سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي انتظامي تاريخ

باب:

صفحو: 28

سنڌ ھاڻ ڏاڍي سکي ستابي ٿي وئي آھي، پر ان جي سرحدي پٽي ڌاڙيلن جي آزار کان آجي ڪانھ آھي. 1846ع جي پڇاڙيءَ ۾ بگٽين کي مرين ماري مڃايو. ان کان پوءِ کيتران ۽ مزاري قبيلن بھ ھنن کي ٿو کٽا ڪري ڇڏيو. بعد ۾ دريا خان جي سربراھيءَ ۾ جکراڻين بھ ھنن سان جھيڙو ڳنڍيو ھو جيڪي اڳي بگٽين سان ٻٽ ۽ جھٽ ھوندا ھئا. ھاڻي اھي ساڳيا بگٽي، ڊيرا واري علائقي ۾ پوکي راھي ڪري پيٽ گذر ڪري رھيا آھن ۽ ھڪ جاءِ تي ويھي رھيا آھن. پر سندن پوکون ڪونھ ٿيون. تنھن ڪري ھي بک کان ڇتا ٿي ڌاڙن ۽ ڦرين ڪرڻ جي غرض سان سنڌ ڏانھن اچڻ لڳا آھن. ان صورتحال کي ڏسي انگريز گھوڙيسوار اڳتي وڌي کين مھاڏو ڏيڻ لڳا. ليفٽيننٽ مور سندن اڳواڻ ھو، جيڪو جکراڻين کي ساڻ ڪري اڳتي وڌيو ھو. پھرئين حملي ۾ بگٽين ھن کي شڪست ڏني. پر بعد ۾ ھن جھنگ ۾ وڃي گھڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، جن ۾ ھنن جو قبائلي سردار بھ ھو. ان کان پوءِ ھو جڏھن ٻاھر نڪتا تھ مور ڏٺو تھ اھي تعداد ۾ تمام گھڻا ھئا، تنھن ڪري ھو پوئتي ھٽي ويو ۽ جکراڻين کي مقابلي ڪرڻ جو چيائين. جن چيو تھ اسان ساڻن مقابلو ڪري ڪونھ سگھنداسون. ان کان بعد کين ھن جکراڻين کي بگٽين جي گھوڙن کي مارڻ ۽ کين تلوار سان قتل ڪرڻ جو حڪم ڪيو، پر ھو ائين ڪري ڪونھ سگھيا. تنھن ڪري انگريزن جي فوج موٽي اچي ميرپور پھتي ھئي، جتي ڪرنل اسٽئڪ جي ڪمانڊاريءَ ۾ مودي فوج پھچي چڪي ھئي. ان کان سواءِ ليفٽيننٽ گريوز بھ ھن ماڳ تي پھچي چڪو ھو،جنھن کي پڻ بگٽين شڪست ڏني ھئي. بگٽين جي ڌاڙن جي اھڙي خبر شڪارپور موڪلي ڏني ھئائين. ڪرنل اسٽئڪ سان بھادر گھوڙيسوار گڏ ھئا. ان کان سواءِ گريوز جي اطلاع موڪلڻ تي شڪارپور مان رائيفلن وارا ڪجھھ فوجي بھ پھچي ويا ھئا. ڪرنل شاھيمرز ڏانھن اطلاع موڪلڻ وساري ڇڏيو ھو ،جتي گئريسن فوج ويٺي ھئي. جيڪا اوچ ڏانھن وڌي بگٽين جي موٽ وارو رستو روڪي بيھي ھا. بگٽين تي جلدي ۾ حملو ڪرڻ ضروري ھو. ڪرنل اسٽئفڪ ميرپور ۾ چئن ڪلاڪن کان پوءِ گھوڙيسروار وٺي اڳتي روانو ٿيو. پر فوج ۽ وھٽن لاءِ پاڻي کڻڻ وساري ويٺو ھو. ھي ساري رات سفر ڪندو باک ڦٽيءَ جو وڃي بگٽين وٽ پھتو جيڪي ڊپ ۾ ويٺا ھئا ۽ ڌاڙيل ۾ ڦريل چوپائي مال کي ڪاھي وڃي رھيا ھئا. بگٽين جا اٺ سو ماڻھو جن وٽ مقابلي لاءِ فقط تلواريون ھيون جيڪي تلوارن سان ڍالون کڙڪائيندا، وڏا آواز ڪندا فوج مٿان ڪاھي آيا. اسٽئڪ وٽ اڍائي سو گھوڙيسوار ھئا. جن وٽ ڪاربائينس ۽ پسٽول ھئا، پر ھنن سان مقابلي ڪرڻ جو ڀوتو نھ ڀائين ميرپور موٽي آيو. پاڻ سان پاڻي نھ کڻڻ ۽ اوٽ موٽ جي سفر ڪري وھٽ ۽ فوجي اڃ ۾ ساڻا ٿي ڪري پيا ھئا. ڪرنل موٽي اچڻ جو بھانو اھو ڏنو ھو تھ بگٽي پڪيءَ زمين ۽ دڙي تي ھئا ۽ وچ تي وڏي کاھي موجود ھئي. تنھن ڪري ڪرنل اسٽئڪ کي معاف ڪيو ويو ھو. پر بعد ۾ پتو پيو تھ ھڪ ننڍڙي دڙي ھئي ۽ کاھي تھ بلڪل ئي ڪانھ ھئي، ليڪن بعد ۾ پتو پيو تھ انھيءَ ايراضيءَ ۾ سراب ماڻھوءَ جي نظر کي ڌڪو ڏيندو آھي ۽ انگريز ڪمانڊر بھ سراب جو ڌوڪو کائي ويو ھو. انھيءَ ويل اسلام خان بگٽيءَ پنھنجي ماڻھن کي چيو تھ ھو پنھنجي زندگي تان آسرو لاھي ويھي رھيو آھي، تنھن ڪري ھو جابلو علائقي ڏانھن ھليا ويا ۽ گھوڙيسوار بھ موٽي آيا. جبل ۾ پھچڻ کان پوءِ اسلام خان جي صحت بحال ٿي وئي. اتي ويھي ان سردار جي خيرات ڪئي وئي، جنھن کي جھنگل ۾ قتل ڪيو ويو ھو ۽ قسم کنيو ويو تھ جکراڻين سان ھڪ ھڪاڻي ٿيندي ۽ کين ڪڏھن بھ معاف ڪونھ ڪيو ويندو. انگريز گھوڙيسوار ھن مھم ۾ بھ ناڪام ٿيا ھئا، تنھن ڪري نئين طريقي سان سوچيو ويچاريو ويو ھو. ان کان پوءِ نئون بندوبست ۽ جوڙجڪ ڪيو ويو جنھن مان ثابت ٿيو تھ ڌاڙيل مختلف ٽولين ۾ ورھائجي ويا ھئا. ليفٽيننٽ ينگ ھسبنڊ پوليس جو ڪماني ھو، جنھن حملو ڪري ڌاڙيلن جي ھڪ وڏي ٽولي کي ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ھو. ڳالھھ ھن ريت ھئي تھ کيس خبر پئي تھ ڌاڙيل ڦرلٽ ڪري وڃي رھيا آھن، اھا ڦر ٿوري مال جي ھئي. ينگ ھسبنڊ بھ چوٽيھھ گھوڙيسوار ساڻ ڪري سندن ڪڍي لڳي پيو. ڌاڙيلن جو تعداد تمام گھڻو ھو، ينگ ھسبنڊ بھ پنجويھھ ميل سفر ڪري ھڪ رڻ پٽ ۾ وڃي کين سوگھو ڪيو. ٿوري مقابلي کان پوءِ الف خان ڏھن بگٽين کي قتل ڪري ڇڏيو جڏھن تھ ستن کي قيد ڪري ورتو ھو. ان کان سواءِ ھن دورا کي جھلي ورتو ھو جيڪو سندن سردار ھو.

