سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي انتظامي تاريخ

باب:

صفحو: 13

اھا خبر جڏھن ممبئيءَ واريءَ ڌر جي ڪنين پئي تھ ھنن وٺي ھاءِ گھوڙا شروع ڪئي ۽ چوڻ لڳا تھ اھو سارو نقصان سر چارلس جي لاپرواھيءَ ڪري ٿيو آھي. جڏھن ھن انھيءَ موسم ڌاران جابلو ڌاڙيلن تي حملي ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ھو تھ کيس اھا خبر بھ ھجڻ گھرجي ھا تھ اھڙيءَ موسم دوران ھر سال بيماري ٿيندي آھي. ان کان کيس سواءِ ڊاڪٽرن سان صلاح مشورو ڪرڻ گھرجي ھا. ھن بيماريءَ جي موسم دوران حملي جون تياريون ڪيون، جڏھن 78 ريجمينٽ کي بيماري وچڙي وئي ھئي. ان کان سواءِ فوجين جا جيڪي بھ موت واقعي ٿيا آھن، تنھن جي ساري ذميواري سر چارلس تي آھي ۽ فوج جا اھڙا خوفناڪ خون بھ ھن ڪيا آھن. ھي ماڻھو فقط ھندستان ۾ ھاءِ گھوڙا ڪري سر چارلس کي بدنام ڪرڻ تي راضي ڪونھ ھئا. تنھن ڪري ھنن وھھ ۾ وھاٽيل بيان اسڪاٽلينڊ ڏانھن بھ موڪلي ڇڏيا ھئا. ڇاڪاڻ تھ 78 ريجمينٽ جو تعلق ان علائقي سان ھو. ھن ڌر کي پتو ھو تھ انھن مرحوم فوجين جا مٽ مائٽ ۽ دوست احباب اتي آھن ۽ اوڏانھن اھڙا بيان موڪلي اتان جي ماڻھن جي احساسن کي اڀاري سگھندا ۽ انھن ماڻھن جي دلين ۾ سر چارلس خلاف نفرت جي باه ٻري پوندي. پر ھن ماڻھوءَ کي انھن اجاين الزامن جي کـڙڪ پئجي وئي ھئي. ان ڪري ھن نھايت خبرداريءَ سان سوچڻ ويچارڻ شروع ڪيو ھو ۽ فوجين جي بھتريءَ ۽ ڀلائيءَ واري ھر سوال تي غور ڪيو ھو.

ھن چيو ھو تھ، ”مون تي اخبارن وسيلي حملا ڪيا ويا آھن. جيڪي مون کي ھاڃو رسائي ڪونھ ٿا سگھن. پر منھنجي دل کي فوجين جي اوچتي موت گھائي رکيو آھي. اھڙا الزام مٿس بيھي ڪونھ سگھيا ھئا. پاڻيءَ جي چاڙھھ کان پوءِ سکر ۾ اھڙي بيماري سيپٽمبر ۾ شروع ٿي ھئي، جيڪا آڪٽوبر جي اڌ تائين ھلي ھئي. ان کان پوءِ ڪي ٿورا فوجي بيمار ٿيا ھئا. پر ابتدائي مرحلي ۾ انھيءَ بيماريءَ ھاڃو ڪري ڇڏيو ھو. ھندستان سرڪار وٽان کيس حڪم پھتو ھو تھ 13 ريجمينٽ کي سکر مان ڪراچي ۽ 78 ريجمينٽ کي ڪراچي مان سکر موڪليو وڃي. مٿينءَ سرڪار جي حڪم تي عمل نھايت خبرداري سان ڪيو ويو ھو. ڇاڪاڻ تھ 13 ريجمينٽ تي بيماري اڳئي حملو ڪري چڪي ھئي. ان جو ٻيو جھٽڪو بھ شروع ٿيڻ وارو ھو. سوچيو اھو ويو ھو تھ بيماري جي ٻئي جھٽڪي شروع ٿيڻ کان اڳ 13 ريجمنٽ سکر ڇڏي ڪراچي ھلي وڃي ۽ ڪراچي کان 78 ريجمينٽ ان وقت سکر پھچي، جنھن وقت بيماري ختم ٿي وڃي. کيس اميد ھئي تھ ھو ائين ڪري فوج کي بيماريءَ جي ٻئي حملي يا جھٽڪي کان بچائي سگھي ٿو. ڊاڪٽرن جو مشورو ھو تھ انھيءَ رت ۾ فوج کي پيش قدمي فائدي واري ٿيندي. ان ڪري 86 ريجمينٽ کي حيدرآباد کان پيش قدمي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. پاڻ 78 ريجمينٽ جيترو رھبر فوجي دستو ساڻ ڪري مٿي روانو ٿو. ان کان سواءِ ٻيءَ فوج کي احمد خان ڏانھن وڃڻ جو چيو ويو ھو. اھڙيءَ چرپر ڪري فوج بيماريءَ کان بچي وئي ۽ ڊاڪٽرن جو مشورو صحيح ثابت ٿيو ھو.

13 ريجمينٽ بيماريءَ جي ٻئي جھٽڪي کان بچي وئي ۽ وڃي ڪراچي پھتي ۽ چڱي ڀلي ٿي انگلينڊ رواني ٿي وئي. انھيءَ بدران رضاڪار مقرر ڪيا ويا ھئا، جن جو تعداد ٻھ سو ھو، جيڪي پيش قدمي دوران ھن سان گڏ رھيا ھئا. ھي خطرناڪ قسم جي پيش قدمي، ٻن طرفن کان شروع ڪئي وئي ھئي ۽ ان وقت فوج صحتمند بھ ھئي. 78 ريجمينٽ صحتمند حالت ۾ 25 آڪٽوبر تي سکر پھتي ۽ نومبر جي شروع تائين صحتمند رھي. ان کان پوءِ بيماريءَ ڏاڍيءَ شدت سان حملو ڪيو، جيڪو سال جي ابتدا تائين لڳاتار ھلندو رھيو.

