سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي انتظامي تاريخ

باب:

صفحو: 15

پاڻيءَ ڏگاھي ڪري خان پوئتي ھٽي وڃي باغ واري علائقي ۾ کيما کوڙيا ھئا ۽ بجار بھ موٽي وڃي ڦلجي پھتو ھو. انھيءَ وقت انگريزي فوج بھ حملي لاءِ تيار بيٺي ھئي پر وڌيڪ مناسب اھو سمجھيو ويو ھو تھ خان سان ڳالھھ ٻولھھ ڪري کيس اڃا بھ پوئتي ھٽي علائقي جي مرڪزي جوءِ ۾ رھڻ لاءِ گذارش ڪجي. ڇاڪاڻ تھ سر چارلس کي اھو ھٽڪٽو ھو تھ جيڪڏھن نيم وحشي ڌاڙيلن تي حملو ڪيو ويو تھ اھي کيس انگريز سرڪار خلاف جنگ ڪرڻ لاءِ مجبور ڪندا. خان کي اھو مشورو ڏنو ويو تھ اڃا بھ پوئتي ھٽي ان اھم جڳھھ تي وڃي رھي جتان افغانستان کي چڱي ريت مھاڏو ڏئي سگھي ٿو. جيڪو سندس ملڪ تي حملي ڪرڻ جي خواھش ڪري رھيو آھي. پر جيڪڏھن ھن قلات تي حملي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تھ انگريز ھن سان گڏجي افغانستان جي مزاحمت ڪندا. کيس پوئتي ھٽائڻ جو مقصد اھو ھو تھ جيئن ھو علي مراد جي جنگي سرگرمين جي سامھون واري پٽيءَ کان گھڻو پري ھليو وڃي. ڇاڪاڻ تھ ھنن ٻنھي ماڻھن جي متحد ٿي وڃڻ جو ڊڄ ھو ۽ اھو بھ امڪان ھو تھ متان ھو ٻئي گڏجي انگريز فوج جي پٺئين پاسي کان حملو ڪن. ائين ٿيڻ جو امڪان ڪونھ ھو پر سر چارلس اڳواٽ ئي اھڙين امڪانن جو ازالو ڪري ڇڏيندو ھو. ڇاڪاڻ تھ جنگ ۾ نھ ھجڻ جھڙيون ڳالھيون بھ ٿي پونديون آھن. ھن منشي علي اڪبر جي ڪوشش ۽ پنھنجي سوچ فڪر کي گڏي ھڪ عجيب قسم جي فوجي چال کي مرتب ڪري ورتو ھو جنھن ڪري نھ رڳو بجار پر قلات جي خان جي درٻار ۾ رھندڙ سندس دوست وائڙا ٿي وڃڻا ھئا. ھن ڳالھھ ۽ ٻين اھم حقيقتن کي دل ۾ رکي ھن سنڌ سرڪار جي سيڪريٽري مسٽر برائون کي 27 ڊسمبر تي قلات جي خان ڏانھن موڪليو جيڪو خان جو اعتماد جوڳو دوست ھو. اھو ھڪ سرڪاري ڪم ھو جنھن مطابق خان کان سندس ملڪ اندر انگريزي فوج جي داخل ٿيڻ جي لکت ۾ اجازت وٺڻي ھئي تھ جيئن بجار ۽ سندس اتحادين خلاف فوجي ڪاروائي ڪري سگھجي. خان مسٽر برائون کي لکت ۾ موڪل ڏئي ڇڏي پر ھيءُ واپسي وقت بجار جي حملي کان وار جي وٿي تان بچي ويو جيڪو سندس قتل لاءِ رستي ۾ ڪٿي لڪو ويٺو ھو. ھن تيز رفتاريءَ سان اسي ميل سفر ڪري اچي ھڪ ھنڌ منزل ڪئي ھئي. مسٽر برائون کي پٺاڻ فوجي سپاھي الف خان جي عقلمنديءَ بچائي ورتو ھو جيڪو سندس رھبر دستي سان گڏ ھو.

جنوري 1845ع تائين جنگي مھم جون تياريون مڪمل ٿي چڪيون ھيون ۽ سر چارلس جکراڻين، ڊومڪين ۽ بگٽين خلاف جنگ جو اعلان ڪيو ھو. ھن سندن ڪيل جرمن بابت انگ اکر ٻڌايا ھئا ۽ اھو بھ چيو ھئائين تھ قلات جي خان ۽ انگريز سرڪار وچ ۾ ٿيل معاھدي خلاف ڪم ڪري رھيا آھن. ان کان پوءِ خان سان ملڻ لاءِ ڪيل ڪوششن جو ذڪر ڪيو ويو ھو. ان اعلان ۾ اھي مناسب ڳالھيون بھ ٻڌايون ويون ھيون جنھن ڪري قلات جي خان ھنن کان بيزاريءَ جو اظھار ڪيو ھو. مذڪوره اعلان ۾ خان طرفان اھو بھ واضح طور چيو ويو ھو تھ ھنن قبيلن سنڌ ۾ وڃي ڌاڙا ھڻي قتل ڪري اتان جي ڌرتي ٽامون ڪري ڇڏي آھي. ھاڻي سر چارلس کانئن پاند ڇڪائڻ ۽ وير وٺڻ لاءِ فوج وٺي آيو آھي. کيس قلات ملڪ اندر داخل ٿي ھنن قبيلن جي جابلو علائقن ۾ وڃي کين جوڳي سزا جي موڪل ڏني وئي آھي. ان سان گڏ جنگ جي ڪارڻن ۽ جنگ لنوائڻ جا تفصيل بيان ڪيا ويا ھئا. پر جڏھن جنگ پاسي رھڻ واريون ڳالھيون ناڪام ٿيون تھ سمجھيو ويو تھ جنگي ڪاررواين وسيلي انصاف ڪري سگھجي ٿو. ان کان پوءِ نھايت واضح طريقي سان جنگي مھم جي ابتدا ڪئي وئي جيڪا وڏي طاقتور ھئي. جنھن ڪري بجار ۽ سندس ٻٽ ۽ جھٽ ماڻھن لاءِ ڇتو ٿي جنگ ڪرڻ يا تيز رفتاريءَ سان ڀڄي نڪرڻ کان سواءِ ڪا ٻي واھھ ڪانھ رھي ھئي. ھن سان گڏ اھو بھ اعلان ڪيو ويو ھو تھ جن بلوچ قبيلن مياڻي واري جنگ ۾ انگريزن سان جنگ ڪئي ھئي سي ھاڻي انگريزن جا ساٿي آھن ۽ بجار ۽ سندس اتحادين سان وڙھي رھيا آھن. سر چارلس ھن ڳالھھ جو امڪان سمجھيو ھو تھ متان ھو حملي کان سک ۽ دور دراز قبيلا ڊڄي وڃن. تنھن ڪري ھن اھو بھ اعلان ڪيو ھو تھ ھو ڌاڙيلن کي شڪست ڏيڻ کان پوءِ سڌو سنڌ موٽي ويندو.

ھن اھم دستاويز جي اظھار کان اڳ ۾ بنديل کنڊ ليجين ۽ بنگال جي فوج کي فيروز پور مان روانو ڪيو ويو ھو ۽ کين سبزل ڪوٽ وٽ ڪئمپ ڪرڻ جو حڪم ڪوي ويو ھو. اتي جي صورتحال کي معلوم ڪرڻ لاءِ ڳجھھ ڳوھھ ۾ جنرل سمپسن ۽ توبخاني جو ڪمانڊنٽ ڪرنل گيڊس اچي پھتا ھئا. ڇاڪاڻ تھ سر چارلس فوجي طاقت جي مظاھري جو مخالف ھو. جنھن جو مقصد دشمن کي گمراھھ ڪرڻو ھو. بجار کي ٻن خطن وسيلي حقيقتون معلوم ٿي ويون ھيون تھ جنرل سر چارلس نھايت ڪمزور آھي، جيڪو جنگي سرگرمين کان پاسو ڪري رھيو آھي. ان وقت ھن سک درٻار ۾ رھندڙ پوليٽيڪل ريزيڊنٽ ميجر براڊ فوٽ ڏانھن خط لکيو ھو جنھن ۾ کيس چيو ويو ھو تھ سک حڪمران کي اڻ ڌريو ٿي رھڻ لاءِ زور ڀري. ان کان سواءِ ڌاڙيل قبيلن کي پنجاب ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ملڻ نھ گھرجي. پر جيڪڏھن انھن کي داخل ٿيڻ جي موڪل ملي ٿي تھ پوءِ انگريزي فوج کي بھ بھاولپور جي حدن ۾ داخل ٿيڻ جي موڪل ملڻ گھرجي ۽ اھڙا حڪم ملتان جي ديوان ڏانھن روانا ڪيا وڃن. اھڙا شرط انھيءَ ڪري رکيا ويا ھئا ڇاڪاڻ تھ انھيءَ زماني ۾ بنگالي فوج ڏاڍي خوش ھئي. ان ڪري سر چارلس جي مرضي ھئي تھ فوج جي ڪمانڊر جنرل سمپسن جي ھٿ ۾ ڏني وڃي جيڪو سبزڪوٽ مٿان سنڌو درياھھ پار ڪري ملتان واري علائقي مان اڪري ڪچيءَ واري جابلو علائقي تي اوڀر پاسي کان حملو ڪري ۽ ساڳئي علائقي تي ڏکڻ طرف کان ٿيندڙ حملي کي واھر ڪري. پر انھيءَ زماني ۾ ھيرا سنگھھ لاھور ۾ وفات ڪري ويو ھو ۽ سارو پنجاب سياسي وڳوڙ جي ور چڙھي ويو ھو. تنھن ڪري سوچيل سمجھيل اھم منصوبي ۾ ان وقت تبديلي ڪرڻي پئجي وئي ھئي جنھن وقت انھيءَ تي عمل ڪرڻ جي ابتدا ٿي رھي ھئي. سر چارلس سمجھي رھيو ھو تھ اھڙي صورتحال اندر جيڪڏھن اجازت ملڻ کان پوءِ بھ پنجاب مان اڪري وڃبو تھ مشڪلاتون پيدا ٿي سگھن ٿيون ۽ گورنر جنرل بھ پريشان ٿي ويندو ۽ جھيڙي جو وايو منڊل پيدا ٿي پوندو. ھن اڳواٽ ئي سمجھي ورتو ھو تھ سک – انگريز جنگ تھ ھر حال ۾ لڳڻي آھي، پر ھن پڪو پھھ ڪيو تھ ان جنگ جو ڪارڻ شخصي طور ھوڪر نھ بڻبو. ان کان پوءِ ھن جنرل سمپسن کي پاڻ وٽ گھرائي طئي ڪيو تھ ٻئي فوجون رڻ پٽ جي ڪناري وٽ اچي پاڻ ۾ ملن.

