زراعت:
جھڙيءَ ريت پوکيءَ راھي جي ايراضي وڌي رھي آھي
تھڙيءَ ريت سرڪار جي پيداوار بھ وڌي رھي آھي. ان
جو ڪارڻ اھو آھي تھ ڍل محصول جي شرح گھٽائي وئي
آھي. اسان جي حڪومت کي ٿورو عرصو ٿيو آھي. امن
امان جي قائم ٿيڻ ڪري ٻين علائقن جا ماڻھو ھيڏانھن
اچي رھيا آھن. منھنجي ڪوشش آھي تھ انھن ماڻھن جي
حالت سڌاري وڃي جن کي ٽالپر دور ۾ رعيتي سڏيو
ويندو ھو. سائين اوھان کي معلوم ھئڻ گھرجي تھ سنڌ
۾ پيداوار جا مقرر اصول جوڙيا ويا آھن. ٽالپر دور
۾ پيداوار جي شاخ تي محصول مڙھيو ويندو ھو، پر مان
ھن روايت کي ختم ڪري ڇڏيو آھي. زميندار سرڪار کان
يا جاگيردار کان زميني لاپي تي وٺندو آھي ۽ پوکي
راھي ڪندو آھي پر زمين جي مالڪ کي ٺڳي وٺندو آھي،
باقي رعيتيءَ کي بک مرڻ تي مجبور ڪندو آھي. پر ھتي
ڪوبھ ماڻھو بک ڪونھ مرندو آھي. ڇاڪاڻ تھ ھتي
جھنگلي جانور جام ۽ ڏٿ گھڻو آھي. ھتان جا ماڻھو
پکي پاليندا آھن ۽ مفت ۾ ڏئي ڇڏيندا آھن ۽ مفت ۾
ڪاٺيون گڏ ڪري باھيون ٻاريندا آھن. اگھاڙن کي گھرن
جي ڪھڙي ضرورت آھي. ھتان جا ماڻھو بک مري ويندا
آھن، پر رڍ جي چوري ڪرڻ جي بھ تڪليف ڪري ڪانھ
سگھندا آھن، پر جيڪڏھن
چوري ڪرڻ
چاھيندا آھن اول جھنگ مان اٺ چوري ڪندا آھن جيڪو
ھڪ ڏينھن ۾ ھڪ سو ميل سفر ڪري سگھندو آھي ۽ ان اٺ
تي چڙھي وڃي رڍ چوري ڪندا آھن، بعد ۾ اٺ کي ان
ساڳئي جھنگ ۾ ڇڏي ايندا آھن. جتي ھو اڳ ۾ چري رھيو
ھو. اھو بھ چيو ويندو آھي ماڻھو تيستائين سچيت ۽
سياڻو ڪونھ ٿي سگھندو آھي جيستائين ھن جي رڍ يا اٺ
چوري ڪونھ ٿو ٿئي. اھو بھ چيو ويندو آھي تھ جڏھن
اٺ چوري ٿيندو آھي تھ ان جا ڀاڳيا پيراڍوءَ کان
پيرا کڻائيندا آھن جيڪو پير کڻي وڃي چور کي
جھليندو آھي. شرط اھو ھوندو آھي تھ پيرا تازا ھجن
جن کي نھ واءُ ڊاھي ويو ھجي، نھ مينھن وسي انھن کي
مٽائي ويو ھجي. جيڪڏھن پير چٽا ھوندا تھ پوءِ چور
کڻي ڪيڏي بھ پير بتال ڪري پر پيراڊي کان بچي ڪونھ
سگھندو آھي.
زميندار رعيتي ماڻھن کي ظلم ۽ ڏاڍايون ڪري ھيسائي
ڇڏيندو آھي ۽ پوک جي بٽئي ۾ بھ ساڻس ويڌن ڪندو
آھي، جيڪو کين بيروزگار ڪري ڌاڙن ھڻڻ لاءِ مجبور
ڪندو آھي. پر مان انھن غريب رعيتي ماڻھن لاءِ زمين
جا ننڍڙا ٽڪرا گرانٽ ڪيا آھن. انھيءَ مقصد سان تھ
ھو زميندار جي ڏاڍ جي گھاڻي اندر پيڙجڻ کان بچي
سگھن. کين زمين ايتري ٿوري ڏني وئي آھي، جيڪا ھو
پورھيو ڪري پاڻ آباد ڪري سگھن ۽ ڪنھن ٻئي کي
بٽئيءَ تي نھ ڏين. اھي ماڻھو ڍل بھ سڌو سنئون
ڪليڪٽرن کي ڏيندا آھن. جنھن ۾ زميندار ۽ ڪاردارن
جو ڪو واسطو ڪونھ ھوندو آھي. ائين ٿيڻ ڪري نھ رڳو
غريبن جي اخلاقي اصلاح ٿيندي، پر اوڙي پاڙي وارن
ملڪن ۾ اسان جي ساک وڌندي ۽ سمجھيو ويندو تھ
انگريز سرڪار غريب پرور آھي. اھڙيءَ ريت سنڌ جي
آدمشماري وڌي ويندي. زمينون آباد ٿينديون ۽ انگريز
سرڪار جي پيداوار ۾ اضافو ٿيندو. ان سان گڏ مان ھڪ
ٻيو قدم بھ کنيو آھي يعني محنتي ھاريءَ کي سرڪار
طرفان قرض ڏياري رھيو آھيان. اھا روايت اڳئي
انگلينڊ ۾ موجود آھي. ڇاڪاڻ تھ ڪڏھن اڻ ڏٺي آپدا
ڪري سندن فصل تباھھ ٿي ويندا آھن. اھڙا قرض ضلعي
جا ڪليڪٽر ۽ ڊپٽي ڪليڪٽر ڏيندا آھن. ان لاءِ اھو
ضرور ڏٺو ويندو آھي تھ ھاري محنتي ۽ سچار آھي.
اھڙي قرض جي وصولي قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي آھي. قرض
ڏيڻ وقت ڪن ٻين ڳالھين کي پڻ ڏٺو ويندو آھي. جيڪي
ھن مختصر خط ۾ بيان ڪري ڪونھ ٿيون سگھجن.
منھنجو خيال آھي تھ ڍل جي شرح اڃا بھ گھٽائي وڃي.
انھيءَ ڪري پوکي راھيءَ جي ايراضي وڌي ويندي ۽
سرڪار کي تمام گھڻي پيداوار ملندي. مان ٿوري ئي
وقت اندر ھن ڳالھھ کي ثابت ڪري سگھان ٿو. ايندڙ
اپريل ۾ سارو پتو پئجي ويندو تھ منھنجي دعوى صحيح
آھي ۽ انھيءَ طريقي سان پيداوار وڌائي سگھجي ٿي.