اھا حقيقت آھي تھ 18 ۽ 78 ريجمينٽ جي پيش قدمي بيماري واري ساري موسم معطل رھي ھئي. اھڙيءَ بيماريءَ جي اڳواٽ چنتا ڪري بھ ھن فوج کي اتي رھايو وڃي ھا. اھڙي دير پوئين عرصي واريءَ بيماريءَ ڪري ڪانھ ٿي ھئي. دراصل اھو منصوبو ائين ڪونھ ھو پر بيماريءَ ڪري ان ۾ تبديلي آندي وئي ھئي. ڪراچيءَ واري فوجي ڇانوڻي، حيدرآباد جي خندقن واري فوجي ڪئمپ، ڪوٽڙيءَ واري آگبوٽن واريءَ اسٽيشن ۽ سکر واري فوجي ڪئمپ ۾ ان وقت اھڙي بيماري کان  آجي ھئي، پر شڪارپور واري فوجي ڇانوڻيءَ ۾ انھيءَ وقت بيماري پکڙيل ھئي، جيڪا فقط فوجي ڇانوڻيءَ تائين محدود ۽ اتفاقي ھئي، پر اھڙيون ڳالھيون ھن ساري موضوع تي ڇائنجي ڪونھ ٿي سگھيون. پر ھتي بنگالين بغاوت دوران پنھنجي عملدار فوجين کي قتل ڪرڻ جا نعرا ھنيا ھئا. ھنن باغي فوجين کي جنرل ھنٽر ٿڌيون مٺيون ڳالھيون ڪري مڃائي ورتو ھو. انھيءَ زماني ۾ شير محمد جابلو ڌاڙيلن کي ساڻ ڪري ڪراچي سنڌ جي سرحد وٽ بيٺو ھو. ان کان سواءِ پندرنھن باغي ٽالپر، علي مراد جي درٻار ۾ موجود ھئا، جيڪا ھتان گھڻو پري ڪانھ ھئي. ڇا ان وقت اھو صحيح ھو تھ اھڙي نازڪ موقعي تي جنرل ھنٽر کي اڪيلو ڇڏجي ۽ وٽس ڪابھ يورپي فوج نھ ھجي؟ فرض ڪريو تھ بنگالي فوج ٻيھر بغاوت ٿي ڪري؟ 64 ريجمينٽ ٻھ چئن مھينن اندر ٻھ ڀيرا اڳ بغاوت جو جھنڊو جھولايو ھو. پر جيڪڏھن ٽيون ڀيرو ائين ڪري ھا تھ ان جو نتيجو ڇا نڪري ھا! ۽ جيڪڏھن اھي بغاوت دوران يورپين کي ائين ڪھن ھا جيئن ويلورVellore  ۾ ڪٺو ويو ھو تھ ڇا ٿي چڪو ھجي ھا. جيڪڏھن اھي بکر ۾ موجود فوجي سامان لٽي ڦري ۽ سارو  سرڪاري خزانو کڻي، وڃي جابلو علائقي ۾ شير محمد سان ملن ھا يا سکن سان ملتان وڃي ملن ھا، جن وٽ ھنن جا مٽ مائٽ ۽ دوست احباب اڳئي موجود ھئا.

اھڙيون ڳالھيون ٿي ڪونھ سگھن ھا،پر اھڙو امڪان ضرور ھو. 34 بنگال ريجمينٽ بغاوت ڪئي ھئي ۽ جن کي فوجي ملازمت مان ڪڍيو ويو ھو، تن ھتان نڪري وڃي سکن جي ملازمت اختيار ڪئي ھئي. جيڪڏھن ائين ٿئي ھا ۽ باغي فوج جنرل ھنٽر کي قتل ڪري ڇڏي ھا تھ وري بھ ڪارنھن جو لينگھو جنرل سر چارلس نيپئر تي لڳي ھا ۽ چيو وڃي ھا تھ اھو يورپي فوجي وٺي ھليو ويو ۽ جنرل ھنٽر کي ھٿ سان ڪھرايائين. نھ تھ کيس اھڙي اڳواٽ چنتا ضرور ڪرڻي ھئي ۽ اھڙين حالتن ڪري ڪو ممڻ تھ ضرور مچندو. جيڪڏھن ائين ٿئي ھا تھ سوال جو جواب ڪير ڏئي ھا. اھڙين ڳالھين جو ڪو جواز بھ ڪونھ ھو. کيس اھڙين امڪاني غلطين جو احساس بھ ھو ۽ جيڪڏھن اتفاق سان ائين ٿي بھ وڃي ھا تھ ھو پنھنجي باقي ساري زندگي شرم ۽ پڇتاءَ ۾ گذاري ڇڏي ھا. ھن کي 78 ريجمينٽ جي فوجين جي موت تي تمام گھڻو ڏک ٿيو ھو، پر ائين سندس غلطيءَ ڪري ڪونھ ٿيو ھو.

اسان وٽ اھڙيون ڪيتريون ثابتيون آھن. 78 ريجمينٽ تي پيش قدميءَ سبب بيماريءَ اثر ڪونھ ڪيو ھو. ھيءَ ريجمينٽ ان وقت بيمار ضرور ٿي ھئي، جنھن وقت فوجي ڇانوڻي ۾ رھيل ھئي. ائين تھ اتر سنڌ ۾ فوجي ڇانوڻين اندر رھندڙ سڀ فوج بيمار ٿي پئي ھئي. ھن سان گڏ توبخاني وارا يورپي فوجي دستا بھ تھ سخت بيمار ٿي پيا ھئا. اوسي پاسي واريءَ ٻيءَ فوج کي بھ اھا بيماري ڪانھ وچڙي ھئي. آگبوٽن وارا فوجي دستا جيڪي 78 ريجمينٽ کي ڪراچي کان سکر کڻي آيا ھئا، تن کي پڻ بيماري ڪانھ لڳي ھئي. انھيءَ زماني ۾ ممبئي ڌر جيڪا سر چارلس خلاف الزامن جي ڌم ڌڙي لائي ڏني ھئي، تنھن جو ڪارڻ اھو ھو تھ، ھنن جا سر چارلس لاءِ اندر ڪارا ھئا ۽ ساڙ کان چريا ٿي پيا ھئا.

