سنڌ جي اھميت سر چارلس نيپئر جي نظر ۾
ھن ملڪ جي قدر قيمت بابت سر چارلس جو بيان موجود
آھي جنھن کي ”مماپرسي“ جي حوالي ھتي پيش ڪجي ٿو،
جيڪو ھڪ سرڪاري سوال جي جواب ۾ لکيو ويو ھو تھ سنڌ
جا ڪي قلعا تباھھ ڪيا پيا وڃن ۽ ڪن جي مرمت ڪري
مضبوط ڪيو پيو وڃي. جڏھن تھ سنڌ انھن قلعن سان
ائين سينگاريل ھئي، جيئن واگھھ جي کل دٻڪن سان
سينگاريل ھوندي آھي.
”قلعن جي معاملن کي اوھان رھڻ ڏيو. ھتان جي آبھوا
اھڙي آھي جو انھن قلعن جي تباھي تڪڙي ڪانھ ٿيندي
آھي. جڏھن ڪنھن جي مرمت کي ضروري سمجھيو ويندو آھي
تھ اھڙو ڪم ڪو ڏکيو ڪونھ ھوندو آھي، پر اھڙي ڪم ۾
خرچ گھڻو ۽ فائدو ٿورو ھوندو آھي. ڇاڪاڻ تھ ھتان
جا ماڻھو اسان سان گڏ آھن ۽ وٽن ڪو توبخانو موجود
ڪونھ آھي. تنھن ڪري ھي ماڻھو نھ انگريزن تي حملو
ڪري سگھن ٿا، نھ وري حملي وقت پنھنجو بچاءُ ڪري
سگھندا آھن.“
”ھي ھڪ سرحدي ملڪ آھي جنھن جو بچاءُ مختصر فوج ڪري
سگھي ٿي. ھتي وڏيءَ فوج جي ٿوري وقت لاءِ ضرورت
محسوس ڪئي ويندي آھي. ڇاڪاڻ تھ ھن وقت پنجاب جون
حالتون وڳوڙي آھن. سنڌ جي فتح بھ ھاڻي تازو ٿي
آھي، جنھن جي انتظامي جوڙجڪ کي مستقل بنيادن تي
قائم رکڻ جي صورت ڪانھ آھي.“
”سنڌ فوجي ۽ تجارتي نقطئھ نظر کان اتر اولھھ
ھندستان لاءِ ھڪ اھم ملڪ آھي.“
”سنڌو درياه ڪري ھتان جي تجارت وڏي اھميت رکي ٿي.
اتر واري تجارتي سامان جي آمد رفت ھن وھڪري وسيلي
آھي. ھتي فقط ھڪ سامونڊي بندر آھي، جتي ”ڪسٽم
ھائوس“ ڏاڍيءَ سولائيءَ سان ”ڪسٽم ڊيوٽي“ اڳڙي
سگھجي ٿي. ھن اوڀر واري سرحد سان ٿر وارو رڻ پٽ
علائقو آھي. ان ڪري غير قانوني تجارتي سامان جي
آمد رفت جا امڪان گھٽ آھن. ڇاڪڻ تھ ھن علائقي وچان
گذرندڙ رستا ٿورا آھن. جن تي چوڪسي رکڻ نھايت سولي
آھي. جيتري قدر فوجي سرحد ھجڻ جو تعلق آھي تھ
جيڪڏھن پنجن مان ڪنھن بھ ھڪ درياه وسيلي پنجاب تي
حملو ڪبو تھ ھتي رھندڙ فوج پيش قدمي ڪندڙ لشڪر جي
کاٻي پاسي جو بھتر بچاءُ ڪري سگھندي. اھي درياه
سنڌ جي سرحدي شھر مٺڻ ڪوٽ وٽان مٿي اتر ھلندا ۽
وسيع ايراضيءَ ۾ پکڙبا ويندا آھن. ھنن مان ڪنھن بھ
ھڪ درياه جي ڪناري کي اتر اولھھ ھندستان جي سرحد
بڻائي سگھجي ٿو، جيڪا وڌيڪ واضح ھوندي. جيڪڏھن سنڌ
انگريز دشمن ٽالپر حڪمرانن جي قبضي ۾ ھجي ھا تھ
انھن سڀني درياھن جا کاٻا ڪنارا انگريز حڪمت
عمليءَ لاءِ منفي ڪردار ادا ڪن ھا.“
”جيڪڏھن ڳجھو فوجي اصولن تي سوچيو ويچاريو تھ
انگريز ھندستان جي حقيقي سرحد ستلج آھي، جيڪا
بھاولپور جي اتحاد کان سواءِ ممڪن ڪانھ آھي. ھي
علائقو اسان جو اتحادي فقط تڏھن رھي سگھي ٿو، جڏھن
اتر کان ھن مٿان ملتان جي سانوڻ مل جو ۽ ڏکڻ کان
سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن جو دٻاءُ ھوندو. جيڪڏھن
انگريز ھندستان، ٽالپرن حڪمرانن تي حملو ڪندو تھ
ٿر جو رڻ پٽ رنڊڪ ثابت ڪونھ ٿيندو. ھن بيابان کي
اڪرڻ لاءِ گھڻا رستا آھن. پر ٽالپر حڪمرانن لاءِ
ٿر وارو ھي علائقو وڏي رنڊڪ آھي. جيڪڏھن ھو ٻيو
ڪجھھ بھ نھ ڪري سگھن ھا، رڳو ٿر جي کوھن ۾ زھر
ملائي ڇڏين ھا يا انھن کي ڊاھي ختم ڪري ڇڏين ھا ۽
ھن علائقي ۾ موجود قلعن ۾ فوج ويھاري انگريز فوج
کي ٿوري وقت لاءِ روڪي بيھاري سگھن ھا. ھي موضوع
اھڙو آھي جنھن تي ھاڻي عذر ٿي رھيو آھي، پر اھڙيون
ڳالھيون فتح کان اڳ ھندستان کان ٿيندڙ حملي کي
ڪنھن حد تائين روڪي ضرور سگھن ٿا. ليڪن ھاڻي ٿر
وارو ھي علائقي فوجي اھميت وارو انھيءَ ڪري ڪونھ
آھي، جو ھن جي ٻنھي پاسن کان انگريزن جي حڪومت
قائم ٿي وئي آھي، تنھن ڪري يقين سان چئي سگھجي ٿو
تھ سنڌ جي فتح ستلج جي بچاءَ واري سرحد لاءِ اھم
ڪردار ادا ڪري سگھي ٿي.“
”ان کان سواءِ سنڌ اندر فوج جي موجودگي خود سنڌ جي
بچاءَ لاءِ بھ اھم آھي، جيڪا مٺن ڪوٽ کان وٺي ھيٺ
پنج سو ميل ھلي سنڌوءَ جي ڇوڙ وٽ ختم ٿي وڃي ٿي.“
جيڪڏھن دشمن اتر کان ستلج وٽان حملو ڪندو تھ سندس
آڏو ٿر وارو برپٽ بچاءَ لاءِ موجود آھي. ٻي ڳالھھ
تحفظ واسطي انگريزي فوج ٻنھي پاسن کان موجود
ھوندي. تنھن ڪري ان کي ساڄي پاسي رخ موڙڻ کان
سواءِ ٻيو گس ڪونھ ھوندو ۽ جيڪڏھن نھ تھ کاٻي طرف
رخ ڪندو. جيڪڏھن دشمن ساڄي طرف رخ ڪندو تھ سنڌ جي
ڏکڻ پاسي واري فوج کي آڻي حيدرآباد ۾ گڏ ڪبو. ان
فوج جي ھڪ پاسي قلعن جي قطارن ۾ ويٺل فوج ھوندي ۽
قلعن جو اھڙون سلسلو اچي عمرڪوٽ تائين کٽي ٿو،
جڏھن تھ قلعن جي اھا قطار ڏاڍي سگھاري آھي. ھنن
مان ھڪڙا قلعا مرمت ڪري بچاءَ جوڳا بڻايا ويا آھن،
جڏھن تھ ٻين کي نئين سر تعمير ڪيو ويو آھي. انھن
قلعن کي مضبوط ڪرڻ مان مقصد اھو ھو تھ حيدرآباد
کان سنڌوءَ جي ڇوڙ تائين سنڌوءَ وسيلي ھلندڙ آمد
رفت کي تحفظ ڏئي سگھجي. حيدرآباد ۾ گڏ ٿيل فوج
لاءِ رابطي ۽ پوئتي ھٽڻ جا ڇھھ رستا آھن، جن وسيلي
۽ موسم مطابق ھندستان نئين فوج بھ پھچي سگھي ٿي.