اڳئين سال ايڪٽيھھ لک مان پيداوار وڌي پنجٽيھھ لک
نھ ٿي تھ مون کي ڏاڍو افسوس ٿيندو. ھن سال پوکون
ڏاڍايون ڀليون ٿيون آھن، پر ماڪڙ جي مصيبت جو ڏاڍو
ڀئو آھي، جنھن پاسي وارن ملڪن جا پڪل فصل تباھھ
ڪري، ماڻھن جي چپن تي آيل گرھھ کانئن کسي ورتو
آھي. تنھن ڪري اھا اگري آپدا ڪھڙي وقت بھ اوچتي
اچي پوکون اجاڙي ڀينگ ڪري سگھي ٿي. سنڌ کي فتح کان
پوءِ ايترو وقت ڪونھ مليو آھي جنھن دوران ٺاپر ٿي
ھجي. ماڻھن جي خواھش آھي تھ تجارت ۽ زراعت چپٽي
وڄائيندي ايتري جلدي ۾ ترقي ڪري، جيتري جلدي ۾
علاؤالدين جي محلات اجڙي راس ٿي ھئي. مان سمجھان
ٿو تھ زراعت ۽ تجارت کي ٽالپرن جي ظلم ۽ ڏاڍ جي
اثر کان نجات، ڏھن سالن ۾ مس ملندي ۽ سنڌ ۾ اھڙي
وڏي انقلاب جي ابتدا شروع ٿي چڪي آھي. اھو انقلاب
ڪو عام رواجي نھ ھوندو.
پھريون مسئلو امن امان جو ھو جيڪو حيدرآباد واري
جنگ جي پڄاڻيءَ کان پوءِ مان اندازو لڳايو ھو تھ
سنڌ جي اھڙي ترقي ڏھن سالن اندر مس ٿيندي جيڪا
موجوده دور ۾ ڪري چڪي آھي ۽ اھا اچرج جھڙي ڳالھھ
آھي. ليفٽيننٽ آئوٽرام اڳ ۾ اڳڪٿي ڪئي ھئي تھ
حيدرآباد واري جنگ کان پوءِ سنڌ ۾ ڏھھ سال گوريلا
جنگ ھلندي. ھن کي سنڌ جي ماڻھن جي خبر اھا ايتري
آھي.
ھن وقت اسان جي مالي صورتحال ھن ريت آھي:
حيدرآباد جي
24
مارچ
1843ع
واري جنگ کان
30
اپريل
1846ع
تائين ڪل پيداوار
659393
پائونڊ اسٽرلنگ.
انھن سالن لاءِ سنڌ حڪومت جي سول انتظاميھ تي
ايندڙ خرچ
336526
پائونڊ اسٽرلنگ. بچت
322869
پائونڊ اسٽرلنگ.
مان خرچ پکي جو تفصيلي حال احوال ڪنھن ٻئي خط ۾
لکلندس ڇاڪاڻ تھ اھي ڪاغذ پارليامينٽ ۾ پيش ڪيا
ويندا. تنھن ڪري
30
اپريل تي ھائوس آف ڪامنس انھن کي ڇاپڻ جو فيصلو
ڪيو آھي. ھن کان سواءِ مان ھڪ ٻي بھ گذارش ڪرڻ
چاھيان ٿو تھ، وڏيون فوجون سنڌ جي بغاوتن کي ڪچلڻ
لاءِ نھ پر پنجاب تي حملي ڪرڻ لاءِ اچي سنڌ ۾ گڏ
ٿيون آھن. مان تھ گذريل ٻن سالن کان لڳاتار چوندو
پيو اچان تھ سنڌ ۾ پنج ھزار فوج بھ گھڻي آھي، جنھن
جو مقصد بچاءُ ۽ امن آھي. پر ممبئي واري ڌر پنھنجي
ضد تي قائم آھي. مان ھيءَ ڳالھھ ثابت ڪري سگھان ٿو
تھ سنڌ ۾ پنج ھزار فوج بھ گھڻي آھي. جڏھن سکن جي
حملن جو خوف ھو. ان وقت بھ سنڌ ۾ پنج ھزار فوج
ھئي. جڏھن تھ سکن جي ڪوشش اھا ھئي تھ انگريزن خلاف
سنڌ وارا سندن مدد ڪن. ڇاڪاڻ تھ پنجاب جا اھي
حڪمران انگريزن خلاف ٽالپرن سان گڏ ھئا. مان سانگي
سان اھو احوال بھ اوھان کي ٻڌائيندو ھلان تھ ڪنھن
بھ ماڻھوءَ کي اھا پڪ ڪانھ ھئي، تھ سنڌ اندر امن
امان قائم ٿي سگھندو ۽ جيستائين مان سنڌ ۾ موجود
آھيان تيستائين اھڙي ڳالھھ ممڪن ئي ڪانھ آھي پر
ھنن موڳن ۽ اوڳن کي اھا ڪل ئي ڪانھ آھي تھ ملڪ ۾
امن امان فوج جي دھشت ۽ ڏاڍ سان قائم ڪري ڪونھ
سگھبو آھي. پر سانت ۽ امن رحمدليءَ ۽ انصاف سان
قائم ڪري سگھبو آھي. جنھن وقت کان وٺي ٽالپر سنڌ
کان ٻاھر موجود آھن، تنھن وقت کان وٺي ھڪ انگريز
بھ قتل ڪونھ ٿيو آھي ۽ ڪنھن بھ ماڻھوءَ انگريز جي
توھين ڪانھ ڪئي آھي. اھڙيون ڳالھيون مشرقي ملڪن ۾
منفرد حيثيت جون مالڪ آھن. اھڙيون ڀليون ڳالھيون
انھن ملڪن اندر بھ ڪونھ ڏسبيون جيڪي تازو فتح ٿيا
آھن.
فوج تي ٿيندڙ ھي انتھا تي گھڻي خرچ جا ٻھ قسم آھن:
جن مان ھڪ جو واسطو فوج جي کاڌي پيتي سان آھي.
جڏھن تھ ٻئي جو تعلق بئرڪن جي تعمير سان آھي.
جيتري قدر فوج جي پھرئين خرچ جو تعلق آھي تھ اھو
فوجي تعداد جي گھٽجڻ سان پاڻمرادو گھٽجي ويندو.