ڪيترن ماڻھن جو خيال ھو تھ اھا بيماري واھن جي پاڻيءَ وسيلي پکڙي ھئي، جيڪا عام طور سنڌوءَ جي چاڙھھ واري پاڻيءَ سبب ھوندي آھي. پاڻي جي گھٽجي وڃڻ ڪري ملڪ سائو ٿي ويو، پر اھڙي ساوڪ وقت کان اڳي ٿي ھئي. پاڻيءَ جي وقت کان اڳ لھڻ وڃڻ ڪري اوڀڙ تھ اڀري ھئي، سج جي تپش ڪري اھا وقت کان اڳي ئي سڙي سڪي وئي ھئي. اھڙيءَ موسم ڪري سنڌ ۾ اڻيھئي مليريا ٿيندي رھندي آھي. پر ان جو زور شڪارپور ۽ سکر ۾ تمام گھڻو ھوندو آھي. ان جو ڪارڻ اھو آھي تھ درياھھ جي چاڙھھ جو پاڻي ھنن ٻنھي شھرن جي وچ ۾ تلاءَ ڪري بيھي ويندو آھي. سنڌ کي اٿل جي پاڻيءَ کان بچائڻ لاءِ بندن جي تعمير ھاڻي تازو شروع ڪئي وئي آھي. اھو بھ ڏٺو ويو آھي تھ انھيءَ موسم دوران ھوا شڪارپور ڏانھن ويندي آھي ۽ بيماري بھ اتي گھڻي ٿيندي آھي. جڏھن وري ھوا سکر ڏانھن گھلڻ شروع ڪندي آھي تھ بيماري شڪارپور ۾ گھٽجي ويندي آھي ۽ سکر ۾ وڌي ويندي آھي.

بنگال سروس جي ڊاڪٽر ڪرڪ ھن موضوع تي گھڻو سوچيو آھي. ان جو خيال آھي تھ اھو بخار جابلو تپش ڪري ٿئي ٿو، جن تي فوجي بئرڪون جوڙيون ويون آھن. پر منھنجو خيال آھي تھ اھي بخار جابلو تپش ۽ چاڙھھ واري پاڻيءَ جي تلائن ڪري بھ آھن. سنڌ ۾ ٻن ٽن سالن جي وٿيءَ کان پوءِ ڪا نھ ڪا مھامري پيدا ٿي پوندي آھي. مان سمجھان ٿو تھ اھا ٻرندڙ جبلن جي ڪري ٿيندي آھي. سنڌ ھڪ ميداني علائقو آھي، جتي سدائين ڌرتيءَ ڌڏڻ جا واقعا ٿيندا رھندا آھن. 1819ع ۾ ڌرتي ڌڏي ھئي، جنھن ڪري ڪڇ جو سارو مٿاڇرو مٽجي ويو ھو. اھڙيءَ ريت ڌرتي ڌڏڻ جا اڻ لکا جھٽڪا بھ ايندا رھندا آھن، جنھن ڪري سنڌ جي مٿاڇري ۾ کڏا ۽ گھارا پئجي ويندا آھن. اھڙي ريگ گئس پيدا ٿي پوندي آھي، ان ڪري ٿوريءَ وٿيءَ کان پوءِ وچڙندڙ بيماري پيدا ٿي پوندي آھي. اھا بيماري ايتري قدر خطرناڪ ھوندي آھي، جيتري قدر ڌرتي اندروني طور اٿل پٿل جو شڪار ٿيندي آھي. پر انھن بيمارين جو ڪارڻ اٿل واري پاڻيءَ جا تلاءَ ھجن يا ڌرتيءَ جي اندروني اٿل پٿل ڪري پيدا ٿيل گئسن ڪري ھجي، ليڪن يورپي فوجين لاءِ اھڙيون بيماريون ڏاڍو ڏچو پيدا ڪنديون آھن. ھندستان اندر فوجي بيئر ۽ برانڊي پيئندا آھن، جيڪو چانورن ۽ ٻين شين مان ٺاھيو ويندو آھي. ڪي شراب کارڪن مان بھ جوڙيا ويندا آھن. ڪي فوجي مانيءَ سان گڏ شراب پيئندا آھن ۽ ڪجھھ شراب کان سواءِ ماني کائيندا آھن. پر ماني سان گڏ شراب واپرائڻ ڪري وچڙندڙ بيماري ڪانھ ٿيندي آھي. ليڪن ائين ڪرڻ ڪري معدي يا آنڊي ۾ زخم ٿي پوندا آھن ۽ اھڙا زخم موتمار ڪونھ ھوندا آھن.

ڊاڪٽر رابرٽسن جو تعلق 18 ريجمينٽ سان آھي، جيڪو ھندستان ۾ ڦٽي نڪرندڙ سڀني بيمارين جي چڱيءَ ريت ڄاڻ رکي ٿو. سندس چوڻ آھي تھ جلال آباد جي گھيري دوران فوجي سپاھين کي ڪا بيماري انھيءَ ڪري ڪانھ ٿي ھئي، جو ھنن شراب جو استعمال ڪونھ ڪيو ھو.

