلن ڦرلٽ جون قھري ڪارروايون ڪري سندس ملڪ جون سکيون ستابيون جيون اجڙي ڀينگ ڪري ڇڏيون. انھن ڌاڙيلن جي ناس ٿي وڃڻ کان لوڪ گنداوا وارو خوشحال علائقو وري ماڻھن سان ڀرجي ويندو، پوکي راھي ٿيندي ۽ امن امان ھوندو. پر خان کي قنڌار جي سردارن مان خوف ھو جنھن کانئس مدد جي طلب ڪئي ھئي. تنھنتي سر چارلس کيس وراڻيو ھو تھ تنھنجي درٻار ۾ موجود ڪجھھ سردار صحيح نھ آھن. جيڪڏھن اھڙي صورتحال ۾ تنھنجي مدد ڪئي ويندي تھ تو بدران اھي سردار طاقتور ٿي ويندا. تنھنڪري اول تون انھن سردارن جي صفائي ڪر. ان کان پوءِ قنڌار جي سردارن کي پيغام موڪل تھ مان انگريزن جو دوست آھيان. جيڪڏھن اوھان منھنجي ملڪ سان کئونس ڪندئو تھ ڀتر جو جواب پٿر سان ڏنو ويندو. ان کان سواءِ ھن انگريز ڪمانڊر گورنر جنرل کي مشورو ڏنو ھو تھ قلات کي فوجي طور طاقتور بڻايو وڃي ۽ اھو بھ خرچ انگلينڊ برداشت ڪري ان جو نتيجو اھو نڪرندو تھ قنڌار ھيسجي ويندو ۽ قلات کي ميريءَ اک سان ڪونھ ڏسندو. اھڙيءَ ريت خان جي درٻار ۾ موجود سردارن جي ونگين نيتن مان ور نڪري ويندو. سندس ھن مشوري کي اجايو سمجھي ڌيان ڪونھ ڏنو ويو ھو. ان بدران قنڌار جي سردارن کي پڪو ويساھھ ڏياريو ويو ھو تھ سندن ملڪ تي ھلان ڪانھ ٿيندي ڇاڪاڻ تھ انھن جو سر چارلس جي ڌاڙيلن خلاف قھري ڪاررواين ڪري ڊڄ کان پتو ئي پاڻي ٿي ويو ھو تھ متان انگريزن جي فوج قنڌار جي اچي ڪوٺي مھمان ٿئي. قلات جي خان بھ خوشيءَ سان موڪل ڏني تھ ڀلي انگريزن جي فوج شاھپور ۾ رھي.

ان کان پوءِ سر چارلس نيپئر اھڙا قدم کنيا تھ جيئن سنڌ جي سرحد کي بلوچ ڌاڙيلن جي ڏاڍ کان بچائي سگھجي. انھيءَ مقصد لاءِ ھن قيد رکيل جکراڻين ۽ ڊومڪي قبيلي ھلڪن ڦلڪن سردارن کي ڪشمور کان ڏکڻ واري غير آباد علائقي ۾ رھايو جتان جون زمينون ڀليون ھيون ۽ دريا خان کي سردار مقرر ڪيو. کيس چيو ويو ھو تھ جيڪو ماڻھو سرڪشي ڏيکاري تنھن کي سزا ڏئي سگھي ٿو. پر پوءِ جلد ئي اھڙن ماڻھن کي پگھارون ڏئي پوليس کاتي ۾ ڀرتي ڪيو ويو ھو. جن کي عوامي خدمت لاءِ علائقي جي ڏکڻ طرف موڪليو ويو ھو جتي ھو نيڪ نيتي سان پنھنجو منصبي فرض ادا ڪري رھيا ھئا. ڊيرا جي ماڻھن کي پنھنجن گھرن ٺاھڻ ۽ پوکي راھي ڪرڻ لاءِ چيو ويو ھو ۽ لابارن تائين سندن کاڌي پيتي جو بندوبست سرڪار ڪيو ھو. ھن کي گھر ۽ زمينون انھيءَ ڪري سرڪار بخشيون ھيون تھ اھي پنھنجن اڙين ٿڙين مائٽن ڌاڙيلن کان بچاءَ ڪندا. کين اھو بھ چتاءُ ڏنو ويو ھو تھ جيڪڏھن انھن پاڻ ڪنھن