تنھن خرچ جي چئن مان ٽي حصا خرچ پنجاب جي ڪري آھي.
خرچ جو باقي چوٿون حصو سنڌ جي والار ڪري اچي رھيو
آھي. سنڌ جي فتح تي ڪوبھ اضافي خرچ ڪونھ ٿيو آھي،
پر حيدرآباد ۾ فوجي بئرڪن جي تعمير تي ضرور خرچ
ٿيو آھي ۽ اھو بھ اضافي پيداوار مان ڪٽيو ويو آھي.
پر ممبئي سرڪار کان ڪونھ ورتو ويو آھي. اھڙو ذڪر
مٿي بھ اچي چڪو آھي. سنڌ جي فتح تي آيل خرچ جي ھڪ
پائي بھ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ڪانھ ڀري آھي. پر اٽلو
کيس ھن فتح ڪري پئسي جي بچت ٿي آھي. مان ان
سياستدان ۽ فوجيءَ جي ھن نقطئھ نظر جي خلاف تھ
جيڪڏھن ٽالپر سنڌ جا حڪمران ھجن ھا ۽ انگريز فقط
سکر ۽ ڪراچيءَ تي قبضو ڪن ھا تھ انگريز سرڪار جو
ايترو خرچ ڪونھ اچي ھا جيترو گذريل ٻن سالن اندر
گواليار ۽ ستلج وارن محاذن تي آيو ھو، مان ھي
اضافو ڪندس ۽ ثابت بھ ڪري سگھندس تھ جيڪڏھن سنڌ ۾
ميرن جي حڪمراني ھجي ھا تھ رت جون نديون وھي ڇڙن
ھا. ان وقت گواليار جون باغي تلوارون اڀيون ھجن ھا
۽ سک ستلج پار اڪري وڏو ممڻ مچائي چڪا ھجن ھا.
جيڪڏھن گورنر جنرل چريائيءَ جو مظاھرو ڪري
1842-43ع
۾ انگريزي فوج جو تعداد گھٽائي پنج ھزار ڪري ھا.
ٽالپرن جي حڪمراني بھ موجود ھجي ھا، انگريز فوج جو
اڌ ڪراچي ۽ اڌ سکر ۾ رھايو وڃي ھا تھ اھڙيءَ
صورتحال ۾ انگريزي فوج مان ھڪ بھ ڪونھ بچي ھا. اھي
ليفٽيننٽ ڪرنل آئوٽرام جون اجايون ۽ اوڳيون
ڳالھيون آھن. کيس ميرن جي ميري من جي تيستائين ڪل
ئي ڪانھ پئي ھئي جيستائين انگريز ريزيڊنسي تي حملو
ڪونھ ٿيو ھو. جيڪڏھن ھو منھنجي جاءِ تي ھجي ھا تھ
ساري انگريزي فوج
1844ع
يا
1845ع
۾ ڪھائي چڪو ھجي ھا. ھڪ سال تھ امن امان سان گذري
وڃي ھا. پر جڏھن گواليار جھيڙي جو جھنڊو ڦڙڪائي يا
سک ستلج کي پار ڪري، انگريزن تي حملو ڪري ھا تھ ان
کي ڏسي ٽالپرن جو من بھ وڌي وڃي ھا ۽ ڪراچيءَ ۽
سکر تي حملو ڪري اتي رھيل انگريزي فوج کي ڪھي لاشن
جا ڍير لائي ڇڏن ھا. تقسيم ٿيل اھڙيءَ فوج کي ڪٿان
مدد بھ ملي ڪانھ سگھي ھا ۽ سڄي ڪڻو ڪڻو ٿي ڪٽجي
وڃي ھا. افغانستان واري جنگ دوران لارڊ ڪينس جي
فوج، مس ڪري ميرن تي ضابطي رکڻ ۾ ڪامياب ٿي ھئي نھ
تھ نتيجي ۾ وڏو ڪوس ٿئي ھا ۽ خرچ بھ وڏو اچي ھا،
سنڌ جي فتح کان بھ گھڻو. تنھن ڪري مان سمجھي رھيو
آھيان تھ سنڌ جي فتح ڪمپنيءَ کي ھڪ وڏي ڪوس ۽ بي
انتھا خرچ جي بار کان بچائي ورتو آھي. ڀلي ممبئي
واري ڌر پنھنجي ھوڏ تان ھيٺ بھ نھ لھي. اھو بھ
معلوم ٿيندو تھ سنڌ اندر
1842ع
کان وٺي، اسان جي فوج جي عزت ۽ وقار ۾ ڪابھ
گھٽتائي ڪانھ آئي آھي.
جيتري قدر سنڌ جي فتح واري حڪمت عمليءَ جو تعلق
آھي تھ، مان انھيءَ معاملي ۾ بلڪل اڻ ڌريو ھوس.
مان ھن معاملي ۾ لارڊ ايلنبرو کي ڪنھن بھ قسم جو
مشورو ڪونھ ڏنو ھو. اھڙي ڳالھھ منھنجي سچ ويچار ۾
بھ ڪانھ ھئي. مون کي تھ گورنر ٿيڻ تائين ائين
ٻڌايو ويو ھو تھ ٽالپرن جي مدد ڪئي ويندي. مان
لارڊ ايلنبرو جي قائم ڪيل حڪمت عمليءَ کي تسليم
ڪيو ھو. ساڳئيءَ ريت مان پنھنجي حڪمن جي تعميل پڻ
ڪرائي ھئي. جيڪڏھن ائين نھ ھجي ھا تھ سمجھان ھا تھ
مان اھو ڪامياب فوجي جنرل آھيان، جنھن کي پنھنجي
ئي حڪومت عزت جي نظرن سان ڪانھ ڏسي رھي آھيان. مان
تھ ان بااختيار شخصيت جي حڪمن کي تسليم ڪيو ھو،
جنھن پنھنجي سرڪار تي اھڙيون اختياريون ڏنيون
ھيون،پر کيس انگلينڊ جي تائيد حاصل ڪانھ ھئي. پر
ھن کان پوءِ ايندڙ سندس جانشين ھن جي قائم ڪيل
حڪمت عمليءَ کي جاري ضرور رکيو ھو. ان ھوندي بھ
لارڊ رپن ۽ ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس مون سان تھ ھاڃا ڪري
ڇڏيا ھئا. مان ھيءَ حقيقت ثابت ڪري سگھان ٿو تھ
سنڌ جي فتح تي ٻئي علائقي جي فتح جي ڀيٽ ۾ ڪوس بھ
گھٽ ٿيو تھ خرچ بھ گھٽ آيو آھي. ڪابل واري جنگ ۾
اسان جي، فوج ڪيس مري تباھھ ٿي وئي ھئي. پر انھيءَ
واقعي کان پوءِ بااختيار طاقت جو ڪھڙو خيال ھو؟
سنڌ جي فتح کان اڳ اھو تصور موجود ڪونھ ھو تھ سنڌ
کي مختصر لشڪر سان فتح ڪيو ويندو. پر فتح کان پوءِ
سرڪاري خزاني ۾ وڌيڪ پيداوار جو اضافو ٿيو ھو. پر
ڪوبھ اضافي خرچ ڪونھ ٿيو ھو. اھڙين ڳالھين کان
پوءِ اختيارين کي خيال آيو تھ سنڌ کي گھٽ فوجي
تعداد وسيلي فتح ڪيو وڃي ھا. اھڙن خيالن جو اظھار
ساڙ ۽ حسد کان ڪيو پيو وڃي. اھو بھ چيو پيو وڃي تھ
اھا جنگ اھم ڪانھ ھئي جنھن لاءِ جنرل کي اعزاز ڏنو
وڃي. اھڙيون ڳالھيون ھڪ سازشي ۽ دشمن ٽولي جون
گھڙيل ھيون. انھن ڳالھين تي آءٌ ماٺ ڪيو ويٺو
ھوندو آھيان، ڇاڪاڻ تھ مون کي اطمينان آھي تھ جيڪو
ڪجھھ ڪيو اٿم منھنجو منصبي فرض ھو.
