سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي انتظامي تاريخ

باب:

صفحو: 16

اھڙيون ڳالھيون سوچي ويچاري ھو 25 جنوري تائين اچ ۾ ترسي پيو. انھيءَ مقصد سان تھ جيئن ڌيرج ۽ سچيتائي سان ڪم ڪري، زندگيون بچائي سگھجن. کيس اھو خوف ھو تھ مناساب وقت کان اڳ پيش قدمي ڪبي. ڌاڙيلن کي موقعو ملي ويندو. ٻي ڳالھھ اھا بھ آھي تھ انھن سان سندن ٻار ٻچا بھ گڏ آھن، پر جيڪڏھن انھن کي يقين ٿيو تھ سندسن شڪست ٿيڻ واري آھي تھ پنھنجن عورتن ۽ ٻارن کي ڪھي ڇڏيندا. تنھن ڪري ھو ڏاڍو ڊڄي ويو ھو. اھو ئي ڪارڻ آھي جو ھن جي پيش قدمي رڪجي ويندي ھئي ۽ ڏٺيون وائٺيون جنگي سھولتيون کيس ڇڏڻيون پئجي وينديون ھيون. ھن جي اڏول ارادن کي ڪير بھ لوڏي ڪونھ سگھندو ھو. ھن جي ھٿان بي گناھھ عورتن ۽ معصوم ٻارن جي قتل ٿيڻ سبب رت جو ڳاڙھو درياھھ تھ وھائڻو ڪونھ ھو، ڇاڪاڻ تھ ھن کي تھ ڌاڙيلن جي ڪيس ۽ قھر ھنن خلاف بندوقن کڻڻ لاءِ مجبور ڪيو ھو. ھن خوفناڪ منظر کان لنوائڻ واسطي ھن پنھنجي اخلاق ۽ شرافت جي دامن کي ڪونھ ڇڏيو ھو. سالٽر جي حملي کان پوءِ کيس ھڪ غار اندر يارھن مرد ۽ سورھن عورتون ھٿ لڳي ويون ھيون، جن مان ھڪ دريا خان جکراڻيءَ جي ماءُ ۽ ھڪ ترڪ عليءَ جي گھرواري ھئي. ھنن سڀني کي نھايت عزت ۽ احترام سان وٺي، ھڪ سيد جي حوالي ڪيو ويو ھو. جنھن کي سرڪار طرفان ھن غرض سان جاگير ڏني وئي تھ ھو غريبن جي مدد ڪندو رھندو. ھتان جي مسلمانن ۾ اھڙين جاگيرن جي پيداوار کي ڪن ڀڏن ڪمن ۾ خرچ ڪونھ ڪيو ويندو آھي. انگريز جنرل جي اھڙي وسعت دلي کان اھو سيد ڏاڍو متاثر ٿيو ھو. ھن ساڳئي انگريز فوجي سپھھ سالار شاھپور ۾ ساڳي سخاوت، انسان دوستي ۽ رحمدليءَ جو مظاھرو ڪيو ھو. جڏھن اھڙيون ڳالھيون جابلو ماڻھن ٻڌيون تھ سندن خوف گھٽجي ويو. ڇاڪاڻ تھ ھنن جون عورتون ھن ڪافر وٽ محفوظ ھيون، جيڪو ھنن جو دشمن بھ ھو. جڏھن تھ دريا خان ۽ ترڪ علي پنھنجي گھر ڀاتين ڪري اچي سر چارلس وٽ پيش پيا.

حڪم مطابق علي مراد کي گونڊئي جي لڪن وٽ 18 تاريخ جو پھچڻو ھو، پر محرم جو مھينو اچي ويو، ان ڪري ھو 31 تاريخ تي پھتو ھو. اھا سندس وڏي غلطي ھئي جنھن جا نتيجا ڏاڍا اگرا نڪتا. اھڙو احوال اڳتي بيان ڪيو ويندو.

23 تاريخ تي وڏ ڦڙي جو وسڪارو ٿي ويو. تل ۽ ترايو پلر جي پالوٽ سان پر ٿي ويون ۽ خالي کوھھ بھ ھن پاڻي سان ڀرجي ويا. پر گپ چڪ جي ڪري اڳتي وڌڻ ۽ جنگي سرگرميون جاري رکڻ ڏکيو ٿي پيو ھو. ان ڏينھن ھنٽر اچ پھتو ھو، جنھن جاسوسن جي بٽالين گڏ ھئي. ان کان سواءِ ھو 2 ريجمينٽ يورپي بنگال بھ پاڻ سان وٺي آيو ھو. ھيءَ بنگال جي يورپي ريجمينٽ ڏاڍي دلير ھئي. ھن جو تعداد تھ گھڻو ڪونھ ھو پر ھيءَ جرئت ۽ دليريءَ ۾ پنھنجو مٽ پاڻ ھئي. ھي فوجي سر چارلس جي تمام گھڻي عزت ڪندا ھئا. پر کيس ڏٺو پھريون ڀيرو ھاڻي ھئائون. ساڳئي وقت سمپسن بھ اچي شاھپور پھتو ھو، جنھن سان گڏ بنديل کنڊ ليجين ۽ جاسوسن جي بٽالين ھئي. ھي ساري فوج رڻ پٽ جي اترئين پاسي اچي گڏ ٿي ھئي. ان کان سواءِ فوجي سامان بھ ايترو گڏ ٿي ويو ھو جو ٻن مھينن لاءِ ڪافي ھو.