تِر جي گٿي سو چوٽون کائي. ڪرنل اسٽئڪ جي ٿوري غلطي ڪري ڌاڙيلن جي دل وڌي وئي ھئي، جيڪي پاڻ کي کڳي مان يقين شاھھ سمجھڻ لڳا ھئا. تنھن ڪري امڪان اھو پيدا ٿي پيو ھو تھ ھتان بولان لڪ وارا بلوچ قبيلا اچي بگٽين سان سلٽ ڪن. اھا ڳالھھ سوچي سنڌ مغل گھوڙيسوارن ۽ اٺ بردار فوج کي سنڌ جي سرحد ڏانھن روانو ڪيو ويو ھو. بگٽي ھاڻي تھ اتي ئي ڏچي ۾ ھئا. مري بھ ھنن خلاف تلوارون کڻي ميدان ۾ لھي پيا ھئا. جيڪي ھار کائي ٿوري وقت لاءِ ماٺ ٿي ويا ھئا. ممبئي وارا اھو سارو ڏوھھ سر چارلس تي ٿاڦي رھيا ھئا. ڇاڪاڻ تھ ھو انھيءَ زماني ۾ ڪيڏانھن وڃي ڪونھ ٿي سگھيو، نھ وري واتان ڪا ٻڙڪ ٻاڦي ٿي سگھيو. کيس پنھنجي بچاءَ لاءِ ائين ڪرڻ کان سواءِ ڪو ٻيو رستو بھ ڪونھ ھو. جيڪڏھن ھو ڳالھائي ھا تھ سندس مخالفن کي مٿس الزام ھڻڻ لاءِ گھڻا عنوان ملي وڃن ھا. ھنن وٽ لکپڙھھ بيشمار ڪاغذ موجود ھئا. ان ڪري اخبارن کي سول ۽ فوجي قسم جي غلطين سان لاڳاپيل ھزارين حقيقتون ٻڌايون وينديون. انھن اخبار وارن کي ٻڌايو ويندو ھو تھ اھو سڀ انھيءَ ڪري ٿي رھيو آھي جو سول انتظاميھ ۽ فوج بدانتظاميءَ جو شڪار آھي، جنھن لاءِ ھو افسوس جو اظھار ڪندا ھئا. اھي ڳالھيون نفرت جھڙيون اخبارن وارن کي ممبئي ڪائونسل جا ميمبر لڪ چوريءَ ۾ پيا مڇرائيندا ھئا ۽ ھٿ سان ڪوڙا الزام گھڙيندا وتندا ھئا. ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس بھ اھڙن ماڻھن کي وڏا انعام ڏيندي ھئي تھ جيئن اھي سر چارلس نيپئر کي وڌ کان وڌ بدنام ڪندا رھن. اھي ماڻھو ھن جي غلطين ۽ جرئت خلاف بيان ڏئي ھندستان جو تحفظ ڪرڻ چاھيندا ھئا. جيڪڏھن ھنن کي ٻيو ڪو الزام ڪونھ لڀندو ھو تھ ھن جي خلاف اھو ضرور چوندا ھئا تھ ھن ظالم ڪمانڊر معصوم مزاج وارن ٽالپرن سان وڏو ظلم ڪيو ھو ۽ سندس زالن سان تھ قھر جي انتھا ڪري چڪو ھو. ھي اھڙو ڪٺور انسان ھو، جنھن ٽالپر عورتن کي پاتل سونا ڳھھ بھ ان مقصد سان لھرائي ورتا ھئا تھ جيئن سندن مال غنيمت ۾ اضافو ٿئي. ھن مير شھداد جي ڪراڙي والده جي پڻ توھين ڪئي ھئي. کيس ذھني عذاب ڏيڻ لاءِ سندس لکيل پنھنجي پٽ ڏانھن خط کي کولي ڏٺو ھئائين. سندس حڪومت دوران ھن معزز عورت کي اڃون ۽ بکيو رکيو ويو ھو. ان کان سواءِ ھن جي ھيرن جواھرن مڙھيل سونن ڳھن کي ممبئي جي بزار ۾ وڪرو ڪيو ويو ھو. اھڙيون الوڻيون ڳالھيون ھن پنھنجي مفاد خاطر ڪيون ھيون ۽ عزت واري جي عزت کي ڪونھ ڏٺو ويو ھو.“