سر چارلس ھن وقت سکر پھچي چڪو ھو. سندس اھو سفر ائين ھو ڄڻ ھن سکر کان حيدرآباد جو سفر ڪيو ھجي، جيڪو ھن سنڌ جي فتح دوران ڪيو ھو. ھي سندس ٻيو ڀيرو سکر اچڻ ھو ۽ ھن جي پيش قدمي واري محنت اجائي وڃڻي ڪانھ آھي. کيس ھن شھر کان وئي ٻھ سال ٿي ويا ھئا. ان وقت ھو سکر کان ميرن سان جنگ جي ارادي سان نڪتو ھو. ان زماني ۾ ھو امامڳڙھھ نالي قلعي کي فتح ڪرڻ لاءِ ٿر ڏانھن ويو ھو. ان کان پوءِ ھن ٻھ جنگيون کٽي ورتيون ھيون. ان کان سواءِ ھن چار وڏا قلعي بھ فتح ڪري ورتا ھئا. اھڙيءَ ريت ھن ڪيترائي ننڍا قلعا بھ ھٿ ڪري ورتا ھئا. ھتان جي ڇھن حڪمرانن کي شڪست ڏني ۽ ھڪ وڏي بادشاھھ کي مطيح ڪيو ھو. ھن سول انتظاميا کي تليقن ڪئي ۽ ان کي تحرڪ ۾ آندو، جنھن کي ھن ڪيترين ئي شاخن ۾ ورھايو. سنڌ جي مختلف نسلن سان بھتر تعلقات قائم ڪيا. ٻاھرين ملڪن سان پنھنجي خاص حڪمت عمليءَ جي ابتدا ڪئي. فوجي ۽ عوامي ڀلائي جي ڪيترن ئي ڪمن جي ابتدا ڪئي ھئي. ڪيترائي وڏا منصوبا بڻايا، جيڪي نھ رڳو وقت جي اھم ضرورت ھئا، پر ھن اڳيان انھن منصوبن کي مڪمل ڪرڻ جو بھ مقصد ھو. اھڙن منصوبن کي پوري ڪرڻ جي اِرادي سان ھن فو جي اڳواڻي ڪندي، اٺن ۽ گھوڙن جي سواري ڪئي ۽ ٻھ ھزار ميل سر ڪيا، چئن کان پنجن ھزارن جي وچ تي سرڪاري خط لکيا ۽ رپورٽون تيار ڪيون، جن مان گھڻيون تھ نھايت شاندار ھيون. ان کان سواءِ ھن خانگي لکپڙھھ بھ ڪئي، جيڪا تمام گھڻي ھئي. ھو ھر ماڻھوءَ کي جواب ڏيندو ھو، پوءِ اھو وڏو ماڻھو ھجي يا ننڍو، سندس خط اھم ھجي يا غير اھم. ھو ڪابھ شيءِ تڪڙ ۾ ڪونھ پڙھندو ھو، پر ڏاڍي ڌيان ۽ گيان سان مطالعو ڪندو ھو. ڦاسي يا ٻين سخت سزائن تي ملندڙ شاھدين جو بھ ڏاڍي غور ۽ فڪر سان مطالعو ڪندو ھو. ان کان سواءِ اھي فوجي منصبي فرض بھ ادا ڪندو ھو جيڪي انگلينڊ، ڪلڪتي، ممبئي ۽ مدراس ۾ رھندڙ سينيئر فوجي عملدار کيس چوندا ھئا. سخت بيمار ھوندي بھ ھن منصبي فرضن کان منھن ڪونھ موڙيو ھو. سندس عمر ٽيھٺ سال ھئي ۽ ھن جو سارو جسم زخمن جي گھائن سا پر ھو. اھڙي سخت گرم آبھوا ۾ بھ ڪم ڪندو رھندو ھو، جو اونھاري ۾ گرمي جو درجو 132 ھوندو ھو. اھڙين چوٽ گرمين دوران پنھنجي تنبوءَ کي ھٿرادو طريقي سان ٿڌو ڪري، گرمي گھٽ ڪندو رھندو ھو. ھن گرميءَ جو بھانو ڏئي ڪم کان ڪڏھن بھ ڪونھ گھٻرايو. اھڙي لکپڙھھ وھاٽيل وايو منڊل ۾ ڪندو رھندو ھو ۽ ان دوران ممبئي ڌر وارن جي ھاءِ گھوڙا بھ جاري رھندي ھئي. ھن خلاف ڪيئي سازشون بھ پيون ھلنديون ھيون، پر ھو اھڙين ڀڏين ڳالھين ھوندي بھ نھ ماندو ٿيو، نھ وري ڪا آس پليائين. اھڙين ڳالھين جو احساس سوڙھي دل وارا ماڻھو ڪندا آھن. کيس ھندستان سرڪار طرفان سھائتا ملڻ جو اوسيئڙو رھندو ھو. پر اھا بي شڪري ھئي، جنھن وٽ درگذر ڪرڻ ۽ شڪرگذار رھڻ جي ڪا ڳالھھ ئي ڪانھ ھئي.

باب اٺون

جابلو ڌاڙيلن کي سبق سيکارڻ نھايت ضروري ٿي پيو ھو. ڇاڪاڻ تھ بيجار خان ڪامياب ڌاڙن ڪري تمام گھڻو مشھور ٿي ويو آھي ۽ اوسي پاسي وارا ماڻھو ھن جي وڏي عزت ڪري رھيا آھن، اڳتي ھلي جنھن جا نتيجا خراب نڪري سگھن ٿا. بلوچ سردارن جو اھو اتحاد ڏاڍو طاقتور ٿي ويو آھي. جيڪڏھن اولھھ پاسي وارا قبائلي ھنن سان گڏ نھ بھ اچن تھ بھ ھو ويھھ ھزار بھادر جوان جنگ لاءِ قطاري سگھي ٿو. جيڪي ايشيا جا دلير جوان ٿي سگھن ٿا. ھنن ماڻھن جي مدد لاءِ ھزارين ماڻھو ٻيا بھ موجود آھن. جيڪڏھن جابلو قبائلي سردار ڌاڙن ھڻڻ ۾ لڳاتار سوڀارا ٿيندا رھيا ۽ انگريز حڪومت انھن کي روڪي نھ سگھي تھ سنڌ ۾ رھندڙ بلوچ قبائلي سردار بھ انھن جو ساٿ ڏيندا ۽ انگريز سرڪار جا وفادار ۽ تابعدار ڪونھ رھي سگھندا. جيڪڏھن ھنن کي ٿوري بھ ڍر ڏني وئي ڀنڊاري ڌاڙيلن جھڙا خطرناڪ ثابت ٿي سگھن ٿا. اھي ڀنڊاري تعداد ۾ تھ رڳو ويھارو کن ھزار ھئا، پر خطرناڪ ايڏا ھئا جو مارڪئس آف ھيٽنگس کي ھنن کي ختم ڪرڻ لاءِ اسي ھزار فوج آڻڻي پئجي وئي ھئي. ڇڙ وڇڙ ٿيڻ کان پوءِ بھ ھو ڌاڙن ھڻڻ کان باز ڪونھ آيا ھئا توڙي جو جابلو ٿاڪ سندن ھٿن مان نڪري ويا، جيڪي سندن تحفظ بيٺل ھئا. ھنن ڪڏھن بھ سک فوج کان سھائتا ڪانھ گھري. ھو ڪڻو ڪڻو ٿي رھندا ھئا. ڌاڙن ھڻڻ ويل مڙي مٺِ ٿي ويندا ھئا. ھنن جابلو ماڻھون جي ٻولي ھڪڙي آھي جن جو تعلق بھادر نسل سان آھي. سندن علائقو جابلو آھي ۽ اھڙو ڏکيو آھي جنھن جو مثال ساري ايشيا ۾ ڪونھ ملندو.