ماڻھوءَ کي لٽيو ڦريو يا ٻين ڌاڙيلن کي ڦرلٽ ڪرڻ کان روڪي نھ سگھيا تھ کانئن زمينون واپس ورتيون وينديون سندن سردارن کي ڦاھيءَ چاڙھيو ويندو ۽ سندن قبيلي جي ماڻھن کي زنجيرن ۾ جڪڙيو ويندو. ڌاڙن کي بند ڪرڻ لاءِ دريا خاب کي چونڊيو ويو ھو. ڇاڪاڻ تھ ھو اصل کان ڦرلٽ ۽ ڌاڙلن جي سخت خلاف ھو ۽ ھي اھو سردار ھو جيڪو سڀني کان اڳ پيش پيو ھو. توقع اھا ڪئي پئي وئي تھ ھن جي نظرداريءَ ۾ جيڪڏھن پيءُ نھ سڌريو تھ سندس اولاد تھ شريف ٿي ويندو. حسين بگٽي ۽ سندس ڀاءُ خطرناڪ ڌاڙيل ھئا جن ڌوڪو ڏئي ڪئپٽن ڪلارڪ ۽ سندس ساٿين کي قتل ڪري ڇڏيو ھو. ھنن ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. تنھن ڪري کين زنجيرن ۾ جڪڙي رستن ٺاھڻ جو ڪم ڪرايو ويندو ھو. تنھن ڪري ٻيا بھ چپ ساڌيون پيا ڪم ڪندا ھئا. نيٺ تھذيب ۽ شرافت کي سوڀ حاصل ٿي وئي ھئي.

ان کان پوءِ مئڪنزي جي گاھين جي قتل عام جي ڏوھھ ۾ بيجار کي ڦاسي جي ڏيڻ جو سوچيو ويو ھو. پر علي مراد ان کي بخشڻ جي گذارش ڪئي ھئي. بيجار بي رحم ڌاڙيل ھو جنھن جو اٿڻ ويھڻ ڌاڙيلن سان ھو ۽ فوجي مھم دوران ٺاھھ ڪرڻ جي ڳالھھ ٻولھھ ۾ کيس شريڪ ڪيو ويو ھو ۽ صلح جي اھڙين ڳالھين ڪري ھو ڄڻ ڪمزور ٿي ويو ھو. علي مراد بھ اھڙين ڳالھين کي آڏو رکي کيس بخشڻ جي سفارش ڪئي ھئي. تنھن ڪري سر چارلس ھن جھوني ڌاڙيل ۽ سندس ماڻھن کي علي مراد جي حوالي ڪيو ھو جنھن کين پنھنجي پھريدارن جي نگرانيءَ ھيٺ درياءَ جي اوڀر پاسي رکي ڇڏيو ھو. کين جکراڻين کي مليل رعايتن جھڙيون سھوليتون ڏنيون ويون ھيون. سر چارلس کي ھيءَ ڳالھھ ٻڌي رحم اچي ويو ھو تھ جڏھن تروڪيءَ ۾ بلوچ ڌاڙيلن سمجھيو تھ ساڻن ھڪ ھڪاڻي ٿيڻ واري آھي تھ ھنن پنھنجي زالن ۽ ٻارن مٿان کين قتل ڪرڻ جي ارادي سان نوڪر بيھاري ڇڏيا ھئا. تنھن ڪري ھو بلوچن سان جنگ ڪرڻ کان پاسو ڪري ويو ھو. تنھن ڪري ھنن جو چوڻ ھو تھ جتي بھ اھو انگريز ڪمانڊر نظر اچي ان جي سامھون وڃي پيش پئو. جيڪو ماڻھو اسان جي عورتن جي عزت رکي ۽ ٻارن ٻچن کي بچائي سگھي ٿو، سو پڪ آھي اسان کي بھ معاف ڪري ڇڏيندو.“ بجار سان بھ دغا ڪئي وئي ھئي، جيڪا پڻ ڌيان ڏيڻ جوڳي ڳالھھ ھئي. ان کان پوءِ ڪئپٽن پوسٽنس بھ پنھنجي بچاءَ لاءِ ھڪ ڊگھو جواز پيش ڪيو ھو ۽ چيو ھئائين تھ ھن گورنر جنرل کي مطمئن ڪري ڇڏيو آھي. پر ھن انھن ماڻھن کي مطمئن ڪونھ ڪيو ھو جن مٿس الزام ڌريو ھو ۽ تروڪيءَ جي حالتن مان بھ محسوس ٿي رھيو ھو تھ انھن ماڻھن جو الزام غلط ڪونھ ھو.