ھن کان ٿورو اڳ مرين ۽ بگٽين وچ ۾ جھيڙو شروع ٿي ويو جنھن ۾ مري سوڀارا ٿا ھئا جن انگريزن کي مدد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ھو. تنھن ڪري منصوبي جي ڪن ڳالھين ۾ تبديلي آندي وئي ھئي.

ڪڇيءَ جي جابلو علائقي تي اوڀر کان حملي ڪرڻ جي نيت سان فوج اچي سنڌوءَ ڪنار سان بيٺي ھئي جنھن جي اتر – اولھھ پاسي واري سليمان جبل قلات جي جبلن سان ملي رھيو ھو. اتر واري پاسي کان ملتان جو علائقو ويجھو ھو جنھن ۾ سنڌوءَ جي وچ تي ھڪ سوڙھي پٽي ھئي جيڪا مزارين جي ھئي جن جو واسطو ملتان سرڪار سان ھو. ھن جي ڏکڻ ۾ ڪشمور وارو ويران علائقو ھو. ڪڇيءَ واري جابلو علائقي ۾ وڃڻ لاءِ ڏکين جابلو لڪن مان لنگھڻو ھو. اھو جابلو سلسلو ڊگھو ضرور ھو پر سوڙھو بھ ھو. جيڪڏھن فوج ھن رڻ پٽ علائقي ۾ چپ چاپ ۾ کسڪي جابلو لڪن تي وڇي اوچتو قبضو ڪندي ۽ لشڪر جي کاٻي پاسي واري فوج اڳتي نڪري وڃي جبلن جي وچ وارن اونھن گھارن جي گھٽن تي قبضو ڪري وڃي تھ ھي جابلو علائقي جا ماڻھو اولھھ وارن جابلو علائقن کان ڪٽجي ويندا. ان کان پوءِ ھنن ڌاڙيلن لاءِ ٽي رستا ھوندا: ھڪ تھ وڙھندا، ٻيو تھ ھو ملتان جي حدن ڏانھن ھليا ويندا ۽ ٽيون تھ ھو سنڌوءَ جو ڪنارو وٺي اتر طرف ھليا ويندا. پر جيئن تھ مري ھنن جي اترين وٽِ جھليون بيٺا ھوندا، تنھن ڪري انگريز فوج جي کاٻي پاسي لاءِ لازمي ھوندو اھا اڳتي وڌي وڃي مرين سان ملي ۽ جابلو علائقي وچان اڳتي وڌي سنڌو درياھھ جي ڪٺار سان  ھلي.

نئين صورتحال کي نظر ۾ رکي ولي چانڊئي ۽ احمد خان مگسي کي اوچتو حڪم ڪيو ويو تھ ھو مقرر ڏينھن تي رڻ پٽ اڪرڻ جي ڪوشش ڪن. انھيءَ لاءِ تھ جينءَ ھو ڦلجيءَ جھونجھڪڙي پھچي وڃن. اندازو ڪيو ويو ھو تھ اھي ٻئي بجار وٽ انھيءَ وقت ڌاران پھچي ويندا جيڪو پير پساربو ڏاڍي آرام سان ڦلجي ويٺو ھوندو. کيس ٻن خطن ۾ لکيل احوال ڪري اندر کي آٿت ھو تھ جنرل سر چارلس مٿس حملو ڪونھ ڪندو. مٿس حملي ڪري چانڊيا ۽ مگسي ٿورو گھٻرايا ضرور ھئا. پر باک ڦٽيءَ جي اوسيئڙي ۾ ويٺا ھئا جنھن کان پوءِ کين بيجار تي حملو ڪرڻو ھو. ولي چانڊئي کي سفر ۾ ٽي ڪلاڪ لڳي ويا ھئا. کيس حڪم ھو تھ ھن کان اڳيان ھلندڙ جاسوسن کي پاڻ سان وٺيون اچي. فزجيرالڊ بھ مناسب وقت تي لاڙڪاڻي کان اٺ سوار فوج سان گڏ روانو ٿي چڪو ھو، جنھن ۾ 13 ريجمينٽ جا ٻھ سئو رضاڪار بھ شامل ھئا. اھڙيءَ ريت ساڳيءَ جاءِ کان جئڪب جا پنج سئو مخل گھوڙيسوار بھ ساڻ ٿيا ھئا. توقع ھئي اھا انگريزي فوج لڪي ڇپي اڳتي وڌندي ۽ جڏھن صبح جو سويل بجار چانڊين کي منھن ڏيڻ لاءِ نڪرندو تھ ٻن پاھين وچ ۾ ڦاسي پوندو. سکر وارو فوجي ھيڊڪوارٽر ساڳي ئي ڏينھن تي پيش قدمي شروع ڪئي ھئي، جئڪب بھ لاڙڪاڻي کي ساڳئي ڏينھن تي ڇڏيو ھو. ھنن ٻنھي کي سنڌ جي سرحد تي ساڳئي وقت پھچڻو ھو. ساڳي ريت ولي ۽ فزجيرالڊ جي پيش قدمي سان بجار ۽ سندس جاسوسن جو رابطو ڪٽجي ويو ھو. امڪاني حالتن کي منھن ڏيڻ لاءِ کاڌ خوراڪ، فوجي سازو سامان جي پھچائڻ جو اڳواٽ بندوبست ڪيو ويو ھو. اھو بھ فڪر ھو تھ متان دشمن کوھن جي پاڻيءَ ۾ زھر ملائي ڇڏيو ھجي. تنھن ڪري پاڻي پھچائڻ جو پڻ انتظام ڪيو ويو ھو. اھڙيون سڀ ڳالھيون فوج جي پيش قدميءَ سان گڏ اڳتي وڌي رھيون ھيون. اھڙا ڪاريگر بھ فوج سان گڏ سفر ڪري رھيا ھئا، جيڪي توب گاڏن جي ضرورت وقت مرمت ڪري رھيا ھئا. جيڪڏھن ڪٿي رستي ٺاھڻ جي ضرورت درپيش ھئي تھ رستن ٺاھڻ وارا ڪاريگر بھ گڏ ھئا. ان کان سواءِ پاڻي جي ضرورت کي پوري ڪرڻ لاءِ کوھن ٺاھڻ وارا ڪاريگر بھ ساڻ ھئا. اھڙن ڪاريگرن وٽ لوھھ ۽ رڪ جا ڏنڊا ھئا ۽ تنھن ڪري جبلن کي ڊاھڻ لاءِ دارونءَ جي ضرورت ڪانھ ٿي پئي. اھڙي ريت فوج سان گڏ ڪھيري ذات جا ماڻھو بھ ھئا، جن کي بلوچ قبيلن ڦلجي مان ڪڍي ڇڏيو ھو. ھي ڦلجيءَ جا اصلي رھواسي ھئا. ھنن کي ڦلجيءَ تي بجار جي قبضي کان ڏھھ سال اڳ اتان زوريءَ ڪڍيو ويو ھو. ھن وقت اھي ماڻھو فوج جي رھبر ڪري رھيا ھئا. انگريز سرڪار ھنن سان واعدو ڪيو ويو ھو تھ ھنن کي اباڻيون زمينون موٽائي ڏنيون وينديون. جن تي بلوچ قبيلا قبضو ڪري ويھي رھيا ھئا. ڌاڙيلن خلاف مھم جي ابتدا ٿي چڪي ھئي، جيڪا لازمي بھ ھئي. ان کي ڏاڍو خفيھ رکيو ويو ھو. انھيءَ لاءِ جينءَ بجار کي يقين ٿي وڃي تھ ھن خلاف جنگي مھم ڪانھ شروع ڪئي ويندي. اھڙي ريت اوڻاين کي ختم ڪرڻ لاءِ جنرل سر چارلس اخلاقي اثر کي وڌيڪ اھميت ڏني ھئي. تنھن ڪري کيس ڪنھن بھ ٺڳڻ جي ڪوشش ڪانھ ڪئي ھئي، ڪن اھڃاڻن ڪري کيس ٻاٻور پئجي وئي ھئي تھ فتح سندس ٿيڻي آھي. اھڙي ڳالھھ ان وقت بھ ٿي ھئي جڏھن کيس زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو فوجي ڪمانڊ سونپي وئي ھئي، ڇاڪاڻ ھي وڏن فوجي ڪمانڊرن وانگي ڪن قدرتي واقعن مان سٺي سوڻ کي سمجھي وٺندو ھو.