جنرل سر چارلس کي 25 تاريخ تي اھو پتو پئجي ڪونھ سگھيو تھ دشمن جو تعداد ڪيترو آھي ۽ ان جي جنگي صلاحيت ڪيتري آھي، پر معلوم ائين ٿي رھيو ھو تھ ھو زورالنس ۽ گنڊوئي وارن لڪن کي بچائڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا آھن. جنرل پھريائين زورالنس ڏانھن انھيءَ مقصد سان پيش قدمي ڪئي تھ جيئن دشمن جو صحيح تعداد معلوم ڪري سگھجي ۽ ان کان پوءِ مٿن حملو ڪجي. ان وقت سمپسن کي حڪم ڪيو ويو تھ ھو فوج جو ڪالم ۽ ھر قسم جي ھٿيارن سان شاھپور کان ٿيندو ڦلجي پھچي. ان کان پوءِ کيس تومب جي واديءَ واري ديراه وٽ پڄڻو ھو جيڪو ستن منزلن جيترو فاصلو ھو. کيس لولي ۽ جمڪ جا لنگھھ لتاڙي، دشمن جي پٺئين پاسي کان اچڻو ھو. جڏھن تھ باقي وڏي فوج دشمنن جي سامھون واري پاسي کان حملو ڪندي. ان مقصد کي آڏو رکي فوج کي مختلف ڪالمن ۾ ائين تقسيم ڪيو ويو ھو جيئن جنگي نقشي مطابق اڳئي سوچيو ويو ھو. فوج جي ھر ڪالم جي سوچي سمجھي جوڙجڪ ڪئي وئي ھئي تھ وڌ کان وڌ مضبوط ھجي. دشمن اچ ۽ شاھپور جي اوچن حملن کان ڏاڍو ڊڳل ھو. تنھن ڪري منجھائن جوابي حملي جو ڪنھن بھ قسم جو خوف ڪونھ ھو. ان کان سواءِ ھڪ افواھھ بھ پکيڙيو ويو جنھن مطابق سمپسن جي فوج جي تعداد گھڻو وڌائي پيش ڪيو ويو ھو. ھر فوج پنھنجي پيش قدمي اھڙي ريت جاري رکي ھئي، جو سندس رابطو ٻيءَ فوج سان رھندو پئي آيو. انھيءَ مقصد سان تھ جيئن دشمن ڪو وڏو نقصان نھ پھچائي سگھي. سمپسن جي فوج تياگا ڏانھن رواني ٿي تھ ھن جي پٺيان جئڪب کي موڪليو ويو جنھن سان گھوڙيسوار فوج ۽ توبخانو ھو. کين ھدايت ڪئي وئي ھئي تھ تيگا کان پوءِ موٽي لولي ۽ ڦلجي تي حملو ڪن. چانڊڪا وارن سان ھڪ اسڪئاڊرن گھوڙي سوار بھ ھئا. اھي جڏھن تلر ۾ موجود ھئا تھ کين شاھپور وٽان مدد ملندي ھئي، جتي ڪئپٽن جاميسن جي ھٿ ھيٺ ھر قسم جي ھٿيارن سان گئريسن فوج موجود ھئي ۽ فوجي سامان بھ سندن نگراني ھيٺ رکيو ويو ھو. انھيءَ ڪري جو شاھپور ھڪ مرڪزي ماڳ ھو. تنھن ڪري ڪئپٽن جاميسن چانڊڪا وارن ۽ سمپسن کي ھڪ جھڙي مدد ڪري رھيو ھو ۽ ساري فوج کي پيش قدمي ۽ سرگرمين لاءِ ھٿيار پنھوار ھتان ملي رھيا ھئا.

ھن وقت تائين علي مراد ڪنھن بھ حساب ڪتاب ۾ ڪونھ ھو. جنرل جي مرضي ھئي تھ ھو زري ڪوشقا وٽ پھچي وڃي. ڇاڪاڻ تھ حملن ڪرڻ واسطي اھو ماڳ ڏاڍو مناسب ھو. تنھن ڪري ھن پنھنجي منصوبي کي عملي جامو 26 تاريخ تي پارايو. ان ڪري ھن ڏاڍي تيز رفتاريءَ سان پيش قدمي ڪئي ۽ ڪيترائي لاڏو اٺ مري ويا ھئا.

سيءُ بھ چوي تھ اڄ نھ پوان تھ ڪڏھن پوان. فوجي سپاھي تھ سيءَ ۾ پپر جي پن وانگي ٿڙڪي رھيا ھئا. اھڙي سيءَ جي سٽ نھ سھي ٽي تھ مري بھ ويا. پر يورپي فوجي اھڙيءَ ٿڌ تي اڃا بھ وڌ ھئا. زري ڪوشتا ۾ پھچڻ کان پوءِ پتو پيو تھ بجار خان لولي لڪ مان نڪري ھليو ويو آھي ۽ بگٽين ۽ جکراڻين سان وڃي مليو آھي ۽ انگريزي فوج کي مھاڏي ڏيڻ جو پڪو پھھ ڪري چڪو آھي ۽ جنھن ماڳ تي جنگ ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو سو بھ ڏاڍو مضبوط آھي. تنھن ڪري کين عورتن ۽ ٻارن کي ڪنھن محفوظ ماڳ تائين پھچائڻ جو گھڻو وقت ملي ويو ھو. ساڳيءَ طرح انگريز جنرل بھ حملي ڪرڻ جو پڪو پھھ ڪري چڪو ھو. ھو پنھنجي اڳئين تيار ڪيل منصوبي تي عمل ڪري رھيو ھو. سندس خواھش ھئي تھ پنھنجي دشمن کي مارٽر ۽ مائوزرس وسيلي بي دخل ڪري ۽ پيادل فوج کي جنگ ڪرڻ کان بچائي. ڇاڪاڻ تھ ائين نھ ڪرڻ سندس فوج لاءِ نقصانڪار ھو.