آبھوا:
چيو ويندو آھي تھ سنڌ جي آبھوا ڏاڍي گرم آھي ۽
ھندستان جي ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ سنڌ وڌيڪ غير صحت
بخش آھي پر مان ائين ڪونھ ٿو سمجھان. اھا بھ ھڪ
حقيقت آھي تھ بيماريءَ ڪري فوج بھ گھڻي مري کپي
وئي آھي، پر ڪمپني جي فتح ڪيل سڀني نون ملڪن ۾
ائين ٿيو آھي. ان جو ڪارڻ بھ سولو ۽ سمجھڻ جوڳو
آھي. اھڙا واقعا سٺين بئرڪن جي عدم موجودگيءَ آرام
جو نھ ھجڻ ۽ علائقائي حالتن جي اڻ ڄاڻائي ھئي.
انھن ڳالھين جي کوٽ کي فوج محسوس ڪري ورتو ھو.
ٽالپرن سنڌ کي ڀيلي ڀينگ ڪري ڇڏيو ھو ۽ منجھس ڪا
شيءِ ڇڏي ئي ڪانھ وئي ھئي. اسان کي ھتي رھڻ دوران
ائين معلوم ٿي رھيو تھ ڄڻ رڻ پٽ يا بيابان اندر
ٺھيل ھڪ وسندي ۾ پيا رھون. اھو تھ احساس ئي ڪونھ
ھو تھ انگريزي فوج اھڙو ملڪ فتح ڪيو آھي، جنھن ۾
ماڻھن جي آبادي آھي. اسان ڪالرا جي بيماريءَ ۾
ڪجھھ عملدار ۽ فوج وڃائي آھي. ھيءَ بيماري سدائين
ھن ملڪ ۾ ڪانھ رھندي آھي، پر جيڪڏھن فوج کي بھترين
بئرڪن ۾ ۽ آرام سان رھايو وڃي ھا تھ ھي معامرو
ايڏو ڪيس ڪلور ڪري ڪونھ گذري ھا. ھاڻي بھترين ۽
سھوليتن واريون بئرڪون جڙي رھيون آھن. تنھن ڪري
ھاڻي سنڌ ھندستان جي ٻين علائقن جھڙي غير صحت بخش
ڪانھ رھندي، جيڪا يورپي ماڻھن جي جيءَ کي جوکو
رسائي سگھي. فتح کان پوءِ سنڌ ۾ رھندڙ فوج تي
بجاري جا ٻھ حملا ٿيا آھن. جنھن ۾ يورپي ماڻھن سان
گڏ ٻيا بھ متاثر ٿيا ھئا. ڇاڪاڻ تھ اھي ماڻھو ھن
گرم آبھوا جا ھيراڪ ڪونھ آھن. ان کان سواءِ کين
سٺو شراب بھ ڪونھ ٿو ملي. عام بيماريءَ کان سواءِ
ھتي ٻھ ڀيرا ڪالرا بھ قھر ڪيا آھن. اھڙين آپدائن
ڪري ماڻھو ھراسجي ويا آھن ۽ ٻين اوڻاين کي اک
وٽائي ڏسڻ کان سواءِ رڳو آبھوا تي ڏوھھ ڏيو بيٺا
آھن.
سنڌ جا قدرتي وسيلا:
سنڌ وڏي پيداوار ڏيڻ وارو ملڪ آھي. زمين تھ ايڏي
ڀلي آھي جو ان جو بيان ڪري ڪونھ ٿو سگھجي. مان
سنڌوءَ جي پاڻي تي ضابطي رکڻ لاءِ جاکوڙي رھيو
آھيان. اميد تھ مقرر وقت کان اڳ ئي ان منصوبي مڪمل
ڪري سگھبو. ان کان پوءِ ھتان جون ڀليون ٻنيون
آباديءَ ھيٺ اينديون ۽ پيداوار ۾ وڏو اضافو اچي
ويندو. موجوده دور ۾ گھڻن ماڻھن جي ضرورت آھي جيڪي
پوکي راھي ڪن ۽ غير آباد زمين کي آباد ڪن. کاڻيون
بھ تمام گھڻيون آھن. لوڻ تھ تمام گھڻو آھي.
چوڌاري ملڪ:
اخبارن وسيلي اھو ٻڌايو وڃي تھ پاڙي وارن قبيلن
وھڻ وھھ ۽ ننڊ حرام ڪري ڇڏي آھي. معلوم ائين ٿي
رھيو آھي تھ اھي اخبارون بي خبر آھن، پر ھتي ڪو
اھڙو قبيلو ڪونھ آھي جيڪو اسان سان جھڳڙو چاھيندو
ھجي. حقيقي صورتحال اھا آھي تھ اھي قبيلا ھوريان
ھوريان سنڌ اندر آباد ٿي رھيا آھن. اھي ماڻھو جيڪي
امن امان چاھن ٿا ۽ پوکي راھي ڪري پنھنجو پيٽ گذر
ڪرڻ گھرن ٿا ۽ پنھنجي پگھر جي پورھئي جو مٺو ڦل
کائڻ پسند ڪن ٿا سي ھتي آباد ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رھيا
آھن.