اھڙي ريت
1
ڊگري تي ڪراچي،
2
ڊگري تي سنڌوءَ جي ڇوڙ وارو وڪر وارو علائقو،
3
ڊگريون اچ جي راڄڌاني ڀونگ پاڙا،
4
ڊگريون گجرات،
5
ڊگريون بيلسا ۽
6
ڊگريون ٻاھڙ مير
Balmer
آھن.“
”ھنن مان ٽن ماڳن کي پنھنجا بندر آھن، جن جي حفاظت
ڪرڻ نھايت ضروري آھي. ان کانسواءِ باقي ٽن وسيلي
خشڪي وارو رابطو قائم رکي سگھبو آھي. عمرڪوٽ ۽ ڊسا
واري خشڪي رستي سان قلعا تعمير ڪيا ويا آھن.
جيڪڏھن دشمن ڏکڻ سنڌ واري فوج ڏانھن وڌندو تھ ان
لاءِ بھ رابطي جا ڪيترا رستا کليل آھن. اھڙيءَ ريت
ڏکڻ سنڌ جي انگريزي فوج جي ھڪ پاسي ھٿياربند آگبوٽ
ھوندا، جيڪي سنڌو وسيلي ھر وقت پيا ايندا ويندا
آھن. اھو اتر سنڌ ۾ سکر ۾ رھندڙ فوج لاءِ رابطي جو
اھم وسيلي آھي. ان کان سواءِ ڪابھ فوج سنڌوءَ جي
ڪنارن ويجھو پيش قدمي ڪري ڪانھ سگھندي آھي. انھيءَ
ڪري جو ھن وھڪري مان ڪيتريون ڇاڙھن نڪرنديون آھن.
ان کان سواءِ آبپاشي جي مقصد سان ھن مان واھھ بھ
ڪڍيا ويندا آھن.“
”اھڙي ريت اتر واريءَ فوج جو ستلج جي ڪناري موجود
انگريزي لشڪر سان رابطو ممڪن ٿي سگھي ٿو. جڏھن تھ
دشمن جي ٻئي پاسي ٿر جھڙو ويران علائقوھوندو.
انھيءَ صورتحال ۾ دشمن تباھھ ٿي ويندو يا وري کيس
انگريز فوج جا ٻھ ٽي مضبوط ماڳ فتح ڪري اڳتي وڌڻو
پوندو. پر پوئين صورتحال مطابق حيدرآباد جي چوڌاري
علائقو سنڌوءَ جي پراڻن ٻيٽن سان ڀريو پيو آھي ۽
ھر اڌ ميل تي سنڌوءَ جو ھڪ نھ ٻيو پراڻو وھڪرو
موجود آھي. تنھن ڪري دشمن فوج جو اڳتي وڌڻ آسان
ڪونھ آھي. انگريزي فوج شڪست کائڻ جي صورت ۾ ھن
علائقي جي ھڪ ھڪ انچ جو دفاع ڪندي ۽ دشمن کي
سولائي سان سمنڊ تائين پھچڻ ڪانھ ڏيندي. نھ تھ
ٻيءَ حالت ۾ دشمن کي ٿر اڪري ٻئي پاسي وڃڻو پوندو
يا سنڌو اڪري ڪراچي تي قبضو ڪرڻو پوندو، جيڪو فوجي
سرگرمين جو ھڪ اھم مرڪز آھي، جنھن جو سمنڊ وسيلي
سڌو رابطو ممبئي سان بھ آھي. اھڙو رابطو چوماسي
واري رتِ دوران ڇڄي ويندو آھي. تنھن ڪري موسمي
حالتن ۽ زمين جي صورتحال کي ڏسي دشمن مٺڻ ڪوٽ کان
ھيٺ ۽ سامونڊي ڪناري تائين فوجي سرگرميون شروع ڪري
ڪونھ سگھندو.“
”پر جيڪڏھن دشمن، سنڌوءَ جھڙو خطرناڪ درياه اڪري
اتر ڏانھن وڌندو تھ ھن کي ساڳين مشڪلاتن کي منھن
ڏيڻو پوندو. ڇاڪاڻ تھ سکر واري فوج کي رابطي جا ٻھ
رستا ۽ پوئتي ھٽڻ لاءِ جوءِ بھ جالاري آھي. فوجي
سازو سامان خشڪي وسيلي بھاولپور رستي ستلج تائين
پھچائي سگھبو. جيڪڏھن دشمن اتر طرف نھ ٿو وڌي تھ
سکر واري انگريزي لشڪر ٿر واري ڪناري سان شاھھ
ڳڙھھ واري قلعي وٽ کيس مھاڏو ڏيندو. ان وقت دشمن
جي پٺئين پاسي جيسلمير ۽ ٻئي پاسي انگريزن جي فوج
ھوندي. اھڙيءَ صورتحال ۾ انگريزن جو لشڪر سندس
ساڄي پاسي کي تباه ڪري ڇڏيندو. جنھن ڪري دشمن فوج
ڌڪجي وڃي وچ ٿر ۾ پھچندي. ان وقت حيدرآباد ۽
فيروزپور کان ايندڙ انگريزن جي فوج پاسي ۽
پٺِ تي دٻاءُ رکندي، ان ڪري دشمن کي ڪنھن بھ قسم
جي کاڌ خوراڪ ۽ جنگي سامان پھچي ڪونھ سگھندو.
ڇاڪاڻ تھ اھو پنھنجي رابطي جا رستا پاڻ وڃائي چڪو
ھوندو.“
ھنن بيانن ۽ مشاھدن مان چڱيءَ ريت معلوم ڪري سگھجي
ٿو تھ فتح کان پوءِ سنڌ ھندستان لاءِ بچاءَ واري
مضبوط سرحد بڻجي وئي آھي. جيڪڏھن سنڌ ٽالپر
حڪمرانن جي ھٿ ۾ ھجي ھا تھ ھندستان جي وڏي فوج کي
گھڻو پري اوڀر پاسي تي موجود ھجڻ لاءِ مجبور ڪري
ھا. ان سان گڏ اھا ھندستان جي ھڪ ڪمزور سرحد جي
صورت ۾ ھجي ٿي. اھا سرحد تھ مستقل بھ ڪانھ ھجي ھا،
پر اتي رھڻ واري فوج تي خرچ بھ گھڻو ٿئي ھا. سنڌ
جي فتح سان ھن ملڪ جو اندروني مضبوط نظام ختم ٿي
ويو، جيڪو انگريزن جو جاني دشمن ھو، اھو ڪھڙي وقت
بھ ٿر وارو رڻ پٽ اڪري ھندستان جي حڪومت تي حملو
ڪري پئي سگھيو. ٽالپر حڪمرانيءَ جي ھندستان سرڪار
سان ملندڙ سرحد بھ گھڻي ڊگھي ھئي، جنھن کي حوالي
ڪرڻ بھ ايڏو آسان ڪونھ ھو. ڇاڪاڻ تھ جيڪو ماڻھو
سنڌ جي آبپاشيءَ تي ڪمانڊ رکندو آھي، سو ٿر جي رڻ
پٽ علائقي جو مالڪ ھوندي آھي. تنھن ڪري سولائيءَ
سان سمجھي سگھجي ٿو تھ ھن کان پوءِ سنڌ جي بچاءَ
واسطي مختصر ريگيولر فوج ڪافي ثابت ٿيندي. اھا
ايتري ٿوري فوج آھي جو اتر ستلج جي سرحد واري فوج
کي ڪو سھارو ۽ ٽيڪ ڏيئي ڪانھ ٿي سگھي. ڇاڪاڻ تھ
انھن جو تعداد بلڪل ٿورو ھوندو.
ڪراچيءَ جو آئيندو
”ڪراچي بچاءَ جي نقطئھ نظر کان ھڪ اھم جڳھھ آھي.
اھو وقت پري ڪونھ آھي جو ھي شھر سکيو ستابو ۽
شاھوڪار بڻجي ويندو، جو جابلو ماڻھو انکي ڦري ڀينگ
ڪرڻ لاءِ ڌاڙن ھڻڻ لاءِ پھچي ويندا. تنھن ڪري ھن
شھر جي چوڌاري ڪوٽ ڦيرائڻو آھي.“
ٿاڻو احمد خان جي صحت بخش آبھوا
احمد خان ھالا جبل اندر موجود آھي. ھن شھر جي
چوڌاري بھ قلعو اڏڻ گھرجي. جيڪڏھن ھيءَ جوءِ صحت
بخش آھي تھ اتي سئنيٽوريم بھ تعمير ٿيڻ گھرجي.