ھيءَ معزز عورت پنھنجي ڀيڻ سان گڏ رھندي ھئي. جيڪا مرحوم مير ڪرم عليءَ جي بيوه ھئي. سر چارلس نيپئر ھنن ٻنھي معزز عورتن جي عزت ۽ وقار کي برقرار رکيو ھو، جن کي مياڻي جي جنگ کان پوءِ نھايت ادب ۽ احترام سان  رھايو ويو ھو. پر ويھھ لک اسٽرنگ پائونڊن جيتري رقم ٽالپر حڪمران جي خزاني مان کڻي ورتي ھئي. اھي عورتون انھيءَ وقت شڪايت ڪري رھيون ھيون. کين ھر چيز جو محتاج بڻايو ويو آھي. بک مارڻ وارو ڪوڙو قصو بھ ھنن عورتن ڏانھن منسوب ڪيو ويو آھي. جن ھڪ مير جي مقبري جي تعمير تي ڏھھ ھزار پائونڊ اسٽرلنگ خرچ ڪيا ھئا، مير ڪرم علي جي بيوه ھن عورت پنھنجي ايراني غلام مرزا خسروءَ وسيلي انھن ننڍن ميرن جي مدد سان ھڪ منصوبو جوڙيو ھو جيڪي علي مراد جي درٻار ۾ رھندا ھئا. ان منصوبي مطابق مير شھداد ڏانھن ھڪ خط موڪليو ھو. اطلاع ملڻ کان پوءِ ان قاصد کي سرحد وٽ روڪيو ويو ھو ۽ تلاشي وٺڻ کان پوءِ ھن جي سامان ۾ لڪايل سونا سڪا ۽ سونيون سرون ھٿ لڳي ويون ھيون ۽ قاصد کي گرفتار ڪيو ويو ھو. معلوم ائين ٿي رھيو ھو تھ اھو خزانو مير شھداد ڏانھن موڪليو پئي ويو، جنھن جا ٻھ مقصد ٿي سگھن ٿا: ھڪ تھ اھا رقم ڏئي مير شھداد قيد مان ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ھا. ٻيو تھ اھا ڊاڪٽر بسنت ڏانھن موڪلي وڃي ھا تھ جيئن اخبارن ۾ ٽالپر مسئلي کي اڃا بھ اڀاريو وڃي ۽ سر چارلس کي وڌ ۾ وڌ بدنام ڪيو وڃي. پر اھڙو مقصد پورو ٿي ڪونھ سگھيو ھو. ڇاڪاڻ تھ جنرل سر چارلس سرڪاري قيديءَ سان غير قانوني ملڻ واري منصوبي کي ناڪام ڪري ڪڍي ڇڏيو ھو ۽ اھا ساري رقم خط سميت ان معزز عورت جي حوالي ڪري ڇڏي ھئي، جيڪا مير شھداد جي والده ھئي ۽ جنھن اھا رقم موڪلي ھئي.