ھنن معاملن کي اڪلائڻ کان پوءِ جنرل چارلس ڪراچي پھتو ھو. کيس ھن موسم ۾ پنج مھينا لڳي ويا ھئا، جنھن دوران ھو بلوچ ڌاڙيلن خلاف ڪارروايون ڪندو ھو ۽ سنڌ جي انتظاميھ ڏانھن بھ ڌيان ڏيندو ھو. ڪم جي اھڙي دٻاءَ بابت ھن لکيو آھي تھ ايتري گھڻي ڪم مون کي گھڻو ڪمزور ڪري ڇڏيو آھي. پر ماڻھو ھميشه لاءِ تھ جيئرو ڪونھ رھندو آھي.“ ھو ڪراچيءَ پھتو تھ سھين پر کيس ھڪ ٻئي جنگاڙي کي منھن ڏيڻو ھو. ھي ناشڪر ماڻھن جو اھو ٽولو ھو“ جن ھن خلاف ڀنڊڻي ٻاري ڏني ھئي جنھن اھو ڪونھ ڏٺو ھو تھ ھن ماڻھو ڪھڙي سچائيءَ ۽ ايمانداري سان پنھنجو منصبي فرض ادا ڪيو ھو. ابتدا ۾ نھ سندس عجيب مھم تي چٿرون ڪيون ويون تھ ان تي عمل ڪرڻ ممڪن ئي ڪونھ آھي. پر جڏھن ھيءَ انتھائي چوٽ تي پھتي ۽ دشمن ڌاڙيل ھن کان شڪست کائڻ لڳا ھئا تھ مٿس چڙي ٽوڪون ۽ ڌنڪون ڪيون ويون ھيون. رسد گاھھ جي ماڻھن جي قتل کان پوءِ کليو کلايو چيو وڃڻ لڳو تھ اھو واقعو سندس ناڪامي جي علامت آھي. ھن واقعي کي ممبئي ڌر وارن تيلي مان ٿنڀ بڻائي پيش ڪيو ھو. ھو وڏي واڪ اھو بھ چوڻ لڳا ھئا تھ ”سر چارلس موڳو مٽر آھي ۽ حڪومت ڪرڻ مان ٽڪو بھ نھ ڄاڻي اھو بھ چوڻ لڳا ھئا تھ ھن کان ٿو کٽا ڪري ڇڏي آھي، ڏندن ھيٺان ڪاٺي ڏئي ماٺ انھيءَ ڪري آھن جو ھن وٽ وڏي فوج آھي.“ اھڙين ٽوڪن ڌنڪن ھوندي بھ ھو مکيھ فوج پاڻ سان وٺي ويو ھو. جنھن سان گڏ ڪجھھ بلوچ بھ ھئا ۽ جنھن علائقي ۾ فوجي سرگرميون شروع ڪيون ويون ھيون سو سنڌ جي سرحد کان پورو ڏيڍ سو ميل جڏھن تھ ڪراچي کان ڇھھ سو ميل پري ھو جيڪا سنڌ جي راڄڌاني ھئي. ان کان سواءِ جھيڙو انھن  ماڻھن سان جاري رکيو ھئائين جيڪي سنڌ جي بلوچن جو رت ۽  سگڻيا ھئا. عام ماڻھو ھن مھم کي سٺو ڪونھ سمجھي رھيو ھو. فوج سمجھي رھي ھئي تھ ھنن جنگي سرگرمين جو نتيجو ڪونھ نڪرندو پر ھو ڀريا ٻھ مھينا ھنن بلوچ ڌاڙيلن ڪڍ کٿو ۽ کريو کڻي ڪڍ لڳي پيو. ان ساري عرصي دوران سنڌ ۾ بغاوت جي باھھ ڪانھ ڀڙڪي نھ ڪنھن سازش ڪئي، نھ ڪنھن ناراضپي جو اظھار ڪيو.