ڇاڪاڻ تھ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آھي تھ ھيءَ جوءِ ڏاڍي
صحت بخش آھي، پر ھن جي آبھوا کي سياري جي رتِ ۾
جاچيو پرکيو ويو آھي. پر ھن ماڳ کي جون جي گرم
مھيني ۾ بھ جاچي پرکي ڏٺو وڃي. ھن ٿاڪ جي جاءِ
وقوع بھ بھتر آھي ۽ ڪراچي کان اتر ويندڙ ان رستي
تي آھي، جيڪو سيوھڻ ڏانھن ويندو آھي ۽ ٽڪرين جو
ترو ڏئي اڳتي ويندو آھي. ھنن ٽڪرين وچ ۾ گذرگاھھ ۽
لڪ بھ گھڻا آھن. ماڻھن جون وسنديون بھ ورلي ڏسڻ ۾
اينديون. ليڪن ھن رستي آمد رفت تمام گھڻي رھندي
آھي. احمد خان جو ھي ماڳ اھڙو تھ صحت بخش آھي جو
ھتي بيمار ماڻھو ڏسڻ ۾ ڪونھ ايندو آھي.“
سنڌ جي قلعن جو مستقبل آئيندو
”ھتان جي قلعن کي برقرار رکڻ يا ڊاھي پٽ ڪرڻ جو
سوال بھ غير ضروري آھي. پر حالتن مان ائين محسوس
ٿي رھيو آھي تھ جيڪڏھن اھم ماڳن وارن قلعن ۾ ھڪ
طاقتور فوج رکبي ۽ قلعن جي مرمت ڪري وڌيڪ سگھارو
ڪبو تھ اھم ڪم سرانجام ڪري سگھجي ٿو ۽ مختصر ماڻھو
بھ وڏي بچاءُ جو ڪم ڪري سگھن ٿا. ان کان سواءِ
قلعي اندر رھيل فوج ھنگامي حالتن ۾ جٿن جي صورت ۾
نڪري بغاوتن کي ٻنجو ڏئي سگھي ٿي. اھو بھ ممڪن آھي
تھ سنڌ اندر موجود سڀني قلعن جي مرمت ڪري استعمال
لائق بنايا ويا تھ منجھن تمام گھڻي فوج رھائي
سگھجي ٿي. جنھن کي وقت جي ضرورت مطابق جٿن جي صورت
۾ ھنگامي حالتن کي منھن ڏيڻ لاءِ ڪيڏانھن بھ موڪلي
سگھجي ٿو ۽ منصوبھ بندي مطابق تيار ڪيل بغاوت جي
سرگرمين کي ختم ڪري سگھجي ٿو. موثر ۽ وقتائتن فوجي
سرگرمين لاءِ ائين ڪرڻ ضروري آھي. ائين ڪرڻ سان
ساڙيندڙ سج جي گرميءَ کي بھ منھن ڏئي سگھجي ٿو.
انھيءَ ٻن ٽن مھينن لاءِ کاڌ خوراڪ محفوظ ڪري
رکڻي پوندي. جيڪڏھن دشمن حملو ڪيو تھ کاڌ خوراڪ
ختم ٿي وئي تھ فوج بکي مري سندس آڏو آڻ مڃي بيھي
رھندي. ان ڪري خرچ ضرور وڌي ويندو. کاڌ خوراڪ جي
جام ھجڻ سان قلعي اندر رھڻ واري فوج ٻاھر نڪري
دشمن کي سختيءَ سان مھاڏو ڏئي سگھي ٿي. پر گھڻو
اڳتي نڪري وڳوڙي وايو منڊل کي منھن ڏئي ڪانھ
سگھندي. ڪيترائي قلعا پاڻيءَ جي سھوليت کي ڏسي
تعمير ڪيا ويا آھن، جيڪي ھيٺ تراين ۾ آھن. جتي
اڻيھئي پاڻيءَ جي ڇر لڳي بيٺي ھوندي آھي. اھڙيون
جڳھون صحت بخش ڪونھ ھونديون آھن.“
”منصوبو ھن ريت تبار ڪيو ويو آھي تھ جينءَ فوج کي
ھڪ جاءِ تي گڏ رکيو وڃي. کين ڪھڙي بھ وقت، ڪيڏانھن
بھ ۽ ترت موڪلي سگھجي. ائين ڪرڻ سان اندروني دشمن
تي فوج جو ڏھڪاءُ ويھي ويندو. جڏھن تھ ٻاھرئين
دشمن کي منھن ڏيڻ لاءِ ڏکڻ سنڌ جي فوج حيدرآباد ۽
اتر سنڌ واري فوج سکر ۾ رکي ويندي. جيڪا سنڌءَ جي
ڪناري تي رھائي ويندي. پر جيڪڏھن دشمن گيڊروشيا جي
رڻ پٽ نزديڪ سون مياڻيءَ وٽان سامونڊي ڪنارو اڳتي
وڌڻ چاھي ٿو تھ پوءِ حيدرآباد ۽ سکر بدران فوج کي
آڻي ڪراچيءَ ۾ گڏ ڪبو. حب ندي
arabis
جي اوسي پاسي بھ ڪجھھ قلعا آھن جن کي استعمال ڪرڻ
جاچي پرکي ڏٺو ويو آھي. امڪان آھي تھ دشمن سنڌوءَ
درياه ڏانھن وڌڻ کان اڳ ڪراچي تي ضرور گھيرو ڪندو.
پر سنڌوءَ وٽ پھچي کيس ڏاڍي مايوسي ٿيندي. ڇاڪاڻ
تھ پار اڪرڻ لاءِ نھ اتي پتڻ ھوندا، نھ وري پاتڻي
ٻيڙيون ھونديون، پر ھن جي استقبال لاءِ طاقتور ۽
مسلح انگريزي فوج موجود ھوندي تھ جيئن دشمن سنڌو
پار اڪري نھ سگھي. ان جاءِ وٽ دشمن کي کڻي مھاڏو
نھ بھ ڏجي، تھ بھ ان فوج لاءِ اڳتي وڌڻ وڏي ڏچي
کان خالي ڪونھ ھوندو. پر اھڙي فوج ھوندي ڪھڙي، جو
گھيري سان لاڳاپيل فوجي سامان بلوچستان جھڙي جابلو
علائقي مان کڻي اچي ڪراچي تي گھيرو ڪندي؟
موجوده صورتحال ۽ سنڌ جو انتظام
”ھتان جي موجوده حالتن کي ھن ريت بيان ڪري سگھجي
ٿو تھ اسان سنڌ تي انتظامي گرفت اڃا ھاڻي تازو رکي
آھي ۽ فوج کي ھڪ اگري بيماري وڪوڙي وئي آھي، جنھن
مان پوري ريت جان آجي ڪانھ ٿي آھي. ان جو ڪارڻ اھو
آھي تھ ھتي ايترا ڊاڪٽر موجود ڪونھ آھن. اسان جي
حالت اھا آھي جيڪا فتح کان اڳ ھئي. ھن وقت تائين
اسان سنڌ کان چڱيءَ ريت واقف ٿي ڪونھ سگھيا آھيون.
اسان ھن وقت نسل پرست بلوچن سان منھن ڏئي رھيا
آھيون. جيڪي ساڙ ۽ حسد سان ڀريل آھن. ان کان سواءِ
ھندستان جي گھڻن اسان خلاف ڦيڪاري لائي ڏني آھي،
جنھن ڪري معزز عملدارن جي عزت نفس مجروح ٿي رھي
آھي. ھنن ماڻھن جي ڪوشش اھا آھي تھ جيئن عام
ماڻھو فوجي سپاھي خلاف اٿي کڙا ٿين. اھڙن ماڻھن
فوج جي بيماريءَ دوران بلوچن کي بغاوت لاءِ ڀڙڪايو
ھو. پر اھڙين حالتن مٿان غلبي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان
سنڌ کي ضابطي ھيٺ رکيو.
”ابتدا کان وٺي مٿي بيان منصوبي ڏاڍي سختيءَ سان
عمل ڪيو ويو آھي ۽ اسان جي آڏو وسيع نظريي وارو پس
منظر موجود ھو. جتي وقت ۽ پئسي نھ ھئڻ ڪري قلعا
ٺھرائي ڪونھ سگھيا آھيون، تھ اتي اسان گھرن ۾ مادا
ٺھرايا آھن. ٿوري وقت کان پوءِ اھڙي ڪم کي ھڪ
مستقل شڪل ڏني وئي آھي. پر اھڙين ڳالھين کي موثر
طاقت آھي. اھا ھڪ ننڍڙي ڪوشش ضرور آھي، پر ھڪ وڏي
منصوبي جو حصو آھي، جنھن جو واسطو ھڪ مخصوص طريقي
سان آھي. سنڌ تي فتح ھاڻي ۽ اڳتي ھلي اتر اولھھ
ھندستان جي سرحد جي مضبوطي ۽ حفاظت لاءِ ڏاڍي
مددگار ثابت ٿيندي. ان کان سواءِ ھي ملڪ ڏکڻ اولھھ
واري سرحد سان بھ واقع آھي. جيتري قدر ھن ملڪ جي
خرچ پکي جو تعلق آھي تھ اھو اڃا ھندستان سرڪار تي
بار آھي. توقع آھي تھ اھي ھاڻي گھٽجي ويندا ۽
ڪمپني ھتان گھڻي پيداوار ٿيندي. ٽالپر جي
حڪمرانيءَ جي ختم ٿي وڃڻ ڪري نھ رڳو پيداوار خرچ
کان وڌي ويندي، پر ستلج بلڪ فيروز پور کان وٺي ڪڇ
تائين جيڪا فوج رکي ويندي، ان جي بھ ھاڻي ضرورت
محسوس ڪانھ ٿيندي ۽ ان تي ايندڙ خرچ گھٽجي ويندو.