1846ع دوران سنڌ جون حالتون اجھي اھي ھيون. 1847ع ۾ سر چارلس پنھنجي روايتي دشمنن کي مھاڏي ڏيڻ سان گڏ ھي ڳالھيون بھ سوچي رھيو ھو تھ ھو سنڌ ڇڏڻ کان اڳ پنھنجي حڪمت عمليءَ کي وڌيڪ مستقل ۽ مستحڪم بنيادن تي قائم ڪري تھ صحيح ٿيندو. ھو اڳواٽ ئي سمجھي چڪو ھو تھ ھن جي ھلئي وڃڻ کان پوءِ ممبئي طرفان قائم ڪيل سنڌ جي سول حڪومت ھن جي سڀني منصوبن کي ابت سبتو ڪري تباھھ ڪري ڇڏيندي ۽ اھو چوندي تھ سر چارلس نيپئر ڪجھھ بھ ڪونھ ڪيو ھو. ھيءُ ماڻھو دشمنن جي ننڍين شرارتن کي اک وٽائي بھ ڪونھ ڏسندو ھو. پر کيس اھو کٽڪو ٿي پيو ھو تھ متان ھتان جي ماڻھن کي وحشت جي حوالي نھ ڪيو وڃي. تنھن ڪري ھن زمين جي مالڪيءَ واري معاملي کي مڪمل ڪرڻ ٿي چاھيو. ھن حڪمت عمليءَ مان سندس مقصد ھو تھ جيئنءَ ماڻھو وڏو تعداد ۾ زمين جا مالڪ بڻجي وڃن ۽ ٽالپرن جا درٻاري، نوڪر چاڪر ۽ غلام آزاد ٿي وڃن ۽ پنھنجي مرضيءَ مطابق رھن ۽ آزاد نموني پورھيو ڪري پنھنجي زندگي عزت سان گذارن. ھو گھڻي وقت تائين ھن منصوبي تي سوچيندو رھيو ھو ۽ مرحليوار ماڻھن کي تبديليءَ لاءِ تيار ڪندو رھندو ھو، پر ھاڻي پڪو پھھ ڪري چڪو ھو تھ ھن ڪم کي بنا دير مڪمل ٿيڻ گھرجي. کيس يقين ھو تھ ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس کي انھن ڳالھين جي ڪابھ ڄاڻ ڪانھ آھي. جيڪي ماڻھن جي فائدي واريون ھونديون آھن. کيس اھو بھ يقين ھو تھ اھڙن منصوبن تي عملي ڪم ڪرڻ دوران ڪابھ دخل اندازي ڪانھ ڪئي ويندي. جيڪڏھن ڪو منصوبو مڪمل ٿي ويو تھ پوءِ بدنتيتيءَ سان ڪھڙي بھ ڪوشس ان کي نابود ڪري ڪانھ سگھندي. پر جيڪڏھن ڪنھن ائين ڪرڻ جي جرئت ڪئي تھ ان کي ڀتر عيوض پٿر سان جواب ڏنو ويندو.

سنڌ جي ساري زمين ھاڻي قانوني روايتن مطابق انگريز سرڪار جي ملڪيت بڻجي وئي آھي. ان کي اختيار آھي تھ اھا ڪنھن بھ جاگيردار جي زمين ضبط ڪري سگھي ٿي ۽ پنھنجي مرضيءَ مطابق ڪنھن کي بھ گرانٽ ڪري سگھجي ٿي. 1844ع ۾ عام درٻار منعقد ڪئي وئي ھئي ۽ جاگيردارن کي سندن زندگي جي عرصي تائين جاگيرون ھن شرط تي ڏنيون ويون ھيون تھ زمين جو سرڪار کي لاپو ڏيندا رھندا ۽ جاگير جي زمين جو مقرر حصو سرڪار جي حوالي ڪندا ۽ زمين جو اھو حصو حڪومت غريب رعيتي ماڻھن جي حوالي ڪندي. سرڪار زمين کي نيڪال ڪرڻ جو اھو طريقو عام ڪري ڇڏيو ھو. انھيءَ مقصد سان تھ جيئن جاگيردار ۽ ماڻھو ھن طريقي کان چڱيءَ ريت واقف ٿي سگھن ۽ ھن تبديليءَ کي سمجھي سگھن.

انھن جاگيرن جون ايراضيون مختلف ھيون. ھڪڙيون جاگيرون اھڙيون بھ ھيون، جن جي ايراضي ٽي لک ايڪڙ بھ ھئي. پر ڪي تھ تمام ننڍڙيون بھ ھيون. ليڪن ڪوبھ جاگيردار پنھنجي جاگير جو چوٿون حصو بھ آباد ڪري ڪونھ سگھندو ھو. ان ڪري جاگير جو وڏو حصو غير آباد پيو ھوندو ھو. اھڙي غير آباد وڏي جاگير فقط نالي ۽ شھرت لاءِ رک ويندي ھئي. اھو بھ سبب ڏنو ويندو ھو تھ انھيءَ وڏيءَ جاگير جي پئداوار وسيلي ڌاڙيلن کي چپ رھڻ لاءِ مجبور ڪيو پيو وڃي. اڳي اھا روايت ھوندي ھئي تھ جاگيردار ضرورت وقت حڪمران کي فوج ڏيندا ھئا، پر سنڌ جي فتح کان پوءِ جاگيرون فوجي مقصدن لاءِ ڏيڻ واري روايت ختم ٿي وئي ھئي ۽ جاگيردارن جي فوج ڏيڻ واري عظمت بھ ختم ٿي وئي ھئي. زندگي ڀر جاگير ڏيڻ وارو طريقو نھايت ڪامياب ثابت ٿيو ھو ۽ ڏينھون ڏينھن مقبول عام ٿي رھيو ھو. جاگيردارن کي چيو ويندو ھو تھ ھو ڪھڙن شرطن تي جاگيرون رکڻ ٿا چاھين. ھن نئين اصول کي انھيءَ مقصد سان پکيڙيو پيو وڃي تھ جيئن ماڻھن جو غريب ۽ شاھوڪار طبقو ھن نئين سماجي نظام کان واقف ٿئي. ان کان سواءِ ڪو نواب ۽ سردار ڪنھن مطلع العنان حڪمران جو درٻاري نھ بڻجي وڃي.