28 تاريخ تي فوج رواني ٿي پر مقابلي لاءِ دشمن موجود ئي ڪونھ ھو. سمپسن جي فوج اڳتي رواني ٿي چڪي ھئي. ڌاڙيلن سمجھيو تھ ھن جي پٺيان ضرور وڏي فوج ايندي. تنھن ڪري ھو ڊڄ نھ جھلي سگھيا ھئا ۽ وٺي کڙين تي زور رکيو ھئائون. لولي ۽ جمڪ وارا لڪ بھ خالي ڪري ھليا ويا ھئا. جڏھن تھ سمپسن اڃا ٽي منزلون مس ڪيون ھيون. انھن مان ھڪ منزل ڏکئي جابلو علائقي ۾ ڪئي وئي ھئي، جيڪا فقط چئن ميلن جي پنڌ ڪرڻ کان پوءِ ڪئي وئي ھئي. انگريزي فوج اڳتي وڌي پنھنجي ڪئمپ وڃي لولي ۽ جمڪ لڪن جي وچ تي ڪئي ھئي جتان کان ھي ٻئي لڪ پنج پنج ميل پري ھئا. ھن جاءِ جو پاڻي تي ڏاڍو سٺو ۽ شفاف ھو. پر ايتري گھڻي فوج جي پورت جوڳو ڪونھ ھو. پر بعد ۾ جمڪ جبل جي گھاٽ وٽ تمام گھڻو پاڻي ھٿ لڳي ويو، جيڪو سٺو ۽ شفاف ھو. ھي ٻئي نھايت اھم لڪ ھئا. ھنن لڪن جي حفاظت واسطي مناسب ڪم ڪيو ويو ھو. ھنن لڪن تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ ھڪ ويساھھ جوڳو قاصد سمپسن ڏانھن مڪو ويو، جنھن ھٿ ڏانھن حڪم ھو تھ ھو پيش قدمي ڪندو ريراه وٽ منزل ڪري. اتي رھڻ ڪري سندس مکيھ فوج سان رابطو رھي سگھندو. اھڙي ريت جنرل جي ھيءَ بھ پيش قدمي بھ اڳئين جيان نھايت ڪامياب رھي. ڇاڪاڻ تھ ھن جابلو ڏکين علائقن کي بھ سولائيءَ سان پنھنجي قبضي ھيٺ ڪيو ويو ھو ۽ ڪوبھ نقصان ڪونھ پھتو ھو. معلوم ائين ٿي رھيو ھو تھ انگريزن جي فوج جو قبضو ھنن پور وڇوٽ گھاڙين يا کاھين جي پرئين پاسي ھو، جنھن جي سرحد سڌي نھ پر اڙونگڙ ھئي. جنھن ڪري اولھھ پاسي وارا سڀ گھٽ ۽ گھاٽ بند ٿي ويا ھئا. اھڙيءَ ريت فوج جو الھندو پاسو وڃي مرين سان مليو ھو. پر بلوچ قبيلا ھي سڀ اڙانگا لڪ ڇڏي ڀڄي ويا ھئا. ھن مان معلوم ٿئي ٿو اھي ماڻھو جنگي حڪمت عملين کان قطعا بي خبر ھئا. ھنن ڌاڙيلن جا ڪجھھ ٽولا فوجي ڪئمپ جي اوسي پاسي ھن مقصد سان ڦري رھيا ھئا تھ جيئن کين وجھھ ملي تھ قتل ۽ غارتگري ڪري سگھن.

رسد گاھھ جا اھي ماڻھو تھ نھايت بيدرديءَ سان قتل ڪيا ويا ھئا جيڪي بيٺل پھريدارن کان گھڻو پري نڪري ويا ھئا. اھڙي حڪم جو بھ ڪو فائدو ڪونھ ھو تھ ڪوبھ ماڻھو مقرر حد کان ٻاھر نھ وڃي. پر ماڻھو اھڙن حڪمن مڃڻ لاءِ تيار ڪونھ ھئا. تنھن ڪري روزانو ڪا نھ ڪا زندگي ضايع ٿي ويندي ھئي.

ھاڻي دشمن جي ڀڄڻ واري رستي کي سمجھڻ اھم موضوع ھو. چيو پئي ويو تھ ان جو وڌ ۾ وڌ مرڪزي اھم ماڳ تروڪي آھي. ھي ساري ايشيا اندر ڏکئي ۾ ڏکيو ماڳ آھي جنھن جي اصلي صورتحال کي سمجھڻ، ڪنھن راز کان گھٽ ڪونھ ھو جنھن جي رھبرن کي پوري ڄاڻ ھئي نھ جاسوسن کي ئي پورو پتو ھو. ھي سڀ ماڻھو بجار خان جا خطرناڪ حامي ھئا ۽ ھن سان ڪيل ظلمن جي پلاند ڪرڻ لاءِ آتا ھئا. تنھن ڪري ھو صحيح صورتحال جو سچو ۽ کرو احوال ڏيڻ لاءِ تيار ڪونھ ھئا. کين اھا بھ پڪ ھئي تھ انگريز ڀلي ننھن چوٽيءَ جا زور لائين پر سوڀ بجار خان جي آھي. تروڪي جمڪ لڪ کان گھڻو پري ڪانھ ھئي ۽ اھا ان جابلو سلسلي ۾ موجود ھئي جيڪو ريراه واري ماٿري کي سنگسيلا واري گھاري کان الڳ ڪندو آھي. انھيءَ ڪري ھيٺين سوالن تي ضرور ويچار ڪرڻو ھو. ڇا اھي ڌاڙي تروڪيءَ ۾ اچي انگريزي فوج سان خونخوار جنگ ڪندا، جيڪا ھڪ خوفناڪ جابلو جوءِ آھي؟ يا ھو جئڪب ۽ سپمسن جي فوجن وچان گذري يا انھن کان پاسو ڪري، قلات جي جبلن ڏانھن ھليا ويندا؟ ڇا انھن جو پيڇو ڪرڻ ممڪن نھ آھي؟ پر معلوم ٿئي تھ انھن جو پيڇو ڪرڻ ممڪن آھي. ھنن جابلو ماڻھن جو تعداد تمام گھڻو آھي. ھنن سان گڏ زالون ۽ ٻار ٻچا بھ آھن جيڪي ھنن لاءِ وڏو بار آھن. نھ رڳو ايترو پر ھنن سان چوپايو مال ۽ گھرو سامان بھ سفر ۾ گڏ آھي تنھن ڪري اھي فوجي ڪالمن وچان گذري نھ ويندا. جيڪڏھن اھي تونگ وارو رستو اختيار ڪندا تھ اتي چانڊيا ۽ مري بيٺا آھن. جيڪڏھن الياسي نئين کان ويندا تھ اتي جئڪب فوج موجود آھي. پر جيڪڏھن تياگا گھاري جو پاسو ڏيندا تھ اتي سمپسن جي فوج سندن سامھون ھوندي. جڏھن تھ سرتوف وٽ مري موجود آھن. ڌاڙيلن جو تعداد تمام گھڻو آھي ۽ حصن ۾ ورھايل ڪونھ آھي، پر ڌرتي جو مٿاڇرو ڏاڍو اويڙو آھي جيڪو ھنن جو مضبوط بچاءُ آھي.