اھي ماڻھو ٻٽاڪي بھ آھن ۽ چوندا آھن ڪو بھ بادشاھھ ڇھن سون سالن کان سندن جبلن جو پھريون لڪ لتاڙي اڳتي ڪونھ وڌيو آھي. ڪيترن بادشاھن ھڪ لک فوج سان گڏ اھڙيون ڪوششون بھ ڪيون آھن. اھڙن لڪن مان لنگھڻ لاءِ انگريز سرڪار جون فوجون بھ ناڪام ٿي واپس آيون آھن. اھڙن لڪن ۾ ڪليبورن بھ شڪست کاڌي ھئي. ۽ ڪلئرڪ بھ ناڪام ٿي موٽي آيو ھو. ھنن کان سواءِ ٻيا ماڻھو بھ ناڪام ٿي موٽيا ھئا. برائون جھڙن بھادرن بھ مس پنھنجي فوج بچائي ھئي. جڏھن تھ ھن جو مقابلو فقط ھڪ مري قبيلي سان ھو. جيڪڏھن اھڙن ماڻھن کي ڍر ڏبي تھ ڇينگ چڙھي ويندا ۽ ھوريان ھوريان ڪي آسرا ۽ اميدون رکندا ويندا. اھڙي ريت قلات ۽ سنڌ جي جابلو علائقن جي بلوچ قبائلي سردارن جا بھ حوصلا بلند ٿي ويندا ۽ جھيڙي ڳنڍڻ لاءِ تيار ٿي ويندا. انھيءَ طريقي سان لکين ماڻھو گڏجي ميداني علائقن ڏانھن رخ رکندا. جڏھن تھ سک حڪمران (رنجيت سنگھھ ڏانھن اشارو) بھ وڏي فوج گڏ ڪري رھيو آھي سندس منھن بھ جھيڙي ۾ آھي. جيڪڏھن ائين ڪندو تھ اھا سندس چريائي ھوندي. ليڪن انھن کي منھن ڏيڻ خطري کان خالي بھ ڪونھ آھي. پر اھڙو مامرو وڏي کان وڏي فوجي جنرل کي ڇرڪائي ڇڏيندو. جيڪڏھن اھڙين ڳالھين ۾ ناڪامي ٿي تھ خوف خطرا ڪؤڙي ۽ ول جيان وڌي وگھري ويندا، جن کي ٽارڻ نھايت ضروري ٿيندو. اسان ھنن کي ڌاڙيل تھ سڏيندا آھيون پر حقيقت اھا آھي تھ ھنن جابلو ماڻھن لاءِ يورپ ۾ اھڙو لفظ ڪونھ ھو جيڪو ھن لفظ جي پوري معنى مفھوم ڏيکاري سگھي. جيڪڏھن ھنن ماڻھن لاءِ اھو لفظ استعمال ڪبو بھ تھ انھن جي توھين ڪانھ ٿيندي، نھ وري انھن جي عزت نفس کي ڪو ھاڃو رسندو. يونان وارا بھ پاڻ کي ڪليپٽ سڏائيندي ڏاڍا خوش ٿيندا آھن. جڏھن تھ ھنن لاءِ ٻيا ماڻھو سمجھندا آھن تھ اھي دلير نسل سان تعلق رکن ٿا. جيڪي ڪنھن ماڻھو کي بنا محصول وٺڻ جي اڳتي وڃڻ ڪونھ ڏيندا آھن. ھنن ماڻھن جي رسمن رواجن ۽جنگ ڪرڻ بابت بيان ھيٺ ڏجي ٿو.