اھڙين ڳالھين تي سوچي ويچاري جاگيردارن کي انھن جاگير جو مورثي حق بھ ڏنو ويو ھو، جيڪي وٽن ھيون ۽ اھي آباد ڪري سگھندا ھئا. باقي زمين سرڪار ضبط ڪري وٺندي ھئي. ڇاڪاڻ انھيءَ زمين کي جاگيردار آباد ڪري ڪونھ سگھندا ھئا. جاگيردارن کي حق ڏنو ويو ھو تھ سرڪار طرفان ضبط ڪيل زمينون خريد ڪري سگھن. معلوم ائين ٿي رھيو تھ جاگير جي زمين جا چئن مان ٽي حصا غير آباد ھئڻ ڪري سرڪار جي حوالي ٿي ويندا ھئا. اھا زمين غريب رعيتي ماڻھن ۽ ٻاھران لڏي آيل آباد ڪارن کي ڏنيون وينديون ھيون. انھن کان ٻن سالن لاءِ ڍل ۽ لاپو نھ ورتو ويندو ھو. تنھن ڪري غريب رعيتي ماڻھو ۽ ڌاريا آبادڪار انگريزن جي اختيار ڪيل نئين نظام سان وفادار رھندا ھئا. بلوچ سردار بھ انھيءَ ۾ خوش ھئا، تھ کين جاگير جو موروثي حق ملي ويو ھو ۽ انھن وٽ جاگير جو آباد ۽ قيمتي حصو ھو، جنھن جي پيداوار پنھنجي مرضيءَ مطابق خرچ ڪندا ھئا. ھن وقت اھي ماڻھو ھر طرح آزاد ھئا ۽ سندن اھميت بھ اڳئين کان وڌيڪ ھئي، پر اڳي جيڪا کين قبائلي سردار ھجڻ واري آڪڙ ۽ وڏائي، سا مينھن جي مٿين ڏندن وانگر ختم ٿي وئي ھئي. ھن کان سواءِ اڳي ھنن وٽ غلام ھئا جيڪي آزاد ٿي ويا ھئا ۽ پنھنجي مرضيءَ سان محنت مزدوري ڪري پيٽ گذر ڪندا ھئا. ھنن جي آزاديءَ ڪري سرڪار جي پيداوار بھ وڌي وئي ھئي. ڇاڪاڻ تھ ھنن سڌو پوکي راھي ڪرڻ شروع ڪري ڏني ھئي. ابتدائي دور ۾ سردار ھن نئين منصوبي کان ھٻڪندا ھئا، ڇاڪاڻ تھ کين شڪ ھو تھ الائي ڇا ٿيندو. کين اھو بھ وھم ھو تھ سرڪار جي نيت صحيح ڪانھ آھي ۽ متان اھا ٺڳيندي ھجي. ھاڻ کيس چنتا ھئي تھ جيڪڏھن سر چارلس نيپئر سنڌ مان ھليو ويو تھ انھن جي زمين جي مالڪيءَ کي سخت ھاڃو رسندو. اھو طريقو ڏاڍو مقبول عام ثابت ٿيو ھو. جنھن جي ڪاميابيءَ لاءِ اثرائتا قدم بھ کنيا ويا ھئا.

معلوم ائين ٿي رھيو ھو تھ جنرل سر چارلس سنڌ جي ماڻھن مٿان پنھنجو تسلط ڄمائي ورتو ھو. ڇاڪاڻ تھ ھن جڏھن جاگيرون مورثي طور ڏنيون ھيون تھ ڪنھن بھ ماڻھوءَ ڪاوڙ ڪانھ ڏيکاري ھئي. ھو گورنر ٿيڻ کان وٺي ھميشه ھڪ دانشمند انسان جيان سوچيندو رھندو ھو تھ بھتر قسم جي قانون سازي ٿيڻ کپي ۽ ھن اھڙا قدم بھ کنيا ھئا. سندس چوڻ ھو تھ ”منھنجو ارادو آھي تھ ھتان جي بيشمار رعيتي سنڌي ماڻھن جيڪا غلامن واري ذليل زندگي گذاري آھي، ھو نھ رڳو ٽالپرن جا غلام ھئا پر ھنن سان جاگيردار بھ غلامن جھڙيون جٺيون ڪندا ھئا، جيڪڏھن ھنن کي پنھنجي مرضيءَ مطابق زندگي گذارڻ جو اختيار ڏنو ويندو ۽ محنتي بھ ھئا پنھنجي حياتي سک ۽ آرام سان گذاري سگھندا. مون کي اھو بھ يقين آھي تھ مٿئين طبقي وارا ماڻھو تيستائين سٺا رعيتي ثابت ڪونھ ٿيندا جيستائين سنڌي (رعيتي) ماڻھن کي روزگار ناھي مليو ۽ جيستائين اسان انھن کي عزت آبرو ناھي ڏني. جڏھن ھتي تھذيب ايندي ۽ ماڻھو سڌري ھلندا تھ ڏاڍا دولتمند ٿي ويندا. پوکي راھي ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا ۽ تجارت ۾ پڻ دلچسپي وٺندا. ڇاڪاڻ تھ کين يقين ٿي ويندو تھ سندن دولت محفوظ آھي. ھن کان اڳ دولت فقط قبائلي سردارن وٽ ھوندي ھئي. جن وٽ پنھنجا فوجي بھ ھوندا ھئا. جيڪڏھن جاگيردارن کي پنھنجي وڏين جاگيرن جو مالڪ رھڻ ڏنو ويو ۽ جاگيرن جي شرط تي کين فوج رکڻ جي بھ اجازت ڏني وئي تھ، اھي ڪھڙي وقت بھ خطرناڪ ثابت ٿي سگھن ٿا. ھاڻي اسان ھنن کي فوجي سردار رھڻ ڪونھ ڏنو آھي. کين فقط اڻ سڌريل جھنگلي ماڻھو رھڻ ڏنو ويندو. جيڪڏھن ھنن جي اولاد وٽ وسيع ايراضي ھوندي ۽ سڌري مھذب ٿي ويا تھ پوءِ اسان کين سڀنالي ڪونھ سگھنداسون. ڇاڪاڻ تھ اھي ھي غير آباد زمينون سڌاري آباد ڪندا رھندا تھ وڌيڪ باصلاحيت بڻجي ويندا. ليڪن منھنجي قائم ڪيل نئين نظام تحت بھ طاقتور بڻجي ويندا. ھنن جي مقابلي لاءِ اسان رعيتي ماڻھن کي زمينون ڏئي رھيا آھيون ۽ اھي ھاري ھنن جو نھ پر سرڪار جو پاسو وٺندا. مان سنڌ ۽ ھتان جي سٺن ماڻھن لاءِ فقط ايترو ئي ڪري سگھان ٿو.“