انگريزن جي ستلج واري فوج جي حالت ان ماحول ۾ وڌيڪ
خطرناڪ ھجي ھا جڏھن سنڌ، گواليار، نيپال ۽ پنجاب
متحد ۽ انگريزن جا گڏيل دشمن ھجن ھا. ان کان سواءِ
ڪابل جي فتح کان پوءِ اھڙي اتحاد جو امڪان وڌي ويو
آھي. اھڙن ملڪن جا حڪمران پنھنجا خفيھ نمائندا
موڪلي، زباني طور معاھدا ڪري، متحد ٿي سگھن ٿا.
انھن اھڙن ڳجھن ٺاھن جو ڪنھن کي بھ پتو پئجي ڪونھ
سگھندو. جيڪڏھن ھنن ماڻھن کي سازش ڪرڻ جيتري وٿي
ملي تھ بغاوت جو وڏو ٻارڻ ٻري سگھي ٿو. اھڙو خطرو
بھ اڻيھئي رھندو ايندو، جڏھن اھي حڪمران اقتدار جي
مسند تي ويٺل ھوندا. پيڙيل عام ماڻھو تھ اسان سان
گڏ آھي، پر جڏھن سندن حڪمران ھنن مٿان ڏاڍ ڪندا تھ
ھنن جو طرف وٺي ويندا. ظلم آڏو زاري آھي. ڇاڪاڻ تھ
اھي ماڻھو مھذب ڪونھ آھن، تنھنڪري اھي پنھنجي ڀلي
لاءِ ڪونھ سوچيندا.
”انھيءَ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ وسيع علائقن جي والار
ڪرڻ ضروري آھي. اتر ستلج واري سرحد اتر سنڌ واري
سرحد کان وڌيڪ بھتر آھي. اڳتي ھلي پنجاب جي فتح
لاءِ بھ اسان کي مجبور ڪيو ويندو. پر ائين ڪرڻ
مناسب آھي يا نھ آھي. پر پنجاب جي فتح کان اڳ
بھاولپور جي فتح وڌيڪ مناسب آھي. سنڌ جي فتح اتر
اوڀر واري سرحد جي حفاظت لاءِ نھايت ضروري ھئي. ھن
فتح تي ڪن ماڻھن وٺي ھاءِ گھوڙا شروع ڪئي ھئي جيڪا
ائين منجھيل ھئي، جيئن انھن ماڻھن جا ڄاڻيل سبب
منجھيل آھن. ائين ٿيو تھ آڱريرن تي کڻڻ جيترن غدار
حڪمرانن ڪري ڪروڙن ماڻھن جي حفاظت ۽ ڀلائي جا ڪم
رولڙي جو شڪار ٿي ويندا. انھن حڪمران حقن جو تحفظ
ماڻھن تي ظلم جي مفادن تي رکيو ويو آھي ۽ اھي جديد
دور جي تقاضائن جا دشمن آھن.
بھاولپور تي قبضو
”اسان بھاولپور تي قبضو ڪري ڪونھ سگھنداسون. ان
لاءِ بھتر اھو آھي تھ نواب کي پنھنجو دوست ۽ ھڪ
مضبوط حڪمران بڻايون. جيڪڏھن ھو اسان ۾ بدگمانيون
۽ شڪ شبھا ڪندو تھ کيس گھڻو نقصان پئجي سگھي ٿو،
پر کيس تخت تان لاھڻ کان پوءِ اسان کي ستلج جي آبي
ذريعن کان وٺي سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي تائين ھڪ
ڊگھي ۽ مضبوط سرحد ملي ويندي. اھڙيءَ ريت دررياه
کي سرحد بنائڻ ۾ آساني ٿي پوندي، جيڪا ھڪ مستقل
سرحد ھودني. انھيءَ وھڪري جي ڪنارن تي آباد ماڻھو
ھڪ ٻئي کان الڳ ٿي ڪونھ سگھندا. ڇاڪاڻ تھ اھي اڳ ۾
ئي پاڻ ۾ رليل مليل آھن. جيڪڏھن تھذيب اڃان بھ
ترقي ڪئي تھ اھي رھندو بھ پاڻ ۾ ملي ھڪ ٿي ويندا.
ليڪن جابلو سرحد جي ڪري ماڻھن جو ميل ميلاپ ختم ٿي
ويندو آھي ۽ ھر ڪو پنھنجي پاسي رھجي ويندو آھي.
ڦرلٽ جي سھوليت جي عدم موجودگيءَ ڪري ھي بلوچ
قبيلا ھڪ ٻئي جي ڦرلٽ ڪري گذر سفر ڪندا آھن. مھذب
ماڻھن کي لٽڻ جي کين سھولت ڪانھ ھوندي آھي، تنھن
ڪري ھڪ ٻئي کان نفرت ڪندا آھن ۽ ھڪ ٻئي تي اڳرايون
ڪندا آھن.
”ٽالپرن جي حڪمراني دوران سنڌ جي الھندي سرحد حب
ندي
arabis
تائين ھئي، جيڪا ھڪ سو ٽيھھ ميل ڊگھي ھئي. ان کان
پوءِ ھالا جبل جو سلسلو آھي. انکان پوءِ وري ھڪ سو
ٽيھھ ميل ڊگھي سرحدي پٽي آھي، جيڪا اڳتي ھلي
چانڊين جي علائقي تائين پھچي ٿي. چانڊين جي علائقي
واري ھڪ سو چاليھھ ميل سرحد غير واضح آھي، جيڪا
اوڀر اتر پاسي ڏانھن وڌندي ڏسجي ٿي. ھيءَ سرحد
سنڌوءَ سان پور وڇوٽي تي ھلندي آھي ۽ ٻنھي جي وچ ۾
سراسري فاصلو چاليھھ ميل کن ھوندو آھي ۽ اڳتي وڌي
ڪڇي واري جابلو جوءِ سان وڃي ملندي آھي. اھا سرحد
سنڌو درياه، جابلو علائقي ۾ وارياسي برپٽ ڪري ڏاڍي
واضح آھي. ھن سرحد کان ھر ڪو واقف آھي. ھتان کان
پوءِ ڪشمور ڏانھن رخ ڪري ٿي ۽ ھن سرحد کي صحيح
نموني سان محفوظ بھ ڪري سگھجي ٿو. ھن جي ھيٺئين ۽
مٿئين پاسي جي بچاءَ لاءِ ذريعا بھ گھڻا آھن. ھالا
جبل کي فقط ھڪ جبل طور ئي ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو تھ ھن
جبل ۾ عام رواجي قسم جا لڪ
passes
آھن، جن کي ضرورت وقت پار بھ ڪري سگھجي ٿو.
سنڌ جا ٻاھرين ملڪن سان رشتا ناتا تھ اھي آھن، پر
ھنن ملڪ جي اندروني حالتن ۽ سندس اصلي قيمت ۽ قدر
جو ذڪر ڪنھن مناسب جڳھھ تي اڳتي ايندو.