منھنجي حڪومت کان پوءِ سنڌ جي مجموعي صورتحال گھڻو
سڌريل آھي. مان سمجھان ٿو ائين چئي مان غلط بياني
ڪانھ ڪئي آھي تھ مان سارو وقت جھيڙي ۾ گذاريو آھي.
تنھن ڪري مون کي تفصيلي بيان ڪرڻ جو وقت گھٽ مليو
آھي. جڏھن ٿورو وقتو مليو آھي تھ پنھنجي يادگيرين
تي مشتمل ھڪ ڪتاب جوڙي اوھان ڏانھن موڪلي رھيو
آھيان. پر جيڪو بھ بيان ڪيو اٿم سو يادگيرين جو
اختصار آھي، ليڪن پيداوار وڌي آھي ۽ وڌندي رھندي
ماڻھن بھ سکيا ستابا ۽ ريان کيان آھن. کين ڪنھن بھ
قسم جو ڏک پيش ڪونھ آھي. تنھن ڪري نھ سازشون سرجن
ٿيون نھ وري ڪٿان ڪا بغاوت جي بوءِ آھي. ڪڇي جي
جابلو علائقي ۽ پنجاب خلاف فوجي مھم شروع ڪئي وئي
ھئي. انھيءَ وقت ساري فوج سنڌ کان ٻاھر ھئي. ھتان
جي ماڻھن کي بغاوت جي ڦريري ڦڙڪائڻ جو سونھري وجھھ
ھٿ لڳو ھو، پر ھنن ائين ڪونھ ڪيو ھو. ھتي آءٌ ھڪ
ٻيو نقطئھ نظر پيش ڪري رھيو آھيان جيڪو مان سمجھان
ٿو تھ صحيح بھ آھي. اھڙو ساڳيو نقطئھ نظر ھڪ
انگريز جو بھ آھي، جيڪو ھندستان ۾ ويھھ سال رھيو
ھو. سندس کائڻ پيئڻ بھ ھتان جي ماڻھن سان ٿيندو
ھو. ڏاڍو سادو ۽ اصولن جو پڪو ھو. ان کان سواءِ
ھتان جي ماڻھن جي مزاج کان چڱي طرح واقف ھو. مان
بھ ھتي پنج سال رھيو آھيان. چار سال حڪومت ڪئي
اٿم. تنھن ڪري مان سنڌين جي مزاج کان ڀلي ڀت واقف
آھيان. سو منھنجو نقطئھ نظر ھي آھي تھ جيڪڏھن سنڌ
۾ سول حڪومت قائم ڪئي وئي تھ سنڌ جي ساري پيداوار
سول ڪامورا شاھيءَ جي پيٽ ۾ ھلي ويندي، جنھن مان
پرزو بھ پيدا ڪونھ ٿيندو. ڪم تڇ سمان ھوندو جاٿي
ساري سول انتظاميا اچي ڳاھٽ ٿيندي. گھڻيون دايون
مارن يا کارن. ان کان سواءِ ڏاھا ۽ تجربيڪار وڏا
سول عملدار پنھنجون سھوليت واريون جايون ڇڏي ھيڏي
سنڌ ڇا لاءِ ايندا. ھيڏانھن اھڙا ماڻھو ھوندا جيڪي
نوجوان ۽ سيکڙاٽ ھوندا، جن کي ٻين ملڪن ۾ ملازمت
ڪانھ ملي ھوندي. ائين اچي ھتي مڙندا ڄڻ ڳڙ تي
مکيون. ڏسڻ وائسڻ جا ڏاڍا چڱا ھوندا. سگار پيئندا،
بيئر جو ھڪ گلاس لھندو ۽ ٻيو پيو چڙھندو ۽ ڪلارڪن
جي ھڪ وڏي ميڙاڪي کي غلط ھندستاني ٻوليءَ ۾ حڪم
پيا ڏيندا. ٿوري وقت کان پوءِ کين وڏا اختيار ملي
ويندا ۽ طاقت جي نشي ۾ سڀ بداخلاقيون ڪري وڃي ٿوڙ
ڪندا ۽ ڏاڍ ڪري رڻ ٻاري ڇڏيندا. ان جو نتيجو اھو
نڪرندو تھ خرچ وڌي ويندو ۽ رتوڇاڻ ٿيندي. ھتان جي
ماڻھن کي سول ملازمين لاءِ ٽڪو بھ عزت ڪانھي. اھي
رھيا آھن تھ فوج مٿان حڪم ھلائي رھيا آھي ۽ اھو
کين صحيح لڳي رھيو آھي. ڇاڪاڻ تھ ھي ماڻھو بھ پاڻ
کي فوجي تصور ڪن ٿا. پر جڏھن ھنن مٿان سول ملازمن
حڪم ھلايا تھ تلوارون اڀيون ٿي وينديون.
ان کان سواءِ جھڙي تناسب سان سول ملازم وڌندا
ويندا، تھڙي تناسب سان خرچ وڌندو ويندو ۽ فوج جو
تعداد گھٽبو ويندو. ان جو نتيجو اھو نڪرندو تھ
ملڪي انتظام ڍلو ٿي ويندو ۽ ضابطو ڪمزور پئجي
ويندو. اھڙي ريت بغاوت جو بھ امڪان ھوندو، جنھن جو
ڪارڻ بھ سول حڪومت ھوندي جيڪا وري بغاوت کي ختم
ڪري بھ ڪانھ سگھندي. مان ان ڏچي کان بھ واقف
آھيان. جيڪو سول حڪومت جي انتظاميھ اندر فوجين کي
رکڻ ڪري پيدا ٿيندو آھي. مان پاڻ بھ سنڌ سرڪار جي
موجوده انتظاميھ اندر ٽن چئن سول ملازمن کي مقرر
ڪيو آھي جنھن جو نتيجو سٺو نڪتو آھي. اھي ماڻھو
ڏاڍا شريف انسان ھئا. پر فتح جي ابتدائي دور ۾ ٽي
ماڻھو لارڊ ايلنبرو موڪليا ھئا جيڪي صفا بيڪار ۽
ڏڏ ثابت ٿيا ھئا. مان انھن ماڻھن خلاف ڪنھن تعصب
جو اظھار ڪونھ ٿو ڪريان، پر ساڻن ھمدردي ھئي.