تروڪي جي معلومات ٿوري وقت لاءِ تھ ملي ڪانھ سگھي. ليڪن پوءِ پتو پيو تھ سمپسن جي فوجي ڪالم ھنن کي ڊيڄاري، جمڪ مان ڊوڙائي ڪڍي ڇڏيو ھو. اھڙي ريت ھن کين تومب واري گھاري مان گذرڻ کان بھ ڊيڄاري ڇڏيو ھو. ھي گھارو ريراه ڀرسان ويڪرو ٿي ھڪ ماٿريءَ جي شڪل اختيار ڪري وڃي ٿو. تنھن ڪري دشمن تروڪي واري ماڳ ڏانھن وڃي ڪونھ سگھندو، پر ھنن لاءِ ھڪ ٻٽو رستو کليل آھي تھ ھو اوڀر وڃي مزاري جابلو علائقي ۾ داخل ٿيندا جيڪو چئن ئي طرفن کان پھچ جوڳو ڪونھ آھي ۽ اتاھان ۽ اڀڪپرا جبل آھن. ھنن ماڻھن ھي علائقو ھاڻي تازو خالي ڪيو ھو. جنرل سر چارلس جي بھ مرضي اھا آھي تھ کين ڊوڙائي اوڏانھن ڪڍي ڇڏجي جنھن جا سبب ھي آھن تھ ھنن جھنگلي ماڻھن وٽ کاڌ خوراڪ جو سامان تھ موجود ئي ڪونھ آھي ۽ پنھنجي ويجھن ساٿين ۾ سندن ويساھھ ڪونھ رھيو آھي. ھي رولو قبيلا آھن جن جو تھذيب سان ڪو واسطو ڪونھ آھي. ان کان سواءِ ڊومڪين ۽ جکراڻين کي ڊوڙائي بگٽين واري علائقي ۾ ڇڏي ڏيو، جيڪي اڳئي خوفناڪ ڏڪار جي ور چڙھيل آھن. قومي امڪان آھي تھ اھي پاڻ ۾ وڙھي بھ پون. جيڪڏھن ھي ٻئي قبيلا بگٽين جي علائقي ۾ داخل ٿيا تھ ھنن جو دلي آجياڻو ڪونھ ڪيو ويندو. تنھن ڪري اھي ٽئي گڏجي اچي پيش پوندا. جيڪڏھن پيش نھ پيا تھ کين ملتان ڏانھن ڀڄڻ لاءِ مجبور ڪيو ويندو. ان وقت اھي بکيا، بدحال ۽ ڇتا ھوندا. جيڪڏھن اوڏانھن ويا تھ کيتران واري علائقي ڏي ڀڄي ويندا. جيڪو مرين جي جابلو علائقي جي اوڀر پاسي آھي.

ھنن ڌاڙيل قبيلن جي ڀاڄ واري رستي جو اندازو ڪرڻ نھايت ضروري ٿي پيو ھو. ھڪ سوڙھي گاري ۾ فوجي ڪئمپ ھئي، جنھن 29 تاريخ تي اڳتي وڃي جاچ پڙتال ڪئي وئي ھئي. معلوم ٿيو تھ ھڪ ھنڌ تازيءَ منزل جا نشان ھئا. ٻاريل باھھ جو دونھون اڃا بھ دکي رھيو ھو. عورتن جي سواريءَ لاءِ اٺن جا ڪجاوا بھ اتي موجود ھئا. اھا ثابتي ڪافي ھئي تھ اھي ٻئي قبائلي سردار پنھنجي ٻارن ٻچن سان ٿورو وقت اڳ ھتي موجود ھئا. ان کانپوءِ انگريزي فوج جو اھو ڪالم موٽي آيو ھو.