باب پنجون
وبائي بيماريءَ ڪري سول انتظاميھ بدنظميءَ جو شڪار
ٿي وئي ھئي. اھڙو ذڪر گذريل باب ۾ اچي چڪو آھي. پر
عوام جي ڀلائي ۾ ڪنھن بھ قسم جي سستي ڪانھ ڏيکاري
وئي ھئي. انھيءَ زماني ۾ ڏوھن جو انگ بھ تمام گھڻو
وڌي ويو ھو. تنھن ڪري سرڪار لاءِ بھ طاقت جو
استعمال لازمي ٿي پيو ھو. اھو ئي دور ھو جو انساني
ھنرن ۽ قدرتي پيداوار جي جاچ پڙتال بھ ڪئي وئي
ھئي. اھڙي جاچ مان ھي معلومات ملي تھ ٺڪر جي ٿانون
جي ڪاريگريءَ ۾ سنڌي ڏات ڌڻي آھن. ان کان سواءِ
اھو پڻ سوچيو ويو ھو تھ ٺٽي جي صنعت کي نئين سر
جيارجي. جيتري قدر قدرتي پيداوار جو تعلق آھي تھ
ھيءَ ڌرتي ان معاملي ۾ ڏاڍي شاھوڪار آھي ۽ اھڙي
پيداوار ھتي تھ وڌ ۾ وڌ حاصل ڪري سگھجي ٿي. ھن ملڪ
۾ مختلف قسمن جا اناج ٿيندا آھن. کنڊ، ڦٽڪي، نير،
آفيم، سوڍا کار، تماڪ بھ گھڻو حاصل ٿيندو. ھالا
جبل مان لوھھ ملي ٿو. ڀرسان ئي گندرف بھ ملندو
آھي،جيڪو ڏاڍي اوچي قسم جو ھوندو آھي. ھتي قلمي
شورو
saltpeter
بھ جھجھو ملندو آھي. سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي
مان خالص قسم جو لوڻ ملندو آھي، جنھن جا چوڏھن فوٽ
اونھان تھھ ھوندا آھن. سنڌوءَ جي ڪٺار تي عمارتي
ڪاٺ جا گھاٽا ٻيلا موجود آھن. ھن ڌرتيءَ لاءِ چيو
ويندو آھي تھ منجھنس ڪي پيداواري وسيلا ڪونھ آھن،
تنھن ڪري ھي ملڪ ماڻھن جي وڏي تعداد کي ضرورت جون
شيون مھيا ڪري ڪونھ ٿو سگھجي. پر ھن قسم جي
پيداوار ڪري معلوم ٿئي ٿو تھ مٿي چيل ڳالھھ غلط
آھي. ڪپھھ، نير ۽ ڪمند لاءِ سڌريل طريقا ڪم آندا
ويا تھ ھتان جي اھڙي پيداوار ھندستان جي ٻين ملڪن
کان وڌي ويندي. سر چارلس جي خواھش ھتي تھ ڪمند جي
پوکيءَ لاءِ ٻيجو مصر مان ۽ اولھھ ھندستان جي
علائقن کان آڻي متعارف ڪرائجي. اھڙي ڪوشش ڪئي بھ
وئي ھئي، پر ممبئي جي ڪامورا شاھي ٻاھران گھرايل
پوکڻ لاءِ ڪمند ايتري وقت تائين روڪرائي ڇڏبو جو
اھو سڪي ويو.
ھاڻي تازو پوليس انتظاميھ جو بھ جوڙجڪ ڪيو ويو
آھي. ھن کاتي جا ماڻھو امن امان قائم ڪرڻ جي مقصد
سان ٻھراڙي ۾ بھ وڃي رھيا آھن ۽ پنھنجي اختيارين
کي ھوريان ھوريان قائم ڪري رھيا آھن. تنھن ڪري
ضلعن جا ڪليڪٽر عدالتي نظام کي متعارف ڪرڻ جي لائق
بڻجي ويا آھن. اھڙي ريت کين خاص قسم جي معلومات
حاصل ڪرڻ جي آساني بھ حاصل ٿي وئي آھي. ڍل جي
اوڳاڙي بھ سولائيءَ سان ٿي وڃي ٿي جنھن ۾ انصاف
رکڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آھي. ھتي اونھاري وارا فصل
اھم ھوندا آھن. فصل لھڻ کان پوءِ ان فصل جي
پيداوار کي حفاظت سان آڻي ھڪ جاءِ تي گڏ ڪيو ويندو
آھي. ڇاڪاڻ تھ ھن فصل تي تمام گھڻي سرڪاري ڍل وصول
ٿيندي آھي، پر صحت بخش جڳھھ اڃا تائين ملي ڪانھ
سگھي آھي ۽ فوجين لاءِ اھڙيون صحت بخش بئرڪون بھ
تعمير ٿي ڪونھ سگھيون آھن. ڇاڪاڻ تھ ھتي رازن جي
اڳئي کوٽ ھئي، پر ھن وچڙندڙ بيماريءَ ڪري تھ رھندو
بھ انھن جي اڻاٺ ٿي وئي آھي. پھرين ڪوشش ڪئي وئي
تھ احمد خان ۾ صحت بخش مقام جي تعمير ڪجي، جيڪو
سلطان احمد خان جي دل پسند جڳھھ آھي. پر اھا مناسب
ڪانھ لڳي. ڇاڪاڻ تھ اتي جڳھن جي ڇت کي ڍڪڻ لاءِ ڪو
سامان دستياب ٿي ڪونھ سگھيو. تنھن ڪري اھڙيون
بئرڪون جلدي ۾ تعمير ٿي ڪونھ سگھيون. انڪري رازا
بھ موٽي آيا ۽ خرچ بھ گھڻو ٿي ويو. ھن کان علاوه
ٻئي ڪنھن بھتر ماڳ جي چونڊ بھ ڪانھ ڪئي وئي ھئي.
ان کان پوءِ فوج کي مختلف ماڳن تي ننڍن گھرن ۾
رھايو ويو ۽ ضرورت مطابق کين ٻاھر بھ موڪليو ويندو
ھو. پر انھن موسم ڏسي پوءِ چرپر عمل ۾ آندي ھئي.
انھيءَ مقصد سان تھ جيئن سندن صحت تي سنڌوءَ جي
پاڻيءَ جو اثر نھ ٿئي. پر سندن اھڙو خيال ڪرڻ ڏاڍو
مشڪل بھ ھو، ڇاڪاڻ تھ چوماسي جي رتِ ۾ سنڌوءَ جو
پاڻي اٿل ڪري چوڌاري پکڙجي ويندو آھي ۽ جيڏانھن بھ
ھي فوجي ويندا تھ سنڌوءَ جو پاڻي وٽن اچي نڪرندو
ھنن کي جابلو علائقي ۾ تھ کڻي رھائجي ھا، پر اتي
وري پاڻي جو ملڻ مشڪل مسئلو آھي. ان کان سواءِ اچڻ
وڃڻ لاءِ رستا بھ ڪونھ آھن. جن وسيلي تعمير جو
سامان آساني سان موڪلي سگھجي. ٻي مصيبت اھا ھئي تھ
ان وچڙندڙ بيماريءَ ڪري عام ماڻھو اگھا لڳا پيا
ھئا. ھتان جي سياري واري موسم بھ ڇتيءَ گرميءَ
وانگي ھڪ مصيبت ھوندي آھي، تنھن ڪري سرڪاري
انتظاميھ بھ سست ٿي وئي ھئي.
ھنن سڀني آپدائن کان وڏي آپدا ڪامورا شاھي آھي،
جيڪا ھر ڪم ڪار کي روڪڻ لاءِ ڄڻ تھ رستي جو پٿر
بڻيل آھي. جنھن کي ڌڙابندي ۽حسد وارا اڌ مان اڳتي
ڌڪي رھيا آھن. پر ڪي ماڻھو اھڙا بھ آھن جيڪي سر
چارلس کي ھڪ ايماندار ۽ شريف انسان سمجھندا آھن.
ڪي وري ذھني طور ننڍڙا ماڻھو جيڪي سمجھندا آھن تھ
سنڌ جي ھن گورنر کي ڦاھيءَ تي لڙڪايو وڃي ۽ سندس
قتل انھن ماڻھن لاءِ مثال ھجي، جيڪي اھم تبديليءَ
جا خواھشمند ھوندا آھن. ھن قسم جي ڪامورا شاھي کيس
پنھنجي حسد واري سياھيءَ سان ائين سلھاڙي سڪ ڪري
ڇڏيو آھي، جيئن للي پوٽينس
Lilli potians
گليور
Gulliver
کي جڪڙي ڇڏيو ھو. جڏھن سر چارلس انھن کي ٿورو ڍري
ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آھي تھ وھھ ۾ وھاٽيل پيغام اچي
پھچندا آھن. سندس سارو وقت ۽ قوت تھ سنڌ جي امن
امان ۽ فوج لاءِ وقت ھجڻ گھرجي پر اھڙي اھم وقت
دوران ممبئي سرڪار جي سول ۽ فوجي ڪامورن وٽان سوين
خط چوطرف روانا ٿي ويندا آھن. معمولي ڪمن سان
لاڳاپيل کيس ڏھاڙي ٽي چار خط ملي ويندا آھن. جڏھن
تھ اھم ڪمن سان لاڳاپيل خطن کي ڄاڻي واڻي ڪري دير
ڪرائي ويندي آھي ۽ ھي غير ضروري وڏو پورھيو مٿس
مڙھيو ويندو آھي تھ ھو سنڌ جا ٻيا اھم ڪم ڪار پاسي
تي رکي ساه ٻوساٽيندڙ گرميءَ ۾ ويھي انھن خطن جا
جواب لکي، جيڪا يورپي ماڻھن لاءِ ڄڻ موت جو پيغام
ھوندي آھي. دشمنيءَ جون اھڙيون ڳالھيون سندس زندگي
تباھھ ڪرڻ جي نيت سان ڪيون وينديون آھن.