ھن مھم جي سوڀ کان پوءِ ممبئي جي واويلا ڪندڙ ڌر جا پير ئي نڪري ويا ھئا جنھن پنھنجي لڄ لڪائڻ لاءِ چوڻ لڳا ھئا تھ اھا مھم پاڻيءَ ولوڙ ھئي. اھو بھ چوڻ لڳا ھئا تھ سرڪاري پئسو پاڻيءَ وانگر ھاريو ويو. فوج بھ وڏي تعداد ۾ ڪم آندي وئي. پر ڪابھ ھڙ حاصل ڪانھ ٿي. بيجار خان ٻين قبيلن سان گڏجي سنڌي سرحدي پٽي سان ڌاڙآ ھڻي ڌرتي ٽامون ڪري ڇڏي آھي.“ افسوس جي ڳالھھ اھا آھي تھ ھو قيد ۾ ھو ۽ ڦاسيءَ جي سزا جي خوف ۾ ھن کائڻ پيئڻ وسري ويو ھو. سو اھڙا ھئا ممئبي ڌر وارا جيڪي ”بامبي ٽائيمس“ اخبار ۾ الائي ڇا جو ڇا لکي پيا ممڻ مچائڻ جا جتن ڪندا ھئا.

ڀاڙيتو ماڻھن جي اھڙين ڀڏين ڳالھين ذريعي تاريخ جي توھين ڪئي پئي وڃي ۽ صاحب اختيار بھ اھي ڀاڙيتو ماڻھو آھن جن تي ڪڙي نظر رکڻ ضروري آھي. بامبي ٽائيمس اخبار جو بسٽ کلئي عام چئي رھيو آھي تھ کيس ڪامورا شاھيءَ جي سھائتا آھي. ان  کان سواءِ ڪي وڏا ماڻھو بھ ھن جي اوٽ ۽ آڌر بڻيل آھن. پر اھڙن ماڻھن کي تاريخ ڪڏھن بھ معاف ڪانھ ڪندي ڇاڪاڻ تھ اخبارن ۾ ڇپيل سندن تحريرون جنگ ۽ امن کي ڏاڍو متاثر ڪري رھيون آھن. ھن ماڻھو پنھنجي اخبار ۾ اھو بھ اعلان ڪري ڇڏيو آھي تھ سر چارلس نيپئر گورنر جنرل کي پنجاب تي حملي ڪرڻ لاءِ زور ڀري رھيو آھي. ان کان سواءِ ھن ماڻھوءَ اھڙي جنگي منصوبي کي تير پتير سان ڇاپي بھ ڇڏيو آھي. ميجر ڪار مچيل سمٿ لاھور جي حڪمران خاندان تي ھڪ ڪتاب ۾ لکيو آھي جنھن ۾ ھن واضح نموني اظھار ڪيو آھي تھ دھلي گزيٽ ۾ ھڪ جعلي مضمون ڇپيو آھي جيڪو سر چارلس جي نالي سان آھي جيڪو پنجاب سان جنگ ڪرڻ جو وڏو ڪارڻ ھو. انھيءَ زماني ۾ جنرل چارلس پنجاب جي سرحد سان موجود ھو جنھن چيو ھو تھ سندس فوج جلد ئي سکن تي حملو ڪندي. سکن سمجھيو تھ اھو بھتر ٿيندو تھ انگريزن طرفان ٿيندڙ حملي کان اڳ ھو ڇو نھ انگريزن تي حملو ڪن. تنھن ڪري انھن ستلج پار ڪري انگريزن جي فوج تي حملو ڪيو ھو. اخبار ۾ ڇپيل اھڙي بيان جي تائيد ڪئپٽن ڪنگھام بھ ڪئي ھئي. ان کان سواءِ اھڙي تائيد ھڪ فرينچ ڪرنل مائوٽن بھ زباني طور ڪئي ھئي جيڪو سک حڪمران جي