ھي علائقو جابلو ۽ ويران ھو جتي فوجي مقصدن لاءِ لشڪر اچي گڏ ٿيو ھو. فوجي ڪالم جنھن گھاري سان مٿي وڃي بلوچن جي تازي منزل جا نشان دريافت ڪيا ھئا سو ٻن جابلو سلسلن ڪري ٺھي پيو. جن مان ھڪ جابلو سلسلو اوڀر ڏانھن ۽ ٻيو اولھھ ڏانھن وڃي رھيو ھو. وچ وارو علائقو گاھھ ۾ سائو لڳو پيو ھو پر پوکيءَ راھيءَ جا نشان ڪونھ ھئا. اتر وارو جابلو سلسلو اچي جمڪ واري لڪ سان لڳو ھو. ھن سلسلي جا جبل اتاھان ويڪرا ۽ ھيٺ مٿي ھئا. پر ڏکڻ واري جابلو سلسلي کان گھٽ آھي. جنھن ۾ لولي وارو لڪ آھي، ڇاڪاڻ تھ پويون جابلو سلسلو تونگ کان وٺي مزارين واري جابلو علائقي تائين ھليو وڃي ٿو ۽ ھن نالي واري جابلو سلسلي سان رلجي ملجي وڃي ٿو. جبلن وٽ ڪوره قطار ائين نظر ايندي آھي ڄڻ ڪنھن قلعي جي چبوترن واري ديوار ھجي جنھن جي اوچائي ھڪ سو فوٽ ٿيندي. ھن جابلو سلسلي ۾ ڪيترائي سوڙھا گھٽ يا لڪ آھن، جن کي کاھيون بھ سڏي سگھجي ٿو. جن جي ويڪر ٽيھھ گز مس ٿيندي. انھن جا پاسا اڀڪپرا آھن جيڪي اسي کان نوي فوٽ اوچا ٿيندا. تنھن ڪري پاسي واري فوج کي جنگ ڪرڻ جو حڪم ڏئي نھ ٿو سگھجي، ڇاڪاڻ تھ ٽڪريون اتاھيون ۽ اڀڪپريون آھن. جيئن تھ ٽڪرين جي تري واريون کاھيون ھيٺ اونھيون آھن ۽ ايتريون سوڙھيون آھن جو ھيٺ اونداھي پئي ڏسڻ ۾ ايندي آھي. ان کان سواءِ گاھن ٻوٽن سان ڇانيل ڏسبيون آھن. ھي غير آباد، ويران ۽ خطرناڪ علائقو آھي ۽ جيڪو فوجي آباد علائقي جو رھواسي ھوندو، سو ھن جوءِ کي ڏسي ھڪدم رڙ ڪندي چوندو: ”ياخدا جڏھن ھيءَ دنيا جوڙي ھئي تھ سارو گند ڪچرو آڻي ھتي ڦٽو ڪيو ھئي.

فوجي ڪئمپ لولي ۽ جمڪ جي وچ تي قائم ڪئي وئي ھئي ۽ ائين ڪرڻ ضروري بھ ھو. ھي خطرناڪ جڳھھ ھئي پر دشمن وٽ توبون ڪونھ ھيون. پر جاءِ اھڙيءَ تي ھئي جتي ويھي ٻنھي لڪن تي قبضو ڪرڻ سولو ھو. ان کانسواءِ ھن ٿاڪ وسيلي پٺئين پاسي وارن انھن ميداني علائقين تي پڻ نظر پئجي رھي ھئي، جتي ٻين لڪن وسيلي ٿيندڙ حملن بابت بيٺل گھوڙيسوار دستا ترت اطلاع ڏئي سگھيا پئي. اھڙي ريت جاسوسن جي مليل اطلاعن ۽ امڪاني ڳالھين جي گڏيل مطالبي مان پتو پئجي ويو ھوتھ سمپسن جي فوج جڏھن جمڪ جابلو سلسلي وٽان گذري ھئي تھ ڌاڙيلن جي اتحاد وارا قبائلي سردار گھارو وٺي اوڀر روانا ٿي ويا ھئا ۽ وڃي صفا آخر تائين پھتا ھئا. ان کان پوءِ گونڊئي واري لڪ کان گذري مٺ(Muth)  واري ميداني علائقي ۾ وڃي نڪتا ھئا. بعد ۾ رڻ پٽ علائقي جي وٽ وٺي دوش ڪوشتا واري جابلو سلسلي ۾ ساھھ پٽيو ھئائون. جيڪو صفا اوڀاريون جابلو لڪ آھي. جيڪڏھن علي مراد نيت جو سچو ھجي ھا ۽ وقت سر ان لڪ وٽ پھچي ھا تھ اھي ڌاڙيل سردار انھيءَ طرف ڪونھ وڌن ھا. اھو جنگي صورتحال مطابق اھم واقعو ھو. اھڙيءَ غلطيءَ ڪري بھترين جوڙيل جنگي منصوبو ناڪام ٿي ويو ھو. جيڪڏھن ائين نھ ٿئي ھا تھ منصوبي مطابق جنگ ھتي پھچي ختم ٿي چڪي ھجي ھا. ان ڪري جنگي سرگرميون اصل وقت کان گھڻيون وڌي ويون ھيون ۽ سندس وفاداريءَ ۾ بھ شڪ پئجي ويو ھو. ساڳي ريت بجار خان بھ مزارين واري جابلو علائقي وسيلي مٺ واري ميداني علائقي ڏانھن وڌڻ جون تياريون ڪري رھيو ھو. ڪئپٽن مئڪسوڊو کي ھڪ اسڪئاڊرن فوج ۽ ٻھ توبون ڏئي سمپسن کي ڳولي لھڻ لاءِ موڪليو ويو ھو. ان کانسواءِ کيس اھو بھ چيو ويو ھو تھ اھو بھ جاچي ڏسي تھ بگٽين جي شھر ۽ ديراه جي حفاظت واسطي ڪا پھر موجود آھي يا نھ. پر سمپسن ھڪ ڏاھو فوجي عملدار ھو، جنھن سر چارلس جي چوڻ تي عمل ڪيو ھو ۽ انھن جڳھن کي خالي ڏسي قبضو ڪري ورتو ھئائين. تنھن ڪري ڪئپٽن مئڪمرڊو موٽي اچي فوجي ڪئمپ پھتو ھو. ڪئپٽن سالٽر جا گھوڙيسوار دستا سڀني کان اڳيان انھيءَ ڪري ھلي رھيا ھئا تھ جيئن سمپسن ۽ مکيھ فوج وچ ۾ رابطو رھندو اچي. فوج جي پٺئين حصي يا دمبالي وارو شاھپور ۽ لولي لڪ وارو رابطو ليفٽيننٽ سمال پيج ۽ پوليس جي معرفت قائم ھو. اھڙي صورتحال ۾ بھ ڪي رولو قسم جا ڌاڙيل جھٽ ھڻڻ لاءِ ٻنھي فوجي ڪئمپن جي اوسي ناسون ھڻي رھيا ھئا. ڪڏھن تھ لشڪر جي دمبالي ۾ اچي حملو ڪندا ھئا ۽ ڪن سست رفتار ماڻھن کي قتل ڪري اٺ يا وھٽ ڪاھي ھليا ويندا ھئا.