کيس 16 جنوري 1809ع تي اسپين ۾ سخت زخمي ڪري جنگي قيدي بڻايو ويو ھو. ھن 1843ع جي 16 جنوري تي سنڌ سرحد اڪري اچي ٽالپرن سان جنگ جوٽي ھئي. جڏھن ولي چانڊئي سندس لشڪر پٺيان اچي دمبالي تي حملو ڪيو تھ شھاب ثاقب وڏي روشني سان کڙيو ھو. ساڳي ريت 1845ع جي 16 جنوري تي سنڌ جي سرحد پار اڪري دشمن جي مقابلي لاءِ روانو ٿيو ھو. اڳي ولي چانڊيو سندس فوج جي دمبالي (پٺ يا rear) تي حملا ڪري رھيو ھو، پر ھاڻي اھو سندس فوج جي ھر اول دستي جي اڳواڻي ڪري رھيو ھو. ان وقت بھ شھاب ثاقب وڏي روشنيءَ آسمان تي کڙي پيو ھو. ان وقت سر چارلس جي زبان مان ھي لفظ نڪري ويا ھئا: ”اھڙيون شيون انسان جي دماغ تي ڪھڙو عجيب اثر ڇڏينديون آھن ۽ اھي ڄڻ تھ منھنجي چڱائي لاءِ ٿي رھيون آھن. اھڙيون ڳالھيون مون کي متاثر تھ ڪونھ ٿيون ڪن، پر انھن کي ٿورو ٿڪو اثر ضرور آھي. اھي ڪھاوتون بھ آھن. چڱو خدا جيئن چاھيندو تين ٿيندو. پوءِ اھڙيون نشانيون ظاھر ٿين يا نھ. اھو منھنجو منصبي فرض آھي، جنھن کي سرانجام ڪرڻ کپي. پوءِ ان جو نتيجو ڇا بھ ٿئي.“ ان وقت سندس احساس اھڙا ھئا ۽ سمجھي رھيو ھو تھ ھو اھو ڪم انصاف جي تقاضائن موجب ڪري رھيو آھي. اھڙي ريت ھن ڌاڙيلن خلاف جنگ جي ابتدا ڪئي ھئي.

باب نائون

ڪڇيءَ جي جابلو علائقن خلاف جنگي مھم

ڪڇيءَ واري جابلو علائقي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ رڻ پٽ واري پاسي ڪيئي گھٽ آھن، انھن ۾ پنج تھ اھڙا ھئا، جن وسيلي جنگي سرگرمين جي سولائيءَ سان ابتدا ڪرڻ ممڪن ھئي. اھي پنج ماڳ ڦلجي، تونگ، زرڪشتا، يا زورانس، گندوئي ۽ سيبري ھئا. اھي ماڳ انگريزي فوج جي بلڪل سامھون ۽ کاٻي کان ساڄي پاسي ھئا. تلر کان پرئين پاسي تونگ تونگ وارو لڪ ۽ زرڪشتا کان پرئين پاسي للي ۽ جمڪ نالي ٻھ لڪ موجود ھئا.

ھنن گھٽن جي بلڪل سامھون ھن رڻ پٽ جون پاڻيءَ واريون جايون آھن جيڪي پاڻ ۾ پور وڇوٽ تي آھن. چتر اولھھ پاسي آھي جتان کان ڦلجي ڏانھن وڃبو آھي. اچ گھڻو اوڀر پاسي واقع آھي جتان زرڪشتا ڏانھن وڃي سگھجي ٿو. شاھپور ھنن ٻنھي ماڳن جي وچ تي آھي. ھن ڳوٺ جي چوڌاري ڪوٽ ڏنل آھي، ھتان ڦلجي يا تلر تي حملو ڪري سگھجي ٿو.

روجھاڻ ۽ خانڳڙھھ جا ماڳ رڻ پٽ جي اولھين پاسي سان واقع آھن جتان سنڌ جي سرحد ويجھي آھي. ھنن ٻنھي ماڳن تي انگريزن جا فوجي گھوڙيسوار رستا رھندا آھن. ھنن چيڪ پوسٽن جا منھن ڦلجي، اچ ۽ خانڳڙھھ ڏانھن آھن. ھنن ماڳن جي وچ تي وسيع رڻ پٽ موجود آھي.

روجھاڻ جي پرئين پاسي لاڙڪاڻو جھل جا ماڳ آھن جتان کان فٽزجيرالڊ، جئڪن، چانڊيا ۽ مري ڦلجي تي اوچتو حملي ڪرڻ وارا آھن.

خانڳڙھھ جي پرئين پاسي شڪارپور ۽ سکر آھي جتان فوجي ھيڊڪوارٽر جي فوج ۽ علي مراد جي ماڻھن جابلو علائقن تي ڪاھيو آھي. ھن فوج سنڌ جي سرحد 16 جنوري کان اڳ پار تھ ڪئي ھئي. ھن جنگي مھم جي ابتدا 13 ريجمينٽ جي گھوڙيسوار دستن ڪئي ھئي. جنھن سان گڏ توبون بھ ھيون جنھن جي ڪمانڊ ھڪ فوجي جنرل ڪري رھيو ھو جيڪو سکر کان شڪارپور ڏانھن وڌي رھيو ھو جن جي وچ وارو فاصلو ڇوويھھ ميل آھي. ڪرنل گيڊبس تھ اڳ ۾ ئي توبن بيھارڻ جو ميدان تيار ڪرائي ڇڏيو ھو. مرمت ڪرڻ وارا ڪاريگر بھ ان ميدان ڀرسان رھايا ويا ھئا. ان جاءِ وٽان ھن قلعن کي کاٽ ھڻڻ ۽ قلعن ھيٺان سرنگھن ھڻڻ ۽ کوھن کوٽڻ وارن ڪاريگرن کي خانڳڙھھ ڏانھن روانو ڪيو ويو. ھنن سان گڏ بنگال ريجمينٽ جو عقلمند انجنيئر ليفٽيننٽ مئڪسويل موڪليو ويو ھو جيڪو ڏاڍو بھادر ڏک سور سھڻ وارو دماغي ۽ جسماني طور مضبوط ماڻھو ھو. پيادل فوج، توبخانو ۽ رسد گاھھ برگيڊيئر ھنٽر ۽ سمپسن جي ماتحت رکيو ويو ھو. کين ھدايتون ڏنيون ويون ھيون تھ مقرر مقت تي روانا ٿين. ٿوري وقت کا پوءِ سندن ڪڍ علي مراد لڳو اچي. ان کان سواءِ جئڪب، فٽزجيرالڊ، چانڊين ۽ مگسين کي چيو ويو ھو تھ 13 تاريخ تي پيش قدمي شروع ڪن ۽ ڦلجيءَ تي اوچتو وڃي ڪڙڪن اھڙيءَ ريت ساري فوج کي مقرر وقت تي اوچتي ۽ تڪڙي پيش قدمي جا حڪم مليل ھئا. کيس اھو بھ تاڪيد ڪيل ھو تھ کاٻي ۽ ساڄي پاسي واري فوج پنھنجي مقرر جاين مطابق اڳتي وڌي.

تيرھن ميلن جي پيش قدمي کان پوءِ جنرل سرچارلس پنھنجي ھر اول گھوڙيسوار دستن سان اچي 14 تاريخ تي جاغر پھتو ھو. ھن سان گڏ توبون بھ ھيون جن کي گھوڙا ڇڪي رھيا ھئا. ٻئي ڏينھن ھو سورھن ميل پنڌ ڪري اچي خانڳڙھھ پھتو ھو جئڪب بھ ساڳئي ڏينھن 15 تاريخ تي روجھاڻ ۾ اچي منزل ڪئي ھئي. جيڪو خانڳڙھھ کان چوڏھن ميل اولھھ پاسي ھو. ھن رڻ پٽ علائقي وچان ڏاڍي تيز رفتاريءَ سان پيشقدمي ڪئي ھئي. گھوڙا بھ ٿڪ ۽ اڃ ڪري بي ستا ٿي ويا ھئا. ڇاڪاڻ تھ اٺ سوار فوج کانئس اڳيان ھلي رھي ھئي. جنھن رڻ پٽ ۾ موجود کوھن جو پاڻي استعمال ڪري کپائي ڇڏيو ھو. ڪيترا گھوڙا تھ اڃ وگھي مري ويا ھئا.