ڇاڪاڻ تھ انھن ماڻھن ھڪ منھنجي پراڻي دوست جو پٽ
ھو، جيڪو اسپين واري جنگ ۾ مارجي ويو ھو. منھنجي
وس ۾ ھجي ھا تھ ان لاءِ گھڻو ڪري سگھان ھان. سندن
خيال سرڪاري ملازمت وارن ڪمن کان اوچا ھئا. مون کي
رپورٽ وسيلي ٻڌايو ويو ھو تھ ھو کائڻ جا کرا ۽ ڪم
جا ٻرا ھئا. مان ڪليڪٽر پوپ جي اھڙي بيان سان گڏ
کين لارڊ ايلنبرو ڏانھن واپس موڪلي ڇڏيو ھو جنھن
تحت کين ڪم ڪرڻ لاءِ رکيو ويو ھو. ھي ماڻھو ھوشيار
نوجوان ۽ شريف ھئا، پر ڪم جا ٽوٽي ھئا. جيڪڏھن
اھڙا ڊزن کن ماڻھو ھت ڪم ڪن تھ منھنجي حڪومت جي
انتظام کي ھڻي کنا کيڙا ڪري رکن ۽ سارو ڪم ڪلارڪن
۽ ڏيھي ماڻھن جي حوالي ڪري ڇڏين ۽ پاڻ ڪک ڀڃي ٻيڻو
بھ نھ ڪن. مان ڪلارڪن ۾ ڏيھي ماڻھن لاءِ ڪونھ ٿو
چوان تھ اھي تھ اٽي تي چٽي آھن، اھي تھ ڪم ۾ اڻ ٿڪ
۽ ارورچ آھن، سياڻا ۽ سچيت بھ آھن. پگھارون بھ
انھن ماڻھن کي گھٽ ڏنيون ۽ ڪم بھ کائن ڇڪي ورتو
وڃي. سرڪاري آفيسن اندر بھ اھي ماڻھو وھن جيڪي ڪم
جا ڪوڏيا ھجن. پر اھڙن ماڻھن مان جند ڇڏائڻ ضروري
ھوندي آھي جن جا ڪم ڪلارڪ ڪندا ھجن. جن کي سوئر جو
شڪار کان واند نھ ملي ۽ بيئر جا بيرل آڏو رکيون
ويٺا ھجن. اھڙن ماڻھن کي پنھنجي منصبي فرض جي
ادائگي کان وڌيڪ ٻيا ڪم پيارا ھوندا آھن. اھڙا
ماڻھو پنھنجي منصبي فرض کي ڪجھھ بھ ڪونھ سمجھندا
آھن.
مان آخر ۾ ھيءَ گذارش ڪرڻ چاھيان ٿو تھ مان ۽
منھنجي ماتحت عملدارن تمام گھڻو ڪم ڪيو آھي ۽ بھتر
ڪيو آھي. ھن حقيقت کان ڪير بھ انڪار ڪونھ ڪندو تھ
اسان وڏين مشڪلاتن کي مڙسيءَ سان منھن ڏنو آھي.
جنگيون ختم ٿيون تھ مھامريءَ منھن ڪڍيو جنھن ملڪ ۾
مانڌاڻ مچائي ڇڏيو. ماڻھو ڏکن ۾ ڏوڙا لڳا پيا ھئا
جو ماڪڙ جا ڪٽڪ لھي پيا جيڪي پاڻ سان ڏڪار کي بھ
کڻي آيا ھئا. چوندا آھن تھ ڏٻري تي مڇر بھ گھڻا.
ان سال وري سنڌو بھ ڪمھلو لھي ويو، تنھن ڪري جيڪي
پوکون آنڀون ۽ ڏڏر تي ھيون تن کي پويون پاڻي پھچي
ڪونھ سگھيو ۽ ان ٻوھي کان ٻاھر نڪري ڪونھ سگھيو ۽
اندر ئي سڪي پچي ويو، اھڙي ريت ملڪ جو جيڪو حصو
ماڪڙ جي مصيبت کان بچي ويو سو وري پاڻيءَ جي
اڻھوند ڪري ڏرت ۽ ڏڪار جي ور چڙھي ويو. تنھن ڪري
سنڌ
1843ع
کان وٺي لڳاتار سورن ۾ سختين ۾ رھي. انھيءَ زماني
مان فوجي سرگرمين ۾ ايترو رڌل ھوس جو مٿي کنھڻ جي
واندڪائي ڪانھ ھئي. پر پوءِ سنڌ جي سول انتظاميا
جو جوڙجڪ ڪري ورتو ھيم، جنھن جي ابتدا مان نوجوان
عملدارن سان ڪئي، جن کي اڳي ڪو تجربو ڪونھ ھو
جيڪڏھن ھو تھ بھ ٿورو ٿڪو ھو. پر اھي ڏاڍا لائق ۽
قابل ماڻھو ھئا. کين ڪم ڪرڻ جو شوق بھ ھو. ھي
نوجوان ھتان جي ملڪي حالتن کان واقف بھ ڪونھ ھئا.
پر اٽل ۽ اڏول ھئا ۽ ھنن ھر مشڪل کي منھن ڏئي
ڪاميابي حاصل ڪئي ھئي. ڇاڪاڻ تھ ھتان جي ڍل محصول
جي وصولي ھنن لاءِ نئين ۽ ڏکي ھئي. اسان اھڙي
ڪاميابي ڪھڙي طريقي سان ماڻي ورتي ھئي، تنھن جو
فيصلو اسان دنيا تي ڇڏيو آھي. پر اسان ڪم کي چچڙ
ٿي لڳي پياسون. اھڙيون حقيقتون فقط ڪاغذن ۾ ڏسي
سگھجن ٿيون. اسان پراڻي حڪومت جي طريقي ۽ تاڃي
پيٽي کي اڊيڙي ھڪ نئين حڪومت ۽ نئين طريقي جي
پيڙھھ جو پٿر رکيو ھو. سنڌ بھ ھندستان جي ٻين
علائقن جيان بدنظميءَ جو شڪار ھئي. جيڪڏھن مون کي
چيو ويو تھ مان تير پتير جو احوال ڏئي سگھان ٿو
تھ، جنھن وقت کان وٺي لارڊ ايلنبرو مون کي سنڌ جي
حڪومت حوالي ڪئي تھ مان ڪھڙي ۽ ڪيتري محنت ڪئي ھئي
۽ ڪھڙي حالت ۾ سنڌ پنھنجي جانشين جي حوالي ڪئي
ھئي. مون کي يقين آھي تھ منھنجو جانشين بھ مون
جيان سنڌ جي معاملن ۾ دلچسپي وٺندو. جيڪڏھن گھرو
کاتو منھنجي محنت کي پسند ڪري مون کي سنڌ جي حڪومت
حوالي ڪندو تھ مان بھ ھن ملڪ جي خدمت ڪرڻ لاءِ
تيار آھيان ۽ ان وقت تائين خدمت ڪندو رھندس
جيستائين منھنجي صحت مون کي اجازت ڏيندي ۽ سچائيءَ
۽ انصاف سان عوام جي خدمت ڪندو رھندس.