جنرل چارلس ھن نڪتي تي گھڻو سوچيو ھو ۽ آخر ھن نتيجي تي پھتو تھ اڳين پيش قدمين دوران ڪيترا ڌاڙيل ٽولا ۽ ڪيترو ئي چوپايو مال اڳيان گذريو ھو، پر انھن کي ڪجھھ ڪونھ چيو ويو ھو. پر انھن پيش قدمين جو اھم اصول اھو ھو تھ اھو چوپايو مال ڌاڙيلن کان کسجي کين غير آباد ۽ ويران علائقن ڏانھن ڊوڙائي ڇڏجي. اھڙي مقصد سان ھن جان نيپئر کي اٺ سوار فوج ۽ 13 ريجمينٽ رضاڪار حوالي ڪري، تونگ واري گھاري جي نگرانيءَ لاءِ موڪليو ھو. ان کان سواءِ زري ڪوشتا وٽ ترسيل گھوڙيسوار اسڪئاڊرن کي بھ سندس مدد ڪرڻ جو چيو ويو جنھن ساڳئي مقصد سان وڃي جبل جي وٽ جھلي ھئي. سندس چوڻ ھو تھ چوپايو مال ضرور پاڻي پيئڻ ايندو ۽ ھن اھو صحيح چيو ھو. جان نيپئر ھڪ پرجوش ۽ ذھين فوجي سپاھي ۽ اٽل ارادن جو مالڪ ھو. جيڪو 31 تاريخ تي واپس آيو ھو. پاڻ سان ٻھ ھزار کن چوپايو مال ڪاھي آيو ھو. فوجي ڪئمپ ۾ اھا چئون پچئون ھئي تھ ھيءَ فوجي مھم ناڪام ٿي ويندي. اھو بھ چوٻول ٻڌجي رھيو ھو تھ ھن ساري مھم دوران ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ جنگي واقعو ٿيو آھي ۽ ھنن ٻن ٽن واقعن کي جنگي مھم جو نتيجو سڏي ڪونھ ٿو سگھجي. سر چارلس نيپئر کي چٿرن جو نشانو بڻايو ويو ۽ جنھن لاءِ ناڪاميءَ جون اڳڪٿيون ڪيون پيون وڃن. ھن مٿان مشڪلاتن جي صحيح اندازن نھ ڪرڻ جا الزام گھڙجي رھيا آھن، جيڪي سڀ بي بنياد آھن، جن جو حقيقت سان ڪو واسطو ئي ڪونھ آھي. ھن مٿان ٽوڪون ۽ ٺٺوليون ڪندي چيو ويو ھو تھ ھو بجار ڊومبڪي کان بھ ٻھ رتيون وڌيڪ ڌاڙيل آھي. ھن کائنس ڇھھ ٻڪريون ڦريون ۽ سندس ماڻھو قتل ڪيا آھن اناج ڦريو آھي. ڪيترن ماڻھن کي ويران علائقن ڏانھن ڀڄي وڃڻ لاءِ مجبور ڪيو آھي جن کي کاڌ خوراڪ ڪونھ ملندو ۽ مري ناس ٿي ويندا.“ علي مراد بھ انھيءَ ووڙ اچي زري ڪوشتا وٽ پھتو ھو جنھن سان ٻھ ھزار فوج ۽ ڏھھ توبون ھيون جيڪو فوجي ڪئمپ جي دمبالي ۾ منزل ڪري ويٺو ھو. پر منصوبي مطابق ھن کي ڏھھ ڏينھن اڳ گونڊئي ۾ ھجڻ گھربو ھو ۽ اتحادين کي نڪري وڃڻ کان روڪڻ لاءِ کيس لڪن وارا گھٽ جھلي بيھڻا ھئا. انھن ماڻھن لاءِ گھيري ۾ ھجڻ ڪري پيش پوڻ کان سواءِ ڪو ٻيو گس ڪونھ ھجي ھا.