سر چارلس خانڳڙھھ ۾ ھو جو جاسوس اچي کيس اطلاع ڏنو ھو تھ بجار خان ان خط تي اعتبار ڪري ھٿ ھٿ تي رکيو آرام سان ويٺو آھي جيڪو کيس ھڪ اوٺي کان ھٿ لڳي ويو ھو ۽ کيس انگريز حملي جو ڪو چنتو ئي ڪونھ آھي. نھ وري کيس انگريز فوج جي پيش قدمي جا ڪا خبر ھئي. ان وقت سندس فوج شاھپور ۾ ھئي جيڪو ڦلجيءَ کان پنجٽيھھ ميل پري ھو. جئڪب جي فوج جي گھوڙن سان پيش آيل واقعي جي ڄاڻ پئجي وئي ھئي، تنھن ڪري ڦلجيءَ تي اوچتي ڪڙڪڻ وارو منصوبو ڪامياب ٿي ڪونھ سگھيو. سر چارلس ھڪ ذھين فوجي ڪمانڊر ھو جنھن پنھنجي منصوبي کي ڏاڍي تيزي سان تعميل ڪري ورتو. جنھن لاءِ ھو لکي ٿو تھ ”جيڪڏھن ولي چانڊيو نيت جو سچو آھي تھ ھو ان رات ڦلجيءَ تي حملي ڪري ڏيندو. جيڪڏھن جئڪب جا گھوڙيسوار دستا صبح جو جو ڦلجي نھ ٿا پچھي سگھن تھ اھي شاھپور تي ڪاھي وڃن. ولي چانڊيو بھ ڦلجي ڀرسان منزل ڪيون ويٺو آھي. تنھن کي اڳتي شاھپور ڏانھن وڌڻ گھرجي. ائين ڪري ھو ھنن جابلو ماڻھن کي اوڀر ڏانھن ڊوڙائي ڇڏيندا. جن جو اولھھ وارن جابلو علائقن سان رابطو ڪٽي ويندو. ھن جنگي مھم جو پھريون اھم مقصد بھ اھو آھي. اچ بھ پاڻي وارو ٿاڪ آھي جيڪو شاھپور کان اوڀر ۾ ۽ سورھن ميل پري آھي. تنھن ڪري دشمن وڃي اچ وٽ منزل ڪندو. جئڪب کي شڪست ڏيڻ تائين اتي جھلجي پوندو. اھڙي ريت بجار ڦلجي مان نڪري ڪيڏانھن وڃڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ رستي ۾ پڪڙجي پوندو. ان وقت تائين ھيڊ ڪوارٽر واري فوج سورھن ميل پنڌ ڪري چڪي ھوندي. پر اچ تائين فاصلو چاليھھ ميل آھي ۽ وچ وارو علائقو وارياسو آھي. جيڪڏھن ان علائقي ۾ مينھن جون چار ڪڻيون وسيون تھ پير چارن جا نشان ئي گم ٿي ويندا ۽ پوءِ ڏاھن ماڻھن جون متيون بھ منجھي وينديون جا ملي ۽ وچ واري وارياسي مان تھ نظر اچي رھيو ھو تھ سارو پورھيو ئي پاڻيءَ ۾ وڃڻو ھو. پر ڪئپٽن سالٽر جي ماتحت خانڳڙھھ ۾ اريگيولر ھارس جي مستقل چوڪي ھئي. ان کان سواءِ ٻھ توبون ھيون جيڪي فقط جبلن ۾ ڪم اينديون آھن، جيڪي ليفٽيننٽ پلمين جي ماتحت ھيون. ھن ساريءَ فوج کي اچ تي حملي ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو ويو ھو. جڏھن تھ جئڪب کي شاھپور تي حملي ڪرڻ جا احڪام مليا ھئا. پر ڪئپٽن جي روانگي کان اڳ کيس جاسوسن ٻڌايو تھ ڪيترا قبائلي سردار اچ ۽ شاھپور ۾ موجود آھن ۽ ھنن ٻنھي شھرن تي انھن جو قبضو آھي. جڏھن اھا خبر جنرل وٽ پھتي تھ ھو بھ ڊڄي ويو ھو. ڇاڪاڻ تھ ھن ڪئپٽن سالٽر کي ڪڏھن آزمائي ڪونھ ڏٺو ھو تھ جنگي سرگرمين ۾ سندس ارادي جي قوت ڪيتري مضبوط آھي. تنھن ڪري کيس ھورا کورا ٿي پئي تھ متان کيس ڪو ھاڃو رسي. سندس خيال مطابق ھو پيش قدمي تھ ڪري چڪو ھوندو پر اچ جو فاصلو بھ گھڻو ھو. اھو بھ امڪان ھو تھ متان کانئس رستو وڃائجي وڃي. ھن سان رھبر طور ٻھ ڪھيري سردار موجود آھن، پر انھن ڪھيري سردارن جي عقلمنديءَ تي کيس ڪو ويساھھ ڪونھ ھو. تنھن ڪري ھو 6 اريگيولر ھارس جا ٻھ سؤ گھوڙيسوار ۽ ٻھ توبون ساڻ ڪري روانو ٿيو. ھي فوجي حصو ڪئپٽن موواٽ جي ماتحت ھو. ھن فوج جا سر چارلس جي بھادري کي ڏسي حوصلا وڌي ويا ھئا. فاصلو تھ چاليھھ ميل ھو پر پنڌ واريءَ جو ھو. پوءِ بھ اھو پنڌ چوويھن ڪلاڪن ۾ پورو ڪيو ويو ھو.

18 تاريخ جو، سج لھڻ ڌاران ھي فوجي قافلو اچ جي ويجھو وڃي پھتو ھو. جنرل سر چارلس ڇھويھھ ڪلاڪ مسلسل گھوڙي سواري ڪئي ھئي. تنھن ڪري ڏاڍو ٿڪجي پيو ۽ کيس گھوڙي جي ھني تي ويٺي ۽ سفر ڪندي ننڊ اچي وئي ھئي. جڏھن سڀ کان اڳ ۾ ھلندڙ گھوڙي سوار پيش قدمي ڪندي اوچتو بيھي رھيا تھ کيس سجاڳي ٿي وئي. ان وقت روشني نظر اچي رھي ھئي جنھن مان معلوم ٿي رھيو ھو تھ دشمن گھڻو پري ڪونھ آھي. ساري پنڌ دوران ڪئپٽن سالٽر جي رندن جو ڪو نشان بھ ڪونھ مليو ھو. تنھن ڪري ھن سوچيو تھ رات اتي منزل ڪري، صبح جو سويل تيز رفتاريءَ سان ھلي مٿن اوچتو حملو ڪجي، جيڪي سندس خيال موجب دشمن ھئا. کيس رستي ۾ گھوڙيسواريءَ دوران ٿوري گھل اچي وئي ھئي. ان دوران فوج جو ھڪ ڪالم ۽ توبون پنھنجو رستو وڃائي ڪيڏانھن گم ٿي ويون ھيون، ھن سان فقط پنجاھھ گھوڙيسوار ھئا جن جا گھوڙا ٿڪل ھئا ۽ خطرنڪا دشمن ھن اکين آڏو بيٺو ھو.

باک ڦٽيءَ جو ڪئپٽن مئڪمرڊو وڏي پٽ چڙھي ھيڏي ھوڏي ڏسي جھٽ موٽي اچي اطلاع ڏنو تھ ڀٽ جي پرئين پاسي ميدان ۾ بندوقن جي فائرنگ ھلي رھي آھي. اھا خبر ٻڌي جنرل چارلس پريشان ٿي ويو. ڇاڪاڻ تھ ھن سان گڏ ڏيھي گھوڙيسوار فوج ھئي، جنھن تي ھن جو ڪو ويساھھ ڪونھ ھو تھ ھن نازڪ موقعي تي سندن ڪردار ڇا ھوندو. تنھن ڪري ھن حڪم ڪيو ھو تھ ھن ڀٽ کان ايترو پري ھٽي منزل ڪجي جو توڙيدار بندوقن جون گوليون پھچي نھ سگھن. ان کان پوءِ ھر ڪو ڪنھن اڻ وڻندڙ واقعي جي انتظار ۾ اکيون ڦاڙي ويٺو رھيو. ان وقت اوچتو توبون ۽ گھوڙيسوار دستا ظاھر ٿيا جيڪي پنھنجو رستو وڃائي ڪيڏاھن گم ٿي ويا ھئا ۽ ان وقت اھي پٺئين پاسي واري ڀٽ تان ھيٺ لھي رھيا ھئا. اھا جنرل لاءِ ھڪ ازغيبي مدد ھئي. ان ڪري پيش قدمي ڪرڻ لاءِ سندس حوصلا بلند ٿي ويا ھئا. بعد ۾ ھن انھيءَ جاءِ ڏانھن پنھنجا جاسوس موڪليا، ڪئپٽن مئڪمرڊو جي بيان مطابق جتان بندوقن جي فائرنگ جا آواز اچي رھيا ھئا. ھنن جاسوسن اچي جنرل کي خوشخبري ٻڌائي تھ اسان جي آڏو دشمن نھ، پر ڪئپٽن سالٽر منزل ڪيون ويٺو آھي. ھن، رات ست سؤ جابلو ماڻھن تي حملو ڪري کين شڪست ڏئي ڇڏي آھي. بندوقن جا مذڪوره آواز بھ انھيءَ فوج جا ھئا. انھيءَ مقصد سان تھ متان ڪي ماڻھو مال غنيمت کڻي ھليا وڃن. ڌاڙيلن جي ٽولي جي اڳواڻي دريا خان جکراڻي ڪري رھيو ھو. ھن جو مورچو نھايت مضبوط ھو. جنھن جي ٽن پاسن کان جبل ھو ۽ چوٿين کليل پاسي کان ھن سخت مقابلو ڪيو ھو. پھريائين تھ اونداھي ڪري کيس اھو پتو ڪونھ ھو تھ دشمن فوج جو رخ ڪھڙي پاسي آھي ۽ دشمن جي فوج اندر ڌوڪي ڪاھي پوڻ بدران ان جي سامھون اچي ويو، پر جڏھن کيس جنگي صورتحال جو صحيح پتو پيو تھ مٿن ڪڙڪي پيو. انگريز گھوڙيسوارن جي سخت حملي ڪري دشمن منتشر ٿي ويو ۽ پٺيان لاشن جا ڍير ڇڏي ويو. ڪيترن کي جنگي قيدي بڻايو ويو آھي ۽ چوپائي مال جا ٽي ھزار جانور بھ ھٿ لڳي ويا آھن. اھو چوپايو مال اڃا بھ ٻيڻ تي ھٿ ڪري سگھجي ھا، پر فوجي ۽ گھوڙا ٿڪجي پيا ھئا ۽ چوپايو مال بھ ڀروارين ٽڪرين جي چوٽين تي ويٺو ھو.