ڪشمور وارو رڻ پٽ چانڊين جي صدر مقام کان شروع ٿئي، جيڪو ھالار جبل جي وٽ سان تري ۾ آھي. جنھن کان سنڌو درياھھ اتر-  اوڀر پاسي ٿيندو. ان علائقي جو اتريون پاسو وڃي ڪڇيءَ جي جابلو علائقي سان ملي ٿو. رڻ پٽ وارو ھي علائقو اسي ميل آھي، جيڪو صفا ٽاڪ وارو پٽ آھي. ڪٿي ڪٿي لئي جو وڻ ڏسبو نھ تھ ٻيو مڙوئي خير. ڪٿي پاڻيءَ جو ڦڙو بھ نظر ڪونھ ايندو. جتي بھ پاڻي ڏسبو آھي تھ ان جي چوڌاري تڏن سان ڇانيل جھوپڙيون ڏسبيون آھن. ڪٿي وري ڪچا قلعا ڏسبا آھن. جن جي ديوارن سان گول چبوترا ٺھيل ڏسڻ ۾ ايندا آھن. جيڪي نظر تھ نفرت جھڙا ايندا، پر صورتحال ڪري ڏاڍا خوفناڪ آھن. اونھاري جو ھتي سخت گرمي ھوندي آھي تنھن ڪري حملو ڪرڻ ڏاڍو مشڪل ٿي پوندو آھي. ڇاڪاڻ تھ فوج کي پاڻي پاڻ سان گڏ کڻي وڃڻو پوندو آھي. تنھن ڪري مقرر وقت کان وڌيڪ اتي رھي ڪونھ ٿو سگھجي. جيڪڏھن سياري جو حملو ڪبو تھ نقصان کان سواءِ ڪو ٻيو نتيجو ڪونھ نڪرندو. ڇاڪاڻ تھ ھتان جا ماڻھو نيم وحشي ۽ نيم منظم جنگجو ويڙھھ جا ڪوسير ھوندا آھن ۽ پنھنجو تحفظ ڪري ڄاڻندا آھن. بھادر بھ آھن، بندوق بھ ھلائي ڄاڻندا آھن، ھٿ جا بھ سڌا آھن. ان جو ڪارڻ اھو آھي تھ اھي سدائين بندوقبازيءَ جي مشق ڪندا رھندا آھن وٽن توڙيدار بندوقون ھونديون آھن جيڪي تپڪ يا تفنگ کان ساديون ھونديون آھن. انھن جو نشانو بھ دير سان وٺي سگھبو آھي ۽ انھن کي ڇوڙڻ لاءِ اضافي قوت جي ضرورت بھ ٿيندي آھي. ھن قسم جي ڪچن قلعن تي حملو ڪرڻ خطري کان خالي ڪونھ آھي. ڇاڪاڻ تھ انھن جي ڪچي ڀت سڪي وڃڻ کان پوءِ لچڪدار بڻجي وڃي ٿي. ھي تھ بندوق آھي پر توپ جو گولو بھ ان مان پار تھ ٿي ويندو، پر ان ۾ سوراخ ڪرڻ کان ان کي لوڏي ڪيري ڪونھ سگھندو. ان ۾ سوراخ بھ ايترو ويڪرو ٿيندو، جيتري ويڪر گولي جي ھوندي آھي. ھي ماڻھو خوفناڪ ويڙھاڪ بھ ائين آھن جيئن سندن قلعا خطرناڪ آھن. ڏسڻ ۾ ڀوائتا، ھٿيارن ھلائڻ ۾ ماھر تيز ۽ تڪڙا ۽ جھيڙي ۾ جھونجھار. صورتحال مان چڱيءَ ريت فائدو وٺي سگھندا آھن. ھنن جا گھوڙا بھ ھنن جيان جنگ جي فن مان واقف آھن ۽ جنگ جي ميدان ۾ ھڪ ھنڌ ٽڪي بيھي ڪونھ ويندا آھن. ھي بلوچ ڌاڙيل پيادا جبلن يا گھوڙن تي سوار ھوندي، پنھنجي ھر دشمن جو مڙسيءَ سان مقابلو ڪري سگھندا آھن. اھڙا خطرناڪ ڄڻ بروس ۾ اسڪاٽ لينڊ وارا مقابلي وقت. ڦريندا بھ ائين آھن جيئن گھوڙي سوار فوجي حملا ڪندا آھن. گھوڙن بدران گھوڙين تي سواري ڪندا آھن جيڪي قد جون لاٺيريون پر رفتار ۾ ڏاڍيون تيز ھونديون آھن. اک ڇنب ۾ ڪٿان جو ڪٿي وڃي پڄنديون، ڄڻ ڪرامت جي زور تي وڃي اتي پڳيون آھن. ھنن وھٽن کي تيز رفتار پنڌ انھيءَ ڪري سيکاريو ويندو آھي تھ جيئن ھو پوئتي ھٽندڙ انگريزي فوج مٿان وڃي اوچتو ڪڙڪن يا انھن جي ڪڍ لڳي مٿن وڃي اوچتو حملو ڪن. اھي جانور انگريزي فوج ريگيولر يا اريگيولر جي گھوڙيسوارن جي گھوڙن کان رفتار ۾ وڌيڪ تيز ھوندا آھن جيڪي پٺيان وڃي کين پھچي ڪونھ سگھندا آھن پر کين جھلڻ لاءِ حڪمت عمليءَ کان ڪم وٺندا آھن. کين سيکاريو ويندو آھي تھ فقط منزل تي پاڻي پين. ان کان سواءِ ھنن کي سڪل گوشت بھ کارايو ويندو آھي،انھيءَ مقصد سان تھ جيئن اھي گھڻو پنڌ ھلي سگھن. انھيءَ ڪري گھوڙين کي اڃ بھ گھٽ لڳندي آھي.

جڏھن پيل پٽ ۾ ڌاڙي ھڻڻ جو منصوبو جوڙيو ويندو آھي تھ گھوڙيءَ جو چارو سندس پيٽ سان ٻڌو ويندو آھي. سوار پاڻ سان پڪل تلھرون ۽ ڪڏھن چانورن ۽ کارڪن جو عرق کڻندو آھي. جيڪي ڏھن  ٻارھن ڏينھن جي پورت ھوندا آھن ۽ اھو کاڌو ضرورت وقت ڪم آندو ويندو آھي. ڌاڙي ھڻڻ وقت اڳ ۾ پنھنجي کاڌ خوراڪ ڏانھن واجھائيندا آھن. ھر ھڪ ڌاڙيل وٽ ھڪ تلوار ھوندي آھي. ڪن وٽ وري ٻھ ھونديون آھن. اھي تيز بھ ايتريون ھونديون آھن. انھن سان قلم بھ گھڙي سگھبو آھي. سراڻ وارا بھ سوائين ڌاڙي جي وارداتن وارين جاين تي پيا ڦرندا آھن. ھنن جون تلوارون ويڪريون ننڍڙيون، پريل ۽ وزن ۾ ھلڪيون ٿينديون آھن. جيڪي گھڻو ڪري دمشق جي رڪ جون ٺھيل ھونديون آھن. ڪجھھ ڪڇيءَ جي ڪاريگرن جون ٺھيل آھن جيڪي ڏاڍيون شاندار آھن. بندوق توڙيدار ڪتب آڻيندا آھن. جيڪي تفنگ کان وڙ وجھھ ۾ گھٽ ھونديون آھن. سر چارلس چوندو آھي تھ اھي بندوقون جلدي مغرب جيان مشرق ۾ بيڪار سمجھيون وينديون ۽ جڏھن اھڙي تبديلي آئي تھ ڏاڍي خطرناڪ ھوندي. ھنن بندوقن جو استعمال بھ عام آھي جيڪي ساڳئي قسم جي انھن بندوقن کان گھٽ آھن، جيڪي انگلينڊ ڏانھن موڪليون وينديون آھن. انھن ٻنھي ۾ ايترو فرق ھوندو آھي جيترو عام ۽ شڪار واري لنڊن جي رائيفل ۾ ھوندو آھي.