ھن ڏکوئيندڙ ماحول ۾ سنڌوءَ جي اولھھ پاسي اتر سنڌ
وارو علائقو جابلو ماڻھن جي حملن جي ضد ۾ ھو ۽ اھا
ھڪ ڳڻتيءَ واري ڳالھھ ھئي. اتان جا گھڻا سردار
سلام تي ڪونھ آيا ھئا، جن مان ٻن سردارن تھ ھٿيار
سنڀالي ورتا ھئا ۽ ڌاڙا ھڻڻ شروع ڪري ڏنا اٿن. ٻيا
سردار وري ڦرلٽ جي مال تي وڙھي ڍانگو ڍانگ ٿي پيا
آھن. کين سياسي نقطئھ نظر جي تحفظ جي ڪابھ پرواھھ
ڪانھ آھي. بلوچ سردارن اھڙن ڪرتوتن کي منھن ڏيڻ
لاءِ ”اريگيولر ھارس“ جا جٿا روانا ڪيا ويا آھن ۽
اھڙي وڳوڙي سرحد جي بچاءَ واسطي ۽ ڌاڙيلن جي قھري
ڪاررواين کي ختم ڪرڻ لاءِ سختي سان پيش اچڻ جو حڪم
ڪيو ويو آھي. ھن وقت نھ رڳو قلات جي قبائلي سردارن
جي اڀار جو خطرو آھي، پر سنڌ جي ھالا جبل جي
سردارن مان بھ سرڪشي ڪرڻ جو ڀئھ آھي. ڌاڙن جي ھنن
ڪاررواين کي سختيءَ سان منھن ڏيڻ لاءِ فزجيرالڊ جي
اٺ سوار فوج لاڙڪاڻي ۾ وانڍ ھنيون ويٺي آھي. کيس
حڪم ڪيو ويو آھي تھ اتي ھڪ مضبوط قلعو قائم ڪري
وٺي. انھيءَ لاءِ تھ جيئن ان کي مرڪز بڻائي فوجي
ڪارروائي جي ابتدا ڪري. ھتي پھچڻ کان ٿورو وقت
پوءِ ھن چوويھن ڪلاڪن ۾ ھڪ سو ميل پنڌ ھڻي، ھڪ
قبيلي جي وچ مان، ھڪ اھم مجرم جھلي کڻي آيو آھي،
جنھن سنڌ جي ٻين سردارن کي مطيع ڪري ڇڏيو ھو، جيڪي
سندس سلام ڀريندا ھئا. ھن جي ڏاڍين ڪري چوڏس
ڏھڪاءُ ۽ ڦڙڦوٽ پئجي وئي ھئي. ھن جي گرفتاري ڪري
غريب ماڻھن کي اندر جو آٿت ۽ جيءَ کي جپ ملي وئي
ھئي.
انھيءَ زماني ۾ مير شير محمد لاءِ افغانن جو بلوچن
کي ڀڙڪائڻ وارو ڀئھ ختم ٿي ويو ھو. سنڌ جو ھي
اڳوڻو ٽالپر حڪمران افغانن کان مدد وٺڻ لاءِ وٽن
لنگھي ويو ھو. پر دغاباز وحشي افغانن ساڻس اھڙو
سلوڪ ڪيو ،جھڙو مير شير محمد پاڻ دغاباز ھو. کيس
افغانن مان اھڙو خدشو ڪرڻو ھو، پر ھن نھ ڪيو. سر
چارلس ھڪ ڀيري ھن لاءِ چيو ھو تھ، ”ھي اھڙو حڪمران
آھي جيڪو پنھنجي لاءِ پاڻ سفير بھ آھي.“ افغانن
ٺڳي ڪري کانئس سڀئي دولت کسي ورتي ۽ رات جو سندس
نوڪرن کي چيو ويو تھ ھو ڀڄي پنھنجي جان بچائن،
ڇاڪاڻ تھ سندن سردار (مير شير محمد) کي اڍائي لکن
عيوض ”بھادر جنگ“ کي وڪرو ڪري ڏنو ويو آھي. جڏھن
شير محمد کي پٺاڻن جي پرڪارن جو پتو پيو تھ گھوڙي
لانگ ورائي وٺي ڀڳو ۽ ساه اچي ڪڇيءَ واري جابلو
علائقي ۾ پٽيائين. ھتان جي ماڻھن سندس وڏي آجيان
ڪئي. ھن ھتي ويھي سنڌ ۾ بغاوت جي باه ڀڙڪائڻ لاءِ
ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون ھيون. ھي ڪڇيءَ واري جابلو
علائقي ۾ اچي بگٽين وٽ رھيو ھو. ھن قبيلي ۽ مرين
جا پاڻ ۾ تر سنوان ڪونھ ھئا. شير محمد جي بگٽين وٽ
رھڻ ڪري، مري قبيلي سندس واھر ڪرڻ کان پوئتي ھٽي
ويو. تنھن ڪري سٽيل منصوبو ناڪام ٿي ويو. ائين ٿيڻ
ڪري ممبئي واري ڌر جون آسون اميدون مٽيءَ ۾ ملي
ويون. ان کانپوءِ سنڌوءَ جي اولھھ ڪناري وارين
بلوچ قبيلن ھڪ ئي وقت انگريز سرڪار سان وفاداري ۽
تابعداري قبول ڪري، انھن ماڻھن جون سياسي اڳڪٿيون
غلط ثابت ڪري ڇڏيون تھ اجھا ٿي بغاوت جي باه ٻري
اٿي. انھن قبيلا فزجيرالڊ جي ترت ڪارواين کان
متاثر ٿي، انگريزن جي تابعداري قبول ڪئي ھئي، جيڪي
اڳي انگريزن جي پاڇي کان بھ وئنءُ ويندا ھئا. اٽڪل
ھڪ سؤ پندرھن سردار پنھنجي نوڪرن چاڪرن ۽
ھٿياربندن سان گڏجي ڪراچي روانا ٿيا ھئا. جڏھن اھي
ايڪيھھ مارچ تي ڪراچي کان ڏھن ميلن جي فاصلي تي
پھتا تھ اتي لھي منزل ڪيائون ۽ سر چارلس ڏانھن
سنھيو مڪائون تھ اسين پھتان آھيون. ان وقت ھنن
بلوچن جواب ڏياري موڪليو تھ ھتي ڪنھن بھ قسم جو
خوف خطرو ڪونھ آھي، تنھن ڪري ھٿياربندن جي ڪابھ
ضرورت ڪانھ آھي. تنھن ڪري اھي بنا ڪنھن ھٿيار
پنھوار جي اچي چارلس جي پيش پيا. سر نيپئر ھنن جي
آجيان تھ ڪئي، پر سندس مزاج ۾ رکائي موجود ھئي.
کين چيو ويو تھ ھو ھن کان اڳ پيش ڇو نھ پيا؟ تنھن
تي بلوچ سردارن چيو تھ، اسان تنھنجي روبرو ٿيڻ کان
ڊڄي رھيا ھئاسون.
”توھان آخر ڊڄي ڇو رھيا ھئا؟“
پتو نھ آھي تھ اسان ڇو ڊڄي رھيا ھئاسون؟ ھاڻي اسان
اوھان کي پيرين پوڻ آيا آھيون. تون اسان جو
بادشاھھ آھين ۽ توکي معاف ڪرڻ لاءِ گذارش ڪري رھيا
آھيون.“
”سردارؤ! اوھان مون کي ھن سوال جو جواب ڏيو تھ،
مان جنگ جي ميدان کان سواءِ ڪنھن سان ظلم ڪيو آھي؟
”نھ! ھر ماڻھو چئي رھيو آھي تھ اوھان رحمدل انسان
آھيو.“
”تھ پوءِ اوھان ڇو ڊڄي رھيا ھئا؟“
”اسان کي خبر نھ آھي ڇو ڊڄي رھيا ھئاسون. تون اسان
جو بادشاھھ آھين. اسان کي معاف ڪري ڇڏ. اسان واعدو
ڪري رھيا آھيون تھ، اسان ھن ملڪ کي تنھنجي دشمنن
کان بچائينداسون.“
”مان ڪونھ ٿو چاھيان تھ اوھان ڪنھن جي پھريداري
ڪريو. توھان منھنجي اٺ سوار فوج ڏٺي ھوندي، مان
ايتريون ريجمنٽون موڪلي سگھان ٿو جيترو تعداد
اوھان اٺن جو ڏٺو ھوندو. مان سنڌ جو بچاءُ پاڻ ڪري
سگھان ٿو، مان اھو ڪونھ ٿو چاھيان تھ اوھان ان جو
تحفظ ڪريو. اوھان فقط راڻيءَ جا وفادار رھو، جيڪا
منھنجي مالڪياڻي آھي. جيڪڏھن اوھان ان جا وفادار ۽
تابعدار آھيو تھ ان جي تصوير جو اچي سلام ڪريو!“
ان کان پوءِ ھنن اڳتي وڌي راڻيءَ جي تصوير جو سلام
ڪيو. جنھن کان پوءِ سر چارلس نيپئر کين ھن ريت
مخاطب ڪيو:
”اسان سڀني وچ ۾ امن امان قائم ٿي چڪو آھي. ھاڻي
ساري سنڌ تي حڪمراني آھي. ھن کان پوءِ اسان سڀ ان
راڻيءَ جا رعيتي آھيون، پر مان ھتي امن امان قائم
ڪرڻ آيو آھيان. اوھان ھن اطاعت جي قبول ڪرڻ کان
پوءِ بھ جيڪڏھن ڦرڻ لٽڻ ۽ ڌاڙن ھڻڻ جي ڪوشس ڪئي تھ
مان اوھان جي علائقن ۾ اچي ساري قبيلي کي ماري ناس
ڪري ڇڏيندس.“
”سردارؤ! اوھان کي اھا پوري خبر آھي تھ مان جنگيون
کٽي ورتيون آھن. ان وقت مون وٽ فقط پنج ھزار فوج
ھئي. ھاڻي مون وٽ ٻارھن ھزار فوج آھي. منھنجي حڪم
تي ھڪ لک فوج پھچي ويندي. اوھان کي سمجھڻ کپي تھ
اھا منھنجي سکڻي ڌمڪي ڪانھ آھي. پر اسان جي وچ ۾
امن امان ھجڻ گھرجي. مان اوھان کي اھي ساڳيون
جاگيرون واپس ڪري رھيو آھيان جيڪي ٽالپر دور ۾
اوھان جي قبضي ۾ ھيون. ان تي ھنن سڀني وڏي آواز ۾
چيو تھ، تون اسان جو بادشاھھ آھين. جيڪو تون چئي
رھيو آھين سچ آھي. ائين ئي ٿيندو جيئن اوھان چئي
رھيا آھيو. اسان سڀ تنھنجا غلام آھيون.