جڏھن ٻيءَ منزل تي فوجي ڪئمپ قائم ڪئي وئي تھ ڌاڙيلن جي خطري ڪري سر چارلس حڪم ڪيو ھو تھ فوجي مقرر ايراضي کان ٻاھر نھ وڃي پر عام طور تي ڏٺو ويو آھي تھ ماڻھو خطرن ھوندي بھ پنھنجي شخصي بچاءَ ڏانھن ڌيان ڪونھ ڌريندا آھن. اھڙن لاپرواھھ ماڻھن ۾ انگريزن جي فوج ۽ عملدارن کي بھ ڳڻي سگھجي ٿو. سندس ڀائٽيو جان نيپيئر، سندس ناٺي ڪئپٽن ممڪمرڊو ۽ سندس ائڊ ڊي ڪئمپ ليفٽيننٽ بائگ ڪن جابلو ماڻھن کي ڏٺو جيڪي جبلن جي چوٽين تي گڏ ٿي رھيا ھئا. جن جو مقصد پري بيٺل چوپائي مال کي ڏسڻ وائسڻ ھو. تنھن ڪري ھي ٽئي ڄڻا اڳتي اچي وٽن پھتا. ويجھي اچڻ تي کين شڪ ٿيو تھ متان اھي ڌاڙيل اوچتو حملو ڪن، تنھن ڪري بائينگ ڪنھن گوڙيسوار فوجي دستي کي وٺي اچڻ لاءِ پوئتي ويو. باقي ٻھ ڄڻا اتي بيٺا رھيا. جن جي سردار کي انھن جي کڙڪ پئجي وئي جيڪو قد جي ھڪ لاٺيري گھوڙي تي سوار ھو. کيس ھڪ ٽوڙيدار بندوق ۽ ٻھ تلوارون ھيون. معلوم ٿي رھيو ھو تھ ھو ڏاڍو بھادر ھو، جو انگريزي فوجي ڪئمپ جي ڀرسان گھمي ڦري رھيو ھو ۽ تازيءَ شڪست کان پوءِ بھ ھن کي اھڙا ھٿيار ھئا.

مئڪمرڊو ھٿ ۾ تلوار جھلي مٿس ڌوڪي ڪاھي ويو. ڪڏھن جھيڙي دوران گول ڦري رھيا ھئا. ڪڏھن ھڪ ٻئي جي بلڪل ويجھو اچي رھيا ھئا ۽ ھڪ ٻئي جي ڌڪ کان گسائي رھيا ھئا. ان جھيڙي دوران ٻيو تھ ڪجھھ بھ ڪونھ ٿيو، پر گھوڙي گھائجي پئي ھئي. نيپيئر ھڪ بھادر انسان جيان ٻنھي کي وڙھندي تڪي ۽ تاڙي رھيو ھو ۽ جھيڙي ۾ گھڙي پوڻ لاءِ تيار ٿي رھيو ھو ان وقت مئڪمرڊو رڙ ڪري نيپيئر کي چيو تھ ھن گھوڙي تي سٺ ميل سفر ڪري نھ رڳو مان ٿڪجي پيو آھيان پر گھوڙو بھ ھڦجي پيو آھي. تنھن ڪري اچ ۽ ھن سان مقابلو ڪر. جان نيپيئر سنھڙو سيپڪڙو جوان ھو، پر سچو انگريز ھو سو بھ دشمن تي وھي پيو. پوءِ ٽنھي ڄڻن ۾ ويڙھھ شروع ٿي وئي. ٿوري دير کان پوءِ بلوچ ڀڄڻ بھ لڳو ۽ وڙھڻ بھ لڳو. ٿورو اڳتي ھلي ھن گھوڙيءَ جي ھني تي ويٺي ڪنڌ ورائي توڙيدار بندوق جو فائر ڪيو. ٻنھي جي وچ گھوڙي جي ڊيگھھ جي ماپ جيتري وٿي ھئي، پر گولي گسي وئي. اھو ڏسي نيپيئر پسٽول جي گولي ڇوڙي. مئڪمرڊو جڏھن دشمن سان مقابلو ڪندو آھي تھ کيس ڪو ھوش ڪونھ رھندو آھي ۽ سمجھو ويو تھ اھو فائر توڙيدار بندوق مان ٿيو، تنھن ڪري ھو سٽ ڏئي نيپئر کان پستول کسي بلوچ تي فائر ڪرڻ لڳو، جنھن تي جان نيپئر کيس رڙ ڪري چيو تھ ھن کي نھ مار، پر ھن انھيءَ بھادر بلوچ تي ان وقت فائر ڪيو، جڏھن ھو حملي لاءِ ٻيءَ کي ڇوڙي رھيو ھو. ان کانپوءِ ھڪ بي مثال بھادري جو مثال  نظر آيو. مئڪمرڊو ۽ جان نيپئر گھوڙن تان لھي پيا ۽ دشمن جي جسم مان وھندڙ رت کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. جنھن شڪست قبول ڪانھ ڪئي ھئي. ھن دشمنن کي مارڻ لاءِ تلوار جي مٺئي ۾ مضبوطيءَ سان ھٿ وجھي سٽ ڏني. پر ھو ائين ڪري نھ سگھيو ۽ مري ويو.

فوجي ڪئمپ مان بھ مدد اچي پھتي ھئي. ڇاڪاڻ تھ ٻھ فوجي عملدار خطري ۾ ھئا، جيڪي مئل ماڻھوءَ جي دوستن ڀرسان بيٺا ھئا. بھادر بلوچ مري تھ ويو ھو پر پوءِ بھ سندس لاش ڏسڻ وٽان ھو. ڇا تھ جوان ھو. خود جنرل چارلس بھ سندس لاش ڏسڻ جي خواھش ڏيکاري ھئي ۽ ھن فوج جي وڏي عھدي تي ھوندي بھ اچي سندس لاش ڏٺو ھو. بلوچ جي اھڙي قتل مان ھن سمجھيو تھ اھو سٺو سوڻ آھي. پر آخر ۾ ھن ويڙھھ تي ناراضگي جو اظھار ڪيو ھو ڇاڪاڻ تھ اھو قتل فوجي، عقل دانشمنديءَ ۽ انصاف جي اصولن جي خلاف ھو. سندس خيال ھو تھ جنگ دوران فتح خاطر بھ اھڙو قتل ضروري ڪونھ ھوندو آھي. ھن سان گڏ ھڪ ٻيو دک دار واقعو بھ ٿي گذريو ھو. ھن جنرل 6 اريگيولر گھوڙيسوار فوج جو ھڪ ڏيھي عملدار گھايل ڏٺو جنھن جو نالو عظيم بيگ ھو. جيڪو زمين تي ليٽيو پيو ھو. کيس زخم اھڙا تھ گھائو ھئا جو جيئري رھڻ جو آسرو ڪونھ ھو. ھن زخميءَ کي ڏسي جنرل سر چارلس گھوڙي تان لھي پيو ۽ ساڻس ھمدردي ڪرڻ ۽ کيس آٿت ڏيڻ لڳو.