ڌاڙيل بندوقن ۾ ڪم ايندڙ دارون ٿانو ۾ وجھي ڪلي سان ٻڌي ڇڏيندا آھن. انھن مان ڪيترن وٽ وري ڪن وٽ خوبصورت چٽن واريون ڍالون، وڏا چاقو، خنجر، ڏڦا، حقيقي پٿر ۽ رڪ بھ ساڻ ھوندو ھو. انھن جو مقدر ۾ گھڻو ويساھھ ھوندو ھو ۽ ھر واقعي کي لکئي جو ليک سمجھندا ھئا. ھر جرم ڪندا ھئا. ڪنھن کي معاف ڪرڻ تھ کين ڏانءَ ئي ڪونھ ايندو ھو نھ وري ڪنھن جي آڏو ھٿيار ڦٽا ڪندا ھئا. ڌاڙي ۾ ھنيل چوپائي مال کي وڳ سڏيندا آھن. جڏھن تھ پاڻ کي لوٽو ڪوٺيندا آھن. ھي لفظ ڌاڙيلن بدران بدمعاشيءَ جو مفھوم ڏيکاري ٿو. ھي ڦورو ٽولو ۽ ڌاڙيل تھ آھن پر منجھن ڪي شاندار روايتون بھ موجود ھونديون آھن. عورتن ۽ ٻارن کي نقصان ڪونھ پھچائيندا آھن. ھنن تازو عورتن ۽ ٻارن کي قتل ڪيو، پر ھنن جي اھڙين ڳالھين کي ننديو ويو ھو. ھنن ۾ يورپ جي ماڻھوءَ جيان قومپرستي موجود ڪانھ آھي. پر ھنن جي مذھب يعني اسلام سان ڏاڍي وابستگي آھي. ان کان سواءِ پنھنجي ڪٽنب ۽ قبيلي جي تمام گھڻي عزت ڪندا آھن. ھنن ۾ قبائلي دشمنيون بھ چوٽ تي چڙھيل ھونديون آھن، پر جيڪڏھن ڌاريو دشمن ھنن مٿان ڪاھھ ڪندو آھي تھ پنھنجا ٻار ٻچا ۽ نياڻيون سياڻيون پنھنجي قبائلي دشمن ڏانھن موڪلي سندس آڻ مڃيندا آھن. ان کان پوءِ جھيڙو پڄاڻيءَ تي پھچندو آھي ۽ ميڙ ٿي آيل نياڻين کي سام سمجھي وڏو مان مرجاتا ڏنو ويندو آھي. جڏھن ھو سمجھندا آھن تھ ڌاريو دشمن کين شڪست ڏيندو تھ ان لاءِ ھنن وٽ ھڪ سخت قسم جي روايت موجود آھي. ھو تھ ٻاھر نڪري وڃي پنھنجي دشمن کي مھاڏو ڏيندا آھن ۽ ھڪ اعتبار جوڳي ماڻھوءَ کي پوئتي عورتن ۽ ٻارن ۾ ڇڏي ويندا آھن. جڏھن ھار جي پڪ ٿي ويندي آھي تھ اھو ماڻھو عورتن ۽ ٻارن کي قتل ڪري ڇڏيندو آھي. ھيءَ ھڪ خطرناڪ رسم آھي جنھن سر چارلس نيپئر کي ڏاڍو متاثر ڪيو ھو.

جڏھن جابلو ڌاڙيل ڪنھن ڌاڙي ھڻڻ جو منصوبو جوڙيندا ھئا تھ ڪنھن پاڻي جي تلاءَ وٽ منزل ڪندا آھن ۽ اتان پاڻيءَ جون کليون ڀري وڃي ڪنھن ڳوٺ کي ڦريندا آھن. واپسي تي اھڙو چپ ۽ تيز ورندا آھن جو ڪنھن فوجي چوڪيءَ کي پتو پئجي ڪونھ سگھندو آھي. ھن رڻ پٽ علائقي جي اپريل کان آڪٽوبر تائين ايتري گھڻي گرمي ٿيندي آھي جو ڪوبھ يورپي فوجي انھن جي ڪپ تي وڃي ڪونھ سگھندو آھي. يورپي تھ ٺھيو پرڏيھي فوجي سپاھي يا اٺن جا جت بھ اھا گرمي سھي ڪونھ سگھندا آھن. اھڙي گرم موسم ۾ فوج کي ڪنھن بھ قسم جو تحفظ ڏئي ڪونھ سگھبو آھي پر ڪڏھن ڪئپٽن متڪنزي جيان مٿن اوچتو وڃي ڪڙڪبو آھي.