ھن کان وڌيڪ ھو ڪجھھ ڪري بھ ڪونھ ٿي سگھيو. کيس روڪڻ ۽ رنڊائڻ لاءِ ھڪ نھ ٻي شيءِ زور پئي ٿيندي ھئي. ھو ڳڻ چور اختياريءَ وارن کان جان ڇڏائڻ لاءِ آتو ھو. سنڌ مان فوج جو وڏو تعداد ممبئي طلب ڪيو ويو ھو. تنھن ڪري سر چارلس جي طبيعت ۾ گھڻي نرمي اچي وئي ھئي. ان سان گڏ اھو ھل بھ ھلي ويو ھو تھ مير موٽي اچي رھيا آھن ۽ کين سنڌ جي حڪمراني واپس ملي رھي آھي. انھيءَ زماني حيدرآباد جو اڳوڻو ٽالپر حڪمران مير نصير خان وفات ڪري ويو. سندس لاش کي دفن ڪرڻ لاءِ سنڌ آندو ويو ھو. سر چارلس بھ سنڌو درياھھ تائين ھن لاش سان گڏ ويو ھو. ممبئي واري ڌر کي پڪ ھئي تھ حيدرآباد ۾ لاش پھچڻ سان رتوڇاڻ ٿي ويندي. پر سر چارلس جي عقلمندي ئي سندن اھڙين اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو ھو. ھن چيو ھو تھ مان ھن مير جي لاش کي شان شوڪت سان دفن ڪرڻ پئي چاھيو، پر ڪن سببن ڪري ائين ٿي ڪونھ سگھيو. مان پنھنجي خواھشن کي دٻائي ڇڏيو. ان کان سواءِ پنھنجي ناٺيءَ کي بھ سندس دعا ۾ شريڪ ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو ھيم. جنھن خاص اشارو ڏيندي مون کي چيو ھو، ”پر جنرل اھو مري ويل دشمن آھي! مان اھڙي اشاري کي سٺو ڪونھ سمجھيو ھو. مان جيڪو بھتر سمجھيو آھي سو ڪري رھيو آھيان. جيڪڏھن مان ھن مير جي تدفين ۾ شريڪ ٿيا ھئا، تھ ماڻھو سمجھن ھا تھ مون کي ھندستان سرڪار جو اھڙو حڪم آھي. اھو بھ سمجھيو وڃي ھا تھ اھي ڳالھيون انھيءَ ڪري ٿي رھيون آھن جو مير سنڌ ۾ موٽي اچي رھيا آھن ۽ کين سنڌ جي حڪومت واپس ڪئي پئي وڃي. اھڙي تصور ڪري رتو ڇاڻ جو امڪان ھو ۽ اھو الزام مون تي مڙھڻ ڏاڍو سولو ھو. منھنجي بھ خواھش ھئي تھ ھن مرحوم مير کي عزت ۽ احترام ڏيان جيڪو اسان جي نقطئھ نظر مطابق عزت ۽ احترام ڏيڻ جھڙو ڪونھ ھو، پر حالتن سبب مان ائين ڪري بھ ڪونھ سگھيس، ڇاڪاڻ تھ شخصي حقيقت اھڙي ھئي ۽ رتوڇاڻ جو بھ امڪان ھو. لارڊ آشلي غير ارادي طور ڪي اھڙيون ڳالھيون ڪري وڌيون ھيون، جو سنڌ جو امن امان خطري ۾ ھو تھ مير موٽي اچي رھيا آھن. پوءِ تھ اچي ھندن ويچارن کي اچي ڦڦڙي لڳي جن پنھنجي ساري موڙي کڻي وڃي ٻين ملڪن ۾ رکي، پر جيتري قدر منھنجي سوچ سمجھھ جو تعلق آھي تھ ھن انھن ملڪن ۾ منھنجي عزت ڪانھ وڌائي ھئي. باقي غريب ماڻھن کي اھو يقين آھي تھ مان سندن ڀلي لاءِ پاڻ پتوڙي رھيو آھيان. کين اھو بھ پتو آھي تھ جيڪڏھن مير ٻيھر سنڌ جا حڪمران ٿيا تھ ھنن جي سر جو خير ڪونھ آھي. ھنن کي پنھنجي تجربي مان سبق مليو آھي. مان تھ اھڙي شيءِ جو ننھن چوٽيءَ تائين مخالف آھيان. پر ھنن جي مفاھمت تي انگريز جون سنگينون تاڻجي وينديون. ڇاڪاڻ تھ اھي سندن اچڻ جا حامي آھن. لارڊ آشلي ۽ مان ھڪ ٽرائبيونل آڏو پيش ٿيڻا آھيون. اتي تھ نسورو سچ ھلندو. اتي ھو سکي ويندو. مان ھن جي خلاف ڪجھھ بھ ڪونھ چوندس. مان ٻڌو آھي تھ ھو ھڪ رڄ چڱو مڙس آھي. کيس اتي خبر پئجي ويندي تھ ڪير ڪيتري پاڻي ۾ آھي. کيس اھا بھ پرک پئجي ويندي مان مان ۽ مرجاتا لاءِ ڪم ڪيو آھي. مان ميرن ۽ ھتان جي سنڌين سان ماڻپي سان ھليو آھيان. کيس اھا بھ ڄاڻ ملي ويندي تھ مون کي سنڌ بابت کانئس وڌيڪ معلومات آھي. مان ھميشه نياءَ ۽ نيت پت سان ھليو آھيان، ڪنھن سان بھ بي انصافي ڪانھ ڪئي آھي. سچ، ايمانداري ۽ وقار ناتي، مان سڀني انگريزن جو ڳاٽ اوچو ڪري ڇڏيو آھي. جڏھن تھ پوليٽيڪل ايجنٽن شان ۽ شوڪت کي ڍڪڻيءَ ۾ ڍڪ پائي ٻڏڻ جھڙو ڪري ڇڏيو ھو. کيس اھا بھ سڻس پئجي ويندي تھ ھن سنڌ بابت اول کان وٺي آخر تائين غلط سوچيو آھي.