تنھن تي مرندڙ بھادر انسان جنرل کي وراڻيو تھ ”مان خوش آھيان. مون کي ڪنھن بھ قسم جو سور ڪونھ آھي. مان پنھنجو فرض پورو ڪيو آھي. مان فوجي سپاھي آھيان. جيڪڏھن مقرر منھنجي زندگي جي تقاضا ڪري ٿو تھ منھنجو ھن کان بھتر ٻيو موت ٿي ڪونھ ٿو سگھي. توھان مون وٽ لڙي آيا آھيو، اھا منھنجي وڏي عزت آھي.“ ائين چئي ھن دم ڏنو. ھن ڏکوئيندڙ واقعي کي جنرل چارلس پنھنجي ڊائري ۾ لکيو آھي تھ ھي اھڙيون شيون آھن جيڪي فوج جي ڪمانڊر جي دل کي لوڏي ۽ ڌوڏي ٿيون ڇڏن. ھن لارڊ ھووڪ ۽ سندس ساٿين جو حوالو ڏيندي ڊائري ۾ لکپو آھي تھ ھنن ماڻھن منھنجي خلاف ھائوس آف ڪامنس ۾ زھر اوڳاڇيو ھو. جنھن جي جواب ۾ جنرل پنھنجي ڊائري ۾ لکيو آھي تھ، ”اھي ماڻھو لعنت جا حقدار آھن جن ھائوس آف ڪامنس ۾ چيو آھي تھ مان جنگ شروع ڪرڻ ۾ جنوني آھيان.“ اھڙا ڪنھن ٻئي تي ملامت ڪري ڪونھ ٿا سگھن. انھن ماڻھن جي لڳايل تھمتن کي ٻڌندڙ ماڻھن ابتدا ۾ نفرت آميز لھجي بلڪل رد ڪري ڇڏيو آھي. ڏپھري تائين فوجي ڪئمپ جا تنبو کپي چڪا ھئا. ان وقت ھڪ گھوڙيسوار جئڪب وٽان پيغام کڻي آيو تھ ھن بھ جابلو ڌاڙيلن تي اوچتو وڃي حملو ڪيو جيڪي بجار خان جي پٽ وزير خان جي ماتحت وڙھي رھيا ھئا. اھا ڳالھھ ٻڌي ھو ھڪدم شاھپور روانو ٿيو، توڙي جو ھو ڏاڍو ٿڪل ھو. ھن اتي وڃي ڏٺو تھ ھتي بھ دشمن ائين آرامي آھي، جيئن اچ ۾ بي گوندرو ٿيو ويٺو ھو جيڪو قلات جي خان ڏانھن لکيل خط تي اعتبار ڪري بي ڦلڪو ٿيو ويٺو ۽ سندس جون بھ ننڊ ۾ ھئي. پھريائين تھ ھن سمجھيو ھو تھ رات جو حملو ڪندڙ چانڊيا مگسي قبيلا آھن ۽ اھو سمجھي کين ڏاڍو مھاڏو ڏنائين. پر پوءِ جنگ جي طريقي مان سمجھي ويا ھئا تھ ھنن مذڪوره خط تي اعتبار ڪري وڏي غلطي ڪئي آھي. پوءِ ھنن ور کنجي وٺي گوڏن تي زور رکيو. اھو حال ڏسي جئڪب مغل گھوڙيساورن کي کڻي سندن ڪڍ لاتو. پر جنھن ماڻھوءَ ھٿيار ڦٽا ڪيا ۽ پيش پيو تنھن جو وار بھ ونگو ڪونھ ٿيو. ھنن مغل گھوڙيسوارن تيز رفتاري سان وڃي ھڪ گھر تي حملو ڪيو، جنھن جي بچاءَ لاءِ سٺ ڌاڙيل پھرو ڏئي رھيا ھئا. انھن ڇھن ماڻھن جي قتل ٿي وڃڻ کان پوءِ ھنن ھٿيار ڦٽا ڪيا. ان کانپوءِ گھر جو دروازو ڀڃي کوليو ويو ھو ۽ اھو انتظام جو ھڪ بھترين نمونو ھو.

سنڌ جي ھن جنگ ۾ ٻھ سردار ۽ سندس اسي ماڻھو گرفتار ڪيا ويا ھئا. ھن وقت تائين مقابلن ۾ ٻنھي طرفن کان ماڻھو ماريا ويا ھئا. جڏھن ٻين ٻن حملن ۾ ڇھھ سردار ۽ ھڪ سو ماڻھو ماريا ۽ ڦٽيا ويا ھئا. جڏھن تھ انگريز جي فوج جي فقط ارڙھن ماڻھن زندگيون وڃايون ھيون. اھي بھ اطلاع آھن تھ جيستائين اوچ تي حملو ٿي رھيو ھو، تيستائين ڌاڙيل پڪ سمجھي رھيا ھئا تھ انھن کي ڪجھھ بھ ڪونھ ٿيندو. پر جڏھن سالٽر جي توبخاني جي گولن ڇٽڻ جو آواز سندن ڪنن تي پيو تھ رڙ ڪري چيو ھئائون تھ ”انھيءَ جنگ ۾ تھ شيطان جو ڀاءُ خود پاڻ موجود آھي.“ ائين چئي وٺي گوڏن تي زور رکيائون. معلوم ائين ٿي رھيو ھو تھ سر چارلس نيپئر جو ھنن ڌاڙيلن مٿان خوف ويھي ويو ھو. اھڙي ريت سوچيل سمجھيل منصوبي ۽ ان کان پوءِ وقت سر ڪيل ان ۾ تبديليءَ ھن رڻ پٽ ۾ جنگي مھم کي ڪاميابي سان ھمڪنار ڪري ڇڏيو ھو. اڳئين منصوبي ۾ تڪڙي تبديلي ڪري وڏيءَ طاقت سان حملو ڪيو ويو ھو. فوج بھ ان تي سختيءَ سان عمل ڪيو ھو. ھن فوج جي طاقت جي جديد ۽ قديم دور نھايت بھادر ۽ دلير فوج جي قوت سان مشابھت ڪري سگھجي ٿي. ڇاڪاڻ تھ جنرل چارلس سان گڏ پيش قدمي ڪندڙ فوج ڇاونجاھھ ميل مسلسل سفر ڪيو ھو. جڏھن تھ جئڪب سان گڏ واري فوج ڇاونجاھھ ۽ سالٽر سان ھلندڙ فوج واريءَ وچان چاليھھ ميل لڳاتار سفر ڪري منزل ڪئي ھئي. ان سان گڏ جئڪب جي گھوڙيسوار فوج جي پٺيان پيادل پوليس بھ ان رڻ پٽ وچان چاليھھ ميل لڳاتار سفر ڪيو ھو، جنھن جو ڪمانڊر ليفٽيننٽ سمال بيچ ھو. جنھن وقت ھي بھادر فوج مذڪوره رڻ پٽ وچان سفر ڪري رھي ھئي تھ ھن فوج جي ڪمانڊر جنرل چارلس ٽيھھ ڪلاڪ مسلسل گھوڙي جي ھني تي ويھي سفر ڪيو ھو. جڏھن تھ ھن خشڪيءَ جو ٻاھتر ميل سفر ڪيو ھو. پويان سورھن ميل تھ ھو وارري جي سخت طوفان وچان گذريو ھو. جنھن ماڻھن ۽ گھوڙن کي ٿڪائي ماري وڌو ھو. ھو ترسيو وڃي شاھپور وٽ ھو، جتي ويھي ھن لکپڙھھ بھ ڪئي ۽ توبخاني ۽ پيادل فوج ڏانھن احڪام بھ جاري ڪيا ھئا تھ اھي ھڪ جڳھھ تي منزل ڪن. ڇاڪاڻ انھن ٻنھي کي ھن سان گڏجي ڪم ڪرڻو ھو. ھن قسم ڪم اڪلائي جنرل پوءِ آرام ڪيو ھو.

اھا ٽيڻي ڪاميابي ھئي ڇاڪاڻ تھ سچار ۽ بھادر چانڊين ڦلجي تي قبضو ڪري ورتو ھو. ان کان پوءِ جنگي سرگرمين جي منصوبي ۾ تبديلي آندي وئي ھئي. دشمن بھ پنھنجي مرضيءَ سان اڳتي وڌي وڃي اوڀر واري جابلو علائقي ۾ پاڻ کي مضبوط ڪيو ھو. پھريون منصوبو ھو تھ اڳ ۾ ڦلجي تي قبضو ڪيو ويندو ۽ لشڪر جي کاٻي پاسي کان مري بلوچ اڳتي وڌندا. بعد ۾ ان منصوبي کي ڇڏيو ويو ھو. پر نئين منصوبي ۾ بھ اھا ڳالھھ شامل ڪئي وئي ھئي تھ ڌاڙيلن جو الھندي جابلو علائقي سان رابطو ڪٽيو ويندو ۽ کين ڊگھن گھارن کان بھ مٿي ڌڪيو ويندو، پر ڌاڙيل پاڻ ئي نڪري اوڀر واري جابلو علائقي ڏانھن ھليا ويا ھئا ۽ گھارن واريءَ جوءِ کان بھ نڪري ويا ھئا. تنھن منصوبي ۾ بيان ڪيل ڳالھيون پاڻ ھرتيون ٿي ويون ھيون ۽ وڌيڪ سولائي ٿي وئي ھئي. تنھن ڪري سالٽر کي اچ ۾ رھڻو پيو ھو. جئڪب جي ڪجھھ گھوڙيسوار فوج ڦلجي ۾ ۽ ڪجھھ لھڙي ۾ رھائي وئي ھئي. کيس چيو ويو و تھ ھو چانڊين سان گڏجي انھن ماڳن تي قبضو ڪري انھيءَ مقصد سان تھ جيئن قلات جي قبائلي سردارن کي ڌمڪائي سگھجي. اھڙي ريت پيادل فوج، توبخانو ۽ رسدگاھھ کي شاھپور ڏانھن اچڻ جو چيو ويو ھو جتي چوڏھن ڏينھن جي کپت جي پورائي لاءِ، جنگي سامان گڏ ڪري رکيو ويو ھو. جيڪڏھن بجار خان ۽ سندس اتحادي بلوچ سردارن سان خط واري ٺڳي نھ ڪئي وڃي ھا تھ فوجي سرگرميون وڌيڪ اينگھجي وڃن ھا ۽ فوجي سامان بھ ٻيڻ تي خرچ ٿي وڃي ھا.