ملازمت ڪندو ھو. ائين ڪري گورنر جنرل جي پرامن حڪمت عملي ڊانوانڊول ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي وئي ھئي. اھڙيءَ ستلج جي ڪناري سان ٻي جنگ شروع ٿي وئي جنھن جا ڪيترا ئي خراب نتيجا نڪتا ھئا. اھي ڪھڙيون نھ ڪھٽيون ڳالھيون ھيون جيڪي ٻن اخبارن ٻن ايڊيٽرن ڪيون ھيون جيڪي جعلي ھيون. ھيٺ ھڪ خط اقتباس پيش ڪجي ٿو جيڪو انگريز سک پھرين جنگ کان ٻھ مھينا اڳ گورنر جنرل کي لکيو ويو جنھن مان سولائيءَ سان پتو پئجي سگھي ٿو تھ سر چارلس ان جنگ ڏانھن تھ ڪو ڌيان ئي ڪونھ ھو جنھن لاءِ جعلي قسم جا مقالا لکيا ويا ھئا.

”ھي ڳالھھ انھن ماڻھن لاءِ ڏاڍي ڏکي ھوندي آھي جن جي ساري زندگي فوجي ملازمت ۾ گذري ھجي ۽ اھي بنا ڪنھن منصوبھ بندي اکيون ٻوٽي جنگ ۾ وھي پون. ساڳيءَ ريت تاريخ بھ ثابت ڪيو آھي تھ ائين ڪڏھن بھ ڪونھ ٿيو آھي. اھو ڏٺو ويو آھي تھ فوجي ماڻھو صحيح ھلندا آھن ۽ سول ماڻھن کان وڌيڪ ڏاھپ سان حڪومت ڪندا آھن پر تاريخ ثابت ڪيو آھي تھ فوجي حڪمرانن سول ڪامورا شاھي جنگ ڪرڻ جي شوقين ھوندي آھي. مون کي اھو اعتبار ڪڏھن ڪونھ ايندو تھ جيڪو ماڻھو جنگ ۾ اڳيئي وچڙيل ھجي سو پنھنجي شخصي احساسن ڪري ٻيءَ جنگ جي ڀڙڪندڙ باھھ ۾ ڪڏي ٽپ ڪونھ ڏيندو. پوءِ اھو عام ماڻھو ھجي يا عيسائي. اسان کي جيڪڏھن جنگ ڪرڻي آھي تھ اسان دوستن سان گڏجي ان جنگ کي منھن ڏينداسون. جن جي نيت ۾ نيرو نانگ ھوندو سي ائين ڊڄي ڀڄي ويندا جيئن ڪانءُ ڀڄي ڪمان کان. ڪوبھ ماڻھو خوف خطرن سان پيار ڪونھ ڪندو آھي. پر جيڪڏھن عزت ۽ وقار جو سوال ھوندو آھي تھ ماڻھو مھڻيءَ مرڪ سان چار وکون اڳتي وڌي وڃي موت کي ڀاڪر ۾ ڀريندو آھي. انھن ماڻھن تي ڦٽڪار ھوندي آھي. جيڪي اھڙي جنگ وڙھندا آھن جنھن کي ٽاري سگھبو آھي. اھڙا ظالم ماڻھو انساني قتل عام جا شخصي طور ذميوار ھوندا آھن. مان پنھنجي زندگي جا ٻھ ڏينھن اپوتر ۽ نڀاڳا سمجھندو آھيان جن دوران مان مياڻي ۽ حيدرآباد واري جنگ ڪئي ھئي. انھيءَ لاءِ نھ تھ مان پنھنجي نقطئھ نظر ۾ صحيح ڪونھ ھوس. پر انھيءَ ڪري تھ مان پنھنجا بھادر ساٿي وڃائي