ھن خط لکڻ مھل ھڪ خط پھتو آھي جنھن ۾ چيو ويو آھي
تھ گورنر جنرل حڪم ڪيو آھي تھ سنڌ ۾ رھيل بيشمار
فوج اتان گھرائي وڃي. اھڙو ڪم ايندڙ جنوري کان
شروع ڪيو ويندو. منھنجي لاءِ اھا تھ خوشي جي ڳالھھ
آھي. ھيءَ حقيقت ان ڳالھھ جي ثابتي آھي تھ سنڌ ۾
امن امان قائم ٿي چڪو آھي. انھيءَ سان ڪارھن جو
اھو لينگھو بھ لھي ويندو تھ سنڌ تي ھندستان جو
پئسو خرچ ٿي رھيو آھي.
معلوم ائين ٿي رھيو ھو تھ ھن يادداشت نامي تي سنڌ
۾ ايندڙ تبديلي رڪجي وئي ھئي. پر سر چارلس خلاف
اجائي واويلا ۽ الزام تراشيءَ ۾ ڪنھن قسم جي
گھٽتائي ڪانھ آئي ھئي ۽ ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس جون
جنرل خلاف نيتون صاف ڪونھ ٿيون ھيون نھ وري
انگلينڊ جي ڪابينا مان ڪنھن انصاف ۽ تحفظ جي اميد
ھئي. لارڊ ھووڪ جي دشمني بھ ويرئون وڌ ھئي. ان
زماني ۾ سر چارلس ھن ڳالھھ تي ڳنڍ ٻڌي بيھي رھيو
ھو تھ سنڌ مان وڌيڪ فوج کي گھرايو وڃي. اھڙيءَ ريت
ھن ھندستان سرڪار کي آڇ ڪئي ھئي يارنھن ريجمينٽون
۽ يورپي آرٽيليري کي گھرايو وڃي. ھن کان اڳ تھ سنڌ
جي گورنر تي الزام ھو تھ ھن پاڻ وٽ بيشمار فوج رکي
آھي جڏھن تھ ھو اضافي فوج مان جند ڇڏائڻ لاءِ
پريشان ھو. جڏھن اھڙيون ثابتيون بيان ٿي رھيون
ھيون تھ سنڌي ماڻھو سر چارلس سان گڏ آھن تھ انھن ۾
ڪنھن بھ قسم جي رنجش محسوس ڪانھ ٿي رھي ھئي. ان
کان سواءِ جڏھن ٻاھرين ماڻھن کي آڻائي ھتي آباد
ڪيو ٿي ويو تھ ھنن ڪنھن بھ قسم جو اعتراض ڪونھ
واريو ھو. ھن سال جي سرءُ واري مھيني ۾ ھڪ سردار،
سر چارلس آڏو پيش پوڻ جي راءِ جو اظھار ڪيو جيڪو
ٽالپر حڪمرانن جي ظلمن ڪري سنڌ مان نڪري ھليو ويو
ھو. سر چارلس سندس اھا آڇ قبول ڪئي ھئي ۽ کيس چيو
ھئائين تھ جيڪڏھن ھو چاھي تھ جابلو علائقو ڇڏي،
اچي ارڙھن سو ماڻھن سان گڏجي پوکي راھي جو ڌنڌو
ڪري. انھيءَ زماني ۾ لس ٻيلي جو انگريز ڪسٽم آفيسر
موٽي ڪراچي اچي رھيو ھو تھ رستي ۾ غلامن جو ھڪ
ٽولو کيس ڦري آيو ۽ منٿون ڪري کيس چوڻ لڳو تھ ھو
کين سنڌ وٺي وڃي، جتي سڀ ماڻھو آزاد آھن ۽ پنھنجي
مرضيءَ مطابق زندگي گذاريندا آھن. انھيءَ غلامن جا
مالڪ بھ اتي پھچي ويا جيڪي پنھنجي غلامن کي
زبردستي ڪري وٺي وڃڻ کان ڊڄي رھيا ھئا تھ، متان
گورو صاحب ڪاوڙجي پوي، تنھن ڪري ڪسٽم جي ڪليڪٽر کي
عرض ڪرڻ لڳا تھ ھو سرڪاري طور کين حڪم ڪري تھ غلام
ھنن سان گڏجي موٽي ھلن. پر ڪليڪٽر ائين ڪرڻ کان
انڪار ڪري ڇڏيو ھو ۽ چيو تھ اھي ماڻھو غلاميءَ جا
زنجير ڀڃي آجا ٿي ويندا، پر ھن ماڻھوءَ نھ مالڪن
جي مدد ڪئي نھ وري غلامن جي ڪا واھر ڪيائين. جڏھن
مالڪ پنھنجي غلامن کي زوري وٺي وڃڻ لڳا، تھ ٻھ
غلام سرحد اڪري سنڌ ۾ داخل ٿي ويا جيڪي ڪليڪٽر جي
گھوڙي ڀرسان بيٺا ھئا ۽ سندن ھٿن ۾ ڪھاڙيون ھيون.