انھن معاملن بابت وقت فيصلو ڪندو، پر مان پنھنجي موقف تان ھٿ ڪونھ کڻندس. مون کي پڪ آھي تھ جيئري رھڻ تائين مون سان انصاف ڪونھ ڪيو ويندو. پر مان جڏھن مرندس سر جان مور جيان ائين ڪڏھن بھ ڪونھ چوندس تھ مون کي اميد آھي تھ منھنجي ڌرتي مون سان انصاف ڪندي ڇاڪاڻ تھ مان گاريون کائي پڪو ٿي ويو آھيان. ان کان سواءِ الزام بھ گھڻا ھنيا ويا آھن. تنھن ڪري ھاڻي مون کي انصاف وغيره جي ڪابھ پرواھھ ڪانھ آھي. مان لارڊ آشلي جھڙي شخصيت ڏسي ضرورت مايوس ٿي ويندس، جنھن اھڙي ماڻھوءَ کي اخلاقي مجرم سمجھيو آھي. جنھن سنڌ جي گرميءَ ڪري پنھنجي ڪٽنب جا ٻھ ڀاتي وڃايا آھن. شايد ھن اھي الزام اڻ ڄاڻائي کان ھنيا آھن. اھو ماڻھو پنھنجي ڪٽنب جي رھيل ڀاتين جي زندگي بھ جوکي ۾ وجھي رھيو آھي. سندس پنھنجي حياتي بھ خطري کان خالي ڪانھ آھي ۽ ان وقت تائين عوام جي خدمت ڪندو رھندو جيستائين ھو ڪم ڪرڻ جھڙو آھي. مان سخت جان ۽ مشل پسند آھيان. مان احساسن ۾ سخت نھ، پر اصولي ۽ شعوري طور سخت آھيان ۽ ڪنھن کي غلط استعمال ڪونھ ڪندو آھيان تھ ڪنھن کي گاريون ڏيندون آھيان. مان وقار ۽ عزت کي ڏٺو آھي ۽ ڪڏھن ڪنھن جي مذھب ۽ عزت کي ھن ڪري داءَ تي ڪونھ لڳايو آھي تھ مان سوڀارو ٿيان، پر فتح خاطر مان وقار ۽ مذھب جي عزت ڪئي آھي. اھڙن ماڻھن کي معاف ڪري ڇڏيو آھي. جيڪي نفرت کان مون کي غليظ لفظ ڳالھائيندا آھن.“