چڪو ھوس. مان ھن حقيقت جو نھايت جرئت سان اظھار ڪري سگھان ٿو تھ مون کان وڌيڪ ڪنھن ٻئي ماڻھوءَ جنگ ڪرڻ بابت پاڻ کان محنتي سان سوال ڪونھ پڇيو آھي تھ اھا جنگ پاڻ کي خطري ۾ وجھڻ لائق ھئي يا نھ. پر مان پاڻ کي ھيءَ ڳالھھ مڃائي ڪونھ سگھندو آھيان تھ ان جنگ لاءِ ڪو جواز ھو بھ يا نھ. اھڙيءَ ريت جنگ کان پوءِ اھڙا واقعا رونما ٿيندا آھن جن جو اڳواٽ ئي مون کي چنتو ھوندو آھي. عقل ۽ فھم وارو ڪوبھ ماڻھو ائين چئي ڪونھ سگھندو  دشمن جي وڏي تعداد سان ٻيو اسان ائين ۽ اھڙي جرئت سان وڙھي سگھي ٿو. پر جڏھن ڪو ٻيو چارو ڪونھ ھوندو آھي تھ پوءِ جنگ ناگذري ٿي پوندي آھي.

”تنھنجي خط پھچڻ کان پوءِ ئي اھڙيون ڳالھيون ياد اچي ويون آھن. مان ھي ڳالھيون انھيءَ ڪري لکي رھيو آھيان تھ جيئن اوھان پنھنجي ملازمن کي ٻڌائي سگھو تھ فوجي ماڻھو پنھنجي ملازمت واري حرص ۽ لالچ خلاف بھ مزاحمت ڪري سگھندو آھي. جيڪڏھن کيس ضرورت کان وڌيڪ لالچ ھوندي آھي تھ اھو جرم آھي ۽ مان اھڙين ڳالھين ۾ اوھان سان سھمت آھيان. پر عام طور تي ائين سمجھيو ويندو اھي تھ فوجي اڳواٽ ئي جنگ جو اٽل ارادو ڪري چڪو ھوندو آھي. جڏھن تھ سندس اصلي ارادو امن قائم ڪرڻ جو ھوندو آھي. ليڪن ان کانپوءِ اھم ڳالھھ اھا ھوندي آھي تھ مناسب جنگي سرگرميون ڪھڙيءَ ريت جاري رکي سگھجن ٿيون. لارڊ ايلنبرو کي ڪن بي حس ماڻھن مجبور ڪيو ھو تھ گواليار جي آزاد حيثيت کي تسليم ڪيو وڃي. پر ائين ڪرڻ سان ٻيءَ جنگ جي تياري ڪرڻي پوندي. مان چوان ٿو تھ اھي ماڻھو رڳو بي حس ڪونھ ھئا پر بي اصول بھ ھئا جيڪي وگس مان ساڳئي معاملي ٻِٽ ۽ ٻھٽ ٿي بيھي رھيا ھئا. جن سان پر امن اصولن وارو ھيوم بھ گڏ ھو. مان چوان ٿو تھ اھو امن گزن جي حساب سان وڪاڻو ھو پر ان وٿ جي ھڪ ھٽي ھيوم جي ھٿ ھئي.“