ھن فوجي مھم کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ساري فوج موجود ھئي ۽ فوج جي تھ جون بھ ننڊ ھئي. ٻئي پاسي کان جابلو ماڻھن جوابي حملا شروع ڪري ڏنا ھئا ۽ فوج جي موجودگي کي ڪجھھ سمجھندا ئي ڪونھ ھئا. ڌاڙيلن جي ڪن ماڻھن انگريز فوج جي دمبالي واري حصي تي حملا بھ ڪيا ھئا. اھڙيون حقيقتون دھلي گزيٽ ۽ بامبي ٽائيمس اخبارن ۾ بھ اچڻ لڳيون ھيو. جن سر چارلس جي ھن جنگي مھم کي سخت غلطي ۽ خطرو قرار ڏنو ھو. سندن اھو بھ چوڻ ھو تھ اھڙي ڳنڀير وايومنڊل ڪري خوف پکڙجي ويو آھي. ”بامبي ٽائيمس“ اخبار ھن مٿان کلي رھي ھئي تھ بجار ڪڏھن بھ شڪست ڪونھ کائيندو. فوج جو ڪمانڊر پنھنجي ساري فوج سميت اڃ بک مري ناس ٿي ويندو. ڌاڙيلن جون تراريون کين ڪپي ذرا پرزا ڪري ڇڏينديون ۽ جابلو ماڻھو ناقابل شڪست قوت آھي. . . .“ انھن اخبارن جي ڇاڙتن وري اھو بھ چوڻ شروع ڪيو ھو تھ سر چارلس جو جانشين شڪارپور جو بھ تحفظ ڪري ڪونھ سگھندو. ڇاڪاڻ تھ ھن جنرل حالتون ئي اھڙيون پيدا ڪيون آھن. ھنن ماڻھن اھڙو سبق ”بامبي ٽائيمس“ جي سربراھھ بسٽ وٽان سکيو ھو، جيڪو لڳاتار چئي رھيو ھو تھ سر چارلس شڪارپور جو شھر سنڀالي ڪونھ سگھندو، ڇاڪاڻ تھ بجار جا اتحادي ھن شھر تي حملو ڪندا ۽ ھن کان سندس پلاند وٺندا. ان سان گڏ اھڙن ماڻھن کان انتقام ورتو ويندو جيڪي جابلو ماڻھن جي قتل ڪرڻ ۾ ھن جنرل جا ساٿي ھئا.

ڌاڙيلن جي اھڙن حملن ڪري جتن، شاھپور وٽان گذرڻ کان ٺپ انڪار ڪري ڇڏيو ھو. ڇاڪاڻ تھ سندن اٺن تي کاڌ خوراڪ جو سامان لڏيل ھو. ٻي رات اھي پنھنجا اٺ ڪاھي کسڪي ھليا ويا. انھن ماڻھن جو تعداد پنج سؤ ھو. سنڌي ٺيڪيدار ۽ جت کاڌ خوراڪ جي سامان جي ڍوئيءَ تان ڦري ويا ۽ ورتل ٺيڪن تان بھ ھٿ کڻي ويا. جتن تھ پنھنجي ڏاگھن کي سرڪاري ماڻھن کان لڪائي ڇڏيو ھو. ڇاڪاڻ تھ کين پڪ ھئي تھ انگريزي فوج ڀڄي ايندي، جيڪا بيجار خان جي حملي جي سٽ سھي ڪانھ سگھندي. فوج کان بار ڍوئيندڙ جانور اوچتو نڪري ويا ھئا. تڪڙين منزلن ڪرڻ ڪري رسدگاھھ جا اٺ بھ ڏٻرا ٿي ويا ھئا. ڏٻرو اٺ جلد پاڻڀرو ٿي ڪونھ سگھندو آھي. فوج اندر اڳ جيڪي ڳالھيون سرٻاٽن ۾ ٿينديون ھيون سي ھاڻي وڏي واڪ ٿيڻ لڳيون ھيون. فوجي بھ چوڻ لڳا ھئا تھ بجار خان کي مارڻ مشڪل آھي. ساڳئي وقت انگريزي فوج جي رابطن تي بھ حملا ٿيڻ شروع ٿي ويا ھئا ۽ ايندڙ ويندڙ سرڪاري خطن کي ڏينھن ۾ ٻھ ڀيرا روڪيو ويندو ھو. مقرر ٿيل اھڙن سرڪاري ملازمن کي قتل ڪيو ويندو ھو جيڪي سرڪاري خط آڻيندا ۽ کڻي ويندا ھئا. اھڙي ريت ڌاڙيلن رسدگاھھ جا سورھن اٺ بھ ڦري ورتا ھئا. فوجي ڪئمپ تي اڳئين کان وڌيڪ حملا ٿي رھيا ھئا. ان کان پوءِ رسدگاھھ جا سٺ اٺ ڦريا ويا ھئا ۽ جتن کي قتل ڪيو ويو ھو.

اھڙين ڪاررواين جو نتيجو اھو نڪتو ھو جو سڀ بارکيون فوجي مھم کي ڇڏي ھليا ويا ھئا. تنھن ڪري خوف ٿي پيو ھو تھ متان اھا مھم رڪجي نھ وڃي. اوڙي پاڙري وارا قبيلا بھ سمجھي رھيا ھئا، ھيءَ فوجي مھم ناڪام ٿي وئي آھي. ڇاڪاڻ تھ ھن کان اڳ انگريزي فوج کي پنج ڀيرا ناڪاميون نصيب ٿيون ھيون ۽ ڌاڙيلن کي شڪست ملي ڪانھ سگھي ھئي. ان ڪري ھر ڪو سمجھي رھيو ھو تھ انھن سان جيھڙو ڪري ئي ڪونھ ٿو سگھجي. اھڙي صورتحال کي محسوس ڪندي، قلات جا مري ۽ بروھي قبيلا بھ انگريزي فوج کان پاڻ ڇڏائڻ لاءِ سوچي رھيا ھئا. ڇاڪاڻ تھ انھن تي بھ بلوچن جي باغيانھ ڪاررواين جو اثر ٿي رھيو ھو ۽ ائين ڪرڻ لاءِ سوچي بھ رھيا ھئا. انھيءَ ڪري ڏاڍي رتو ڇاڻ ٿئي ھا. پر جنرل چارلس اھڙن واقعن کي ٽارڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪري رھيو ھو. ھي ماڻھو ڏاڍو دلير ھو جيڪو مشڪل حالتن ھوندي بھ مايوس ڪونھ ٿيو ھو.