تنھن ڪري يقين سان چئي سگھجي ٿو ھو ھڪ باضمير انسان ھو جيڪو ڪوڙن بھتانن جي ڪوھيڙي ۾ پنھنجي ڏات ڏانءَ سان ڪم ڪندو رھيو ۽ دشمن سندن اھڙن لاکيڻن لڇڻن کي پنھنجي ملڪ جي ماڻھن کان لڪائيندو رھيو ھو. جولاءِ 1847ع سندس گھرواري سخت بيمار ٿيڻ کان پوءِ وفات ڪري وئي. ان کان پوءِ جلد ئي ھن پنھنجي عھدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي. آڪٽوبر ۾ ھو سمنڊ وسيلي ھو انگلينڊ روانو ٿي ويو. الوداع ڪرڻ وقت کيس فوج  آخري سلامي ڏني. اھڙيءَ ريت فوجين ھن سان پنھنجي عقيدت جو اظھار ڪيو ھو. بلوچ ۽ سنڌي بھ ھن جا شڪرگذار ھئا، جو ھن سندن حفاظت ڪئي ھئي خوشين جو خيال رکيو ھو. اھو ھنن ماڻھن جو ڪو ٿورو وقتي احساس ڪونھ ھو. ھنن ماڻھن وٽ اھڙيون ثابتيون موجود ھيون تھ ھي ماڻھو سندن سچو ھڏ ڏوکي ۽ سڄڻ ھو. ھتان جا ماڻھو بھ سيفالونيا جي ھارين وانگي، ھن سان مخلص ھئا ۽ ساڻس گھڻو پيار ڪندا ھئا جيڪي ھن جي غير موجودگي ۾ سندس زمين جو ڪم ھن جي موجودگيءَ کان گھڻو وڌيڪ ڪندا ھئا. جڏھن 1850ع ۾ پنھنجي وڏي فوجي عھدي دوران سنڌ مان روانو ٿي، ھندستان کي ھميشه لاءِ ڇڏي رھيو ھو تھ سنڌ جي وڏن بلوچ سردارن کيس ھڪ قيمتي تلوار ڏيڻ چاھي ھئي. انھيءَ ڪري نھ تھ ھنن جو فاتح ھو. پر ڇاڪاڻ تھ فتح کانپوءِ ھن کين سڀئي جاگيرون واپس ڪيون ھيون ۽ وڏن اعزازن ۽ يقين سان نوازيو ھو ۽ ھنن ۽ ھنن جي اولاد لاءِ فائدي وارا ڪم ڪيا ھئا. ان کانسواءِ اھو سر چارلس نيپئر ئي ھو جنھن بلوچن جا سنڌ ۾ سرپختا ڪيا ھئا.

اھو ئي احساس جو فرق ھو جو لارڊ ڊلھائوزي ۽ ممبئي حڪومت کانئس چڙيل ھئي. سر چارلس جي سنڌ ڇڏي وڃڻ کان پوءِ ھن جيڪي منصوبا شروع ڪيا ھئا ۽ جيڪي ادارا قائم ڪري ھن ڪم جي ابتدا ڪئي ھئي سي اجاڙي ڀينگ ڪيا ويا ھئا. ڇاڪاڻ تھ اھڙا ادارا ماڻھن جي ڀلائي ۽ ملڪ جي ترقي لاءِ قائم ڪيا ويندا آھن.

فوجي سامان جي نقل حرڪت لاءِ اٺ سوار فوجي دستا قائم ڪيا ويا ھئا، جن کي ختم تھ ڪونھ ڪيو ويو ھو پر ان کي بي ڌياني جو شڪار بڻايو ويو ھو.

حيدرآباد ۾ بئرڪن جي نھايت شاندار تعمير ڪرائي وئي ھئي، جن ۾ فوجيين جي صحت ۽ سھوليت جو خيال رکيو ويو ھو. اھڙي بھتر تعمير انگريزن جي ساري بيٺڪي راڄ ۾ موجود ڪانھ ھئي. ان جو ھڪ حصو تيار ٿي ويو ھو جيڪو کين رھڻ لاءِ ڏنو ويو . جڏھن تھ ٻيو تعمير ٿي رھيو ھو. سر چارلس کان پوءِ اھو ھلندڙ ڪم ھڪدم بند ڪرايو ويو ۽ تعمير جو سامان اڌ ۾ ڇڏيل ڀتين جي ڀرسان رکيو ويو، جيڪو اڃان تائين اتي پيو آھي ۽ تباھھ ٿي رھيو آھي. ڪراچيءَ وارو سمنڊ اندر ٺھندڙ دمدمو بھ اڌ ۾ ڇڏيو ويو آھي. جنھن جي ڪم کي بند ڪرڻ لاءِ ھڪ حڪم جاري ڪيو ويو ھو. جڏھن تھ ھن جي تعمير واپارين جي پر زور گذارش بعد شروع ڪئي وئي ھئي. واپارين جون اھڙيون دانھون صحيح ۽ جائز ھيون. ھاڻي سنڌ لاءِ مسٽر فريئر کي ڪمشنر مقرر ڪيو ويو آھي. جيڪو ھن ڪم جي تڪميل کي ضروري سمجھي ٿو. لارڊ فاڪ لئند کي بھ اھڙو احساس آھي، جنھن جي کيس مدد بھ حاصل آھي. ان ڪري ڪمشنر ھن تعمير کي مڪمل ڪرڻ جو پڪو پھھ ڪري چڪو آھي. ھڪ تڇ سمان تعصب ڪري ھن ڪم کي اڌ ۾ بند ڪرايو ويو ھو. دانشمندي وارو ھي ڪم لارڊ ڊلھائوزي نھ پر سنڌ جو ڪمشنر شروع ڪرائي رھيو آھي. ھن کان سواءِ ملير ندي کي بھ موڙي ڪراچي شھر ڏانھن آڻڻو ھو. جنھن وسيلي آگبوٽن جي آمد رفت شروع ڪرڻي ھئي، پر ھن منصوبي کي تھ ھٿ ئي ڪونھ لاتو ويو ھو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org