ميرن جي واپس اچڻ جو چوٻول چؤطرف پکڙي ويو ھو. علي
مراد تھ اھڙيون خبرون ٻڌي ھراسجي ويو ھو. کيس اچي
ھورا کورا لڳي ھئي تھ انگريزن سان ڪيل معاھدو بحال
ڪيو ويندو يا نھ. کيس اھو بھ ڀؤ ورائي ويو ھو تھ
جيڪڏھن پنجاب جون حالتون خراب ٿيون تھ کيس ھڪ نئون
معاھدو ڪرڻو پوندو. ان کان جلد ئي پوءِ ھڪ سبب بھ
پيدا ٿي پيو ھو جو پنجاب تي حملي ڪرڻ جي نيت سان
موڪليل بيشمار فوج اچي سنڌ پھتي ھئي. تنھن ڪري علي
مراد کي اچي ڦڦڙي لڳي ھئي تھ متان انگريز ڪو اوڻو
پير کڻي. پر سر چارلس ان جي خلاف ھو تھ اھا فوج
سنڌ وچان نھ گذري. ليڪن ڏاڍي جي مھريءَ کي ڏھھ
مٿايا مٺي بھ ماٺ تھ مٺي بھ ماٺ. مخالفن مطابق
اھڙي ڳنڀير وايو منڊل کي ڏسي ماڻھو سندس
فرمانبردار ٿي ويا ھئا، پر چارلس سندن اھڙن خيالن
کي رد ڪري ڇڏيو ھو ۽ چوڻ لڳو ھو تھ مخالف چون ٿا
تھ سنڌ جا ماڻھو ايتري بيشمار فوج ڏسي ڊڄي ويا ھئا
۽ ان دوران سر چارلس سنڌ جي انتظاميھ جي جوڙجڪ ڪرڻ
۾ سوڀارو ٿي ويو آھي. پر خوف واري اھڙي اثر جو
زمانو گھڻو وقت اڳي گذري چڪو ھو. ھاڻي ھتان جا
ماڻھو سر چارلس کي عزت ۽ احترام جي نظرن سان ڏسي
رھيا ھئا. ڇاڪاڻ تھ انھن کي پنھنجي پورھئي ۽ پگھر
جو ڦل ملي رھيو ھو. وٽن دولت گڏ ٿي وئي ھئي. اھي
خوف ۽ دھشت ڪري ماٺ ڪونھ ھئا، پر کين انصاف ملي
رھيو ھو ۽ خوش ھئا. اھي خوش انھيءَ ڪري ھئا، جو تھ
کين خبر ھئي تھ ھنن جي فائدي واريون ڳالھيون
ڪھڙيون آھن.
ھن وقت سر چارلس کي پڪ ٿي وئي ھئي تھ انگلينڊ جا
ماڻھو ممبئي واريءَ ڌر سان ٻٽ ۽ جھٽ آھن ۽ انھن
ماڻھن جو تحفظ ڪري رھيا آھن، جيڪي مٿس الزام ھڻي
رھيا آھن. اھي پاڻ بھ ھن مٿان حملا ڪري رھيا ھئا ۽
سندن دشمني ڏينھون ڏينھن وڌي رھي ھئي. ھن
ايمانداريءَ ۽ سچائيءَ سان خدمت ڪئي ھئي ۽ ڪوشش
ڪري رھيو ھو، پر موٽ ۾ اھي کيس تباھھ ڪرڻ لاءِ
ڪانبو ٻڌي سندس ڪڍ لڳي پيا ھئا، ليڪن حقيقت اھا
ھئي تھ ھن جي سادگيءَ ۽ سچائي مان کين ڏاڍو فائدو
پھچي رھيو ھو ھي تھ رڳو جنگ جي فن ۾ ماھر ھو پر
امن امان قائم ڪرڻ ۾ بھ ڪويسر ھو. ھن جنگين ۾ سوڀ
ماڻي ھئي ۽ ڪيترن تاجدارن جا تخت تاراج ڪيا ھئا.
ھو ڪيترن بغاوتن کي ختم ڪيو ھو ۽ ڪيترن قومن تي
حڪومت ڪئي، نھ قانون سازي ۾ دير ڪيائين نھ وري
انصاف ڏيڻ ۾ طوالت. ھن جي ڪري ئي انگريز راڄ سان
ماڻھن محبت ڪئي. ھن جي وسيلي انگريزن کي عزت ۽
احترام جي نظر سان ڏٺو ٿي ويو. نھ تھ ھن کان اڳ
ماڻھو ھنن کان ڀڄندا ۽ نفرت ڪندا ھئا. موٽ ۾ ھن کي
ڇا مليو؟ فقط دشمني نھ پر ذلت آميز دشمني. ساڙ،
حسد، ڪينو، بغض ۽ گاريون. سندن تعريف جوڳين خوبين
۽ خاصيتن کان انڪار ڪيو ويو. سندس ڪردار کي ظلم ۽
ڏاڍ جي الزامن سان ڪارو ڪيو ويو. اھڙن ماڻھن ھن
مٿان الزام ۽ بھتان ھنيا، جيڪي بادشاھن جا قرضي
ھئا. ھي بي انتھا ڏاھو، دلير ماڻھو جنھن ڪڏھن ڪو
اوڪو ۽ آئٺو ڪم ڪونھ ڪيو، نھ رشوت ئي کاڌي. ھي اھو
پھريون ماڻھو ھو جنھن کي ھندستاني طرز جي جنگ تي
مھارت حاصل ھئي. پر جڏھن اعزازن جي ورھاست ٿي تھ
اختيار وارن کان ھن جو نالو وسري ويو. پارليامينٽ
جي پيش ڪيل کيس خراج عقيدت بھ سال لاءِ ھن ڏانھن
رواني ڪانھ ڪئي وئي ھئي. سندن ھي رويو ھڪ فاتح
جنرل لاءِ ڄڻ تھ توھين ھو. ڪي سرڪاري ماڻھو اھڙا
بھ ھئا جيڪي ھن معزز انسان جي بي عزتي ڪندا ھئا
جنھن جو ھڪ ميمبر ھاڻي وزير بڻجي ويو آھي. اھي بھ
ڪوششون ڪيون ويون ھيون تھ ھن ڏانھن ايندڙ سرڪاري
خط رستي ۾ روڪيا وڃن. انھيءَ لاءِ تھ جيئن ھن جي
ڪارڪردگي عوام تائين پھچي نھ سگھي. ان کان سواءِ
ھن سان ٻيون بھ ڪيتريون ئي جٺيون ڪيون ويون ھيون.
جن جو مقصد فوج ۾ سندس وقار کي مجروح ڪرڻ ھو. جڏھن
ھندستان جي مختلف فاتح انگريز جنرلن جي اعزاز ۾
دعوت ڏني وئي ھئي پر سر چارلس جو نالو ڄاڻي ٻجھي
ڪٽيو ويو ھو ڄڻ ھڪ اھم فوجي ڪمانڊر نھ پر ڪو
اخلاقي مجرم ھو، جنھن جو اھڙو احترام ڪرڻ صحيح
ڪونھ ھو. توڙي جو ھن بي مثال جنگي سوڀون ماڻيون
ھيون. ھن سول حڪومت کي اھم پيداواري ذريعا حاصل
ڪري ڏنا ھئا. سندس عقابي نظر ايڏي تيز ھئي جو ڪنھن
کي پئسي ڏوڪڙ جي غلط استعمال جي جرئت ٿي ڪانھ
سگھندي ھئي. |