جئڪب جي گھوڙيسوار فوج ۽ چانڊڪن کي جبلن جي پرئين پاسي مرين وارري علائقي ڏانھن موڪليو ويو ھو. اھڙيءَ طرح انگريز فوج ھڪ ھمچورس دائري جا ٻھ پاسا والاري ورتا ھئا. جن مان ھڪ پاسو تھ رڻ پٽ ڏکڻ ۾ ھو. جنھن ڪري ان طرف وارن جابلو گھٽن تي انگريز فوج جا جٿا قبضو ڪري ويھي رھيا ھئا. جڏھن تھ ٻيو گھارن وارو اولاھيون پاسو ھو. اھي گھارا ڊگھا ۽ پور وڇوٽ تي ھئا جن انھن ٽڪرين کي ڊگھائي پاسي کان جدا ڪري ڇڏيو ھو، جيڪي ھلنديون اچي سنڌو درياھھ وٽ پچن ٿيون.

جيڪڏھن ڦلجيءَ وٽان بيھي اوڀر ڏسبو تھ اھي گھارا ھن ريت ڏسڻ ۾ ايندا: ”ساڄي ھٿ واري پاسي تي تونگ نالي ھڪ گھارو آھي،جيڪو اوڀر ڏانھن ھلندو ٿو وڃي ۽ اڳتي ھلي مزاري قبيلي جي جابلو علائقي واريءَ جوءِ ۾ ختم ٿي وڃي ٿو، جيڪو سنڌوءَ جي ڪٺار سان واقع آھي. ھن گھاري ۾ زورانس، گونڊئي ۽ سيبري وٽان داخل ٿي سگھجي ٿو. جتان ھن گھاري ۾ گھڙڻ لاءِ سامھون واري پاسي وٽ بھ گھاٽ آھي، جنھن جي پاسي ھڪ اڀڪپري ٽڪري ھلندي وڃي ٿي.

تونگ وارري گھاري سان گڏ الياسي ندي وارو گھارو آھي جيڪو تياگا نالي واري گھاري سان پور وڇوٽ تي ھلندو وڃي ٿو. ھن جي وچ واري حصي تومب جي وادي سڏيو ويندو آھي. ھن کان پري ۽ اوڀر پاسي ديرا جي وادي آھي. تيگا جي ھن کاريءَ ۾ ھڪ سوڙھو گھٽ آھي، جنھن وسيلي سنگسيلا نئئنءِ جو پاڻي اچي ھن ۾ ڇوڙ ڪندو آھي. جيڪا اوڀر اتر پاسي کان وھي ايندي آھي.جڏھن تھ تيگا گھاري جو وھڪرو الھندي طرف وھندو آھي. جيڪو ھڪ مستقل آبي وھڪرو آھي. ليڪن ديرا وٽ ان جي ويڪرائي ھڪ گز مس ٿيندي، نھ تھ ٻيو سارو علائقو خشڪ ۽ ويران لڳو پيو آھي.

ھنن سڀني گھارن کان اتر طرف ھڪ جابلو سلسلو آھي، جيڪو مرين کي ٻين قبيلين کان ڌار ڪري ڇڏيندو آھي. پر ان ۾ سرتوف ۽ نفوسڪ نالي ٻھ لڪ آھن. ھن رڻ پٽ ۽ خشڪ علائقي جي پرئين پاسي جي سامھون ننڍيون اڀڪپريون جابلو چوٽيون آھن جيڪي پڻ ھن رڻ پٽ علائقي جيان ويران ۽ بُٺ آھن.

ھتي انگريز جنرل ڏاڍي بي صبريءَ سان پيادل فوج جو انتظار ڪري رھيو ھو. سندس توبون ۽ فوجي سامان جي ترتيب مان پتو پئجي چڪو ھو تھ 18 جنوري تي سندس پيش قدمي جو رخ ڪھڙي طرف آھي.

”سڀاڻي گھوڙيسوار فوج سڀئي جابلو لڪ ۽ لانگھا جھلي بيھي ويندي. توقع آھي تھ بجار خان جابلو سلسلي جي ان پاسي آھي. انھيءَ جون جابلو ٽڪريون ننڍيون آھن. بجار خان نظر تھ ڪونھ ٿو اچي. پر موجود انھيءَ علائقي ۾ آھي. اتر پاسي ھڪ اتاھو جابلو سلسلو آھي. مان پنھنجي رھبر يارو کوسي کان پڇيو آھي تھ جنھن ٻڌايو آھي تھ تلي وٽ پاڻي تمام گھڻو آھي. جڏھن ان جي پيٽ ۾ تونگ وٽ گھٽ آھي. پر زورانس وٽ ھ پاڻي نھ رڳو گھڻو آھي پر تمام سٺو بھ آھي. مان سمجھان ٿو تھ تلر ۽ زرانس پاڻي گھڻو ڪونھ ھوندو.

تونگ وٽ تھ پاڻي گھٽ بھ ھوندو تھ گندو بھ ھوندو. تنھن ڪري مان سمجھان ٿو تھ يارو کوسو بجار جو ماڻھو آھي. اھو بھ سمجھان ٿو تھ بجار خان تونگ وٽ موجود آھي. ليڪن مان ۽ ياروءَ ھن ڳالھھ تي اتفاق ڪيو آھي تھ اسان تونگ ڏانھن ڪونھن وينداسون.“

يارو کوسو ٻٽو ڪردار ادا ڪري رھيو ھو. ساڌن سان بھ سچو تھ پئنچن سان بھ پورو. ان کان پوءِ جئڪب کي چيو ويو ھو تھ ھو گھوڙيسوار فوج کي انھن نئين جي منھن وٽ وڃي بيھاري جيڪي لھڙي ۾ ڦلجي ڏانھن وھنديون آھن. جيڪو ڇھھ سو گھوڙيسوارن ۽ ٻن توبن کي ساڻ ڪري اوڏانھن روانو ٿي ويو. جڏھن تھ احمد خان مگسي کي تومب گھاري جي تيگا نئھ وٽ بيھڻ لاءِ موڪليو ويو. ولي چانڊئي کي تونگ موڪليو ويو ھو. جنرل چارلس مطابق چانڊيا صورتحال کي جلدي ۾ سمجھي ويندا ھئا. جڏھن تھ جنرل پاڻ اچ کان ٿيندو زورانس لڪ ڏانھن وڃڻ جو فيصلو ڪري ورتو ھو. ھن علي مراد کي گنڊئي وٽ بيھڻ جو چيو. کيس ان وقت تائين اتي بيھڻ جو چيو ويو ھو جيستائين دشمن اتر ڏانھن ڀڄي نڪري وڃي. سندس ھن قسم جي بندوبست مان نظر ائين اچي رھيو ھو تھ ھو الھندي پاسي وارن جبلن جي لڪن کي وڌيڪ محفوظ بڻائي رھيو ھو. ان سان گڏ رڻ وٽ واري علائقي جي ڏکڻ پاسي وارن گھٽن ۽ گذرگاھن کي پڻ مضبوط ڪري رھيو ھو. انھيءَ وقت چانڊين ۽ مگسين چپو چپو ڪري ٻھ گھارا جاچي ورتا ھئا ۽ جابلو ماڻھن جي امڪاني موجودگي کي ڏسي ورتو ھئائون. جنرل جي مرضي ھئي تھ پاڻي جي جاين تي قبضو ڪري، ھنن ماڻھن کان چوپايو مال ڦري کين گذر سفر کان محتاج ۽ لاچار ڪري سگھجي ٿو. ھن جنرل چانڊين ۽ مگسين کي ايترو پري ۽ اڪيلو موڪلي ڪنھن بھ قسم جو خطرو محسوس ڪونھ ڪيو ھو. ڇاڪاڻ تھ ھي ٻئي قبيلا ڌاڙيل قبيلن مٿان اوچتو وڃي ڪڙڪيا ھئا. تنھن ڪري ھنن جي وڃڻ ڪري ڌاڙيل قبيلا سمجھي ويندا تھ انگريزي فوج انھن جي پويان اچي ويھي رھي آھي، پر غلطيءَ يا لاپرواھيءَ ڪري پيادل فوج، توبخانو ۽ رسدگاھھ مقرر وقت تي مٿي وڃي ڪونھ سگھيو ھو. ڇاڪاڻ تھ انھن جابلو علائقن ۾ پيادل فوج کان سواءِ ڪجھھ بھ ڪري ڪونھ سگھبو آھي. تاريخ 20 جنوري تي قيدين سان گھر ڀاتين کي ملڻ ۽ انھن سان گڏجي ھلڻ جي موڪل ملي وئي ھئي ۽ انسانذات جي ناتي ھنن لاءِ اھڙو کليءَ دل سان بندوبست ڪيو ويو ھو. ان کان پوءِ جنرل اچ ڏانھن پيش قدمي ڪرڻ شروع ڪئي. سندس خواھش ھئي تھ ڏکڻ واري محاذ جي لڪ تي بنا ڪنھن دير جي فوج ويھاري وڃي. ھن جنگي مھم ۾ بنا دير جي اھڙو ڪم ڪري، ھڪ سياڻي ۽ سچيت فوجي ڪمانڊر ھئڻ جو ثبوت ڏنو ھو. ھن علائقن جا نقشا بھ ڪونھ ھئا. علائقو بھ ڏاڍو پيچيده ۽ خشڪ ۽ ويران ھو. فوجي پيش قدمي بھ پاڻي جي لپي پوڻ ڪري ھلي رھي ھئي. جاسوس ۽ رھبر بھ بيجار خان کان ڇرڪي رھيا ھئا، جيڪي دراصل ان جا ماڻھو ھئا. ھر نئون ڏينھن نئون ڏچو بڻجي ڏائڻ وانگي ڏند ڪرٽي رھيو ھو. ڪونھ ڪو جاسوس ڏھاڙي نئون اطلاع ڏيندو ھو. تنھن ڪري فوجي سرگرمين جي منصوبن ۾ نيون تبديليون ٿي رھيون ھيون. ان ڪري مشڪلاتون ۽ مايوسيون پيدا ٿي ويون ھيون. اھڙو اشارو مٿي بھ ڪيو ويو آھي. اسان ڌاڙيلن کي مجبور ڪري سندن ئي خاندانن ڀرسان جنگ ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري رھيا ھئاسون. اھڙي طرح اسان کين موقعو ڏئي رھيا ھئاسون تھ جڏھن سمجھن تھ سندن ھار يقيني آھي تھ پنھنجي عورتن ۽ ننڍن ٻارن کي ڪھي پوءِ سر ترين تي رکي چريا ٿي جنگ وڙھن. اھڙي ظلم کان سر چارلس بھ ڏاڍو ڊڄي رھيو ھو. ھو 20 ۽ 22 تاريخ جي وچ واري وقت ۾ ٻھ ڀيرا بجار خان کي قتل ڪرڻ واري ڳالھھ تان ھٽي ويو ھو. اھو سندس انسان دوستيءَ جو ثبوت ھو. توڙي جو بجار خان انگريز سرڪار جي ملڪي حدن مان بھ گذريو ھو. ڇاڪاڻ تھ ان وقت ھن سان گڏ پنھنجا ٻار ٻچا، سندس پٽ جي زال ۽ ننڍڙا ٻارڙا ۽ ٻين قبائلي سردارن جا گھر ڀاتي ساڻ ھئا.