ان کان پوءِ ٺاھھ جا شرط طئي ٿيا ۽ کين چيو ويو
تھ، ”اھي انگريز فوج کي جنگ واري نقشي مطابق ڏسين
تھ ان جنگ جي ميدان ۾ ڪھڙي ترتيب سان بيھاريو
ويندو آھي. پر ھنن اھا ڳالھھ پسند ڪانھ ڪئي. ھنن
مان ڪيترن تھ اڳ يورپي ڏٺا ئي ڪونھ ھئا. انھن مان
گھڻن کي اھا بھ خبر ڪانھ ھئي تھ تھذيب سان لاڳاپيل
روايتون ڪھڙيون آھن ۽ ڊڄ ۾ ٿڙڪي رھيا ھئا تھ اھي
سڀ ڳالھيون کين قتل ڪرڻ خاطر ڪيون پيون وڃن، جيڪي
گڏجاڻي دوران ٿي رھيون ھيون. اھڙين ڳالھين ٻولھين
جو وقت بھ گھڻو وڌي ويو ھو. جنرل چارلس ھنن سان
ڏاڍي آزاد ماحول ۾ ڳالھھ ٻولھھ ڪري رھيو ھو ۽
اندازو ڪري رھيو ھو تھ انھن مان اھڙو ڪير ھو جنھن
جنگين ۾ حصو ورتو ھو. انھن ساڳين ماڻھن کي اکين
سان ڏسي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھو. ھن ساڻن ڀوڳن
چرچن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ کانئن سوال پڇيو تھ دٻي
واري جنگ ۾ جڏھن انگريز فوج جي گھوڙي سوار مٿن
حملو ڪيو تھ ھنن ڀڄي جان ڇو بچائي ھئي.
”ڇاڪاڻ تھ اسان ڊڄي ويا ھئاسون.“ نھايت سادگيءَ
سان ھڪ جواب ڏنو ھو. اھو ئي ڪارڻ ھو جو مان اوھان
سان ملاقات ڪرڻ ڪانھ ٿي چاھي. ڇاڪاڻ تھ مون کي ڄاڻ
ھئي تھ اوھان انھن ماڻھن کي پسند ڪندا آھيو، جن
اوھان سان سر ترين تي رکي مقابلو ڪيو. پر بزدل ۽
ڀاڄوڪڙن کان بڇان ڪندا آھيو. مان جنگ دوران مڙس ٿي
مقابلو ڪونھ ڪيو، پر ڀڄي جند ڇڏائي ھئي. ھڪ جھونڙي
بلوچ سردار کان پڇيو ويو تھ مياڻي واري جنگ جي
ڏينھن ۾ تون گاج جي پٺ واري حصي ۾ موجود ھئين ۽
توسان ڏھھ ھزار فوج ھئي تھ ھن ھڪدم وراڻيو: ”نھ!
مون سان گڏ اٺ ھزار فوج ھئي. ان کانپوءِ ھن انھن
قبيلن جا نالا ٻڌايا جيڪي ھن جنگ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ
اڳتي وڌي رھيا ھئا، پر وقت تي پھچي ڪونھ سگھيا
ھئا. ھن وڌيڪ ٻڌايو تھ جيڪڏھن جنگ ٿورو وقت دير
سان لڳي ھا تھ اسي ھزار ويڙھاڪ اچي پڙ تي پھچن ھا.
سندس بيان ڪيل حقيقتون اسان جي جاسوسن جي ڏنل
رپورٽن سان ھڪجھڙائي رکي رھيون ھيون، تنھن ڪري
سندس بيان کي سچو سمجھي اعتبار ڪيو ويو ھو.
ھن گفتگو دوران چرچا گھٻا بھ ٿي رھيا ھئا. پر جنرل
چارلس جون ڳالھيون توريل تڪيل ۽ وزنائتيون ھيون.
اتي ويٺل ڪي ماڻھو اھڙا بھ ھئا جيڪي انھن ڀوڳن
چرچن دوران سنجيده لڳا ويٺا ھئا ۽ سوچي رھيا ھئا
تھ جيڪڏھن کين وجھھ ملي ويو تھ ھو ٻارڻ ٻاري
ڇڏيندا. پر حالتن کين جھڪڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو
ھو. تنھن ڪري جنرل جي مرضي ھئي تھ ھنن کي جنگ جھڙي
فوجي ترتيب ڏيکاري، کين اھو سمجھائي سگھي تھ يورپ
وارا جنگ ڪھڙي طريقي سان وڙھندا آھن. تنھن ڪري ھن
ٻن يورپي ريجمينٽن، ٻن پيادل فوج جي ريجمينٽن،
پنھنجي پھريدار دستي، سنڌي گھوڙي سوار فوج ۽ ڇھن
توبن کي جنگي ترتيب ۾ بيھڻ جو حڪم ڪيو، جن ۾ سگھا
متارا گھوڙا جوٽيل ھئا. پر نظر ائين اچي رھيو ھو
تھ بلوچ سردار فوجي جنگي ترتيب کي ڏسڻ لاءِ بي دلا
ھئا، جيڪي مقرر وقت تي گھوڙن تي چڙھي اچي سر چارلس
جي رھائشگاھھ جي دروازي وٽ پھتا ھئا. پر اھي سايو
ڪري ڪجھھ دير سان پھتا ھئا. ٿوري وقت کان پوءِ
گھوڙن تي سوار ٿي ميدان تي آيا. ان وقت فوج ”مارچ
پاسٽ“ ڪري رھي ھئي ۽ جنگي ڪرتب ڏيکاري رھي ھئي،
جنھن ھي بلوچ سردار گھٽ متاثر ٿيا ھئا. پر جڏھن
فوجي قطارون اڳتي وڌيون تھ ھنن جو تصور ئي تبديل
ٿي ويو ھو. اھو ڏسي ھڪ لغاري قبائلي سردار رڙ ڪري
چيو ھو تھ اوھان دٻي واري جنگ دوران ائين وڌي حملا
ڪيا ھئا! ٻين سردارن بھ وڏي آواز سان چيو ھو تھ
”الله جو قسم! اھا ھڪ انساني ديوار آھي، ھڪ چرندڙ
ڦرندڙ ديوار. ھن جو تھ ڪير بھ مقابلو ڪري ڪونھ
سگھندو. اي اسان جا بادشاھھ! اوھان ساري دنيا جا
مالڪ آھيو.“ ان کان توبن گولا باري ڪرڻ شروع ڪئي ۽
سارو ميدان گولن ڇٽڻ جي گجگوڙن سان ٻري اٿيو.
ايتري قدر جو ھو ھڪ ٻئي جو آواز بھ ٻڌي ڪونھ ٿي
سگھيا. بعد ۾ گولاباري ھڪدم بند ٿي وئي ۽ پيادل ۽
گھوڙيسوار فوج نعرا ھڻي حملا شروع ڪري ڏنا. ھنن
بلوچ سردارن کي جنگي مشقن مان ٻن ڳالھين گھڻو
متاثر ڪيو. ھنن ٻڌو ھو تھ انگريزي فوج توڙيدار
بندوقن سان ڏاڍي تبري فائر ڪري سگھندي آھي. پر کين
اھڙي ڳالھھ تي اعتبار ڪونھ ايندو ھو. ان کان پوءِ
ھم چورس دائرن ۾ بيھي وئي. انھيءَ وقت سج لھي رھيو
ھو. ڀرسان ئي جابلو علائقي ۾ توبون ڌوڙ اڏائينديون
تيز رفتاريءَ سان اڳتي وڌي رھيون ۽ سج جي ھلڪي
روشنيءَ ۾ چمڪندڙ لوھھ جا اھي ذرا ڌنڌاٽيل ڏسجي
رھيا ھئا. اھو منظر ڏسي ھي بلوچ سردار ڏاڍا خوش
ٿيا ھئا. سر چارلس سندن جذبن کي محسوس ڪري ورتو ھو
۽ کين ان وقت رخصت ڪيو ھئائين ۽ ھنن کي چيو ھئائين
تھ ھنن کي ڄڻ يورپ جي بادشاھن جيتري عزت ڏني وئي
آھي. جنرل جا اھي لفظ ٻڌي بلوچ ڏاڍا خوش ٿيا ھئا.