سرڪاري اٺن لاءِ رڻ ۾ ننڍيون وڏيون ٻوٽيون جام ھيون، جن ۾ وڳ پيا چوڏس وڙڪندا ھئا. رڻ جي وٽ پاسي گاھھ جا ٿٻا موجود ھئا، جتي سرڪاري گھوڙا پيا چارئي پھر چرندا ھئا.

ان کان سواءِ جمڪ گھاٽ ڀرسان بھ جام گاھھ بيٺو ھو پاڻي لاءِ کوھھ کوٽي ڇڏيا ھئائون. جتن جي ڀڄي وڃڻ کان ٻھ مھينا اڳ ٻن مھينن جو فوجي سامان ۽ پندرھن ڏينھن جي کاڌ خوراڪ موجود ھئي. ڪجھھ وقت کان پوءِ اھڙيون شڪايتون اچڻ لڳيون ھيون تھ پاڻي موجود ڪونھ آھي. تنھن ڪري ھن کوھن کوٽڻ لاءِ ڪي ڏاھا ڪاريگر روانا ڪيا ويا، جن موٽي اچي کيس ٻڌايو تھ پاڻي تھ جام آھي، پر ان ۾ گندرف موجود آھي. اھا ڳالھھ ٻڌي جنرل چيو ان پاڻيءَ کي اوٻاري استعمال ڪيو وڃي. کانئس پڇيو ويو تھ جيڪڏھن ڏڪار ڪاھي پيو تھ پوءِ ڇا ڪيو ويندو. تنھن تي جنرل وراڻيو ھو تھ فوجي سپاھيءَ کي ھر قسم جا ڏچا ۽ ڏک سھڻا ھوندا آھن ۽ ائين ڪرڻ سندن فرض ۾ شامل ھوندو آھي. ھن جنرل ايترن ڏکن ڏوجھرن ھوندي ھيڻي ڪانھ ٻولي ھئي. ھڪ ڀيري چيو ھئائين تھ جيڪڏھن ڪار ڪري مون کي گھوڙا ڪھي کائڻا پيا تھ ائين بھ ڪندس پر بجار ڌاڙيل کي ڪونھ ڇڏيندس. کيس پڪڙي سک جو ساھھ کڻندس. مان انھن ماڻھن جي ڳالھين ڀئھ بھ ڪونھ ٿو ڊڄان جيڪي ھروڀرو پيا ڄاڙي ھڻندا آھن. کين ھن ڳالھھ جي ڳوت ئي ڪانھ آھي تھ ھيءَ فوجي مھم ڪيڏي اھم آھي. مان سمجھان ٿو تھ اھو ھڪ نھايت ڳنڀير مامرو آھي. مون وٽ ڪنھن بھ وسيلي جي کوٽ ڪانھ آھي. سرڪاري اٺن ۾ ڪجھھ ڪرڻ لاءِ اڃا بھ ڏيل ۽ ڏپ آھي. گھوڙيسوار فوجين کي چئبو تھ پيادل ھلن ۽ وھٽن کي لڏ کڻڻ لاءِ ڪم آڻن. اٺ سوار فوج بھ تھ ائين ڪري سگھي ٿي. اھي فوجي ڏاڍي ڌيرج سان اھو ڪم ڪندا ۽ ڪنھن بھ قسم جو اعتراض ڪونھ ڪندا. اھي جيڪي سرٻاٽ ٿي رھيا آھن سي منھنجو ھيانءُ ھيڻو ڪري ڪونھ سگھندا. ائين تھ ويتر منھنجا پير مضبوطيءَ سان ڌرتيءَ تي کپي رھيا آھن ۽ ڪڏھن بھ پوئتي ھٽڻ لاءِ تيار ڪونھ آھيان. ديراھھ جو شھر ڦلجي سميت منھنجي ھٿن ۾ آھي. ھيءُ ھڪ مرڪزي ماڳ آھي، جتان فوج ڪيڏانھن بھ وڌي سگھي ٿي ۽ ھوريان ھوريان انھن جڳھن کي حاصل ڪري رھي آھي، جن تي دشمنن جو قبضو آھي. مرين بھ جاکوڙ ڪري ڌاڙيلن کي اتر تائين محدود ڪري ڇڏيو آھي. جڏھن تھ ڏکڻ واري جابلو علائقي وٽ بيھي علي مراد ۽ انگريز سرڪار جا گھوڙيسوار انھن تي نظر رکي رھيا آھن. مان جنھن انداز ۾ ملتان جي حڪمران سان ڳالھايو آھي، تنھن سک حڪمران کي لوڏي ڇڏيو آھي. ھڪ پاسي ميجر براڊ فوٽ جي سياسي حڪمت عملي ڪم ڪري رھي آھي تھ ٻئي طرف اسان بک کان بدحال ٿيل ٽي قبيلا سندس ملڪ کي بڇي ڇڏيا آھن. جن جي ڪڍ انگريزن جي فاتح فوج لڳل آھي. تنھن ڪري پڪ آھي تھ سک حڪمران ٻنھي مان ڪنھن جو پاسو بھ ڪونھ وٺندو. ساڳي ريت ڌاڙيل کيتران واري پاسي کان بھ اڳتي وڌڻ کان روڪيا ويا آھن. ڇاڪاڻ تھ جاسوسن جو چوڻ آھي تھ پنھنجي قبيلي جي خان، حاجيءَ پنھنجي ناٺيءَ سلام بگٽيءَ کي چيو آھي تھ جيڪڏھن ھو انگريز فوج جي دٻاءَ ڪري ھيڏانھن ايندو تھ سندس ضرور آجيان ڪئي ويندي، پر ان جي ساٿين کي ھتي رھڻ ڪونھ ڏنو ويندو. تنھن ڪري ھو ڊومڪين ۽ جکراڻين کي پاڻ وٽ ھرڻ ڪونھ ڏيندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org