”منھنجي ڀاءُ جي مرضي آھي تھ ھندستان جي انگريز سرڪار جي سرحد سنڌو درياھھ ھجڻ گھرجي. مان سدنس نقطئھ نظر کي بلڪل صحيح سمجھان ٿو پر اسان اڃا ايترا لائق ڪونھ بڻيا آھيون مان اوھان جي ھن نقطئھ نظر سان بلڪل متفق آھيان تھ انگريز سرڪار جي موجوده سرحد ستيلج بلڪل صحيح آھي. اسان اڳتي سنڌو درياءَ کي پنھنجي سرحد تڏھن بڻائي سگھنداسون جڏھن اسان حڪومت جي ھن گندي ارادي مان ھٿ نھ ڪڍنداسون تھ ھتان جا ڏيھي راجائون اسان جي ملڪي حدن اندر ڀلي پنھنجي تخت ۽ تاج جا مالڪ بڻيا ويٺا ھجن. جيڪڏھن ائين ٿيندو رھيو تھ اندروني امن امان برقرار رھي ڪونھ سگھندو. منھنجو بھ واضح نقطئھ نظر اھو آھي تھ موجوده دور ۾ ھندستان سرڪار سرحد ستلج ھئڻ ضروري آھي. پر اھو بھ يقين آھي تھ اسان ھنن حدن اندر رھي سگھون اھو بھ ناممڪن آھي. موجوده صورتحال ۾ ملڪي پيداوار ھن حفاظتي سرحد جي اجازت ڪانھ ڏيندي. جيڪڏھن تون زنده ۽ گورنر جنرل جي عھدي تي فائز رھين تھ تون 1847ع ڌاران پنجاب کي فتح ڪري وٺندين. حضرت سليمان عقلمند ۽ پرامن حڪمران ھو. پر ھن جو خزانو ڀريل ھو. اھو سارو پئسو ڏوڪڙ مصو ۽ صور جا واپاري ڏيندا ھئا. جيڪڏھن اھي واپاري ھن مٿان حملو ڪن ھا تھ حضرت سليمان لاءِ خطرو پيدا ٿي وڃي ھا پر جيڪڏھن ھو ھندستان جو گورنر جنرل ھجي ھا ۽ پنجاب جي فوج جھنگلي جانورن وانگي سندس سرحد سان گور ڦرندي وتي ۽ بچاءَ لاءِ کيس سرحد تي ٽيھھ ھزار فوج رکڻي پوي ھا تھ کيس بيت المقدس جي تعمير جو ڪم اڌ ۾ ڇڏي جنگ ڪرڻ جي ابتدا ڪري چڪو ھجي ھا.“

اھي لفظ اھڙي ماڻھو جا لکيل آھن جنھن لاءِ چيو ويندو آھي تھ جنگ ڪرڻ جو ڪوڏيو ھو. سندس نقطئھ نظر کڻي ڪھڙو بھ ھو پر حقن جي معاملي ۾ ھو ڏاڍو مستقل مزاج ھو. ھن جي ساري جاکوڙ سنڌ جي خوشحاليءَ لاءِ ھئي ۽ ممبئي واري ڌر کان سخت نفرت ڪندو ھو جيڪا ڌريان ئي غلط ھئي. ان غلط ڌر انھن ماڻھن کي پنھنجي رڱ ۾ رڱي ڇڏيو ھو جيڪي صاحب اقتدار ھئا يا جيڪي ملڪ جي پيداواري ذريعن جي سوچ فڪر کان بھ آجا ھئا. يا جيڪي ملڪي پيداواري ذريعن کي ترقيءَ جي مقصدن لاءِ ڪم آڻڻ لاءِ ڪي قدم ڪونھ ٿا کڻن. ڇاڪاڻ تھ زمينن ۾ باغ ڪنھن جادوءَ وسيلي پيدا ٿي ڪونھ پوندا آھن. سنڌوءَ جي پاڻيءَ جو مٿاڇرو ڪنھن فائدي واري تجارت کان سواءِ واپاري ٻيڙين سان ھڪدم ڇائنجي ڪونھ سگھندو. جابلو ۽ سنڌ جا بلوچ ڌاڙا ۽ ظلم ڇڏي پاڻھن ھڪدم شريف ڪونھ ٿيا آھن. ھنن