ھي انگريز ڪمانڊر ھنن کي ڊنل ڏسي ڏاڍو خوش ھو. کيس
اطمينان ٿي ويو ھو تھ ھو مستقبل ۾ ڪنھن بھ قسم جي
شرارت ڪانھ ڪندا. اھي ماڻھو ان وقت انگريز سرڪار
جا وفادار ۽ تابعدار رھندا، جيستائين انگريزن کي
برتري حاصل آھي.
ھن وقت سر چارلس سنڌ جو مالڪ ۽ فاتح ھو، جنھن سنڌ
کي قانون بھ ڏنو ھو. ڇاڪاڻ تھ ھنن بلوچن سندس
رضاڪارانھ فرمانبرداري ڪئي ھئي ۽ اطاعت قبول ڪئي
ھئي. ھن کان پوءِ ڳوٺاڻا ٻروچ پوليس جي مدد ڪرڻ
لڳا ھئا. جيڪي ڌاڙيلن جي ننڍن ننڍن ٽولن خلاف
ڪارروايون ڪندا ھئا. ھو انگريزن جي انتظاميھ کي
صدق دل سان تسليم ڪري چڪا ھئا ۽ پرامن ٿي ويا ھئا.
ھڪ اھڙو مثال بھ موجود آھي تھ اتان جي ھڪ ڏيھي
سرڪاري عملدار ھڪ ڳوٺاڻي کي مشرقي انداز ۾ ڦريو ۽
کيس لڪڻ بھ ھنيا. انھيءَ ڪري سندس پنھنجن ماڻھن ھن
کي وٺي ان جاءِ تي رکيو جتي ھن ڳوٺاڻي کي پنھنجي
ظلم جو نشانو بڻايو ھو. ھن مجبورن زوريءَ ورتل رقم
اصلي مالڪ کي موٽائي ڏئي. کانئس سرڪاري ڪپڙا لاٿا
ويا ۽ کيس ايترا لڪڻ ھنيا ويا جيترا ھن ڳوٺاڻي کي
ھنيا ھئا. ٻيو مثال ھڪ ڪاردار جو آھي، جيڪو وڏي
اثر رسوخ جو مالڪ ۽ پنج ھزار ايڪڙن جو جاگيردار
ھو. ھن سرڪاري پئسي ۾ خردبرد ڪئي ھئي ۽ غريبن تي
ظلم ڪندو ھو. انھن ڏوھن جي عيوض کانئس جاگير کسي
وئي ۽ ھن تي پنج سو پائوندن جو ڏنڊ پڻ رکيو ويو
ھو. ان کانسواءِ کيس زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو ھو ۽ چيو
ويو ھو تھ انھن مزدورن سان گڏجي ڪم ڪري، جيڪي رستي
ٺاھڻ جو ڪم ڪري رھيا ھئا. ھي اھڙا مثال ھئا، جيڪي
ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي ويا ھئا. ماڻھو رڙيون ڪري
چوندا ھئا تھ، ”اھو آھي انصاف. اڳي ڪنھن اھو ٻڌو
سڻيو تھ ڪنھن سرڪاري ملازم کي، ھڪ غريب ماڻھوءَ کي
مارڻ عيوض سزا ڏني وئي ھجي. ھي ھڪ وڏو بادشاھھ آھي
جيڪو ڏاڍو انصاف پسند آھي.“
اپريل مھيني تائين ٻارھن ھزار بيمار فوجي سڀ چاڪ
چڱا ڀلا ٿي ويا ھئا. پر اڃا نو سو ماڻھو بيمار
ھئا. ان وقت تائين رستن، واھن جي ليول جو ڪم،
زمينن جي عام سروي، بئرڪن جو ڪم ھٿرادو بند تعمير
ڪرڻ جو ڪم زور شور سان ھلي رھيو ھو. تنھن ڪري سر
چارلس جي سنڌ سرڪار ڏاڍي مشھور ٿي وئي ھئي. ان کان
سواءِ سنڌ جي بلوچن کي فوج ۾ ڀرتي ڪري، انھن جون
ٻھ بٽالون جوڙيون ويون ھيون. ائين ڪرڻ سان ريگيولر
فوج جو سنڌ ۾ تعداد گھٽايو ويو ھو. جنرل کي اھا
چڱيءَ ريت خبر ھئي تھ ھنن بٽالين ۾ اھڙا ماڻھو بھ
ڀرتي ڪيا ويا آھن، جيڪي مياڻيءَ جي جنگ ۾ شريڪ
ھئا. انھيءَ ڪري امڪان ھو تھ متان اھي سکن جا
ھمدرد ھجن. پر جيڪڏھن ھنن ماڻھن بغاوت ڪئي ۽
انگريز سرڪار جي فوجي نوڪري ڇڏي ڀڄي ويا تھ ڪوبھ
فرق ڪونھ پوندو. ڇاڪاڻ تھ ھنن ماڻھن کي ھٿيار
مختصر ڏنا ويا آھن. اھڙي ريت جنرل کي ڪنھن بھ
بغاوت جي ڪابھ پرواھھ ڪانھ ھئي. ھن فوج جون ٻھ
ريجمينٽون ممبئي سرڪار ڏانھن موٽائي موڪليون ھيون.
کيس يقين ھو تھ جيڪڏھن پنجاب جون حالتون پرسڪون
رھيون تھ سنڌ ۾ بھ امن امان رھندو. پنجاب جي
وڳوڙري وايو منڊل ڪري، ڀرپاسي وارن قومن ۾ بيچيني
ڪاھي پئي ھئي. انھيءَ ڪري ڪڇيءَ واري جابلو علائقي
۾ بيچيني ڪاھي پئي ھئي. سکر جي ڪمانڊنگ آفيسر
ڪڇيءَ جون حالتون ڏسي ڪجھھ ڇرڪي ويو ھو.
جنرل سيل
Sale
بھ انگلينڊ ويندي اچي ڪراچي پھتو. ھن جي غير حاضري
۾ ٿوري وقت لاءِ سندس ھڪ جانشين رکيو ويو ھو. جنھن
تي خيالي قسم جو دشمنن جو خوف ويٺل ھو. مٿس اھو بھ
ڀئھ ويٺل ھو تھ سرڪار وٽان امدادي فوج پھچڻ کان
اڳ، جابلو علائقي جا ٻارھن ھزار باغي، کيس قتل ڪري
ڇڏيندا. افغانستان ۾ انگريزن جو وڏو قتل عام ٿيو
ھو. جنھن ڪري ھندستان ۾ انگريز ڏاڍو ڊڄي ويا ھئا.
سندن دلين مان افغانستان جو خوف اڃا ٻاھر ڪونھ
نڪتو ھو. نيپولين بوناپارٽ ھڪ اھڙو ڪمانڊر ھو جيڪو
جنگ ۾ گھڻا فوجي استعمال ڪندو ھو، ان ڪري سندس فوج
جا حوصلا سدائين بلند رھندا ھئا. سر چارلس آڏو
نيپولين جو مثال ھو. ھن جي ھڪ ماتحت فوجي عملدار
تي افغانستان جو خوف ويٺل ھو. تنھن ڪري ھن
برگيڊيئر سمپسن
Sumpson
کي اتر سنڌ جو ڪمانڊنگ آفيسر ڪري موڪليو ھو.
انھيءَ زماني ۾ ڪڻڪ جا لابارا ھئا. ھڪ سو پندرھن
بلوچ سردار بھ انھيءَ زماني ۾ اچي سر چارلس جي پيش
پيا ھئا. گذريل سال ھن لارڊ ايلنبرو ماتحت فوج کي
مدد ڏيڻ جو پڪو پھھ ڪيو ھو، پر سندس فوج ۾ اوچتو
بيماري اچي پئي ھئي. ان کان سواءِ ڪي ٻيا سبب بھ
پيدا ٿي پيا ھئا، تنھن ڪري کيس ائين ڪرڻ ۾ دير ٿي
وئي ھئي. ھن انھيءَ سال سنڌ جي بلوچ سردارن ڏانھن
اطلاع روانو ڪيو ھو تھ ھو حيدرآباد جي درٻار ھال م
اچن ۽ راڻيءَ جي سالگره واري ڏينھن تي اچي سندس
تصوير جو سلام ڪن. |