ھن مھم دوران اھا بھ معلومات ملي وئي ھئي تھ اھي قبائلي سردار اسي ھزار اٺ سو ويڙھاڪن سان پڙ تي پڄي سگھن ٿا. انھيءَ کان سواءِ پنھنجا ھٿيار بند نوڪر چاڪر بھ آڻي سگھن ٿا، جنھن جو تعداد بھ ڪو ٿورو ڪونھ ھوندو. اھو بھ امڪان آھي تھ ھنن سان لس ٻيلي ۽جوکين جا ڄام بھ اچي گڏجن. انھيءَ اتحاد سان پوري لک فوج اسان جي مقابلي لاءِ اچي سامھون بيھندي، جنھن جي وڙھڻ جو طريقو ڏاڍو خطرناڪ آھي. ان بابت سر چارلس جو بيان ھن ريت آھي: ھر ماڻھو ھٿياربند ھوندو آھي. جيڪو پنھنجي ھٿيار کي ڏاڍي مھارت سان ھلائي سگھندو آھي. ھي ماڻھو ھز مئجسٽيءَ جي پھريدارن جيان جنگي قانون ۽ قاعدي مطابق ڪونھ وڙھندا آھن. ھنن جو ورتل نشانو ڪڏھن بھ گسندو ڪونھ آھي. جھيڙي دوران سندن جنگي چال بھ مضبوط ھوندي آھي. جنھن جي وڏي عقلمنديءَ سان جوڙجڪ ڪري سگھندا آھن. دشمن تي تلوارون ۽ ڍالن سان ڪاھي پوندا آھن. سندن ھٿيار پاڪيءَ جھڙا تيز تکا ھوندا آھن. جنھن کي ۽ جتي بھ ھڻند آھن تھ ھر شيءِ کي اڌ ڪري وڃي پار پھچندا آھن.“

ڪڇيءَ واري جابلو علائقي ۾ موجود ويڙھاڪن سان گڏ اگزينٿ تي ڪاوڙل ايشيا جو ھڪ ماڻھو ملازمت حاصل ڪري شريڪ ٿيو. معلوم ائين ٿيندو آھي تھ ھتي اھو ماڻھو اچي ملازم ٿيندو آھي، جنھن وٽ پئسو ھوندو آھي يا اھو تلوار کڻڻ جھڙو ھوندو آھي. ڇاڪاڻ تھ اھڙن ملڪن اندر ڌاڙيل قبيلا ھڪ اداري جيان ڪم ڪندا آھن. ان کان سواءِ اتي اھڙن ماڻھن جو طبقو ھوندو آھي جنھن سان گڏ چئن سون کان ھڪ سو ھٿياربند ھوندا آھن. اھي ماڻھو ماني ڳڀي لاءِ اچي ڪنھن نھ ڪنھن گروھھ جو ساٿ ڏيندا آھن ۽ قبائلي جھيڙن ۾ جنبي ويندا آھن جيڪي اتحادي قبيلي کان سواءِ ٻئي ھر قبيلي کي ڦري لٽي پيٽ گذر ڪندا آھن. بجار خان ڌاڙا ڦريون ڪري ڏاڍو مشھور ٿي ويو آھي ۽ ڏينھون ڏينھن وڃي ٿو وڌيڪ مشھور ٿيندو. ٻئي سال ھو اھڙا ماڻھو پاڻ سان ملائي سگھندو جيڪي ڦرلٽ جي مقصد سان وتندا آھن جھنگ جھر ۾ جھوتون ھڻندا ۽ اوچتين سٽن ۽ جھٽ لاءِ وتندا آھن لؤڻا ھڻندا. جيڪڏھن شڪارپور ۾ موسمي تپاولي ٿي وئي ۽ فوجي بيمار ٿي پيا تھ بيجار ڊومڪي اچي انھيءَ ماڳ تي حملو ڪري سگھي ٿو ۽ اتي رھندڙ فوج قتل عام ڪري سگھي ٿو. ان کان سواءِ انھن جابلو علائقن ۾ انگريزي فوج جون چار توپون آھن جيڪي ھنن جي شڪست دوران اتي رھجي ويون ھيون. اھي پنھنجن ماڻھن کي ڏيکاري فخر محسوس ڪندا آھن.

قلات جو حڪمران نوجوان آھي. ڌاڙيل سندس تابعداري ڪونھ ڪندا آھن، پر جيڪڏھن ھو ڪنھن سان جھيڙو ڳنڍيندو آھي تھ مال غنيمت جي آسري سڀئي بلوچ سردار ھڪدم سندس وفادار ۽ تابعدار بڻجي ويندا آھن. قلات جو ھي نوجوان حڪمران شخصي طور انگريزن سان دوستي ڳنڍڻ جو خواھشمند آھي پر سندس درٻار جا نواب ۽ سردار ھن ڳالھھ ۾ سندس مخالف آھن، تنھن ڪري اھو سوچڻ بھ لازمي آھي تھ ھي نوجوان حڪمران انھن انگريزن سان ڪيتري حد تائين گھڻگھرو ٿي سگھي ٿو، جن افغان جنگ دوران سندس پيءُ کي قتل ڪيو ھجي، راڄڌاني کي ڦري لٽي ڀنگ ڪيو ھجي ۽ سندس ملڪ جي خزاني تي دنگو ڄمايو ھجي. جڏھن ملڪي حڪمراني جو انتظام ھن ننڍڙي شھزادي کي سونپيو ويو ھو تھ سندس عمر ايتري ڪانھ ھئي، جو ملڪي انتظام سنڀالي سگھي. تنھن ڪري انگريز سرڪار سندس ئي خاندان جي ھڪ ماڻھو کي مقرر ڪيو جيڪو ھن ننڍڙي حڪمران جي نالي راڄ ڪندو ھو جنھن جو خيال ھو تھ جيستائين ھي ٻار وڏو ٿي حڪمراني سنڀالڻ جھڙو ٿئي، تيستائين انگريزن جي مدد حاصل ڪرڻ ضروري آھي. پر شاھي درٻار جا سردار ۽ نواب ڳجھھ ڳوھھ ۾ مٿي بيان ڪيل انگريز دوستي کان نفرت ڪندا ھئا. انھن جو تصور ھو تھ انگريزن کان محراب خان جي قتل جو پلاند ڪيو وڃي جيڪو ھن ننڍڙي حڪمران جو پيءُ ھو. سر چارلس جي سنڌ پھچڻ کان اڳ قلات درٻار جي نوابن ۽ سردارن ميجر آئوٽرام کي ڪڍي ڇڏيو ھو، جيڪو قلات درٻار ۾ انگريز سرڪار جو پوليٽيڪل ايجنٽ ھو. ڪجھھ وقت اڳ حيدرآباد جي ٽالپر حڪمران بھ ساڳي ريت کيس پنھنجي درٻار مان ڪڍي ڇڏيو ھو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org