اچ وٽ کين جاسوسن ٻڌايو تھ تونگ وارو علائقو ڏاڍو شاندار ۽ وسيع آھي، جنھن جي چوڌاري اھڙا اوچا جبل، جيڪي ٻاھرئين پاسي کان اڀڪپرا ۽ اندرئين پاسي کان لھنوارا آھن. جن تي اندرئي پاسي کان سولائيءَ سان چڙھي سگھجي ٿو. ڊومڪي بھ ھن علائقي ۾ اچي پيش پيا ھئا. انھيءَ جابلو سلسلو ۾ ھڪ رستو آھي جنھن وچان مٺي پاڻيءَ جي ڪاريز وھندي آھي، جيڪا اتاھن جبلن کان وھي ھيٺ ايندي آھي. ھتان جي ماڻھن انھيءَ جبل وچان ھڪ سرنگھھ ٺاھي ڇڏي آھي، جيڪا کين ان ڪاريز جي رستي وسيلي تونگ واريءَ جوءِ ۾ پھچڻ لاءِ چوڏھن ميلن جي وڏي وڪڙ کان بچائي وجھندي آھي. اھڙي ريت حملھ آورن جي پٺيان ھڪ وسيع رڻ پٽ ھوندو آھي، تنھن ڪري اڃ کان تنگ ٿي پوئتي وارڻ جي ڪوشش ڪندا آھن. پر ھن انگريز جنرل کي بيشمار کليون ملي ويون ھيون ۽ کوھن کوٽڻ وارا ڪاريگر بھ ھن سان گڏ ھئا جيڪي ھن خاص اھڙن موقعن لاءِ ساڻ کنيا ھئا. ھن سوچيو تھ ڇو نھ اھا سرنگھھ بند ڪري مزاحمت ڪرڻ وارن کي ماري ختم ڪري ڇڏجي. انھيءَ وقت ولي چانڊئي تونگ تائين ٻاھريون علائقو فتح ڪري ورتو ھو. ان سواءِ ھن بگٽين جو وڏو تعداد قتل ڪري سندن بيشمار ٻڪريون ڪاھي آيو ھو. اھڙي قسم جي پيش قدمين ڪري بجار خان ڊڄي ويو ھو. ان ڪري ھو اچ واريءَ فوج جي سامھون گذري زورالنس ڏانھن وڃڻ لڳو ھو. ھو پنھنجي گرفتاريءَ کان ڊڄي رھيو ھو ڇاڪاڻ تھ کيس اھا پوري ڄاڻ ھئي تھ سندس دشمن ھن جي عورتن ۽ گھر ڀاتين تي ھن کان وڌيڪ رحم ڪري رھيو آھي ۽ جيستائين سندس گھر ڀاتي ھن سان گڏ ھوندا، تيستائين اھو رحمدل انگريز جنرل کيس ڪڏھن بھ قتل ڪونھ ڪندو. ڀاڄ دوان سندس ڪيترا دوست ۽ قبائلي سردار کيس ڇڏي، لھڙيءَجي بلوچ خان سان وڃي مليا ھئا، جيڪو پاڻ کي انگريزن جو دوست سڏائيندو ھو، پر جنرل سر چارلس کي ھن ڊومبڪي سردار تي شڪ ھو. تنھن ڪري ھن جئڪب کي حڪم ڪيو ھو تھ ھو بلوچ خان سان رکو پيش اچي ۽ جيڪڏھن ضروري سمجھي تھ ان کي گرفتار ڪري، ھيڊ ڪوارٽر موڪلي ڇڏي. ھي انگريز جنرل سمجھي رھيو ھو تھ ھي ڊومبڪي سردار ماڻھو گڏ ڪري انگريزن خلاف محاذ جوڙي رھيو آھي.

چانڊين کي ھڪ اسڪاڊرن گھوڙيسوار ڏئي تلر ۾ رکيو ويو ھو، انھيءَ لاءِ تھ جيئن تونگ تي نظر رکندو رھي. ڇاڪاڻ تھ اھو ماڳ گھڻي ۽ سٺي پاڻي ڪري اھم ھو. پر يارو کوسي ڪوڙ ڳالھايو ھو. پاڻيءَ بابت اھم معلومات نھ ملي ھئي. نھ ئي اھو ٻڌايو ويو ھو تھ بچاءَ جي مقصد لاءِ بھ اھو ھڪ اھم ماڳ آھي ۽ ڪوبھ حملھ آور آسانيءَ سان ان تي قبضو ڪونھ ڄمائي سگھندو آھي. ڪرنل گپڊيس کي فوج جو ھڪ ڪالم ڏئي زرمي ڪشتا ڏانھن موڪليو ويو ھو جيڪو زورالنس لڪ جي سامھون ھڪ اھم ماڳ آھي. اتي پھچي فوج جنگ ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وئي ھئي. پر ھيڊ ڪوارٽر جي پيش قدمي جو رستو تبديل ڪيو ويو ھو. ڇاڪاڻ تھ صورتحال ڏھاڙي تبديل ٿي رھيو ھو. تنھن ڪري فوجي سرگرمين ۾ بھ ڦير گھير ٿي رھي ھئي. فوجي سرگرمين جي ڊائري ۾ 21 مارچ تي جنرل چارلس لکيو ھو تھ تڪڙ ڪرڻ جي ڪابھ ضرورت ڪانھ آھي. مان ڏھاڙي صورتحال جي جاچ پڙتال ڪري رھيو آھيان ۽ ضرورت مطابق مان منصوبي ۾ ترميم ڪري رھيو آھيان جيڪو اوچتي حملي واري پروگرام کي وڌيڪ ڪمزور ڪري رھيو آھي. منھنجي فوج، دشمن کي ڏکڻ ۽ اولھھ پاسي کان ڪڙو چاڙھي ڇڏيو آھي. جڏھن تھ مري ان کي اتر پاسي کان ڪڙي چاڙھڻ لاءِ ڪوششون ڪري رھيا آھن. علي مراد گنڊوئي وارن جابلو لڪن تي نظر رکيون ويٺو آھي. انھيءَ ڪري دشمن جي کاڌ خوراڪ کٽي وئي آھي. اسان جي طرف جي کاڌ خوراڪ وڌي رھي آھي. ڇاڪاڻ تھ کاڌ خواڪ جو سيڌو سامان روزانو پھچي رھيو آھي. ان کان سواءِ ٻاڪرو ۽ ٻيو چوپايو مال بھ بيشمار ھٿ لڳي ويو آھي. نوجوان فوجي جنگ ڪرڻ لاءِ تھ ھٿن مان نڪري رھيا آھن، پر مان کين اھو چئي ٿڌو ڪري رھيو آھيان تھ بجار خان کي زورالنس تائين وڃڻ ڏيو. مان اتان جي ھر لڪ ۽ لنگھھ تي فوج بيھارڻ ٿو چاھيان، ڇاڪاڻ تھ فوج جي ھر سپاھيءَ جي زندگي مون کي ايتري پياري آھي جيتري پنھنجي. تنھن ڪري مان فوج کي جنگ ڪرڻ ۾ ھرگز ڇڙواڳ ڪونھ ڇڏيندس تھ ٿوري تعداد ھوندي بھ اکيون ٻوٽي وڃي دشمن تي ڪڙڪي، انھيءَ لاءِ تھ کين سوڀ جا تڪڙا نتيجا ملي سگھن. پر منھنجو فوجي قدم مختلف آھي. مون کي يقين آھي تھ اسان کي حتمي سوڀ حاصل ٿيندي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org