جھل ۽ بداخلاقين کي ڇڏي سائنسي انداز ۾ پوکي راھي ڪرڻ اڃا ڪانھ سکي آھي. ان کان سواءِ زرعي پيداوار جي صنعت جي بھ کين خبر ڪانھ آھي. اڳي تھ سنڌ کي بيابان سڏيو ويندو ھو ۽ سمجھيو ويندو ھو تھ ان کي آباد ڪري ڪونھ ٿو سگھجي. ھن تعجب ڪندي پنھنجي خيال جو اظھار ڪيو ھو تھ اھڙا عقلمند ماڻھو جيڪڏھن اھي صحيح معنى ۾ عقلمند آھن تھ ڪرامتيءَ ۾ ڪيئن اعتبار ڪري سگھندا. اسان تھ مختلف رنگن، نسلن ۽ مذھبن جي ماڻھن کي پرامن رکيو آھي. ھاڻي وري سندن چوڻ آھي تھ اھي سڀ ماڻھو اک ڇنڀ ۾ مھذب بھ بڻجي وڃن. پر ھو ماڻھو سندن پھرئين سپني جي ساڀيا جتن ۽ جاکوڙ ڪئي ھئي.

ترقي ۾ پھرين وڏي رنڊڪ بلوچن جو جھنگليپڻو ۽ ڌاڙا آھن. ھنن جو مذھب بھ اڳتي وڌڻ لاءِ ھڪ رنڊڪ بڻيل آھي. اوڻائي اھا بھ آھي تھ اسان ھنن ماڻھن جي ٻولي سمجھي ڪونھ ٿا سگھون. ھتان جا مانھو وري ھندستاني ۽ فارسي سمجھي ڪونھ ٿا سگھن. تنھن ڪري رابطي جي بھ کوٽ محسوس ٿي رھي آھي. ھي ماڻھو مذھبي رسمن ۾ دخل اندازي ڪونھ ڪندو آھي. پر ھو ھندن جي سستي ۽ رسم جي سخت خلاف آھي جنھن ۾ عورتن کي ساڙيو ويندو آھي. مسلمانن کي مذھب مٽجڻ جو خوف خطرو ڪونھ آھي نھ وري اھي ھندن سان گڏجڻ ئي چاھيندا آھن. ڇاڪاڻ تھ اھي کين ڪافر سمجھندا آھن. سر چارلس انھن کي فقط شرافت جي اصول سان ملائي ھڪ بھتر معاشري جو بنياد رکي سگھي ٿو. سندس خواھش بھ اھا آھي. ھو ھڪ مذھب، ھڪ جھڙن سماجي فردن ۽ ھڪ ٻولي ھجڻ جو حامي ھو. عام ماڻھو ھن جي اصولن کي چڱيءَ ريت سمجھندا ھئا. ھن جي وسعت دلي، زندگي ۽  مال ملڪيت جي تحفظ ۽ انصاف جي اصولن کي سمجھڻ لاءِ ڪنھن مذھبي راھب ۽ پنڊت جي ضرورت ڪانھ ھئي. دولت مند ماڻھن کي ھو جڏھن سندن مال ملڪيت ۽ عزت جي تحفظ جو يقين ڏياريندو ھو تھ کيس سمجھڻ لاءِ ڪنھن ترجمان جي ضرورت جو احساس ڪونھ ٿيندو ھو ويچارا غريب تھ سندس ٻولي سمجھي ڪونھ سگھندا آھن پر اھو ضرور سوچيندا آھن تھ ھن کين ٽالپرن جي ظالم طريقي واري حڪومت کان نجات ڏياري آھي ۽ ڳاٽي ڀڳل ڍل محصول کان بچايو آھي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org